موٽ ۾ تون چپ چاپ ٽڪ ٻڌي مون کي ڏسندو رهيو هئين ۽
پوءِ کن ترسي منهنجي اُرهه تي ڪنڌ رکي اکيون ٻوٽي
ڇڏيون هيئي پر تنهنجي چهري تي پَر ڦهلائي بيٺل ڀوَ
جا ڀاوَ اڄ به ڪڏهن ڪڏهن هانوَ تي هُري اچنم ٿا.
۽ جڏهن تو سچ پچ پنهنجي پيءُ جيڏو قد ڪڍيو هو،
تڏهن مان مس تنهنجي ڪلهي تائين پهچي سگهيس ٿي.
تنهنجين انهن هراسيل اکين ۾ نڄاڻ ڪٿان/نڄاڻ ڪهڙي
پل باز جي اکين جهڙي تکي گهور اچي وئي هئي. اهڙي
تکي گهور، جنهن جي اڳيان منهنجو من بلڪل تنهنجي
ٻالپڻي جيان هيسجي وگهرڻ لڳندو هو. زندگيءَ جي
انهيءَ دور ۾ اچي مان توکان سوال ڪرڻ لڳي هئس. ڊنل
ڊنل ۽ هيسيل سوال ۽ موٽ ۾ تنهنجا جواب مون کي ڪيڏو
پريشان ڪري وجهندا هئا. جيئن جيئن تون ڪنهن پهاڙ
جيان اڏول، اڙٻنگ ۽ ٻلوان بڻبو ٿيو وئين، تيئن
تيئن منهنجو ڏيل اوترو ئي ڏٻرو، منهنجو من ان کان
به وڌيڪ پتڪڙو ٿيندو ٿي ويو. سڄيون سڄيون راتيون
گم هوندو هئين ۽ مان اُهي سڄيون راتيون کليل در جي
چائنٺ تي بيهي سرد هوائن سان پئي وڙهندي هيس.
ڏينهن به ته اُهي اڳ کان به ڏکيا ٿي پيا هئا نه.
اسان کي ايندڙ پيڙهين تائين محڪوم رکڻ لاءِ اسان
جي چئني پاسي فوجي ڇانوڻيون ڦهلايون پي ويون.
منهنجو من انهن ڇانوڻين جي حدن ۾ لڳل لوهه جي
ڪانڊاريل تارن ۾ اُلجهي اٽڪي پيو رتوڇاڻ ٿيندو هو،
اهو سوچي ته افسوس، شايد تون به پنهنجي پيءُ وانگر
آزادي ماڻي نه سگهين – شايد – تون به – شايد – تون
– به، ائين پيو ڀاسندو هو ڄڻ بنا نو آبجيڪشن
سرٽيفڪيٽ جي اسان ساهه به نٿا کڻي سگهون.
ذهني ايذاءُ جي ايندڙ لمحن ۾ تون مون کي پنهنجين
لوهي ٻانهن جي گهيري ۾ آڻي چوندو هئين؛ ”تون ڀلا
ڇا کان ٿي ڇرڪين مما!؟ هي ڏس منهنجي هٿ تريءَ جي
ليڪ ڪيڏي ڊگهي آهي – ڏس.“ ائين چئي هٿ تري منهنجين
اکين اڳيان ڦهلائي ڇڏيندو هئين.
تنهنجي پيءُ جي هٿ تي به حياتيءَ جي ليڪ ايتري ئي
ڊگهي هوندي هئي – يا شايد ان کان به ڊگهي – پر!!.
تون ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن وڙهي به پوندا هئاسون، انيڪ
ڳالهين تي.
مثلاً: رات جو تنهنجي دير سان اچڻ تي، تنهنجين
انڊر گرائونڊ سرگرمين تي، تنهنجي لهجي ۾ ٻرندڙ
جوالا تي – توکان وڇوڙي جو خوف مون کي ڪيڏو ڪمزور
ڪندو ٿي ويو نه ته ان رات جڏهن مان ۽ تنهنجو پيءُ
سدائين لاءِ وڇڙي ويا هئاسون، مون رنو ئي ڪونه هو
/روئڻ ئي نه چاهيو هو.
منهنجي ڀوَ جي اظهار تي تون، منهنجين اکين ۾
نهاريندي مُرڪي ڏيندو هئين – منهنجا ٻئي هٿ پنهنجي
هٿن ۾ ڏاڍيان جهلي پاٻوهه مان چوندو هئين، ”وڇوڙو
اڻٽر آهي مما! تو جهڙيون مائون ۽ مون جهڙا پُٽ
اڪثر اڌ پنڌ ۾ ئي وڇڙي ويندا آهن. اسان وڇڙڻ لاءِ
ئي جنميا ويا آهيون. اها ڪاري رات، جيڪا توکي بابا
کان ۽ مون کان وڇڙڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي، ان جو انت
ائين ئي آڻي سگهجي ٿو.“
جنهن ڪاري رات جو تو انت آڻڻ ٿي چاهيو، اُن ڪاري
رات جي ڪنهن حصي ۾ هو سنگينون ڪلهن تي ٽنگي توکي
وٺڻ لاءِ پنهنجي در تي اچي بيٺا هئا – اها تنهنجي
جنم ڏينهن جي رات هئي. اهو سڄو ڏينهن مان رڌڻي ۾
بيهي تولاءِ اُهي سموريون شيون رڌيندي رهي هيس،
جيڪي تون ننڍپڻ کان شوق سان کائيندو هئين، جيڪي
کائڻ لاءِ ننڍپڻ ۾ تون کيٽو ڪندو هئين. پر اڃا اهو
سڀ ڪجهه چُلهه تي ائين ئي رکيو هو جو در تي هٿ لڳو
هو ۽ منهنجو من ڄڻ ڌڙڪندي ڌڙڪندي بيهي رهيو هو.
اهي اوپرا آواز مان سڃاڻي سگهيس ٿي چڱيءَ طرح،
جڏهن هو تنهنجي پيءُ کي وٺڻ ايندا هئا، تڏهن کان.
وساڻل من سان مان تنهنجي پويان ئي در تي هلي آئي
هيس. اسٽريٽ لائيٽ جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ اهي ئي
هيا. اهي ئي خاڪي ورديون، اهي ئي چٻري جهڙيون
اکيون، اهي ئي اُڀيون، تنهنجي سيني ڏانهن تاڻيل
سنگينون.
نالو؟
پيءُ جو نالو؟
ڏوهه؟
ڏوهه ڄاڻائڻ في الحال ضروري ڪونهي. تڏهن به سرسري
طرح سان ٻڌائجي ٿو ته:
ملڪ دشمني
غداري
بغاوت
وفاداري ۽ بيعت کان انڪار
وقت جي حڪومت خلاف پروپيگنڊه
احتجاج
پمفليٽ لکڻ ۽ ورهائڻ
باغي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هئڻ
چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر خلاف نعره لڳائڻ
وغيره – وغيره –
في الحال پنهنجن ڏوهن سان متفق هئڻ ضروري نه آهي.
انهن جي تصديق ۽ فيصلو سرسري عدالت ڪندي. هن وقت
توکي اسان سان گڏ هلڻو آهي.
موٽ ۾ تو ڪنڌ ورائي مون ڏانهن نهاريو – اکين ۾ اها
ئي باز جهڙي تکي گهور.
”الوداع!؟“
”الوداع.“
تون هليو وئين. اها رات تنهنجي وڃڻ کان پوءِ
تهائين ڊگهي ٿي پئي هئي. بظاهر سڀڪجهه جيئن جو
تيئن ئي ته رکيل هو. ٽيبل تي رکيل اونڌيون پليٽون،
خالي گلاس، برٿ ڊي ڪيڪ، ميڻ بتيون، هينگر تي ٽنگيل
تنهنجو ڪوٽ، جيڪو ڪي پل پهرئين ئي تو لاٿو هو ۽ ان
۾ تنهنجي خوشبو – تنهنجو ڪمرو – ڪتاب – ان گهر ۾
سڀڪجهه تنهنجو ئي ته هو. هر شيءِ تنهنجي حوالي سان
ئي ته هئي. چؤڏسا ۾ تنهنجي خوشبوءِ جو ئي ته واسو
هو.
پر تون نه هئين.
تنهنجي بدران اڪيلائپ جو ڀوت هو جيڪو آدم بوءِ –
آدم بوءِ ڪندو سڄي گهر ۾ ڦيريون پائي رهيو هو ۽
مان هئس.
ان رات کان پوءِ سمورو سلسلو ائين ئي هو، جيئن
تنهنجي پيءَ ڀيري هو. دائري جو سلسلو، دائرن منجهه
دائرا. جڏهن ڪوڙ سچ تي سوڀ ماڻي ويندو آهي نه،
تڏهن ماڻهن جون زندگيون دائرن جو روپ ڌاري وٺنديون
آهن. گول گول ڦرندڙ انڌا دائرا ۽ ان ۾ ٻڌل ماڻهو
گهاڻي جي ڏاند جيان –
انهن دائرن ۾ ڳچيءَ کان ٻڌل عدالتون
اکين تي کوپا چاڙهي گول ڦرندڙ جج ۽ وڪيل
ڏوهن جي فهرست
۽ تون
۽ توسان گڏ ڏوهين جي ڊگهي قطار
۽ مان تنها، عدالتن جي ڊگهن سرنگهه جهڙن ورانڊن ۾
توکي ڏسڻ لاءِ جُتيون گسائڻ لڳي هئس.
سر!
سر – پليز –
لسن مي سر!
سر پليز هيلپ مي –
آئي – ايم – ا – مدر
آ – مدر – آف – ا – سن –
۽ ڳجهن جي شور ۾ مهنجو آواز دٻجي ويندو هو.
هڪ لڱان توکي چيو هئم:
”پٽ! هي ملڪ برف جو ڪارخانو آهي – هتي سپيريئر
ڪوالٽي جا ماڻهو برف مان ٺهيا آهن ۽ باقي عوام ۾
زوريءَ برف ڀري وئي آهي.“
تو چيو هو:
”مما! برف رجندي به آهي نه. مون گليشئر ڏٺو ته
ناهي، پر ان جي وهڪري کي مان پنهنجين رڳن ۾ محسوس
ڪري سگهان ٿو.“
۽ پوءِ ـــــ
انيڪ انيڪ ڏينهن کان پوءِ
جڏهن سڙڪن تي برف رجڻ لڳي هئي
۽ گليشر ڦُٽي نڪتو هو برف جي پهاڙن مان
تڏهن مان توسان آخري ڀيرو ملي هئس. پگهر مان شم
مُٺ ۾، نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ ڀيڙي، وک وک جيلر جي
پويان هلندي، هيڊن چهرن ۽ بيمار جسمن وارن قيدين
جي بي وس اکين کي لتاڙيندي تو تائين پهتي هئس.
اونداهي کولي
اڪيلائي
سانت
۽
تون
مان ته سڃاڻي ئي نه سگهي هيس توکي – تنهنجو ته سڄو
وجود منهنجن هٿن مان سرجي نڪتو هو پر – ڪيڏو ڏٻرو
ٿي ويو هئين – ڪيڏو زرد سرنهن جي گلن جهڙو – نرڙ
کان هيٺ، اندر گهڙي ويل ٻه اکيون ۽ انهن ۾ اها ئي
باز جهڙي تکي گهور پسي ئي سڃاڻي سگهي هئس توکي.
بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي تو منهنجن هٿن تي پنهنجا هٿ
ڦٻائي ڇڏيا هئا.
منهنجين اکين ۾ اکيون وجهي انيڪ پل نهاريندو رهيو
هئين. منهنجين اکين ۾ تنهنجي جنم پل کان وٺي،
تنهنجي ٻالڪپڻي جا ساروڻا، منجهين راتين جا
اوجاڳا، تولاءِ ڏٺل خواب، تنهنجي پيءُ جو وڇوڙو،
تنهنجي اڏول، اڙٻنگ ۽ ٻلوان جواڻيءَ جا سمورا پل
برف جيان رجڻ لڳا هئا. شايد!! يا – پڪ سان مون
توکي وڇوڙي جي انهيءَ پل لاءِ ته جنميو هو. پنهنجي
ڏيهه جي اتهاس ۾ اهو ئي ته لکيل آهي ته تون سوريءَ
چڙهين ۽ مان تنهنجي سيرانديءَ ويهي، سينا ڪوبي ڪرڻ
لاءِ باقي رهجي وڃان.
الوداع ــــــــ
اَ – وشواس
مان ته ڄڻ وڃائجي وئي آهيان/پڪ ته،
پنهنجي پاڻ کان
پنهنجي اندر کان
پنهنجي هئڻ کان.
شروع ۾ مون کي محسوس ٿيندو هو ته مان وڙهڻ چاهيان
ٿي/وڙهي سگهان ٿي.
گهڻو اڳتي هلي هوريان هوريان منهنجا هٿ ويڙهه جي
انهيءَ ڀاونا/ويساهه تي ڍرا پوڻ لڳا.
وڙهي ئي نٿو سگهجي.
بلڪل به نه.
سمجهوتن جا ڪيترا ئي بلينڪ پيپرز مون کان سائن
ڪرايا ويا آهن – جن تي شرطن جي فهرست لکڻ وارا ٻيا
آهن.
رشتا/ناتا – اهم/غير اهم
سماج
سرڪار
مها سرڪار/سپر پاور.
(اها هڪڙي ئي چين آهي اُها، جيڪا شخصي/گڏيل سطح تي
ماڻهوءَ کي/ماڻهن کي ٻوجهه ڍوئيندڙ جانورن جيان
انهيءَ هڪ ئي ڏسا ڏي هڪليندي ٿي رهي، جنهن ڏانهن
ويندي هن کان/هنن کان منظر سمورا الوپ هجن).
شرط مون مڃيا آهن زندهه رهڻ جي فطري خواهش هيٺ نه،
پر زندهه رهڻ کان سواءِ ڪو رستو ئي ڪونهي، ان ڪري.
جيتوڻيڪ زندهه رهڻ لاءِ مان ٻن نتيجن تي پهتل
آهيان.
1.
سماجي/سرڪاري طرح سان مون کي زنده رهڻ جو آرڊر
ڪونهي/ذاتي سطح تي مان زندهه رهڻ افورڊ ڪري نٿي
سگهان/خدا مون کي محض زنده رکڻ لاءِ زندگيءَ ۾ ڦٽي
ڪري ڇڏيو آهي.
2.
مون کي محسوس ٿيندو آهي ته جنم کان ئي مون کي بنا
ڪنهن مختارنامي جي موڪليو ويو آهي محض بي وسيءَ جو
تجربو ڪرڻ لاءِ/جنم کان پوءِ زندگيءَ جي ڪنهن
اسٽيج تي مون کان مختارنامو ڦريو ويو آهي محض بي
وسيءَ جو تجربو ڪامياب بنائڻ لاءِ.
انهن ٻنهي نتيجن کان هٽي ڪري جيئڻ لاءِ ڪيترا ئي
ڪارڻ گهڙي وٺبا آهن، پر هر ڪارڻ جي پويان جيڪو
ڪارڻن جو اننت سلسلو آهي، اُهو تهائين گهڻو ڊگهو ۽
ٿڪائيندڙ آهي ۽ آخر ۾ اهو ويساهه به ته جيئڻ
پنهنجي اندر آ – ڪارڻ آهي.
اهو سمورو احساس شروع کان ناهي – اهو وڃائجي وڃڻ
کان پوءِ جو آهي ۽ اهو احساس منهنجي اندر تڏهن
جنميو هو، جڏهن مان اهو ڄاڻي سگهي هئس (۽ اها ڄاڻ
سرڪار/سماج جي گهاڻي ۾ پيڙهجڻ کان پوءِ ئي ماڻي
سگهجي ٿي) ته جيئڻ معنيٰ محض ساهه کڻڻ ئي ٿي نٿو
سگهي.
جيئڻ معنيٰ:
پنهنجي شخصي سوچ ۽ اُن جي سگهه ۽ اُن جي آزاد
اظهار جي اندر ماڻهوءَ جو جياپو ڪنڌ کڻي هلي سگهي.
سوچ!!؟
ان جي سگهه!!؟
اُن جي اظهار جي آزادي!!؟
پوءِ مان ٻن حصن ۾ ورهايل. اڌ حصو عورت جي خاني ۾
پيل - پئي پئي بوءِ ڏيندڙ ۽ ٻيو اڌ حصو انسانن جي
خاني ۾ پيل ۽ مري مري به جيئندڙ پر!!
نتيجي ۾ مليل شڪست ۽ مسلسل شڪست کان پوءِ
هاءِ بلڊ پريشر/لو بلڊ پريشر.
ڊاڪٽر همدرديءَ وچان اکين ۾ اکيون وجهي چيو:
”اهو سڀ ذهني دٻاءَ ۽ ڇڪتاڻ جي ڪري آهي – ڪارڻ؟
عورتن ۾ عام طرح اها ڪيفيت ڪنهن اندروني جسماني
بيماريءَ ڪارڻ ٿيندي آهي. مثلاً: يوٽريس ۾ انفيڪشن
وغيره – ٿي – سگهي – ٿو – ته –
چڱو ڀلا تون ڪنهن سٺي گائناڪالاجسٽ کي ڏيکار.“
ڪيترا ٽيسٽ ۽ رپورٽون
آخر ۾ گائناڪالاجسٽ جي راءِ (ڪاروباري نوع ۾).
”يو آر نارمل – دراصل اسان جي سماج ۾ عورتون اڪثر
اپ سيٽ رهنديون آهن. انهن ويچارين جو ڏوهه به
ڪونهي. مڙد جي ذهني ۽ جسماني
domination
ان کي به ذهني ۽ جسماني طرح سان ٿڪائي وڌو آهي.
دنيا جي بدلجندڙ سماج ۾ هوءَ عورت جي آزادي ڏسي
وڌيڪ
depress
ٿي وڃي ٿي. منهنجو خيال آهي ته تون ڪنهن سائيڪا
ٽرسٽ کي ڏيکار.“
”چرئين جي ڊاڪٽر کي!!؟“
”ها – ان ۾ برائي ڪهڙي آهي!؟ اسان جي ملڪ ۾ ٽي حصا
ماڻهو ذهني طرح سان وکريل/بيمار آهن.“
”پوءِ ذهني طرح سان صحت مند ڪير آهي!؟ باقي اُهو
چوٿون حصو جيڪو سماجي/سرڪاري سطح تي حڪومت ڪري ٿو
بيمار ذهنن تي!؟“
ڊاڪٽر جو ٽهڪ – رسمي
”بهرحال، مون کي وومن لبريشن جو احساس بيماريءَ جي
صورت ۾ ناهي. مان ته ان کي پنهنجو حق سمجهي اون ٿي
ڪريان، وومن لبريشن جي ڪائي موومينٽ جوائن ڪرڻ کان
سواءِ. باقي اها الڳ ڳالهه آهي ته مون تي اها
بيماري مڙهي مون کي وري به مڙد کان الڳ ٻئي درجي
جو فرد ثابت ڪيو وڃي ۽ مان سماج جي سيڪنڊ ڪلاس
ڪمپارٽمينٽ ۾ سفر ڪرڻ لاءِ مجبور ئي رهان/رهندي ٿي
اچان.“
”تڏهن پوءِ تون ڇا ٿي محسوس ڪرين!؟“
”مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڊاڪٽر! ڄڻ/پڪ ته مان
وڃائجي وئي آهيان، پنهنجي پاڻ کان/پنهنجي اندر
کان/پنهنجي هئڻ کان.“
”اڇا!!؟“
عينڪ جي پويان گائناڪالاجسٽ جي اکين ۾ همدردي/رحم.
”پوءِ تون سائيڪاٽرسٽ کي ضرور ڏيکار – گاڊ بليس
يو.“
رات جو
بستري ۾
اکيون ڇت تي لفظ لکڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون
لفظ، جيڪي ڏينهن جو اُچاري نه سگهبا آهن. سماج جو
کاڄ بڻجي ويل لفظ. پاڻ ۾ رل مل ٿي وڃائجڻ لڳن ٿا.
مون کان/پنهنجي پاڻ کان.
پاسو ورائي ڀت ڏانهن منهن ڪرڻ ۾ ئي في الحال پناهه
ٿي محسوس ٿئي.
ڀت ۾ پناهه!!؟
اوچتو پٺيءَ تي هن جي هٿ جو ڇهاءُ – مان ڇهاءُ کان
ڇرڪان نٿي. عادي ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو ڇرڪي نٿو ۽
اهو به پنهنجيءَ نوع جو
Compromise
آهي.
هڪڙو سرد ڪمپرومائيز
برف.
”چپ ڇو آهين؟“
”ڳالهائڻ کان سواءِ ڇا تون مون کي نٿو سمجهي/محسوس
ڪري سگهين؟“
”ڇا سمجهان توکي؟“
”مان – مان – ٿوم – بصر ۽ ڪچي گوشت جي اگهن کان
هٽي ڪري ٻهاري جي دز ۽ چلهه مان اٿندڙ دونهين
منجهان نڪري، ڪجهه ٻيو/ڪجهه مٿانهون محسوس ڪرڻ ٿي
چاهيان – ڪجهه اهڙو، جنهن ۾ مان پنهنجو پاڻ پائي
سگهان. رڌڻي کان بيڊروم تائين – بيڊروم کان رڌڻي
تائين – جي – اها – زندگي –“
ڳلي ۾ ڪجهه (الاءِ ڇا!!؟) ڪڙو، تز ۽ چڀندڙ اٽڪي
پوي ٿو. ان کان پوءِ مان چُپ ۽ هن جي اکين ۾ حيرت
جا ڀاوَ. سمجهي سگهان ٿي ته هو مون کي نه پيو
سمجهي سگهي – بس اچرج مان ڪيل هڪڙو سوال.
”تڏهن؟“
”مون ۾ پگهر جي بوءِ ئي ته باقي رهجي وئي آهي،
جيڪا منهنجي هئڻ جو احساس ڏياري ٿي مون کي به/توکي
به. رڌڻي جو پگهر – بستري جو پگهر – ڳالهائڻ لاءِ
مون وٽ مهانگائي، نوڪرن جا مسئلا، ٻارن جون
ضرورتون ۽ لوڪ کي اهو ويساهه ڏيارڻ کان سواءِ ته
پنهنجي گهرو زندگي ڪيڏي خوشگوار آهي – ٻيو ڪجهه به
ته باقي ڪونهي.“
”پر ڇا! اهو سچ ناهي ته اسان جي گهرو زندگي
خوشگوار آهي!!؟“ اکين ۾ اکيون وجهي ڪيل سوال.
شڪ
اکين ۾ به
سوال ۾ به
نڄاڻ پنهنجي لاءِ!؟ نڄاڻ منهنجي لاءِ!؟
”ها سچ آهي پر اهڙو سچ، جنهن کي اسان ڪنهن ساهه
کڻندڙ جيوَ جيان نه پر روبوٽ جيان نڀائي رهيا
آهيون.“
ان کان پوءِ
ڪنهن تلخ احساس هيٺ
هو چپ
مان به چپ.
۽ چپ کي پنهنجي پيڙا ٿيندي آهي ۽ ان پيڙا جي ري
ايڪشن ۾ يا اُن پيڙا مان نڪرڻ لاءِ لائف بوٽ جيان
هڪ ٻي جو استعمال.
ڀاڪر
چُمي
نهار
بي ذائقي هئڻ جو احساس
Tasteless
وچ وچ ۾ ٽٽي پيل تعلق
بنا حواس جي مشيني انداز
بي حس
ٿڪائيندڙ.
ريل جا ٻه الڳ الڳ پٽا ساڳي ڏسا ڏي ويندڙ ۽ اُنهن
مٿان ٿڪل ۽ بيمار پوڙهيءَ جيان هلندڙ ريل ۽ خالي
ڪمپارٽمينٽ ۾ ويٺل ٻه اجنبي.
ان منجهند مان مين روڊ ڪراس ڪرڻ لڳي هئس. ڪجهه
بدليل هو جنهن روڊ جي روزاني روٽين کي به بدلائي
ڇڏيو هو. گهٽ ٽريفڪ ۽ پوليس جا جٿا گشت ڪندڙ، بند
ٿيل دڪانن يا تيزي سان بند ٿيندڙ – آنسو گيس جا
ڇڏيل شيل ۽ اکين ۾ لڙڪ.
مان بيهي رهان ٿي. سامهون نيڻ نهار جي حد کان
اورتي، ايندڙ جلوس – ڪارا ڳاڙها بينر، نعره، ڳاڙها
ٽامو ٿيل چهرا – جلوس ويجهو ايندڙ ۽ گشت ڪندڙ
پوليس جي اکين ۾ لٿل رت.
ڪلهه يونيورسٽيءَ جا ڪجهه شاگرد پوليس جي گولين جو
کاڄ بڻجي ويا هئا. اڄ اُن جو ري ايڪشن هو ٻنهي
ڌرين ۾. صبح مارجي ويلن جا فوٽو ڇپيا هئا اخبار ۾.
ٽيبل تي ناشتو ڪندي، اخبار جي اُن حصي تي اکيون
اُٿندي ئي ڪوسي چانهن جو ڍُڪ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو
هئم.
کن لاءِ من ۾ واڪا ڪندڙ خواهش: ٽيبل تي رکيل ٽي
سيٽ پٽ تي اُڇلي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏڻ جي. اکين ۾ لهندڙ
لڙڪ ۽ ٻي پل سڀ ڪجهه بي معنيٰ بڻجي ويل گهر جي
هنگامي ۾.
”جلدي چانهن ڏي – آفيس کي دير ٿي ٿئي.“
”منهنجا شوز نٿا لڀن.“
”بٽڻ ته ٽانڪي ڏي.“
هوشوءَ جي هوم ورڪ ڪاپي گم.
سپيءَ جو لنچ باڪس اڃا تيار ڪونهي
مسلسل وڄندڙ فون
۽ سمورو هنگامو پڄاڻيءَ تي پهچڻ کان پوءِ،
مان
تنهائي
چانهن جو ٿڌو ٿيل ڪوپ
ٽي سيٽ
۽
اخبار.
هينئر جلوس منهنجي ويجهي کان ٿو لنگهي. هٿ وڌائي
ڇُهڻ چاهيان ته ڇُهي سگهان پر ڇُهان نٿي. چهرا
منهنجا ڏٺا وائٺل. مارجي ويل چهرا به اهڙا ساڳيا.
اهڙا ساڳيا ڳڀرو.
گذريل انيڪ ڏينهن کان مان ۽ اخباري خبرون هڪٻئي
سان وڙهي رهيا آهيون.
جيڪي ڪجه ٿي رهيو آهي اُن تان.
هي نياءِ آهي.
هي انياءِ آهي.
عين اُن پل، جنهن پل هن مون سان هم بستري ٿي ڪئي،
عين اُن پل رت جو درياهه وهي نڪتو هو اِن ساڳي
ڌرتيءَ تي – عين اُن پل سرڪار آرڊر جاري ڪيو هو
قتل عام جو. عين اُن پل انسانن جو هجوم توپ جي کلي
ويل منهن اڳيان اچي ڇيهون ڇيهون ٿي/پرزا پرزا
ٿيندڙ.
عين اُن پل
عين اُن پل
عين اُن پل بستري ۾ اسان جي مٿان ڳجهن جا لامارا.
اخبار جي پنن جي ڦڙ ڦڙ ۽ مري ويلن جا انگ اکر ڀت
تي لکجندا ٿا وڃن. ڪراهت جو احساس جڪڙي ٿو وٺي مون
کي – هم بستريءَ کان، اُن مان ماڻيل لذت کان.
پنهنجي جسم مان/هن جي جسم مان ايندڙ رت جي ۽ سڙندڙ
ماس جي بوءِ. پاڻ ڇڏائي اُٿي بيهي ٿي رهان.
”ڇو؟“
”ان کان اڳتي به ڪجهه آهي.“
”مطلب؟“
”ان – کان – اڳتي – ان – کان – اڳتي – عورت جو مڙد
لاءِ استعمال نه – نه – پر – ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ
لاءِ استعمال – صرف انسان جي حيثيت ۾ - ان لذت کان
اڳتي – اڳتي – ڪجهه ٿيڻ/محسوس ڪرڻ ته ڏي مون کي –
ماڻهو – مري – رهيا – آهن – فار گاڊ سيڪ – اسٽاپ
اٽ – ماڻهو – م – ر – ي – ر – هه – ي – ا – ا – ا
–“
ان کان پوءِ مان ڄڻ هسٽريا جي ڌٻڻ ۾ لهندي ٿي ويس.
سڏڪا
اوڇنگارون
پوءِ ٽٽي، ڇڄي پيل دانهون.
گائناڪالاجسٽ ڇا سچ چيو هو ته مان ڪنهن سائيڪا
ٽرسٽ کي ڏيکاريان!؟ ڇا منهنجي پيڙا رڳو سائيڪاٽرسٽ
پائي سگهندو!!؟ ڇا سچ پچ هن ملڪ جا ٽيون حصو ماڻهو
ذهني مريض آهن يا ڪيا ويا آهن!؟.
جلوس: مارجي ويلن جون تصويرون هنن جي هٿن ۾ -
رڙيون، دانهون، نعرا، احتجاج احتجاج احتجاج –
اچانڪ ڪجهه وراڪا ڏئي وڄ جيان منهنجي اندر گهڙي
آيل ۽ ڪجهه دکي پيل. هوريان هوريان رکندڙ آڱرن مان
جيئن اوچتو ڀنڀٽ ٻري پوندو آهي. آسمان کي ڇهندڙ
اُلا. مان اُنهن ۾ گڏجڻ چاهيان ٿي. وک کڻڻ چاهيان
ٿي/کڻان ٿي ۽ بيهجي وڃان ٿي ڄڻ – ڪنهن حڪم هيٺ.
ٻه ٿا ٿين
ٻار اسڪول کان موٽندا هوندا!
هو به اچڻ وارو هوندو!
بک کان اصل هنگامو کڙو ڪري ڏيندا.
چلهه تي رکيل منجهند جي ماني!؟
۽ هتي – هيءَ – نياءِ ۽ انياءَ جي ويڙهه – منهنجي
اندر دُکي پيل احتجاج ۽ احتجاج ڪري نه سگهڻ جي
پيڙا!!؟
ٻه واٽو
۽ ٻه واٽي مان ڦٽي نڪتل ڪيترا ئي ٻه واٽا/ٽه
واٽا/چؤواٽا – زندگيءَ جا
آتما جا
احساسن جا.
پنهنجي پاڻ ڏانهن ويندڙ راهه انهن ٻه واٽن/ٽه
واٽن/چؤواٽن ۾ وڃائجي وئي آهي ڄڻ. يا هيئي ڪانه يا
منهنجي اکين تي ڪوهيڙو چڙهي ويو آهي؟
اها منهنجي شخصي بي وسي آهي
۽ اُن سان مٿو ٽڪرائيندڙ اُن قوم جي گڏيل بيوسي،
جنهن منجهان مان آهيان.
اُن کان پوءِ منهنجو جسماني روبوٽ گهر واري راهه
ڏانهن مڙي وڃي ٿو.
انڌو
گونگو
ٻوڙو
روبوٽ.
ڪليسا جي صليب تي ڳجهه
دريءَ کان ٻاهر نيڻ نهار تائين منظر سمورا بدنما
ٿي چڪا آهن.
هنن بيئر، وسڪي ۽ سوڍا جون بوتلون کوليون ۽ گلاسن
۾ اونڌيون ڪري ڇڏيائون ۽ پوءِ گلاسن ۾ هنن جا وجود
ترڻ لڳا.
چيئرز
چيئرز
چوٿين پيگ تي، پرين ڪنڊ ۾ ويٺل اڇي چمڙيءَ واري
پوڙهي فلاسفر جو اندر ڄڻ اُٿلي پيو. هن رڙ ڪري
چيو:
”فار گاڊ سيڪ ـــــ آواز سڀئي بند ڪري ڇڏيو. مان
انهن کي نٿو ٻڌڻ چاهيان. منهنجن ڪنن جا پڙدا ڦاٽي
پوندا – سڪون!! سڪون!! اڳتي اونداهون پولار آهي.
اتي ئي سڀئي بيهي رهو اڌ پنڌ ۾ - ڊونٽ موو ـــــــ
اڳتي اونداهون پولار آهي، وات پٽي بيٺل، اسان کي
ڳهڻ لاءِ
Man has been thrown into this world in order to
die – to die – die – e – e – e.
چوٿين پيگ جي آخري ڍڪ تي پهچندي پهچندي هو ٽيبل تي
مٿو ڌري سڏڪا ڀري روئي پيو ۽ هائيڊيگر جا جملا
سندس آواز ۾ ٽٽندا وکرندا ٿي ويا.
ماڻهوءَ کي هن دنيا ۾ مرڻ لاءِ ڌڪيو ويو آهي.
ماڻهوءَ ــــــ کي ـــــ هن ــــ دنيا ۾ ــــــ
مرڻ ــــ لاءِ ـــــــ ڌڪيو ــــــ ويو ــــــــ
آهي ـــــ |