بهرحال ٻائي جي دل تي اهڙو خوف ۽ هراس اچي ويٺو جو
هن اهوئي بهتر سمجهيو ته هاڻ ڪٽليءَ کي ڪنڀار جي
حوالي واپس ڪجي. سو ماڻهو اماڻي هن ڪنڀار کي پاڻ
وٽ گهرايو ۽ کيس سڄو احوال ٻڌائي پوءِ عرض ڪيو ته
هو پنهنجي ڪٽلي واپس کڻي وڃي.
”واهه واهه تنهنجي معنى ته هيءَ ڪٽلي اهڙي تهڙي
عام شيءِ نه پر تمام گهڻي اهميت واري آهي.“ ڪنڀار
چيو ۽ ڪٽليءَ کي وڏي خيال ۽ خبرداريءَ سان ڪپڙي ۾
ويڙهي گهر ڏي روانو ٿيو.
رات ٿي ته سندس زال سمهڻ جا پٽ تي تڏا وڇايل ۽
سمهڻ کان اڳ ڪنڀار ان ڪٽليءَ کي پنهنجي وهاڻي
ڀرسان رکيو. آڌي رات جوڪنڀار جي اک کلي ته ڪنهن
جوآواز ڪن تي پيس.
”ڪنڀار سان (سائين)، ڪنڀار سان (سائين)، منهنجي
ڳالهه ٻڌ!“ ڪنڀار ننڍاکڙين اکين کي مهٽيندي ڪٽليءَ
ڏي ڏٺو ته اها ڦري سندس دوست نوريئڙي جهڙي ٿي پئي
هئي.
”ڪنڀار سائين منهنجي وقتائي بچاءَ لاءِ آئون توهان
جو ايڏو ته ٿورائتو ٿيس.“ ننڍڙي جيتامڙي چيو، ”جو
مون تنهنجي ڪنهن نموني سان مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ان ڪري پنهنجوروپ بدلائي چانهه جي ڪٽلي ٿي تنهنجي
ڇٻيءَ ۾اچي لڪيس. مون اهوئي سوچيو ته تون مون کي
وڪڻي چار ڏوڪڙ ڪمائي سگهندي. پر تون ايڏي ته وڏي
دل وارو سخي مڙس آهين جو مون کي وڪڻڻ بدران مندر ۾
ٻائي جي حوالي کڻي ڪيو. پر مون اهوچاهيو ته آئون
تنهنجي ڪم اچان. انڪري مون اها اٽڪل سوچي ته ٻائي
کي ڊيڄاريان ته جيئن هو مونکي توڏي وري واپس ڪري.“
نوريئڙي جهڙي ڪٽليءَ ڪلهن کي لوڏيندي چيو: ”آخري
ڏينهن سڪون سان گذارڻ لاءِ مون به مندر وسائڻ جو
سوچيو آهي پر تيستائين پهچڻ کان اڳ پاڻ ٻئي گڏجي
گهڻو ڪي ڪجهه ڪري سگهون ٿا. تون منهنجي ڳالهه مڃي
هڪ جادوئي ڪرتب گهر کول جنهن ۾ منهنجا کيل تماشا
ماڻهن کي ڏيکاري گهڻو ڪي ڪجهه ڪمائي سگهين ٿو.
يقين ڪر مون ۾ تمام گهڻو هنر آهي.“
ان بعد نوريئڙي ڪٽلي ٿي اهڙا ته وٺي ٺينگ ٽپا۽
ڪرتب شروع ڪيا جو ڪنڀار سوچڻ لڳو ته ’واقعي
نوريئڙي جي ڳالهه صحيح آهي ته آئون هن ڪٽليءَ
ذريعي چڱوخاصو ڪمائي سگهان ٿو.‘
پوءِ ته ٻئي ڏينهن کان ئي ڪنڀار ماڻهن کي تماشا
ڏيکارڻ لاءِ هڪ تنبو ۽ اسٽيج جو بندوبست ڪيو جنهن
تي هو چڙهي ڪٽليءَ کي تماشا ڪرڻ لاءِ چئي سگهيو
ٿي. تنبوءَ جي ٻاهران اشتهار خاطر وڏن اکرن ۾
لکرايو.
’جيئري جاڳندي ڪٽلي‘
دنيا جي بهترين ڪٽلي جيڪا نچي ڏيکاري ٿي ۽ رسيءَ
تي اٿرپٿر هلي سگهي ٿي.‘
اها ڳالهه هوا جي جهوٽي وانگر جهرجهنگ ۽ اوسي پاسي
جي ڳوٺاڻن تائين پهچي ويئي ۽ اهڙي عجيب شيءِ ڏسڻ
لاءِ ماڻهن جا ميڙ، ميلن جا ميل ڪهي، ٽڪيٽ وٺي ڏسڻ
لڳا. ڪٽلي هرروز اهڙا ته ڪرتب ۽ تماشا ڪندي هئي جو
ماڻهو وائڙا ۽ حيران ٿي ويندا هئا. ماڻهن جي گپا
گيهه کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنڀار هڪ دفعي بدران ڏينهن
۾ ٻه دفعا ڪٽليءَ جو کيل ڪرڻ لڳو. ڏسندي ئي ڏسندي
جڏهن ڪنڀار وٽ گهڻي دولت گڏ ٿي ويئي ته هن هڪ
ڏينهن پنهنجي ساٿيءَ کي چيو: ”منهنجا ننڍڙا دوست!
تو اسان لاءِ ايترو گهڻو ڪيو آهي جو اسان سوچي به
نٿي سگهياسين. روزانوکيل تماشا ڏيکاري هاڻ تو ۾ به
اها طاقت نه رهي آهي ۽ جيتوڻيڪ تنهنجي جدائيءَ ڪري
اسان کي بيحد ڏک ٿيندو پر اسان جي دل ٿي چوي ته
هاڻ تون وري موٽي پنهنجي ساڳي روپ ۾ آزاد ٿي
پنهنجي زندگي گذار.
ڪنڀار ان بعد پنهنجو جادوئي گهر بند ڪري ڇڏيو ۽
ماڻهن لاءِ کيل تماشا هميشه لاءِ بند ٿي ويا.
نوريئڙي نما ڪٽلي جيڪا سچ پچ ٿڪجي پئي هئي سا هاڻ
پنهنجي اصل روپ ۾اچي نوريئڙو ٿي پيو ۽ ڪنڀار کان
موڪلايو. نوريئڙو پنهنجي رٿ تي ڏاڍو خوش هو ته هن
ڪنڀار جي احسان جو بدلو چڪايو.
واڱڻائي گدڙ
ملائيشيا جي جهنگلن ۾ رهندڙ هڪ گدڙ هڪ ڏينهن
ڪوالالمپور شهر ڏي رُخ رکيو. پر شهرجي ٻاهران ئي
همراهه ڪنهن رنگريز جي چاڙهيل واڱڻائي رنگ سان
ڀريل ٽب ۾ڪري پيو. ٻاهر نڪرڻ جي گهڻي ئي ڪوشش
ڪيائين پر ڪجهه نه وريو. نيٺ دت ماري رنگ جي ٽب ۾
ئي مئلن وانگر سمهي رهيو. صبح جودڪاندار اچي ٽپ ۾
ڏٺو ته ڪو گدڙ مئو پيوآهي. سو کيس ٽب مان ڇڪي ڪڍي
ڪجهه پري وڃي ڦٽو ڪيو. پوءِ جهڙو ئي دڪاندار پٺ
ڏني ته گدڙ کڙين تي زور رکي سڌو جهنگل ڏي وٺي ڀڳو
جتان آيو هو. رستي تي گدڙ پاڻ کي سڄو واڱڻائي ڏسي
سوچيو: هاڻ ته آئون نسروئي سهڻي رنگ جو ٿي پيو
آهيان. ڇو نه آئون ڪا اهڙي چال هلان جو منهنجي
رهڻي ڪهڻي پهرين کان آسودي ۽ خوشحال گذري سگهي.
اهو سوچي اوسي پاسي جي گدڙن کي گڏ ڪري هن تقرير
شروع ڪئي:
”منهنجا ساٿيو! منهنجي جسم جي رنگ کي غور سان ڏسو.
جهنگل جي ديويءَ پنهنجن هٿن سان مون کي هي سهڻو
رنگ بخشيو آهي جيئن آئون توهان تي حڪومت ڪريان. ان
ڪري اڄ ڏينهن کانپوءِ هن جهنگل ۾ڪابه شيءِ منهنجي
موڪل بنا نه ٿيڻ گهرجي.“
باقي گدڙن ڏٺو ته واقعي هي گدڙ هنن ۾ بلڪل نرالو
لڳي رهيو آهي. سو خوف ۽ هراس وچان سڀ باادب ٿي هيٺ
ايترو جهڪيا جو سندن ڪن وڃي زمين تي لڳا. سڀ چوڻ
لڳا: ”حاضر سرڪار. جيڪو حڪم ڪندائو اهو
مڃينداسين.“
اهڙي طرح، هي گدڙ نه فقط گدڙن مٿان پر جهنگل جي
سڀني جانورن تي راڄ ڪرڻ لڳو ۽ سڀ جانور هن جو
برابر خيال ڪرڻ لڳا. اهو ڏسي هي پاڻ کي واقعي وڏي
وٿ سمجهڻ لڳو ۽ هر وقت پاڻ کي وڏن جانورن جهڙوڪ:
شينهن، چيتن جهڙن کي ساڻ وٺي گهمڻ لڳو. پنهنجي ذات
ڀائي گدڙن ۽ ٻين ڪمزور جانورن کي ماڳهين هيٺانهون
۽ ڌڪار جي نگاهه سان ڏسڻ لڳو. ايندي ويندي مٿن پيو
ٺٺوليون ڪندو هو.
سڀ گدڙ حيرت ۽ فڪر ۾پئجي ويا ته هيءَ چڱي جٺ ٿي.
هاڻ ڪجي سو ڪجي ڇا. نيٺ هڪ پوڙهي گدڙ دلداري ڏيندي
چين: ”منهنجي ڳالهه مڃيو ۽ غم بلڪل نه ڪريو. هي
اسانجو پنهنجو نالائق گدڙ جيتوڻيڪ پاڻ کي وڏي
ڳالهه سمجهي اسانجي بيعزتي ڪندو وتي پر اسان کي به
هن جي ڪمزورين جي پوري پروڙ آهي. آئون هڪ اهڙو
سانگ ٿوڪريان جو هن جي اصليت سڀني اڳيان ظاهر ٿي
ويندي.
سڀني گدڙن خوش ٿي پوڙهي کان اهو راز پڇيو ۽ پوڙهي
گدڙ تيار ٿي ڳالهه ڪئي:
”ته منهنجا ٻچڙو،“ پوڙهي گدڙ چيو، ”جهنگل جا
خوفائتا جانور شينهن چيتا واگهو وغيره هن ڪميڻي
گدڙ جو نرالو رنگ ڏسي سمجهن ٿا ته هي ڪو گدڙ نه پر
ٻيو ڪو جانور آهي جنهن کان ڊڄڻ کپي. هاڻ انهن
جانورن کي- جن جي زور تي اسان واري گدڙ کي ڪڏ آهي
حقيقت کان آگاهه ڪرڻ جو مون وٽ هڪ سولو طريقو آهي.
اهو هي ته جيئن ئي شام ٿئي ته اچو ته گڏجي زور سان
اونايون ڏيون. اونائڻ جوآواز ٻڌي اسان وارو بيوقوف
ڀاءُ واڱڻائي گدڙ به اونائڻ شروع ڪندو جو گدڙ کڻي
پاڻ تي سونا رنگ چاڙهي يا سونا ڳهه ڳٽا پائي پر
اصل ۾ رهندو ساڳيو ئي گدڙ. ۽ گدڙ اهڙي ذات آهي جو
مري پوي پر اونائيءَ جو جواب ضرور ڏئي. ڇوجوڪوبه
پنهنجي اصلي عادت ڇڏي نٿو سگهي. ڪتو کڻي بادشاهه
ٿي پوي ته به بک لڳڻ تي ٻئي جا پير چٽيندو.
وتندو.“
مڙني گدڙن کي اها ڳالهه بيحد وڻي ۽ رات ٿيڻ تي
سڀني وٺي زوز سان اونايو اونائيءَ جو آواز ٻڌائي
واڱڻائي گدڙ- جيڪو شينهن، هاٿين ۽ چيتن جهڙن
جانورن جي وچ ۾ پڏڻ ٿيو ويٺو هو، مجبور ٿي ويو ۽
موٽ ۾ پاڻ به وٺي اونائڻ لڳو. اهو لقاءَ ڏسي
چوڌاري ويٺل جانور سمجهي ويا ته ماجرا ڇا آهي. ڀر
۾ بيٺل چيتي ته نڪا ڪئي هم نڪا تم. واڱڻائي گدڙ کي
به ٽي چنبا هڻي يڪدم چيري ڦاڙي رکيو.
انهيءَ ڪري سياڻا چوندا آهن ته اهي بيوقوف جيڪي
پنهنجن جو ساٿ ڇڏي دشمنن سان وڃي ٿا ملن، انهن جي
اجها اها پڇاڙي ٿي ٿئي.
گنو ۽ ڪويو جو کوهه کوٽڻ
ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته انڊونيشيا ۾ گنو ۽
ڪويو نالي ٻه همراهه رهندا هئا. ٻئي ڄڻا محنت ڪري
پئسو ڪمائڻ جي ڪوشش ته گهڻيئي ڪندا هئا پر ويچارا
ڪڏهن به ڪامياب نٿي ٿيا.
هڪ ڏينهن گنوءَ ۽ ڪويوءَ هڪ کوهه کوٽڻ جوسوچيو
جيئن هو پنهنجي فصل لاءِ گهربل پاڻي حاصل ڪري
سگهن. ان خيال کان هنن هيڏانهن هوڏانهن کوهه کوٽڻ
لاءِ بهتر جاءِ جي ڳولا شروع ڪئي ۽ آخرڪار ڪويو ۽
سارين جي واري پوک وٽ هنن کوهه لاءِ کوٽائي شروع
ڪئي.
ٻئي ڄڻا سڄو ڏينهن کوهه جي کوٽائي ڪندا هئا. پهرين
گنو هيٺ کڏ ۾ لهي مٽيءَ سان تغاريون ڀري مٿي ڪويو
کي ڏيڻ لڳو. ان بعد ڪويو هيٺ لهي وارو وٺرايو. سج
لٿي تائين هيٺ چڱو وڏو کڏو ٻنهي ڄڻڻ گڏجي کوٽي
ورتو ۽ هڪ ٻئي جي ڪم تي خوش ٿيڻ لڳا.
”پاڻ ٻنهي ڄڻن گڏجي ڪم جو چڱو اُڪلاءُ ڪري ورتو.“
گنوءَ خوشي منجهان مرڪندي چيو، ”سڀاڻي پنهنجي گهرج
کان به وڌيڪ پاڻي هوندو.“
”ها، اها ڳالهه آهي،“ ڪويو وراڻيو، ”پر هاڻ هلو ته
گهر هلون جو انداهه ٿي رهي آهي. ٿڪ ۽ بک ڪري حالت
خراب ٿي پيئي آهي.“
اهو سوچي هو جهڙو ئي کوٽيل کوهه کان ٿوروپري ٿيا
ته سندن نظر مٽيءَ جي دڙي تي پيئي جيڪو کوهه جي
کوٽائيءَ ڪري ٿي پيو هو.
”هي وري ڇا؟“ ڪويو چيو. ”منهنجي سارين جي پوک ۾
هيڏو وڏو مٽيءَ جو دڙو!“
”پرواهه نه ڪر.“ گنوءَ دلداريءَ ڏيندي چيس، ”پاڻ
ان جو به ڪو گس ڪريون ٿا.“
”پر ڪهڙو؟“ ڪويوءَ پڇيو.
گنو کي في الحال ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو پر هن ان
بابت سوچڻ جو واعدو ڪيو. ”مون کي پڪ آهي ته انجو
ڪونه ڪو گس ڳولي وٺنداسين.“ هن چيو، ”هن وقت تون
پنهنجي دماغ کي تڪليف نه ڏي، ڪويو، اهو ڪم مون تي
ڇڏي ڏي.“
پر ڪويو سڄي رات فڪرمند رهيو ۽ ٻئي ڏينهن گنوءَ
سان ملڻ تائين هن کي ڪا واهه نظر نه پئي آئي. پر
گنو خوش ۽ بي فڪر نظر اچي رهيو هو.
”گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ناهي، ڪويو،“ گنوءَ چيو،
”آئون سڄي رات ان مسئلي تي سوچيندو رهيس ۽ ان
مٽيءَ جي دڙي کي تنهنجي ٻني مان ڪڍڻ جي راهه سوچي
ورتي اٿم. ان مٽيءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ پاڻ کي هڪ
ٻيو کوهه کوٽڻ کپي جيئن کوهه واري مٽي ان ۾ وجهي
ليول ڪري ڇڏجي.“
”واهه جي ڳالهه ڪيئي،“ ڪويو رڙ ڪري چيو، ”ڏس ته
سهي! ائين ڪرڻ جو ته مون کي ڪو خيال به نه آيو.“
اهڙي طرح کوهه کي وڌيڪ کوٽڻ بدران ٻئي ڄڻا ان جي
نڪتل مٽيءَ جي بندوبست لاءِ ٻيو کڏو کوٽڻ ۾ لڳي
ويا. هو سڄو ڏينهن واري وٽيءَ تي اهو ٻيو کڏو
کوٽيندا رهيا ۽ مٽي ڪڍي پري اڇلائيندا ويا. منجهند
ڌاري هو ايڏو وڏو کڏو ڪري ويا جيڏو کوهه لاءِ
پهرين ڏينهن کوٽيون هئائون.
ڪجهه دير فرحت وٺڻ کانپوءِ کوهه جي ڀر ۾ گڏ ٿيل
مٽيءَ جو ڍڳ کڻي نئين کڏي ۾ وجهڻ لڳا. آخرڪار نئون
کوٽيل کڏو مٽيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هاڻ کوهه واري
کوٽيل مٽيءَ جو ذرو به ٻاهر نه بچيو هو. ٻنهي ڄڻن
پٽ ڏي نهاريو ۽ ان کي سڌائيءَ ۾ ڏسي خوش ٿيڻ لڳا.
ته هنن واهه جو وڏو ڪارنامو ڪري ورتو.
”ته چئبو ته اڄوڪو ڏينهن ته سڦل گذريو.“ گنوءَ
چيو.
”ها“ ڪويو وراڻيس.“ پاڻ سچ پچ وڏو مسئلو حل ڪري
ورتو. پر اڃا به هڪ ڪم رهجي وڃي ٿو. هن مٽيءَ جي
ڍير کي ڪيڏانهن ڪريون؟“ ڪويو نئين کوٽيل کڏي مان
نڪتل مٽيءَ جي ٻي دڙي ڏي اشارو ڪندي پڇيو.
گنو ان کي ڏسي اونهي سوچ ۾ پئجي ويو. ”تنهنجي
ڳالهه سمجهيم.“ هن پنهنجي ٽڪڻ کنهندي چيو، ”چئبو
ته هڪ ٻيو دلچسپ مسئلو پيدا ٿي پيو آهي. بهرحال،
ڪويو! مون کي اڄوڪي رات سوچڻ ڏي. سڀاڻي صبح جوملي
وري ان جو به ڪو گس ڪنداسين.“
ٻئي ڏينهن جڏهن ٻئي يار مليا ته گنوءَ چيو: ”آئون
رات ان بابت سوچيندو رهيس.“
”۽ آئون پڻ.“ ڪويو چيو.
”اهو ڪم تمام سولو آهي،“ گنوءَ چيو، ”پاڻ هڪ ٻيو
کڏو کوٽينداسين جنهن ۾ڪالهه واري کڏي جي مٽي پوري
ڇڏينداسين.“
”واهه يار واهه! واقعي قابل ماڻهو آهين، مڃيو
مانءِ. ڏس ته سهي سڄي رات سوچيندو رهيس پر اهڙي
صلاح منهنجي ڌيان ۾ نه آئي.“ ڪويوءَ گنوءَ کي
شاباس ڏيندي چيو.
هاڻ ٻنهي ڄڻن وري ٽيون کڏو کوٽڻ شروع ڪيو ۽ ڪجهه
ڪلاڪن بعد جڏهن کڏو چڱو اونهو ٿي ويو ته ٿوري دير
فرحت ڪرڻ کانپوءِ ٻئي کڏي مان نڪتل مٽيءَ کي
تغارين سان ڀري ٽئي کڏي ۾ وجهڻ لڳا. ڏسندي ئي
ڏسندي ٻي کڏي مان نڪتل مٽيءَ جو دڙو گهٽجي ختم ٿي
ويو ۽ ان هنڌ واري زمين سڌائي جي ليول ٿي وئي.
پر اهو ڪم ڪرڻ دوران ڪويو هر وقت حيرانيءَ مان ٽئي
کوٽيل کڏي مان نڪتل مٽيءَ جي ڍير ڏي ڏسندورهيو ته
ان جو وري ڇا ٿيندو.“
”دلبر گنو،“ هن چيو، ”هيڏانهن نهار ۽ ٻڌاءِ ته ان
نئين پيدا ٿيل دڙي کي ڪيئن منهن ڏيون.“
گنو ۽ ڪويو ٻئي نئين ٺهيل مٽيءَ جي ڍير کي گهورڻ
لڳا.
”بس يار ان جو به ڪو علاج ضرور هوندو.“ گنوءَ چيو،
”في الحال ته هلي گهر ننڍون ڪيون. اوجاڳن هڻي ماري
رکيو آهي.“
پر هو ٻئي گهر پهتا پر سڄي رات فڪر ۾ وري چڱيءَ
طرح ننڊ نه ڪري سگهيا. سڄي رات هنڌ تي پاسا ورائي
سوچيندا رهيا ته نئين پيدا ٿيل دڙي کي ڪيڏانهن
ڪجي.
ٻئي ڏينهن صبح جو گنووري مرڪندي نظر آيو، ”هاڻ مون
سمجهيو ته پاڻ ڪهڙي غلطي پئي ڪئي. پاڻ دراصل
ننڍاکڏا پئي کوٽيا. هن دفعي پاڻ پهرين کڏن کان
ٻيڻو وڏو کڏو کوٽينداسين. پوءِ ٻنهي کڏنجي مٽي
پورڻ لاءِ چڱي خاصي جاءِ ملي ويندي.“
ڪويو گهڙي ساعت لاءِ سوچي، پوءِ گنوءَ جو هٿ جهلي
چيو: ”واهه واهه منهنجا يار گنو! ڇا ته تنهنجو
دماغ آهي. منهنجي مغز ۾ ته اهڙي رٿ هرگز نه اچي
ها.“
۽ پوءِ ٻئي ڄڻا هڪ وڏو کڏو کوٽڻ ۾ اهڙو ته جنبي
ويا جو ڄڻ سندن زندگي ۽ موت جو سوال هجي. هن دفعي
هنن کي پڪ هئي ته سندن پريشاني ختم ٿي ويندي.
کڏو وڏو ٿيندو ويو، ٿيندوويو تان جو پهرين کڏن کان
ٻيڻو ٿي ويو. هنن هاڻ سک جوساهه کڻي سوچيو ته هاڻ
اهو ايڏو آهي جو ٻنهي کڏن جي مٽي منجهس وجهي
سگهبي. پوءِ تغاريون کڻي ٻنهي ڌڙن جي مٽي ڍوئيندا
رهيا ۽ خوشيءَ وچان چرچا ڀوڳ به ڪندا رهيا.
ڪجهه دير بعد کڻي ڏسن ته نئون کوٽيل کڏو ته ڀرجي
ويو پر مٽيءَ جو اڃا تائين چڱو ڍير پٺيان رهجي
ويو.
ٿڪجي ٽٽجي ٻئي ڄڻا ويهي رهيا ۽ بنا ڪجهه ڳالهائڻ
ٻولهائڻ جي ڪا دير سوچيندا رهيا ته کانئن ڪهڙي چڪ
ٿي ويئي آهي آخرڪار ڪويو ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”لڳي
ٿوته ڀاڳ پنهنجي پاسي ناهي. هن سڄي مشڪل جي مون کي
هڪ ئي واٽ نظر اچي ٿي ته بچيل مٽي کڻي کوهه واري
پهرين کڏي ۾ وجهون. ان بعد ڪوبه مٽي جو دڙو نه
بچندو جنهن بابت فڪر ڪريون.“
گنو، ڪويو ۽ چانديءَ جو خنجر
هڪ ڏينهن گنو ۽ڪويو ٻئي دوست پنهنجي ڳوٺ کان
جڪارتا وڃي رهيا هئا ته رستي تي هڪ هنڌ ڌڌڙ ۾کين
ڪا شيءِ چمڪندي نظر آئي. ان کي کڻڻ لاءِ ٻئي اڳيان
وڌيا ۽ ڏٺائون ته اهو هڪ چانديءَ جو خنجر هو.
”ڇا ته سهڻو خنجر آهي.“ گنوءَ چيو، ”هن کي شهر ۾
وڪڻي آءٌ شاهوڪار ٿي سگهان ٿو.“
”تنهنجو مطلب ڇا آهي ته اهو تون وڪڻندين؟ ڪويو
چيو، ”اهو آئون ئي هوس جنهن پهرين ان کي ڏٺو.“ نه
حقيقت ۾ ان تي پهرين منهنجي نظر پيئي هئي.“ گنوءَ
چيو.
ڪجهه دير ان تي بحث ڪرڻ بعد ٻئي ان فيصلي تي پهتا
ته ان لڌل ملڪيت جا ٻئي ڄڻا هڪ جيترا ڀاڱي ڀائيوار
آهن. ان کي جڪارتا ۾وڪڻي جيڪي پئسا حاصل ڪندا اهي
اڌو اڌ ڪري کڻندا. هلندي هلندي رستي تي جڏهن رات
ٿي ته هنن سمنڊ جي ڪناري تي هڪ جاءِ ڳولي سمهڻ جون
تياريون ڪيون ۽ خنجرکي پنهنجي وچ ۾رکي ٻئي ڄڻا
بالم ٿي سمهي رهيا.
پهر اڌ گذرڻ بعد گنوءَ جي اک کلي ته ڏٺائين ته
ڪويو گهاٽي ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيو هو. هن کي خيال
آيو: ’ڇو نه ان خنجر کي لڪائي ڇڏيان ۽ پوءِ وڪڻي
سڀ پئسا آئون ئي کڻان. آخر آئون ئي هوس جنهن اهو
خنجر پهرين ڏٺو.‘ اهو سوچي هن آهستي آهستي خنجر
کنيو ۽لڪائڻ لاءِ جاءِ ڳولڻ لڳو. پهرين هن انکي هڪ
وڏي پٿر هيٺان لڪائڻ چاهيو پر پوءِ اهو هنڌ کيس نه
وڻيو. ’اها اهڙي جاءِ آهي جيڪا اُٿڻ سان ڪويو
ڏسندو.‘ هن سوچيو، پوءِ سمنڊ ۾لڪائڻ جو سوچي پاڻي
۾ گهڙي ويو. ڇاتي جيتري اونهي پاڻي ۾ پهچي پير جي
آڱرين سان خنجرکي جهلي سمنڊ جي تري ۾ پيل ريتي ۾اڌ
گابرو کوڙي ڇڏيو. اهو ڪم ڪرڻ بعد يڪدم اچي سڪون
سان سمهي رهيو.
پر ڪويو کي به ڪا اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي سو ٿوري دير
بعد اٿي سوچڻ لڳو: ’دراصل خنجر ته مونئي لڌو آهي.
گنو ان ۾مون سان ڇو ڀائيور ٿئي؟‘ ۽ جهڙو پاسو
ورائي خنجر ٿي کنيائين ته اهو اتان اڳهين غائب هو.
’واهه ڙي گنو واهه!‘ هن دل۾ سوچيو، ’مون کان اڳئي
ڪرتب ڏيکاري ڇڏيئي.“
ان بعد هي اٿي بيٺو ۽ هيڏانهن هوڏانهن پهڻن هيٺان
خنجر کي ڳولڻ لڳو. پر هن کي ڪٿي به نظر نه آيو.
نراس ٿي واپس موٽيو. ڪڪرن پويان هاڻ چنڊ نڪري آيو
هو ۽ جيئن ئي هن ان جي چانڊوڪيءَ ۾ گنوءَ کي ڏٺو
ته سندس جسم تي پاڻيءَ جا ڦڙا چمڪي رهيا هئا.
’چئبو ته گنو سمنڊ مان ٿي آيو آهي. هاڻ سمجهيم ته
گنو خنجر ڪٿي لڪايو هوندو.‘
هن هٿن پر جهڪي گنوءَ جي مرين کي ٿورو چٽيو جيڪي
کارا هئا. ’تنهنجي معنيٰ ته هو سمنڊ جي کاري پاڻي
۾ مرين تائين ته ويو ئي ويو آهي.‘ ان بعد هن گوڏا
چٽيا، اهي به کارا هئا. پوءِ چيلهه اتي به کاري
پاڻيءَ جا آثار هئا. پوءِ جڏهن سيني تي پهتو ته
اتي لوڻاٺي پاڻي جوسواد نه هو. سو ڪويو سمجهي ويو
ته گنو ايستائن سمنڊ ۾ وڃي خنجر لڪايو آهي. سو هي
هڪدم سمنڊ ۾ گهڙيو ۽ جڏهن سندس ڇاتيءَ تائين پاڻي
آيوته پيرن سان ڪري هيڏانهن هوڏانهن سمنڊ جي تري ۾
جانچ ڪرڻ لڳو. سگهوئي خنجر ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
خنجر کڻي موٽڻ تي سوچڻ لڳو ته ان کي هاڻ هو ڪٿي
لڪائي.
سامهون ٻنيءَ ۾ ڪانن جاڪيترائي بنڊل ٻڌا رکيا هئا.
هي مونڙين ڀل هلي ڪانن جي هڪ بنڊل ۾ خنجر سوڌو وڃي
لڪيو ۽ اتي ئي سمهي رهيو.
صبح ٿيڻ تي جڏهن گنوءَ جي اک کلي ته ڪويو غائب هو.
هو ڊڙ پائي سمنڊ ۾ خنجر کڻڻ لاءِ ويو ته اهو به
غائب هو. ايتري ۾ هن جي نگاهه سامهون ٻني ۾ رکيل
ڪانن جي لڏن تي پيئي ۽ سمجهي ويو ته ڪويو پڪ انهن
۾ لڪل هوندو. بنڊل جي اوسي پاسي ۾ مينهون گاهه چري
رهيون هيون. گنوءَ هڪ مينهن جي ڳچيءَ مان گهنڊڻي
ڇوڙي پنهنجي ڳچي ۾ ٻڌي ۽ هٿن تي گڪو ٿي ڪانن جي هڪ
هڪ لڏ ڏي وڃڻ لڳو. هر هڪ لڏ وٽ پهچي هن پنهنجو مٿو
ان کي ائين ٿي هنيو ڄڻ مينهن ٿونا هڻي ۽ ان سان گڏ
گهنڊڻي جو آواز ٿي ڪيو. آخرڪار هو ان بنڊل وٽ پهتو
جنهن ۾ ڪويو لڪل هو. ڪانن جي بنڊلن کي ٿيلهو اچڻ
تي ۽ ساڳي وقت گهنڊڻي جي آواز ٿيڻ تي ڪويو سمجهيو
ته ڪا مينهن چرندي چرندي سندس ڪانن واري لڏ ۾ اچي
منهن وڌو آهي سو چڙ مان رڙ ڪري چيائين ”ڀڄي وڃ
ڀٽاري. وڃي ٻئي هنڌان نيرن پاڻي ڪر. هتان نه
ويندينءَ ته شينهن کائي ويندءِ.“
اهو ٻڌي، گنونءَ ان بنڊل مان ٻه چار ڪانا ڇڪي ڪڍيا
ته سندس دوست نظر اچي ويو. ڪويو خنجر سوڌو ٻاهر
نڪري آيو ۽ ٻئي ڄڻا باقي سفر پورو ڪرڻ لاءِ اڳتي
وڌڻ لڳا. رستي تي هنن هاڻ هن ريت فيصلو ڪيو ته
پهرين هنن ٻنهي ان خنجر کي لڌو. پوءِ ڪويو اتان
ڳولي آيو جتي گنوءَ لڪايو هو. پوءِ گنوءَ اتان
ڳوليوجتي ڪويو لڪايو. ان ڪري ان حالت ۾ خنجر تي
ٻنهي جو حق حصو برابر جو ٿيو. سو جڏهن جڪارتا ۾
پهتا ته خنجرکي وڪڻي مليل پئسن جو پورو اڌواڌ ڪري
ورهائي کنيائون.
وتايو فقير، نصيرالدين هوجا ۽ سي
- ڪبايان
هن پاسي ’سي ڪبايان‘ جا قصا ائين مشهور آهن جيئن
پاڻ وٽ سنڌ ۾ وتائي فقير جا يا ترڪي پاسي
نصيرالدين هوجي جا. فرق فقط اهو آهي ته وتائي
فقيرکي هر وقت پنهنجي رب سان شڪايت هئي. نصير
الدين هو جي کي پنهنجي سس سان، پر سي ڪبايان کي
پنهنجي سهري سان- جيڪو پاڻ وري پنهنجي ناٺي (سي
ڪبايان) مان بيزار هو.
مثال مشهور آهي ته وتايو فقير پنڌ ڪري جڏهن ٿڪجي
پيو ته پنهنجي اپائڻهار کي ٻاڏائين ته منهنجا مولا
هن جهنگل ۾ ڪا سواري ڏياري ته ان تي چڙهي ڳوٺ
تائين پهچان.
ٿوري دير اڳتي هليو ته ڏٺائين ته هڪ پوليس واري جي
گڏهه ڪنهن کوتي کي وچ رستي تي ڄڻيو بيٺي هئي ۽
پوليس وارو ڪنهن واٽهڙو جي ڳولا ۾ هو جيڪو سندس
مدد ڪري. وتائي کي ڏسي هڪل ڪيائين: ”اڙي هيڏانهن
اچ، هي کوتو ته ڳوٺ تائين کڻائي هل.“
وتائي کوتي کي ڪلهي تي رکي چپن ۾ ڀڻڪيو: ”منهنجا
مولا سڻين ٿو پر سمجهين نه ٿو. مون چيو مانءِ ته
مونکي پنهنجي لاءِ سواري کپي جنهن تي آئون چڙهي
هلان يا سوريا منهنجي مٿان چڙهي هلي.“
نصيرالدين هوجا جا به وتائي فقير ۽ سي ڪبايان
وانگر چرچا مشهور آهن. پر انهن مان لڳي ٿو ته هن
غريب جي سس تمام ڏنگي طبيعت جي هئي ۽ کيس چڱو ڇتو
ڪيو هئائين جو ايتري قدر جو هوءَ جڏهن دريا ۾ ٻڏي
ويئي ته سندس لاش کي نصير الدين درياهه جي وهڪ ڏي
نه پر ابتي طرف ڳولڻ لڳو. واٽ ويندڙن کيس
سمجهائيندي چيو: ”بابا جنهن پاسي درياهه جولاهه
آهي لاش کي ان پاسي ڳولڻ کپي. مٿي ڪوهه پيو وڃين؟“
نصيرالدين معصوم صورت ٺاهي چيو: ”ياروتوهان کي
منهنجي سسُ جي خبرناهي ته هو ڪهڙي ڦريل دماغ جي
عورت هئي.“
بهرحال اهڙي طرح سي ڪبايان جا قصا مشهور آهن پر هي
همراهه وري پنهنجي سهري مان بيزار هو، جنهن کي
پنهنجي ناٺيءَ کان هر وقت اها دانهن هئي ته هو
سست آهي، ٽوٽي آهي، ڪو ڪم نٿو پڄيس وغيره، ان ڪري
سهرو ڪبايان سان جٺيون ڪندو وتندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن
آخر ۾ نقصان ڪبايان بدران سهري کي ئي رسندو هو،
جيئن هنن ڪهاڻين مان لڳي ٿو.
ڪبايان ۽ چونئرا
هڪ ڏينهن ڪبايان پنهنجي سهري سان گڏ باغ مان
چونئرا چونڊڻ لاءِ تيار ٿيو. سندس سهري پڇيس: ”هي
ٻه وڏا ٻورا چونئرن سان ڀري پوءِ مارڪيٽ ۾ وڪڻڻا
آهن.“
ڪبايان ٻورن جي وچ ۾ ڊگهي ڪاٺي ڪاواٽيءَ وانگر
لنگهائي ڪلهن تي رکي هلڻ لڳو. اهو ڏينهن خاصو تتل
هو ۽ باغ جبل تي چڱو مٿانهون هو. مس مس مٿي پهتو
پر تمام گهڻو ٿڪل ۽ اڃايل محسوس ڪيائين. سندس سهرو
ته پهچڻ سان ڪم ۾ جنبي ويو ۽ پنهنجي ٻوري ۾ چونئرا
چونڊي وجهڻ لڳو. باقي ٻورو ڪبايان جي حوالي ڪري
کيس پارت ڪئي هئائين: ”ڪبايان بابا، متان ويهڻ جي
ڪئي اٿئي. جهٽ ڪري ڪم کي اڪلائي وٺ جو سج لهندي
ويرم نه لڳندءِ.“
ڪبايان بيزاريءَ منجهان هڪ هڪ چونئرو چونڊي ڳوڻ
جيڏي ڊگهي ٻوري ۾ وجهڻ لڳو. اڃا ته ٽاڪ منجهند هئي
۽ اونهاري جي سج ساڙيو ٿي. ڪبايان پنهنجي سهري کي
باغ جي هڪ ڪنڊ ۾ چونئرا چونڊي ڇڏي پاڻ ٻئي پاسي
وڃي ميڙڻ شروع ڪيا جتي ڪجهه وڻن جي ڪري ٿڌڪار هئي
۽ گاهه ۽ وليون ايڏيون ته وڏيون هيون جو جهڙو هيٺ
جهڪيو ٿي ته گاهه ۾ سڄو لڪي ٿي ويو. ان جو فائدو
وٺي هي چونڊو ڪرڻ بدران هڪ ڊگهي ٻوٽي جي پاسي فرحت
وٺڻ لڳو. رکي رکي سندس سهري رڙ ٿي ڪئي: ”ڪبايان!
تنهنجو ٻورو ڀرجڻ تي آهي يا نه؟“
۽ موٽ ۾ ڪبايان ورندي ٿي ڏنس: ”بس آيو ڪي آيو. ڄاڻ
ته ڀريو.“ پر حقيقت ۾ ڪبايان جو ٻورو، اڃا ٽيون
حصو ڪو مس ٿيو هو. ايتري ۾ ڪبايان جي مغز ۾ هڪ رٿ
آئي: ”چاچا! مون کي اڃ لڳي آهي،“ هن رڙ ڪري پنهنجي
سهري کي چيو، ”آئون پاڻي پيئڻ لاءِ هيٺ ٿو وڃان.
ڪا گهڻي دير نه لڳائيندس.“
”چڱو جهٽ ڪر. موٽڻ ۾ دير نه ڪجانءِ.“ سندس سهري
باغ جي ٻي ڪنڊ مان چونئرا چونڊيندي تاڪيد ڪيس.
ڪبايان هيٺ پاڻي پيئڻ لاءِ وڃڻ بدران ٻوري ۾ اندر
گهڙي ويو ۽ پٽيل چونئرا پنهنجا مٿان ورائي
ڇڏيائين. جيئن ٻاهر واري کي هو نظر نه اچي سگهي.
ٻوري اندر چڱي ٿڌڪار هئي ۽ ڪبايان کي ڏسندي ڏسندي
ننڊ کڻي ويئي.
هوڏانهن ڪبايان جوسهرو لڳاتار ڪم ڪندو رهيو تان جو
سندس سڄو ٻورو چونئرن سان ڀرجي ويو. هن ڪبايان
لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ۽ سڏ ڪيا پر ڪبايان
جو ڪو اتو پتو نه پئجي سگهيو. هن ڪجهه ٻي دير لاءِ
اوسيئڙو ڪيو پر ڪبايان نه موٽيو. نيٺ پنهنجو ٻورو
کڻي اتي آيو جتي ڪبايان جو ٻورو رکيو هو. ڪبايان
جي سهري کي اهو پڻ ڀريل ڏسي خوشي ٿي ته ڪبايان
جهڙي سست همراهه هن دفعي جلدي ڪري ڏيکاري.“ آئون
ٻئي ٻورا اڪيلي سر هيٺ گهر تائين کڻي هلان ٿو.
ڪبايان پاڻهي پٺيان پيوايندو.“ اهو سوچي هن ٻئي
ٻورا ڪاواٽيءَ ذريعي کنيا ۽ آهستي آهستي ڪري هيٺ
لهڻ لڳو. هڪ ئي وقت ڀريل ٻه ٻورا کڻي هيٺ لهڻ چڱو
ڏکيو ڪم هو. سو رکي رکي ساهه ٿي پٽيائين. ڪبايان
جو ته خاص ڪري هيڪاندو ڳرو ٻورو هو ۽ پوڙهي دل ئي
دل ۾چيو: ”ڪبايان شايد لت ڏيئي ٻورو ڀريو آهي.
بهرحال ڇورو اهڙو ڪو سست نٿو لڳي جهڙو مون سمجهيو
ٿي.“
ڳوٺ تائين پهچندي ڪبايان جو سهرو گهڻي بار ۽ گرمي
ڪري ٿڪجي پيو هو سندس منهن سڄوڳاڙهو ٿي ويو هو ۽
پگهر کڙين کان پئي نڪتس. پر دل ئي دل ۾ خوش هو ته
هن چڱو مال گڏ ڪري ورتو جنهن کي وڪڻڻ سان هو دل
گهريا پئسا ڪمائي سگهندو. پر گهرپهچي جهڙا ٻورا
لاٿائين ته سندس سڄي خوشي ختم ٿي ويئي ڇو جو
ڪبايان جي ٻوري مان ڪبايان ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪري آيو.
”سواريءَ لاءِ مهرباني، چاچا.“ ڪبايان مرڪندي چيو،
”ڏاڍي بک لڳي اٿم منهنجي خيال ۾ مون کي ماني لاءِ
وڃڻ کپي.“ اهو چئي وٺي پنهنجي گهر ڏي ڀڳو. ڪبايان
جي سهري کي ڏاڍي باهه وٺي ويئي ۽ دل ئي دل ۾
سوچيو؛ ”هڪ ڏينهن ترس ته ڪبايان سان ان جي بدلي ۾
اهڙي ته جٺ ٿو ڪريان جو هميشه لاءِ ياد ڪندو.“
ٻه هفتا کن گذرڻ بعد، ڪبايان ۽ سندس سهرو چونئرا
چونڊڻ لاءِ وري باغ ڏي روانا ٿيا. هن دفعي هنن پاڻ
سان تمام وڏيون ڳوڻيون کنيون هيون. باغ ۾ پهچي
ٻنهي ڄڻن چونئرا چونڊڻ شروع ڪيا. ٿوري دير بعد
ڪبايان جي سهري ساڳي رٿ تي عمل ڪندي ڪبايان کي هڪل
ڪئي: ”ابا ڪم ۾ لڳو پيو هججان. آئون ڄاڻ ته پاڻي
ڍڪ پي آيس.“ |