ها ڪيپٽن سچ چوي ٿو – هي پوڙهو سچ پچ ته اُن پپٽ
مين جهڙو ئي آهي. جيڪڏهن ان جي ڏاڙهي ۽ لباس
بدلائي ڇڏجي ته – نه – پر – اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي!؟
اهو اسان جي اندر ۾ رهجي ويل ڪو احساس آهي شايد!!
خوف جو!؟ يا – شايد
guilt!؟
”هي هن شاعر جو روح آهي – ڇا نالو آهي هن جو!؟ هو
سنڌي شاعر–“ ميجر خالد بٽ کي نالو ياد نٿو پوي، پر
هو مذاق ڪري وايو منڊل تي ڇانيل سانت ۽ هراس کي
ٽوڙڻ ٿو چاهي. ”ها – عبداللطيف – شاهه – ڀٽائي!!
Am I right?“
هو پاڻ ئي ٽهڪ ڏئي کلي ٿو – ها – ها – ها ٻين جا
به گهٻرايل – اُلجهيل ٽهڪ هن جي ٽهڪن ۾ رل مل ٿي
وڃن ٿا. مان به ٽهڪ ڏيڻ چاهيان ٿو پر مون کي ائين
ٿو محسوس ٿئي ڄڻ هن پوڙهي سنڌيءَ جون اکيون خنجر
جيان منهنجي سيني ۾ لهنديون ٿيون اچن ۽ مان ٺوٺ
چپن تي ڄڀ ڦيرائي چُپ رهجيو ٿو وڃان.
ٽهڪ ڏيڻ کان پوءِ هو سڀ رليڪس ٿي وڃن ٿا ۽ نارمل
نوع ۾ ڳالهائڻ لڳن ٿا.
”يار! هيءَ زندگي به ڪائي زندگي آهي!! موت جو
ڪاروبار آهي ڄڻ.“ طارق آرائينءَ جي اکين منجهه
دريءَ مان اُڏامي ايندڙ مٽيءَ سان گڏ مايوسيءَ جي
رک ٿي اڏامي.
”پر اها ئي ته زندگي آهي ينگ مين! اسان پنهنجي فرض
لاءِ جيئون مرون ٿا! سرحدن جي حفاظت لاءِ – ملڪ جي
بقا لاءِ.“ سڀني جا آواز بحث ۾ اُلجهي ويل.
”ها – سرحدن جي حفاظت لاءِ – ملڪ جي بقا لاءِ!؟
ملڪ جي ئي ماڻهن کي ماري، چيڀاٽي ملڪ جي بقا جو
نانءُ ڏيڻ – نو – دس از – ناٽ فيئر ڇا اها آهي
زندگي!!؟ مائي فٽ – آئي هيٽ دس لائيف – “ ميجر
نواز چوڌريءَ جي لهجي ۾ ڀرجي آيل زهر.
”جيڪي ماڻهو ماريان وڃن ٿا – اُهي غدار آهن، ملڪ ۽
قوم جا.“
”پر غدار جي ڊيفينيشن ڇا آهي!؟“
موٽ ۾ ميجر خالد بٽ سوچ ۾ پئجيو وڃي ٿو: ”اون –
غدار!! غدار
Means
غدار جي
I think – definition.“
اچانڪ هو ڪنڌ ورائي پوڙهي ڏانهن نهاري ٿو. اکين ۾
ڪجهه جرڪي پويس ٿو، ”غدار
like this man.“
هن جي مذاق تي سڄو ڪمپارٽمينٽ ٽهڪن مان گونجڻ لڳي
ٿو. پوڙهي جي نرڙ جون ريکائون تهائين گهريون پئجيو
ٿيون وڃن. هن جون اکيون!! بلڪل اُهو ئي بنگالي پپٽ
مين – مون کي محسوس ٿئي ٿو ته هو ڳلو ڦاڙي رڙيون
ڪرڻ ٿو چاهي – ڪرانتي – ڪرانتي – سوراج – سراج –
مان رائفل تي پنهنجو هٿ اڃا به ڏاڍيان ڦٻائي ٿو
ڇڏيان. ناليءَ جو رخ هن ڏانهن ڪريان ٿو. هو وات
پٽي ٿو ڪجهه چوڻ لا!؟ رڙيون ڪرڻ لاءِ!؟ ۽ - ۽ ٻي
پل منهنجا هٿ ڍرا پئجي وڃن ٿا ۽ لانگ بوٽن اندر
منهنجن پٿرائجي ويل پيرن منجهه ڄڻ ٻيهر ساهه پئجي
ٿو وڃي. کليل وات اندر هن جي ڄڀ ڪپيل آهي – اڌواڌ
– بلڪل وچ تان – ان ويساهه کان پوءِ ته هو ڳالهائي
نه سگهندو، مان رليڪس ٿي ٿو وڃان. منهنجي جسم اندر
تاڻجي ويل رڳون ڍريون پئجيو ٿيون وڃن.
ڪڏهن ڪڏهن منهنجو من چاهيندو آهي ته هيءَ رائفل –
هي لوهي ٽوپ – هيءَ وردي – سڀ ڪجهه راويءَ جي
درياهه ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيان ۽ فريال جو هٿ پڪڙي ٽيڪسلا
جي کنڊرن ڏانهن نڪري وڃان يا مرگلا جي پهاڙين تي
بيهي زندگيءَ کي پڪاريان – زندگي! – اي زندگي! –
زندگيءَ جو ٻيو نالو مس فريال جهانگير آهي.
هيڏانهن اچڻ کان ڪجهه ڏينهن پهرين، اسلام آباد جي
ڪشادين سڙڪن تي واڪ ڪندي هن پهريون ڀيرو منهنجو هٿ
پڪڙي ورتو هو ۽ منهنجي اندر ۾ ڄڻ طوفاني هوائون
ڦيريون پائڻ لڳيون هيون. آسمان جهڙالو ٿي چڪو هو ۽
مند جي پهرين برسات جون سنهڙيون بوندون اسان جا
چهرا ڀڄائي رهيون هيون. دنيا پنهنجن هنگامن سميت
اُن پل به روان دوان هئي پر مون کي لڳو اسان دنيا
کان ڪٽجي ويا آهيون. سامهون ريسٽورينٽ جي شيشي جي
ديوار جي هن پار ويٺل خوبصورت چهرن وارا ماڻهو ڌنڌ
۾ وڃائجي ويا آهن – سواءِ منهنجي – سواءِ هن جي –
سڀ ڪجهه بي معنيٰ آهي ۽ جيڪڏهن ڪائي معنيٰ آهي ته
هن جي هٿ جي ڇهاءَ کي – گلاب جهڙو ڇهاءُ جيڪو سڄي
رات ماڪ ۾ ڀڄندو رهيو هجي. اُن پل کان ٽي ڏينهن
پوءِ مون کي وردي پائي سنڌ ڏانهن وڃڻ جو آرڊر هو.
هنگامي حالتن تي قابو پائڻ لاءِ، شرپسندن جي
سرڪوبيءَ لاءِ.
ساڻ ساڻ هلندي هن چيو؛ ”ڪاش تون فوجي نه هجين ها –
ان کان سواءِ ڪجهه به هجين ها –“
”مثلاً!؟“
”مثلاً“ کن لاءِ هوءَ سوچ ۾ پئجي وئي. هن ڪنڌ مٿي
کڻي آسمان ڏانهن نهاريو. هن جي برائون اکين جي
پنبڻين تي برسات جون بوندون اٽڪي پيون. (يا خدا!
زندگيءَ کي بقا ڇو ڪانهي – انسانن کي بقا ڇو
ڪانهي!) کن پل لاءِ مون سوچيو هو.
ڪجهه لمحن کان پوءِ هن ڳالهايو، ”تون – ڪنهن باغ
جو مالهي هجين ها – گل پوکين ها – گل جي هر ڪليءَ
تي تنهنجين آڱرين جو لمس هجي ها – پر – ڪڏهن ڪڏهن
مون کي تومان بارود جي بوءِ ايندي آهي – ائين
محسوس ٿيندو آهي ڄڻ تنهنجي منهنجي وچ ۾ دونهون ئي
دونهون آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن مون کي پنهنجي ساهه جي
نالين ۾ به ڀربو محسوس ٿيندو آهي........“
هن هسٽريءَ ۾ ماسٽرز ڪئي آهي ۽ دنيا ڀر جو لٽريچر
پڙهيو اٿس ۽ ان ۾ شاهه جي رسالي جو انگريزي ترجمو
به شامل آهي. چيونگم چٻاڙيندي، هيل واري سينڊل سان
ٽڪ ٽڪ هلندي هوءَ ڪبير ۽ امير خسرو کان ٽئگور
تائين ۽ ڀٽائيءَ کان بلها شاهه ۽ سلطان باهو تائين
ڳالهائيندي اوچتو منهن تي اڏامي آيل وارن کي ڪنڌ
جي جهٽڪي سان جڏهن پوئتي ڪندي آهي، تڏهن منهنجي
سيني اندر پيل دل جو آواز به منهنجن ڪنن منجهه
ٻُرڻ لڳندو آهي. هن جي پيءُ
ميان جهانگير
اشرف جون سکر بئراج وٽ وسيع ايڪڙن ۾ ڦهليل زمينون
آهن، جن جو ذڪر هو ڪنهن فاتح جيان وڏي فخر سان
ڪندو آهي.
۽ فريال جهانگير پاڻ، ٽيڪسلا جي کنڊرن ۾ مون سان
هلندي، گوتم جي مورتين کي ڪومل آڱرين جي ڇهاءَ سان
ڇهندي، هسٽريءَ جا انيڪ صفحا هڪ ئي ڇلانگ ۾ لتاڙي
ساڌ ٻيلي جي مندرن، لبِ مهراڻ، سکر بئراج ۽ بکر جي
قلعي جي کنڊرن ۾ وڃي نڪرندي آهي. تڏهن هوءَ مون کي
بيحد پراسرار ۽ اجنبي محسوس ٿيندي آهي.
”اوهه گوش!!ــــ ڪيڏو پراسرار ۽ عجيب آهي اُهو
سڀڪجهه – يو نو!!ــــ ساڌ ٻيلي جي مندرن جي ڊگهن
ورانڊن ۾ مان اگهاڙن پيرن هلي هئس. موسم خزان جا
هيڊا ڇڻيل پن هوا جي گهيرٽ ۾، ورانڊن ۾، ڪمري ۾،
درين ۽ دروازن منجهان بي چين آتمائن جيان ٿي ڦريا.
سچ ــــ بليو مي ـــــ اُتان جا ماڻهو به ڏاڍا
عجيب ۽ پراسرار آهن. ڄڻ ڪائي پاڳل ڪامنا انهن کي
اندر ئي اندر ولوڙيندي هجي. اُها پاڳل ڪامنا ڪهڙي
ٿي سگهي ٿي!؟ تون سوچيندو هوندين مان ڪهڙيون
ڳالهيون ٿي ڪيان پر ڪڏهن ڪڏهن مان پاڻ به پاڻ کان
ڪٽجي وڃائجي ويندي آهيان. دنيا ته ڇا، ننڍي کنڊ ۾
سنڌ جي ئي هسٽري پڙهندي منهنجين رڳن ۾ رت برف جيان
فريز ٿي ويندو آهي. – اوهه – مائي گاڊ!! حيرت آهي
ته هو وقت جي ڪيترن اٿاهه لشڪرن سان وڙهندي، اُنهن
هٿان ڪسجندي به، ڪيترن حاڪمن هٿان پيڙهجڻ ۽ ڦورن
هٿان ڦرجڻ جي باوجود به پنهنجي پراسرار ڪلچر ۽
ٻوليءَ سميت زندهه آهن. ڪن ڏئي ٻڌ ته زمين مان
رڙين، دانهن ۽ گهوڙن جي سنبن جي ٽاپ ٽاپ جا آواز
پيا ٻُرندا آهن – اُف سنڌياڻين جي ڊريس!! –
how beautiful
ــــ گج جي آرسيءَ آرسيءَ ۾ پيو سج تجلا ڏيندو آهي
– تون جڏهن اُتان موٽين ته مون لاءِ گج ضرور
آڻجانءِ...... جنهن جي آرسيءَ آرسيءَ ۾ تون سامهون
اچي بيهين ته تنهنجو عڪس جرڪي.....“ موٽ ۾ مان ٽهڪ
ڏئي کلي پيو هئس. گج کان سواءِ اُن جون سموريون
ڳالهيون هن جون پاڳل سوچون محسوس ٿيون هيون.
ريل لاڳيتو ڪنجهندي سهڪندي لوهي پٽن مٿان ڊوڙي رهي
آهي. هنن سڀني جا ڪنڌ ڇاتين تي لڙڪي آيا آهن ۽
هيڪر وري هو سڀئي ننڊ جي گهيرٽ ۾ گهيرجي ويا آهن.
۽ پوءِ سموري وجود سان مان ڇرڪي ٿو پوان. منهنجي
سامهون واري سيٽ خالي آهي. الاءِ ڪهڙي پل هو اُتان
اٿي ويو آهي. بند دروازن ۽ مسلسل ۽ مسلسل ڊوڙندڙ
ريل مان نڪري چڪو آهي. اونهاري جي ان رات جي پوئين
پهر سياري جي ڪائي سرد لهر منهنجي لونءَ لونءَ
ڪانڊاري ٿي ڇڏي.
فريال جهانگير سچ چيو هو. هتان جا ماڻهو سچ پچ ته
ڏاڍا عجيب ۽ پراسرار آهن، ڄڻ ڪائي پاڳل ڪامنا آهي،
جيڪا هنن کي اندر ئي اندر ولوڙيندي هجي. ڪنهن به
ڀيانڪ انت جي ڄاڻ هوندي به اها ڪهڙي پيڙا آهي،
جيڪا هنن کي آڳ جي درياءَ ۾ ٽپو ڏيڻ لاءِ مجبور
ڪري ٿي!؟ سمورو سک چين تياڳي آخر هي ڇو ٿا ذهني ۽
جسماني ايذاءَ جي بن ۾ ڀٽڪن؟ بظاهر ڪيڏا اٻوجهه،
ڪيڏا هيڻا، ڪيڏا ٿڪل ۽ ٽٽل – پر هنن جون اکيون!!
بلڪل اهڙيون، جهڙا ڪنهن ڪُٺل ڳڀروءَ جي ڪنڌ تي
هاريل رت جا ڦڙا. ٽارچر ڪيمپ ۾ باغي ۽ سرڪش شاگردن
کي ٽارچر ڪندي ڪندي مان ان احساس کان پوءِ ٿڪجي
پيو هئس ته هنن جي انهيءَ ويڙهه جي ڪائي پڄاڻي
ڪانهي ۽ ويڙهه به هنن جي عجيب نوع جي آهي. نه
هٿيار کڻي وڙهن ٿا، نه ئي هنن جي احتجاج جي ڪائي
گجگوڙ آهي. تڏهن به هنن جي ويڙهه اڳلي کي ٿڪائي ٿي
وجهي. هنن کي شڪست در شڪست ڏيندي ڪيترو به پوئتي
ڌڪي وڃو، غلاميءَ جا زنجير پارائي درٻار ۾ وقت جي
حاڪم جي سامهون وٺي اچو، هنن جي رڳ رڳ ۾ ٽارچر
ڪريو، پر هارائيندي به هار نه مڃيندا. هنن جي اکين
۾ پر هڻندڙ جيت جو ويساهه نٿو مري – بس اها ئي
ڳالهه ٿڪائيندڙ آهي. فاتح کي سرخرو ٿيڻ نٿا ڏين
ـــــ واپسيءَ کان ڪجهه ڏينهن پهرين، اهو به هر
لنگهندڙ ڏينهن جهڙو گرم ڏينهن هو. ڌرتي ڄڻ ٽامو –
اُن کان گذريل ڏينهن تي ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڪجهه سرڪش ۽
باغي شاگرد اسان جي هٿان مارجي ويا هئا ۽ اهو ڪوبه
ڇرڪائيندڙ ۽ پريشان ڪندڙ واقعو به ته نه هو. ائين
ئي ته ٿيندو رهندو آهي ۽ ائين ئي ته ٿيندو رهيو
آهي. تڏهن به مان ٿڪل ٿڪل وکون کڻندو، ريلوي لائن
جي وچ ۾ وک وک هلندو اُنهيءَ ڦاٽڪ تائين اچان ٿو.
هوا ۾ رت جي بوءِ آهي. ڦاٽڪ وٽ ريلوي لائين جي ٻن
پٽن جي وچ ۾ هاريل رت جيتوڻيڪ خشڪ ٿي ويو آهي،
تڏهن به هن جو ڳاڙهو رنگ ائين ڦهليو پيو آهي، ڄڻ
ڪنهن سانوري نار جو کهنبو ريلوي لائن جي پٽن ۾
اُلجهي اٽڪي ليڙون ليڙون ٿي ويو هجي. دور دور
تائين ڪير ڪونهي، هوا جا زوزاٽ آهن ۽ اُن جي ڪن ۾
گهيرجي ڦيريون پائيندڙ هيڊا پن، ريتي ۽ مٽي آهي.
اچانڪ مان ڇرڪي پوان ٿو. ساهه منهنجن پيرن جي
آڱرين ۾ فريز ٿي وڃي ٿو. اهو ئي پوڙهو منهنجي
سامهون بيٺل آهي. هن جي اکين جون وحشتون منهنجي
مٿان ڄڻ اُلرون ڪن ٿيون. هو ٻئي ٻانهون ڦهلائي،
پوريءَ سگهه سان رڙيون ڪري ٿو. اڌواڌ ڪپيل ڄڀ هن
جي کليل وات ۾ ڪرڙيءَ جيان ڦٿڪي رهي آهي. هو رت
مان ڀنل مٽي ٻُڪن ۾ ڀري ڪڏهن منهن تي مَلي ٿو ۽
ڪڏهن سينه ڪوبي ڪري ٿو ڪنهن سوڳوار ماتميءَ جيان –
بلڪل اُهو – بنگالي پپٽ مين – نه – بلڪل اهو –
ڪمپارٽمينٽ ۾ چڙهيل سنڌي پوڙهو!!
guilt – guilt – guilt
– مان اکين تي هٿ رکي ٿو ڇڏيان.
ڄڻ سال جي بنواس کان پوءِ مان موٽان ٿو پنهنجي
ماءُ ڏانهن، جيڪا هر ڪنهن جمعرات حضرت شيخ السلام
بهاؤ الدين ذڪريا جي چائنٺ چمي مون لاءِ ٻاڏائيندي
هوندي. فريال جهانگير ڏانهن، جيڪا ملندي ئي مون
کان يڪ ساهيءَ پڇندي: ”تو – ساڌ ٻيلي جا مندر
ڏٺا!؟ لبِ مهراڻ ڏٺو؟ رني ڪوٽ جي قلعي جي باري ۾
ٻڌاءِ!؟ بکر جي قلعي ۾ مان توکي ياد آيس!؟ مڪليءَ
جي قبرستان ۾ هلندي تو محسوس ڪيو ته زندگيءَ جي
هيءَ سڄي وٺ پڪڙ ڪيڏي لاحاصل آهي. دنيا بس فنا جو
ناٽڪ ئي ته آهي – تون ڀٽ شاهه ويو هئين!؟ تو پڪ
اُتي محسوس ڪيو هوندو ته.......
He is a great poet.“
۽ جڏهن هوءَ اهي سمورا سوال پڇندي اوچتو ٿڪجي چپ
ٿي ويندي ۽ هن جون برائون اکيون سواليه نوع ۾ هڪ
ٽڪ مون کي ڏسنديون ئي رهنديون ــــــ تڏهن ــــ !؟
تڏهن !؟ ـــ !!؟؟ــــ
مان پنهنجن هٿن ۾ جهليل گج جي آرسيءَ آرسيءَ ۾
نهاريان ٿو. هر آرسيءَ ۾ فريال جو چهرو ٿو پَسجي.
ريل ساڳي نوع ۾ ڊوڙي ٿي واپسيءَ جي سفر تي ــــ
اُهو ئي ساڳيو ڪمپارٽمينٽ آهي ۽ اسان – اهي ئي
ساڳيون ورديون ۽ ساڳيا لوهي ٽوپ ۽ نيزن جيان
اُڀيون رائفلون – اسان منجهان ڪجهه ننڊ ۾ ٻڏل ۽
ڪجهه جاڳندڙ. گذريل سال جڏهن اسان وياسون پي، تڏهن
رات هئي. قبر جهڙي اُونداهي رات. اڄ واپسيءَ ۾ صبح
ٿي رهيو آهي هوريان هوريان. آسمان جي آخري ڪنارن
تان پرهه ٿي ڦٽي. ٿڪائيندڙ سانت. مان کن لاءِ
اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏيان. ريل جهٽڪي سان بيهي ٿي. مان
ڇرڪي اکيون پٽي ڳڙکيءَ منجهان ٻاهر نهاريان ٿو –
ڪائي ننڍڙي سٽيشن آهي – نيڻ نهار تائين پاڻي نه
ملڻ ڪري سڪي هيڊا ٿيل کيت آهن – مان سوچيان ٿو،
اسان جا کيت هيل جوڀن تي هوندا. فصل پچي راس ٿيا
هوندا!! ڪنهن به قوم کي زير ڪرڻ لاءِ اُنهيءَ کي
ڏڪار جي کوهه ۾ ڌڪو ڏيو. پيٽ جو دوزخ ماڻهوءَ جا
سڀئي آدرش ساڙي رک ڪري ٿو – هنن کي زير ڪرڻ لاءِ
به اهو ئي حل ڳوليو ويو – پاڻي بند – ٻنيون ٻارا
سڪي ٺوٺ ٿي ويل – نيڻ نهار تائين سوڪهڙو ٿو ڄڻ
سُڏڪا ڀري. چهرن تي شڪست ۽ بک جو عذاب.
ريل ٻيهر رڙهي ٿي. مان ڳڙکيءَ کان ٻاهر پَسجندڙ
منظرن تان ڌيان هٽائي اندر نهاريان ٿو. دل ڌڙڪندي
ڌڙڪندي نڙيءَ ۾ ڄڻ اٽڪي بيهي ٿي رهي. منهنجي
سامهونءَ واري سيٽ تي ويٺل اُهو ئي پوڙهو. بند
ڪمپارٽمينٽ ۾ هو اندر آيو ڪيئن!؟ اسان سڀني کي خوف
جا ڀاوَ ويڙهجي ٿا وڃن ۽ پوڙهي ڏانهن هڪ ٽڪ
نهاريندي اسان سڀني جون اکيون ڄڻ پٿرائجي وڃن
ٿيون.
سناٽو
هن جي اکين ۾ ڄڻ شڪار ٿيل پکي ٿو پَر هڻي. ڦٿڪندو
۽ رتو ڇاڻ. بلڪل اوچتو هو ڪپيل ڄڀ سان رڙيون ڪري،
جهپو ڏئي مون کان رائفل ڦرڻ ٿو چاهي.
۽
ٻئي پل
منهنجي ئي رائفل مان فائر ٿئي ٿو
هو ڦٿڪي
پَر هڻي
لهرائجي هيٺ ڪِري ٿو
(ڪ – ر – ا –ن– ت – ي –ڪ – ر – ا – ن – ت – )
هن جي سيني مان ڦٽي نڪتل رت جا ڇنڊا اسان جي وردين
تي ڪِرن ٿا ۽ فريال جهانگير لاءِ ورتل گج!!
جنهن جي آرسيءَ آرسيءَ منجهه ٿو فريال جو چهرو
پَسجي، جنهن جي آرسيءَ آرسيءَ منجهه، مان هن جي
سامهون بيهان ته منهنجو عڪس جرڪي، اُهو ئي گج
منهنجن هٿن مان ڇڏائجي رت ۾ رڱجي وڃي ٿو. مان نمي
گج کڻڻ چاهيان ٿو. گج جي آرسي آرسي رت ۾ رڱيل آهي،
جنهن ۾ فريال جو گلاب مک نٿو پسجي سگهجي – نه ئي
منهنجو عڪس.
اُهي آرسيون ته ڄڻ هِتان جي ماڻهن جون اکيون آهن!!
بلڪل اهڙيون، جهڙا ڪنهن ڪٺل ڳڀروءَ جي ڪنڌ تي
هاريل رت ڦڙا.
جلا وطنيءَ جي سرنگهه
ان رات
جڏهن مون پهريون ڀيرو توکي پنهنجي گرڀ ۾ چُرندو
محسوس ڪيو هو، اُن رات جي شروعاتي لمحن ۾ شام ڪنان
ئي شهر جا سمورا رستا وڌوا جي سينڌ جيان هئا.
سنسان
۽
اُداس
شهر جون ديوارون ڄڻ ڪرڀ منجهان سانت اوڳاڇي رهيون
هيون.
ڪرڀ.....!!؟
رهجي رهجي تن جون رڳون ڇڪيندڙ گولين جي ٺڪاءُ کان
شهر جي ڇاتيءَ تي گشت ڪندڙ موت کان
۽ ڪنهن ڪنهن پل هانءُ چيري رڳن ۽ رت ڦڙن مان اُڇل
کائي نڪرندڙ ڪنهن
چيخ
دانهن
رڙ
۽ سڏڪي کان
سرءُ جي مند جون سرد هوائون گذريل ٽن چئن ڏينهن
کان پيلا پن اُڏارينديون، بند دروازن ۽ ڳڙکين سان
مٿو ٽڪرائي رهيون هيون. آڳنڌ ۾ اسان گذريل مند ۾
جيترا به ٻوٽا پوکيا هئا، سي سمورا ڪومائجي پن پن
ٿي ڇڻي چڪا هئا. مان ڪنهن ڪنهن پل آڳنڌ ۾ اچي
بيهندي هئس ته چؤڏسا ۾ ڦهليل پن، ڪومائجي سڪي ٺوٺ
ٿي ويل ڇٻر ۽ وڻن جون ننگيون ٽاريون ڏسي من وسامجي
ئي ته ويندو هئم (ڄڻ ڪجهه ٿيڻ کان پهرين هوائون
صدائون ڏينديون هجن – جاڳندا رهو – اک – نه –
جهپڪي – صبح – ٿيڻ – تائين جاڳندا – رهو – و – و –
و –) سرءُ زندگيءَ جي ڪلائميڪس جو اڻٽر منظر آهي.
زندگيءَ جي مٽيءَ ۾ پوکيل اسان جا وجود به ڇا محض
ائين ئي ڪومائجي، ڇڻي، وکري وڃڻ لاءِ ئي آهن!؟ ۽
باقي رهجي وڃڻا آهن سرد هوا جا گهوگهاٽ!؟
۽ قبرستان!؟
۽ اجتماعي قبرون!؟
جڏهن تون منهنجي گرڀ ۾ مس سُريو هئين، تڏهن اسان
سڀئي پنهنجي گڏيل وجود جي بقا لاءِ وڙهندي وڙهندي
ٿڪجي ڀور ٿيڻ لڳا هئاسون.
بي وسي
بي وسي
مسلسل
بي وسي
۽ انجام ڪار
سرينڊرـــــــ !!
سنگينن جي نوڪ هيٺ رکيل اسان جون ڇاتيون پٿرائجي
ويون هيون ڄڻ. اُماس جي اُن ساڳي رات تنهنجو پيءُ
انيڪ ڏينهن انڊر گرائونڊ رهڻ کان پوءِ موٽيو هو.
رات جي پوئين پهر هو منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ ڌري، سڏڪا
ڀري روئي پيو هو. ”سڀ لاحاصل – لا – حا – صل – نيٺ
به غلاميءَ جو طوق اسان جين گردنن ۾ پوڻو ئي آهي –
ته پوءِ اها سموري ويڙهه – اها خود اختيار ڪيل
جلاوطني – لا حاصل – مان ٿڪجي پيو آهيان – منهنجا
ڪيترا ساٿي – جواڻ – اڙٻنگ – اڌ پنڌ ۾ ئي مارجي
ويا آهن ۽ هنن جا لاش رات جي اونداهين ۾ دفنائڻ
وارن کي روئڻ لاءِ نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ به نه جاري
ڪيو ويو – ماتم – ان لاحاصلات تي ماتم – ماتم –
ماتم– ماتم –“ هو ڪنهن سوزخوان جيان ڇاتي ڪُٽي
ماتم ڪرڻ لڳو ۽ روئندو رهيو. ٻي ڏينهن هو پاڻ ئي
اختياريءَ وارن اڳيان وڃي پيش پيو هو ۽ جڏهن هتان
موٽيو هو ته حالتن سان هڪ خاموش/بي آواز ڪنڌ
جهڪايل
compromise
ڪري چڪو هو.
توکي جنمڻ سمي مون جيترو به جسماني ايذاءُ سَٺو
هو، اهو گهڻو گهٽ هيو ان ذهني ايذاءَ کان، جيڪو
مان تن ڏينهن ڀوڳي رهي هيس. پر اُن پل جڏهن مون
سموري ڏينهنءَ جي جسماني ايذاءَ کان پوءِ توکي جنم
ڏيندي ئي تنهنجو آواز ڪنايو هو، ان پل مان ڪيڏي نه
سگهاري ٿي پئي هيس – ڪيڏي نه ٻلوان!!
پر تنهنجو آواز لڪائڻ لاءِ ڊاڪٽر گهٻرائجي ليبر
روم جا دروازا ۽ ڳڙکيون ٻوٽي ڇڏيون هيون. ان پل
ليبر روم کان ٻاهر سڙڪن تي سنگينن جي ٻل تي ڪرفيو
نافذ هيو ۽ هر طرح جي آواز تي پابندي پيل هئي.
سڏڪن تي به
ٽهڪن تي به.
جڏهن تون آڳنڌ ۾ پنهنجن پتڪڙن پيرن سان وک وک هلڻ
لڳو هئين، تڏهن به پنهنجي آڳنڌ ۾ ڇانيل سوڪهڙي تي
ساوڪ اچي نه سگهي هئي – ڳالهائڻ جي ڪوشش ۾ تون
لفظن کي ڄڻ پوپٽن جيان پڪڙڻ چاهيندو هئين پر محض
انهن جو رهجي ويل رنگ ئي اُچاري سگهندو هئين. تڏهن
تنهنجي پيءُ تي زبان بند رکڻ جي پابندي پيل هئي،
ان ڪري هو چپ چاپ توکي هيڏانهن کان هوڏانهن هلندو
پيو ڏسندو هو، هڪ ٽڪ. ڪاغذن تي مسلسل
Your obedient servant - Your obedient servant –
Your – obedient – servant
لکندي رکندي سندس آڱرين جا بل به اڱرن جيان
ڪاراٺجي ويا هئا ۽ هو انهن آڱرين سان توکي ڇهڻ ئي
نه چاهيندو هو (افسوس – اسان جا وڏڙا ڪوئلي جي
انهيءَ کاڻ ۾ اسان کي جبري جنم ڏئي ويا هئا – صد
افسوس – اسان ڪوئلي جي انهيءَ ساڳي کاڻ ۾ توکي
جبري جنم ڏيڻ لاءِ مجبور هئاسون. اتهاس جي ڪُن ۾
ڦرندي ڦرندي ماڻهو پنهنجي رضا ۽ فطرت خلاف
جاگرافيءَ جي حدبندين ۾ ڦاسي پوندو آهي. اتهاس وقت
جي المناڪ ڀڃ ڊاهه جي ري ايڪشن ۾ پاڻمرادو سرجندو
آهي. ان تي ماڻهوءَ کي اختيار ناهي. پر جاگرافي هر
هٿيارن کان وانجهي قوم تي، اُن کان ڏاڍي ۽ هٿيارن
سان ليس قوم مڙهيندي آهي. اسان پنهنجي اتهاس ۾
جنگي گهوڙن جيان ڊوڙايا ويا آهيون. اسان جن سنبن
هيٺان رت ئي رت هاريل آهي، پر اسان ساڳي وقت
جاگرافيءَ جي هوريان هوريان سوڙهي ٿيندڙ دائري ۾
ڦاسي بي دم ٿي ڪِريا به آهيون ۽ چؤڏسا ۾ رڳو اسان
جي سهڪي جي گونج ئي باقي رهجي وڃي ٿي – ماتم –
ماتم – ماتم –)
اڄ به اکيون ٻوٽي سارڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان ته
تنهنجي ٻالڪپڻي جا ننڍڙا ننڍڙا ساروڻا به مون کي
ڏاڍا تلخ محسوس ٿيندا آهن.
مثلاً: تو ڪڏهن به آزاد هوائن ۾ ڊوڙون ئي نه
پاتيون پوپٽن ۽ کڙ کٻيتن کي ٻُڪن ۾ ڀرڻ لاءِ.
مثلاً: تنهنجين اکين ۾ ڪڏهن به اچانڪ ٽيڙوءَ جيان
ٽمڪندڙ ڪائي ڀاونا نه اُڀري هئي.
بس، اسان جين اکين ۾، چهري تي ۽ چؤڏسا ۾ جيڪو ساهه
گهٽيندڙ دونهون پيو ڦيريون پائيندو هو، اهو ئي
هوريان هوريان ويو ٿي تنهنجين اکين ۾ ۽ چهري تي
ڦهلبو.
توکي هنج ۾ ڀري ٻڌائڻ لاءِ مرثيا ئي ته باقي بچيا
هئا مون وٽ انهن جا، جيڪي تنهنجي جنم کان پهرين
ئي/سج اُڀرڻ کان پهرين ئي ڪاري رات جي گرڀ ۾ لاٿا
ويا هئا. انهن تنهنجي لاءِ صبح کي/سج کي ٻيهر جنمڻ
ٿي چاهيو.
تون اڌ کليل ڳڙکيءَ ۾ بيهي ٻاهر جو منظر ڏسندي
ڏسندي اچانڪ هيڊو پئجي ويندو هئين ۽ ڊوڙ پائي
منهنجي ڇاتيءَ ۾ اچي لڪندو هئين. ڄاتم ٿي ته ٻاهر
جا منظر ڪيڏا ڀوائتا – بدنما آهن. من ئي من ۾
سهمجي ويندي هئس، اهو سوچي ته ڪير ڄاڻي زندگيءَ
جون سندرتائون تون ماڻي سگهين يا نه!؟.
ڪير ڄاڻي انت ڇا آهي، اسان جو – تنهنجو!؟.
پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي رفيوجي ڪيمپ!؟.
واٽ ويندي اوچتو ٿري ناٽ ٿري بور جي رائفل جو کاڄ
بڻجي وڃڻ!؟.
جيل جون کوليون!؟.
ڦٽڪا!؟.
ڦاسي گهاٽ!!.
اهو به ڏاڍو ايذائيندڙ عمل آهي. اتهاس ۽ جاگرافيءَ
جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ مائون گرڀ وتيون ٿيندي ئي،
سپنن ۾ ڦاسي گهاٽ ئي پسي سگهنديون آهن – موت جو ڀڀ
ڀرڻ لاءِ پُٽَ جنمينديون آهن. پاڻ مرثيا پڙهڻ
لاءِ، سينا ڪوبي ڪرڻ لاءِ جيئريون رهجي وينديون
آهن ۽ هنن جا جنميل جواڻ – اڙٻنگ پُٽ ڦاسيءَ جي
ڦندي ۾ وقت جي پنڊولم جيان لٽڪندا رهجي ويندا آهن.
انهيءَ انت ۾ هو قطعي بي وس آهن پر انهيءَ ڀيانڪ
انت سان هر ڀيري نئين ۽ سگهاري ويڙهه شروع ڪرڻ
لاءِ هو گرڀ وتيون ٿينديون آهن. پٽ جنمينديون آهن
۽ جواڻي ماڻڻ تي انهن کي آڳ ۽ لهوءَ جي درياءَ ۾
پنهنجن هٿن سان ڦٽو ڪنديون آهن. انت ۾ پاڻ ڌرتيءَ
جي مٽي مٿي ۾ ڀري، ڇاتي ڪُٽي، ڪارا ڪپڙا پهري
سوزخواني ڪنديون آهن – ماتم – ماتم – ماتم–
ڪنهن اهڙي ئي ڀاونا سان مون توکي گرڀ ۾ ڀريو جنميو
۽ آڱر کان جهلي ڌرتيءَ تي پيرڙا کڻڻ سيکاريو. تون
سوال ڪرڻ لڳين ۽ منهنجي اندر بظاهر سرد ٿيل رک ۾،
ڪنهن ڪنهن پل اوچتو ڪو سرڪش احساس ڀڙڪو کائي دکي
پوڻ لڳو.
تنهنجيون پتڪڙيون ٻانهون مون کي وڻ ويڙهيءَ جيان
ويڙهي وينديون هيون.
”مما!“
”هون؟“
”غلامي ڇا ٿيندي آهي؟“
”ــــــ !!؟“
”محڪومي ڇا ٿيندي آهي!؟؟“
”ــــــ !!؟“
فوجي سنگينون کڻي اسان جن گهرن اڳيان ڇو ٿا هلن!؟
اسان کي ڇو ٿا گهورين!؟“
”ــــــ !!؟“
”مما!“
”هون؟“
”توکي ڇا اهو سڀ سٺو ٿو لڳي!؟“
”ڇا!؟“
”جيڪو ڪجهه پنهنجي گهر کان ٻاهر ۽ پنهنجي گهر ۾
ٿيندو رهندو آهي!؟“
”نه.“
”پوءِ تون چپ ڇو هوندي آهين!؟ بابا ڇو نه روڪيندو
آهي هنن کي!؟“
”ـــــ“
”هو اڪثر اسان جي در جو ڪڙو ڇو اچي کڙڪائيندا
آهن!؟ پنهنجي گهر جي تلاشي ڇو وٺندا آهن!؟ بابا جي
سيني تي رائفل رکي هو ڇا پڇندا آهن!؟“
”تون سمهي پؤ هاڻي – ڏس ته ڪيڏي نه رات ٿي وئي
آهي!!“ اهو چئي مان شايد تنهنجن سوالن کي لنوائڻ
چاهيندي هيس!! پر مان ڇا اُهي ڀيانڪ منظر به
لنوائي سگهيس ٿي، جيڪي ڪنهن زهرياتي آڪسيجن جيان
اسان جن ساهن منجهه لهي رهيا آهن.
بوند
بوند
اڄاتو خوف
اويساهي – بس – اجهو – او – هي – پل – آخري –
پل!؟.
دروازي تي کڙڪو، ڳليءَ مان لنگهندڙ ورديءَ وارن جا
ٽرڪ، اُڀيون سنگينون ۽ سڙڪن تي هارايل جوارين جو
هجوم، (شڪست جو ٻوجهه ڍوئيندڙ، ڪنڌ لنوائي ڪنهن
اڄاتي ڏسا ڏانهن ويندڙ. زرد چهرا، واريءَ ڀريل
اکيون ۽ ڄڀ ڪپيل).
هر صبح عدالت ۾ حاضريون، شڪ مان گهوريندڙ اکيون ۽
- سوال – انيڪ سوال.
ننگا، بوءِ ڏيندڙ، چچريل، ڪتي جيان سهڪندڙ سوال.
وفاداريءَ جا گهربل ثبوت ۽ غداريءَ جا عائد ٿيندڙ
الزام.
تنهنجي پيءُ عدالت ۾ سڏڪا ڀري چيو، ”يور آنر!ــــ
خاموشيءَ سان ماڻهوءَ جو
Compromise
۽ اهڙي ماڻهوءَ جو
Compromise
جنهن جي وات ۾ هن جي ڄڀ ڪرڙيءَ جيان ڦٿڪندي هجي –
وفاداريءَ جو وڏو ثبوت ئي ته آهي.“
پر هنن جو الزام هو ته تنهنجي پيءُ جي اکين ۾
وفاداري نه هئي. انهن مان گستاخي ۽ احتجاج ٿي
بَکيو. انڪار ٿي ظاهر ٿيو. سو – هو – غدار هو.
ٽارچر ڪيمپ ۾ سوالن جا جواب ڏيندي ڏيندي هن جو جسم
ڇيهون ڇيهون ٿي ختم ٿي ويو هو (الوداع)
تڏهن تون ٻارهن سالن جو اچي ٿيو هئن. ايندڙ مهيني
تنهنجو جنم ڏينهن اچڻو هو ۽ اُن رات، جنهن رات
تنهنجي پيءُ جو لاش پرهه ڦٽڻ کان پهرين ٽرڪ مان
پنهنجي در اڳيان اچي لاٿو ويو هو، اُن رات اسان جي
سنجوڳ کي پندرهن سال پورا ٿيا هئا. اُهي سموريون
چُميون، ڀاڪر، سرگوشيون، مُرڪون، ٽهڪ، سڏڪا ۽ لڙڪ،
جيڪي اسان پندرهن سال پاڻ ۾ شيئر ڪيا هئا، تنهنجي
پيءُ جي ٽارچر ٿيل جسم جي هر زخم ۾ رت جيان سرد
پئجي چڪا هئا. اڄ به پيڙا وچان سوچيندي آهيان،
افسوس – اسان ته هڪ ٻي کي الوداعي چمي به نه ڏني.
ان کان پوءِ منهنجي ٻانهن تي مٿو ڌري سمهڻ واريون
تنهنجي ٻالڪپڻي جون اهي سموريون راتيون تون سمهي
ئي نه سگهيو هئين – هڪ ٽڪ ڇت جي گول ڦرندڙ پکي کي
گهوريندو رهندو هئين. اندران ئي اندران وکري ويو
هئين ڄڻ.
هر آواز تي ڇرڪ
شڪ جي ڪيفيت
خوف جي ڀاونا ۾ تهائين شدت اچي ويل
۽ سوال ڀوَ جي احساس مان جنميل
”مما!“
”هون!“
”بابا – مري ويو آهي!؟“
”ها.“
”يا – ماريو ويو آهي!؟؟“
”ماريو ويو آهي نه!؟“ ويساهه ۽ اويساهيءَ جي وچ
واري نوع مان.
”ها.“
”ڇو!!؟“ ۽ ان ڇو ۾ احتجاج جي سگهه سمايل.
”جڏهن منهنجو قد به بابا جيڏو ٿيندو نه، تڏهن ڇا
هو مون کي به ماري ڇڏيندا!!؟“
”الاءِ!!“ مون کي لڳو پيڙا جي ڀاونا اکين مان لهي
ڄڻ نڙيءَ ۾ چڀندي هجي.
”ته پوءِ تون ۽ مان اهڙي ديس ۾ ڇو ٿا رهون مما!
جتي اسان کي جيئڻ به نٿو ڏنو وڃي!؟“
”ان تي اسان کي ڪوبه اختيار ڪونهي پُٽ! ته اسان
ڪٿي ٿا رهون يا ڪٿي ٿا جنميا وڃون. پر ڌرتيءَ جي
جنهن به ٽڪر تي اسان جنم وٺون ٿا ۽ جتي اسان جين
پيڙهين جون پاڙون آهن ۽ جتي جي ٻوليءَ ۾ مون توکي
۽ منهنجي ماءُ مون کي ۽ ان کي ان جي ماءُ لولي ڏني
آهي، ڪهاڻيون ٻڌايون آهن نه، اتي اسان ائين ئي
جيئڻ لاءِ مجبور آهيون جيئن ساهه کڻڻ لاءِ – تون
سمجهين پيو نه منهنجي ڳالهه!؟“ |