هن ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ کيکڙو ۽ ٻگهه پکي پڻ رهندو
هو. اهي پاڻ ۾ تمام گهاٽا يار هئا. ڍنڍ جون مڙيئي
مڇيون هنن کي پنهنجو مددگار ۽ دوست سمجهنديون
هيون. ٻگهه پکي ڪڏهن به ان ڍنڍ مان مڇي نه
ڦاسائيندو هو. کاڌي خوراڪ لاءِ هو هميشه اڏامي
درياهه تي ويندو هو يا ڪنهن ڏورانهين ڍنڍ ڍوري تي.
شام جو واپسيءَ تي پنهنجي سڄي ڏينهن جي سفر جا
تجربا پنهنجي دوست کيکڙي کي ٻڌائيندو هو ته هو
ڪهڙي ڪهڙي هنڌ ويو. بک لڳڻ تي مڇيون ڪٿان ڪٿان
ڦاسائي کاڌائين.
بادشاهه سلامت جي ڍنڍ جي مڇين کي جيتوڻيڪ اها ڄاڻ
هئي ته ٻگهه پکيءَ جو پيٽ گذر مڇيءَ تي آهي پر اها
پڪ هين ته هو سندن نالو هرگز نه وٺندو. هنن جو
ٻگهه پکيءَ تي پڪو ڀروسو هو. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن
ٻاهرنڪري ٻگهه پکي سان خبرچار به اچي ڪنديون هيون.
جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ٻگهه پکي پوڙهو ٿيندو
ويو ۽ هاڻ هو ايترو سست ۽ ٿڪل محسوس ڪرڻ لڳو جو
روزانو ڏورانهين ڍنڍ تي اڏامي وڃي مڇيون ڦاسائڻ هن
لاءِ ڏکيو ڪم ٿي پيو. پر جيئڻ لاءِ مڇيون ڦاسائي
کائڻ پڻ ضروري هو.
”هن بادشاهه سلامت واري ڍنڍ جون مڇيون ڦاسائي ڇو
نه کائجن؟“ ٻگهه پکيءَ دل ئي دل۾ سوچيو، ”هن ڍنڍ
جون مڇيون جيتوڻيڪ منهنجيون دوست آهن پر سڀ به ته
نه آهن.“ ان بعد هن هڪ اٽڪل سوچي.
ٻئي ڏينهن ٻگهه پکي هڪ ٻي ڍنڍ ڏي هليوويو ۽ سڄو
ڏينهن اتي ئي گهاري ڇڏيو. جڏهن موٽيو ته ڪافي دير
ٿي چڪي هئي. کيکڙو پنهنجي ٻر ۾ گهڙي ويو هو ۽
مڇيون سڀ سمهي رهيون هيون.
ٻئي ڏينهن صبح جو سير شڪار تي وڃڻ بدران ٻگهه پکي
ڍنڍ جي وچ تي اچي هڪ ٽنگ تي بيهي اکيون بند ڪري
سوچڻ لڳو. ٿوري دير بعد کيکڙو پنهنجي ٻر مان ٻاهر
نڪتو. پنهنجي جهوني دوست ٻگهه پکيءَ کي ان حال ۾
ڏسي حيران ٿي ويو.
”خير ته آهي، ڀائو ٻگهه پکي؟“ کيکڙي ٻگهه پکي کان
پڇيو.
ٻگهه پکيءَ آهستي آهستي پنهنجون اکيون پٽيون. مٿي
ڪيل ٽنگ کي هيٺ لاٿو. پوءِ غمگين شڪل ٺاهي کيکڙي
کي خبر ٻڌائي ته هن مهاڻن جي واتان ٻڌو آهي ته هڪ
ڏينهن هن ڍنڍ جون مڙيئي مڇيون مري وينديون. هو
ڪالهه کان ان ڳڻتي ۾ آهي ته هاڻ مڇين جو ڇا ٿيندو.
هن ڍنڍ جون غريب مڇيون جن سان هن جي تمام گهڻي
دوستي آهي انهن جو ڇا ٿيندو.
ڪجهه مڇيون، جيڪي ان وقت ٻگهه پکيءَ اڳيان لنگهي
رهيون هيون، اهي ٻگهه پکيءَ جي اها ڳالهه ٻڌي ڊڄي
ويون. پوءِ انهن مان هڪ مڙني جي طرفان ٻگهه پکيءَ
کي اچي منٿ ميڙ ڪئي ته هوکين ان اوچتي ايندڙ موت
کان بچائي. ٻگهه پکيءَ خوشي سان سندن مدد لاءِ
هائوڪار ڪئي.
”هتان تمام ويجهو هڪ ٻي ڍنڍ آهي،“ هن پريشان مڇيءَ
کي آٿت ڏيندي ٻڌايو.
”پر اسين سڀ اُتي ڪيئن پهچي سگهنديونسين.“ مڇيءَ
پڇيو.
”ان لاءِ فقط هڪ ئي طريقو آهي،“ ٻگهه پکيءَ کين
چيو، آئون روزانو ٻه چار مڇيون پنهنجي وڏي چهنب ۾
جهلي اوڏانهن اڏامي ان ڍنڍ ۾ اڇلي وري ٻين جي مدد
لاءِ موٽي سگهان ٿو.“
ان صلاح تي سڀني مڇين رضامندي ڏيکاري. پوءِ ٻگهه
پکي جهٽ پٽ ڪجهه مڇين کي پنهنجي ڊگھي چهنب ۾ گڏ
ڪري ٻي ڍنڍ ڏي اڏامڻ لاءِ تياري ڪئي.
شام جو هو ٿڪل مهانڊو کڻي موٽيو. ڄڻ وڏو ڪم
سرانجام ڏيئي آيو هجي. ٻئي ڏينهن هن ٻين مڇين کي
چهنب ۾جهلي نئين ڍنڍ ڏي روانو ٿيو. ائين ڪيترن
ڏينهن تائين اهو سلسلو هلندو رهيو.
ٻگهه پکي هاڻ پهرين کان متارو ۽ تازو توانو نظر
اچڻ لڳو. آخرڪار سياڻي کيکڙي هن کي تاڻي ورتو.
”ڪٿي سندس دوست پنهنجو پيٽ قوت هن بادشاهه واري
ڍنڍ جي مڇين تي ته نه ڪري رهيو آهي. پر سندس دوست
اهڙو ذليل ڪم ڪڏهن به نه ڪندو.“ ان سوچ، کيکڙي جي
پچر نه ڇڏي ۽ هن معلوم ڪرڻ چاهيو ته روزانو صبح جو
ٻگهه پکي مڇين کي ڪيڏانهن کڻيو وڃي ٿو.
هڪ ڏينهن کيکڙي ٻگهه پکي کي ان ڍنڍ تي هلڻ لاءِ
چيو جتي ٻگهه روزانو مڇين کي کڻي ويو ٿي. ٻگهه پکي
ڪجهه دير سوچ ۾پئجي ويو. ان بعد نيٺ هائوڪار ڪئي.
شايد اهو سوچي ته متان انڪار ڪرڻ سان کيکڙو شڪ ۾
پئجي وڃي. ڇو جو ٻگهه پکيءَ تي فرض هو ته پنهنجي
دوست کيکڙي جو به ڪم ڪري.
ٻگهه پکي کيکڙي کي چيو ته اڏامڻ مهل هو سندس ڳچيءَ
کي سوگهو جهلي. کيکڙي ائين ئي ڪيو ۽ ٻگهه پکي
پنهنجا کنڀ ڇنڊي اڏامڻ شروع ڪيو. رستي تي هو جبل،
ماٿريون، باغ ٻنيون لتاڙيندا هليا. پهريون دفعو
ههڙا سهڻا نظارا ڏسي کيکڙو ڏاڍو خوش ٿيو. سڄي ڄمار
هو فقط گپ ۾ ليٿڙيون پائيندو رهيو.
رستي تي کيکڙي کي هڪ ٽڪريءَ پٺيان مڇين جا ڪيترائي
ڪنڊا ۽ ڇلر نظر آيا. اهو ڏسي کيکڙو اچرج ۾ پئجي
ويو ۽ سندس شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو ته هي ٻگهه پکي
پنهنجي گهر جون ئي مڇيون کائي ٿلهو ٿي رهيو آهي.
ڍنڍ سڪڻ جو فقط بهانو آهي.
ڪوبه ائين مرڻ نٿو چاهي. کيکڙي هاڻ ٻگهه پکيءَ جي
ڳچي کي وٺي زور سان چيڀاٽيو. ٻگهه پکيءَ جڏهن ان
جو سبب پڇيس ته وراڻيائين ته هيڏي بلنديءَ تي
اڏامندي ڊپ ٿو لڳيم، ۽ پوءِ آهستي آهستي کيکڙي
ٻگهه پکيءَ جي ڳچي تي ايڏو زور ڏنو جو هن لاءِ
ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي پيو. وڌيڪ اڏامڻ بدران اتي ئي
لهي پيو جتي هو مڇيون کائي ڪنڊا ۽ ڇلر ڇڏيندو هو.
ڀٽ تي لهڻ بعد به کيکڙي ٻگهه پکيءَ جي ڳچي کي نه
ڇڏيو ۽ ايڏو زور ڏنو جو آخر ساهه نڪري ويس. ان بعد
کيکڙو آهستي آهستي پنهنجي منزل ڏي روانو ٿي ويو
جتان آيو هو.
ڍنڍ تي پهچي هن باقي بچيل مڇين کي ان ظالم ٻگهه
پکيءَ جي موت جي خبر ٻڌائي. مڇين کي کيکڙي جي موت
جو ٻڌي پهرين ڏک ٿيوپر پوءِ کيکڙي کين سڄو احوال
ٻڌايو ته ڪيئن ٻگهه پکي بهانو ٺاهي روزانو مڇين کي
کائي رهيو جن جا ڪنڊا ۽ ڇلر هو پنهنجي اکين سان
ڏسي آيو آهي. اهو ٻڌي مڇيون ڏاڍيون خوش ٿيون ۽
کيکڙي جا ٿورا مڃيائون جنهن سندن جان بچائي.
ظالم جو موت
ڪنهن نديءَ جي ڪناري تي هڪ تمام وڏو بڙ جو وڻ هو.
هن وڻ جون ڪيتريون ئي شاخون هيون جن مان هڪ تي
هڪڙو ڪارو ڪانگ پنهنجي زال سميت رهندو هو. هن، رهڻ
لاءِ، وڻ جي ٿڙ ڀرسان مضبوط ڪکن جو آکيرو جوڙيو هو
جيڪو وڏي عرصي کان قائم هو.
ساڳئي وڻ جي پوري ٿڙ ۾، هنن ڪانگن جي آکيري جي
بلڪل هيٺان هڪ نانگ پڻ پنهنجي زال سميت رهندو هو.
هڪ ئي وڻ تي هڪ ٻئي ويجهو رهڻ ڪري نانگ ۽ ڪانگ هڪ
ٻئي جا سٺا دوست ۽ پاڙيسري ٿي ويا.
هڪ ڏينهن سخت جهڪ ۽ واچوڙو اچي لڳو. ان وقت نانگ
جي زال کاڌي جي لاءِ ٻاهر ويل هئي ۽ جهڙو موٽي پئي
ته رستي تي هڪ جهوني پپر جي وڻ جو ڏار سندس مٿان
ڪري پيو. نانگ جي زال ڳري ڏار هيٺان اچڻ ڪري ان ئي
مهل چيڀاٽجي مري ويئي. پريان بڙ جي وڻ تي ويٺل
ڪانگن اهو حادثو ڏسي رڙيون ڪوڪون ڪري نانگ کي سندس
زال جي مدد لاءِ اطلاع ڪيو. نانگ پوراٽيل ڏار جي
ٻرڙ مان ٻاهر نڪري ڪريل ڏار جي هيٺان ليٿڙيون پائي
رستي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان کان اڳ سندس زال جو
ساهه نڪري چڪو هو. نيٺ نانگ ماٺ مٺوڙي ۾ موٽي
پنهنجي ٻرڙ ۾ آيو. زال جي هن اوچتي موت ڪري کيس
بيحد گهڻو ڏک ۽ ڪاوڙ لڳي. هن جي سٺن دوستن ۽
پاڙيسري ڪانگن هن ڏکئي وقت ۾ نانگ جي دل وٺڻ جي
ڏاڍي ڪوشش ڪئي.
ٻئي ڏينهن طوفان جهڪو ٿيو. ڪڪر ٽريا پکڙيا ۽ آسمان
پهرين وانگر نيرو ۽ صاف ٿي ويو. ندي واري پاسي کان
رکي رکي ٿڌي هير لڳڻ شروع ٿي جنهن ۾ ساون پنن سان
ڀريل ٽاريون لڏڻ لمڻ لڳيون. پکي پنهنجن آکيرن مان
نڪري هوا ۾ ڦيريون پائڻ ۽ لاتيون لنوڻ لڳا. ان
ٻيلي جا رهاڪو جانور پڻ پنهنجن چرن مان ٻاهرنڪري
خوشيءَ جو ساهه پٽڻ لڳا. هي زال مڙس ڪانگ ۽ ڪانگڻ
پنهنجي آکيري مان نڪري پنهنجن دوستن سان ملڻ لاءِ
ٻيلي جي ٻئي حصي ڏي اڏامي ويا. خاص ڪري پاڻ جهڙي
ڏاهي همراهه لومڙي ڏي- جيڪو سندن سڀ ۾ سٺو دوست
هو. هنن لومڙ سان ملي کيس نانگ جي زال بابت ٻڌايو
ته ڪيئن وڻ جي ڏار هيٺان ويچاري اچي مري ويئي.
واپسيءَ تي رستي تان پنهنجن ننڍن ٻچن لاءِ ڪانگ
پنهنجي چهنب ۾ ڪجهه ڪينئان کنيا جيڪي پنهنجي گهر
پهچي هو پنهنجن بکايل ٻچن کي کارائيندا هئا. هن
ڀيري جڏهن هو پنهنجي آکيري ۾ پهتا ته اهو ڏسي
وائڙا ٿي ويا ته سندن آکيرو ٻچن کان خالي هو. کين
يقين ئي نه پئي آيو ته ائين به ٿي سگهي ٿو.
هنن گهڻو ئي هيڏانهن هوڏانهن پنهنجن ٻچن جي ڳولا
ڪئي جن کي اڏامڻ لاءِ اڃا کنڀ به نه آيا هئا. پر
چوڌاري ڪجهه به نه هو. مايوس ٿي هو پنهنجي پاڙيسري
دوست نانگ وٽ پهتا. ساڻس سڄو احوال سربستو ڪري
پنهنجن ٻچن جو پڇيو. نانگ هڪدم کهرائيءَ سان جواب
ڏنو ته هو ڪو سندن ٻچن جو چوڪيدار نه هو جنهن کان
پڇڻ آيا هئا. جيڪڏهن کين ٻچا اهڙا پرايا هئا ته
کين ائين اڪيلو ڇڏي نه وڃن ها.
ڪانگن کي نانگ جي اهڙين ڳالهين تي بيحد گهڻو ڏک
ٿيو. وقت سان گڏ آهستي آهستي نيٺ ڪانگ صبر ڪري
ويهي رهيا. ڪجهه مهينن بعد آنن جو ڦوٽاڙو ٿيو ۽
سندن آکيرو ننڍن ننڍن ٻچن سان وري ڀرجي ويو.
اهوڏسي کين تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ ان خوشي ۾ کانئن
پراڻو صدمو بنهه وسري ويو. ٻارن جي سار سنڀال لاءِ
هو هاڻ بيحد خبردار رهڻ لڳا. ٻنهي مان جڏهن هڪڙو
کاڌي جي ڳولا لاءِ نڪرندو هو ته ٻيو ٻچن جي سنڀال
لاءِ آکيري ۾ ئي ترسي پوندو هو.
پر هڪ دفعي اهڙو اتفاق ٿيو جو ٻنهي ڪانگن کي هڪ ئي
وقت پنهنجن مائٽن سان ملڻ نڪرڻو پيو جيڪي نديءَ جي
ٻئي پاسي رهيل هئا. شام جو جڏهن هو پنهنجي گهر
موٽيا ته هڪ دفعو وري سندن آکيرو خالي خالي هو.
سندن سڀ ٻچا غائب ٿي چڪا هئا. سڄو اوسو پاسو ڳولڻ
تي به سندن پتو پئجي نه سگهيو. ٻچا نه ملڻ ڪري
ماءُ واڪا ڪري روئڻ لڳي.
ٻئي ڏينهن هن پنهنجي مڙس ڪانگ کي چيو ته ٻارن جي
سلامتي لاءِ هاڻ کين هتان لڏڻو پوندو. ان وڻ مان
لڏو پٽي ڪنهن ٻئي وڻ ۾ آکيرو ٺاهڻو پوندو. جتي
حفاظت سان ٻارن کي نپائي وڏو ڪري سگهجي. هنن کي پڪ
ٿي ويئي ته سندن غير حاضري ۾ نانگ ئي سندن ٻچا
ڳڙڪائي ڇڏيا هئا. پر پيءَ ڪانگ خطري کان ڀڄڻ بدران
ان سان مقابلو ڪرڻ چاهيو ٿي. هو ڪيترن ئي سالن کان
ان وڻ ۾ رهندا اچن. هن اتي رهي نانگ کي سبق ڏيڻ
چاهيو. ان لاءِ هو پنهنجي پراڻي دوست لومڙ وٽ ويا.
لومڙ ڪانگن جي ڏک ڀري ڳالهه ٻڌي ڪجهه دير سوچ
۾پئجي ويو. آخرڪار هن جي دماغ ۾ هڪ رٿ آئي. هن
پنهنجن دوستن کي ويجهو سڏي چيو: ”هن گهاٽي ٻيلي جي
ڏورانهين ڪنڊ وٽ هڪ وڏي محل ۾ بادشاهه سلامت رهي
ٿو. هن کي هڪ ڌيءَ آهي، جنهن سان هن کي بيحد گهڻو
پيار آهي. اها شهزادي وهنجڻ لاءِ روزانو ڀر واري
ڍنڍ تي ويندي آهي. هاڻ توهان ائين ڪريو جيئن
سمجهايانوَ ٿو. اميد ته ان ظالم نانگ کي پنهنجي
ڪئي جي سزا ملي ويندي.“
لومڙ سڄي رٿ ڪانگن کي سمجهائي ته ڪيئن ٻئي ڏينهن
شهزادي جڏهن وهنجڻ لاءِ اچي ته هو ڇا ڪن. ڪانگ
پنهنجي دوست لومڙ جا ٿورا مڃي روانا ٿيا.
ٻئي ڏينهن ٻئي ڪانگ ڍنڍ جي ڪناري تي پهتا. ٿوري
دير بعد شهزادي پنهنجن ساهيڙين سان گڏ وهنجڻ لاءِ
ڍنڍ تي پهتي. هن ڪپڙا لاٿا ۽ سوني تند وارو هيرن
جو هار لاهي ڪپڙن جي ڍير مٿان رکيو. پوءِ هن وهنجڻ
لاءِ جيئن ئي ڍنڍ ۾ ٽپو ڏنو ته ڪانگڻ پنهنجي چهنب
۾ هار کڻي پنهنجي آکيري ڏي وٺي اڏاڻي. پيءَ ڪانگ
اتي ترسي شهزاديءَ جي نوڪرياڻين ۽ چوڪيدارن جا
تاثر ڏسڻ لڳو.
هڪ چوڪيدار ڪانگڻ کي شهزاديءَ جو هار کڻي ويندو
ڏسي ورتو ۽ رڙيون ڪري هڪدم ٻين کي به ٻڌايو.
اهڙيءَ طرح سڀ لٺيون کڻي ڪانگڻ پٺيان ڊوڙڻ لڳا،
جيڪا هار چهنب ۾جهلي سڀ کان اڳيان مٿان مٿان
اڏامندي ويئي. پيءُ ڪانگ زور زور سان ڪان ڪان ڪري
چوڪيدارن جو ڌيان ڪانگڻ ڏي ڇڪائيندو رهيو.
چوڪيدار ڍنڍ جي ڪناري کان وٺي ٻيلي تائين ڪانگڻ
پويان ڊوڙندا آيا. رستي تي ڪيترائي دفعا هو ٿڙيا
ٿاٻڙيا پر اک ڪانگڻ ۾هئين، جيڪا چهنب ۾ هار کڻيو
پئي ويئي.
آخرڪار ماءُ ڪانگڻ پنهنجي آکيري وٽ اچي پهتي.
هيٺان چوڪيدار به اچي گڏ ٿيا. ڪانگڻ وڏي چالاڪيءَ
سان هار کي ان سوراخ ۾ کڻي ڪيرايو جنهن ۾ نانگ
رهيل هو. تيستائين پيءُ ڪانگ به اچي پهتو ۽ ٻئي
ڄڻا پري کان ويهي تماشو ڏسڻ لڳا ته چوڪيدار ڪيئن
نانگ جي ٻر مان هيرن جو هار ڪڍن ٿا.
جنهن وقت نانگ جي ٻر ۾ ڪانگڻ هار ڪيرايو ان وقت
نانگ گهاٽي ننڊ ۾ ستل هو. هار سندس ڀرسان اچي
ڪريو. چوڪيدار وڻ اڳيان پهچي ويا تڏهن به نانگ بي
خبر ستو رهيو. هڪ چوڪيدار لڪڻ سان هار کي ٻاهر ڪڍڻ
جي ڪوشش ڪئي. لڪڻ هار کي لڳڻ بدران جهڙو نانگ کي
لڳو ته هو ڪاوڙ مان ٻاهرنڪري آيو. چوڪيدارن جي
نانگ تي جيئن ئي نظر پيئي ته لٺين ۽ بانٺن سان کيس
اُتي جو اتي ڍيري ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ شهزادي جو هار
کڻي روانا ٿي ويا.
اهڙيءَ طرح ظالم نانگ جو موت ٿيو ۽ ڪانگ هاڻي بي
فڪر ٿي زندگي جا باقي ڏينهن پنهنجي ئي پراڻي آکيري
۾ گذارڻ لڳا.
سانگ ڪنچل جون گهمتاريون
سانگ ڪنچل هڪ ننڍڙي هرڻ جو قسم آهي جيڪو ملائيشيا
جي جهنگلن ۾ رهي ٿو. هي جانور جيتوڻيڪ قد ۾ۡ ننڍو-
فٽ کن ڪو مس ٿئي ٿو. پر عقل ۾ تمام اڪابر، بهادر ۽
چالاڪ آهي. پاڻ کان وڏن جانورن کي کن پل ۾ بيوقوف
بنايو رکي.
هڪ ڏينهن سانگ ڪنچل درياهه جي ٻئي پار سنهن ڪچڙن
پنن وارو گاهه ڏٺو.
”اڄ مون کي انهن ڪچڙن پنن واري گاهه جو مزو ماڻڻ
کپي.“ هن دل ئي دل ۾ سوچيو، ”پر درياهه ڪيئن پار
ڪجي؟“
درياهه جي ڪناري تي پهچي ٻي ڀر وڃڻ جي ڪا واهه
ڳولڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن واجهايو. ايتري ۾ هن جي
نظر مانگر مڇن جي سردار تي پئي جيڪو ان وقت اُس ۾
پٺي سيڪي رهيو هو.
”مانگر مڇ“ هن رڙ ڪري چيو، ”توکي خبر آهي ته اسان
هرڻن جو ڪٽنب توهان مانگر مڇن کان تمام گهڻو وڏو
آهي؟“
”ڪنچل ڇا پيو بڪين،“ مانگر مڇ ڪاوڙ مان جواب ڏنو،
اسانجي خاندان ۾ پنجاسي ته فقط وڏا مانگر مڇ آهن.
ان کان علاوه ڪيترائي ننڍا ننڍا پڻ توهان جو سڄو
ڪٽنب ڏهن هرڻ جو به ناهي.“
”آءٌ جيسين سڀني کي ڳڻيان نه تيسين ڪيئن اعتبار
ڪريان.“ سانگ ڪنچل چيو، ”تون هيئن ڇو نٿو ڪرين جو
کين قطار ۾ بيهار جيئن آئون کين ڳڻي وٺان.“
”ائين به صحيح آهي.“ مانگر مڇ مڃيو.
مانگر مڇ جي سڏ تي هڪدم سندس مٽ مائٽ دوست احباب
اچي گڏ ٿيا.
”مانگر مڇ“ سانگ ڪنچل چيو، ”جيئن ته تون سردار
آهين سو پنهنجي قبيلي جي مانگر مڇن کي چئه ته
درياهه جي هن ڪناري کان وٺي ٻئي تائين سڌي قطار
ڪري بيهن جيئن آئون کين جلدي ڳڻي وٺان.“
مانگر مڇن جي اڳواڻ حڪم ڏنو ۽ سڀ مانگر مڇ درياهه
جي اورئين ڪپ کان پرئين تائين سڌي قطار ٺاهي بيٺا.
ان بعد سانگ ڪنچل هڪ هڪ مانگر مڇ جي پٺيءَ تي ٽپ
ڏيندو، ”ساتو، دوعا، تيگا، امپت.... (هڪ، ٻه، ٽي،
چار...) ڳڻيندو وڃي ٻي ڀر کان نڪتو. ”ها. ها. ها!“
هن ٻي ڀرتي بيهي ٽهڪ ڏنو، ”بيوقوف مانگر مڇو، مون
توهان کي چريو ٺاهيو. مون ته فقط درياهه پار ڪرڻ
ٿي چاهيو.“
ڪجهه ڏينهن بعد، سانگ ڪنچل ڏٺو ته مانگر مڇن جو
اڳواڻ ڪکن پنن ۽ وڻن جي سڪل شاخن سان ندي جي ڪناري
تي هڪ لڪل گهر ٺاهي رهيو آهي.
سانگ ڪنچل سمجهي ويو ته مانگر مڇ لڪڻ لاءِ جاءِ
ٺاهي رهيو آهي ته جيئن ئي هي پاڻي پيئڻ لاءِ
درياهه جي ڪناري تي اچي ته مٿس حملو ڪري.
سانگ ڪنچل ان ڪري اتان ڀڄي جهنگل ڏي هليوويو جتي
هن جي چيتي سان ملاقات ٿي.
”چيتا“ سانگ ڪنچل چيو: ”جيڪڏهن توکي کائڻ لاءِ
ٿلهو متارو مرون کپي ته منهنجي پٺيان پٺيان اچ.“
”ٿلهو متارو مرون!“ چيتو چپ چٽڻ لڳو. ”اهڙي
مزمانيءَ جي ڳولا ۾ ته آئون ڪيترن ئي ڏينهن کان
آهيان. جهٽ پٽ مون کي اوڏانهن وٺي هل.“
سانگ ڪنچل چيتي کي گهمائيندو گهمائيندو درياهه جي
ڪپ تي ان هنڌ وٺي آيو جتي مانگر مڇ گهر ٺاهي سانگ
ڪنچل جي انتظار ۾ لڪل هو.
”شش!“ سانگ ڪنچل ڀڻڪيو، اهو ٿلهو متارومرون ان کي
گهر ۾ ستل اٿئي. ان کان اڳ جو هو ننڊ مان اٿي پئي
تون جهٽ پٽ کائي وڃينس.“
ٿورو وڌيڪ اڳيان ٿي چيتي زور سان ان مٿان ٽپ ڏنو.
مانگر مڇ جو ٺهيل ڪمزور گهر ڇيتون ڇيتون ٿي ويو ۽
چيني مانگر مڇ جي پٺيءَ تي اچي ڦهڪو ڪيو.
اهو ته چئي نٿو سگهجي ته هڪ ٻئي کي ڏسڻ سان ڪنهن
کي گهڻو تعجب لڳو- چيتي کي يا مانگر مڇ کي، ڪجهه
سيڪنڊن لاءِ ٻئي هڪ ٻئي کي گهوريندا رهيا ۽ پوءِ
ٻئي ڄڻا هڪٻئي کي ٻکين پئجي ويا. ڪڏهن مانگر مڇ
هيٺان ته چيتو مٿان ۽ ڪڏهن چيتو هيٺان ته مانگر مڇ
مٿان.
اهڙيءَ طرح هنن جي لڙائي آڌي رات تائين هلندي رهي
تان جو ٻئي ڄڻا ڍيري ٿي ڪري پيا.
توهان پاڻ سوچي سگهو ٿا ته ان ڳالهه تي چينين کي
ڪيتري ڪاوڙ لڳي هوندي ته هو هڪ سانگ ڪنچل جهڙي
ننڍي جانور جي هٿان بيوقوف بڻجي ويو. هن سانگ ڪنچل
کي سيکت ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو.
ٻئي ڏينهن سانگ ڪنچل هڪ وڻ هيٺان نرم ۽ مٺو گاهه
ٻاڙيندي نظر آيو. ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه ٿي هجي. هو
بيحد خوش هو ته هن چيتي کي بيوقوف بڻايو ۽ اهو
سوچي هو مرڪندو رهيو.
اوچتو هڪ وڏي گجگوڙ ٿي جنهن جي آواز تي سڄو وايو
منڊل ڌڏي ويو. هيڏي وڏي رڙ کان سانگ ڪنچل به ڏڪي
ويو.
”ها! ها! اڄ تون مون کان ڀڄي ڪيڏانهن وڃي
سگهندين؟“
پر سانگ ڪنچل هن کان گهڻو گهڻو چالاڪ هو. هن هڪدم
وڏي ڇال ڏيئي چيتي جي چنبي کان پاڻ بچائي ورتو.
پٺيان چيتو ڪاوڙ مان وڻن جون ٽاريون ۽ ٻوڙها ڀڃندو
رهيو.
ساهه بچائڻ جي ڊوڙ ۾ سانگ ڪنچل هڪ اونهي کڏ ۾وڃي
ڪريو جنهن مٿان سڪل پن ۽ ٽاريون هجڻ ڪري کيس ڊوڙڻ
مهل نظر ئي نه آئي. خوش قسمتي سان هن کي ڪا رهنڊ
رانپوٽو نه رسيو. هاڻ هو چيتي کان ته پاڻ بچائي
آيو پر هن کڏ مان پاڻ کي ڪيئن ٻاهر ڪڍي؟
هن ٻاهر نڪرڻ لاءِ کڏ جي اونهي ڀت تي چڙهڻ جي تمام
گهڻي ڪوشش ڪئي پر اها ايتري لسي ۽ ڊگهي هئي جو
ٻاهر نڪري نه سگهيو. آخر ٿڪجي ٽٽجي پٽ تي ويهي مٿي
نيري آسمان ڏي ڏسڻ لڳو. نهاريندي نهاريندي هن کي
اوچتو هڪ جهنگلي ڪتو نظر آيو جيڪو پڻ غور ۽ عجب
مان هن کي مٿان ڏسڻ لڳو.
”هيلو!“ جهنگلي ڪتي رڙ ڪري ڪنچل کي کيڪاريو، ”تون
اهو هيٺ ڪرين ڇا پيو؟“
”ڇا آسمان ڪرڻ جي افسوس ناڪ خبر اڃا تو نه ٻڌي
آهي.“ سانگ ڪنچل ڊيڄاريندي چيس، ”سڄي جهنگل ۾ هيءَ
ئي هڪ حفاظت واري جڳهه آهي.“
جهنگلي ڪتي ڊپ وچان آسمان ڏي ڏٺو. پوءِ هن سانگ
ڪنچل کي التجا ڪئي. ”مهرباني ڪري مون کي به پاڻ وٽ
لڪاءِ، جيئن آئون به ان آفت کان بچي سگهان.
”چڱو،“ سانگ ڪنچل وراڻيو، ”جيئن ته تون هڪڙو ڄڻو
آهين سو تو اڪيلي لاءِ آئون ايتري جاءِ ٺاهي سگهان
ٿو. هليو اچ يار.“
جهنگلي ڪتي مٿان ٽپ ڏنو ۽ هيٺ کڏ ۾ ماٺ ڪري آسمان
ڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
ڪجهه دير کانپوءِ هن سانگ ڪنچل کي آهستي چيو،
”ڪيڏي دير ٿي وئي آهي پر آسمان تي اڃا ڪرڻ جو نالو
به نٿو وٺي.“
”ها واقعي. آسمان ڏاڍي دير ڪئي آهي.“ ڪنچل وراڻيو،
”آئون ڀلا مٿي وڃي معلوم ڪري ٿو اچان ته ڪهڙي
ڳالهه ٿي آهي. اچ. مونکي ڍڍٻلي ڏي ته مٿي چڙهان.“
جهنگلي ڪتي سانگ ڪنچل کي پنهنجن ڪلهن تي کنيو.
جتان هو ٽپ ڏيئي کڏ کان ٻاهر نڪري آيو ۽ پوءِ
پنهنجي راهه وٺي روانو ٿي ويو. پويان هن غريب
جهنگلي ڪتي جو ذرو به نه سوچيائين.
جهنگلي ڪتو انتظار ٿي ڪندو رهيو. پوءِ سمجهي ويو
ته سانگ ڪنچل هن سان هڪ ذليل چرچو ڪيو آهي ۽ پوءِ
مدد لاءِ ڪا دير ڀؤنڪندو رهيو. خوش قسمتيءَ سان هن
جو هڪ ڀاءُ اتان لنگهي رهيو هو جنهن پنهنجي جهنگلي
ڪتي ڀاءُ جي ڀؤنڪار سڃاڻي کيس ان کڏ مان ٻاهرڪڍي
ورتو.
هڪ شام جو سانگ ڪنچل ٻيلي ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمي
رهيو هو. اوچتو هن جي ڪنن تي وڻ جي ٽارين ٽٽڻ
جوآواز پيو. هن هڪدم پٺيان مڙي ڏٺو. ڪو گهڻو پري
به نه، اهو ساڳيو چيتو صاحب سندس پٺيان اچي رهيو
هو.
سانگ ڪنچل وٺي زور سان ڊوڙ پاتي، پر چيتو به سندس
پٺيان لڳو آيو.
ڪجهه گهڙين کانپوءِ، سانگ ڪنچل ٿڪجي ساڻو ٿي پيو.
”مون کي هن چيتي مان جان بچائڻ جو سوچڻ کپي.“ هن
دل ئي دل ۾چيو.
ايتري ۾ هن جي نظر سامهون واري وڻ تي هڪ ڏينڀن جي
ماناري تي پيئي. ماناري کي ڏسي سانگ ڪنچل کي چيتي
کي بيوقوف ٺاهڻ جي اٽڪل دماغ ۾ آئي.
هن هڪدم ڊوڙڻ بند ڪري، ان وڻ هيٺان ويهي رهيو.
ايتري ۾ چيتو صاحب به اتي اچي پهتو.
”هيلو، سانگ ڪنچل!“ چيئي چيو، ”تون هتي ويهي ڇو
رهيو آهين؟“
”هتي منهنجي ڊيوٽي لڳل آهي. آئون راجا سليمان جي
فوج جي سار سنڀال لهي رهيو آهيان.“ ڪنچل ڏينڀن جي
ماناري ڏي اشارو ڪندي وراڻيو، ”هن ماناري کي ڌڪ
هڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت ناهي.“
”هل ڙي هل،“ چيتي رڙ ڪندي چيو، ”وڏو آيو آهي مونکي
منع ڪرڻ وارو.آئون ٿو ان کي ڌڪ هڻان، ڏسان ته تون
مون کي ڇا ٿو ڪرين.“
”سائين چيتا! مهرباني ڪري متان انهن جو نالو ورتو
اٿئي.“ سانگ ڪنچل مڪاريءَ سان کيس عرض ڪيو.“
جيڪڏهن تون ائين ڪندين ته راجا سليمان مون کي
مارائي ڇڏيندو.“
”راجا سليمان کي پڇي ڪير ٿو.“ چيتي چيو، ”آئون اهو
ڪندس جيڪو مون کي وڻندو.“
”ترس، ترس. مسٽر چيتا،“ سانگ ڪنچل عرض ڪيو
”مهرباني ڪري ٿورو ڀلا ترس جيئن آئون پري ٿي
بيهان. ڇو ته راجا سليمان جي ڪاوڙ کان مون کي ڊپ
ٿولڳي.“
مسٽر چيتي انتظار ڪيو جيستائين سانگ ڪنچل ڪجهه پري
ٿي ويو. پوءِ هن ڏينڀن جي ماناري کي زور سان
پنهنجو چنبو هنيو.
چنبو لڳڻ سان ڏيڀن جو مانار ڀور ڀور ٿي ويو ۽
منجهانئس سوين ڏمريل ڏينڀو نڪري آيا. سڀني گڏجي
ڏنگن سان چيتي تي ايڏو حملو ڪيو جو هو رڙيون ڪري
جهنگل ڏي ڀڄي ويو.
بعد ۾ چيتي صاحب محسوس ڪري ورتو ته سانگ ڪنچل هن
کي هڪ دفعو وري بيوقوف بڻايو آهي ۽ ٻئي دفعي سانگ
ڪنچل سان ملاقات ٿيڻ تي کيس ان ڏوهه جي چوکي سزا
ڏيڻ جو سوچيو.
مينهن ۽ ڍڳيءَ جي ڳالهه
ملائيشيا جي هڪ ڳوٺ باتو پهات ۾، هڪ گرم اونهاري
جي ٽپهريءَ جو هڪ مينهن جي هڪ ڍڳيءَ سان ملاقات
ٿي.
”هيلو ڍڳي“، مينهن چيو، ”اڄ جو ڏينهن ڪيترو ته گرم
آهي. هل ته ڪٿي پاڻيءَ منجهه سنان ڪري اچون.“
”صلاح ته واهه جي آهي،“ ڍڳيءَ وراڻيو.
سو مينهن ۽ ڍڳي آهستي آهستي هلنديون پاڻيءَ جي هڪ
تالاب وٽ پهتيون.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ان پراڻي زماني ۾
مڙيئي جانورن پنهنجي بدن جو کلون ائين لاهي سگهندا
هئا جيئن اسان ڪپڙا لاهيون ٿا.
مينهن ۽ ڍڳيءَ پنهنجي پنهنجي کل لاٿي ۽ ان تالاب
جي ڪپ تي رکي پاڻيءَ منجهه گهڙيون.
هو ڪا دير پاڻي ۾ وهجنديون ۽ راند کيڏنديون رهيون
۽ پاڻي جا ڇنڊا هڪ ٻئي کي هڻنديون رهيون پوءِٰ
اوچتوئي اوچتو وڏ ڦڙو مينهن اچي وسيو.
مينهن ۽ ڍڳي کي اچي ڊپ لڳو ته سندن کلون مينهن ۾
نه پسي وڃن. سو هو تڪڙ ۾ تالاب مان نڪري پنهنجين
کلن ڏي ڊوڙڻ لڳيون.
جلدي جلدي ۾ ڍڳي مينهن جي کل پاڻ تي چاڙهي ويئي ۽
مينهن ڍڳي جي کل.
توهان کي اها ته خبر آهي ته مينهن ڍڳي کان تمام
وڏي ۽ ڳري ٿئي ٿي. سو مينهن جي کل جڏهن ڍڳي چاڙهي
ته اها کل هن تي بلڪل ڍري ڍري لڙڪڻ لڳي ۽ هوڏانهن
ڍڳيءَ جي کل مينهن تي سوڙهي هجڻ ڪري ڇڪجي بيٺي.
اهوئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين، مينهن جي جسم تي
ڇڪيل کل آهي ۽ ڍڳيءَ جي جسم تي چڙهيل کل بلڪل ڍري
ڍري آهي.
کيکڙو ۽ ڍڳي
هڪ ٻپهريءَ جو هڪ کيکڙو ڪنهن باغائي جي ڀاڄين واري
کيت ۾ پهتو ۽ پنهنجن تکن پيرن سان هڪ ننڍڙي گوبي
ڪپي پنهنجي ٻرڙ ڏي کڻي هلڻ لڳو.
رستي تي باغائيءَ جي ڍڳيءَ هن کي ڏسي ورتو. هن
کيکڙي کي دڙڪا ڏيندي چيو: ”منهنجي مالڪ جي باغ مان
گوبي چورائڻ جي توکي همت ڪيئن ٿي؟ جتان کنئي اٿئي
اتي يڪدم هلي واپس ڪر.“
کيکڙو اهڙو گيگ ماريو ڄڻ هن ڪجهه ٻڌو ئي نه هجي ۽
ڊوڙ پائي پنهنجي گهر واري ٻرڙ ۾ ڀڄي ويو. سست ڍڳي
سندس پويان ڊوڙي نه سگهي.
کيکڙي کي ڍڳيءَ جي دڙڪن تي ڏاڍي چڙ لڳي. ”گوبيون ۽
ٻي ڀاڄي ڪا ڍڳيءَ جي ذاتي ملڪيت ته ناهي.“ کيکڙي
سوچيو، ”پوءِ مون کي دڙڪا ڏيڻ جو هن کي ڪهڙو حق
رسي ٿو؟“
کيکڙي ان جو ڍڳي کان بدلو وٺڻ جو پڪو پهه ڪيو. سو
ٻئي ڏينهن هو باغائيءَ سان ملڻ ويو.
”باغائي،“ کيکڙي چيو، ”توکي ڪا خبر آهي ته تنهنجي
لالچي ڍڳي تنهنجيون پوکيل گوبيون کائيندي وتي.“
”اهو ٻڌائڻ جي مهرباني،“ باغائي وراڻيو، ”ترس ته
هن کي هينئر ئي سزا ڏيان ٿو.“
ان کانپوءِ باغائيءَ هڪ ڊگهو لڪڻ کڻي اچي ڍڳيءَ کي
ماريو. ڍڳي سمجهي ويئي ته اهو سڄو ڪم کيکڙي جو
آهي. هن کي کيکڙي تي سخت ڪاوڙ آئي. کيکڙي کي سزا
ڏيڻ لاءِ هوءَ روزانو نديءَ جي ڪناري تي کيکڙي جي
انتظار ۾ اچي بيهندي هئي.
هڪ ڏينهن ڍڳي ڏٺو ته درياهه جي اروئين ڀر کيکڙو
ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيو آهي. هوءَ آهستي آهستي ٿي
هن ڏي وڌي ۽ پنهنجي پير جو کر سندس مٿان اهڙوزور
سان رکيوجو کيکڙي کان رڙ نڪري ويئي.
”مري ويس“ کيکڙي دانهن ڪئي ۽ پوءِ در4ياهه ۾ کڻي
ٽپ ڏنو. پر ڍڳي پنهنجو کر ايڏو زور سان رکيو هو
جوکيکڙي جي پٺ تي هميشه لاءِ کر جو نشان ٿي پيو.
اڄ به کيکڙي جي پٺ تي توهان کي اهو نشان نظر
ايندو.
شينهن ۽ چٽڪمري هرڻي
ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته ڪنهن جهنگل ۾هڪ هرڻي
رهندي هئي جنهن جي ناسي ڀوري کل تي اڇي رنگ جا چٽ
هئا.
هڪ ڏينهن اها هرڻي هڪ چشمي جي ڪناري وٽ مٺو ۽ رس
وارو گاهه چري رهي هئي ته اوچتو مٿان اچي هڪ شينهن
ڪڙڪيس. هن پهرين ته هڪ وڏي گجگوڙ ڪئي ۽ پوءِ هرڻي
کان پڇيو: ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
”منهنجو نالو چٽڪمري هرڻي آهي.“ هن وراڻيو.
چٽڪمري هرڻي!“ شينهن رڙ ڪري چيو، ”مرڻ لاءِ تيار
ٿي وڃ. آئون توکي کائي چٽ ڪري ڇڏيندس..“
چٽڪمري هرڻي سمجهي ويئي ته ظالم شينهن کان هاڻ جان
بچائي ڀڄي نڪرڻ محال آهي. جهٽ پٽ سندس دماغ ۾ هڪ
چالاڪي آئي.
”ها. ها. ها.“ هن زور زور سان وٺي ٽهڪ ڏنو، ”تون
کائيندين؟ مون کي؟ اها ڪا خبر اٿئي ته منهنجي جسم
جي ناسي ڀوري ڪوٽ تي اڇا چٽ ڇو آهن؟“
”مون کي خبر ناهي ۽ نه ان خبر معلوم ڪرڻ جي ڪا
پرواهه اٿم بيوقوف چٽڪمري هرڻي.“ شينهن وراڻيو.
”ته پوءِ بهتر ٿيندو ته ان بابت پهرين چڱي طرح
منهنجي ڳالهه ٻڌ.“ چٽڪمري هرڻيءَ چيو: ”جڏهن به
آئون ڪو شينهن ماريندي آهيان ته پنهنجي جسم تي هڪ
اڇو چٽ ٺاهي ڇڏيندي آهيان. ڏس، هن وقت مون تي
نوانوي چٽ آهن.يعني نوانوي شينهن ماري چڪي آهيان.
واهه! هاڻ جڏهن توکي ماريندس ته هڪ ٻيو چٽ به
ٺاهينديس. اهڙي طرح مون تي پورا هڪ سؤ چٽ ٿي
ويندا.“
شينهن کي ڊپ کان اچي ڏڪڻيءَ ورايو ۽ پڇ ورائي وٺي
جهنگ ڏي ڀڳو.
ٿلهي پڇ وارو لومڙ
ڪنهن زماني ۾ هڪ سهڻي ماٿري ۾ جتي تمام گهڻو مٺو ۽
رس وارو گاهه هو. هڪ هرڻي رهندي هئي.
ان ساڳي ماٿريءَ ۾ هڪ ڪڪڙ ۽ سهو پڻ رهندو هو. ٻئي
ڄڻا هڪ ٿلهي وڻ جي ٿڙ ۾ ٺهيل اونهي ٻرڙ ۾ رهندا
هئا.
هرڻي، سهو ۽ ڪڪڙ ٽئي ڄڻا هڪ ٻئي سان هر وقت ملندا
رهندا هئا ۽ سڄي ماٿري ۾هي تمام سٺا دوست ليکيا
ويندا هئا. هو نه فقط هڪ ٻئي جي مدد ڪندا هئا پر
ٽئي ڄڻا گڏجي ماٿري ۾ رهندڙ ٻين جانورن ۽ پکين جي
پڻ مدد ڪندا هئا. اهڙي طرح ٽئي ڄڻا تمام گهڻو خوش
پاش گذاريندا هئا.
پوءِ هڪ ڏينهن هڪ لومڙ ڪنهن ٻئي هنڌان اچي ان
ماٿري ۾ پنهنجو گهر ٺاهيو. ان بعد هرڻي، سهي ۽
لومڙ ٽنهي جي آزادي ۽ سڪون ناس ٿي ويو.
لومڙ بيحد لچو ۽ لالچي هو. هو روزانو ڪڪڙ ۽ سهي جي
ٻرڙ جي ٻاهران اچي بيهندو هو. جيئن هنن مان ڪو
نڪري ته کين جهلي کائي وڃي. خوش قسمتي سان هنن جو
ٽيون ساٿي، يعني هرڻي هميشه سندن اوسي پاسي ۾
هوندي هئي ۽ کين خبردار ڪري وٺندي هئي ته متان
نڪتا آهيون. لومڙ توهان کي کائڻ جي انتظار ۾ بيٺو
آهي.
انهيءَ ڪري لومڙ هرڻي تي پڻ سخت ڪاوڙيل هو. پر هو
هرڻي کي ڪجهه ڪري نٿي سگهيو جو هرڻي ڊوڙ ۾ کانئس
تمام گهڻي تکي هئي.
هڪ ڏينهن لومڙ شڪار خاطر ڪيڏانهن پري جهنگل ڏي
روانو ٿي ويو. سندس غير حاضريءَ جو فائدو وٺي ڪڪڙ،
هرڻي ۽ سهي ٽنهي گڏجي ويهي ڪنهن اهڙي رٿ جو سوچيو
جنهن ذريعي لومڙ کان بچي سگهجي.
”اسان کي ڪنهن به طرح هن ظالم لومڙ کي هتان هن
ماٿريءَ مان ڀڄائڻ کپي. ”هرڻيءَ چيو،“ هن اسان
سڀني جو جيئڻ جنجال ڪري رکيو آهي.“
”هائو،“ سهي چيو، ”پر اسان اهو ڪيئن ڪري سگهون
ٿا.“
”توهان ڪڏهن ان تي غور ڪيو آهي ته هو پنهنجي ٿلهي
ٻُر وارو پڇ ڪيئن ٽيڙيءَ مان ڏيکاريندو رهي ٿو.“
ڪڪڙ چيو، جيڪڏهن اسان هنجو اهو پڇ ڪٽي ڇڏيون ته
پوءِ هو شرم کان منهن به ڏيکاري نه سگهندو ۽ هتان
ڀڄي ويندو.“
”اهو چوڻ سولو آهي پر ڪرڻ ڏکيو.“ سهي چيو، ”پاڻ ۾
ڪير ايترو همت وارو آهي جيڪو هن جو اهو پڇ ڪٽي
ڏيکاري.“
ڪجهه منٽن لاءِ ٽئي ڄڻا اونهي سوچ ۾ پئجي ويا.
پوءِ هرڻيءَ چيو: ”هڪ اٽڪل منهنجي ڌيان ۾ آئي
آهي.“
پوءِ هن اها رٿ ڪڪڙ ۽ سهي سان ڪئي جن ٻڌي ان کي
بيحد ساراهيو.
”ٻئي ڏينهن صبح جو ساجهر، لومڙ جي اٿڻ کان اڳ هي
ٽئي ڄڻا هرڻي، ڪڪڙ ۽ سهو هڪ باغ ڏي روانا ٿي ويا
جيڪو سندن گهر کان ڪو گهڻوپري نه هو.
اتي هنن کي ڪاٺ جي تختن مان ٺهيل هڪ ننڍڙو ڪڪڙين
جو گهر نظر آيو. سٽاءُ موجب ڪڪڙ ان ۾ اندر گهڙي
ويئي ۽ سهو هڪ تکي ڪهاڙي کڻي ڀرواري وڻ جي پٺيان
لڪي بيٺو. پوءِ انهن کي اتي ڇڏي هرڻيءَ واپس لومڙ
ڏي رُخ رکيو.
ماٿريءَ ۾ پهچي هرڻي ڏٺو ته هميشه وانگر لومڙ ڪڪڙ
۽ سهي جي گهر ٻاهران سندن نڪرڻ جو انتظار ڪري رهيو
هو.
”لومڙ ادا“ هرڻي کيس نئڙت سان چيو، ”ڇو منهنجي
ساهيڙي ڪڪڙ کي کائڻ پٺيان اچي پيو آهين؟ هو ته
پوڙهي ۽ ڪمزور ڪڪڙ آهي جنهن مان توکي رڳو هڏيون ئي
هڏيون نصيب ٿينديون. جيڪڏهن تون مون سان واعدو
ڪرين ته هن جو آئيندي نالو نه وٺندين مان توکي هڪ
ٿلهي متاري ڪڪڙ جو ڏس ڏيان.“
”چڱو آئون واعدو ٿو ڪريان،“ لومڙ پنهنجي زبان چپن
تي گهمائيندي چيو، ”پر مونکي جهٽ پٽ ان ٿلهي متاري
ڪڪڙ جو ڏس ٻڌاءِ. جيڪڏهن ڪا چالبازي ڪندينءَ ته
تنهنجي جسم جي به هڪ هڪ هڏي ڀڃي رکندس.“
هرڻي لومڙ کي پاڻ سان وٺي ان باغ ڏي هلڻ لڳي جتي
هوءَ ڪڪڙ ۽ سهي کي بيهاري آئي هئي. جڏهن هو ڪڪڙين
جي گهر وٽ پهتا ته هرڻيءَ اشارو ڪري لومڙ کي چيو:
لالچي لومڙ ڪڪڙين جي گهر جي سوڙهي منهن ۾ پنهنجو
ٻوٿ وڏو ۽ پوِءِ سوڙهو سنگهورو ٿي پاڻ کي اندر ڌڪڻ
جي ڪوشش ڪرڻ لڳو جيئن ڪڪڙ تائين پهچي هن کي جهلي
سگهي.
ان ئي مهل سهو پنهنجي لڪڻ واري جاءِ کان ٻاهر نڪري
آيو ۽ ڪهاڙي جي هڪ ئي ڌڪ سان لومڙ جو ٿلهو پُڇ ڪپي
ڇڏيو. |