سور کان لومڙ جون وايون بتال ٿي ويون ۽ گهوڙا پٽ
ڪري ٻاهر نڪري آيو. ڏسي کڻي ته سندس پڇ پٽ تي پيو
آهي. اهو ڏسي ڊپ ۽ شرم کان کڻي ٻيلي ڏي رُخ رکيو.
ان ڏينهن کانپوءِ لومڙ وري ڪڏهن نظر نه آيو ۽ ان
ماٿري ۾ سڀ جانور هڪ دفعو وري سڪون ۽ سانت جي
زندگي بسر ڪرڻ لڳا.
ڪانگ ۽ جهرڪيءَ جو مقابلو
هڪ ڏينهن، ڪانگ جهرڪيءَ کان پڇيو:”مون سان ڊوڙ
پُڄائيندين؟“
”چڱو.“ جهرڪيءَ جواب ڏنو.
”سڀاڻي سج اڀرڻ مهل هن نديءَ جي ڪناري تي پاڻ ڊوڙ
پڄائينداسين.“ ڪانگ چيو، ”ياد ڪري پوري وقت تي
پهچي وڃجانءِ.“
ٻئي ڏينهن پوري وقت تي ڪانگ ۽ جهرڪي درياهه جي ڪپ
تي پهچي ويا. جهنگ جا ٻيا به ڪيترائي پکي هي
مقابلو ڏسڻ لاءِ اتي اچي گڏ ٿيا.
ڪانگ درياهه جي اورئين ڪپ تي ٻه اڇي رنگ جا گول
ننڍڙا ڀتر رکيا ۽ پوءِ ڪاٺڪٺي کي چيو: ”تون اڏامي
هن پار هلي بيهه. پوءِ ڪانگ جهرڪيءَ کي چيو: هنن
ٻن ڀترن مان پاڻ هڪ هڪ ڀتر کڻي درياهه جي هن ڪپ ڏي
اڏامنداسين ۽ پوءِ جيڪو پهرين پنهنجو ڀتر ڪاٺڪٺي
جي حوالي ڪندو ان ڄڻ مقابلو کٽيو.“
مقابلو شروع ٿيو. ڪانگ ۽ جهرڪي هڪ هڪ ڀتر پنهنجي
چهنب ۾ کڻي درياهه مٿان اڏامڻ شروع ڪيو.
ڪانگ جهرڪيءَ کان تمام گهڻو تکو اڏامي سگهي ٿو. ان
ڪري جو هو وڏو ۽ سگهارو پکي آهي. ڪانگ جڏهن درياهه
جي سير وٽ پهتو هن ڪنڌ ورائي پٺيان ايندڙ جهرڪيءَ
کي ڏٺو. جهرڪي ويچاري اڃا تمام گهڻو پٺيان هئي.
ڪانگ سوچيو: ”جهرڪيءَ کي تکو ٿيڻ لاءِ چوان.“ پر
ڳالهائڻ لاءِ جيئن ئي هن پنهنجي چهنب کولي ته سندس
بتر چهنب مان نڪري درياهه ۾ وڃي ڦهڪو ڪيو.
اهو ڏسي هو وري ڪناري ڏي واپس موٽيو ۽ ٻيو ڀتر
ڳولي اڏامڻ شروع ڪيو. پر هو اڃا اڌ تي مس هو ته
جهرڪي اچي ڪاٺ ڪٺي وٽان نڪتي.
جهرڪيءَ پنهنجو ڀتر يڪدم ڪاٺ ڪٺي حوالي ڪيو. جنهن
جهرڪي جي جيت جو اعلان ڪيو. سڀني پکين پنهنجن پرن
سان تاڙيون وڄائي خوشي جو اظهار ڪيو. هوڏانهن هو
ٽيڙيءَ خور ڪانگ شرمندو ٿي ڀڄي ويو.
ڏيڏر ۽ ڪوئو
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ ڪوئي درياهه جي ٻي ڀر
وڃڻ چاهيو ٿي جتي ان پچي راس ٿيو هو.
جيئن ته هن کي ترڻ نٿي آيو ان ڪري هو پنهنجي دوست
ڏيڏر وٽ مدد لاءِ آيو.
”ڏيڏر يار!“ ڪوئي چيو، ”مهرباني ڪري تون مون کي
درياهه جي هن پار وٺي هل؟“
”ضرور“ ڏيڏر جواب ڏنو، ”ٽپ ڏيئي منهنجي پٺيءَ تي
اچي ويهه ته توکي هن پار کڻي هلان.“
”پر ڏيڏر ڀائو!“ ڪوئي چيو، ”جيڪڏهن رستي تي آئون
ڪري پيس ته آئون ته ٻڏي ويندس.“
”ان صورت ۾، اچو ته هڪ رسي ڳوليون،“ ڏيڏر چيو، ”ان
جو هڪ پاسو آئون پنهنجي پيٽ کي ٿو ٻڌان ۽ ٻيو پاسو
تون پنهنجو پاڻ کي ٻڌجانءِ. جيڪڏهن تون ڪري به
پئين ته توکي ٻي ڀر تائين ڇڪي وٺندس.“
ڪوئو هن رٿ مان بيحد خوش ٿيو ۽ ڏيڏر رسي ڳولڻ لاءِ
روانو ٿي ويو.
ڪجهه دير کانپوءِ ڏيڏر رسي کڻي آيو. هن هڪ ڪنڊ
ڪوئي جي چوڌاري ٻڌي ۽ ٻي ڪنڊ پنهنجو پاڻ جي.
”ڪوئا! ڊپ ڊاءُ بنهه نه ڪجانءِ،“ ڏيڏر چيو، ٽپ
ڏيئي منهنجي پٺيءَ تي اچي ويهه ۽ آئون توکي هن پار
وٺي هلندس.
ڪوئي ائين ئي ڪيو جيئن هن کي چيو ويو. پوءِ ڏيڏر
آهستي آهستي ڪري ٻي ڀر ڏي ترڻ شروع ڪيو.
پوڙهي ڪڇونءَ جي سياڻپ
ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ ئي هنڌ هڪ لومڙ ۽
هڪ پوڙهو ڪڇون رهندو هو. هنن ٻنهي ڄڻن جي پاڻ ۾
سخت دشمني هئي.
لومڙ هر وقت پوڙهي ڪڇونءَ کي مارڻ پٺيان هوندو هو.
پر هو ان ۾ ڪامياب هرگز نه ٿيندو هو خطري مهل ڪڇون
پنهنجي ٿلهي کوپي هيٺان لڪي ويندو هو.
ڪجهه عرصي کانپوءِ لومڙ سمجهي ويو ته ڪڇونءَ کي
اڪيلي سر مارڻ هن جي وس جي ڳالهه ناهي. سو هن
پنهنجي دوستن عقاب ۽ ڪاٺ ڪٺي کان، ان ڪم لاءِ مدد
گهري. جن هائوڪار ڪئي.
پوءِ ٽئي ڄڻا ڪڇونءَ کي ڳولڻ لاءِ روانا ٿيا. هنن
ڏٺو ته هو ان وقت هڪ وڻ جي هيٺان خوشي وچان
جهونگاري رهيو هو.
لومڙ هڪ خوفناڪ ٽهڪ ڏيندي پوڙهي ڪڇونءَ کي چيو؛
”سو تون سمجهين ٿو ته پاڻ کي کوپي ۾ لڪائي اسان
کان بچي ويندين؟ پر اڄ توکي پورو ڪرڻ لاءِ مون
پنهنجو دوست ڪاٺ ڪٺو آندو آهي. هو تنهنجي کوپي
منجهه آرپار سوراخ ڪري تنهنجو خاتمو آڻي ڇڏيندو.“
پوڙهو ڪڇون ڏاڍو ڊنو. هن کي ڄاڻ هئي ته ڪاٺ ڪٺي جي
چهنب اهڙي تکي ٿئي ٿي جو سندس پٿرائين کوپي ۾ به
آرپار ٽنگ ڪري وجهندي.
پر هن منهن لاهڻ بدران دل وڏي ڪري، وڏي دليري سان
وراڻيو:”ها. ها. ها. اچ اچ بيوقوف ڪاٺ ڪٺا اچ. اچي
پنهنجو شوق پورو ڪر. توکي شايد اها خبر ناهي ته
منهنجو کوپو رُڪ کان به وڌيڪ سخت آهي. ٺونگا هڻڻ
سان پنهنجي ئي چهنب چٻي ڪري رکندين.“
ڪاٺڪٺي جڏهن اهو ٻڌو ته ڊپ کان ڏڪي ويو.“
”جيڪڏهن منهنجي چهنب چٻي ٿي پيئي،“ ڪاٺڪٺي سوچيو،
”ته کاڌو ڪيئن کائي سگهندس. پوءِ ته آئون بک ۾ ئي
پاهه ٿي مري ويندس.“
هن لومڙ جي ڪن ۾ ڪجهه سرٻاٽ ڪيو. ”ڪڇونءَ جي کوپي
۾ ٽنگ ڪرڻ مون کان نه پڄندو. اچو ته ڪا ٻي رٿ
سوچيون.“
لومڙ عقاب ۽ ڪاٺڪٺي پاڻ ۾ منهن ملائي نئين اٽڪل
سوچي.
”پوڙها ڪڇون!“ لومڙ چيو، ”پنهنجي مون لاءِ هڪ دفعو
وري تيار ٿي وڃ. اسان ڪاٺيون ڪري باهه جو هڪ وڏو
مچ ٿا ٻاريون. پوءِ ان مچ ۾ توکي اڇلائينداسين.“
پوءِ هي ڪڇونءَ جڏهن اهو ٻڌو ته ڊپ کان هن جو ذري
گهٽ ساهه سڪي ويو. جيئري باهه ۾ پچڻ کان وڌيڪ دنيا
۾ ڀلا ٻي ڪهڙي خطرناڪ شيءِ ٿي سگهي ٿي. پر ان
هوندي به هو دل وڏي ڪري زور زور سان کلڻ لڳو. ”ها.
ها. ها. ڇا توهان سمجهو ٿا ته باهه کان آئون ڊڄان
ٿو؟ توهان کي شايد خبر ناهي ته پنهنجي کوپي کي سخت
ڪرڻ لاءِ آئون هر هفتي باهه جو سنان وٺندو آهيان.“
لومڙ عقاب ۽ ڪاٺڪٺي سمجهيو ته ڪڇون سچ پيو چوي. هڪ
دفعو وري هنن منهن منهن ۾ وجهي هڪ تمام بهتر رٿ جو
سوچيو.
”پوڙها ڪڇون!“ لومڙ خطرناڪ مرڪ منهن تي آڻي چيو،
”جيئن ته باهه ته توکي ماري نٿي سگهي ان ڪري هاڻ
توکي عقاب کڻي درياهه ۾ وڃي ڦٽو ڪندو جيئن ان ۾
تون ٻڏي مري وڃين.“
”او منهنجا سائين لومڙ،“ سياڻي پوڙهي ڪڇونءَ منٿ
ڪندي چيو، ”مهرباني ڪري اهو ڪم نه ڪجان. درياهه ۾
اڇلائيندي ته آئون پٿر وانگر وڃي تري کان نڪرندس ۽
ٻڏي مرندس. مهرباني ڪري منهنجي جان بخش. آئون سڄي
عمر تنهنجو ٿورائتو رهندس.“
”ها. ها. ها. هاڻ ڪر خبر. پنهنجي کوپيءَ تي وڏو
مان هئي ته هو توکي هر خطري کان بچائي ٿو. هاڻ ڇا
ڪندين؟“ لومڙ کلڻ لڳو. ”عقاب! هن پوڙهي بيوقوف
ڪڇونءَ کي هڪدم کڻ ۽ سامهون درياهه ۾ وڃي ڦٽو
ڪرينس.“
عقاب پنهنجن چنبن ۾ ڪڇون کي کڻي مٿي اڏاڻو. پٺيان
پٺيان ڪاٺڪٺو به اڏاڻو. لومڙ زمين تي ئي ڊوڙ پاتي
۽ اچي درياهه جي ڪپ تي بيٺو.
عقاب ڪڇون کي درياهه مٿان آڻي هيٺ پاڻيءَ ۾
اڇلايو. پاڻي ۾ ڪرڻ سان درياهه مان ڇنڊا نڪتا ۽
ڪڇون سڌو پاڻيءَ منجهه اندر هليوويو ۽ ڏسندي ئي
ڏسندي غائب ٿي ويو.
ڪاٺڪٺي ۽ لومڙ درياهه جي ڪپ تي بيهي ٻڌا ٻڌا ٽهڪ
ڏنا ته پوڙهو ڪڇون هميشه لاءِ مري ويو. عقاب جيڪو
اڃا آسمان ۾ ڦيريون پائي رهيو هو تنهن پنهنجا پر
هڪ ٻئي کي هڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
۽ پوءِ هي سڀ موٽڻ وارا هئا ته لومڙ جي اوچتو
ڪڇونءَ تي نظر وڃي پيئي. ڇا ڏسي ته پوڙهو ڪڇون
خوشيءَ مان هنن ڏي ترندو اچي.
”ها. ها. ها.“ پوڙهي ڪڇون ٽهڪ ڏنو. ”بيوقوفو! ڇا
توهان کي اها به خبر ناهي ته آئون تارو آهيان ۽
منهنجو گهر درياهه منجهه آهي. مهرباني ڪري پنهنجي
دوست عقاب کي چئجو ته مون کي گهر پهچائڻ لاءِ وڏي
مهرباني.
کيکڙو ۽ شهزادو
هڪ پوڙهي هاري ۽ سندس زال کي نديءَ جي ڀر تي پوک
لاءِ هڪ ٻنيءَ ڀور هو.
هڪ ڏينهن پوڙهي هاريءَ ڏٺو ته سندس ٻنيءَ ۾ڪو اچي
ڪانا ڀڃي پڪل سنگ کايو وڃي. سو هن کي ڦاسائڻ لاءِ
هن ڪوڙڪو رکيو جنهن ۾ هڪ ٿلهو متارو کيکڙو ڦاسي
پيو.
هو کيکڙي کي کڻي گهر آيو ۽ پنهنجي زال کي رات جي
مانيءَ تي رڌي کائڻ لاءِ ڏنو.
کيکڙو جان جي سلامتي لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو.
”پوڙها هاري“ کيکڙي عرض ڪيو، ”هن دفعي جان بخش مون
کي هتي ئي رهڻ ڏي. آئيندي چوريءَ تنهنجو اُن کائڻ
بدران تنهنجي پاڻ مدد ڪندس.“
”هڪ کيکڙو ٿي ڪري منهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهين ٿو،“
هاريءَ چيو، ”تون ته منهنجو قيمتي اناج رڳو کائي
سگهين ٿو.“
”مهرباني ڪري هن کي هن دفعي معاف ڪر،“ هاري جي زال
کيکڙي جو پاسو کڻندي چيو، ”هن کي ڀلي هتي رهڻ ڏي.
مون اڪيليءَ لاءِ پڻ هن جو ساٿ ٿي پوندو.
پوڙهي هاري نيٺ کيکڙي کي ان چورائي کائڻ جي سزا
ڏيڻ بدران معاف ڪري پنهنجي غريباڻي جهوپڙي ۾ رهڻ
ڏنو.
۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد ڀر واري علائقي ۾ سارين جو
فصل پچي راس ٿيو. جنهن جي لاباري لاءِ ان علائقي
جي بادشاهه هر گهر مان هڪ ماڻهوءَ جي گهر ڪئي.
”پنهنجي گهر ۾ ته فقط پاڻئي ٻه پوڙها رهون ٿا.“
هاري پنهنجيءَ زال کي چيو، ”پاڻ ڪنهن کي موڪليون.“
”مهرباني ڪري مونکي وڃڻ ڏيو، کيکڙي چيو، ”لاباري
جي ڪم ۾ بادشاهه جي آئون وڏي مدد ڪري سگهان ٿو.
”تون ڪيئن ان لڻي سگهندين؟“ پوڙهي هاريءَ کيکڙي
کان پڇيو، ”تون ته ان کي کائي چٽ ڪري سگهين ٿو.“
”جيئن ته پاڻ وٽ گهر ۾ ٻيو ته ڪو ڀاتي ناهي.“
هاريءَ جي زال چيو، پاڻ هن کي ئي کڻي موڪليون.
پوڙهي هاريءَ کي جيتوڻيڪ ڳالهه وڻي ته ڪانه پر نيٺ
ان تي ئي راضي ٿيو.
ٻئي ڏينهن کيکڙو بادشاهه سلامت جي ٻنيءَ تي پهتو ۽
جنهن وقت هن ڏٺو ته اوسي پاسي ۾ ڪو هن ڏي ڏسي نه
رهيو آهي. کوپي مان ٻاهرنڪري آيو ۽ کيکڙي مان هڪ
خوبصورت شهزادو ٿي ويو.
هن سڀني کان گهڻو فصل لڻيو ۽ جڏهن ڪم ختم ٿيو ته
پنهنجو پاڻ کي هڪ دفعو وري کيکڙي جي شڪل ۾ آڻي
کوپي اندر هليو ويو.
روزانو منجهند جو بادشاهه سلامت جي ڌيءَ ٻنيءَ ۾ڪم
ڪندڙ پورهيتن لاءِ ماني کڻي ايندي هئي. ٻين کي ڏيڻ
بعد ڪجهه کيکڙي لاءِ به بچائي پنهنجن هٿن سان هن
کي کارائيندي هئي. ائين ڪرڻ سان آهستي آهستي کيکڙي
سان پيار ٻجهي ويو.
آخرڪار هڪ ڏينهن فصل جو لابارو پورو ٿيو ۽ آخري
ڏينهن تي هڪ وڏي جشن ۾ دستور موجب بادشاهه سلامت
پنهنجي ڌيءَ کي مڙس چونڊڻ لاءِ چيو.
ڪيترا سوين سهڻا نوجوان ۽ شهزادا، مشهور گهوڙي
سوار ۽ ڳائڻا بادشاهه جي باغ ۾ انتظار ۽ آسري ۾
اچي ويٺا ته من شهزادي هنن مان ڪنهن کي مڙس چونڊي.
پر شهزاديءَ انهن مان ڪنهن هڪ کي به چونڊڻ بدران
کيکڙي جو مان مٿانهون ڪيو.
بادشاهه سلامت جي ڌيءَ ان ڏينهن هڪ آسماني ۽ سنهري
رنگ جي وڳي ۾ سڀني نوجوانن اڳيان ڦيرو ڪيو پر ڪنهن
به همراهه ڏي نظر کڻي نه ڏٺو. پوءِ سامهون ويٺل
کيکڙي وٽ پهچي هن کي ٽي دفعا گلن جو هار پائي
پنهنجيءَ پيءُ وٽ وٺي آيس.
بادشاهه سلامت پنهنجي ڌيءَ کي هڪ کيکڙي سان گڏ
ايندو ڏسي ڏاڍو ڪاوڙيو. پر ڪجهه به ڪڇي نٿي سگهيو
جو ان ملڪ جي ريت رسم موجب اهو قانون هو ته
بادشاهه جي ڌيءَ ان سان ئي شادي ڪندي جنهن کي هوءَ
ٽي دفعا گلن جو هار پائيندي. ان ڪري بادشاهه کي
مجبور ٿي پنهنجي ڌيءَ کي کيکڙي سان شادي ڪرڻ جي
اجازت ڏني.
کيکڙي ۽ شهزاديءَ جي شادي وڏي ڌام ڌوم سان ٿي ان
بعد ٻئي ڄڻا بادشاهه سلامت جي ئي محلات ۾ رهڻ لڳا.
هاڻ ڇا ٿيو جو بادشاهه جي اصطبل ۾ ويهه گهوڙا
هوندا هئا بادشاهه جا نوڪر چاڪر روزانو هنن گهوڙن
کي چڱي طرح کارائي پياري پوءِ وهنجاري صاف سٿرو
ڪري ڇڏي ويندا هئا. پر شادي بعد روز صبح جو اهي
گهوڙا ٿڪل ۽ مٽيءَ ۾ ڀڀوت نظر اچڻ لڳا.
بادشاهه کي ڏاڍو تعجب لڳو. هن کي شڪ هو ته ان ۾
کيکڙي جو ڪو هٿ آهي.
هڪ ڏينهن هن پنهنجي ڌيءَ کي پاڻ وٽ سڏائي سمجهايو
ته ڪنهن رات جو هوءَ مکر ڪري سمهي ۽ پوءِ پنهنجي
کيکڙي مڙس جي ٽيٽ وٺي ته اهو رات جي وقت گهوڙن جي
اصطبل ڏي ته نٿو وڃي.
انهي ئي رات بادشاهه سلامت جي ڌيءَ سوير ئي ننڊ جو
بهانو ڪري سمهي پيئي. ٿوري دير بعد هن ڏٺو ته سندس
کيکڙو مڙس پنهنجي کوپي مان آهستي آهستي ٿي
ٻاهرنڪتو. پوءِ پنهنجو روپ بدلائي هڪ خوبصورت
نوجوان ڇوڪرو ٿي پيو.
ان بعد هڪ ڪمري کان ٻاهرنڪري گهوڙن جي اصطبل ڏي
روانو ٿيو. سندس زال سندس پٺ وٺي کيس ڏسندي رهي.
پوءِ نوجوان ٽوپ ڏيئي هڪ گهوڙي تي چڙهيو ۽ روانو
ٿي ويو.
هن يڪدم پيءُ کي اٿاري حقيقت کان آگاهه ڪيو ۽ پوءِ
پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آيو.
بادشاهه کيکڙي جو ڇڏيل کوپو کڻي پرزا پرزا ڪري
ڇڏيو. ان دوران کيکڙو مڙس هڪ هڪ ڪري سڀني گهوڙن تي
سواري ڪندو رهيو تان جو اڇو صبح وڃي ٿيو.
صبح ٿيڻ سان جڏهن هو پنهنجي ڪمري ۾ موٽيو ته هن کي
سندس زال ۽ بادشاهه سلامت ڀڳل کوپي وٽ نظر آيا. |