پکين جو بادشاهه
هڪ حبشي هاري پنهنجي ٻني کي هر ڏئي رهيو هو ته
ايتري ۾ پکين جو بادشاهه هن جي ويجهو آيو ۽ چوڻ
لڳس: ”آئون تو ڏي سؤ پکي موڪليندس. هو تنهنجي ڪم ۾
مدد ڪندا. اهڙي طرح تنهنجو ڪم جلد ئي ختم ٿي
ويندو.“
پکين واهه جو ڪم ڪيو ڏسندي ئي ڏسندي هن جي سڄي
زمين ٺونگن ۽ پيرن سان کيڙي ڇڏي ۽ هر هلائڻ کان
بچي ويو. ٻئي ڏينهن هاريءَ ڌرتيءَ تي ڪڻڪ جو ٻج
ڇٽڻ ٿي چاهيو. هن دفعي پکين جي بادشاهه هن جي مدد
لاءِ پورا ٽي سؤ پکي موڪلي ڏنا. هاري جو هفتي جو
ڪم ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٿي ويو.
جڏهن فصل پڃي راس ٿيو ته هاري هن کي ڪپڻ جي تياري
ڪرڻ لڳو.
”هاڻ تون ڇا پيو ڪرين؟“ پکين جي بادشاهه هاريءَ
کان پڇيو.
”آئون فضل ڪٽي رهيو آهي.“ هاريءَ چيو.
بس تون تڪليف نه ڪر. اهو ڪم به اسان پکين حوالي
ڪري ڇڏ. اسين تنهنجي مدد ڪنداسين. اهو چئي پکين جي
بادشاهه هن ڏي پورو هڪ لک پکين جو موڪلي ڏنو.
پکين منٽن ۾ سٺو فصل ڪٽي ڇڏيو ۽ پوءِ سنگن مان
داڻا ڪڍي، کائي ڇڏيا. اهو لقاءَ ڏسي هاري منهن مٿو
پٽڻ لڳو.
ڪوئو، کيکڙو ۽ ڀونئر
آئون هڪ باغائيءَ وٽ نوڪر هوس. جڏهن نوڪري ڪندي
سال گذريو ته باغائي مون کي هڪ سوني گني ڏني. آئون
اها گني کڻي کوهه تي ويس ۽ ان کي کوهه ۾ اڇلي چيم:
”مون پنهنجي مالڪ جي دل لڳائي خدمت ڪئي آهي.
جيڪڏهن آئون سچو هوندس ته هيءَ سوني گني مٿي
ترندي. جيڪڏهن ڪوڙو هوندس ته اها ٻڏي ويندي.“
گني پاڻيءَ ۾ ٻڌي وئي.
آئون ان باغائي وٽ موٽي آيس ۽ هڪ سال وڌيڪ ڪم ڪرڻ
لاءِ هن کي چيم. جڏهن هڪ سال پورو ٿيو ته باغائيءَ
مون کي وري هڪ سوني گني ڏني. مون اها سوني گني
کوهه ۾ اڇلائي چيو:
”مون پنهنجي مالڪ جي ڏاڍي خذمت ڪئي آهي. جيڪڏهن
آئون سچو آهيان ته هيءَ گني پاڻيءَ ۾ ترندي. جي
ڪوڙو هوندس ته پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندي.اها گني به
پاڻيءَ ۾ ٻڏي وئي.
آئون وري باغيءَ وٽ ويس ۽ هن وٽ هڪ سال وڌيڪ ڪم
ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو مانس. جڏهن اهو ٽيو سال به پورو
ٿيو ته باغائيءَ مون کي پهرين وانگر هڪ سوني گني
ڏني. مون اها گني به پهرين وانگر کوهه ۾ کڻي
اڇلائي ۽ چيو:
”مون پنهنجي مالڪ جي وڏي خذمت ڪئي آهي. جيڪڏهن
آئون سچو هوندس ته اها گني پاڻيءَ جي مٿان تري
ايندي. پر جي ڪوڙو هوندس ته اها ٻڏي ويندي.“
هن دفعي ٽئي گنيون پاڻيءَ جي مٿان اڀري آيون ۽ ترڻ
لڳيون. مون ٽئي گنيون کڻي کيسي ۾ رکيون ۽ گهر ڏي
روانو ٿيس.
رستي تي مون سوچيو، هڪ گنيءَ جو ان وٺندس. هڪ
گنيءَ جو گوشت ۽ ڀاڄي خريد ڪندس ۽ باقي هڪ گنيءَ
جا ڪپڙا لٽا وٺندس.
ٿورو اڳيان هليس ته رستي تي هڪ ڪوئو مليو. سلام
دعا ڪرڻ بعد هو چوڻ لڳو:”دوست، مون کي هڪ گنيءَ جي
ضرورت آهي هڪ گني مون کي ڏئي ڇڏ. ان جي عيوض جيڪي
چوندين اهو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان“.
مون پنهنجي دل ۾ چيو: مڙيئي خير آهي، منهنجو ته ٻن
گنين مان به ڪم ٿي ويندو، هن ويچاري ڪوئي جي به
ضرورت پوري ٿي وڃي ته سٺو.
مون هڪ گني ڪوئي کي ڏئي ڇڏي ۽ باقي ٻه قابو جهلي
اڳتي وڌيس. ٿورو اڳيان مس هليس ته هڪ کيکڙو مليو.
هن جي حالت خراب هئي. هن روئندي چيو: ”خدا جي
واسطي منهنجي مدد ڪر. مون کي دڪاندار کي هڪ گني
موٽائڻي آهي. جنهن جو سيڌو مونن کانئس گهڻو اڳ
اوڌر تي ورتو هو. جيڪڏهن آئون هن کي اڄ جي تاريخ ۾
قرض واپس نه ڪندس ته هو مون کي جيل ۾ وجهرائي
ڇڏيندو.“
مون کي کيکڙي تي ڪهل اچي وئي. مون هن کي يڪدم هڪ
گني ڏئي ڇڏي. هن منهنجا تمام گهڻا ٿورا مڃيا ۽
چيو: ”توکي جڏهن به ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي ته مون
کي ٻڌائجانءِ.“
هاڻ مون وٽ فقط هڪ گني وڃي بچي. آئون ان کي هٿ جي
تري تي رکي وڃي رهيو هوس ته هڪ ڀونئر منهنجو رستو
کڻي روڪيو. ”خدا جي واسطي مون تي رحم ڪر. مون کي
هڪ گنيءَ جي سخت ضرورت آهي.“
مون سوچيو ته جيڪڏهن اها باقي بچيل گني به جيڪڏهن
هن کي ڏئي ڇڏيندس ته پوءِ مون وٽ پاڻ لاءِ بچندوئي
ڇا؟ پوءِ خيال آيم ته اهڙي به ڇا خود غرضي. مون کي
جڏهن بک لڳندي ته ڪونه ڪو خدا جو بندو ماني کارائي
ڇڏيندو. اهو سوچي مون باقي بچيل گني به ڀونئر کي
ڏئي ڇڏي.
هاڻ آئون بلڪل خالي هٿين ٿي ويس. اڳيان وڌيس ته
سامهون هڪ عاليشان محلات نظر آيو. ان محلات ۾ هڪ
بادشاهه رهيو ٿي، جنهن کي هڪ ئي ڌيءَ هئي. هن نه
ڪنهن ڳالهه تي کليو ٿي ۽ نه زبان سان ڳالهايو. بس
ماٺ ئي ماٺ ۾ ويٺي رهي ٿي. بادشاهه کي ان جو تمام
گهڻو فڪر هو. آخر هن اعلان ڪرايو ته جيڪو ماڻهو
منهنجي ڌيءَ کي کلائي ڏيکاريندو ان سان پنهنجي
ڌيءَ جي شادي ڪرائيندس.
مون اهو ٻڌو ته مون کي پنهنجا ٽئي دوست: ڪوئو،
کيکڙو ۽ ڀونئر ياد اچي ويا. انهن ٽنهي مدد لاءِ
مون سان واعدو ڪيو هو.
آئون واپس جهنگل ۾ آيس ۽ ٽنهي دوستن کي پاڻ سان
کڻي محلات ڏي وڌيس. محلات جي در وٽ پهچي مون ڀونئر
کي گانو ڳائڻ لاءِ ۽ کيکڙي ۽ ڪوئي کي نچڻ لاءِ چيو
۽ پوءِ جڏهن هنن شهزادي اڳيان ڳائڻ ۽ نچڻ شروع ڪيو
ته شهزاديءَ کي کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويو.
بادشاهه ۽ ان جا وزير شهزاديءَ کي کلندو ڏسي ڏاڍو
خوش ٿيا ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد بادشاهه سلامت
پنهنجي ڌيءَ جي شادي مون سان ڪرائي ڇڏي ۽ آئون
بادشاهه جو جانشين ٿي ويس.
هيرن جو صوف
هڪ هو بادشاهه جيڪو نيڪ دل ۽ رحمدل هو. هن جي رعيت
هن مان بيحد خوش هئي. هر ماڻهو هن کي دعائون ڏيندو
هو، پر هڪ ڳالهه ڪري ماڻهو سخت پريشان هئا. اها
ڳالهه هيءَ هئي ته هنن جي دلعزيز بادشاهه شادي نٿي
ڪئي. هو وڏي عمر جو ٿي وڃڻ جي باوجود اڃا ڪنوارو
هو.
هڪ ڏينهن هن جي وزيرن تنگ ٿي هن کي چيو: ”سائين
منهنجا، جيڪڏهن توهان اسان جا بادشاهه ٿي رهڻ
چاهيو ٿا ته پوءِ توهان کي هر صورت ۾ شادي ڪرڻي
پوندي.“
بادشاهه وراڻيو: ”جيڪڏهن توهان جي اهائي خوشي آهي
ته پوءِ مون کي قبول آهي. پر شادي آئون اهڙي
ڇوڪريءَ سان ڪندس جيڪا هڪ سؤ فوٽن جي فاصلي تان
صوف هڻي منهنجو تاج ڪيرائي ڏيکاري.“
ڪجهه ڏينهن بعد وزيرن شهر جي تمام سهڻين ڇوڪرين کي
محل ۾ گڏ ڪيو. هر ڇوڪريءَ جي هٿ ۾ صوف هو. پوءِ
جڏهن مقابلو شروع ٿيو ته ڪابه ڇوڪري صوف اڇلي
بادشاهه جو تخت ڪيرائي نه سگهي. هنن کي اهوئي ڀؤ
ٿيو ٿي ته ڪٿي اهو صوف گسي نه وڃي ۽ بادشاهه سلامت
جي منهن کي نه وڃي لڳي. ان ڪري هو صوف کي صحيح
نشاني تي اڇلي نه پئي سگهيون.
جڏهن سڀ ڇوڪريون بازي کٽي نه سگهيون ته اتي هڪ
ڊگهي سنهي چست ڇوڪري اڳيان وڌي. هن جي مٿي تي ٿلهي
چادر هئي ۽ هٿ ۾ جيڪو صوف هو ان تي هيرا چڙهيل
هئا. هوءَ سؤ فوٽن جي فاصلي تي ٿي بيٺي ۽ پوءِ
نشاني ڏي چڱي طرح نهاري صوف اڇلايو. ٻي لمحي
بادشاهه جي مٿي تان تاج اڏامي وڃي پري پيو. سڀني
ماڻهن خوشيءَ وچان تاڙيون وڄايون ۽ هر شخص ان
ڇوڪريءَ کي شاباس ڏيڻ لاءِ اڳيان وڌيو پر اها
ڇوڪري هڪدم غائب ٿي ويئي. بادشاهه حڪم ڏنوته ان
ڇوڪريءَ جي يڪدم ڳولا ڪئي وڃي. وزيرن ڳوٺ ڳوٺ، شهر
شهر ڏي سپاهي ۽ جاسوس ڀڄايا پر ڇوڪريءَ جي نه هيءَ
خبر نه هوءَ خبر.
ٻن ٽن مهينن بعد بادشاهه وري ملڪ جي سهڻين ڇوڪرين
کي گهرايوپر ڪابه ڇوڪري هن جو تاج ڪيرائڻ ۾ ڪامياب
نه ٿي. ايتري ۾ وري ساڳي ڊگھي ڇوڪري ظاهر ٿي. هن
هيرن سان جڙيل صوف اڇلايو، بادشاهه جو تاج ڪري پيو
۽ پاڻ غائب ٿي ويئي. بادشاهه جي سپاهين هن کي جهلڻ
۽ ڳولڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هوءَ هرڻيءَ وانگر ڇال
هڻي نظرن کان غائب ٿي وئي.
هاڻ بادشاهه اداس رهڻ لڳو. هو روز صبح جو اڪيلي
اڪيلي شڪار تي نڪري ويو ٿي ۽ شام جو ماٺ مٺوڙي ۾
موٽي آيو ٿي.
هڪ دفعي هو جهنگل ۾ شڪار پٺيان تمام پري نڪري ويو،
اتي هن کي شام ٿي وئي. سج غروب ٿي چڪو هو ۽ هاڻ
چوڌاري اونداهه هئي. ايتري ۾ هن کي پري کان هڪ هنڌ
لالٽين ٻرڻ جي روشني نظر آئي. هو اوڏانهن وڌڻ لڳو.
ويجهو اچي معلوم ٿيس ته اهو هڪ پوڙهي عورت جو گهر
آهي. ان عورت کي ٻه ڌيئون هيون ۽ اهي ٻئي ڪوجهيون
هيون. بادشاهه سلامت گهر ۾ اندر گهڙڻ لاءِ ڇوڪرين
کان اجازت ورتي پر ڇوڪرين صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
ايتري ۾ هنن جي ماءُ اچي وئي. هن بادشاهه کي سڃاڻي
ورتو. هوءَ هن کي اندر وٺي آئي ۽ هن لاءِ صاف سٿري
چادر وڇائي.
رات جو بادشاهه سمهڻ لڳو ته هن کي ڀر واري ڪمري
مان هن پوڙهي عورت جو زور زور سان ڳالهائڻ جو آواز
ٻڌڻ ۾ آيو. هوءَ ڪنهن ڇوڪريءَ تي چڙ ڪري رهي هئي.
صبح جو جڏهن وڃڻ لڳو ته هن پوڙهي عورت کان پڇيو:
”رات توهان ڪنهن تي ڪاوڙيل هيون؟“
پوڙهيءَ چيو: ”منهنجي هڪ ويڳي ڌيءَ آهي. هو بيحد
سست ۽ ڪاهل آهي. پنهنجو پاڻ کي تمام گهڻو سهڻي
سمجهي ٿي. رات هن مانين جا ڀور ڀورڪري ڇڏيا.
پڇيومانس ته ائين ڇو ڪيئي ته چوي ٿي ته پنهنجي
پاليل پوڙهي ٻري کي کارائينديس ڇو جو ان چٻري هن
کي ٽي اهڙا صوف ڏنا آهن جن تي هيڙا مڙهيل آهن.
بادشاهه اهو ٻڌو ته هن جي دل ٽپ کائڻ لڳي. هن
پوڙهيءَ کي چيو ”مهرباني ڪري تنهنجي ان ويڳي ڌيءَ
کي گهراءِ آئون هن کي ڏسڻ چاهيان ٿو.“
پوڙهيءَ هن کي سڏ ڪيو: ”او ڏائڻ، هيڏانهن اچ.“
اوچتودر کليو ۽ هڪ ڇوڪري ڦاٽل ۽ چتيون لڳل ڪپڙن ۾
ٻاهر نڪتي. هوءَ چنڊ کان به وڌيڪ سهڻي لڳي رهي
هئي. بادشاهه هن کي ڏٺو ته رڙ نڪري ويس.“ اڙي تون
ته اهائي ڇوڪري آهي. اچ، مون سان گڏ هل، آئون توکي
پنهنجي راڻي بڻائيندس.“
بادشاهه هن ڇوڪريءَ کي پاڻ سان گڏ گهوڙي تي سوار
ڪيو ۽ محلات ۾ وٺي آيو. ڪجهه ڏينهن بعد ٻنهي جي
شادي ٿي وئي ۽ هو خوشين جي زندگي گذارڻ لڳا.
شهزادي سورج مکي
هڪ بادشاهه جي ڌيءَ نهايت خوبصورت هئي. جڏهن هوءَ
وڏي ٿي ته اوسي پاسي جي ڪيترن .ئي شهزادن هن لاءِ
شاديءَ جو نياپو ڪيو پر شهزاديءَ ڪنهن کي به پسند
نه ڪيو. ماءُ پيءَ تمام گهڻو سمجهايو پر شهزاديءَ
هن جي ڳالهه نه مڃي. هن جو اهوئي ضد هو ته شادي
ڪنديس ته سج سان ڪنديس. ٻئي ڪنهن سان هرگز نه.
آخر هڪ ڏينهن بادشاهه بيزار ٿي چيو: ”وڃ، وڃي سج
سان شادي ڪر. هاڻ مون کي ڪڏهن به پنهنجي شڪل نه
ڏيکارجانءِ.“ اهو چئي شهزاديءَ کي پنهنجي محلات
مان ڪڍي ڇڏي.
شهزادي سج جي ڳولا ۾ نڪري پيئي. هوءَ اوڀر ۾ جبلن
ڏي وئي. پوءِ جنگلن، بيابانن مان ٿيندي هڪ اهڙي
جبل تي پهتي جنهن جي مٿان سج جو محلات هو. هوءَ
محلات اندر گهڙي وئي. اتي هن کي سج جي پوڙهي ماءُ
ملي.
”اي ڇوڪري، توکي ڪنهن جي ڳولا آهي؟“ پوڙهي عورت
پڇيو.
آئون سج کي ڳولي رهي آهيان. مون کي سج سان شادي
ڪرڻي آهي. ”شهزاديءَ چيو.
”سج منهنجو پٽ آهي، آئون توکي هن جي ڪنوار
بنائيندس. پر هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ. هن جي اکين ۾
اکيون وجهي هرگز نه ڏسجانءِ.“ پوڙهي عورت شهزاديءَ
کي ٻڌايو.
شهزاديءَ واعدو ڪيو ۽ چڱي عرصي تائين پنهنجي واعدي
تي قائم رهي. پر هن کي اها آنڌ مانڌ هئي ته هوءَ
پنهنجي مڙس جي اکين سان اکيون ڇونه ملائي؟ آخر هڪ
ڏينهن پوڙهي عورت کان هن پڇيو: ”تو مون کي سج ڏي
منهن ڪري ڏسڻ کان ڇو جهليو آهي.“
”پٽ، آئون تنهنجي بيچيني سمجهان ٿي. تون هن کي
جيڪڏهن ڏسڻ به چاهين ٿي ته هڪ گلاس پاڻيءَ جو
پنهنجي مڙس جي سامهون رک ۽ ان پاڻيءَ ۾ هن جو
اولڙو ڏسي وٺ. پر اهو ياد رکجانءِ، سج جي اولڙي کي
جي گهڻي دير ڏسندينءَ ته توکي نقصان رسڻ جو خطرو
آهي.“
ان شام جو جڏهن سج موٽيو ته شهزاديءَ پاڻيءَ جو
گلاس هن جي سامهون رکيو ۽ هن جي منهن جو اولڙو ڏسڻ
لڳي. هي اولڙو ايترو ته خوبصورت هو جو شهزاديءَ
کان سج جي ماءُ جي نصيحت وسري وئي ۽ دير تائين هن
کي ڏسندي رهي. ان تي سج کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ هن چيو:
”جيڪڏهن تون منهنجو چوڻ نٿي مڃين ته منهنجي محلات
مان هڪدم هلي وڃ.“ ۽ هن شهزاديءَ کي هٿ کان جهلي
پنهنجي محلات کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
شهزادي روئندي رڙندي جبل جي قدمن ۾لهي وئي. جڏهن
هوءَ ماٿريءَ ۾ پهتي ته سج چمڪڻ لڳو ۽ سج جي
روشنيءَ هن کي هڪ خوبصورت سورج مکيءَ جو گل بڻائي
ڇڏيو. هاڻ هي گل هميشه ان طرف منهن رکي ٿو، جنهن
طرف سج آهي. ان ڪري هن گل کي سورج مکي سڏين ٿا.
گاهه جي گڏي
هڪ بادشاهه کي ٻارهن پٽ هئا. جڏهن هو جوان ٿيا ته
بادشاهه انهن کي چيو: ”جنهن ڇوڪريءَ کي توهان پسند
ڪنداؤان سان ئي توهان جي شادي ڪرائي ويندي. پر هڪ
شرط آهي. ان ڇوڪريءَ کي هڪ ڏينهن ۾ سٽ ڪتي ڪپڙو
اڻڻو پوندو ۽ پوءِ ان مان قميص سبڻي پوندي.“
ٻارهن شهزادن چيو: ”بابا سائين هي تمام ڏکيو ڪم
آهي. دنيا ۾ ڀلا اها ڪهڙي ڇوڪري هوندي جيڪا هڪ
ڏينهن ۾ ڪپڙو اُڻي قميص سبي سگهي ٿي.“
پر ننڍي شهزادي چيو: ”ابا حضور، آئون ڪوشش ڪريان
ٿو، ٿي سگهي ٿو ڪا اهڙي ڇوڪري ملي وڃي.“
بادشاهه ننڍي شهزادي کي هڪ گهوڙو ۽ گنين جي ٿيلهي
ڏني ۽ هو اهڙي ڇوڪري جي ڳولا لاءِ سفر تي روانو
ٿيو.
شهزادو هڪ هڪ ڪري ڳوٺ ۾ رليو پر هن کي ڪابه اهڙي
ڇوڪري نه ملي سگهي. جيڪا هڪ ڏينهن ۾ ڪپڙو اُڻي ان
مان قميص سبي سگهي. هو سخت حيران ۽ پريشان ٿي هڪ
جهنگل مان گذري رهيو هو ته کيس هڪ ننڍڙي پري نظر
آئي. پري پڇيو: ”شهزادا تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“
شهزاديءَ هن کي سڄي ڳالهه ٻڌائي، پريءَ چيو: ”مون
وٽ هڪ گڏي آهي. اها گڏي تمام سگهڙ ۽ گڻن واري آهي.
مونکي پڪ آهي ته هوءَ هڪ ڏينهن ۾ ضرور ڪپڙو اُڻي
قميص سبي سگهندي.“
شهزادو تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ پريءَ سان گڏ هن جي
گهر ويو. اتي هڪڙي ننڍڙي ڪرسيءَ تي هڪ ننڍڙي گڏي
ويٺي هئي. شهزادي هن کي چيو: ”مائي گڏي، جيڪڏهن
تون هڪ ڏينهن اندر ڪپڙو اُڻي ان مان قميص ٺاهي
ڏيندينءَ ته آئون توسان شادي ڪندس.“
گڏيءَ وراڻيو: ”آئون اهو ڪم بلڪل ڪري سگهان ٿي.“
اهو چئي گڏيءَ ان ئي وقت ڪپهه مان سٽ ڪتيو ۽ پوءِ
ڌاڳي مان ڪپڙو اُڻي ان مان قميص ٺاهي ڏيکاري. پر
اها قيمص ايتري ننڍڙي هئي جو هوءَ پاڻ گڏي ئي پائي
سگهي ٿي. شهزادو قميص ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيو:
”تون هتي ترس ته آئون هيءَ قميص بادشاهه سلامت کي
ڏيکاري اچان.“
شهزادو قميص کڻي محلات ۾ ويو ۽ بادشاهه کي چيو:
”مون پنهنجي ڪنوار ڳولي ورتي آهي.“
بادشاهه چيو: ”هن کي هڪدم محلات ۾وٺي اچ.“
شهزادو گڏي کي آڻڻ لاءِ واپس ويو. گڏي چاندي جي
گاڏيءُ ۾ ويٺي هئي. گاڏيءَ ۾ ٻه سفيد ڪوئا جوٽيل
هئا. شهزادو گڏيءَ کي وٺي محلات ڏي روانو ٿيو.
جڏهن هودرياهه وٽ پهتا ته شهزادي جي گهوڙي جو کُر
گڏيءَ جي ننڍڙي گاڏيءَ مٿان اچي ويو. گڏي گاڏيءَ
مان اڇلجي وڃي درياهه ۾ پيئي. شهزادو پريشان ٿي
دانهون ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ڇا ڏسي ته درياهه مان هڪ
جن نڪري رهيو آهي. هن جي هٿن ۾ اها گڏي هئي پر هاڻ
اها ننڍڙي گڏي نه پر هڪ جوان ڇوڪري ٿي وئي هئي.
شهزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي پنهنجي گهوڙي تي
ويهاري محلات ڏي روانو ٿيو.
جڏهن شهزادو هن ڇوڪري کي وٺي محلات اندر داخل ٿيو
ته بادشاهه هن کي ڏسي حيران ٿي ويو. اهڙي خوبصورت
ڇوڪري هن پهرين ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. ۽ جڏهن هن
ڇوڪريءَ هڪ ڏينهن اندر ڪپڙو اُڻي ان مان قميص ٺاهي
ڏيکاري ته بادشاهه هيڪاندو گهڻو خوش ٿيو ۽ هن وڏي
ڌام ڌوم سان ٻنهي جي شادي ڪرائي.
ٽي ڪوڙا ۽ سڪو
گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته ملائيشيا جي هڪ ڳوٺ
تجنگ بدارا ۾ ٽي ڄڻا ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا. هلندي
هلندي هو هڪ موڙ وٽ پهتا جتي هنن کي هڪ سڪو نظر
آيو. مزي جي ڳالهه اها ته ٽنهي کي اهو سڪو هڪ ئي
وقت نظر آيو. پهرين هنن اهو فيصلو ڪيو ته اهو سڪو
پنهنجو پاڻ ۾ ورهائي کڻندا. يعني ان جون ٽي پتيون
ڪري هر هڪ کي هڪ جيتري پتي ڏني ويندي پر پوءِ هنن
کي خيال آيو ته ائين ڪرڻ سان ڪنهن جو به ڪو خاص
ڀلو نه ٿيندو. ان ڪري هنن اهو فيصلو ڪيو ته اسان ۾
جيڪو وڏو ڪوڙ ڳالهائيندو، هن کي اهو سڪو ڏبو.
پرين همراه چيو؛ ”منهنجو چاچو مسجد ۾ امام آهي.
آئون رات هن سان ملڻ ويو هوس. جڏهن اسان سمهڻ لاءِ
ليٽياسين ته اهڙي زبردست جهڪ ۽ طوفان لڳو جو ٿوري
دير ۾ شهر جون مڙيئي مسجدون، گهر، دڪان، وڻ ٽڻ،
کوهه جانور اڏامڻ لڳا ۽ طوفان کين اڏائي ٽي سؤ ميل
پري ڪئالا ڪنگسار شهر ۾ کڻي ويو. پر ڪمال جي ڳالهه
اها ٿي ته جڏهن اسان صبح جو ننڊ مان اٿياسين ته
پنهنجن پنهنجن هنڌن ۾ ئي هئاسين ۽ ڪابه شيءِ
پنهنجي جاءِ تان چري پري نه هئي. کٽ تان اٿي آئون
مسجد جي مينار تي چڙهيس ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ
لڳس. اوچتو منهنجي نظر ان موڙ تي پيئي ۽ اتي هن
سڪي کي ڏسي ورتم. ان ڪري هاڻ اهو سڪو منهنجو ٿيو.“
”هاڻ ڀائرو ٻڌو منهنجي به ٻڌو.“ ٻئي همراهه چيو،
”منهنجو ڏاڏو ڪئالا لنگي ڳوٺ ۾ مهاڻو آهي. آئون
ڪالهه هن سان ملڻ ويس. اتي مون هڪ وڏي مڇي ڏٺي
جنهن کي منهنجي ڏاڏي اڄ کان ڏهه ڏينهن اڳ ڦاسايو
هو ۽ انهن ڏهن ڏينهن ۾ هن ان مڇيءَ کي ڪيترائي ڪم
سيکاري ورتا جهڙوڪ: ماني پچائڻ، صفائي ڪرڻ، ڪپڙا
ڌوئڻ، شهر مان وڃي سودو سلف خريد ڪري اچڻ ۽ ڪمال
ته اهو ته هن کي راڳ ڳائڻ به سيکاري ڇڏيو.
”منجهند جي مانيءَ کان پوءِ جڏهن مڇي مٿي ڇت ٿي
ويئي ته هن اتان هيءَ جاءِ ڏسي ورتي ۽ ان سان گڏ
اهو سڪو پڻ. هن مونکي اشارن سان سٺو رستو سمجهايو
۽ چيو ته جلدي اهو سڪو وڃي کڻ. ان ڪري سائين، هي
سڪو منهنجو آهي.“
”نه. نه اهو سڪو تنهنجو ٿي نٿو سگهي.“ ٽئي همراهه
چيو، ”تو تمام وڏو ڪوڙ ڳالهايو آهي پر ڪجهه منهنجو
به احوال ٻڌو. منهنجو پيءَ سوداگر آهي. هڪ ڏينهن
هو هڪ بيضو خريد ڪري آيو ۽ ان کي ڇٻڙيءَ ۾ رکيو.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ بيضي مان هڪ ڪڪڙ نڪتو. اهو ڪڪڙ
ايڏو وڏو ٿيو جو منهنجو پيءُ پنهنجو سامان ان تي
ڍوئي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سفر ڪندو هو. |