هر ڪنهن اُلر ٿي ڪئي ڄڻ ڏوهاري ئي آئون انهن جو
هجان!!.. مار!!... هر ڪنهن وٽ منهنجن ڏوهن جي هڪڙي
ڊگهي لسٽ ٺهي رکي هجي.. هرڪو چوي: ”سڄي عمر وڃائي
ڇڏيئي ڌڪا ۽ ٿاٻا کائيندي... هليو هو مڙس ملڪ کي ۽
قوم کي موڙ ٻڌڻ!!!..... پهرين پنهنجو گهر سنڀالجي،
پهرين پنهنجا ٻچا پارجن.... پهرين پنهنجو انگ
ڍڪجي.... پوءِ ويهي قوم جي سورن جا هوڪا ڏجن....
ڀلا جنهن پنهنجي ئي پُورت نه ڪئي، سو لوڪ کي ڪهڙا
حق ڏياريندو!!!.... ابا!.... هاڻ وڃي ڏي رستن تي
ٽائرن کي باهه ۽ روڊ وڃي ڪر بلاڪ ۽ هڻ وڃي نعرا
ته؛ ديس واسيو... اچو.... اچو.... اچي منهنجي ۽
منهنجن ٻچن جي پُورت ڪريو..... پوءِ ڏس ته ڏيهه
سڄو اُٿلي ٿو پُٽهين لاءِ ڪي نه!!.... آخر ساري
زندگي انهيءَ قوم ۽ ملڪ لاءِ ئي ته ٿاٻا کاڌا
اٿئي، اسان جي نوڪري ڪانه ڪئي اٿئي جو اڄ اسين
ڀريون تنهنجي چٽي!!.....“
جُٺ ۽ تعديءَ کي کاري ۾ رکندي، ٻه ٽي پئسا ته
اُڌارا ملي ويا هئم، جن مان هن جو کير ۽ اسان ٻنهي
جي ٻن ڏينهن جي بُکئي پيٽ لاءِ ماني وٺي آيو هئس.
کير ته ڄڻ مون کان باز جيان جهپي ورتائين ۽ بوتل ۾
وجهي ائين پُٽ کي پيارڻ لڳي، ڄڻ پنهنجي پيٽ جي
باهه اُجهائيندي هجي!!..... پر مانيءَ جو گراهه
ائين ٿي وات ۾ وڌائين ڄڻ وهه جو وٽو پيئندي هجي.
نڙيءَ کان هيٺ لٿس ئي نٿي. ٽين چوٿين گراهه تي ئي
لُڙڪ اکين مان ٽِمي اچي ٻوڙ ۾ ڪِريس. وات وارو
اُهو گراهه وات مان ڪڍي، ڦِٽو ڪري، سٽ ڏئي اُٿي
هلي وئي اندر!! اُها رات شاديءَ کان پوءِ پهريون
ڀيرو اسان ٻئي هڪ ٻئي کي پُٺ ڏئي ستا هئاسون، ڄڻ
ٻه دشمن هجون!!... بس پوءِ اها دشمني وئي آهستي
آهستي وڌندي.....
نوڪريءَ لاءِ ڌِڪا ٿاٻا جهليندي، هوءَ ۽ آئون
ساڳيا جواب وٺي گهر موٽندا هئاسين. هڪٻئي تي نظر
پوندي ئي ڄڻ ڇتا ٿي پوندا هئاسين. تاريخ ۾ ڀلي
اسان جا نالا سونهري اکرن ۾ لکيا پيا هجن، پر
سرڪار وٽ ته اسين ٻئي غدار لکيا پيا
هئاسين!!...... غدار به اهڙا جيڪي ملڪي سلامتيءَ
لاءِ خطرو هئا. پوليس ته اڪثر در اچي کڙڪائيندي
هئي.... ڪڏهن ڪٿي بم ڦاٽو...... ڪٿي ڪلاشنڪوف جو
برسٽ هليو.... پڇا مون تي.... ملڪ جي سلامتيءَ کي
ڪٿي ڪو لوڏو آيو ته پُڇا هُن تي. ڀلا ڪنهن ڪنهن کي
۽ ڪيئن ٻڌايون ها ته اسان جي پنهنجي سلامتي ئي
خطرن ۾ آهي.... بم آهن ڪي ڪلاشنڪوف..... اهڙا اهڙا
ڌماڪا ٿيندا رهن ٿا اسان جي اندر.... جو اُڏوهي
کاڌل وڻ جيان هر هر ڌرتيءَ تان اُکڙيو وڃون.
هوءَ سستي مان سستي اگهه تي ٽيوشنون پڙهائڻ لڳي
هئي، پرائمري ڪلاسن جي ٻارن کي ۽ آئون پريس ۾ گهٽ
مان گهٽ معاوضي تي پروف ڏسڻ لڳو هئس. ٻار فيل
ٿيندا هئا ته ٻارن جا مائٽ هن تي اچي ڪڙڪندا هئا.
اخبار ۾ ڪنهن غلط خبر تي ڪو ردعمل ٿيندو هو ته
پروف جي چُڪ ڄاڻائي مون کي پيشي ۽ معافي لاءِ سڏيو
ويندو هو.
انهيءَ وچ ۾ هو اڪيلو پُٽ ڪونه رهيو هو اسان
جو..... ٻه ٻيون ڀيڻون به ڄايون هيون سندس. ٽي ٻار
۽ ٻه اسين!!..... آئون ڏينهن ۾ الاءِ ڪيترا ڀيرا
آڱرين تي پيو پنجن ماڻهن جي پيٽ جو حساب ڪندو هئس
۽ هوءَ اڪثر اکين ئي اکين مان پئي اِهو حساب ڪڍندي
محسوس ٿيندي هئي.
هڪڙي سانوڻ ۾ جڏهن اٺن سالن کان ٽمندڙ ڇت ٺڪاءُ
ڏئي ڪِري پئي هئي ۽ جيئن تيئن سِر بچائي، شڪر جو
ساهه کڻي، ڪي کن ترسي هڪٻئي کي ڳڻيو هيوسين ته
اسين پاڻ ۾ چار – هُو، هُن جي ننڍي ڀيڻ، سندس ماءُ
۽ آئون هئاسين. سڀ کان ننڍي ڇت هيٺان دٻجي وئي
هئي، ابول!!!......
انهيءَ ننڍي ڌيءَ کي مرڻينگ حالت ۾ ٻانهن تي کڻي
سول اسپتال جي ورانڊن ۾ ڪيئن ته هُن ڊوڙون ٿي
پاتيون ۽ رڙيون ٿي ڪيون..... ڪيئن نه پنهنجي ئي
قوم ۽ ٻوليءَ وارن ڊاڪٽرن کي ٿي يقين ڏياريائين ته
هوءَ ڪير آهي ۽ هُن ڪيتريون قربانيون ڏنيون آهن هن
قوم لاءِ.... هن قوم جي بقاءَ ۽ بچاءَ لاءِ......
”اڙي ڪو ته اُجورو ڏيو.... اڙي ڪو ته اُجورو
ڏيو...“ سندس التجائون اسپتال جي ورانڊن ۾ پڙاڏو
بڻجيو ٿي گونجيون ۽ ڊاڪٽرن کيس خالي خالي ۽ اوپرن
نظرن سان ٿي ڏٺو. آئون ته بس خالي کيسن ۾ هٿ وجهيو
اسپتال جي ڪُنڊ وٺيو بيٺو هئس. نه اسان وٽ پئسا
هئا دوائن جا ۽ نه ئي ڊاڪٽرن جي وس ۾ حياتي هئي.
پر اهو منظر اکين ۾ اڪثر ٽئر گئس وانگر ڀرجي ايندو
اٿم.
انهيءَ ڏينهن کان پوءِ کيس ماٺ جو ڄار، اڃا به ڄڻ
ويڙهي ويو ڪوريئڙي جيان. هوءَ هر وقت انهيءَ ڄار ۾
ڦاٿل نظر ايندي هئي. پاڻ ڇڏرائڻ لاءِ بظاهر ڦٿڪندي
به ڪانه هئي.
هوءَ ڦٿڪي وري تڏهن جڏهن هُو قد ۾ ذري گهٽ مون
جيڏو اچي ٿيو هو ۽ مُڇين جي هلڪي هلڪي ساوڪ به اچي
وئي هئس مُنهن تي. هڪڙي ڏينهن اچي ويٺو مون سان
بحث ڪرڻ..... چئي: ”چون ٿا.... حق جي ويڙهه ۾ سڀ
جائز آهي. ماڻهو تي سندس ڌرتيءَ ۽ قوم جو ايترو ئي
حق آهي، جيترو سندس ماءُ جو. جيستائين گڏيل حقن جي
ويڙهه ۾ ڪاهي نه پئبو، تيستائين پنهنجي ڪنهن به
ذاتي حق جي اُميد رکڻ؛ نه رڳو اجايو آهي، پر خود
غرضي به آهي.....“ کن ترسي منهنجين اکين ۾ اکيون
وجهي پُڇڻ لڳو: ”بابا!!..... اسان جا گڏيل حق ڪهڙا
آهن؟؟؟......“
اڃا آئون کيس اچرج مان ٽِڪ ٻڌي ڏسي ئي رهيو هئس جو
اوچتو پريان کان ماڻس رڙ ڪئي:
”ڇا جا حق!!!..... ڪهڙا حق!!!.... نه نه..... اسان
جو ڪوبه واسطو ڪونهي حقن سان..... ماٺ ڪري ويهي
پڙهه..... ٻه ٽي اکر پڙهي پئين ته من عزت جو ٽُڪر
کائڻ لاءِ ملي پونئي!!.... ڪونه ٿا کپن اسان کي
ٻيا ڪي به حق.... ڪيڏو چيو اٿم ته نه رُلندو ڪر
رولاڪ ڇوڪرن سان.... اُهي پنهنجو به وقت وڃائيندا
۽ توکي به برباد ڪندا..... الاءِ ڪٿي ڪٿي وٺيو وڃي
جلسن ۽ جلوسن ۾ ٿُڪون جهلرائين توکي!!......“
هُو ماءُ کي ڏسي ائين مُرڪي پيو، ڄڻ ماڻس ڪا اجائي
ڳالهه ڪندي هجي!! ان کان پوءِ هو اڪثر اهڙيون
ڳالهيون ڪرڻ لڳو هو ۽ ائين ڪندو هو ڄڻ آئون ۽ ماڻس
هن ڌرتي، ڌرتيءَ جي واسين ۽ انهن جي حقن سان
ويساهه گهاتي ڪندڙ هجون. سندس اکين ۾ شڪ جا اهڙا
پاڇولا به ايندا هئا، ڄڻ ڪو ديس جو سچو سپاهي دشمن
کي گهوريندو هجي!!
ڪڏهن ڪڏهن ته آئون به سندس اڳيان هٿ ٻڌي ويهي
رهندو هئس ۽ کيس سمجهائيندي سمجهائيندي ۽ سندس
منٿون ڪندي ڪندي اکين ۾ لُڙڪ اچي ويندا هئم.....
چوندو هوسانس:
”ڏاهو ٿيءُ. پاڻ غريب ماڻهو... پنهنجو ڇا انهن
جهيڙن جهٽن ۾..... ٻَڌباسين ته ڪير ڇڏائيندو به
ڪونه..... حياتي برباد ٿي ته ڪير مانيءَ ڳڀي لاءِ
پُڇندو به ڪونه.... آهو جنهن کي تون ڌرتي ۽ حقن جي
ويڙهه ٿو چوين، اهو دوزخ جو آڙاهه اٿئي.... رڳو
پنهنجو ڦلهيار ميڙيندين، ٻي ڪي به هڙ حاصل ڪونه
ٿيندئي.... ڏس ابا!...... هڪڙو ئي پُٽ آهين اسان
جي اکين اڳيان..... ٻه ٽي اکر پڙهي پوندين.... ڪٿي
نوڪريءَ سان وڃي لڳندين ته اسان جي به پيري سجائي
ٿي پوندي.... سڄي عمر ڌِڪا ۽ ٿاٻا کاڌا اٿئون....“
پر ماڻس ته ائين وڦلي پوندي هئي، جيئن ڪو شرابي
نشي ۾ ڌُت اندر جي باهه اوڳاري وجهندو آهي. آواز
پيو گهر کان ٻاهر ٻُڌبو هئس، پر هُو ڄڻ اسان جي
ٻُڌندو ئي ڪونه هو. چَپ ڀيڙيو ويٺو هوندو هو. بس
اکيون پيون ڳالهائينديون هئس ۽ اکيون به وقت سان
گڏ ويس پئي تِکيون ٿينديون...... ايتريون جو آئون
به کانئس اکيون چورائڻ لڳو هئس. ماڻس به سندس
سامهون بيهي ڳالهائڻ بدران ٻئي ڪمري مان يا رڌڻي
مان ويهي ڳالهائيندي هئي. هو پيو ڏينهون ڏينهن
گهاٽيون ٿيندڙ مُڇيون وٽيندو هو ۽ ڊگهيون ٽنگون
اضطراب مان تيز تيز پيو لوڏيندو هو. راتين جو گُم
رهڻ لڳو هو. آئون ۽ ماڻس سڄي سڄي رات پيا پاسا
ورائيندا هئاسين ۽ در ڏانهن نهاريندا هئاسين.
ڏينهون ڏينهن اسان لاءِ اوپرو بڻبو ٿي ويو.
جنهن ڏينهن ماڻس کي اچي ٻُڌايو هئم ته: ”پُٽهين به
ساڳيءَ تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن بڻيو آهي، جنهن لاءِ
تو ۽ مون حياتي وڃائي ڇڏي..... ساڳيا نعرا هڻندو
وتي ۽ ساڳي ليڊر جي پونيئرن پُٺيان ڌر تتيءَ جو
ڪلاڪن جا ڪلاڪ جلوسن ۾ پيو هلندو آهي ۽ انهن جي
جلسن ۾ اسٽيج تي بيهي ائين گَجندو آهي جو ماڻهن جو
انبوهه ڄڻ ساهه مُٺ ۾ جهليو بيٺو هجي!!.....“
چُلهه ۾ باهه دُکائيندي دُکائيندي ماڻس جا هٿ به
بيهي رهيا هئا ۽ اکيون به. هڪ ٽِڪ مون ڏانهن
نهاريندي هوريان هوريان چُلهه جون سڀيئي چڻنگون
سندس اکين ۾ ڀرجي آيون هيون ڄڻ!!! انهيءَ ڏينهن
لاءِ ڄڻيو هوسين کيس!!..... ته هيري جهڙي جواني
پنهنجي وڃائي لُٽائي انهن حرامين جي هٿن ۾!؟....
انهيءَ ڏينهن لاءِ ڄڻيو هوسين کيس!!..... انهيءَ
ڏينهن لاءِ!!..... اوڇنگارون ڏئي ائين ٿي رُني ڄڻ
جوان پُٽ جو لاش رکيو هجيس سندس اڳيان.
پوءِ هُو اسان جي زندگيءَ ۽ گهر مان ائين گُم ٿي
ويو، ڄڻ هيو ئي ڪونه. ٻُڌندا هئاسين ته اڄ جيل ۾
آهي ته اڄ روپوش. اڄ پوليس کي هن ڪيس ۾ گهُربل آهي
ته اڄ هُن ڪيس ۾. اهي خبرون به تڏهن پونديون
هيون، جڏهن پوليس پاڻ اچي سندس ڳولها ۾ در
کڙڪائيندي هئي ۽ هر ڀيري ماڻس اندران ئي هانءُ
ڏاريندڙ رڙ ڪندي هئي ته:
”مري ويو اسان جو پُٽ..... دفن ڪري ڇڏيوسين کيس
سياست جي قبرستان ۾.... هاڻ اُتي وڃي
ڳولهيوس.....“
۽ سچ ته ائين ئي لڳندو هو ته هُو مري ويو هجي ۽
آئون ۽ ماڻس مري ويل جوان پُٽ جا سوڳوار ماءُ پيءُ
هجون!! ڪيئي سال لنگهي ويا ائين. ڪڏهن مليل هن جي
خبر چار ماڻس کي ڪونه ٻُڌائيندو هوس، پر لوڪ کان
پيو ٻُڌندو هئس.
انهن ڪيئي سالن کان پوءِ ٻُڌم ته سندس تحريڪ
(ها..... سندس تحريڪ ئي ته هئي هاڻ) حڪمرانن سان
ٺاهه ڪري ورتو آهي..... جلد ئي کين حڪومت ۾
وزارتون ۽ عهدا ملڻ وارا آهن. حڪومت به انهيءَ ڌُر
جي، جيڪا اڌ صديءَ کان سندس قوم (ها..... سندس قوم
ئي ته هئي هاڻ) جي ويري رهي هئي ۽ گن پوائنٽ تي
رکي جنهن هلايو هو سندس قوم کي. اجهو اڃا ڪالهه
ڪالهوڻي ڳالهه ئي ته هئي، جڏهن هر انهيءَ جوان جي
خون سان پئي هٿ رڱيندي هئي اها حڪومتي ڌُر، جنهن
جي نِرڙ تي لکيل هو سندس قوم جو نانءُ!!.... ڇا ڇا
نه ڪيائون!!.... ڪهڙا ڪهڙا نه ظلم!!. نياڻين جون
ڇاتيون ڪپيون..... انهن جي اُگهاڙي تن تي لکيائون
پنهنجا نانو!.... سندس قوم جي ٻوليءَ کي هر هر ٿُڪ
جيان ٿُڪي ٿي ڇڏيائون ۽ جڳن کان سندس قوم جي پيرن
هيٺان وڇايل ڌرتيءَ کي ڦاسيءَ جي تختي جيان هر هر
ڇڪي ٿي ورتائون سندس قوم جي پيرن هيٺان کان. ڀلا
ائين به ڪا قوم پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿيندي آهي
ڇا!!..... بلي!!.... اڄ اُهي ڏاڍا بڻيا ويٺا
هئا!!..... ملڪ جا ڄڻ چار ئي پيل پايا هئا!!....
ڏاڍي جي لٺ هئي سندن هٿ ۾!!... ۽ هن جي قوم!!....
سا ته ويچاري ازل کان ڄڻ گابو ئي هئي... پنهنجن جي
هٿن ۾ به ۽ پراون جي هٿن ۾ به!!.
پر ماڻس سان ڪونه سليندو هئس من ۾ اُٿندڙ اهي
ڀاوَ. من ئي من ۾ اُهي ڀاوَ انهيءَ آس ۾ بدلجڻ لڳا
هئا ته شايد هو به ڪٿان نڪري اچي..... من هاڻ هن
جا به ۽ اسان جا به سکيا ڏينهن اچي رسن.... اسان
کي ته ڪي ڪين سَريو..... من هن جي قربانين جو صلو
ائين ئي ملي وڃي!! بس من ئي من ۾ پيو سندس اوسيئڙو
ڪندو هئس.
ماڻس ته ائين ماٺ ۾ ويڙهي پئي هوندي هئي، جو ڪا
خبر ئي نٿي پئي ته الاءِ ملڪ جو ڪو واءُ سواءُ اٿس
به يا نه.... گهاڻي جي ڏاند جيان پئي گول گول
ڦرندي هئي. اها رات به اهڙي ئي ماٺ ۾ ويڙهيل هئي.
سياري جي سرد ۽ گونگي رات. ماڻس سڄي گهر ۾ ائين
پئي ڦِري، ڄڻ بيچينيءَ جو چهبڪ کيس هيڏانهن کان
هوڏانهن ڊوڙائيندو هجي!! ڪم جو ته بس هوءَ ڄڻ
بهانو ڪندي هجي!! ڏاڍي دل ٿي پئي ته سڏي ڀر ۾
ويهاريانس. سال صديون لنگهي ويون ڄڻ هڪ ٻئي سان دل
جون ڳالهيون اوريندي!!
گڏ کِلڻ ته هونئين وساري ڇڏيوسين، پر گوڏو گوڏي
سان گڏي گڏجي ويهي روئڻ به ڄڻ ڪو وسري ويل خواب
بڻجي چڪو هو!! پر نه... ڄڻ دريا جي هن پار آئون
هئس ۽ هن پار هوءَ!! جيسين هن سان ننڍي ڌيءَ گهر ۾
هئي ته ڪجهه نه ڪجهه اسان جي وچ ۾ رابطو هو. پر
جڏهن کان هوءَ اسان وٽان هلي وئي هئي اسان کي
ٻُڌائڻ کان سواءِ اهڙي ماڻهوءَ سان، جيڪو کيس اسان
کان وڌيڪ سُکيو ٽُڪر کارائي سگهيو ٿي... اسان ٻنهي
جي وچ جو رابطو به ائين ٽُٽي پيو هو، جيئن اوچتو
بجلي هلي ويندي آهي ۽ ڪمري ۾ ويٺل ٻه ماڻهو گڏ
هوندي به اڪيلا ٿي پوندا آهن.
رات جا شايد ٻارهن وڳا هوندا جڏهن هوءَ به ٿڪجي
اچي کٽ تي ليٽي هئي ۽ مون به اڃا مس اکيون پوريون
هيون جو در تي گاڏيءَ جو هارن وڳو. در کُلڻ ۽ بند
ٿيڻ جا آواز ٿيا. پنهنجي پنهنجي کٽ تي اسين ٻئي
ڇرڪ ڀري اُٿي ويهي رهياسين. اکيون دروازي تي
کُپائي تيسين ويٺا رهياسين جيسين در تي ڪنهن
هوريان هٿ نه هنيو. نه نه، اها پوليس ته
ڪانهي!!.... اسان ٻنهي ڄڻ اهو چئي هڪ ٻئي ڏانهن
نهاريو هو. حالانڪ چيو ته نه هن ڪجهه هو ۽ نه
مون!!.... اڃا به ڪو اوپرو ۽ نئون هٿ هو در تي!!
ٻئي پل ئي خيال آيو هئم ته ڪٿي هُو ته ڪونهي!!....
۽ وٺي ڊوڙ پاتي هئم در ڏانهن. سٽ ڏئي در کوليو
هئم.
پهرين نهار ۾ ته کيس سُڃاڻي ئي ڪونه سگهيو هئس.
اڃا به ڊگهو.... اڃا به ويڪرو، سندس ڪَلف لڳل ڪپڙا
اڌ اونداهي ۽ اڌ روشنيءَ ۾ به پئي جرڪيا. سندس
اکيون جيئن ئي مون ڏانهن اُٿيون هيون، منهنجي دل
ائين ڌڙڪي پئي هئي ڄڻ هو مُنهنجي محبوبا هجي ۽
سالن کان پوءِ اوچتو واٽ ويندي ٽڪرائجي ويو هجان
هن سان. مون کي ڀاڪر پاتائين ته ڄڻ سڄو سندس
ڇاتيءَ ۾ لڪي ويو هئس آئون. مون کي ڀاڪر ۾ جهلي
اندر گهر ۾ گهڙندي ماڻس کي ائين وٺي وڏا وڏا سڏ
ڪيائين، جيئن ننڍپڻ ۾ اسڪول مان ايندي ئي بُک کان
ماڻس کي سڏ ڪندو گهِڙندو هو ۽ ماڻس پئي صدقو ٿيندي
هئي: بس ٻه ٽي منٽ منهنجا مٺا...... بس ٻه ٽي منٽ
منهنجا جاني!!.....
پر اڄ ته ماڻس ڪا ورندي ڏنس ئي ڪانه پئي!!....
ائين پئي هن کي ڏٺائين، ڄڻ سُڃاڻندي ئي نه هجيس.
هن ڀاڪر پائڻ چاهيو ته ائين پاڻ کي ڇڏائي ورتائين
ڄڻ ته هو ڪو ڌاريو ماڻهو هجي!.
هڪدم ڄڻ اُتاولو ٿي پيو. چيائين، ”امان!.... تو
مون کي سُڃاتو ڪونه!!؟؟ آئون تنهنجو پُٽ آهيان
نه!!... ڏس آزاد ٿي موٽي آيو آهيان.... هميشه لاءِ
آزاد ٿي.... هاڻ پنهنجا ڏکيا ڏينهن به ويا
هليا..... هاڻ ته بس سُک ئي سُک آهن..... مون کي
حڪومت ۾ وڏو عهدو ملڻ وارو آهي.... خبر اٿئي آئون
هينئر به سرڪاري گاڏيءَ ۾ آيو آهيان.... سرڪاري
گارڊ آهن مون سان گڏ.... هاڻ تنهنجي پُٽ کي نه لهر
نه لوڏو.... هاڻ تون بنگلن ۾ رهندئين.... گاڏين ۾
گهمندئين.... جتان لنگهندئين، ماڻهو توکي سلام
ڪندا.... هاڻ ته مُرڪي پئو امان.... هاڻ ته کِلي
ڏي امان!.... امان!.... امان!!!“
هن ماڻس کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لاءِ باز جي پرن جيان ٻئي
ٻانهون ڦهلائي ڇڏيون ۽ ماڻس وڄ جيان وراڪو ڏئي،
سندس ٻانهن جي گهيري مان نڪري، پٽ تي اُڀي ٿي بيهي
رهي. مار!!.... ايڏيون ڪي ڳالهيون سندس پيٽ ورن ۾
وڌي وڻ ٿي ويون هيون.... مون کي ته خبر ئي ڪانه
هئي. ڄڻ ڪو طوفان هجي، جيڪو زوزاٽ ڪندو اسان جي
گهر ۾ گهِڙي پيو هو!!... ڄڻ سالن کان سانتيڪو سمنڊ
اوچتو اُٿلي پيو هو!!.... کنوڻ جيان مٿس هر هر ٿي
اُلر ڪري آئي. سندس سڄو وجود هوا وانگر ٿي ڦيريون
پاتيون. ڄڻ اندر جو ڪو ڳجهو ڦٽ کُلي پيو هجيس ۽
هاڻ اُن جو سُور سندس سڄي وجود ۾ ٿي ڊوڙيو.
”نڪر منهنجي گهر مان.... ٿُڪ آهي توتي ڪانئر!....
وڪڻي آئين پاڻ کي!!.... اڙي.... شرم ڪونه آيئي
پنهنجي قوم جا ڏک، سُکن تي وڪڻندي!!.... اڙي!!....
ڌرتي ماءُ ٿيندي آهي؛ تو ماءُ کي وڪڻي ڇڏيو....
اڙي.... تو مون کي وڪڻي ڇڏيو!! ڌارين جي هٿن ۾....
منهنجي لڄ وڪڻي محل ماڙيون خريد ڪيا اٿئي!!....
اڙي!!.... انهن خونين جي هٿن تي توکي منهنجن
بيگناهه مارجي ويل پُٽن جو خون به ڪونه نظر
آيو!!.... تو ته ناحق ڪري ڇڏيو مون سان.... تو ته
قهر ڪري ڇڏيو!!.... انهيءَ کان ته مارجي وڃين ها
ڪٿي اڌ پنڌ ۾.... گهورجي وڃين ها هن ڌرتيءَ جي ڏکن
سُورن تان.... نڪر منهنجي گهر مان.... ڪونه آهين
منهنجو پُٽ.... ڪونه ڄڻيو اٿم توکي.... تون ته
ڌاريو آهين.... تون ته ڪانئر آهين.... تون ته....
تون ته.... تون ته....“ هوءَ رڙيون ڪندي ٿي وئي ۽
هُن کي در ڏانهن ڌِڪيندي ٿي وئي.....
هو هڪ ٽِڪ اچرج مان ماءُ کي ڏسندو ٿي ويو ۽ ڄڻ
پاڻ ئي پاڻ در ڏانهن ڌِڪبو پئي ويو. در وٽ پهچي ڄڻ
پوريءَ سگهه سان هُن کي در کان ٻاهر ڦِٽو ڪيو
هيائين، ائين ڄڻ هُو هن جو پُٽ نه پر گهر ۾ پيل ڪا
بنهه بيڪار شيءِ هجي ۽ ٺڪاءُ سان در جا ٻئي تاڪ
بند ڪري، در سان پُٺ هڻي ائين بيهي رهي هئي، ڄڻ
اهو در هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هجيس
.
سندس اکيون مون تي کُتل هيون. ساهه ڀرجي آيو هئس.
ڪي کن ائين ئي بيٺي رهي، پوءِ ڀُڻڪي به ته ائين
جيئن عدالت جي ڪُرسيءَ تي ويٺل جج آخري فيصلو
ٻُڌائيندو آهي. چيائين.... ”غدار!“.
هڪ گناهه جي پُڄاڻي
جڏهن انڌي، زال جي پِنڻ واري راءِ رد ڪئي هئي ته
زال هن آڏو ٻيو خيال اُهو رکيو هو ته ڇو نه ساران
جو سنڱ ڪنهن کي پئسن جي عيوض ڏجي. ائين جيئن هوءَ
پاڻ، يارهن هزارن ۾ انڌي جي زال ٿي آئي هئي. انڌي
کي اهو خيال پسند آيو هو.
اتفاق جي ڳالهه هئي ته ساران يعني انڌي جي ڀيڻ، هڪ
صابرين ڇوڪري هئي، جنهن زندگيءَ جون ستم ظريفيون،
صبر سان سَٺيون هيون، پر هن دفعي، هن ۾ ايتري همٿ
الائي ڪٿان آئي جو اُن وڪامجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
هو. ساران جي انڪار ڪرڻ تي پهريائين ته هو چُپ ٿي
ويو هو، پر پوءِ زال جي چوڻ تي هن جي رويي ۾ سختي
ايندي وئي. |