سلطان ڪڪڙجي پڻ اها ڳالهه ٻڌي خوش ٿيو. ان ئي وقت
اٿي گڏهه وارو چهبڪ کڻي اچي پنهنجي ڀر ۾ رکيو.
ڪجهه دير بعد تئان پتري سلطان وٽ آئي. سلطان جي
ويجهو پهچي هن چيو: “منهنجا سائين: هاڻ اهو وقت
اچي ويو آهي. توهان کي کپي ته مونکي پکين ۽ جانورن
جي ٻولين ڄاڻڻ جو راز هڪدم ٻڌايو. نه ته آئون پاڻ
کي ماري ڇڏينديس.“
تئان پتريءِ جو ائين چوڻ سلطان اٿي بيٺو ۽ چهبڪ
کڻي تئان پتري جي پٺ تي وهائي ڪڍيو. ”جيڪڏهن تون
مرڻ چاهين ٿي ته وڃي مر، باقي پکين ۽ جانورن جي
ٻولين جو راز توکي هرگز نه ٻڌائيندس. جيڪڏهن تون
مري وئين ته مڙيئي خير آهي. آئون ڪنهن ٻيءَ سان
وڃي شادي ڪندس. جيڪڏهن آئون مرندس ته تون به ڪنهن
ٻي سان وڃي شادي ڪندينءَ.آئون مران، ان کان بهتر
آهي ته تون وڃي مر. ”اهو چئي سلطان هڪ ٻيو چهبڪ به
کيس وهائي ڪڍيو.
تئان پتري سورکان رڙيون ڪرڻ لڳي. ۽ پوءِ يڪدم
سلطان جي پيرن تي ڪري معافي وٺڻ لڳي. ان بعد تئان
پتري هر وقت پنهنجي مڙس سلطان جي چئي ۽ ادب ۾ رهڻ
لڳي ۽ ٻئي خوش خوش زندگي گذارڻ لڳا.
چيتي کي ڊگهو پڇ ڇو آهي
گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ته ڏکڻ ٿائلينڊ جي سونگ ڪلا
شهر ۾ هڪ هاري پنهنجي ڪٽنب سان گڏ رهندو هو.
هاريءَ جو نالو اوانگ هو. کيس ابوءَ نالي هڪ پٽ پڻ
هو. هن آکاڻيءَ وقت ابوءَ جي عمر يارهن سال هئي.
اوانگ، سندس زال ۽ پٽ سارين جي پوک ڀرسان هڪ
ڪاٺياڻين گهر ۾ رهندا هئا. سارين جي موسم ۾ هو
ٻنيءَ تي ڪم ڪندا هئا. باقي وقت ڀاڄيون پوکيندا
هئا. ان سان گڏوگڏ ٻڪريون پڻ چاريندا هئا. ٻڪرين
جي ڌڻ جو خيال رکڻ ابوءَ جي ذمي هوندو هو. رات جو
وقت ٻڪرين کي لوڙهي جي اندر رکيو ويندو هو. جيڪو
گهر سان لاڳو ئي هو. ٻڪرين کي لوڙهي ۾بند ڪري موٽڻ
کان اڳ ابو هڪ ٻه بنڊ ٻاري ڇڏيندو هو جيئن رات جي
وقت مڇر ۽ ٻيا جيت جڻا مال کي تنگ نه ڪن. سندس سڄي
ڏينهن جو ڪم ان وقت پورو سمجهيو ويندو هو جنهن وقت
هو لوڙهي جو در بند ڪري ڪنڍو ڏيئي گهر موٽندو هو.
هر روز ٻڪرين جي تعداد ۾ واڌ ٿيندي رهي. ٿوري ئي
عرصي ۾ اهو وڌي وڏو ڌڻ ٿي پيو. سڄي ڌڻ ۾ هڪ بنهه
ڏٻرو ۽ هڏائون ٻڪر پڻ هو جنهن جو نالو ’ڏٻرو-
ٻڪر‘هو.
هڪڙي رات ابوءَ جي سمهڻ بعد، سندس پيءَ اوانگ
پنهنجي زال کي چيو ته هاڻ ابو وڏو ٿي ويو آهي سندس
طهر ٿيڻ کپي. پوءِ ان بابت هو چڱي دير پروگرام
ٺاهيندا رهيا، ته ان موقعي تي ڪنهن ڪنهن کي سڏجي ۽
آيل مهمانن کي ڇا کارائجي.
”اوانگ جي زال چيو:“ ٻيا ماڻهو به اسان کي دعوتون
ڏيئي کارائين پيارين ٿا. ابوءَ جي طهر تي پاڻ کي
به ڪجهه ڪرڻ کپي.“
”اوانگ وراڻيو: ”اهو بلڪل صحيح آهي. پاڻ به مڙيئي
ڪا وڏي نه ته هڪ ننڍي دعوت ڪنداسين ۽ مهمانن کي
کارائڻ لاءِ ڀت سان گڏ پاڻ واري ڏٻري ٻڪر کي کڻي
ڪهنداسين.“
”پوءِ ڀلا ڪهڙي ڏينهن تي اهو نيڪ ڪم ڪيو وڃي؟“
اوانگ جي زال پڇيو.
”منهنجي خيال ۾ ته ٻئي جمعي تي صحيح رهندو.“ اوانگ
چيو.
جنهن وقت زال مڙس ڳالهائي رهيا هئا، ڏٻرو ٻڪر
دريءَ وٽ ئي بيٺو هو ۽ سڀ ڪجهه ٻڌڻ بعد هن دل ۾
سوچيو: ”مون ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ڪو منهنجو
مالڪ ايڏو ظالم ٿي سگهي ٿو. هيڏي ساري ڌڻ ۾
ڪيتريون ئي تازيون متاريون ٻڪريون آهن پر انهن مان
ڪنهن به هڪ کي نٿو ڪهي، هن مون کي ئي ڪهڻ جو
فيصلو ڪيو آهي جيڪو سڀ ۾ ڏٻرو ۽ ڪمزور آهي. افسوس!
جو آئون هاڻ مري ويندس.“
پنهنجي ڪسڻ جو مالڪ واتان ٻڌي، ٻڪر هڪ هنڌ ويهي
رهيو ۽ ان مشڪل مان بچڻ لاءِ ڪا راهه، ڪا واٽ ڳولڻ
لڳو. هو پنهنجي هن ايندڙ موت کان جان بچائڻ جي
ڪوشش ڪرڻ لڳو. سڄي رات هن جي ائين ئي گذري ويئي پر
ڊپ ۽ خوف ۾هڪ منٽ به سندس اک نه لڳي. صبح جو ابوءَ
لوڙهي جو دروازو کولي جهنگ چرڻ لاءِکين ٻاهر ڪڍيو.
در کلڻ تي ٻڪريون ڊوڙ پائي ٻاهر نڪتيون. پٺيان
پٺيان هي ڏٻرو ٻڪر پڻ. وڏيون ٻڪريون ٻيڪارينديون
رهيون. ننڍيون ڇيليون ۽ ڇيلا ٺينگ ٽپا ڏيندا رهيا.
سائو گاهه چرندي، ويچارو ڏٻرو ٻڪر پنهنجي ايندڙ
موت جو ئي سوچيندو رهيو. ائين ئي ٽاڪ منجهند اچي
ٿي. ان بعد ٻڪرين چرڻ ڇڏي آرام لاءِ ڪا ڇانو واري
جاءِ ڳولي. سامهون هڪ وڏو وڻ هو،جنهن هيٺان سڀ اچي
ويٺيون.
ان وقت ڏٻري ٻڪر سڀني ٻڪرين کي رات واري.، اوانگ ۽
سندس زال جي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ٻڌي، هن پنهنجي
ساٿين کي ڏڪندڙ آواز ۾چيو: ”جنهن وقت توهان سڀ ستل
هيون ته مون ٻڌو ته مالڪ پنهنجي پٽ جي طهر تي هڪ
وڏي دعوت ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هو پاڻ سڀني کي ڪهي
مهمانن کي گوشت کارائيندو. ڇا توهان چاهيو ٿيون ته
توهان کي ڪٺو وڃي؟“ ٻڪر جذباتي ٿي آخري جملو
ڏاڍيان چيو.
”هرگز نه.“ سڀني ٻڪرين هڪ ٿي جواب ڏنو.
ٻڪرين جي سوچ جو جائزو لڳائي ڏٻري ٻڪر چيو: ”ته
پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پاڻ کي ڪهڙا قدم کڻڻ کپن؟“
”اچو ته هتان ڀڄي هلون،“ هڪ ٻڪريءَ وراڻيو.
”ڀڄي وڃڻ ئي بهتر آهي،“ ڏٻري ٻڪر مڃيو ۽ پوءِ وڌيڪ
چيو، ”پر، جيڪڏهن پاڻ ڳوٺ ڏي ڀڄي هلنداسين ته هڪ
نه ٻئي ڏينهن ڳوٺاڻا پاڻ کي جهلي هلي مالڪ جي
حوالي ڪندا. پر جي جهنگ منهن ڪنداسين ته اتي به
ايتري سلامتي ناهي. جهنگل ۾ڪيترائي بکايل شينهن
چيتا گجگوڙون ڪندا رهن ٿا.“
سڀ ٻڪريون ماٺ ٿي ويون. هنن کي سمجهه ۾ نه آيو ته
ڪهڙو قدم کنيو وڃي، جيئن مرڻ بدران زندهه رهي
سگهجي.
ڏٻري ٻڪر ٿوري دير ٻين ٻڪرين کي ڏسي جائزو لڳايو ۽
پوءِ پاڻ ڪڇيو:”جيڪڏهن توهان منهنجي صلاح تي عمل
ڪريوته سڀني جي جان بچي پوندي.“
”ضرور. ضرور.“ سڀني ٻڪرين هڪ ئي آواز ۾ وراڻيو.
ڏٻرو ٻڪر پنهنجي سوال جو اهوجواب ٻڌي خوش ٿيو.
پوءِ چپن ۾ مرڪي کين چيو: ”ڇا توهان منهنجو ساٿ
ڏيڻ لاءِواعدو ڪريو ٿيون ته جيڪي ڪجهه آئون چوندس
توهان ائين ڪنديون؟“
سڀني ٻڪرين حضرت سليمان جو قسم کڻي واعدو ڪيو.
ان بعد ڏٻري ٻڪر چيو: ”جيڪڏهن توهان اهو ڪي ڪجهه
ڪرڻ لاءِ تيار آهيو جيڪو آئون توهان کي چوندس ته
پوءِ ڳالهه هيءَ آهي ته پاڻ سڀني کي خوشيءَ توڙي
غميءَ جي موقعي تي گڏ رهڻو پوندو. ان ۾ پنهنجي
سلامتي آهي. جيڪڏهن پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪو نه رهندو ته
ختم ٿي وينداسين.“
ڏٻري ٻڪر جي اها تقرير مڙني ٻڪرين غور سان ٻڌي.ا ن
بعد هڪ ٻڪريءَ ڪنڌ مٿي کڻي چيو: ”اسان تنهنجو هر
حڪم مڃڻ لاءِ تيار آهيون. هاڻ ٻڌاءِ ته اڳتي وڌڻ
لاءِ ڇا ڪيو وڃي؟“
”مهرباني. وڏي مهرباني.“ ڏٻري ٻڪر چيو ۽ پوءِ هڪ
هڪ ڏي غور سان ڏٺو جن جي منهن مان پڪو ارادو ۽ عزم
بکي رهيو هو. ٻڪر چيو: ”چڱو، ته پوءِ! اڄ آڌيءَ
ٽاڻي پاڻ سڀ مالڪ جو هي گهر ڇڏي ٻاهر نڪري
پونداسين. آئون رات جو توهان سڀني کي جاڳائيندس ۽
لوڙهي جو دروازو پڻ کوليندس ۽ پوءِ ماٺ مٺوڙي ۾
ٻاهر نڪري پونداسين.“
ڏٻري ٻڪر جي سربستي ڳالهه ٻڌي سڀ ٻڪريون گاهه چرڻ
لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويون ۽ وڏي سڪون
سان گاهه کائينديون رهيون. منهن اونداهيءَ مهل سڀ
ٻڪريون اوانگ جي گهر موٽيون. هنن کي لوڙهي اندر
داخل ڪري در بند ڪيوويو.
اها رات ٻڪرين پنهنجو پاڻ ۾ ڪو گهڻو نه ڳالهايو.
هو هتان ڀڄي نڪرڻ جي تياري ۾ هيون. ڏٻرو ٻڪر هڪ
ڪنڊ ۾ بيهي صحيح وقت جو انتظار ڪرڻ لڳو.
جنهن وقت آڌي رات ٿي ته ڏٻرو ٻڪر رڙهي در وٽ آيو.
هن آهستي آهستي بنا ڪنهن آواز جي دروازو کوليو.
جڏهن دروازو کلي ويو ته ٻڪر سڀني کي آهستي چيو:
”هاڻ توهان مڙيئي منهنجي پٺيان پٺيان اچو.“
لوڙهي مان نڪري سڀ ٻڪريون ڏٻري ٻڪر جي پويان هلڻ
لڳيون. جڏهن هو گهر کان چڱو پنڌ پري پهتيون ته
ٻڪروٺي ڊوڙڻ شورع ڪيو. پٺيان پٺيان ٻڪريون به ڊوڙڻ
لڳيون. هنن کان جيتريقدر ٿي سگهيو تکو ڊوڙڻ لڳا.
پرهه ڦٽيءَ مهل سڄو ڌڻ اچي درياهه جي ڪناري تي
پهتو.
درياهه جي ڪناري تي پهچي سڀ ٻڪريون ٻڪر سان گڏ هڪ
هنڌ ٿي بيٺيون ۽ درياهه ٽپڻ جون رٿائون سوچڻ
لڳيون. ٻڪرين جي ’ٻي- ٻي‘ ٻڌي درياهه ۾ موجود واڳن
پنهنجا ڳاٽ ٻاهر ڪڍيا. هڪ ئي وقت هيترين ٻڪرين کي
ڏسي هنن جو ته وات پاڻي ٿي ويو. ٻڪريون اهو نظارو
ڏسي ڊڄي ويون ۽ زور زور سان ٻاڪارڻ لڳيون.
پنهنجن ساٿين جي اها حالت ڏسي ٻڪر کين دلجاءِ
ڪرائي: ”ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه ناهي. توهان سڀ اتي ئي
ترسو جتي بيٺيون آهيون. آئون درياهه جو ڪنارو ڏيئي
لهوارو هليو وڃان ٿو. پوءِ اتان واڳن کي پاڻ ڏي
سڏيندس ۽ پوءِ جڏهن واڳو منهنجي ڳولا ۾ هيٺ ايندا
ته توهان درياهه پار ڪري ٻيءَ ڀر هليون وڃجو. پوءِ
ٻيءَ ڀر پهچي سڀ زور زور سان ٻاڪار جو، هاڻ بس ماٺ
۾ ئي رهو.“
”چڱو.“ ٻڪرين هڪ ئي آواز ۾ وراڻيو.
ان صلاح بعد، ڏٻري ٻڪر لهوارو وڃڻ شروع ڪيو. هو
ڪجهه فاصلو پنڌ ئي پنڌ هليو ويو. جڏهن ٻين ٻڪرين
کان چڱو خاصو پري هليوويو ته پوءِ زور زور سان
ٻاڪارڻ شروع ڪيائين.
ٻڪر جون رڙيون ٻڌي سڀ واڳون هن جي پٺيان وڃڻ لڳا.
ٻڪر تائين پهچڻ لاءِ هر هڪ واڳو تکو تکو ڊوڙڻ لڳو.
ٻڪريون واڳن کي غور سان ڏسنديون رهيون. جڏهن هنن
ڏٺو ته سڀيئي واڳون پري نڪري ويا آهن ته ٻڪرين ماٺ
مٺوڙي ۾ درياهه پار ڪري ورتو ۽ پوءِ درياهه ٽپي
ٻيءَ ڀر پهچي جڏهن ڏٺائون ته هو بلڪل صحيح سلامت
آهن ته وٺي زور زور سان ٻاڪارڻ شروع ڪيائون.
واڳن جڏهن هيترين ٻڪرين جي ٻي ٻي ٻڌي ته اڪيلي ٻڪر
کي ڇڏي سڀ انهن ٻڪرين ڏي اوڀارو ترڻ لڳا. هوڏانهن
ٻڪر جهٽ ڪري درياهه پار ڪري ورتو ۽ وڃي پنهنجي ڌڻ
سان مليو.
پنهنجي ڌڻ ۾ پهچي ڏٻري ٻڪر پنهنجن ساٿين ٻڪرين کي
چيو: ”شاباش، هاڻ پاڻ واڳن جي وات کان بچي ويا
آهيون. هاڻ پاڻ کي اڳتي جو سفر شروع ڪرڻ کپي.
”بلڪل صحيح آهي.“ ٻڪرين چيو،“ اسان جي اڳواڻي ڪر ۽
اسان تنهنجي پٺيان پٺيان آهيون.“
ڏٻري ٻڪر اڳتي هلڻ شروع ڪيو. پٺيان پٺيان سندس ڌڻ
روانو ٿيو. ڪجهه وقت جي پنڌ کانپوءِ هو هڪ سائي
سرسبز چراگاهه ۾ اچي پهتا. جتي سڀني گڏجي چڱيءَ
طرح پيٽ ڀري کاڌو ۽ ڀر ۾ صاف پاڻيءَ جي ڍنڍ هئي
جتان پاڻي پيتو. ڏٻري ٻڪر اهوئي فيصلو ڪيو ته هاڻ
وڌيڪ رلڻ پنڻ بدران هتي ئي رهجي. سو سڀ خوشيءَ جي
زندگي گذارڻ لڳا.
هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو ٻنپهرن مهل هڪ چيتو اچي اتان
نڪتو. انکي ڏسي سڀئي ٻڪريون ڊڄي ويون. هو سڀ ڏڪڻ
لڳيون. ڪن کان ته ڦولڙيون ۽ پيشاب به وهي ويو.
ڏٻري ٻڪر پنهنجين ٻڪرين جو اهو هيڻو حال ڏسي، رڙ
ڪري چين: ”ٿورو صبر کان ڪم وٺو.هينئر ئي گوليون ۽
بارود نه ڇوڙيو. فقط هڪ چيتي پٺيان ائين توبون
ڇوڙڻ صحيح نه آهن. پاڻ هيترا ڄڻا آهيون هن چيتي کي
ته اڪيلو ئي جهلي کائي سگهون ٿا“.
چيتي جو ڏٻري ٻڪر واتان توبن ۽ گولين جو ٻڌو ته
وائڙو ٿي ويو. هن ڪڏهن به اهو نه ٻڌو هو ته ٻڪريون
چيتي کي جهلي کائي سگهن ٿيون. سو هي اهڙو اچي ڊنو
جو پُٺ ڏيئي وٺي جهنگل ڏي ڀڳو.
ڪجهه دير جهنگل ۾ وڃڻ بعد هن کي هڪ گينڊو نظر آيو.
چيتي کي ائين چرين وانگر ڊوڙندو ڏسي گينڊي کي ڏاڍو
تعجب لڳو. هن چيني. جي اڳيان اچي هن کان
پڇيو:”اهڙو جلدي ۾ تون ڪٿان پيو اچين؟ پٺيان ڪير
لڳو اٿئي؟“
چيتو ڊوڙڻ بند ڪري هڪ هنڌ ٿي بيٺو ۽ پوءِ ٿوري دير
ساهه پٽي چيو: ”آئون هُتان سرسبز چراگاهه مان پيو
اچان جتي هڪ خوفناڪ ٻڪرين جو ڌڻ بيٺو آهي. انهن
مڙني وٽ بارود آهي ۽ مون تي گولين جو وسڪارو
ڪيائون ٿي. پر آئون جان بچائي وٺي ڀڳو آهيان. ان
ڪري تون مونکي ههڙي حال ۾ ڏسين پيو.“
چيتي جي اها ڳالهه ٻڌي گينڊو حيران ٿي ويو ۽ کيس
چيو:
”دنيا ۾ ڪهڙو هنڌ آهي جتي ٻڪرين وٽ بندوقون توبون
هلائڻ لاءِ گوليون بارود آهن؟“
”ڇا توکي منهنجي ڳالهه تي يقين نٿو اچي؟“ چيتي
چيو.
”هرگز نه.“ گينڊي وراڻيو ۽ چيو:”مون ڪڏهن به ڪنهن
جي واتان اهو نه ٻڌو آهي ته ٻڪريون شڪار بدران
شڪاري ٿيون هجن ۽ چيتي تي گولين سان حملو ڪرڻ جو
سوچين. مون هيڏي ڄمار هن جهنگ ۾ گذاري آهي پر ڪڏهن
به اهو نه ٻڌو اٿم ته ٻڪرين وٽ گوليون به ٿي سگهن
ٿيون.“
”ڇا واقعي توکي منهنجي ڳالهه تي يقين نٿو اچي.“
چيتي پڇيو.
”آئون ڪڏهن به يقين نه ڪندس..“ گينڊي چيو، ”يا
هيئن ڪر جو مون کي به اوڏانهن وٺي هل جيئن اهي
خطرناڪ قسم جون ٻڪريون پنهنجن اکين سان ڏسي
سگهان.“
چيتو گينڊي جي اها ڳالهه ٻڌي سوچ ۾ پئجي ويو ۽
پوءِ گينڊي کي چيو: ”يار ڳالهه ٻڌ ٻڪرين جي ايڏي
همت ڏسي مون کي هنن جي ويجهو ويندي ڊپ ٿو لڳي. ٻي
ڳالهه ته هو تعداد ۾ به تمام گهڻيون آهن. ها، باقي
ائين ٿي سگهي ٿو ته تون جيڪڏهن ساٿ نڀائڻ خاطر
پنهنجو پڇ منهنجي پڇ سان ٻڌي هلين ته پوءِ توکي
اوستائين وٺي هلان.“
چيتي جي اها رٿ گينڊي قبول ڪئي. پوءِ ٻنهي جانورن
پنهنجا پڇ هڪ ٻئي سان گنڍ ڏيئي ٻڌا. پڇ ٻڌڻ
کانپوءِ ٻئي جانور ان چراگاهه ڏي روان ٿيا جتي
چيتو ٻڪرين جي ڌڻ کي ڏسي آيو هو. پڇ هڪ ٻئي سان
ٻڌڻ ڪري ٻنهي کي هلڻ ۾ هلاکائي ٿي رهي هئي پر
آهستي آهستي قدم کڻندا هليا.
ٻڪرين پري کان هنن جانورن کي جو ايندو ڏٺو ته هڪ
دفعو وري ڊڄي ويون پر ڏٻري ٻڪرکين همٿ ڏياريندي
چيو: ”توهان بلڪل فڪر نه ڪريو ۽ منهنجو چيو مڃو.
هينئر اهڙو وقت اچي ويو آهي جو توهان کي ڳاڙها
انگور کائڻ کپن“.
پوءِ ڏٻري ٻڪر ۽ ٻڪرين ڳاڙها انگور چٻاڙڻ شروع ڪري
ڏنا. انگورن جون جهنگلي وليون اتي ڪيتريون ئي
هيون. اهي انگور کائڻ ڪري انگور جي ڳاڙهي رس سان
سندس سڄا وات ڳاڙها ٿي ويا. ائين ٿي لڳو ڄڻ وات
مان رت ڳڙي رهيو هجين. ان بعد ٻڪر کين ٻيو حڪم
ڏنو: ”هاڻ منهنجون ٻڪريون اڳيان ايندڙ چيتي ۽
گينڊي ڏي وڌو.“
ٻڪر جو حڪم ٻڌي سڀ ٻڪريون اڳيان ائين وڌڻ لڳيون ڄڻ
چيتي تي حملو ٿيون ڪن. جڏهن چڱو ويجهو ٿيا ته ٻڪر
رڙ ڪري چيتي کي چيو:
”اڙي او چيتا! ٻڪرين جي وات ڏي نهار ته ڪيئن رت
سان ڀريون پيو اٿن. هينئر هينئر هنن هاٿي کائي بس
ڪيو آهي. تون بيحد ڊڄڻو آهين. ڀڄڻ وقت واعدو ڪيو
هئي ته ٻه گينڊا آڻي ڏيندين. هي ته فقط هڪ آهي. هڪ
مان اسان جو ڇا پيٽ ڀربو.“
اهو ٻڌي گينڊي جو ساهه سڪي ويو. يڪدم چيتي کي چيو:
”چئبو ته اهاڳالهه آهي، تون مون کي دوکوڏيئي هتي
وٺي آيو آهين.“
چيتو ڪو جواب ڏئي، ان کان اڳ گينڊو بل ڏيئي وٺي
ڀڳو. سٽ سان سندس پڇ به ڪپجي ويو ۽ پوءِ گينڊو پڇ
ڪپائي هڪ طرف وٺي ڀڳو ته چيتو، گينڊي جي باقي بچيل
پڇ سميت ٻئي طرف.
اهڙيءَ طرح ڏٻري ٻڪر جي اٽڪلن سان ٻڪريون بچي ويون
۽ انهن ڏينهن کانپوءِ گينڊي جو پڇ ننڍوآهي ۽ چيتي
جو وڏو آهي.
ڏاهي جهرڪي
گهڻو گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ته ڪنهن زماني ۾ هڪ
بادشاهه رهندوهو جنهن کي گليل سان پکي مارڻ جو شوق
هو. بادشاهه جي هن شوق کي ڏسي ملڪ جي ٻين به ڪيترن
ئي ماڻهن گليل سان پکي مارڻ شروع ڪري ڏنا. بادشاهه
کي فقط اهي ماڻهو وڻيا ٿي جنکي گليل سان پکي مارڻ
جو ڏانءُ آيو ٿي.
بادشاهه پنهنجي خاص ماڻهن سان گڏ هر روز پکين جي
شڪار تي نڪرندو هو ۽ پوءِ پکي ماري ماري آخرڪار هڪ
ڏينهن محلات ۽ باغيچي جا سڀ پکي ختم ڪري ڇڏيا.
هڪ ڏينهن بادشاهه پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري پکين جي
ڳولا ۾ جهنگل ڏي شڪار لاءِ نڪتو. پکين جي ڳولا ۾
هنن هڪ هڪ وڻ هڪ هڪ ٻوٽو ڪري ڳولا ڪئي. ويندي جبل
۽ رڻ پٽ به ڳوليائون پر ڪٿي به ڪو پکي نظر نه آين.
ٻپهريءَ ڌاري هو هڪ ٻنيءَ ۾اچي نڪتا. اها ايڏي ته
وڏي ٻني هئي جو هڪ ڪنڊ کان سندس ٻي ڪنڊ نظر نٿي
آئي.ان جي وچ تي هڪ وڏو گهاٽو وڻ هو. بادشاهه ۽
سندس ماڻهو ان وڻ ڏي وڌيا.
هو وڻ وٽ پهچي هن جي هيٺان ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ويهي رهيا.
جيتوڻيڪ هو سڀ ٿڪل هئا پر تنهن هوندي به هنن پکين
جي ڳولا ۾ وڻ ڏي ڏسڻ بند نه ڪيو.
امالڪ، بادشاهه جي نّظر هڪ جهرڪي تي پيئي جيڪا وڻ
جي بلڪل هيٺاهين ڏار تي ويٺي هئي. بادشاهه پنهنجن
ماڻهن مان هڪ کي هڪدم حڪم ڏنو ته ان جهرڪي کي گليل
هڻي هيٺ ڪيراءِ.
سندس نوڪر اٿي بيٺو ۽ گليل ۾ مٽيءَ جو پڪل گليلو
وجهي جهرڪي کي ٺڪاءُ ڪرايو. گليلو جهرڪيءَ کي جيئن
ئي لڳو ته اچي هيٺ ڦهڪو ڪيائين. بادشاهه جهرڪي
جهلي نوڪر کي ڏني ته ان کي ڪهي ڇڏي.
نوڪر ڪپ تکوڪري جهرڪيءَ جي ڳچيءَ تي جيئن ئي رکيو
ته جهرڪيءَ ڳالهايو: ”منهنجا همدرد بادشاهه!
مهرباني ڪري هن کي ڪهڻ کان جهل. آئون تنهنجي
جيتامڙن نوڪرن مان هڪ آهيان. مون کي جيڪڏهن
ماريندين ته سڄي عمر پڇتائيندو رهندين ۽ ان کان
علاوه مون اڪيليءَ کي ڪهڻ مان توکي ڇا ورندو جومون
مان هڪ ٻوٽي به ڪا مس ٿيندءِ.“
جهرڪيءَ کي ڳالهائيندو ٻڌي بادشاهه کي ڏاڍي حيرت
لڳي ۽ چيو: ”ڪمال آهي! جو هي پکي ڳالهائي به سگهي
ٿو.“
جهرڪيءَ وري ڳالهايو: ”منهنجا حاڪم، منهنجي ڳالهه
غور سان ٻڌ! آئون توهان جي انتظار ۾ هتي ڪيترن
ڏينهن کان ويٺي هيس.“
بادشاهه پڇيس: ”اهو ڀلا ڪيئن؟“
جهرڪيءَ وراڻيو: ”گستاخي معاف! بادشاهه سلامت، مون
کي پڙڏاڏي جو نياپو توهان کي ڏيڻو هو. منهنجي پڙ
ڏاڏي مرڻ وقت هڪ تمام وڏو هيرو ڇڏيو هو. ان هيري
جي ماپ توهان جي گوڏي جيڏي ٿيندي ۽ منهنجو پڙڏاڏو
وصيت ڪري ويو ته هي هيروامانت آهي، جيڪا بادشاهه
سلامت کي پهچائڻي آهي. ان ڪري آئون توهان جي راهه
۾ هر روز اوسيئڙو ڪندي رهيس ۽ پڪ هيم ته هڪ ڏينهن
اهو ضرور ايندو، جڏهن منهنجي توهان سان ملاقات ٿي
ويندي.“
جهرڪيءَ جي ڳالهه ٻڌي بادشاهه چيو: ”مون کي ته عجب
ٿولڳي ته هي پکي پاڻ وانگر ڳالهائي به سگهي ٿو. ان
ڪري مون کي هن جي ڳالهه تي يقين آهي. اسانکي ڏيڻ
لاءِ هن وٽ پڪ ڪجهه آهي.“ |