جهرڪيءَ چيو: ”گستاخي معاف! بادشاهه سلامت! نه رڳو
گوڏي جيڏو هيرو پر منهنجي پڙڏاڏي توهان ۽ توهان جي
ماڻهن لاءِ هي نصيحتون به چيون آهن، جيئن انهن
نصيحتن مان توهان جو ڀلو ٿي سگهي.“
بادشاهه تنهن تي چيو: ”مهرباني ڪري ٻڌاءِ ته اهي
ڪهڙيون نصيحتون آهن جيئن آئون ۽ منهنجا ماڻهو اهي
ٻڌي ڪجهه فيض حاصل ڪري سگهون.“
ان تي جهرڪيءَ بادشاهه کي ٻڌايو: ”منهنجا پيارا
راجا منهنجي پڙڏاڏي توهان کي ٻڌائڻ لاءِ هي ٽي
ڳالهيون چيون هيون. پهرين ڳالهه اها ته ڪنهن جي به
مٺين ڳالهين تي اعتبار نه ڪجانءِ، ٻي ڳالهه اها
ته، جيڪي ڪجهه هٿن مان هليو وڃي ان جي موٽي اچڻ جي
اميد نه رکجانءِ، ۽ آخري نصيحت اها ته جيڪي تنهنجو
نه رهيو آهي ان تي افسوس هرگز نه ڪجانءِ. هاڻ مون
کي اجازت ڏي ته توهان لاءِ هيرو کڻي اچان، جيڪو
منهنجي پڙڏاڏي امانت طور مون وٽ رکيو هو ته هن ملڪ
جي بادشاهه جي حوالي ڪريان. اهو هن وڻ جي بلڪل چوٽ
تي رکيو آهي.“
بنا ڪنهن سوچ ويچار جي بادشاهه سلامت حڪم ڏنو ته
هن جهرڪيءَ کي آزاد ڪيو وڃي.
جيڪو ماڻهو هن جهرڪيءَ کي ڪهڻ وارو هو تنهن
جهرڪيءَ کي هڪدم آزاد ڪيو. جهرڪي اڏامي بادشاهه جي
ڪلهي تي اچي ويٺي. اتي پنهنجا کنڀ ڇنڊي لسا ڪيا ۽
پوءِ بادشاهه کي چيو، ”گستاخي معاف، بادشاهه
سلامت! مهرباني ڪري توهان هتي ئي ترسو جيسين آئون
وڻ جي مٿاهين چوٽيءَ تائين پهچان.“
پوءِ جهرڪي وڻ جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ ڏي اڏامڻ
لڳي جتي ڪنهن به ماڻهوءَ جو گليلو پهچي نه سگهي.
بادشاهه ۽ هن جا ماڻهو ڪيتري دير تائين هن جي موٽڻ
جو انتظار ڪندا رهيا. سڀني چيو ته اجها ٿي جهرڪي
بادشاهه لاءِ هيرو آڻي. پر ائين لڳو ته جهرڪيءَ
کان سندس ڪيل واعدو ئي وسري ويو آهي. هيرو آڻڻ ته
پوءِ جي ڳالهه ٿي پر وڻ جي مٿاهين چوٽيءَ تي وڃي
ويٺي ته پوءِ اتان چري به نه پئي. هر هڪ کي ڏاڍي
دير ٿي رهي هئي. سج لهڻ ۾ باقي ڪي لمحا هئا. آخر
بادشاه سلامت رڙ ڪري جهرڪيءَ کي چيو: ”جهرڪي! ڪٿي
آهي اهو هيرو جيڪو تنهنجي پڙڏاڏي مون کي ڏيڻ لاءِ
تنهنجي حوالي ڪيو هو؟ هاڻ جلدي کڻي اچ جو مون کي
گهر ڏي وڃڻ ۾ دير پئي ٿئي.“
جهرڪيءَ جڏهن بادشاهه جي واتان اها ڳالهه ٻڌي ته
کلي کلي کيري ٿي ويئي ۽ پوءِ چيو: ”بادشاهه سلامت
منهنجي ڳالهه کي درگذر ئي ڪري ڇڏيو ته تمام سٺو.
توهان کي گهر وڃڻ کي دير ٿي رهي آهي ته ڀلي هليا
وڃو. هتي ترسي ڇو پيا آهيو؟ ڇا مون توهان کي اهو
ٻڌايو نه هو ته ڪڏهن به ڪنهنجي مٺين ڳالهين تي
اعتبار نه ڪجو. هٿن مان هلي ويل شيءِ جي موٽي اچڻ
جو انتظار نه ڪجو. ۽ جيڪي توهان وٽ نه رهيو آهي،
ان تي افسوس هرگز نه ڪجو. بادشاهه سلامت توهان پاڻ
ڪجهه سوچيو: ”آئون ڀلا ڪيئن ايڏو توهان جي گوڏي
جيڏو هيرو کڻي سگهان ٿي جڏهن ته آئون ئي ايڏي وڏي
نه آهيان. مون ته اها ڪهاڻي فقط تنهنجي چنبي مان
نڪرڻ لاءِ گهڙي ورتي هئي. تو ان تي يقين ڪري مونکي
آزاد ڪري ڇڏيو. هاڻ آئون اهڙي هنڌ تي آهيان جتي ڪو
منهنجو وار به ونگو نٿو ڪري سگهي. آئون تنهنجي پهچ
کان بلڪل پري آهيان ۽ مون کي وري ڦاسائڻ جو تون
سوچجانءِ به نه. مهرباني ڪري منهنجون اهي نصيحتون
ياد رکجانءِ ۽ ٻين کي به اهي ٻڌائجانءِ، جيڪي ڪجهه
توهان جي هٿن ۾ آهي ان جي چڱي طرح حفاظت ڪجو ۽
جيڪي ڪجهه گم ٿي ويو آهي ان جي واپسيءَ جي اميد نه
رکجو. هاڻ بادشاهه سلامت! مهراني ڪري پنهنجي محلات
ڏي روان ٿي وڃو متان رستي تي اونداهه نه ٿي وڃان.“
اهو چئي جهرڪيءَ پنهنجو پڇ مٿي ڪري وٺ لاٿي، وٺ
سڌي اچي بادشاهه جي گليل تي ڪري جيڪو ان وقت مٿي
ڏسي رهيو هو.
بادشاهه ڏاڍو لڄارو ٿيو. هڪ ننڍڙي پکيءَ کيس
بيوقوف بڻائي ورتو. ان بعد نهايت غمگين حالت ۾
محلات ڏي موٽيو.
جهرڪي ڪا دير بادشاهه ۽ ان جي ماڻهن کي ويندو
ڏسندي رهي. ان بعد خوشيءَ مان اڏامي هوا ۾ ڦيريون
پائڻ لڳي.
نيڪدل ديو
ڪنهن جبل تي هڪ ديو رهيو ٿي. هو تمام نيڪ هو ۽
غريبن جي تمام گهڻي مدد ڪندو هو. هو جڏهن شهر ڏي
ايندو هو ته ڪونه ڪو ويس بدلائي ايندو هو. هڪ
ڏينهن شڪاريءَ جي روپ ۾ گهوڙي تي سوار ٿي جهنگل
مان گذري رهيو هو ته هڪ ماڻهوءَ کي ڪاٺيون ميڙيندو
ڏٺائين. ديو پڇيو: ”ڀائو انهن ڪاٺين جو ڇا ڪندين؟“
”اڌ ته وڪڻي ڇڏينديس ۽ گهر جي ڀاتين لاءِ کائڻ جو
سامان خريد ڪندس، باقي اڌ ٻارڻ لاءِ گهر کڻي
ويندس.“ ماڻهو جواب ڏنو.
ديو پنهنجي گهوڙي تان لهندي چيو: ”تون هي منهنجو
گهوڙو کڻ ۽ هن کي سوداگر وٽ وڪڻي اچ. پر هن کان
پنجاهه ڊالرن کان هڪ پائي به گهٽ نه وٺجانءِ. هو
توکي گهٽ پئسا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو. هو تمام ڪمينو ۽
لالچي آهي. هن جي ڳالهين ۾ هرگز نه اچجانءِ.“
هن ماڻهوءَ ديو جا ٿورا مڃيا ۽ گهوڙي تي چڙهي
سوداگر وٽ پهتو. سوداگر کي گهوڙو تمام گهڻو پسند
آيو. پر هن ان ماڻهوءَ کي قيمت گهٽ ڪرڻ لاءِ چيو
پر هن انڪار ڪيو. سوداگر نيٺ پنجاهه ڊالر ڪڍي اهو
گهوڙو خريد ڪيو. پنجاهه رپين ۾ هي گهوڙو تمام سستو
هو.
لالچي سوداگرسوچيو ته هي گهوڙو ڪنهن هاريءَ کي
ٻيڻي قيمت تي ڏئي پئسا ڪمائجن. هن گهوڙي کي پنهنجي
اصطبل ۾ ٻڌو ۽ گراهڪ جي ڳولا ۾ ٻاهر نڪتو. جلدئي
هن کي هڪ اٻوجهه هاري ملي ويو. سوداگر هن کي سؤ
روپين ۾ گهوڙو وٺڻ لاءِ راضي ڪري ورتو. پر جڏهن
سوداگر هن غريب هاري کي اصطبل ۾ گهوڙو ڏيکارڻ لاءِ
آيو ته گهوڙو اتان غائب ٿي چڪو هو. هو سمجهي ويو
ته اها ديو جي لچائي آهي. هن کي ديو تي ڏاڍي ڪاوڙ
آئي ۽ هن کان بدلو وٺڻ جو سوچيو.
هوڏانهن ديو سوداگر کي وڌيڪ ستائڻ جو طريقو سوچيو.
هو هڪ مزور جي روپ ۾ هن جي گهر آيو ۽ چوڻ لڳو:
”آئون هڪ غريب ماڻهو آهيان. مون وٽ رُکي ماني کائڻ
لاءِ به پئسا نه آهن.مون کي ڪا مزدوري ڏي ته ڪم
ڪريان.“
سوداگر هن کي چيو: ”هنن ڪاٺين کي ڪارائيءَ سان ڪٽي
ننڍا ننڍا ٽڪر ڪر.“
”مون کي ان ڪم جا ڪيترا پئسا ملندا؟“ ديو پڇيو.
”تون انهن مان جيڪي به کڻي سگهين ته کڻي وڃجانءِ.“
سوداگر چيو.
ديو چند منٽن ۾ سڀ ڪاٺيون وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري
ڇڏيون. ان کانپوءِ هُن سوداگر جي گهر جا دروازا،
ڇتيون ۽ ڪاٺ جي هر شيءِ ڪٽي ورتي. ان کانپوءِ انهن
سڀني ڪاٺين جي ٽڪرن کي پنهنجي پٺيءَ تي رکي غائب
ٿي ويو.
چنڊ جي ڌيءَ
هڪ هئي ننڍڙي ڇوڪري. هن جا ماءُ پيءُ مري ويا هئا.
هوءَ ويچاري گهر ۾ اڪيلي رهجي ويئي. هڪ شاهوڪار
ماڻهو هن کي پنهنجي گهر وٺي آيو جتي هن ويچاريءَ
کي تمام گهڻوڪم ڪرڻو پيو ٿي. هن کي سڄي گهر لاءِ
پاڻي ڀرڻو پيو ٿي ۽ سڄي گهر جي ڀاتين لاءِ ماني
پچائڻي پئي ٿي. وچ ۾ جيڪو وقت مليس ٿي ان ۾ ٻارن
جي سار سنڀال لڌيائين ٿي ۽ ان سڄي ڏينهن جي پورهئي
جي عيوض هن کي بس ٻن وقتن جي رُکي سُکي ماني ملي
ٿي. راند روند ته ٿي پري جي ڳالهه هن کي کن پل جو
آرام نٿي مليو. شاهوڪار ماڻهو بيحد چالاڪ ۽ بي رحم
هو ۽ هن جي زال تي هن کان به ٻه وکون اڳيان هئي.
هڪ رات جي ڳالهه آهي جڏهن آسمان تي چنڊ چمڪي رهيو
هو ۽ ٻاهر تمام گهڻو سيءَ هو. شاهوڪار ماڻهوءَ جي
زال هن نينگريءَ کي پاڻي ڀري اچڻ لاءِ چيو. هيءَ
ٻارڙي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاهر ويئي. جڏهن هوءَ تلاءَ
وٽ پهتي ته سيءَ کان هن جا پير پٿر ٿي ويا. پاڻي
به سڄو ڄميو برف ٿيو پيو هو. نينگريءَ برف جي
مٿئين تهه ۾سوراخ ڪيو ۽ پاڻيءَ جي باردي ڀري گهر
ڏي واپس ورڻ لڳي. گهرجي ويجهو پهچي جيئن ئي هن در
جو دڪيون چڙهيون ته پير ترڪي ويس ۽ سڄو پاڻي هارجي
ويس. ڇوڪري ڊڄي ويئي. ته هاڻ هوءَ ڇا ڪري. خالي
باردي کڻي اندر گهر ۾ گهڙي نٿي سگهي. هوءَ دروازي
جي ئي ٻاهر بيهي ڏڪندي رهي. مٿي آسمان ۾ چنڊ چمڪي
رهيو هو ۽ هن ڏي ڏسي کلي به رهيو هو.
ڇوڪريءَ چنڊ کي چيو: ”اي چنڊ، ڇا تون نٿو ڏسين ته
آئون ڪيتري ڏکويل آهيان. ڇا توکي مون تي ڪهل نٿي
اچي. ڇا تون منهنجي مدد نه ڪندين؟ مونکي هنن ظالمن
مان آزاد ڪر. هي مونکي ماري ڇڏيندا.“
چنڊ هن جي ظلم جو داستان ٻڌي هيٺ زمين تي لهي آيو.
هو هڪ خوبصورت نوجوان جي ويس ۾ هو ۽ اڇي رنگ جي
وڳي ۾ سهڻو لڳي رهيو هو. چنڊ جي وڏي ڀاءُ سج به هن
ڇوڪريءَ جون آزيون نيزاريون ٻڌي ورتيون هيون ۽ هو
به مرداڻي شڪل ۾سونهري رنگ جا ڪپڙا اوڍي زمين تي
لهي آيو.
سج چنڊ کي چيو: ”آئون هن ڏکويل ڇوڪريءَ کي وٺڻ آيو
آهيان. هن کي منهنجي حوالي ڪري ڇڏ. ان ڪري جو آئون
توکان وڏو آهيان.“
چنڊ ورندي ڏنس: ”اهو صحيح آهي ته تون مون کان وڏو
آهين ادا سج، پر هن وقت رات آهي، ۽ آئون رات
جوبادشاهه آهيان. هن نينگريءَ مون کان مدد گهري ۽
پهرين آئون هيٺ آيس. ان ڪري هن کي آئون وٺي ويندس.
چنڊ هن غريب ڇوڪريءَ کي پنهنجن ٻانهن تي کڻي آسمان
ڏي اڏامي ويو. ان وقت کان وٺي هيءَ ننڍڙي ڇوڪري
چنڊ ۾ رهي ٿي. جڏهن توهان چوڏهين جي سڄي چنڊ کي
غور سان ڏسندائو تهان ۾ هيءَ کلندي ڳائيندي نظر
ايندو.
آئون مرڻ چاهيان ٿو
”هيڏانهن! او ڇوڪر! تون هن شهر ۾ رهين ٿو.“
اجنبيءَ پڇيو.
”هائو. ۽ تون ڪير آهين ۽ ڇا ٿو چاهين؟“ ڇوڪريءَ
پڇيو.
”منهنجو نالو ڪارلو آهي. آئون بار سلونا (اسپين)
کان آيو آهيان.“ اجنبي وراڻيو.
”بار سلونا؟ اهو ته تمام پري آهي. تمام پري.“
”ها. بلڪل صحيح ٿو چوين. آئون هڪ همراهه جي ڳولا ۾
هتي آيو آهيان. هو جهور پوڙهو آهي.“ ڪارلو چيو.
”هن ڳوٺ ۾ ته ڪيترائي پوڙها آهن.“ ڇوڪري چيو.
”هي پوڙهو سڀني کان وڌيڪ پوڙهو آهي. ماڻهو ٻڌائين
ٿا ته هي هرگز نٿو مري. هو مري نٿو سگهي....“
”اها ڳالهه ڪر. هاڻ هن کي مون سڃاتو. هو هن ٽڪريءَ
جي چوٽيءَ تي رهي ٿو. هو سامهون هڪ ننڍڙو گهر ڏسين
پيو؟ هائو.... اهوئي. ڏس. هڪ مائي ان گهر ۾ گهڙي
رهي آهي.
”اها ڪير آهي؟“ ڪارلو پڇيو.
”اها هن ڳوٺ ۾ ئي رهي ٿي. هوءَ ان پوڙهي لاءِ
روزانو ماني کڻي ويندي آهي. هو تمام گهڻو پوڙهو ۽
بيمار آهي. هن جي ڪابه زال، ٻار يا دوست نه آهن.
اهي سڀ ڪڏهوڪو مري ويا. سڀ جا سڀ هاڻ ڪير نه رهيو
آهي.“ ڳوٺ جي ڇوڪر ٻڌايو.
”مون کي هن وٽ ضرور وڃڻ کپي.“ ڪارلو چيو.
”نه. بهتر آهي ته هن وٽ نه وڃ، اجنبي!“ ڇوڪر ڇيو.
ڪارلو پٺيان مڙي ڇوڪر کي ڏٺو.
”ڇو ڀلا؟“
”ان لاءِ جو هي پوڙهو ماڻهو اسان وانگر ناهي. هو
نه ته اسان وانگر ڳالهائي سگهي ٿو ۽ نه هن کي اسان
جي ٻولي سمجهه ۾ اچي ٿي. هو اسان کي هر وقت ڪجهه
ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر اسان کي سندس اکر به
سمجهه ۾ نٿو اچي. هو اها ساڳي ڳالهه ذري ذري
ورجائيندو رهي ٿو.“
”مون کي هن سان ضرور ملڻ کپي، نوجوان ڇوڪرا.“
ڪارلو پڪي ارادي سان چيو.
ڪارلو ان ٽڪريءَ ڏي روانو ٿي ويو جتي هن پوڙهي
ماڻهوءَ جو گهر هو. هن وٽ پهچڻ تي هن ڏٺو ته ان جو
اڳيون در کليل هو سو هي اندر گهڙي ويو. اندر گهڙڻ
سان سامهون کيس هڪ ماڻهو نظر آيو. هي بيحد پوڙهو،
ڏٻرو ۽ بيمار نظر اچي رهيو هو.
”آئون توسان ڳالهائڻ چاهيان ٿو،“ ڪارلو چيس، ”آئون
اندر اچي سگهان ٿو؟“
پوڙهي ماڻهوءَ ڪجهه ڳالهايو پر اهي لفظ ان اسپيني
زبان جا نه هئا جيڪا بارسلونا ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
اهي هڪ تمام قديمي زبان جا هئا.
ڪارلو هن جي سامهون ٿي بيٺو ۽ پوءِ هن ساڳي پراڻي
ٻوليءَ ۾ ’هيلو‘ چئي کيڪار ڪيس.
اهو ٻڌي پوڙهي ماڻهوءَ جي اکين مان خوشيءَ وچان
ڳوڙها ڳڙي آيا.
”تون منهنجي زبان ڳالهائي سگهين ٿو! تون منهنجي
ڳالهه سمجهي سگهين ٿو!“ پوڙهي پڇيو.
”هائو،“ ڪارلوس وراڻيس، ”آئون توکي سمجهي سگهان
ٿو، ڇو جو تعليم دوران آئون جهونين زبانن جو شاگرد
هوس، پر مون کي اهو ته ٻڌاءِ توکي اها زبان ڪيئن
اچي ٿي. اها زبان ته ايڏي پراڻي آهي جو اڄڪلهه ان
کي ڪير به نٿو ڳالهائي.“
”ان لاءِ توکي منهنجي ڪهاڻي ٻڌڻي پوندي.“ پوڙهي
ماڻهوءَ جهيڻي آواز ۾ چيو.
”آئون پنهنجي وقت جو وڏو امير ماڻهو هوس. مون کي
پنهنجي زندگيءَ سان ۽ دولت سان پيار هو. هڪ ڏينهن
منهنجي گهر ۾ هڪ ماڻهو آيو.
’ٻاهر مينهن پيو پوي،‘ هن چيو، ’آئون سڄو پسي ويو
آهيان ٿڌ ڪري ڏڪي به رهيو آهيان. آئون اندر اچي
سگهان ٿو؟‘
’هائو،‘ مون وراڻيومانس ۽ ماڻهو اندر گهڙي آيو.
اندر اچي گهر جي هر هڪ خوبصورت شيءِ کي هن غور سان
جانچيو.
’تون شاهوڪار ماڻهو آهين،‘هن چيو، ’تو وٽ دنيا جي
هر شيءِ آهي.‘
’نه. نه‘ مون هن کي چيو. ’تون غلط آهين. هر شيءِ
نه اٿم.‘
’ڇا ڀلا تو وٽ نه آهي؟’ هن پڇيو.
’مون کي وڏي ڄمار کپي. آئون هميشه لاءِ جيئڻ گهران
ٿو. آئون مرڻ نٿو چاهيان.‘
’آئون توکي وڏي ڄمار ڏئي سگهان ٿو. پر ڇا توکي پڪ
آهي ته حياتي ملڻ تي تون خوش رهي سگهندين؟ ڇا توکي
واقعي ڊگهي حياتي کپي؟‘
’ها، مون کي بلڪل کپي‘، مون هن کي جواب ڏنو.
’آئون هن ڪتاب تي ڪجهه لفظ لکان ٿو. هر شيءِ فنا
ٿيڻي آهي. پر تون تيستائين جيئرو هوندين جيسين
هيءَ منهنجي لکڻي ۽ ڪتاب سلامت هوندو. ان کان اڳ
تون مري نه سگهندين. هاڻ هي ڪتاب ڪٿي پري سوگهو
ڪري رک. اهو تنهنجي زندگي آهي.‘
آئون نوجوان هوس ۽ مون ان وقت سدائين لاءِ جيئڻ
چاهيو ٿي. سو ان ڪتاب کي پري حفاظت سان ڪري رکيم.
۽ پوءِ آئون جيئرو رهيس.... سالن جا سال.... ۽
سال. ۽ هينئر تنهنجي سامهون آهيان- اڃا تائين
جيئرو جاڳندو. منهنجا سڀ مٽ مائٽ ۽ دوست يار مري
چڪا آهن. آئون ايڏو ته پوڙهو ٿي چڪو آهيان جو هاڻ
نه ته هلي سگهان ٿو ۽ نه ڪرسيءَ تان اٿي سگهان ٿو.
آئون هاڻ مرڻ چاهيان ٿو پر مري به نٿو سگهان. آئون
ڳالهائڻ چاهيان ٿو پر جهوني جڳ جي ماڻهن مان اڄ
ڪوبه جيئرو ناهي جيڪو منهنجي زبان سمجهي. ڪوبه
مونسان ڳالهه نٿو ڪري سگهي، اڄ تو اچي ڳالهايو
آهي. ڪوبه ماڻهو منهنجي مدد نٿو ڪري سگهي. آئون
مرڻ چاهيان ٿو. مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪر!“
”پر ڪهڙيءَ طرح؟“ ڪارلو چيو.
”اهو جهونو ڪتاب مون کي هڪدم آڻي ڏي. اهو ڪتاب
باغيچي جي ڪنڊ واري ڪمري ۾ آهي. مهرباني ڪري اهو
ڪتاب ان ڪمري جي ڪٻٽ مان کڻي اچ ۽ هينئر جو هينئر
ان کي باهه ۾ وجهي ٻاري ساڙي ڇڏ.“
ڪارلو ان ڪمري ڏي هليو ويو ۽ ٿوري دير بعد اهو
ڪتاب کڻي آيو. پوڙهي ماڻهوءَ هن کان ڪتاب وٺي باهه
۾ اڇلايو.
۽ پوءِ ٻئي ڄڻا ان ڪتاب کي باهه ۾ سڙندو ڏسڻ لڳا.
”ڏس ڪتاب سڙي رهيو آهي!“ ڪارلو چيو.
”هائو، هاڻ آئون بيحد خوش آهيان.“ پوڙهي ماڻهوءَ
چيو.
”مهرباني تنهنجي،“ پوڙهي ماڻهوءَ ڊگهو ساهه کڻي
ڪارلو کان موڪلايو، ”منهنجي ڊگهي زندگيءَ جي پڄاڻي
ٿي رهي آهي ۽ آئون بيحد خوش آهيان.“
گڏهه جي ڪنن وارو شهزادو
گهڻو گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ولايت ۾ هڪ
بادشاهه رهندو هو. هن کي مال ملڪيت ته اڻ ميو هو
پر ڪوبه اولاد نه هوس. هن کي ٻارن سان بيحد گهڻو
پيار هو ۽ هن چاهيو ٿي ته هن کي به ڪو ٻار هجي
جيڪو سڄي محلات ۾ کيڏندو رهي. آخر ٻيو ڪو چارو نه
ڏسي هن پرين کان مدد وٺڻ چاهي. هن کي ڪنهن ٻڌايو
ته ان ڏس ۾ تنهنجي مدد پريون ئي ڪري سگهن ٿيون،
جيڪي جهنگل ۾ رهن ٿيون.
آخر هڪ ڏينهن هو تيار ٿي پرين سان ملڻ لاءِ جهنگل
۾ پهتو. اتي جهنگل ۾ رهندڙ ٽئي پريون هن سان مليون
۽ هن ساڻن پنهنجي دل جو حال اوريو. پرين هن جي سڄي
ڳالهه غور سان ٻڌي، پوءِ اها خوشخبري ٻڌائي ته کيس
سال جي اندر اندر هڪ شهزادو ڄمندو.
بادشاهه اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. پنهنجي محلات ۾
پهچڻ سان پنهنجي راڻيءَ کي پهرين اها ڳالهه ٻڌائي
ان بعد سڄي ملڪ ۾ خوشيون ملهايون ويون. پوءِ پوري
هڪ سال هڪ ڏينهن بعد بادشاهه سلامت جي گهر ۾ هڪ پٽ
ڄائو. رات جو ٽئي پريون مبارڪ ڏيڻ آيون ۽ هر هڪ
پريءَ شهزادي لاءِ تحفو ڏنو.
پهرين پريءَ چيو: ”تون دنيا جو سڀ کان سهڻو شهزادو
ٿيندين.“
ٻي پريءَ چيو: ”تون دنيا جو سڀ کان گهڻو عقلمند ۽
نيڪدل شهزادو ٿيندين.“
ٽين پريءَ سوچيو ته پهرين ۽ ٻي پريءَ دنيا جون
تمام خوبيون هن شهزادي کي ڏئي ڇڏيون آهن. ائين نه
ٿئي ته هي وڏو ٿي مغرور ٿئي. سو هن ڪجهه دير سوچي
سوچي پوءِ دعا بدران بددعا ڏني: ”شهزادا تنهنجا ڪن
گڏهه جي ڪنن جهڙا وڏا ٿيندا. جيئن تون مغرور نه ٿي
وڃين.“ ان بعد ٽئي پريون غائب ٿي ويون.
شهزادو وڏو ٿي واقعي گهڻو خوبصورت، عقلمند ۽ نيڪدل
ٿيو. پر انهن مڙني ڳالهين سان گڏ گڏ هن ۾ هڪ عجيب
ڳالهه به ٿي. هن جا ڪن گڏهه جي ڪنن جهڙا ڊگھا ۽ بي
ڊولا ٿي پيا. بادشاهه ان ڊپ کان ته ڪٿي ماڻهن کي
معلوم نه ٿي وڃي ته هن جي پٽ جا گڏهه جي ڪنن جهڙا
ڪن آهن، ڪيترن ڏينهن تائين شهزادي جي حجامت ئي نه
ڪرائي. پر هڪ نه هڪ ڏينهن ته هن جي حجامت ٿيڻي
هئي.
آخر وڏي سوچ ويچار کان پوءِ بادشاهه هڪ حجام
گهرايو ۽ هن کي محلات ۾ ٽڪڻ لاءِ ڪمرو ڏئي ڇڏيو.
هن جو ڪم فقط اهو هو ته هو شهزادي جا وار ڪتري ۽
ان جي هو ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪري ته شهزادي جاڪن
بيڊولا ۽ ڊگھا آهن.
حجام محلات ۾ مفت جي رهائش ۽کاڌو پيتو حاصل ڪري
ڏاڍو خوش ٿيو. هن بادشاهه سلامت سان واعدو ڪيو ته
اها راز جي ڳالهه هو دل ۾ ئي رکندو ۽ هو ڪنهن به
بني بشر سان شهزادي جي ڪنن جي ڳالهه نه ڪندو.
حجام ڪجهه عرصي لاءِ ته ماٺ ماٺ ۾ گذر ڪندو رهيو
پر دل ۾ سانڍيل اهو راز هن جي سيني تي پٿر وانگر
ڳرو ٿيڻ لڳو. هن کي هر وقت عجيب مونجهه ۽ بار
محسوس ٿيڻ لڳو. هن چاهيو ٿي ته ڪنهن سان ا هو راز
کولي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري.
آخر هڪ ڏينهن تمام گهڻو تنگ ٿي هو هڪ فقير وٽ ويو
۽ هن سان سڄي ڳالهه ڪئي. فقير کيس چيو ته هينئن ڪر
جو جهنگل ۾ هليو وڃ اتي هڪ وڏو کڏو کوٽي ان کي سڄي
ڳالهه ٻڌائي ڇڏ. اهڙي طرح تنهنجي دل جو بار هلڪو
ٿي ويندو.
حجام جهنگل ۾ پهچي فقير جي چوڻ مطابق هڪ وڏو کڏ
کوٽيو پوءِ ان ۾ منهن وجهي سڄو راز ٻڌايو. ان
کانپوءِ هن جي دل جو بار واقعي هلڪو ٿي ويو ۽ هو
خوش پاش محلات ۾ واپس پهتو.
هاڻ هڪ عجيب ڳالهه رونما ٿي. جتي حجام کڏو کوٽيو
هو اتي هڪ ڪانڍيري جو وڻ ڦٽي پيو ۽ اهو وڻ ڏينهون
ڏينهن ويو وڏو ٿيندو. هڪ ڏينهن هڪ جوڳي فقير اتان
اچي لنگهيو. هن هيڏو وڻ جو ڏٺو سو ان کي وڍي ان
مان هڪ بانسري ٺاهي جڏهن هن انکي وڃايو ته هن مان
آواز نڪتو.
ٻڌو هڪ ڳالهه سڀ انسانو ۽ جن
شهزادي کي اٿانوَ گڏهه جا ڪن.
ان بعد جوڳي فقير جتي به ۽ جڏهن به بانسري وڄائڻ
لڳو ته منجهانئس ساڳيو آواز نڪرڻ لڳو:
”ٻڌو هڪ ڳالهه سڀ انسانو ۽ جن
شهزادي کي اٿانوَ گڏهه جا ڪن.“
بادشاهه کي اهو ٻڌي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هن سوچيو ته
جوڳي فقير کي اها ڳالهه سواءِ حجام جي ڪو ٻيو
ٻڌائي نٿو سگهي. بادشاهه هڪدم پنهنجن سپاهين کي
حڪم ڪيو ته محلات ۾رهندڙ حجام جو هڪدم ڪنڌ ڪپيو
وڃي.
بادشاهه جي اها ڳالهه ٻڌي شهزادو اڳيان وڌيو ۽ هٿ
ادب جا ٻڌي پنهنجي پيءُ بادشاهه سلامت کي عرض ڪيو:
”سائين منهنجا، توهان ويچاري غريب حجام کي سزا ڇو
ڏيئي رهيا آهيو؟ هن جي ڳالهه ڪئي به آهي ته اها
سچي ڳالهه ڪئي آهي. هڪ حقيقت کي لڪائڻ مان ڇا
فائدو. جيڪا شيءِ توهان ماڻهن کان هيترو وقت لڪائي
رکي، اها هاڻ عوام کي ڏيکارڻ ئي بهتر آهي. خدا جي
گهريو ته مون ۾ ان عيب هجڻ جي باوجود به آئون
پنهنجي رعيت جو پيارو بادشاهه ثابت ٿيندس.“ اهو
چئي شهزادي پنهنجي ٽوپي لاهي ڇڏي.
بادشاهه جي اکين۾ ڳوڙها تري آيا ۽ هن حجام کي ان
ئي وقت معاف ڪري ڇڏيو. ان ئي وقت هڪ عجيب ڳالهه
ٿي. شهزادي جا گڏهه جي ڪنن جهڙا ڪن هڪدم غائب ٿي
ويا ۽ هن جي جاءِ تي انسانن جي ڪنن جهڙا ڪن اچي
ويا.
اصل ۾ ڳالهه هيءَ ٿي ته شهزادي جي سچائي ۽ نيڪيءَ
جي ٽين پرين کي خبر پئجي وئي ته هي شهزادو مغرور
نه ٿيندو. انڪري هن پنهنجي بددعا واپس وٺي ڇڏي.
شينهن ۽ ٻڪري
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ پوڙهي ٻڪري پنهنجي ڌڻ
کان جدا ٿي وئي. شام ٿي چڪي هئي ۽ هاڻ آهستي آهستي
رات جي اونداهي ڇائنجي رهي هئي. ٻڪريءَ کي تمام
پري هڪ ڏورانهين ڳوٺ ڏي وڃڻو هو پر هاڻ ههڙي
اونداهه ۾ هوءَ اڪيلي سر وڃي نٿي سگهي. هن ڪٿي
ويجهڙائيءَ ۾ ئي رات گذارڻ جو فيصلو ڪيو.
هوءَ ٿورو اڳتي هلي ته هن کي هڪ غار نظر آئي.
ٻڪريءَ ان غار ۾ لڪي رات گذارڻ چاهي ٿي. هوءَ ان
غار ۾ اندر هلي وئي.
ان غار ۾ هڪ خوفناڪ شينهن پڻ رهيو ٿي. شينهن کي
ڏسي ٻڪريءَ جو ته ساهه ئي سڪي ويو. هوءَ نه ته ڀڄي
سگهي ٿي ۽ نه وري شينهن سان وڙهي سگهي ٿي. ايتري ۾
هن جي دماغ ۾ هڪ اٽڪل اچي وئي. هن وڏي آڪڙ مان
پنهنجو ڪنڌ اڀو ڪري، شينهن جي اکين ۾ اکيون ملائي
هن کي ڪاوڙ مان گهورڻ لڳي.
شينهن جو اهو لقاءُ ڏٺو ته هن کي پنهنجين اکين تي
يقين ئي نه آيو. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به جانور کي
اها همت نه ٿي جو هن جي غار جي ٻاهران به لنگهي
سگهي سو اڄ ٻڪريءَ جهڙي جانور رات جي وقت اندر غار
۾ گهڙي اچڻ جي همت ڪيئن ڪئي ۽ سو به وڏي رعب تاب
سان. شينهن ڪا دير ته هن ٻڪريءَ کي وائڙن وانگر
ڏسندو رهيو. پوءِ چيو:
”تون ڪير آهين ۽ هتي ڪيئن آئي آهين؟“
”آئون ٻڪرين جي راڻي آهيان. مون قسم کاڌو آهي ته
هڪ سؤ چيتا، پنجويهه هاٿي ۽ ڏهه شينهن جيئرا چٻاڙي
کائينديس. اڃا تائين مون سؤ چيتا۽ پنجويهه هاٿي ته
کائي ورتا آهن. هاڻ ڏهه شينهن جي ڳولا ۾ آهيان.“
شينهن اهو ٻڌي ڊڄي ويو. هن سوچيو ته ٿي سگهي ٿو ته
هيءَ ٻڪري واقعي سچ چئي رهي هجي. شينهن ڏڪندي نئڙت
مان چيو: ”آئون مرڻ کان اڳ درياهه ۾ وهنجڻ چاهيان
ٿو.“
ٻڪريءَ وڏي رعب سان هن کي موڪل ڏيندي چيو: ”چڱو
وڃ. جلدي وهنجي صاف سٿرو ٿي اچ.“ اهو ٻڌڻ سان
شينهن گوليءَ وانگر غار مان ٻاهر نڪري ويو. رستي
تي هن کي گدڙ مليو. گدڙ شينهن جا هي حال ڏسي پڇيس:
”اي جهنگل جا راجا، تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“
شينهن وراڻيس؛ ”اڄ رات غار ۾ هڪ اهڙو جانور اچي
نڪتو آهي جيڪو لڳي ته ٻڪريءَ جهڙو ٿو پر هو شينهن
کي به کايو وڃي. آئون هن کان جان بچائي ڀڳو
آهيان.“
ڏاهو گدڙ شنيهن جي ڳالهه مان صحيح صورت جو اندازو
لڳائي ورتو ۽ کلندي شينهن کي چيو: ”اي جهنگل جا
بادشاهه توهان سان نسوروئي دوکو ٿيو آهي. آئون
سمجهي ويو آهيان ته توکي بيوقوف بنايو ويو آهي.
هاڻ هل ته واپس هلون ۽ شاندار دعوت جو مزو
ماڻيون.“
غار ۾ پهچڻ تي ٻڪريءَ جهڙو ئي شينهن ۽ گدڙ کي
ايندو ڏٺو ته هوءَ گهٻرائجي وئي ته هاڻ هن جو خير
ناهي ۽ سندس اٽڪل جا پول پڌرا ٿي ويا آهن. پر ان
هوندي به ٻڪريءَ همت نه هاري. هن ڪاوڙ واري منهن
سان گدڙ کي سخت نفرت مان گهوري ڪڙڪ آواز ۾چيو: ”اي
نادان گدڙ، مون توکي ڏهه شينهن آڻڻ لا چيو هو ۽ تو
فقط هڪ ئي آندو آهي. آئون توکي ان نافرماني جي
تمام وڏي سزا ڏيندس.“
اهو ٻڌي شينهن کي اهو خيال آيو ته گدِڙ هن سان
دوکو ڪيو آهي ۽ گدڙ هن جو همدرد هجڻ بدران هن
ٻڪريءَ سان مليل آهي. اهو سوچي شينهن کي سخت ڪاوڙ
لڳي ۽ هڪ ئي ڇلانگ ۾ گدڙ جا ٻه ٽڪر ڪري ورتا ۽
پوءِ اهڙو وٺي ڀڳو جو پٺيان مڙي به نه ڏٺائين.
شينهن جي ٽرڻ کان پوءِ ٻڪريءَ آرام سان غار ۾ سمهي
ننڊ ڪئي. هن جي دليري ۽ همت سندس جان بچائي ورتي
نه ته ان رات هوءَ شينهن جي پيٽ ۾ هجي ها. شينهن
ويچارو پنهنجي بيوقوفيءَ ۽ ڊڄڻپڻي ڪري سڄي رات
جهنگل ۾ ڀٽڪندو رهيو.
سهو ۽ لومڙي
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن لومڙي ۽ سهو
تمام گهاٽا دوست هئا. ان زماني ۾ سهي جا ڪن ننڍا ۽
پڇ ڊگهو هوندو هو. هڪ ڏينهن انهن ٻنهي مڇي ڦاسائڻ
جو پهه ڪيو. پر هنن وٽ مڇيءَ کي ڦاسائڻ لاءِ نه
ڪنڍو هو ۽ نه وري ڪا ڄار. لومڙيءَ چيو: ”ميان سها،
تنهنجو ايڏوڊگهو پڇ آخر ڪهڙي ڪم ايندو؟ هل ته هلي
ان سان مڇيون ڦاسايون.“
ٻئي ڄڻا درياهه تي پهتا. سهو درياهه جي ڪناري تي
ائين ٿي ويٺو جو سندس پڇ پاڻيءَ اندر هليو ويو.
هاڻ هو ان ڳالهه جو انتظار ڪرڻ لڳو ته جيئن ئي ڪا
مڇي هن جي پڇ کي جهلي ته هو هن کي ٻاهر ڇڪي وٺي.
چالاڪ لومڙي ڪناري کان ٿورو پرتي آرام سان ويٺي
هئي.
ٿوري دير کانپوءِ سهي کي ڪجهه ائين معلوم ٿيو جيئن
ڪنهن هن جي پڇ کي جهلي ورتو آهي. هن لومڙي کي رڙ
ڪري چيو: ”ماسي لومڙي، لڳي ٿو ته هڪ تمام وڏي مڇي
منهنجي پڇ کي چهٽي وئي آهي.“
لومڙي ڊوڙي آئي ۽ درياهه ۾ ليئو پائي چيو: ”مار!
هيءَ ته مڇي نه پر هڪ تمام وڏي ڪمي آهي. ماڳهين
اها توکي درياهه ۾ نه ڇڪي وڃي.
”هاڻ ڇا ٿيندو؟ مونکي بچاءِ نه ته آئون مري ويندس.
منهنجا پير پيا ترڪن. اجهو ته پاڻيءَ ۾ ڪريس“. سهي
دانهون ڪيون.
لومڙي بل ڏئي سهي جي ڪنن کي کڻي جهليو ۽ پاڻ ڏي
ڇڪڻ لڳس. هوڏانهن پوري زور سان ڪمي سهي جو پڇ پاڻ
ڏي ڇڪڻ لڳي ۽ هيڏانهن لومڙيءَ ڪنن کان جهلي سهي کي
پاڻ ڏي ڇڪڻ لڳي. آخر لومڙيءَ سهي کي پاڻيءَ کان
ٻاهر ڪڍي ورتو پر هي ڇا ٿي ويو؟ سهي جا ڪن، ڇڪڻ
سان، تمام ڊگها ٿي وياهئا ۽ هوڏانهن ڪمي سندس اڌ
کان وڏو پڇ چڪ هڻي کڻي وئي.
پوءِ ته ان ڏينهن کان سهي جاڪن ڊگها ۽ پڇ ننڍو ٿي
ويو. پر ان مان سهي کي اهو فائدو ضرور ٿيو ته هو
پنهنجن ڊگهن ڪنن ذريعي ڪک پن جي چرپر جو هلڪو آواز
به ٻڌي سگهيو ٿي ۽ پڇ ننڍو ٿيڻ ڪري هاڻ هوءَ
لومڙيءَ کان به تکو ڊوڙي سگهي ٿو.
ٻارهن مهينا
هڪ ڏينهن هڪ پوڙهي عورت پنهنجي ٻنيءَ مان گوبي پٽڻ
لاءِ نڪتي. رستي تي هڪ غار آئي ٿي جنهن ۾ ٻارهن
ماڻهو رهيا ٿي. انهن هن پوڙهي مائيءَ کي سڏي چيو:
”ماسي، اهو ته ٻڌاءِ ته سڀ کان سٺو مهينو ڪهڙو
آهي؟“
”سڀيئي مهينا سٺا آهن، پٽ.“ پوڙهيءَ چيو. ڏس نه
جنوريءَ ۾ اڇي اڇي کير جهڙي برف وسي ٿي، فيبروري ۾
مينهوڳي رهي ٿي ۽ مارچ ۾ چوڌاري گل گلڪاري ٿيووڃي.
باقي سال جا مهينا به تمام سٺا آهن.“
”ماسي، تو اسان سڀني جي تعريف ڪئي. ان ڪري اسان
توکي انعام ڏيڻ چاهيون ٿا. توکي خبر آهي ته اهي
ٻارهن مهينا اسين آهيون.“
هنن پوڙهيءَ جي ڇٻڙي ۾ سونين گنين جو ڍير وجهي
ڏنو. پوڙهيءَ هنن جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي گهر ڏي
رواني ٿي. گهر پهچي هن پنهنجن ٻارن کي سونيون
گنيون ڏيکاريون۽ هنن کي چيو: ”هاڻ پاڻ تمام گهڻو
شاهوڪار ٿي وينداسين. ڏسو ته مون ڪيترو سون آندو
آهي.“
ان وقت پوڙهيءَ جي هڪ پاڙيسري اتي اچي نڪتي. هن جو
سون جون ايتريون گنيون ڏٺيون ته هن جون اکيون ئي
ڦاٽي ويون. مائيءَ هن کي ٻارنهن مهينن جي مٿان کان
وٺي ڳالهه ٻڌائي.
پوڙهيءَ جي پاڙيسرياڻي تمام لالچي هئي.هو ان ئي
وقت ڊوڙندي ڊوڙندي غار جي منهن وٽ پهتي جتي اهي
ٻانهن ماڻهو رهيا ٿي. هنن هن کي به اندر سڏيو ۽
کانئس پڻ ساڳيو سوال پڇيو: ماسي سڀني ۾ ڪهڙو مهينو
سٺو آهي؟“
پاڙيسرياڻيءَ چيو: ”سچ جي پڇو ته حقيقت ۾ ڪوبه
مهينو سٺو ناهي. ڏسو نه، جنوريءَ ۾ برف پوي ٿي،
فيبروري ۾ مينهن وسي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح هر مهيني ۾
ڪانه ڪا مصيبت نازل ٿئي ٿي.“
”تنهنجي وڏي مهرباني، ماسي. پنهنجي ٿيلهي ڏي ته ان
۾ توکي انعام طور ڪجهه وجهي ڏيون.
ٻارهن مهينن هن پاڙيسرياڻيءَ جي ٿيلهي ڀري مٿان
پنن سان ڍڪي ڏني. هوءَ پوءِ پنهنجي ٿيلهي کڻي گهر
ڏي رواني ٿي. سڄي واٽ سوچيندي آئي ته گهر پهچي ڏسي
ته ٻارهن مهينن هن کي ڇا ڏنو آهي.
جڏهن هوءَ گهر پهتي ته ٻارن کي چيو: ”هاڻ پاڻ به
هن پوڙهي وانگر شاهوڪار ٿي وينداسين.“ اهو چئي هن
پنهنجي ٿيلهي ميز تي اونڌي ڪئي پر ٿيلهيءَ مان
سونيون گنيون نڪرڻ بدران رڳو ڀتر ۽ پٿريون نڪتيون.
پاڙيسرياڻيءَ کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي ۽ ڊوڙندي
ڊوڙندي پوڙهي وٽ پهتي.
پوڙهيءَ پڇيس: ”جڏهن هنن ٻارهن ماڻهن توکان اهو
پڇيو ته سڀ ۾ سٺو مهينو ڪهڙو آهي ته تو ڇا جواب
ڏنو؟“
”مون ته صاف صاف چيو مان ته مئا ڪوبه مهينو سٺو نه
ٿيندو آهي.“ پاڙيسرياڻيءَ چڙ مان ٻڌايو.
”پوءِ ته بلڪل صحيح آهي. توسان ائين ئي ٿيڻ کپندو
هو. ڀلا ڪير پنهنجي گلا ٻڌي انعام ڏيندو.“
ماڪ جي ڦُڙن جو تاج
فلپين جي ڪنهن ٻيٽ جي ڪنهن بادشاهه کي اولاد ۾ فقط
هڪ ئي ڌيءَ هئي. هو تمام گهڻو ضدي هئي. هڪ ڏينهن
هوءَ صبح جو سوير باغ ۾ پسار ڪرڻ لاءِ نڪتي ته هن
کي گلن ۽ پنن تي ماڪ جا ڦڙا چمڪندي نظر آيا. ماڪ
جا هي ڦڙا انهن هيرن کان وڌيڪ چمڪندڙ ۽ سهڻا لڳي
رهيا هئا، جيڪي شهزاديءَ وٽ هئا.
شهزادي سڌي محل ڏي موٽي ۽ بادشاهه کي چيو: ”مون کي
ماڪ جي ڦڙڻ جو هڪ تاج ٺهرائي ڏي. جيستائين مون کي
تاج نه ملندو، آئون نه کائينديس نه پيئنديس.“ اهو
چئي شهزادي ڪمري جو دروازو بندڪري ڇڏيو ۽ چادر ڍڪي
پلنگ تي سمهي رهي.
بادشاهه سمجهيو ٿي ته ماڪ جي ڦڙن مان تاج ٺهي نٿو
سگهي. تنهن هوندي به هن پنهنجي لاڏلي ڌيءَ جو ضد
پورو ڪرڻ لاء شهر جي سڀني سونارن کي پاڻ وٽ گهرايو
۽ انهن کي چيو ته ٽن ڏينهن اندر ماڪ جي ڦڙن جو تاج
ٺاهي منهنجي اڳيان حاضر ڪريو نه ته توهان کي سخت
سزا ڏني ويندي. ويچارا سونارا منجهي پيا ته ماڪ جي
ڦڙڻ جو تاج ڪيئن ٺاهجي.
انهن سونارن ۾ هڪ پوڙو سونارو تمام گهڻو عقلمند
هو. سوچي سوچي هن جي دماغ ۾ هڪ اٽڪل آئي. هو ٻئي
ڏينهن صبح جو بادشاهه جي محل جي دروازي تي آيو ۽
سپاهين کي چيو ته هو شهزاديءَ جو تاج ٺاهڻ آيو
آهي. سپاهي هن کي شهزاديءَ وٽ وٺي ويا. پوڙهي
سوناري شهزاديءَ کي جهڪي سلام ڪيو ۽ چيو: ”شهزادي
صاحبا، آئون توهان جو تاج ٺاهڻ آيو آهيان پر
منهنجو هڪ ننڍڙو عرض آهي.“
”پوڙها سونارا وڏي دل ڪري ٻڌا ته تون ڇا ٿو چوڻ
چاهين؟“ شهزاديءَ چيو.
سوناري چيو: ”توهان باغ ۾ هلي مون کي ماڪ جا اهي
ڦڙا کڻي ڏيو جن جو توهين تاج ٺهرائڻ چاهيو ٿيون.
جيڪي جيڪي ڦڙا توهين پسند ڪري مون کي ڏينديون انهن
جو ان ئي وقت توهان کي تاج ٺاهي ڏيندس.“
شهزادي سوناري سان گڏ باغ ۾ وئي. گلن ۽ پنن تي ماڪ
جا هيرن جهڙا ڦڙا چمڪي رهيا هئا پر شهزاديءَ جنهن
ڦڙي کي به هٿ ٿي لاٿو ته هن جي آڱر تان پاڻيءَ
وانگر وهي ٿي ويو.
اهو لقاءَ ڏسي شهزاديءَ کي پنهنجي غلطي جو احساس
ٿيو ۽ پوڙهي سوناري کان معافي وٺي- دل ئي دل ۾ پڪو
پهه ڪيو ته هوءَ هاڻ آئيندي ڪڏهن به اهڙو ضد نه
ڪندي. |