پنجين ڇاپي لاءِ ٻه اکر
زير نظر ڪتاب، ”شاھھ – سچل – سامي، ھڪ مطالعو“،
جنھن جو پھريون ڇاپو فيبروري
1978ع ۾ پڌرو ٿيو، اصل ۾ ھڪ خاص مضمون طور لکيو ويو ھو، ته جيئن ان کي سنڌي
ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ٽمورتي – شاھ، سچل ۽ ساميءَ
جي ڪلام (”شاھ جي رسالي“، ”رسالي سچل سرمست“ ۽
”ساميءَ جي سلوڪن“) جي ٽن جلدن
(Trilogy)
جي ھڪ ئي خصوصي اشاعت (ڊسمبر،
1978ع)
لاءِ مھاڳ طور پيش ڪيو وڃي.
5
جولاءِ،
1977ع
تي، ضياءُ الحق وارو خوني مارشل لا لڳي ويو ھو ۽
خاص طرح سنڌ جي سڄي فضا ھڪ وڏيءَ گھٽ ۽ ٻوسٽ ۾
ورتل ھئي. مارشل لا کان اڳ، پيپلس پارٽي حڪومت جي
پوئين سال (1976ع)
۾، سنڌ دشمن، رجعت پرست حلقن، خاص طور جماعت
اسلاميءَ، جي نظرياتي بليڪ ميل جي دٻاءَ ۾ ايندي،
حڪومت سنڌ، شير شاھھ جي شڪري جو ڪم ڪيو، ۽ سنڌي
ٻوليءَ جا لڳ ڀڳ ھڪ سؤ ڪتاب ۽ رسالا ھڪ ئي قلم جي
نوڪ سان ضبط ڪري ڇڏيا.
دوستن جو انديشو ھو تھ اھڙي ماحول ۾ جيڪڏھن ھن
مھاڳ سان اھا ٽن جلدن واري ايڊيشن شايع ٿي، تھ پڪ
ئي پڪ اھا بھ ضبط ٿي ويندي. انھيءَ خيال سان، پوءِ
فيصلو ڪيو ويو تھ ان خصوصي ايڊيشن لاءِ الڳ ھڪ سڌو
سادو ۽ ننڍو مھاڳ لکيو وڃي، ۽ ھيءُ مضمون جدا
ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو وڃي.
۽ ائين ھيءُ ڪتاب جڏھن پھريون ڀيرو پڌرو ٿيو، تھ
ھڪ ئي مھيني ۾ ان جو پھريون ڇاپو وڪجي ويو. ترت ئي
ان جو ٻيو ڇاپو
3000
ڪاپين جو آندو ويو ۽ ان کان
پوءِ بھ ھڪ ٻئي پٺيان ھن جا ٻھ وڌيڪ ڇاپا شايع ٿي
چڪا آھن. اِن طرح ڪتاب جو ھيءُ پنجون ڇاپو آھي، جو
سنڌي ادب جي باشعور ۽ باذوق پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش
ٿي رھيو آھي.
ڪتاب جي ھن نئين ڇاپي سان شامل، آخر ۾ موضوع سان
لاڳاپيل پنج سنڌي مضمون ”اسين ۽ شاھھ“، ”نئون
نياپو“، ”سنڌ ۽ سنڌيت“ ”سنڌ منھنجي خوابن جي“ ۽
”ڇڄ م قطاران....“ ۽ ھڪ انگريزي مضمون
“Sindh and the Message of Shah”
جو پوئين سنڌي مضمون ”ڇڄ م
قطاران....“ جو ھڪ طرح اختصاريل ھڪ ترجمو ئي آھي،
۽ پڻ ڪتاب تي لکيل، عزيز دوست تاج جويي جو مضمون،
بعنوان ”تبصرو“ بھ شامل ڪيا ويا آھن.
محمد ابراھيم جويو
حيدرآباد سنڌ.
آگسٽ
1990, 23ع
پھرئين ڇاپي جو مھاڳ
مون ھن مضمون ۾ شاھھ، سچل ۽ ساميءَ جي دور جو ھڪ
مطالعو پيش ڪيو آھي. اِن ۾ مون ان دور سان گڏ
اجمالي طرح، خود ان دور جي پس منظر طور، سنڌي سماج
جي تقريبا سڄي تاريخي دور جي سياسي، مذھبي ۽
تھذيبي صورتحال جو جائزو ورتو آھي. سنڌ جي تاريخ
جو اھو ھڪ وسيع سماجي پس منظر آھي، جنھن جي
روشنيءَ ۾ شاھھ، سچل ۽ ساميءَ جي شعر جي جامع مقصد
۽ ان جي اھميت کي سمجھي سگھجي ٿو.
سنڌي سماج جي تاريخ ۾ شاھھ، سچل ۽ سامي ائين آھن،
جيئن زمين جي اندر ان جي تھھ بَتھھ پيٽ ۾ املھھ ۽
جرڪندڙ ھيرا. ھن مضمون ۾ مون انھن جي سدا روشن فڪر
۽ پيغام جو ۽ سنڌي سماج لاءِ ان جي معنيٰ ۽ بنيادي
اھميت جو جائزو پيش ڪيو آھي.
انھيءَ چوڻ جي واقعي ڪا ضرورت ناھي تھ شاھھ، سچل ۽
ساميءَ جي دور ۽ سندن شعر جو ھيءُ مطالعو منھنجو
پنھنجو شخصي مطالعو آھي. پر ان جي حمايت ۾ مان
ايترو ضرور چئي سگھان ٿو تھ ڪو ٻيو بھ جيڪڏھن سنڌ
جي ھنن بزرگ شاعرن جي پيغام جو ساڳئي انھيءَ سماجي
پس منظر جي روشنيءَ ۾ جائزو وٺندو تھ ھو بھ ان ۾
اھا ئي معنيٰ ۽ اھو ئي بنيادي فھم ڏسندو، جيڪو مون
کي شخصي طور ان ۾ ڏسڻ ۾ آيو آھي.
ٻولي جيڪڏھن ڪنھن قوم يا سماج جي سڄي تجربي جي
يادداشت آھي تھ شاعري ان جي اھم تجربي جي يادداشت
آھي ۽ جيڪڏھن ڳالھھ ان جي بھترين شاعريءَ جي ھجي
تھ ان جي افاديت بھ ان لاءِ اھڙي ئي انوکي، سچي ۽
اعليٰ ٿي سگھي ٿي. ھن مطالعي ۾ مون شاھھ، سچل ۽
ساميءَ جي شعر جي انھيءَ اھميت ۽ انھيءَ افاديت جي
ڳالھھ ڪئي آھي.
مون سوچيو ھو تھ ھن مضمون سان گڏ، ان جي مرڪزي
خيال جي مدد ۾، سنڌ جي ھنن لاثاني شاعرن جي شعر جو
انتخاب بھ ڏيئي ڇڏيان، پر ڪن دوستن جي صلاح بيٺي
تھ مضمون پنھنجي جاءِ تي جيئن ھو تيئن شايع ڪجي، ۽
اھو پنھنجن سڄاڻ ۽ لائق پڙھندڙن تي ڇڏجي تھ ھو ان
جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ھنن محب وطن ۽ محبوب
شاعرن جي سڄي شعر کي، جيڪو سندن سڄي ماضيءَ جي
تھذيبي تاريخ جو ورثو ھو، پاڻ پڙھن، سمجھن ۽ دل
سان لائين.
انساني معاملن ۾ حسن، نيڪي ۽ خير، انھن جي سڃاڻپ،
حاصلات ۽ تعمير. ھي ڳالھيون جذبي ۽ عشق کان سواءِ
ممڪن نھ آھن ۽ جذبي ۽ عشق جون ڳالھيون يڪطرفي
ايمان ۽ بي روح تشدد ۽ اقتدار جي ماحول ۾ ڪڏھن تھ
دل ٻڌي ائين چئي ڇڏبيون آھن، جيئن سچل سائينءَ چوڻ
چاھيون ۽ چيون:
سچ ٿا مرد چون، ڪنھن کي وڻي نھ وڻي....
پر اڪثر حالتن ۾، جيئن خود سچل سرمست بھ مناسب
سمجھيو، انھن کي سڌي سنئين چوڻ بدران ڪنھن رمز ۽
ڍنگ سان چوڻ ضروري ٿئي ٿو.
ماٺ ڪيان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر،
انھيءَ وائيءَ ور ڪو سمجھي ”سچيڏنو“ چوي.
اسين، جو ڪجھھ ٻڌون ٿا، پڙھون ٿا ۽ جو ڪجھھ سوچيون
يا سمجھون ٿا، سو پنھنجي ماحول مطابق ۽ پنھنجن
مسئلن جي روشنيءَ ۾. ڪنھن جي سامھون ڪھڙا مسئلا
آھن. اھم ڳالھھ اھا آھي، پنھنجن انھن مسئلن جي
روشنيءَ ۾ ئي ھرڪو ماڻھو ۽ ھر ڪو سماج پنھنجي راھھ
جو ڏس پڇي ٿو ۽ ڳولي ٿو. پنھنجي تاريخ، پنھنجي ادب
۽ پنھنجي سڄي تھذيبي ورثي جي حاصلات مان. شاھھ،
سچل ۽ ساميءَ جي ڪلام ۾ سنڌي سماج لاءِ ان راھھ جو
ھن وقت ڪھڙو ڏس موجود آھي. اھو معلوم ڪرڻ اسان مان
ھر ھڪ جو اڄ پھريون فرض آھي: مون ھن مضمون ۾ سندن
ڪلام ۾ انھيءَ ڏس جي لھڻ جي پنھنجي پر ۾ ھڪ ڪوشش
ڪئي آھي.
مضمون جي آخر ۾ ”اسين ۽ شاھھ“ جي عنوان سان پنھنجي
ھڪ مختصر ڳالھھ جيڪا تازو اسان جي نئين ٽھيءَ جي
ھڪ نمائندھ اشاعت ۾ ڇپي ھئي، اھا جيئن جي تيئن
شامل ڪئي اٿم. جو مضمون جي مرڪزي خيال سان اھا
پوريءَ طرح لاڳاپيل آھي، بلڪ ان کي ھڪ طرح ھن
مضمون جو اختصار چئي سگھجي ٿو.
آخر ۾ ھڪ اعتراف ڪري ڇڏڻ بيحد ضروري آھي. ھيءُ
مضمون، جيئن پڙھندڙن جي اڳيان آھي، ھرگز ممڪن نھ
ٿي سگھي ھا، جيڪڏھن گذريل ڪجھھ عرصي ۾ سنڌي ادبي
بورڊ طرفان سنڌ جي تاريخ جا اصلوڪا ماخذ شايع ٿيل
نھ ھجن ھا ۽ خاص طرح جيڪڏھن اسان جي محترم بزرگ ۽
منھنجي عزيز ترين دوست پير حسام الدين شاھھ
راشديءَ جي سنڌ جي تاريخ تي ڪيل تحقيق اشاعت ھيٺ
نھ آيل ھجي ھا. اسان تي ان پنھنجي علمي ۽ سنڌ جي
ھن محب وطن بزرگ عالم ۽ دانشور جي دلي شڪرگذاري
لازم آھي.
محمد ابراھيم جويو
حيدرآباد، سنڌ
17
جنوري،
1978ع |