خدمتگار اهو ٻڌي وراڻيو ته اها قيمت مناسب ئي لڳي
ٿي ۽ هو اتي جو اتي خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهي
”بدقسمتيءَ سان“ هن وڌيڪ چيو، ”هن وقت مون پاڻ سان
ايترا پئسا نه آندا آهن. مون وٽ هن وقت فقط پنج
هزار باٿ آهن. پر آئون هڪ ڪم ڪندس. هي پنج هزار
باٿ في الحال تو وٽ سوٿيءَ طور ڇڏي باقي پئسا هفتي
اندر کڻي ٿو اچان. ان بعد ئي تون مون کي اهو هيرو
ڏجانءِ. پر وڃڻ کان اڳ بهتر ٿيندو ته پاڻ هڪ ننڍڙو
معاهدو لکت ۾ ڪريون، اهو هي ته هفتي اندر جي آئون
پئسا کڻي آيس ۽ انهيءَ وچ ۾ تو هي هيرو ڪنهن ٻئي
کي وڪڻي ڇڏيو ته منهنجي سوٿي وارن پئسن کان علاوه
ٻيا به پنج هزار باٿ توکي ڏنڊ خاطر مون کي ڏيڻا
پوندا. تو لاءِ هي ضمانت نامو کڻي اهم نه هجي پر
مون غريب لاءِ ان ڪري آهي جو آئون هي هيرو پاڻ
لاءِ نه پر پنهنجي رئيس لاءِ پيو وٺان.ان ڪري هي
معاهدو پاڻ ٻنهي لاءِ فائديمند آهي.“
ڦارا چمن دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خدمتگار کي
آٿت ڏيندي چيو؛ ”توکي مون کان ڊڄڻ نه کپي. آئون هڪ
ساک وارو بئنڪاڪ شهر جو وڏو واپاري آهيان ۽ توسان
زبان ڪرڻ کانپوءِ اهو هيرو ڪنهن ٻئي کي هرگز نه
وڪڻندس.“
”سائين اها ڳالهه ته آئون به سمجهان ٿو.“ خدمتگار
چيو، ”پر وري به توهان کي جي اعتراض هجي ته معاهدو
ڪرڻ بهتر آهي.“
سو نيٺ معاهدو تيار ڪيو ويو جن تي سندن صحيحن کان
علاوه ٻن شاهدن جون به صحيحون ٿيون. ان بعد ڦارا
چمن جي سلوڪ کان خوش ٿي خدمتگار موڪلائي چوڪلائي
پنهنجي وطن سونگڪلا روانو ٿيو.
ٻن ڏينهن بعد ڦارا چمن پنهنجي دڪان ۾ ويٺ هو نائي
ڪرو گهٽيءَ مان اچي لنگهيو. کيس واندو ڏسي هو دڪان
۾ گهڙي آيو ۽ کيڪار بعد چيو: ”ادا، اوچتو مونکي
ياد آيو آهي ته ڪجهه مهينا اڳ مون توهان کي هڪ
هيرو وڪڻڻ لاءِ ڏنو. جيڪڏهن اهو اڃا نه وڪاميو هجي
ته مهرباني ڪري هاڻ مونکي ڀلي واپس ڪجو جو مون ٻڌو
آهي ته شهر ۾ ڪنهن ڌارئين ملڪ جي شهزادي جو
خدمتگار اوچي قسمن جا هيرا ڳولائي رهيو آهي. ٿي
سگهي ٿو هن کي منهنجو هيرو وڻي وڃي ۽ خريد ڪري
وٺي.
نائي ڪرو پنهنجي پر ۾ ته تمام ننڍڙي ڳالهه ڪري ويو
پر ڦارا چمن وڏي فڪر ۾ پئجي ويو. هاڻ جيڪڏهن هو
نائي ڪروکي ٻڌائي ٿو ته ”هيرو“ هو اڳين ان خدمتگار
کي وڪڻي چڪو آهي ته ڦارا چمن ڪنهن نه ڪنهن نموني
سان معلوم ڪري وٺندو ته ويهه هزار باٿن ۾ سودو طئه
ٿيو آهي جنهن لاءِ ڦارا چمن ته پئي چيو ته اهو
”هيرو“ ڪنهن به ڪم جو نه آهي ۽ جيڪڏهن هو ان جا
سمورا پئسا نائي ڪرو کي نه ڏيندو ته هو سڄي بئنڪاڪ
۾ کيس بدنام ڪري ڇڏيندو ۽ سندس سالن جي ساک کي
ڪاپاري ڌڪ رسندو ۽ پوءِ ماڻهو کائنس هيرا جواهر
وٺڻ ڇڏي ڏيندا ۽ هڪ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن هو نائي
ڪروکي سندس شيءِ واپس ڪندو ته معاهدي مطابق
خدمتگار کائنس پنج هزار پاٿ ڏنڊ ڀرائي وٺندو جيڪو
به هن هرگز نٿي چاهيو. نيٺ هو ان راءِ تي پهتو ته
ان مشڪل مان نڪرڻ جو فقط هڪ ئي گس آهي. هن نائي
ڪرو ڏي منهن ڪري وراڻيو: ”تنهنجي ڏنل هيري کي بار
بار چڪاس ڪرڻ بعد هاڻ ان راءِ تي پهتو آهيان ته
اهو چڱو خاصو قيمتي آهي ۽ جيڪڏهن تون چاهين ته
آئون اهو توکان خريد ڪريان؟“
”پر سائين توهان ته چيو پئي ته اهو ڏهه پاٿن ۾ به
نه وٺندس.“
”ها، پر هاڻي مون ارادو بدلائي ڇڏيو آهي.“
”ته پوءِ هاڻ توهان مون کي ان جا ڪيترا پئسا
ڏيندائو“. نائي ڪرو پڇيو.
جيترا تون پهرين گهري رهيو هئين اوترائي ڏيندس.“
”چڱو. پر پوءِ جنهن تنهن کي نه چئجو ته مون توهان
کي معمولي پٿر ڏيئي ڦريو آهي.“
”نه نه.“ ڦارا چمن دلجاءِ ڏني، آئون ان هيري مان
هاڻ تمام گهڻو مطمئن آهيان.“ اهو چئي جواهري ٽجوڙي
مان ڏهه هزار پاٿ ڪڍي ڳڻي نائي ڪرو جي هٿ تي رکيا
جيڪو پئسا کيسي ۾وجهي روانو ٿي ويو.
ڦارا چمن پوءِ دل ئي دل۾ خوش ٿيو ته هن تمام سٺو
سودو ڪيو. هاڻ هو خدمتگار جي اچڻ جو بي چينيءَ سان
انتظار ڪرڻ لڳو. آخرڪار ست ڏينهن گذري ويا پر
خدمتگار جو نه هي پتو ته نه هو پتو. ان بعد اٺون
ڏينهن به گذري ويو. پوءِ نائون ۽ ڏهون ڏينهن به پر
خدمتگار کي نه اچڻو هو سو نه آيو. هاڻ ڦارا چمن جي
دل ٻڏڻ لڳي ته هو هرگز نه ايندو. جيتوڻيڪ خدمتگار
جي نه اچڻ ڪري هن جا سوٿيءَ وارا پنج هزار پاٿ کيس
گهرويٺي ملي رهيا هئا پر نائي ڪرو کي هڪ معمولي
شيشي جي ٻوچ جا ڏهه هزار باٿ ڏيئي کيس باهه پئي
ويئي. ڇو جو ان حساب سان ڏني نه ورتي کيس سنئون
سنڌو پنج هزار باٿ جو نقصان ٿي رهيو هو.
خدمتگار جو انتظار ڪندي ڪندي ڦارا چمن کي ٻيا به
ڪيترائي ڏينهن گذري ويا۽ هاڻ آهستي آهستي هو ڳالهه
سمجهي ويو ته اها سڄي بدمعاشي نائي ڪرو جي هئي
جيڪو اٽڪل ڪري کائنس پئسا ڦري ويو. هاڻ جيڪڏهن
پوليس کي دانهن ٿو ڏئي ته سڄو جهان مٿانئس کلندو
ته بئنڪاڪ شهر جي هيڏي وڏي سياڻي واپاري کي هڪ
ڳوٺاڻو ۽ اڻ پڙهيل بيوقوف بڻائي ويو. ان ڪري چپڙي
ڪري اڄ ڏينهن تائين ويٺو انتظار ڪري ته من ڪنهن
ڏينهن اهو خدمتگار موٽي اچي.
اُستاد ڦڏو ۽ اُستاد چٻو
ڳالهه ٿا ڪن ته ملايا جي ڪنهن شهر ۾ ٻه ڄڻا: چٻو ۽
ڦڏو رهندا هئا. ڪو ڪم ڪار يا پورهيو ڪرڻ بدران ٻئي
ڄڻا رڳو مفت جون مانيون ويٺا کائيندا هئا. نيٺ هڪ
ڏينهن ڦڏي پنهنجي دوست چٻي کي چيو: ”استاد چٻا اچ
ته ڪنهن اٽڪل ذريعي ڪجهه ناڻو ڪمايون.“ سو اهو
سوچي هو ڀرواري ڳوٺ ڏي روانا ٿيا. اتي پهچي هنن
واٽ ويندي ڍڳي کي جهلي هڪ هنڌ لڪائي ڇڏيو. مالڪ
جڏهن ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو ته استاد ڦڏو هن وٽ پهتو
۽ چيو! منهنجو هڪ استاد، ڪرامتون ۽ اڳڪٿيون ٻڌائڻ
وارو، ”چٻو سائين“ هينئر هينئر هن ڳوٺ ۾ پهتو آهي
۽ کوهه واري مسافر خاني ۾ ٽڪيل آهي ڇو نه هلي ان
کان تنهنجي چورايل ڏاند جو ڏس پتو پڇجي؟“
اهو ٻڌي وڄايل ڍڳي جو مالڪ استاد چٻي وٽ پهتو جيڪو
به چار پراڻا ۽ ٿلها ڪتاب اڳيان رکي ڍارا هڻي رهيو
هو. سواليءَ جوڪم ٻڌي هن ڪتاب کوليا ۽ مکر سان
انهن کي اٿلائي پٿلائي ڊڳي جي مالڪ کي چيو: ”هتان
مسافر خاني کان ٻاهر نڪ سامهون هليو وڃ. ڪوه ڏيڍ
جي پنڌ کانپوءِ هڪ ڪٺل جو وڻ نظر ايندءِ، جتان
پهرين کاٻي مڙجان ۽ پوءِ ساڄي راهه وٺي
وچانءِ.ويندو رهجانءِ ۽ ويندو رهجانءِ. تائين جو
هڪ پراڻي شاخ وٽ گدامڙيءَ جي وڻ وٽ پهچين. اتان
پوءِ اتر طرف لڙندين ته سامهون هڪ پپر جي جهوني وڻ
هيٺان توکي پنهنجو ڏاند ڏسڻ ۾ ايندو.جيڪڏهن نه اچي
ته آئون ڪوڙو ۽ڪوڙي جو پٽ. نذراني خاطر مونکي هڪڙو
ٽڪو به نه ڏجانءِ، پر جي ڍڳو ملي وڃئي ته اجوري
خاطر مون کي چانديءَ جا ڏهه سڪا ڏجانءِ.“
ڍڳي جو مالڪ ٻڌايل واٽن تان ٿيندو جڏهن نشانيءَ
واري هنڌ تي پهتو ته واقعي پپرجي وڻ هيٺان سندس
ڪاروڏاند سڪل ڪانا چٻاڙي رهيو هو. همراهه هڪدم اچي
استاد چٻي جا پير چميا ۽ ڏهه چانديءَ جا نڪور سڪا
ڪڍي اڳيان رکيا.
اهو ناڻو هٿ ڪري ٻه چار ڏينهن سک جي زندگي گذارڻ
لاءِ هاڻ چٻو ۽ ڦڏو پنهنجي ڳوٺ ورڻ جي تيارين ۾
هئا ته ڳوٺ جو وڏيرو اچي وارد ٿيو. ”ڪٿي آهي
نجومي؟” آئون کائنس ڪجهه پڇڻ لاءِ هتي آيو آهيان.
”وڏيري چيو، ”ڳوٺ ۾ هر هڪ جي وات تي وڃايل ڍڳي جي
ملڻ جو قصو آهي. منهنجي سوپارين واري سوني پيتي
رات ڪو شاهينگ چورائي ويوآهي. هاڻ جهٽ پٽ اها
ڳولرائي ڏي!“
اهو ٻڌي چٻي جا ڪن اُڀا ٿي ويا ته هاڻي ڇا ڪجي. پر
يڪدم سوچي وراڻيائين:“ سائين منهنجا هن وقت ته
هڙئي تارا ڪتيون اهڙي چڪر ۾ آهن جو توهان جي فائدي
جي ڳالهه ٻڌائي نه سگهندا. ان ڪري رات جاچار پهر
گذرڻ ڏيو، نئون سج اڀرڻ سان هليا اچجو ته حساب ڪري
ٻڌائيندو سانوَ ته توهان جي سوني صندوق ڪهڙي چور
کنئي آهي.“
جيئن ئي وڏيري پٺ ڏني ته چٻو ۽ ڦڏو هڪ ٻئي ڏي
سوالي نگاهن سان ڏسڻ لڳا ته هاڻ ڇا ڪجي. چٻي ٿڌو
ساهه کڻي چيو؛ ”هاڻ خيريت ان ۾ آهي ته رات جي پيٽ
۾ ئي هتان ڀڄي نڪرجي.“ پر ڦڏي خبردار ڪندي چيو ته
ائين ڀڄڻ سان سڄي ڳوٺ جا ماڻهو پٺيان پئجي ويندا.
”اچو ته صبح ٿيڻ تائين ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي.“ ڦڏي
صلاح ڏني.
جڏهن رات جي اونداهي گهڻي گهاٽي ٿي ته چٻي چيو:
”اچو ته هاڻ نڪري هلون. اڃا به وقت آهي.“ پر ڦڏي
وراڻيو: ”چڱو ڀلا چنڊ اُڀرڻ تائين ته گهٽ ۾ گهٽ
ترس.“
هاڻ ڇا ٿيو جو جنهن وقت هي ڳالهيون ڪري رهيا هئا
ته ان وقت سوپارين جي سوني صندوق جو چور جنهن جو
نالو ”بخت“ هو، رات جي اونداهي ۾ لڪندو لڪندو هنن
جي مسافر خاني جي ٻاهران اهو معلوم ڪرڻ لاءِ اچي
نڪتو ته آيا نجومي کي تارن ذريعي چور جي خبرپئجي
ويئي آهي يا نه..
چٻي ڦڏي کي چيو: ”استاد ڦڏا هي کيل ڪرائي پاڻ کي
ڦاسائي وڌئي، هاڻ هتان ائين ڀڄڻو پوندو ڄڻ پاڻ ئي
چور هجون!“
ڦڏي وراڻيس؛ استاد چٻا!ٰ ان ۾ ڪنهن جو ڏوهه ڪونهي.
ڏوهه پنهنجي بخت جو آهي، بخت جو.“
چور جيڪو رڙهي اچي هنن جي ڪمري جي در وٽ لڪيو هو
تنهن رڳو ’چور‘ ۽ ’ڏوهه بخت جو‘جهڙا لفظ ٻڌي سمجهي
ويو ته نجوميءَ کي جهڙا لفظ ٻڌي سمجهي ويو ته
نجوميءَ کي تارن کان اهو معلوم ٿي ويو آهي ته سوني
صندوق جو چور ’بخت‘ يعني آئون آهيان، تڏهن ته هي
منهنجو نالو وٺي ڳالهه پيا ڪن. سو، ڏڪندي ڏڪندي در
جي اوٽ کان ٻاهر نڪري چوڻ لڳو: ”نجومي صاحب اهو
بدنصيب ’بخت‘ آئون ئي آهيان، جنهن وڏيري جي چوري
ڪئي آهي، اها مون سندس گهران چوري ڪري ڳوٺ جي
پراڻي مقام ۾ هڪ ڊٻل قبر اندر اندر لڪائي رکي آهي،
جيڪي وڻنوَ مونکي سيکت ڏيو پر مهرباني ڪري وڏيري
کي منهنجونالو نه ٻڌائجو.“
ڦڏو ۽ چٻو اهو معلوم ڪري دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳا
ته چور ته گهر ويٺي ئي ملي ويو. پر چور اڳيان
اهڙيءَ خوشي جو اظهار ڪرڻ بدران نمونو رکيائو ڄڻ
اڳهين خبر هئي ته پيتي ڪٿي لڪل آهي. ڇڙٻ ڏيندي چور
کي چيائون؛ ”خبردار جو آئيندي چوري ڪئي اٿئي.
وڏيري کي چئي شهر نيڪالي ڏيارينداسون.“
بخت هٿ ٻڌي معافي ورتي ۽ ڦڏي ۽ چٻي جا ٿورا مڃيندو
روانو ٿي ويو. پٺيان سج اڀرڻ تي جڏهن وڏيرو آيو ته
چٻي سندس شيءِ جو پورو پورو ڏس ڏنو ته اهاڪٿي پيئي
آهي. وڏيرو ٻڌايل پار پتن موجب ڊٺل قبر کوٽي کڻي
ڏسي ته واقعي امانت صحيح سلامت پيئي آهي. خوش ٿي
يڪدم نجومي استاد چٻي اڳيان چانديءَ جا پورا هڪ سؤ
سڪا اچي رکيا ۽ ٻئي ڏينهن ٻنهي ڄڻڻ کي پنهنجي گهر
نيرن جي دعوت ڏني.
نيرن بعد جيئن ئي ڦڏو ۽ چٻو موڪلائي رهيا هئا ته
بادشاهه جو قاصد وڏيري جي گهر پهتو ۽ خبر ٻڌائي ته
اڄ صبح جو هيرن جواهرن سان ٽٻ ستن جهازن جو هڪ
قافلو بندرگاهه ٻاهران لنگر انداز اچي ٿيو آهي.
جهازن جي سوداگرن وٽ هڪ لوهي پيتي آهي جنهن تي هن
بادشاهه سان شرط رکي آهي ته ستن ڏينهن کان پوءِ
بادشاهه جي راڄ جو ڪوبه نجومي جيڪڏهن ٻڌائي ويندو
ته ان پيتي ۾ ڇا آهي ته هيرن جواهرن سان آندل ست
ئي جهاز بادشاهه جا ٿيندا پرجيڪڏهن ڪوبه نجومي
مقرر مدي اندر ٻڌائي نه سگهيو ته بادشاهه کي
پنهنجو تخت ۽ تاج سوداگرجي حوالي ڪرڻو پوندو. قاصد
وڌيڪ ٻڌايو:”بادشاهه سلامت اهو شرط منظور ڪري ويٺو
آهي پر افسوس جو ڪورٽ جي خاص نجومين مان ڪو هڪ به
ان جي لائق ناهي ته ٻڌائي سگهي ته ان پيتي ۾ ڇا
آهي. ان ڪري بادشاهه سلامت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهو
موڪليا آهن ته وڃي ڪو سٺو نجومي ڳولي اچو.
وڏيري قاصد جي سڄي ڳالهه ٻڌي خوشيءَ مان صلاح
ڏنسِ: ”استاد چٻي کي ڇو نٿو بادشاهه وٽ وٺي وڃين.
هي ضرور ٻڌائي ويندو ته ان پيتي ۾ ڇا آهي.“
سو اهڙي طرح قاصد استاد چٻي ۽ استاد ڦڏي کي ساڻ
وٺي بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. استاد چٻي
بادشاهه کي دلجاءِ ڪرائي ته هو فڪر هرگز نه ڪري جو
اڃا ته سڄا سارا ست ڏينهن پيا آهن. مقرروقت اچڻ تي
هو سوداگر کي ان پيتيءَ جو ڳجهه منٽن ۾ ٻڌائي
ويندو. بادشاهه سلامت اهو ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽
چٻي ۽ سندس چيلي ڦڏي کي رهڻ لاءِ هڪ عاليشان گهر
ڏيئي ڇڏيائين ۽ ان سان گڏ ڪيترائي نوڪرچاڪر ۽ کان
پيتا پڻ ته جيئن موج ۾ وقت گذارين.
ٻنهي ٺڳن جي عيد ٿي ويئي ۽ مزي ۾ ڏينهن رات گذارڻ
لڳا. پيتيءَ جي راز ٻڌائڻ واري ڏينهن کان هڪ رات
اڳ ڦڏي چٻي کي چيو: ”هيترا ڏينهن ته پاڻ به خوب
جاوا ڪيا. هاڻ هتان ته ڀڄڻ جي ڪا واهه به نظر نٿي
اچي ۽ نه وري ڳجهه جي خبر پئجي سگهي جو سڀاڻي اهو
راز ٻڌائي سگهون ته پيتيءَ ۾ڇا آهي. بس هڪ ئي ڪم
ڪري سگهون ٿا. ماڙيءَ جي دري جيڪا سمنڊ پاسي کلي
ٿي اچو ته ان مان ٽپ ڏيئي پاڻ کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪريون
جيئن سمنڊ جي ڇولين ۾ ٻڏي وڃون.“
”ٻڏي ڇو مرون. پاڻ کي ترڻ ته اچي ئي ٿو.“ چٻي چيو.
هن کي خودڪشي ڪرڻ جي رٿ بنهه پسند نه آئي.
”چڱو ڀلا“ ڦڏي ٻي رٿ پيش ڪئي، هيئن ڪنداسين جو
ترندا وينداسين، ترندا وينداسين تان جو ان حد تي
پهچون جڏهن ساڻا ٿي ٻڏي وڃون.“
پوءِ ٻنهي کڻي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو. ترندي ترندي هو انهن
ستن جهازن جي ويجهو وڃي پهتا جنهن جي سوداگر
بادشاهه سان شرط رکي هئي. انهن جهازن جي قافلي مان
جهڙو هڪ جهاز جي ڀرسان لنگهيا ته سندن ڪنن تي ڪنهن
ٻار جي ڳالهائڻ جو آواز پيو جيڪو پنهنجي ڏاڏي سان
ضد ڪري رهيو هو: ”ڏاڏا ڏاڏا، توهان جهاز جي سوداگر
جا خاص بورچي آهيون. توهان کي ضرور ان راز جي خبر
هوندي ته ان پيتي ۾ ڇا آهي.“
”پر جنهن ڳالهه سان تنهنجو واسطو ناهي ان جي پڇڻ
مان ڪهڙو فائدو؟“ بورچيءَ پنهنجي پوٽي کي ڇڙٻ
ڏيندي چيو.
”نه آئون ڄاڻڻ ٿو چاهيان. مونکي ٻڌاءِ. مون کي
ٻڌاءِ.“ ٻار ضد ڪيو، ”نه ته آئون هرگز نه سمهندس.“
”ڇو ايڏو ضدي نينگر ٿيو آهين.“ ڏاڏي چيس. پر ڇوڪرو
پنهنجيءَ تان اصل لهڻ جي نه ڪئي. ”ڏاڏا مون کي
هروڀرو ٻڌايو. ڇا به ٿي پوي ته ٻڌايو.“
آخر ڪار ڏاڏي کي مڃڻو پيو. ”چڱو ڀلا ٻڌ.“ هن چيو،
”اُن لوهي پيتي جي اندر پتل جي پيتي آهي. پتل جي
پيتيءَ اندر چانديءَ جي پيتي آهي ۽ چانديءَ جي
پيتيءَ اندر سوني پيتي آهي ۽ سوني پيتيءَ ۾ دنيا
جي قيمتي عطر جو هڪ دڪو رکيل آهي. بس هاڻ هلي سمهي
رهه.“
چٻو ۽ ڦڏو جيڪي ٻئي اها گفتگو ٻڌي رهيا هئا. تن هڪ
ٻئي ڏي نهاري مرڪيو ۽ واپس ڪناري ڏي ترڻ لڳا. ٻئي
ڏينهن صبح جو، اهو ٻڌائڻ اجايو آهي ته استاد چٻو
پنهنجا ڪوڙا سچا ڪتاب اٿلائي سڀ ڪجهه صحيح ٻڌائي
ويو ته ان پيتيءَ ۾ڇا آهي ۽ سوداگر کي پنهنجي
سمورا جهاز بادشاهه کي ڏيڻا پيا. بادشاهه ان ئي
وقت استاد چٻي کي ڪورٽ جو وڏو نجومي مقرر ڪيو ۽
ڪچهريءَ لاءِ پاڻ سان گڏ محلات ڏي وٺي ويو.
ان وقت جڏهن چٻو بادشاهه سلامت سان محلات ۾ ڪچهري
ڪري رهيو هو ته پٺيان ڦڏي گهر کي کڻي باهه ڏني. هن
ڄاڻي ٻجهي ٿورا پنهنجا هٿ به ان مان ساڙيا ۽ سڌو
محلات ۾ پهتو جتي چٻو بادشاهه سان خبرون ۽ چارون
ڪري رهيو هو. ڦڏي پنهنجو پاڻ چٻي اڳيان اڇلائي
چيوِ: ”استاد سائين ڇا عرض ڪريان ته گهر کي باهه
لڳڻ ڪري توهان جي علم نجوم جا هڙئي ڪتاب سڙي راک
ٿي ويا آهن.مون گهڻو ئي انهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي
پر افسوس جو توهان جي قيمتي ڪتابن کي بچائي نه
سگهيس.“
چٻو اها خبر ٻڌي منهن مٿو پٽڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو:
”هاءِ هاءِ! هاڻ ڇا ٿيندو. هاڻ آئون تارن جو علم ۽
اڳڪٿيون ڪيئن ٻڌائي سگهندس.“ بادشاهه استاد چٻي کي
غمگين ڏسي يڪدم آٿت ڏني ۽ نئين عهدي طور رياست جو
وزير ڪري رکيو. ان بعد ڦڏي جي سڙيل هٿن ڏي نهاري
چيوِ: شاباس هجي تو جهڙي وفادار کي جنهن مالڪ جي
ڪتابن لاءِ باهه جي سيڪ جي به پرواهه نه ڪئي. مون
کي تو جهڙن بهادر ماڻهن جي ضرورت آهي.“ ۽ پوءِ ڦڏي
کي پنهنجي آرميءَ جو ڪمانڊر مقررڪري رکيو.
ڀاڳ واري ڪٽلي
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جن ڏينهن ۾ جپان ۾
ماڻهو فيوجي جبل کي اڃا ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. هڪ
صبح جو هڪ کلمک نوريئڙو نچندو ڪڏندو جهنگل مان واٽ
وٺي وڃي رهيو هو. رستي تي ڪٿي ڪٿي سنهو گاهه آيو
ٿي ته ان تي گول ليٿڙيون پاتائين ٿي ۽ وري ڪٿي
ڪنڊن وارا ٻوٽا آيا ٿي ته انهن کان پاڻ بچائيندو
يا مٿن بل ڏيندو اڳيان وڌيو ٿي.
اهڙيءَ طرح هڪ هنڌ خوشيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن جي
پرواهه نه ڪندي جهڙي ڊوڙ پاتائين ته هڪ ماريءَ جي
ڪوڙڪي ۾ وڃي وچڙيو. پوءِ جيئن جيئن ان مان پاڻ کي
ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين تيئن ان ڪوڙڪي جي ڳنڍ سوگهي ٿي
وئي. ۽ هي ان ۾ اهڙو سڪ ٿي ويو جو هيڏانهن هوڏانهن
ڦٿڪڻ جي ڪيائين ٿي ته ساهه ٿي گهٽيس.
”الاڙي الاڙي.“ هو سنهيون ڪيڪون ڪرڻ لڳو. ”الاڙي“
سندس رڙيون هڪ واٽهڙو ڪنڀار جي ڪن تي پيون جيڪو
ٿانوَ ٺاهي هاڻ پنهنجي گهر وڃي رهيو هو. دانهن جا
آواز ٻڌي هن پنهنجي. چٻڙي ڪلهي تان لاهي پٽ تي رکي
۽ جان بچائڻ لاءِ نوريئڙي ڏي ڀڳو.
”مار ته سهي! هڪ غريب ننڍڙو نوريئڙو ڪوڙڪي ۾ ڦاٿو
پيو آهي!“ ڪنڀار تعجب مان چيو ۽ هڪدم نوريئڙي جي
جان آجي ڪرائي.
”هاڻ پيارا نوريئڙا جهٽ ڪري پنهنجي گهرجو رخ
اختيار ڪر جيئن ڪو ٻيو واٽ تي توکي نقصان نه
رسائي.“ ڪنڀار پيار ۽ پاٻوهه مان نوريئڙي کي نصيحت
ڪئي. هن نوريئڙي جي پٺيءَ تي ٻه چار دفعا هٿڙا
گهمائي وري چيوِ: ”چڱو دوست هاڻ سڌو گهرڏي روانو
ٿجانءِ.“
”هن احسان جو بدلو مان توکي ڪيئن ڏيئي سگهان ٿو؟“
نوريئڙي اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي پڇيو.
”بس تون پنهنجي گهر تائين سلامتيءَ سان پهچي
ويندين ته مون لاءِ اهوئي گهڻو آهي.“ ڪنڀار سندس
پٺيءَ کي ٺپريندي چيو ۽ ان بعد پاڻ به پنهنجي واٽ
وٺي پنهنجي گهر ڏي روانو ٿيو. نوريئڙو ڪا دير
ڪنڀار کي ويندو ڏسي سوچڻ لڳو ته هو ڪهڙي طرح هن
غريب ڪنڀار جي ڪم اچي سگهي ٿو جنهن هن جي جان
بچائي. اهو سوچيندي اوچتو هن جي دماغ ۾ هڪ رٿ آئي
۽ پنهنجي هڪ جادوئي رهل جي زور تي پنهنجو پاڻ کي
هڪ سهڻي چٽن گلن واري ڪٽلي ۾ بدلائڻ شروع ڪيو.
سندس جسم گول ۽ ٿلهو ٿي بلڪل چانهن جي ڪٽليءَ جهڙو
ٿي پيو. پڇ مڙي ڪٽليءَ جو ڳن ٿي پيو ۽ پير ڪٽليءَ
جا ترا ٿي پيا. سندس نڪ ٻاهر نڪري ڪٽلي جي اڳيان
تن وانگر ٿي بيٺو. هاڻ هو بلڪل ڪٽلي ٿي پيو هو ۽
پوءِ ڪا دير هيءَ نوريئڙي نما ڪٽلي ڪنڀار جي پٺيان
پٺيان هلندي رهي. هڪ هنڌ جهڙوئي کيس وجهه لڳو ته
ٽپ ڏيئي ڪنڀار جي ڇٻڙي ۾ لڪي وڃي ويٺي. ڪنڀار کي
خبر به ڪانه پيئي ۽ پنهنجي ئي موج ۾ گهر ڏي رمندو
رهيو.
”منهنجي زال! آئون اچي ويو آهيان.“ گهر پهچي ڪنڀار
رڙ ڪئي. مڙس جو آواز ٻڌي زال ڊوڙي اچي در کوليو ۽
جهڪي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. ڪنڀار پنهنجي ڪلهي مان
شيءِ شڪل جي ڇٻڙي هيٺ لاهي پنهنجي غريباڻي
جهوپڙيءَ جي تڏي تي رکي ۽ پاڻ اڃا ڪکن جو چمپل
لاهي پاسائتو رکي رهيو هو ته سندس زال جي نظر
ڇٻڙيءَ ۾ پيل ڪٽليءَ تي پيئي.
”اڙي اڙي! هي ڇا آهي؟“ هن رڙ ڪئي ۽ پاڻ ۽ سندس مڙس
ان ڪٽليءَ کي حيرت منجهان ڏسڻ لڳا.
ان بعد هو ڪٽلي کي حفاظت سان کڻي اندر ڪمري ۾ آيا
۽ پٽ تي رکي مٿائنس جهڪي خاموشيءَ سان ان ڪٽليءَ
جا چٽ گل ۽ ڪاشيءَ جهڙي چلڪ غور سان ڏسڻ لڳا.
”اهو واقعي هڪ ڪرشمو ٿيو، ”ڪرشمو!“ ڪنڀار چپن ۾
ڀڻڪيو.
”هن جهڙي سهڻي ڪٽلي سڄي جپان ۾ نه هوندي.“ جواب ۾
سندس زال ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”اها توکي ملي ڪٿان؟“
”مونکي پاڻ خبر ناهي ته اها آئي ڪٿان،“ ڪنڀار
وراڻيو ”هتي پهچڻ کان اڳ رستي تي ته ڪٿي به مون کي
اهڙي سهڻي شيءِ نظر نه آئي.“
ٻئي ڄڻا وري اچرج مان ان ڪٽليءَ کي ڏسڻ لڳا. سندن
اکين اڳيان هاڻ ڪٽليءَ کان علاوه ٻي ڪابه شيءِ نه
هئي.
”اها اهڙي ته سهڻي آهي جو جيڪر مورين مندر تي
نذراني طور هلي ڏجي.“ ڪنڀار سوچيو ۽ پوءِ زور سان
چيو: ”ڪر خبر منهنجي زال، ان کي مورين مندر ۾ هلي
ڏئي اچون.
”ها، پاڻ جهڙن لاءِ هيءَ تمام اوچي شيءِ آهي.مون
کي پڪ آهي ته ٻائو اهڙي املهه شيءِ ڏسي ڏاڍو خوش
ٿيندو.“ سندس زال وراڻيو.
ڪنڀار وڏي خبرداري سان پٽ تان ڪٽلي کي کنيو ۽ ڪپڙي
جي پوش ۾ ويڙهي مندر ڏي روانو ٿيو. ٻائو ان ڪٽليءَ
کي ڏسي حيران ٿي ويو جو پهرين ئي نظر سان ٻائي
تاڙي ورتو ته اها اهڙي تهڙي شيءِ نه آهي ۽ سوچڻ
لڳو ته ڪنڀار جهڙي غريب ماڻهو وٽ اها آئي ڪٿان.
ڪنڀار جڏهن سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي ته ٻائو ويتر تپرس
۾ پئجي ويو ۽ جيئن ته ان جي اصل مالڪ جي ڪابه خبر
نه هئي. ان ڪري ٻائي ان کي مندر لاءِ وٺڻ قبول
ڪيو، جيئن مندر ۾ ٿيندڙ چانهه پارٽي واري ڪاڄ ۾
استعمال ٿيندي رهي.
جڏهن ڪنڀار هليو ويو ته ٻائي ڪٽليءَکي هڪ دفعو وري
غور سان ڏٺو. ”واهه جي خوبصورت شيءِ آهي. اڻلڀ شين
مان هيءَ هڪ ٿي ڏسجي. پنهنجي يارن دوستن کي هينئر
ئي نينڍ ڏيئي مون کي اها ڏيکارڻ کپي.“
مندر کي مليل ان قيمتي سوغات جي ڏسڻ جي شوق ۾ سندس
دوست اچي سهڙيا ۽ پٽن تي وڇايل گاديلن تي گول چڪري
۾ ٿي ويٺا. سائي چانهه جو آڌر ڀاءُ وارو دور ختم
ٿيڻ کانپوءِ ٻائو اٿيو ۽ ريشم جي ڪپڙي جي هڪ هڙ
اچي وچ تي رکي. پوءِ منجهائنس اها قيمتي ڪٽلي
مهمانن کي ڏيکاري. مهمان ههڙي اوچي ڪٽلي کي غور
سان ڏسڻ لڳا. سندس رنگ روپ ۽ بيهڪ جي واکاڻ ڪرڻ
لڳا. هو سڀ اهو ٻڌڻ لاءِ آتان هئا ته ٻائي کي اها
ڪٿان هٿ آئي ۽ ڪنڀار جو سڄو قصو غور سان ٻڌڻ لڳا.
”واقعي تمام اعليَ شيءِ آهي ۽ مندر جي چانهه
پارٽيءَ واري رسم ۾ استعمال ڪرڻ جي قابل آهي.“
”بلڪل. بلڪل.“ ٻائي وراڻيو، ”اڄ ئي شام جو ٿيندڙ
چانهه جي رسم ۾ آئون هن کي استعمال ڪرڻ جي اجازت
ڏيندس. يارو اڄ شام جو توهان به اچجو. سج لهڻ کان
ٻه ڪلاڪ اڳ چانهه پارٽيءَ لاءِ اچي گڏ ٿجو.“
ان شام جو سج لهڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ چانهه جي دعوت تي
همراهه اچي ٻاهر باغيچي ۾ گڏ ٿيا. ٻائي ڪٽليءَ
پاڻي سان ڀري ڪوئلن جي سنهي ڪر تي رکي. اڃا هو ڪوپ
ساسرون ٺاهي رهيو هو ته ڪنهن جي دانهن ٻڌڻ ۾ آيس:
”سڙان ٿو، سڙان ٿو.“ ۽ انهن لفظن کان پوءِ سڀني
مهمانن ڏٺو ته ڪٽلي ٽپ ڏيئي چلهه تان پاڻهي ئي هيٺ
لٿي. ڪجهه پاڻي فرش تي هارجي پيو ۽ ڪٽليءَ منجهان
آهستي آهستي ٿي نوريئڙي جو نڪ، پوءِ پڇ ۽ تنهن بعد
پير ظاهر ٿيا. پوءِ اها نوريئڙي جهڙي ڪٽلي هيڏانهن
هوڏانهن ٽپ ڏيڻ سان گڏ ”سڙان ٿو، سڙان ٿو“ چئي
پاڻي هاري وڌو.
ٻائو اهو لقاءَ ڏسي ڊڄي ويو. ”هي ته پڪ ڪو جن ڀوت
آهي يا جادوءَ جي ڪٽلي.“ هو مهمانن سميت ٻئي ڪمري
۾ وڃي لڪيو. ۽ پٺيان در تي ڪنڍو ڏيئي ڇڏيو. مندر
جا سيکڙاٽ چيلا ۽ خٿابي رڙيون ٻڌي بچاءَ لاءِ
ٻهارن لٺين سميت اندر ڌوڪي آيا: ”ڪٿي آهي جن؟
سائين بچي ته ويائو؟“
ڏڪندي ڏڪندي ٻائي ۽ سندس مهمانن در جي سير مان
پنهنجا منهن ڪڍي ڊپ مان نوريئڙي جهڙي ڪٽلي ڏي
نهاريو. جيڪا هاڻ وري نوريئڙي مان ڦري واپس ڪٽلي
ٿي پيئي هئي ۽ معصوميت سان ڪنڊ ۾پئي هئي. ڏڪندڙ
آڱر سان ڪٽليءَ ڏي ٻائي اشارو ڪندي چيو: ”مون اها
ڪٽلي پاڻي سان ڀري جيئن ئي باهه تي رکي ته ”سڙان
ٿو، سڙان ٿو“ چئي اها ڪٽلي چلهه تان ٽپ ڏيئي هيٺ
لٿي ۽ نوريئڙي جي شڪل اختيار ڪري ڪمري ۾ ڊوڙندي
رهي.“
ڪجهه دير لاِء سڀئي ان ڪرشمي تي بحث ڪندا رهيا
پوءِ ڪپڙي ۽ لڪڻ سان ڪري ان ڪٽليءَ کي هيڏانهن
هوڏانهن چوري ڏٺائون پر ڪٽلي خاموش هڪ ئي هنڌ ڌت
هڻي پيئي هئي. |