هن کي اهو ڏسي بيحد گهڻي خوشي ۽ پوءِ ٻنهي سان
ڀاڪر پائي مليو. پوءِ کين سربستو احوال ڪري ٻڌايو
ته هو دراصل ڪنهن ڏورانهين ديس جو شهزادو آهي.
سندس سلطنت جي ڪنهن دشمن مٿس جادو ڪري کيس کيکڙو
بنائي ڇڏيو هو. پر هاڻ کوپو ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ تي ان
جادوءَ جو اثر پڻ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو آهي. هاڻ هو
هميشه لاءِ شهزادو ٿي رهندو.
اهڙي طرح ان کانپوءِ بادشاهه سلامت جي ڌيءَ ۽
کيکڙي وارو شهزادو هميشه لاءِ خوش پاش گذارڻ لڳا.
هاري ۽ نانگ
شهر کان موٽي گهر ڏي وڃڻ لاءِ هڪ هاري ۽ گڏهه کي
ٻيلي مان گهڻو پيو. ان ڏينهن تمام گهڻي ٿڌ هئي.
اتر کان ڄڻ پارو ٿي وٺو.
غريب گڏهه کي ايترو ته سيءَ لڳو جو هلڻ کان بي حال
ٿي پيو. هن پنهنجي مالڪ کي چيو: ”ههڙي ٿڌي ڏينهن
تي شهر وڃڻ جو ڪهڙو ضرور هو. ههڙي سخت سيءَ
۾پنهنجا پوڙها هڏا به اندر تائين ڄمي ويا آهن.“
”نيڪ جانور“ مالڪ چيو، ”مون کي اڄ ئي شهرمان چانور
۽ ڏارو وٺڻو هو، جو گهر ۾ کائڻ لاءِ هاڻ ڪڻو به نه
بچيو آهي. جي شهر نه هلون ها ته بک وگهي مري وڃون
ها.“
پوءِ هاري پيار سان گڏهه جي ٿڌي منهن تي هٿڙا لاهي
چيو: ”دل وڏي ڪر. بهادر ٿي. پاڻ ڄاڻ ته گهر
پهتاسين.“ ان وقت گڏهه پنهنجا وڏا ڪن اڀا ڪري ڪجهه
ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ هاريءَ چيو: ”وڻ جي پاڙ ۾
ڪا شيءِ آهي جيڪا مدد لاءِ ٻاڏائي رهي آهي.“
هاري وڻ جي ويجهو پهتو. نهايت خبرداريءَ سان برف
هٽائين ته سيءَ ۾ ساڻو ٿيل هڪ ننڍڙو نانگ ڏٺائين.
هو ڪجهه زخمي ٿيل پڻ هو.
”خبردار ٿجانءِ، منهنجامالڪ،“ گڏهه هاريءَ کي
چتاءُ ڏيندي چيو. ”اهو ڪمينو نانگ اٿئي ان کي اتي
برف ۾ئي مرڻ ڏي.“
پر نرم دل هاريءَ پنهنجي گڏهه جي هڪ به نه ٻڌي ۽
نانگ کي کڻي پنهنجي کيسي ۾ وڌو.
ٿوري دير ۾ هاريءَ جي جسم جي گرمائش نانگ جو سيءَ
لاهي ڇڏيو ۽ هو ڪوٽ اندر هيڏانهن هوڏانهن چرپر ڪرڻ
لڳو.
هاريءَ ڪوٽ جا ٻيڙا کولي نانگ کان پڇيو: ”ننڍڙا
نانگ! ڪر خبر هاڻ ڪيئن آهين؟ منهنجي خيال ۾هاڻ
توکي پنهنجي ڪوسي ٻر ۾ وڃن کپي.
هاري جي ان چوڻ جي دير هئي ته نانگ کنوڻ وانگر جهٽ
پٽ هاريءَ جي ڇاتيءَ ۾ کڻي چڪ هنيو. ان بعد ٽپ
ڏيئي شوڪاري ڀري ڀڄي ويو.
غريب هاري نانگ جي ڏنگ لڳڻ سان زمين تي ڪري پيو.
گڏهه سمجهي ويو ته سندس مالڪ جي بچڻ جي هاڻ ڪا
اميد ناهي. سو مدد لاءِ وٺي رڙيون ڪيون.
خوش قسمتي سان ان وقت ڊاڪٽر اتان اچي لانگهائو ٿيو
جنهن جي مدد سان هاريءَ جي جان بچي ويئي.
سال بعد، هڪ دفعي هاريءَ جو وري ساڳي هنڌان لنگهه
ٿيو. رستي تي ساڳيو نانگ نظر آيس. نانگ پڻ هاري کي
سڃاڻي ورتو ۽ چيو: ”گذريل سال جيڪي ڪجهه ٿيو ان جو
مون کي سخت ڏک آهي. مهرباني ڪري اهاڳالهه وساري
ڇڏ. ڏس مون پنهنجي سڄي کل به مٽائي ڇڏي آهي. اچ ته
هڪ دفعو وري دوست ٿيون.“
جواب ۾ هڪ لفظ به ڪڇڻ بنا هاريءَ ڪلهي تان ڪهاڙي
لاهي ڳن سان ان نانگ جو مٿو چلهي ڇڏيو ۽ پوءِ ڳترا
ڳترا ڪري چيو:
”ڇا تون سمجهين ٿو ته مون کي هر دفعي بيوقوف بنائي
سگهندين. تو کل کڻي بدلائي آهي پر ذهنيت ته ساڳي
اٿئي.“
جادوئي ڌاڳا
ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ ٻيلي جي ڀر ۾ ڪنهن
ننڍڙي جهوپڙيءَ ۾ هڪ غريب چيني رن زال رهندي هئي.
جيتوڻيڪ هن جي زندگي تمام ڏکي گذري ٿي پر ان هوندي
به هوءَ ايترو خوش قسمت ضرور هئي جو هن کي بيحد
سلڇڻي ۽ پورهيت ڌيءَ هئي جنهن جو نالو سمي هو.
سميءَ جو سڄو ڏينهن گهر جي پورهئي ۾ گذرندو هو، رڌ
پچاءَ ۽ صفائيءَ کان علاوه هن تي پٽ ڪينئان پالڻ
جو ڪم پڻ رکيل هو جن جي ڌاڳن مان سندس ماءُ ريشم
جا رومال ٺاهيندي هئي.
سڄو ڏينهن آڏاڻي اڳيان ويهي هن جي ماءُ ريشم جا
سهڻا سهڻا رومال اُڻندي هئي. جڏهن ٽي چار رومال
ٺهي راس ٿيندا هئا ته سمي انهن کي بازار ۾ وڪڻي
ايندي هئي.
هڪ ڏينهن سمي جهڙو مارڪيٽ کان موٽي ته آسمان تي
اوچتو ڪارو ڌنڌ ڇائنجي ويو. کنوڻ ۽ گوڙ کان ڄڻ
ڌرتي ڏرڻ لڳي.
سمي لڪڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڪو اجهو ڳولڻ لڳي.
جيئن ئي مينهن جو وڏو ڦڙو شروع ٿيو ته هوءَ سامهون
واري هڪ جهوپڙيءَ اڳيان وڃي بيٺي. جهوپڙي جو
دروازو کليل هو سو هن زور زور سان سڏ ڪياِ:
”آئون اندر اچي سگهان ٿي. مينهن کان منهنجا ڪپڙا
پُسي رهيا آهن.“
اندران ڪنهن به جواب نه ڏنو.
”گهر جو مالڪ شايد ڪيڏانهن ٻاهر هليوويو آهي.“ هن
سوچيو. ”آءٌ نٿي سمجهان ته مينهن بند ٿيڻ تائين
منهنجي هتي ترسڻ تي هو ڪاوڙبو“.
گهر ۾ قدم رکي سميءَ ڏٺو ته سڄو گهر مٽيءَ ۾ ڀڀوت
ٿيو پيو هو. هر هڪ شيءِ ٽڙي پکڙي پيئي هئي. ميز تي
اڻ ڌوتل ٿانون جو ڍير رکيل هو ۽ ڪنڊ ۾ ميرا ڪپڙا
سٿيا پيا هئا. هن کي ڏاڍو تعجب لڳو هن جي ماءُ جي
ننڍڙي جهوپڙي ان جي مقابلي ۾ تمام صاف سٿري رهي
ٿي.
”مونکي پڪ آهي ته مالڪ جڏهن پنهنجي گهر کي صاف
سٿرو ڏسندو ته بيحد خوش ٿيندو.“ هن سوچيو.
هن هڪ هڪ ڪري پهرين ٿانوَ ڌوتا ۽ پوءِ انهن کي ڪاٺ
جي مدن تي سجائي رکيو. ان بعد ميرا ڪپڙا ڌوتا، ميز
۽ اسٽول صاف ڪيو ۽ پوءِ سڄو فرش کرڙي اهڙو ته
چمڪائي ڇڏيو جو ڪٿي به داغ ڌٻو نظر نٿي آيو.
اتي مينهن اچي بند ٿيو ۽ سمي هاڻ گهر کان نڪرڻ
واري هئي ته هڪ تمام ننڍڙو ماڻهو اچي نڪتو. هن جو
قد جيتوڻيڪ فقط ٽي فوٽ هو پر عمر ۾ بيحد پوڙهو لڳي
رهيو هو. هن جي ڏاڙهي ايڏي ڊگهي هئي جو پيرن ۾ پئي
وچڙيس.
پوڙهي ماڻهوءُ سميءُ ڏي قربائتي نموني سان ڏسي
چيو:
”ٻچا! ڇا تنهنجو مون ۾ ڪو ڪم آهي؟“
”چاچا“ سميءَ وراڻيو، ”آئون مينهن ۾ پسڻ کان بچڻ
لاءِ هتي هلي آيس. اميد ته توهان کي دل ۾ نه ٿيو
هوندو.“
”نه، هرگز نه.“ بندري ماڻهوءَ وراڻيو، ”منهنجي
غريباڻي گهر ۾ تون ڪڏهن به اچي سگهين ٿي.“ پوءِ هن
گهر جي چوڌاري نظر ڊوڙائي جتي هاڻ هر شيءِ صاف
سٿري ۽ سجايل نظر اچي رهي هئي.
”هيءَ صفائي ڇا تو ڪئي آهي؟“ هن سميءَ کان پڇيو.
”جي ها.“ سميءَوراڻيو.
”تون بيحد محنتي ۽ مهربان ڇوڪري آهين،“ بندري
ماڻهوءَ چيو، ”تنهنجي وڏي مهرباني.“ سميءَ وراڻيو.
گهر کي صاف سٿرو ڏسي بندرو ماڻهو واقعي ڏاڍو خوش
ٿيو. هن گهر جي چوڌاري ڦيرو ڪري هڪ هڪ شيءِ چڱيءَ
طرح ڏٺي. ٿانوَ سڀ صاف ٿيل هئا. ڪپڙا سڀ ڌوتل هئا.
ميز ۽ اسٽول تي مٽي بنهه نه هئي. تڪڙ ۾ جهڙو هو
ميز ڏي وڌيو ته سندس پير ڏاڙهيءَ مٿان اچي ويو ۽
ان ۾ وچڙي ڪري پيو.
”چاچا“ سميءَ پوڙهي ماڻهو کي ڪرڻ کان بچائيندي
چيو، ”توهان جي ڏاڙهي تمام وڏي ٿي ويئي آهي، ڇا ان
کي ڪتري ڪجهه ننڍو ڪريان.“
”ها. اها ته تنهنجي تمام وڏي مهرباني ٿيندي.“
پوڙهي بندري ماڻهوءَ چيو ۽ پوءِ ڪئنچي کڻي سميءَ
کي ڏني. سميءَ ڪئنچيءَ سان ٿورا ٿورا ڪري وار
ڪتريا ۽ ڏاڙهي کي صحيح صورت ۾ آندو.
”تون منهنجي ڏاڙهيءَ جا ڪتريل وار سوکڙيءَ طور رکي
سگهين ٿي.“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو، ”توکي اجورو ڏيڻ
لاءِ مون وٽ ٻي ته ڪا خاص شيءِ آهي به ڪانه.“
ڏاڙهيءَ کي سمي ڇا ٿي ڪري سگهي. پر هوءَ ايترو ته
نرم دل هئي جو انڪار ڪرڻ بدران انهن وارن کي رومال
۾ ٻڌي گهر ڏي رواني ٿي.
هوءَ جڏهن گهر پهتي ته ماءُ کي هميشه وانگر آڏاڻي
وٽ ريشم جا رومال ٺاهيندو ڏٺائين. هن بندري
ماڻهوءَ بابت پنهنجيء ماءُ کي ٻڌايو ۽ پوءِ جيئن
رومال جون ڳنڍيون کولي ماءُ کي ڏاڙهي ٿي ڏيکاري ته
ڏاڙهي جي وارن بدران منجهانئس سهڻا ۽ چمڪندڙ ريشم
جا ڌاڳا نڪري آيا. ٻئي ماءُ ڌيءَ ڏاڍوخوش ٿيون.
”ريشم جي هنن ڍاڳن مان ڪهڙا ته سهڻا ۽ عمدا رومال
ٺهندا.“ ماءُ چيو.
”امان مهرباني ڪري هنن ڌاڳن مان هينئر جو هينئر
رومال ٺاهه.“ سميءَ چيو.
هن جي ماءُ انهن جادوئي ڌاڳن مان رومالن لاءِ ڪپڙو
اُڻڻ شروع ڪيو. پر ڌاڳا کٽڻ بدران اوتري جا
اوترائي رهيا. ايتري قدر جو ڪپڙي جو سڄو تاڪيو
اُڻي ويئي ته ڌاڳا اوترائي رهيا. پوءِ ڏينهن جا
ڏينهن گذرڻ تي به اهي نه کٽا ته به اهو ڏسي ماءُ ۽
ڌيءَ ڏاڍو خوش ٿيون ۽ پوڙهي طرفان ڏنل هن سوکڙيءَ
کي بيحد گهڻو ساراهيو ۽ سچيءَ دل سان ٿورو مڃيو.
ٽي جادوءَ جون سوغاتون
ڪنهن زماني ۾ ’تي- هو‘ نالي هڪ غريب چيني ڇوڪر
رهندو هو. هڪ ڏينهن هو گهر کان ٻاهر راند کيڏي
رهيو هو ته هن کي هڪ ڪينئون نظر آيو جيڪو بلڪل
مرڻينگ حالت ۾ هو.
هو ان ڪينئين کي پنهنجي گهر کڻي آيو ۽ جيتريقدر ٿي
سگهيس سندس ٽهل ٽڪور ڪرڻ لڳو. جڏهن به کيس ڪجهه
کائڻ لاءِ ملندو هو ته ان مان ڪينئين کي به
کارائيندو هو. ٿورن ڏينهن ۾ ڪينئون چاق چڱو ڀلو ٿي
ويو ۽ هاڻ قد ۾ پڻ وڌڻ لڳو. جيڏانهن به هو نڪرندو
هو ته هي به سندس پٺ وٺي هلندو هو ۽ ٻئي ڄڻا سٺا
دوست ٿي ويا.
ڪڏهن ڪڏهن ته هن جي ماءُ ڪاوڙجي کيس دڙڪا پڻ ڏيندي
هئي: ”نادان ڇوڪر! ڪوڌنڌو ڌاڙي ڪري ڪمائڻ بدران هر
وقت ڪيئين سان راند ڪندو رهين ٿو. ان مان ڇا
ورندءِ. جي ائين وقت وڃائيندو رهندين ته هڪ ڏينهن
پڪ بک وگهي مري وينداسون.“
تي هو جواب ڏيندو هو؛ ”امان تون فڪر ڇو ٿي ڪري. هڪ
ڏينهن جڏهن منهنجو هي ڪينئون وڌي وڏو ٿيندو ته
پاڻهي پنهنجي مدد ڪندو. تون رڳو ڪجهه وقت ترس پوءِ
ڏس ته ڇا ٿو ٿئي.“
هڪ ڏينهن تي هو کي ڪينئين چيو: ”منهنجا مالڪ
منهنجي جان بچائڻ ۽ هيترو وقت کارائڻ پيارڻ لاءِ
مان تنهنجو بيحد ٿورائتو آهيان. هاڻ مون لاءِ وقت
اچي ويو آهي ته وڏي درياهه ۾ وڃي رهان. سو مهرباني
ڪري مون کي اوڏانهن وٺي هل.“
سو تي هو جڏهن درياهه جي ڪپ وٽ پهتو ته ڪينئين
ڇٻيءَ مان نڪري هڪدم درياهه ۾ کڻي ٽٻي هنئي.
درياهه ۾ گهڙڻ سان هو. ڪنئين مان ڦري هڪ وڏي اجگر
بلا ٿي ويو جنهن جا وڏا پَر ۽ سونهري ڇلر چلڪڻ
لڳا.
اجگر بلا رڙ ڪري چيو: ”منهنجا مالڪ! منهنجي خدمت
ڪرڻ جي بدلي ۾ آئون توکي هڪ گڏهه ڏيندس. جنهن وقت
به توکي سون جي ضرورت پوي ته هن کي فقط ايترو
چئجان: ”گڏهه، گڏهه مون کي سون ڏي.“ ۽ گڏهه جي وات
مان سون جون چڪيون نڪري اينديون. پر ياد رکجانءِ،
گهر پهچڻ کان اڳ هن کان متان سون جي گهر ڪئي
اٿئي.“ اجگر بلا اڃا ڳالهايو ئي پئي ته درياهه مان
هڪ گڏهه نڪري آيو. پوءِ اجگر بلا موڪلائي درياهه
منجهه غائب ٿي ويئي.
تي هو ان بعد گهر جو رُخ ڪيو. پٺيان پٺيان سندس
گڏهه به هلندو آيو. رستي تي رات گذارڻ لاءِ هو هڪ
مسافر خاني ۾ آيو ۽ مسافر خاني جي مالڪ کي چيو:
”آئون هتي رات ٽڪڻ چاهيان ٿو پرمهرباني ڪري منهنجي
گڏهه جو پڻ چڱيءَ طرح خيال رکجانءِ. هن کان سون جي
گهر هرگز نه ڪجانءِ.“
مسافر خاني جي مالڪ کي ڏاڍو تعجب لڳو ته نينگر اهو
سڀ ڪجهه کيس ڇو ٻڌايو. پر ڪجهه چوڻ بدران هوماٺ ۾
رهيو. پوءِ جڏهن نينگر گهاٽي ننڊ ۾ سمهي رهيو هو
ته مسافر خاني جو مالڪ آهستي آهستي ڪري گڏهه وٽ
پهتو. گڏهه جي ڳچي تي پيار مان هٿ گهمائي چيو؛
”گڏهه گڏهه، مون کي سون ڏي.“
هن جي ائين چوڻ سان گڏهه پنهنجو وات کولي سون جون
ننڍيون چڪيون ٻاهر ڪڍيون.“
”ڪهڙو ته عجيب گڏهه آهي.“ مسافر خاني جي مالڪ چيو،
”ههڙي گڏهه کي ته مون کي پاڻ وٽ رکڻ کپي.“
”ٻئي ڏينهن مسافر خاني جي مالڪ تي هو جو گڏهه پاڻ
وٽ رکي هن کي پنهنجو ڏيئي ڇڏيو.
تي هو گهر پهچي پنهنجي ماءُ کي چيو: ”خبر اٿئي
منهنجو ڪينئون هڪ اجگر بلا ٿي پيو ۽ ڏس هي گڏهه هن
تحفي طور ڏنوآهي. هن گڏهه جي اها خاصيت آهي ته هن
کي چئبو ته ”گڏهه گڏهه. سون ڏي.“ ته وات مان سون
ڪڍي ڏيندو.
”چڱو اچو ته ڏسون ته اهو واقعي جادوئي گڏهه آهي يا
نه.“ اهو چئي ماڻس گڏهه کي چيو: ”گڏهه، گڏهه، سون
ڏي.“ پر ڪجهه به نه ٿيو. وري تي هو رڙ ڪري چيو،
”گڏهه گڏهه،سون ڏي.“ پروري به ڪجهه به نه ٿيو.
تي هو کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. ”اجگر بلا پاڻ سان شايد
ڪو دوکو ڪيو آهي.“ هن چيو. ”هن سان مون کي ان بابت
ضرورملڻ کپي.“
ٻئي ڏينهن تي هو جڏهن نديءَ جي ڪناري تي پهتو ته
اجگر ڀلا اڳهين هن جو انتظار ڪري رهي هئي.
”تو مون کي چڱو بيوقوف ٺاهيو.“ تي هو چيو، ”گڏهه
ته ٽڪر به سون جو نه ڏنو.“
”مون توسان ڪوبه چرچو يا دوکو نه ڪيو آهي، منهنجا
مالڪ ”اجگر بلا چيو، ”بهرحال هن دفعي آئون توکي هي
ميزپوش ڏيان ٿي جنهن وقت به توکي بک لڳي ته هن ميز
پوش کي وڇائي فقط چئجانءِ ته ڪپڙا ڪپڙا مون کي
ماني ڏي ته ڪيترن ئي قسمن جا کاڌا اچي حاضر ٿيندا.
هن دفعي بيحد خبردار ٿجانءِ ۽ رستي تي ان بابت
ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪجانءِ.“
درياهه مان هڪدم اڇي رنگ جو ميز پوش اڀري تي هو ڏي
تري آيو. ان بعد اجگر بلا موڪلائي درياهه ۾ وري
غائب ٿي ويئي. تي هو ميز پوش کنيو ۽ گهر ڏي روانو
ٿيو. رستي تي رات ٿيڻ تي هو وري ساڳي مسافر خاني ۾
ٽڪيو.
سمهڻ کان اڳ تي هو مسافر خاني جي مالڪ کي چيو:
”منهنجي ميزپوش کان کاڌي جي گهر هرگز نه ڪجانءِ.“
هن جي اها ڳالهه ٻڌي چالاڪ مالڪ سمجهي ويو گڏهه
وانگر هي ميز پوش پڻ جادوءَ جو آهي.
۽ پوءِ جڏهن تي هو سمهي رهيو، نه. مسافر خاني جي
مالڪ آهستي آهستي ڪري ميز پوش کنيو ۽ پنهنجي ٽيبل
تي وڇائي چيو: ”ڪپڙا. ڪپڙا. مون کي ماني ڏي.“
انهيءَ چوڻ جي دير هئي جو هڪدم ڪيترن ئي قسمن جا
طعام ان ميز تي وڇائجي ويا. جيڪي هو پيٽ ڀري
کائيندو رهيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو تي هو جادوئي ميز پوش بدران
مسافر جي مالڪ جو ميز پوش ڪڇ ۾ وجهي گهر ڏي روانو
ٿيو.
جڏهن هو گهر پهتو ته هن کي ڏاڍي بک لڳي. هن هڪدم
ميز پوش کي ٽيبل تي وڇائي چيو: ڪپڙا ڪپڙا. مون کي
ماني ڏي.“ پر ڪجهه به نه ٿيو.
هن جي ماءُ جيڪا هي سڀ ڪجهه ڏسي رهي هئي تنهن
پنهنجي پٽ کي ٽوڪيندي چيو: ”اجگر بلا هڪ دفعو وري
توکي بيوقوف بنايو.“
تي هو کي اجگر تي تمام گهڻي چڙ آئي. هن ڀيري هو
ڊوڙندو ڊوڙندو درياهه جي ڪپ تي پهتو ته ڏٺائين ته
اجگر بلا وري سندس انتظار ڪري رهي هئي. ”تو مون کي
چڱو بيوقوف بڻايو.“ تي هو ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو.
”منهنجا پيارا مالڪ مون توکي بيوقوف هرگز نه بنايو
آهي.“ اجگر بلا جواب ڏنو. ”تنهنجي سستي ڪري ائين
ٿيو. پر خير ڪا ڳالهه ناهي. هن ڀيري آئون توکي هڪ
لڪڻ ڏيان ٿي. هي لڪڻ تنهنجو پاڻهي خيال رکندو.
جڏهن تون ڪنهن کي مارڻ چاهين ته هن لڪڻ کي فقط
ايترو چئجانءِ ته ’لڪڻ، لڪڻ ماڻهو کي مار.‘ ۽ پوءِ
مارڻ بند ڪرائڻ لاءِ ’لڪڻ، لڪڻ. هاڻ بس ڪر.‘
چئجانءِ.“
ان بعد درياهه مٿان هڪ لڪڻ ترندو هن ڏي آيو. اجگر
بلا هڪ دفعو وري موڪلائي درياهه ۾ غائب ٿي ويئي.
تي هو لڪڻ کڻي گهر ڏي روانو ٿيو. رستي تي جڏهن رات
ٿي ته هو وري ساڳي مسافر خاني ۾ ترسي پيو. مسافر
خاني جي مالڪ کي هن ٻڌايو: ”ڏس منهنجي لڪڻ کي مارڻ
لاءِ هرگز نه چئجانءِ.“
مسافر خاني جو مالڪ سمجهي ويو ته گڏهه ۽ ميز پوش
وانگر هي لڪڻ به پڪ جادوءَ جو ئي هوندو.
مسافر خاني جو مالڪ هاڻ وڏو امير ٿي ويو هو جو
گڏهه کيس هر وقت سون ڏيندو رهيو. ان کان علاوه هي
سخت ٿلهو متارو پڻ ٿي پيو هو جو ميز پوش ذريعي هر
وقت کاڌا گهرائي کائيندو رهيو ٿي. پر هي ايڏو
لالچي هو جو اهو لڪڻ به غريب ڇوڪر کان کسڻ چاهيو
ٿي.
ان رات جيئن ئي تي هو ستو ته مسافر خاني جي مالڪ
هن جو لڪڻ کڻي ان جي جاءِ تي هڪ پنهنجو لڪڻ رکي
ڇڏيو ۽ پوءِ پڪ ڪرڻ لاءِ ته اهو لڪڻ واقعي جادو جو
ئي آهي يا نه، لڪڻ کي چيو: ”لڪڻ، لڪڻ. ماڻهو کي
مار.“
بس هن جو ائين چوڻ لڪڻ کيس مارڻ شروع ڪري ڏنو. هو
رڙيون ڪري گهر ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ لڳو پر
جيڏانهن وڃي لڪڻ سندس پويان ۽ ڌڪن جو وسڪاروڪندو
رهيو.
رڙين جي آواز تي هن جي اک کلي پيئي ۽ ڏٺائين ته
مسافر خاني جو مالڪ موچڙا کائي رهيو آهي ته کيس
ڏاڍي کل آئي.
”بچاءِ، بچاءِ مون کي بچاءِ.“ مسافري جي مالڪ هاڻ
زور زور سان دانهون شروع ڪيون. ”مهرباني ڪري
پنهنجي لڪڻ کي چئه مون کي مارڻ بند ڪري. آئون توکي
گڏهه، ميز پوش به واپس ڪري ڇڏيندس.“
پوءِ ان تي هو رڙ ڪري لڪڻ کي چيو: ”لڪڻ، لڪڻ. ماڻ
بند ڪر. ان بعد لڪڻ مارڻ بند ڪيو ۽ اچي پنهنجي
اصلي مالڪ ’تي هو‘ وٽ ڪريو.
ڊپ ۾ ڏڪندڙ مسافر خاني جي مالڪ هڪدم گڏهه ۽ ميز
پوش تي هو جي حوالي ڪيو ۽ پوءِ رات گذاري اڇو صبح
ٿي هو پنهنجي گهر ڏي روانو ٿيو. هن ڀيري پنهنجي
اصلي جادوئي گڏهه، جادوئي ميز پوش ۽ جادوئي لڪڻ
سميت.
ڪڪڙ جي صلاح
گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ هڪ سلطان
رهندو هو. هو بيحد مهربان ۽ شريف انسان هو. سندس
رعيت کيس تمام گهڻو پيار ڪيو ٿي. هر هڪ هن جي وڏي
ڄمار ۽ خوشي لاءِ دعا گهري ٿي. ڪجهه سال راڄ ڪرڻ
بعد هن هڪ تمام سهڻي شهزادي سان شادي ڪئي، جيڪا
تئان پتري سڏبي هئي. هو پنهنجي زال کي تمام گهڻو
چاهيندو هو. ايتريقدر جو جيڪي ڪجهه هوءَ چوندي هئي
سو ضرور پورو ڪندو هو.
سلطان جي ان ڳالهه کان سندس وزير ۽ عملدار ڪجهه
فڪر مند رهيا ٿي. پر ڪنهن به سلطان جي مخالفت ڪري
کيس رنج نٿي ڪيو. ان ڪري هو فقط الله کان دعا گهري
سگهيا ٿي ته شل تئان پتريءَ جو ناز نخرو رعيت جي
ڪم ۾ رخنو نه وجهي.
هڪ ڏينهن شام جو سلطان پنهنجي باغ ۾ سير لاءِ
نڪتو. هن پاڻ سان تلوار پڻ کنئي هئي. ٽيپهريءَ جي
نماز اتي باغ ۾ ئي پڙهي پوءِ ڇٻر تي پسار ڪري رهيو
هو ته هن کي هڪ وڏي پٿر هيٺان هڪ ڪارو ۽ هڪ اڇو
نانگ گڏ گڏ نظر آيا. بنا ڪنهن هٻڪ جي هڪدم تلوار
ٻاهر ڪڍي انهن نانگن تي حملو ڪيو. پهرين ئي ڌڪ ۾
ڪارو نانگ ته مري ويو. ٻئي ڌڪ ۾ اڇي نانگ جو رڳو
پڇ وڍيو.
اڇو نانگ، پڇ ڪٽجڻ بعد تکو تکو پنهنجي سري غار ڏي
غائب ٿي ويو. اتي پهچي هن نانگ مڙس کي ٻڌايو جيڪو
نانگن جو پڻ راجا هو: ”منهنجا پيارا مڙس، سلطان جي
باغ ۾ آئون کاڌي جي ڳولا ۾ چري رهي هيس ته سلطان
پنهنجي تلوار سان منهنجو پڇ وڍي رکيو ۽ هاڻ آئون
پڇ ڪٽيل ٿي پيئي آهيان.
پنهنجي زال نانگڻ جو اهو احوال ٻڌي نانگن جي راجا
کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. ”منهنجي پياري زال، تون فڪر نه
ڪر.“ هن چيو، ”وڍيل پڇ سڄو ڪرڻ ته منهنجي وس ۾
ناهي، باقي اهو واعدو ڪريان ٿو ته ان ڏوهه جي سزا
ان سلطان کي ضرور ڏيندس. ۽ هن پهاڪي موجب آئون
ساڻس پير ڀريندس.
ڀلائيءَ جو بدلو ڀلائي سان ڏيڻ کپي.
خون جو بدلو خون سان
۽ زندگي جو بدلو زندگي سان.
”ان ڪري تون اجايو ڏک نه ڪر. تنهنجي پڇ جو بدلو
آءٌ اڄ رات ئي وٺي ان بي عزتيءَ جو ٽڪو پنهنجي
پيشانيءَ تان لاهيندس. هاڻ تون سمهي ننڊ ڪر. آئون
سلطان جو ساهه ڪڍي اچان ٿو.“
اهو چوڻ بعد نانگن جو راجا پنهنجي زال کي اتي ئي
ٻر ۾ ڇڏي، پاڻ آهستي آهستي ٿي سلطان جي محل وٽ آيو
۽ پوءِ خاموشي سان رڙهي ڪمري اندر داخل ٿيو. جنهن
بستري تي سلطان سمهندو هو ان جي هيٺان هو لڪي ويٺو
۽ سلطان جو ننڊ ۾ ساهه ڪڍڻ جي ارادي سان هو اتي
انتظار ڪرڻ لڳو. |