سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: رڻ ۽ رڃ جو اتهاس

باب:

صفحو :11

(مان، پنهنجي اندر، مٺ ۾ جڪڙيل ساهه ڇڏائڻ چاهيان ٿي. ڦٿڪان ٿي ۽ منهنجا پر ڇڻي زمين تي ڦهلجي ٿا وڃن. ساهه مُٺ ۾ جڪڙيل ئي رهي ٿو. پر اها مٺ ڪنهن جي آهي!؟ منهنجي!؟ نه، منهنجي ڪيئن ٿي ٿي سگهي!! منهنجي مٺ ته خالي آهي. تڏهن!؟ اها مٺ ڪنهن ٻي جي به ته ٿي سگهي ٿي! ڪنهن مون کان به وڌيڪ سگهاري جي! ها، ڪنهن مون کان به وڌيڪ سگهاري جي ۽ ان ۾ منهنجو ساهه جڪڙيل آهي.)

(هي ماڻهو به ساهه کڻڻ چاهين ٿا، پر ڇا ساهه کڻي سگهيا آهن!؟ پر ڇا ان ريت ساهه کڻي سگهندا، جيئن وشال نيري آڪاس تي پکي پَر ڦهلائي اڏامندو آهي!! ڇا هنن جا پَر آهن! يا هنن جا پَر به منهنجن پرن جيان ڇڻي وکري ويا آهن!! پوءِ هي رقص ڇو ٿا ڪن!؟ ڇا اندر جي پيڙا ئي هنن کان رقص ڪرائي ٿي؟ ها شايد اندر جي پيڙا ئي هنن کان رقص ڪرائي ٿي. پر مان رقص ڪري نٿي سگهان. مان پنڊپهڻ بڻيل آهيان. مون کي پنڊپهڻ ئي رهڻ گهرجي.)

نومبر جي ان ميري ۽ گدلي شام ۾ اسان اليڪشن جي ورڪ لاءِ آيا آهيون. اڻپورين خواهشن، اڻپورين ضرورتن، اڻپورن خوابن ۽ اڻپورن آدرشن جي اڻ کٽ فهرست آهي، جيڪا جهنڊي جيان هنن جي اکين ۾ ڦڙڪي ٿي.

(اچانڪ ــــــ هانءُ تي تنهنجا ساروڻا ٿا هُريو اچنم)

توکي يادآــــ

ڪيئي سال پهرين اهڙي ئي ڪنهن ميرانجهڙي، ٿڪل، نستي ٿيل شام ۾ ان ساڳي ڳوٺ ۾ تون ۽ مان آيا هئاسون. تڏهن به اليڪشن جي ئي ورڪ لاءِ. تڏهن به اهو رستو ائين ئي ڪچو هو. اها ئي اونداهي هئي. اهيئي پٿون پيرَ ۽ ڏٻرا ڏيل هئا، پر تڏهن تون ۽ مان پراُميد هئاسون ۽ هي ماڻهو زندگيءَ کان ڪٽيل، موت جي ڀاڪرن ۾ ڪِرندڙ ماڻهوءَ جيان مايوس هئا. هنن کي ويساهه ئي نٿي آيو ته ڪو ڪڏهن صبح به ٿيندو – ته ڪو هن پهاڙ جيڏي رات جي به ڪائي پڄاڻي ٿي سگهي ٿي. اچرج مان، ٽڪ ٻڌي، وات پٽي، پنڊپهڻ بڻيا پاڻ کي ڏسندا/ٻڌندا رهيا هئا. تو ۽ مون ڪيئن ڪيئن نه هنن کي ويساهه ڏياريو هو ته اوهان کي رستا ٺهي ملندا، بجلي ملندي – اوهان جا ڪچا گهر پڪا ٿيندا، اسڪول کلندا، جن ۾ اوهان جا ٻار نئين ۽ روشن صبح جي اُميد ساڻ ڪري پڙهندا. اوهان کي گسن، گهيڙن ۽ ڪورٽن ۾ گهلڻ وارا هٿ ڪپيا ويندا، اوهان ئي طاقت آهيو. اوهان جن هٿن ۾ ئي هن ملڪ جو روشن آئيندو آهي. اچو – اسان – جو – ساٿ – ڏيو –

ياد آ توکي! جيئن جيئن تنهنجو آواز ويو ٿي اوچو ٿيندو، تيئن تيئن ڄڻ هنن جو پٿر بڻيل وجود ميڻ جيان ڦڙو ڦڙو ويو ٿي وگهرندو. اڄ ڄڻ انهيءَ ساروڻيءَ کي جڳ لنگهيا. ڄڻ ڪو سپنو هو، جيڪو اڌ پنڌ ۾ ٽٽي پيو يا اسان ئي ٿڪجي ٻوٽيل اکيون پٽي ڇڏيون! يا اکيون کليل هيون، جيڪي ٿڪجي پوڻ کان پوءِ ٻوٽي ڇڏيونسين. ڪير ڄاڻي ته اهو سپنو هو يا هي سپنو آهي!!.

ياد آ توکي! تاڙين جي سُر تي، بي ربط آوازن ۾ سڀئي گڏجي ڳائيندا هئاسون؛ ”هي جيون سارو سپنو آهي – سپني ۾ ڪيئي سپنا آهن – سپني ۾ ڪيئي سپنا آهن – هي جيون سارو سپنو آهي.“ هنن ماڻهن جي اکين ۾ به سپنا آهن. هي ماڻهو، پنهنجا ڏيهه واسي ڍور ۽ ڍڳي وانگر زندگي گهاريندي به ان زندگيءَ سان سهمت نه ٿيندڙ. پنهنجي اندر ۾ هيسيل، هيڻا ۽ جيتامڙا هوندي به ان کان انڪاري. انڪار جي اها سگهه هنن انهن وچ وارن سالن ۾ ويهي ماڻي آهي، جن ۾ تو ۽ مون مايوسيءَ جو زهر ڍُڪ ڀري ويهي پيتو آهي. تو ۽ مون سوچيو هو، نيٺ به، ڪجهه به نه بدلبو. سڀ ڪجهه ائين ئي رهندو، جيئن جڳن کان هليو اچي. چهرا بدلجي ته ويندا، پر سسٽم ساڳي ريت اندران ئي اندران ماڻهوءَ جو رت ست چوسي اُن کي خالي ڪندو رهندو. هي ويچارا ماڻهو سدائين، آد کان جڳاد تائين، ائين ئي هٿ لوڏي لوڏي، رستي جي ڪنارن تي بيهي سلاميون ڏيندا رهندا. ليڊرن جي بتن ۾ ساهه ڦوڪڻ لاءِ نعرا هڻي هڻي ساهه ڏيندا رهندا. جلوسن ۾ روبوٽ جيان لاڳيتو پنڌ هلندا رهندا ۽ تاڙيون وڄائيندي وڄائيندي، نيٺ به ڪنهن ڏينهن پن پن ٿي ڇڻي پوندا. اها ڊيوٽي هنن کي ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ ملي آهي. ان هوندي به، هنن لاءِ ڪجهه به نه بدلبو. وڌ ۾ وڌ قبرستان جو ڦهلاءُ وڌي ويندو.

سچ پچ ته قبرستانن جو ڦهلاءُ وڌي ويو آهي. موت جو سيڪڙو وڌي ويو آهي. بيڪار/رد ڪرڻ جوڳي زندگيءَ جي ري ايڪشن ۾ پلئه پوندڙ موت وڌيڪ تکو ۽ تيز رفتار ٿي چڪو آهي. زندگي ڪجهه وکون/انيڪ وکون پوئتي رهجي وئي آهي. تڏهن به، هينئر جڏهن منهنجي چئني پاسي ماڻهن جو انبوهه نعرا هڻي هڻي نچي رهيو آهي، اُونداهي اڃا به گهري ٿيندي ٿي وڃي. دونهين جي تکي بوءِ اڃا به تکي ٿي چڪي آهي ۽ جهنڊا هنن جي مٿن کان به مٿڀرا اڃان به تيزيءَ سان ڦڙڪي رهيا آهن، مون کي محسوس ٿئي ٿو ڄڻ موت جي سيني ۾ اڃا به دل ڌڙڪي رهي آهي، غير محسوس نوع ۾، هوريان هوريان.

پر منهنجي دل ته ڄڻ بيهي رهي آهي. بلڪل ساڪت. مان هٿ ڦهلائي هنن کي روڪڻ چاهيان ٿي، پر اچانڪ هڪڙي ورڪر جو آواز پڙاڏو بڻجي گونج ڪري ٿو:

”ٻڌو!!

ٻڌو!!

 اسان جي ڳالهه ٻڌو. اسان ڪجهه چوڻ چاهيون ٿا، اوهان جي روشن آئيندي لاءِ. زندگيءَ جي سکن تي اوهان جي حقن لاءِ. چپ ٿي وڃو. چپ چاپ بيهي رهو. اسان اوهان سان ڪجهه واعدا ڪرڻ چاهيون ٿا. سچا، نڀائڻ جوڳا واعدا، جيڪي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سچا ثابت ڪنداسون.

ٻڌو!!

ٻڌو!!“

هجوم ساڪت ٿي بيهي رهي ٿو، پنڊپهڻ جيان. هنن جا کليل چپ هوريان هوريان بند ٿيندا ٿا وڃن. هاڻي صرف جهنڊا ئي ڦڙڪي رهيا آهن ۽ بس. کن کان پوءِ هجوم ۾ ڀڻ جهڻ شروع ٿئي ٿي. جيئن ماکيءَ تي مڙندڙ مکين جي پراسرار ڀڻ جهڻ لڱن مان سيسراٽ ڪڍي ڇڏيندي آهي، تيئن ئي مان محسوس ڪريان ٿي. منهنجا ساٿي ورڪرز جيئن جيئن انهيءَ ڀڻ جهڻ کي دٻائڻ چاهين ٿا، تيئن تيئن انهيءَ ۾ شدت ايندي ٿي وڃي.

”چپ ٿي وڃو.“

”اسان – سالن کان چپ آهيون بابلا!ـــ سالن کان . اڃا به چئو ٿا ته چپ ٿي وڃو.“ کنگهه ۾ وڪوڙيل هڪڙو پوڙهو آواز هجوم جي آخر مان اڀري ٿو ۽ ٻيهر کنگهه ۾ ٻڏي ٿو وڃي.

ڀڻ جهڻ ان جملي کان پوءِ اڃا به وڌي ٿي وڃي. اُونداهي ۾ چهرا الوپ ٿي رهيا آهن. منظر وڃائجي رهيا آهن. بس آواز باقي رهجي وڃن ٿا.

”اسان اوهان کان ووٽ گهرڻ آيا آهيون، ان لاءِ جو اوهان جن حقن لاءِ ئي اسان وڙهي رهيا آهيون ۽ انهن کي پورو ڪرڻ ئي اسان جي زندگيءَ جو پهريون ۽ آخري مقصد آهي.... .... ....“

تقرير وچ وچ ۾ تاڙين جي پڙاڏي ۾ دٻجي ٿي وڃي. تقرير ڪندڙ ورڪر ڳلو ڦاڙي اڃا به زور زور سان رڙيون ڪرڻ جي انداز ۾ ڳالهائي ٿو – ڄڻ هو پنهنجي اڪيلي آواز جي زور تي انيڪ آوازن جي پڙلاءُ سان وڙهڻ چاهي ٿو. مان هن جي وات تي هٿ رکڻ ٿي چاهيان، پر منهنجو هٿ ڄڻ پٿر هيٺان دفن ٿيل آهي .

هجوم مان هڪ ٻيو آواز اُڀري ٿو. ڪمزور، ٿڪل، هيڻو آوازــــ شايد نعرا هڻي هڻي نستو ٿي پيل.

”ابا!- منهنجو جواڻ جماڻ پٽ گذريل اليڪشن ۾ اوهان جي ليڊر لاءِ وڙهندي، وچ چؤنڪ تي مارجي ويو. ڦٿڪو ئي هڪڙو کاڌائين ۽ پوءِ ڄڻ هيو ئي ڪونه. سندس رت ۾ رڱيل قميص اڃا به رکيو ويٺو آهيان!؟ چؤ ته کڻي آڻي ڏيکاريانو!!؟“ هن جو ڳلو ڀرجي اچي ٿو. کن لاءِ ڄڻ هجوم جي ڀڻ جهڻ جو ڳلو گهٽجي ٿو وڃي.

”اسان تنهنجي پٽ جي موت جو، اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ معاوضو ڀري ڏينداسون – ڪنهن جي به قرباني بيڪار نه ويندي.“ ورڪر ٻيهر ڳلو ڦاڙي ٿو. کن لاءِ سانت ۽ ان سانت کي ٻيهر چيري اُڀرندڙ، هجوم مان ايندڙ ساڳيو آواز.

”جواڻيءَ جي موت جو به ڪو اُجورو ٿيندو آهي ڇا بابلا!ــــــ اُن اُجوري مان ڇا ٻيو جواڻ پٽ ڳنهي سگهندس!؟ هڪڙو ئي پٽ هئم ـــ روئي روئي مان ۽ ماڻس نيٺ انڌا ٿي پياسون پر ڪير به اسان جا لڙڪ اُگهڻ نه آيو.“

”جن لاءِ وڙهون ٿا، مرون ٿا، اهي گهٽ ۾ گهٽ اسان جا لڙڪ ته اگهن نه – ٻيا سُک ڏين نه ڏين –“ هڪ ٻيو آواز. آواز ۾ ناراضگيءَ جو تاثر سمايل.

وايومنڊل تي موت جهڙو سناٽو ڇانيل – ڪجهه پل پهرين رڙيون ڪندڙ ورڪر جو به ڄڻ ڳلو گهٽجي ويو آهي. اصل مسئلو آهي آيل لڙڪ اُگهڻ جو. جيڏانهن نهار ڪر، آلين اکين جو نه کندڙ سلسلو آهي، جيڪي ڪڏهن به، ڪنهن به ناهن اُگهيون. مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ هو سڀ ڪنهن نه ڪنهن وچ چؤنڪ تي ماريا ويا آهن، گذريل اليڪشن ۾. هاڻي پويان سندن رت ۾ رڱيلون قميصون باقي رهجي ويون آهن، جيڪي منهنجين اکين جي سامهون، گهري ٿيندڙ اونداهيءَ ۾ لهرائجي رهيون آهن ۽ انهن مان ڦڙو ڦڙو ٽمندڙ رت مان منهنجا هٿ آلا ٿي رهيا آهن. مان پنهنجا هٿ ڪلهن تي ويڙهيل شال اندر لڪائڻ ٿي چاهيان، پر هيڪر وري مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ منهنجا هٿ ڪنهن ڀاري پٿر هيٺان دفن ٿيل آهن.

توکي ياد آ!! اسٽوڊنٽ لائيف ۾ نظرياتي بحث ڪري ڪري اسان جا ڳلا ويهي رهندا هئا. ساهه ڀرجي ايندو هو پر محسوس ٿيندو هو ڄڻ نظرياماڻڻ تائين مُور نه ٿڪباسون. انقلابي نظريا – انقلابي آدرش – رڙيون ڪري چوندا هياسون؛ ”جلائي ڇڏيو هي ايوان، مسمار ڪريو هي محل، آڳ لڳائي ڇڏيو هنن ڪارخانن کي، جيڪي محض پورهيت جو رت چوسڻ لاءِ آهن. آڳ لڳائي ڇڏيو هنن کيتن کي، جيڪي هاريءَ کي پيٽ ڀرڻ لاءِ اَن نٿا ڏين. اسان پنهنجن ليڊرن لاءِ سر ڏئي ڇڏينداسون، پر اُنهن کي سامراج جو کاڄ نه بنجڻ ڏينداسون. هيءَ ڌرتي اسان جي آهي. هن مان اُپايل سُک اسان جا آهن. اسان جا حوصلا بلند آهن. اسان مرڻ گهڙيءَ تائين آڻ نه مڃينداسون.... اسان..... اسان....“

تڏهن ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ اسان ئي ڪائنات جي سڀ کان سگهاري سگهه آهيون. لڱ اسان جا لوهه آهن ۽ رڳن مان سمنڊ ٿو ڇوليون هڻي. لڱ ڪيئن مٽي بڻجي ويندا آهن ۽ سمنڊ ڪيئن خشڪ ٿي ويندا آهن ۽ ماڻهوءَ جي اندر ۾ ڪيئن سوڪهڙو ڦهلجي ويندو آهي؟ ان جي تڏهن ڄاڻ ئي نه هئي سون. بس جيئن دنيا ان پل هئي، تيئن ئي سدائين رهندي. انيڪ سالن کان پوءِ، جڏهن تون آخري ڀيرو مليو هئين (اُها به اهڙي ئي ڪائي سرد پوندڙ شام هئي – ريلوي لائين جي ڪناري ڪناري هلندي ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ ڳالهائينداسون ته سپنو ٽٽي پوندو. مان تنهنجين ۽ پنهنجين کڄندڙ وکن ڏانهن نهاريندي هلي هيس – مون محسوس ڪيو هو ته اڄ تون به تمام گهڻو ٿڪل آهين ۽ مان به تمام گهڻي ٿڪل آهيان. دراصل جتي تون ۽ مان پنڌ پيا هئاسون، اهو محض رستو هو، ڪنهن به ماڳ ڏانهن نه ويندڙ. بس هڪڙي رستي مان سوين رستا ڦٽي نڪرن ٿا، جن ۾ اسان وڃائجي ٿا وڃون، پهرين هڪٻئي کان، پوءِ پنهنجي پاڻ کان.)

ريلوي لائن جي ڪناري ڪناري، ساڻ ساڻ هلندي تو چيو هو؛ ”ڪير بدلجي ويو آهي! تون ۽ مان!! يا هيءَ ڪائنات!؟“

تو چيو؛

”توکي ياد آ.........“

مون چيو؛

”ها، مون کي ياد آ.... ڇا توکي ياد آ......“

پر اڄ به مون کي ياد آ ته يادون آڱرين جي وچ وارين وٿين مان پاڻ ڇڏائي لنگهيو ٿي ويون ۽ اسان جا آواز پريان کان ڌوڪي ايندڙ ريل جي شور ۾ دٻجي گم ٿي ويا هئا، هڪٻئي کان به، پنهنجي پاڻ کان به – ڪجهه ڏينهن پهرين تون جيل مان نڪتو هئين. ڊگهو، ٿڪائيندڙ، ايذائيندڙ قيد ڪاٽي. پارٽيءَ جي مهان ليڊر حڪومت جي پارٽيءَ ۾ وزارت قبول ڪري ورتي هئي. تو خالي خالي اکين سان پولار ۾ گهوريندي چيو هو؛ ”مون پنهنجي زندگيءَ جا هيترا قيمتي سال ڇا لاءِ دان ڪيا!؟ ڪير مون کي اُهي موٽائي ڏيندو!؟ تون ئي چؤ اسان آدرشن جي پويان ڇو ٿا پاڳلن وانگر ڀٽڪون؟ هن وقت مون کي منهنجي اها خواهش ڪيڏي حقير ۽ بي معنيٰ ٿي محسوس ٿئي ته ڪو عظيم انقلاب، جادوگر جي لڪڻ وانگر هڪڙي ئي زوزاٽ سان ڪائنات کي بدلائي ڇڏيندو. اسان ڇا بس هوا ۾ لفظ اڏاريندا رهياسون!! ڇا اهو ناٽڪ هو! اهڙو ناٽڪ، جنهن جو مقصد محض عام ماڻهوءَ کي پاڳل ڪرڻو هو!! ويچارو عام ماڻهو – هر ڀيري وڙهندڙ، هر ڀيري مرندڙ ۽  وري اُٿي ٻيهر وڙهندڙ ۽ ٻيهر مرندڙ ۽ پوءِ لاڳيتو مرندڙ، کيتن ۾، چؤواٽن تي، گهٽين ۾، فائلن ۾، ڪرسيءَ جي هيٺان، بوٽن جي هيٺان، جنگ جي ميدان ۾، جلسن ۾، جلوسن ۾، لفظن ۾، تاڙين ۽ نعرن جي شور ۾، لاڳيتو مرندڙ ويچارو عام ماڻهو. مان به بس اهو ئي ويچارو عام ماڻهو آهيان! اهو ئي ته ثابت ٿيو نه هيڏي ڊگهي، ٿڪائيندڙ ۽ لاحاصل ويڙهه کان پوءِ به. هاـــ نه ـــــ ـــ ــ ريل، ڪنهن پاڳل ٿي پيل آدرشيءَ جيان، ڄڻ دنيا تياڳي، مُٺيون ڀيڙي، رڙيون دانهون ڪندي، اسان کي به چيڀاٽيندي، هن ڀر ڊوڙندي ٿي وئي.

۽ هينئر جڏهن، سالن پڄاڻان، مان هيڪر وري انهن ئي ساڳين ويچارن عام ماڻهن جي اڳيان بيٺي آهيان، تون ساڻ ناهين پر تنهنجا لفظ به ڄڻ انهيءَ ڀڻ جهڻ ۾ شامل ٿي ويا آهن. ڀڻ جهڻ، جيڪا منهنجن لڱن مان سيسراٽ ڪڍيو ڇڏي. روشني ڪرڻ لاءِ ڪار جون لائيٽس آن ٿيون ڪيون وڃن ۽ هاڻي سڌيءَ طرح روشني هنن جي چهرن تي پئجي رهي آهي.

ورڪر ٻيهر ڳلو ڦاڙي هنن کي مخاطب ڪري ٿو.

”اسان ئي اوهان جي ووٽ جا صحيح حقدار آهيون – اوهان جا ووٽ اوهان جي زندگيءَ جي سکن جا ٻوٽيل دروازا کولي ڇڏيندا. اوهان اسان کي آزمائي ڏسو. اسان اسڪول کولينداسون، هسپتالون کولينداسون، رستا پڪا ڪرائي ڏينداسون، بجلي ڏني ويندي، اوهان جا ڪچا گهر پڪا ڪرائي ڏينداسون. اوهان تي سدائين ظلم ڪرڻ واري طاقت کي ڪچليو ويندو – اسين – اسين – اوهانجن – حقن جي – بقا - ۽ - بچاءُ – لاءِ - - -“ ورڪر جو چهرو اونداهي ۾ الوپ آهي. بس هن جو هٿ ڪار لائيٽس ۾ بيٺلن جي چهرن جي اڳيان لهرائجي رهيو آهي. اوچتو هڪڙو هٿ اُلر ڪري اچي ٿو ۽ ورڪر جي لهرائيندڙ هٿ کي ڪرائي ڪنان سوگهو پڪڙي ٿو وٺي. ورڪر جي ڄڀ رڙيون ڪندي ڪندي ڄڻ تارونءَ سان اٽڪي ٿي پوي. ڇانئجي ويل سانت ۾ ڪنهن قدر سگهارو آواز ٿو اُڀري:

”بڪواس ٿو ڪرين تون. اڳوڻڪين اليڪشنن ۾ تون ئي ته آيو هئين. تون نه هوندين ته تنهنجي ئي پارٽيءَ جو ڪو ٻيو هوندو، تو جهڙو. اهو نه هوندو ته اڃا ڪو ٻيو هوندو. اسان ته اسڪولن، هسپتالن، رستن، گهرن ۽ بجليءَ جا خواب ڏسي ڏسي انڌا ٿي پيا آهيون.“

سو، ويچارو عام ماڻهو انڌو به ٿي چڪو!! يا اڳهين انڌو هو ۽ هاڻي محض اُنهيءَ جي ڄاڻ پائي سگهيو آهي! انڌي ماڻهوءَ جي محسوس ڪرڻ جي سگهه، نارمل ماڻهوءَ کان گهڻي تکي ٿيندي آهي ۽ اها ماڻهوءَ جي بلاسٽ ٿيڻ جي سڀ کان آخري حد ٿيندي آهي – ماڻهو آخري حد تي بيٺل آهن. ماڻهو بلاسٽ ٿيڻ وارا آهن – ماڻهو اندران تپي ٽامو ٿي چڪا آهن نه ته تو ۽ مون ته سوچيو هو ته ماڻهو پنهنجي اندر ۾ مري چڪا آهن. پنهنجي اندر جي سردخاني ۾ لاشن جيان رکيا آهن/رکيا رهندا. لاش، جن جو ڪوبه والي وارث نه لڀندو آهي. پاڻ تي حاوي پوندڙ، ٻاهرين سگهه اڳيان هٿار ڦٽا ڪندي تو ۽ مون پنهنجي طور فيصلو ڪري ورتو هو ته هن ويچاري عام ماڻهوءَ جي ماڻهپي کي بقا ڪانهي. اهو وري به اهو جانور آهي، جنهن مان هي انسان بڻيو آهي. انسان جي حيثيت ۾ ڪير به هن کي own ڪرڻ  لاءِ تيار ئي ناهي. هو پاڻ به پاڻ کي انسان own ڪندي پيڙا جي وهڪري ۾ لڙهيو وڃي. هن جو Ego مري چڪو آهي، پر هن جو Ego هو ئي ڪڏهن!! ان بازي گر جيان، جيڪو ساهه روڪي، اکيون ٻوٽي، پولار ۾ ٻڌل سنهڙي ڏور مٿان وک وک هلندو رهندو آهي، محض ان لاءِ ته هيٺ سرڪس ڏسندڙ ايذاءَ جي لذت مان رڙيون ڪندي، تاڙيون وڄائين. دراصل تون ۽ مان ٿڪجي پيا هئاسون. تون ۽ مان به بهرحال پولار ۾ ٻڌل انهيءَ ساڳيءَ ڏور هٿان اکيون ٻوٽي، ساهه روڪي، وک وک هلي رهيا هئاسون ۽ هيٺ ويٺل تماشبين تاڙيون وڄائي رهيا هئا. انهيءَ تماشو بڻائيندڙ ذلت مٿان سوڀ ماڻي ئي نٿي سگهياسون. ڊگهي، اکٽ رستي تي ڊوڙندي ڊوڙندي اهو ڄاتو هيوسين ته رستا محض رستا ئي ٿيندا آهن، محض ماڻهوءَ کي ڊوڙائڻ لاءِ. ڊوڙائيندي ڊوڙائيندي ٿڪائڻ لاءِ ۽ ٿڪائي اونڌي منهن پٿرائينءَ ڌرتيءَ تي ڪيرائي رتو ڇاڻ ڪرڻ لاءِ.

ٻيا پارٽي ليڊر به وزارتن تي سوديبازي ڪري چڪا هئا. ڪيترا ئي ڪارڪن ان سمجهوتي جي پويان، پنهنجن پنهنجن ننڍڙن ننڍڙن مفادن جي حصول ڪاڻ ائين هليا ويا هئا، جيئن ڪُئن جو ولر پائپ وڄائڻ واري جي پويان انڌا ڌنڌ هليو ويندو آهي، سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ تائين. تون اڻڄاتل عرصي لاءِ ٻيهر جيل ۾ واڙيو ويو هئين ۽ مان ـــــ !! مان حالتن جي reaction ۾ بي حس بڻي رهيس. ياد آ مون کي، ڊگهي سڙڪ تي، تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي هلندي مان من ئي من ۾ تڪڙو تڪڙو ڳالهائيندي ويندي هيس. منهنجي زبان تارون، ڳلي ۽ ڏندن جي وچ ۾، چپ بند هوندي به گول گول پئي ڦرندي هئي. ڳالهائڻ جي ضرورت شدت اختيار ڪندڙ پر پوري ٿي نه سگهندڙ. ويهاڻي سان ڳالهيون، سَوڙ سان ڳالهيون، ديوارن، ڇت، پولار ۽ پاتال سان ڳالهيون. انيڪ ۽ ڪڏهن به نه کٽندڙ ڳالهيون. پر پوءِ هوريان هوريان ڳالهيون گونگيون پوڻ لڳيون. اکين جي ڪنڊن ۾ اٽڪيل رهجي ويون. مان چپ ٿي ويس. بلڪل چُپ. مون انهيءَ چپ ۾ پاڻ لاءِ پناهه ڳولهي ورتي. تو چيو هو؛ ”اسان ۾ frustration جا اهي ڀاوَ ٻاهران feed ڪيا ٿا وڃن. Establishment کي وڌيڪ سگهارو بنائڻ لاءِ. پر اسان انهيءَ feeding کي تڏهن قبول ٿا ڪريون نه، جڏهن ان کي سمائڻ جيترو خلا اندر ۾ ڦهليل هوندو آهي.

 ماڻهو ته جيئن جو تيئن هئا. ڪنڌ جهڪائي هلندڙ، شڪر گذار، ٿڪل، هيسيل، چُپ چاپ انهن ئي ساڳين ڪچن رستن تي هلندڙ، اُهي ئي اکين ۾ اسڪول جا مُئل خواب ٽنگيو، ٻنين ۾ ڍڳن ۽ ڍورن جيان وهندڙ ٻار، اُهي ئي اونداهيءَ ۾ انڌن جيان جيئندڙ – اسپتال جي ڏاڪڻين تي ساهه ڏيندڙ، عدالتن جي ڊگهن ورانڊن ۾، پڳون ٻنهي هٿن ۾ کنيو وڪيلن ۽ ججن جي پويان ليلڙاٽيون پائيندڙ، اُنهن ئي واعدن، خوابن ۽ ووٽن جي انبار هيٺ گهٽجي گهٽجي ساهه ڏيندي به بهرحال جيئندڙ ويچارا عام ماڻهو. سڀڪجهه جيئن جو تيئن هو، آد کان جڳاد تائين. مان اڪيلي ڀلا ڇا ٿي ڪري سگهيس!؟ ڪجهه به نه. ڪجهه به پائي نه سگهڻ جو اُهو ايذاءُ ڪجهه ٻين صورتن ۾ منهنجي اندر ۾ به ته مٿو ٽڪرائي رهيو هو، منهنجي هستيءَ جي ديوار سان – مان پاڻ به ته ضرورتن، روايتن، سوسائٽيءَ جي اُصولن ۽ پابندين ۽ حد بندين جي وچ ۾ ڀٽڪندي ڀٽڪندي ڪٿي وڃائجي وئي هيس نه – زندگيءَ جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو بڻجي پيو هو ته ڪيئن، ڪنهن جي سفارش تي گيس جي پائيپ لائين ڇڪرائجي گهر تائين؟. اکيون خبر ناهي اڱرن کي دکائيندي دکائيندي ايڏيون دونهاٽجي ويون آهن يا مسلسل اوجاڳن جي ڪري!.

ان کان به وڏو مسئلو اهو هو ته جيئڻ جو اهڙو طريقو اختيار ڪجي جو اکيون بظاهر کليل هوندي به اندران بند هجن. ساڳيو مسئلو ڪنن ۽ زبان لاءِ به محسوس ڪيو هئم. سو مسئلا حل ڪندي ڪندي سال لنگهي ويا. ياد ئي نه رهيو ته توکي گهڻن سالن جي سزا آئي!؟ اُهي جذباتي ۽ انقلابي تقريرون ڄڻ ڪٿي واٽ ويندي پرس مان ڪِري پيون ۽ اُنهن سان گڏ ٻيو به گهڻو ڪجهه – ڪڏهن ڪڏهن خود غرض قسم جو ڏک اندر ۾ نانگڻ جيان ڦڻ ڦهلائي اچي ويندو هئم ته مان ڇو نه زندگيءَ جون سهولتون ماڻي سگهيس!؟. ڪارخانا، بنگلا، شورومس، بلڊنگون، موٽرون، شهر جا پوش علائقا ۽ سمورو ڪجهه به جيئن جو تيئن هو، جن جي خلاف پاڻ جذباتي تقرير ڪندا هئاسون.

 هڪڙو سياسي ورڪر انهن ئي جذباتي تقريرن رستي پنهنجين محرومين تي react ڪندي پنهنجي اندر جو ڪيٿارسس ڪندو آهي ۽ گهڻو اڳتي هلي ناڪام سياسي ورڪر ثابت ٿيڻ کان پوءِ، ڪجهه به نه پائي سگهڻ جي پيڙا هيٺ، ڪوبه معاشي انقلاب برپا نه ٿيڻ ۽ رات وچ ۾ غربت جي ڀوت کان جند نه ڇڏرائي سگهڻ جي صورت ۾ سمورو انقلاب، سمورا آدرش کيس بڪواس محسوس ٿيندا آهن. اُها ئي اٽي لٽي ۽ اجهي جي جنگ ۽ لاڳيتي جنگ کان پوءِ به شڪست، ۽ شڪست کان پوءِ به جنگ . نه چاهيندي به، زبردستي ڀرتي ٿيل رنگروٽ وانگر وڙهندا رهو، ڇو ته ٻنهي پاسي موت آهي. پنهنجي طور تو به اهو ئي طئي ڪيو هو ته اُهو سمورو ڪجهه بڪواس هو/آهي – سڀ ڪجهه مرده باد.

اڄ، نومبر جي ان سرد ۽ گهريءَ اُونداهيءَ ۾ بدلجي ويل شام ۾ مان هيڪر وري اتي ئي بيٺي آهيان، بلڪل ائين، جيئن اتهاس ۾ پاڻمرادو بنا ڪنهن شعوري ڪوشش جي ڪردار ورجائبا آهن. هڪ ٻي ورڪر هاڻي ڪار جي روشنيءَ ۾ هٿ لهرائي لهرائي تقرير ڪري رهي آهي ۽ ان کان پهرين تقرير ڪندڙ ورڪر ڀرجي آيل ساهه کي نارمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيوآهي، ڄڻ ميلن جو فاصلو طئي ڪيو هجيس. هو سهڪندڙ آواز ۾ مون کي مخاطب ڪري ٿو.

”ٻڌو آ – ڪنهن زماني ۾ تون ڏاڍي سٺي تقرير ڪندي هئينءَ. ماڻهن جا هشام گڏ ٿي ويندا هئا ۽ سُئي به ڪِرندي هئي ته ان جو به آواز ٿيندو هو – اڄ ڇو نٿي ڳالهائين!!“

مان خالي خالي نيڻ نهار هن تي وجهان ٿي. ان سوال جو به ته ڪوئي جواب ڪونهي ته اڄ مان ڇو نٿي ڳالهايان؟ مون کي لڳي ٿو منهنجي ڄڀ ان هجوم جي پيرن هيٺ لتاڙجي رهي آهي.

”صبح ضرور اُڀرندو. جمهوريت جو سج – اسان آمريت کي چؤواٽي تي سوريءَ چاڙهينداسون – جمهوريت زنده باد – آمريت مرده باد – اوهان کي جمهوريت کي ڪامياب بنائڻو آهي – جمهوريت – آمريت/آمريت – جمهوريت – آ – مر – يت – مرد – هه – باد – جمهو – ريت – زندهه – باد – مردهه – باد – زندهه – باد –“

ورڪر ڳلو ڦاڙي رڙيون ڪري رهي آهي ۽ سندس لفظ معنائون وڃائيندا ٿا وڃن. اچانڪ، هڪڙو ستن سالن جو ميرو، گدلو، اڌ اُگهاڙو ٻار هجوم مان نڪري اچي ٿو ۽ ورڪر جي ٻانهن پڪڙي ائين ڇڪ ٿو ڏي جو ورڪر جو آواز اڌ ۾ ٽٽي سانت ۾ اُلهي ٿو وڃي. جڏهن ڪار پڪي تان موڙ ڪاٽي هيٺ ڪچي تي لٿي هئي، تڏهن اهو ئي ٻار هجوم ۾ سڀ کان اڳيان هو. سندس هٿ ۾ جهنڊو هو ۽ هو نچي نچي نعرا هڻي رهيو هو. اهو ئي ٻار، ڪلهه جڏهن اسين هتان لنگهيا هئاسون ته پڪي رستي جي ڪناري جهنڊو کنيو بيٺو هو ۽ اسان جي ڪار کي هن هٿ لوڏي لوڏي سلام ڪيو هو، هينئر ورڪر جو هٿ هن جي هٿ ۾ آهي. هو ڪنڌ مٿي کڻي ورڪر جي اکين ۾ ائين نهارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڄڻ آسمان تي عيد جو چنڊ ڳوليندو هجي.

”آمريت ڇا ٿيندي آهي؟“ بلڪل اوچتو هو سوال ڪري ٿو ۽ هن کي ٻڌائڻ ڪيڏو ڏکيو آهي ته آمريت ڇا ٿيندي آهي! ڪوبه جواب پائڻ کان پهرين هو هيڪر وري سوال ڪري ٿو.

”ڀلا، جمهوريت ڇا ٿيندي آهي؟“ ۽ هن کي ٻڌائڻ ڪيڏو ڏکيو آهي ته جمهوريت ڇا ٿيندي آهي!

هجوم مان شايد هن جي ماءُ نڪري اچي ٿي کيس ٻانهن کان سوگهو پڪڙي واپس هجوم ۾ وٺي وڃڻ لاءِ – هو ماءُ سان گهلبو هجوم ڏانهن ويندي ويندين ڪنڌ ورائي پڇي ٿو: ”ڀلا ٽي وقت ماني – ڀلا پيرن جي جُتي – ڀلا هڪڙو وڳو ڪپڙن جو ڪير ڏيندو!؟ آمريت ڏيندي ـــ ڪِ ـــ جمهوريت ڏيندي!؟“ آخري لفظن کي پهچڻ تائين هو اونداهيءَ ۽ هجوم ۾ اَلوپ ٿي وڃي ٿو ۽ هن کي اهو ٻڌائڻ ڪيترو ڏکيو آهي ته اهي ئي ٽي شيون آهن، جن ماڻهن کي پاڳل ڪري ڇڏيو آهي.

ياد آ توکي! ٽي ڪلاڪ ساندهه پارٽي ليڊر جي پويان، ٽاڪ منجهند جو جلوس ۾ هلندي، مون توکي چيو هو ته ماڻهو ليڊر جي پويان نه پر پنهنجين اڻپورين ضرورتن ۽ خواهشن جي پٺيان ٿا ڊوڙن، جيڪي هنن جي خيال ۾ ليڊر جي کيسي ۾ ڀريل آهن. ٻار جي موٽي وڃڻ کان پوءِ هجوم ٻيهر نعرا هڻڻ شروع ڪري ٿو ۽ هوريان هوريان پنهنجا پنهنجا سوال پنهنجي ڳلي ۾ گهُٽي نچڻ شروع ڪري ٿو. اهو ئي افريقا جو مٿي ڦريل حبشين جو ناچ، جنهن ۾ وجود سان گڏ آتما به پئي ڦيريون پائيندي آهي. خواهشون ۽ ضرورتون، ڪڏهن به پوريون ٿيڻ نه جوڳيون، ڄڻ هنن جي پيرن ۾ ڇير جيان ٻڌيون پيون آهن.

ٻار جو سوال ڄڻ پولار ۾ ٽنگيل رهجي ويو آهي.

ٽي وقت ماني؟

پيرن ۾ جُتي؟

وڳو ڪپڙن جو؟

مان رڙيون، دانهون ڪري ان منظر مان آزاد ٿيڻ لاءِ ڀڄي وڃڻ چاهيان ٿي، پر منهنجو جسم پٿر آهي ۽ منهنجي ڄڀ... هنن... جي... پيرن هيٺ.... لتاڙجي.... رهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com