جڏهن مان اهڙيون ڳالهيون سوچيندو آهيان، تڏهن
منهنجن پيرن هيٺان صدين تي ڦهليل اتهاس ڄڻ کسڪڻ
لڳندو آهي. مون ٻڌو آهي ته جڏهن ماڻهوءَ جي اندر
آتما ۽ وجود جي وچ ۾ آزاديءَ جي جنگ شروع ٿيندي
آهي، تڌهن ماڻهوءَ جي اندر احساسن جي تباهه ڪاريءَ
جا اهڙا ئي آثار جنم وٺندا آهن. ان سموري احساساتي
تباهه ڪاريءَ جي نتيجي ۾ آتما ۽ وجود مان ڪا هڪ
شيءِ آزادي ماڻي وٺندي آهي. نتيجي ۾ ماڻهو نارمل
نه رهندو آهي – تڏهن ڇا مان پنهنجا حواس وڃائي
رهيو آهيان!!؟ هئن منهنجو ان ۾ ويساهه آهي ته
ماڻهوءَ جي آتما ۽ وجود هڪ ٻئي کان ڌار رهي بلڪل
بيڪار آهن – پر مون کي پنهنجي اندر جي ان سموري
ڪيفيت تي ڪوبه اختيار ڪونهي – بي اختياريءَ جي اها
ڪيفيت مون کي زوريءَ سمونڊ ڏانهن وٺي ايندي آهي –
ـــــ نيڻن تي ڌريل ٻئي هٿ هٽائي، ڪي کن ٽڪ ٻڌي
پولار ۾ گهوريندو ٿو رهي ــــ ۽ اوچتو سمونڊ جي
نيري – کاري پاڻيءَ منجهه باهه ڀڙڪو ڏئي ٻري ٿي
پوي ۽ اُلا آڪاس کي ڇهڻ ٿا لڳن. سندس مک تي واسو
ڪري ويل پيڙا – موت – ٿڪ ۽ ڪاوڙ جا ڀاوَ - ۽
ڪائنات سموريءَ کي اوچتو، ڏسندي ئي ڏسندي، سندس ئي
نيڻ نهار آڏو، باهه جي سمونڊ ۾ ڦٽي ڪيو ٿو وڃي ۽
کانئس هانءُ ڏاريندڙ رڙ نڪري ٿي وڃي – نه ـــ نه
ـــ ن ـــ ن ـــ نا ــــ ا ــــ ا ــــ ا ــــ ا –
هو سڀڪجهه ڏسي پيو سگهي. (جيڪو سمونڊ ڪناري هلندڙ
سُندر، اَسندر چهرن وارا ماڻهو نه پيا ڏسي سگهن ۽
ڏسڻ – نه ڏسڻ جي وچ ۾ سمجهه جي ڏاڍي سنهڙي ليڪ
هوندي آهي) هو ڏسي ٿو، جيڪو ڪجهه باهه جي سمونڊ ۾
سڙي ڀسم ٿي رهيو آهي، سو سڀ ڪجهه سُندر آهي ۽
اَسندر ته بس اُها باهه آهي، جيڪا سڀڪجهه ساڙي رک
ڪندي ٿي وڃي. کيس باهه جي رقص ڪندڙ اُلن ۾ عجيب
وحشي پڻو محسوس ٿئي ٿو ــــ (سڏڪو/اَلا سڀڪجهه
سڙي رک ٿي ويو، ڪنهن کي به سڌ نه پئي – لوڪ – انڌو
لوڪ ستو ئي رهيو) ــــ
اکيون ٻوٽي، هٿ تريون ڪنن تي ڌري رڙيون ڪندو ٿو
رهي ــــ نه – نه – ڀڄو – باهه – با – هه – هه هه
–
سمونڊ جي ڪناري هلندڙ ماڻهو سندس چؤڌاري بيهي اچرج
مان کيس ڏسندا ٿا رهن –
”ڪٿي آهي باهه؟؟“ هجوم مان ايندڙ ڪجهه آواز.
هو پيڙا ۽ خوف وچان سمونڊ ڏي نهاري ٿو، جت باهه
وڌندي پئي وڃي ۽ سموري سندرتا سڙي رک ٿي رهي آهي –
”ڪٿي آهي باهه؟؟“ ماڻهو کيس ڪلهن کان پڪڙي
ڌونڌاڙين ٿا –
”چريو آهي ويچارو – ڇڏي ڏيوس.“
۽ کيس ياد اچي وڃي ٿو ته ماڻهو انڌا آهن – ماڻهن
جا سڀئي حواس مري چڪا آهن – ماڻهو باهه ۾ هلندي به
– سڙندي به – مرندي به، خوش آهن – پنهنجا سپنا –
احساس – آدرش هڪ هڪ ڪري باهه جي مچ ۾ ساڙي رهيا
آهن – بنا ڪا ورندي ڏيڻ جي.
هو ڪنن تي هٿ تريون ڌري باهه – ڀڄو – هه – جو شور
مچائيندو، سمنڊ کان دور ڊوڙندو ماڻهن جي نيڻ نهار
کان الوپ ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو کلندا – ٽهڪ ڏيندا،
ٽڙي پکڙي وڃن ٿا.
پاتال
موت جي ڏسا ڏانهن ويندڙ سمورا رستا
۽ زندگي انهن رستن تي پٿون پيرن سان هلندڙ.
ڏامر جي ڪاري تپي ٽامو ٿيل سڙڪ ــــ آڳ اوڳاڇيندڙ
آسمان ــــ سناٽو ـــ ساڻ ساڻ – وک وک هلندڙ مڙد ۽
عورت.
”ڏس نه – ڪيڏي سُندر آهي هيءَ ڪائنات ـــــ ڪيڏو
سڪون آهي سرشٽيءَ مٿان، ڪيڏو موهيندڙ آهي سڀ ڪجهه
– تون، مان ۽ هي پل جيڪي پنهنجين هٿ آڱرين جي وٿين
منجهان لنگهن ٿا. تون چوندو هئين نه ته ڪٿي به امن
ناهي ـــــ پر الائي ڇو مون کي چئني ڏسائن ۾ امن
ئي امن ٿو پَسجي ــــ“ ڳالهائيندي ڳالهائيندي هوءَ
ڇرڪي هن ڏانهن نهاري ٿي. ”ائين گهور پائي ڇا ٿو
ڏسين مون ڏانهن!؟ نه – ائين گهوري نه ڏسندو ڪر مون
کي، موت جهڙيءَ ان نهار سان.“ هلندي هلندي هوءَ هن
جو هٿ جهلي بيهي ٿي رهي ۽ موٽ ۾ مڙد جي نگاهن جي
گهور تهائين سرد پوندڙ موت جيان – برف جيان – عورت
پنهنجي اندر ۾ رڳن تائين ۽ رت ڦڙن تائين سرد –
تهائين سرد درياهه لهندو ٿي محسوس ڪري.
هيڪر وري ڀڻڪي ٿي.
”جڳن ڪنان منهنجي من ۾ هڪڙي ننڍڙي پرسڪون گهر جو
جيڪو سپنو پلجي پيو، ڇا ڪڏهن به ان کي ساڀيان نه
ملندي!!؟“ آواز ٽٽي پوڻ کان پهرين چپ ٿيو ٿي وڃي.
”گهر!!“ زهر ۾ ٻڏل مرڪ مڙد جي چپن تي تري آيل.
”مان سوچيندو آهيان، ڇا هر ديوار پناهه گاهه بڻجي
سگهي ٿي!! ڇا هر گهر ۾ ماڻهو رهندا آهن!؟ ڪيترا
اهڙا گهر آهن، جن ۾ جانورن سمان ماڻهو ۽ ماڻهن
سمان جانور رهندا آهن. ايڏي اوچي ديوار به ڇا اڏي
سگهجي ٿي جنهن کي موت به نه اُڪري سگهي!! – هان!؟“
ڳالهائيندي آلين ڪاٺين جو دونهون ڄڻ نيڻن ۾ ڀرجي
ٿو اچيس. ساڄو هٿ نيڻن تي ڌري ٿو ڇڏي. انيڪ پل
سانت جو واسو ٿو رهي ٻنهي جي وچ ۾. ان سانت جي
پڇاڙڪي پل ۾ هوءَ ڄڻ سڏڪو ڀري ٿي. ”مان – مان –
توکي سڌ به آهي ته – ته – تنهنجي ٻار جي – ماءُ
بڻجڻ واري آهيان.“ عورت جي ڳالهه ٻڌندي ئي نيڻن
تان ساڄو هٿ لهي ٿو اچيس. نهار هن جي نيڻن منجهه
اٽڪيو ٿي پويس. ڄڻ بيٺل پاڻيءَ منجهه پٿر جو شپڪو
ٿئي.
”نه – ته.“ بس ايترو ئي ڪڇي سگهي ٿو.
”نه ڇو!؟ ڇا تو مون سان راتيون ناهن گهاريون!! ڇا
تو ڪڏهن به مون کي ڇهيو تائين ناهي!؟“ دک ۽ پيڙا
وچان نيڻ ڀرجيو ٿا اچنس. مڙد ڪابه ورندي نٿو ڏئي.
چپ آهي پٿر جيان.
”توکي – توکي – شاڪ پهتو ڇا!؟“ ڀرجي آيل آواز ۾
پڇيس ٿي.
”ها.“ سانت ۾ سڏڪو. نيڻ نهار آڏو هوريان هوريان هن
جو مک ڌنڌلو پوندو ٿو وڃيس.
”تون چوندو هئين نه ته – عورت جي گرڀ ۾ پلجندڙ
ٻار، هن پرٿويءَ جي سڀ کان سُندر تخليق آهي. چوندو
هئين نه!!؟“
”هاــــــ“ ۽ پوءِ هڪ ڊگهي ماٺار. پولار ۾
گهوريندو ٿو رهي.
”پوءِ توکي ايڏو شاڪ ڇو پهتو، هن ٻار جو ٻڌي!؟ لوڪ
ڪنان ٿو ڊڄين، مڙد ٿي ڪري......!؟ ۽ مان – عورت
هوندي به – تون نٿو ڄاڻين ته – هن ٻار جو سپنو ته
منهنجن رت ڦڙن ۾ به ٿو ساهه کڻي - ۽ - ۽ -“ آواز
پنڌ ۾ ڇڄيو ٿو پويس ڪچيءَ تند جيان.
”ٻڌ.“ مڙد جو ڀڻڪو.
ڪابه ورندي نٿي ڏئي. هو هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾
جهليو هيڪر وري ٿو پڪاريس.
”ٻڌ!ــــــ هن ايج ۾، جڏهن ماڻهو ماڻهوءَ جو ماس
کائي رهيو آهي ۽ موت چؤڏسا ۾ پر ڦهلايو بيٺو آهي،
تڏهن ڇا اسان کي اڌيڪار آهي ڪنهن انسان کي جنمڻ
جو!!؟“
موٽ ۾ هن جي نيڻن ۾ اُڀري ٿا اچن اچرج جا ڀاوَ ڄڻ
ڪجهه به نه پئي سمجهي.
”مان سوچيان ٿو تنهنجي گرڀ ۾ هي ٻار جو پيو آهي،
هن بارود جي يگ ۾ ڇا ڪنهن ڀيانڪ جنگ جي جوالا ۾
سڙي ڀسم ٿيڻ لاءِ جنم وٺندو!!؟ ۽ ــــــ ۽ ـــــ
هيڏي بک آهي، هن وشال پرٿويءَ تي. نڄاڻ ڪيترا ٻار
بک وگهي روز ٿا مرن ــــ ۽ ــــــ تون بک کان
مرندڙ ٻارن جي فهرست ۾ هڪ ٻيو نانءُ ٿي لکڻ چاهين
ڇا!؟ـــــ“
”بس ـــــ ڪر ـــــ“ ڪروڌ ۽ پيڙا وچان، هوءَ گهٽيل
گهٽيل رڙ ڪري ٿي.
”ڳالهائڻ ڏي مون کي.“ ٻيهر ڳالهائيندي هو تهائين
ڪٺور ٿو ڀاسي. ”توکي ڪانهي سُڌ ته ڪيڏو وڏو دوزخ
ٻرڻ وارو آهي هن ڌرتيءَ تي ۽ موت ڪيڏو ڀيانڪ ٿي
پيو آهي. سلو پوائزن جيان جيئندو ۽ مرندو هن جڳ ۽
ايندڙ جڳن جو ماڻهو ــــ ۽ ــــــ ۽ ــــ پناهه
گاهه ڪٿي به ڪانهي.“
”پاڳل ٿي پيو آهين تون ته.“ هاڻي هو هن لاءِ ڌڪار
جي هلڪڙي ڀاونا پهريون ڀيرو پنهنجي من ۾ ٿي محسوس
ڪري.
”هر اُهو ماڻهو، جيڪو پاڻ کي هن دوزخ ۾ ايڊجسٽ ڪري
نه سگهندو، سو يا ته پاڳل ٿي پوندو – يا آپگهات
ڪري مري ويندو – پر – مان ته اڃآ – ڪجهه به ڪري نه
سگهيو آهيان. پورن حواسن سان ان ناٽڪ کي چپ چاپ
ڏسي رهيو آهيان – بي وسيءَ منجهان.“
پر عورت کي ان جو چهرو اُن ڪوري ڪاڳر جيان ٿو
ڀاسي، جنهن تي ڪجهه به لکيل ناهي.
”تون – مون کي ٻڌي رهي آهين نه!؟“
”توکي ٻڌڻ لاءِ جيڪا سگهه گهرجي ٿي نه، سا مون ۾
آهي ئي ڪٿي!! تڏهن به شايد توکي ٻڌي ئي ته رهي
آهيان!!؟؟“
”اهڙي ڪائي سگهه ته مون ۾ به ناهي – تڏهن ته توکي
پاڳل ٿو لڳان – پر – ٻڌ ته! – تون ڇو ڪنهن انسان
کي جنمي موت جي اِن کوهه ۾ اُڇلڻ ٿي چاهين، جنهن
جي ٻاهران تماشبين تاڙيون وڄائي رهيا آهن!! – “
”پوءِ!؟“ ٿڪجي، ٽٽندڙ آواز ۾ ڄڻ پاتال مان ٿي
ڳالهائي.
”پوءِ!! – پوءِ – تون – ايبارشن – ڪراءِ.“
”نه.“ هوءَ پولارن ۽ پاتالن جي سموري سگهه ڪٺي ڪري
رڙ ڪرڻ ٿي چاهي.
”نه – نه – ن – ن – نه – نه – ا – ا – ا – ن – ا –
“ نيڻن منجهه لهي آيل پيڙا جا ڀاوَ تهائين شديد
ٿيو ٿا پونس.
”او! تون ته عورت آهين نه! موتيءَ جهڙو من ٿيندو
آهي عورت جو. پوءِ ڇو نٿي تون سمجهين!! ٻڌ! هن
وشال پرٿويءَ تي ڪٿي به ڪا پناهه گاهه ڪانهي –
اسان جي پُٺ سان بم ٻڌا ويا آهن ۽ ڪير ڄاڻي! ڪڏهن،
ڪهڙي سمي سڀ ڪجهه ڀسم ٿي وڃي، هڪ ئي ڌماڪي سان –
تون – مان - ۽ - ۽ - هو – به.“
۽ هوءَ اداسيءَ وچان ڳالهائي ٿي، ميڻ جيان ڦڙو ڦڙو
وگهرجندڙ آواز ۾.
”دک اهو آهي ته تو ۾ اُهي سندر ڀاوَ آهن ئي ڪونه،
جيڪي ڪنهن سرجڻهار جي من ۾ پلبا آهن – مون کي ته
ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ هو پنهنجن پتڪڙن پيرن
سان پيو منهنجي انگ انگ ۾ ڊوڙون پائي – هن جا هٿ
منهنجي سموري وجود کي ٿا ڇُهن - ۽ - مان ته
پنهنجين ڇاتين تي هن جي کير مان ڀنل چپن جو ڇهاءُ
به ٿي محسوس ڪريان.“
”۽ - ڏک اهو آهي ته تڏهن به – تڏهن به تون هن کي
جنمڻ ٿي چاهين!! ڏس نه، بک – بيروزگاري – بارود جو
ٻرندڙ آڙاهه – پيڙا – شڪستون ۽ چؤڏسا ۾ ڦهليل فنا
جا ڪارا ۽ ڀوائتا پاڇولا – ٻيو ڀلا رکيو ئي ڇا آهي
هن هيڏيءَ ساريءَ پرٿويءَ تي!! ڇا اهو سڀ ڪجهه ڏيڻ
لاءِ جنميندينءَ کيس!؟“
اوچتو هوءَ اُٿي بيهي ٿي رهي. نيڻن منجهه جُڳن جي
پريت اُجهامڻ ٿي لڳيس ۽ من ۾ ڌڪار ڀرجي ٿو اچيس هن
لاءِ.
”تنهنجي سيني ۾ من ڪٿي ٿو ڌڙڪي ڀلا!؟ پٿر پيو آهي
تنهنجي سيني ۾ دل جي جاءِ تي – آئي – آئي – هيٽ يو
– ها ٻڌي ڇڏ – نفرت آهي – مون کي توکان – نفرت – آ
– هي – تو – ک – ا – ن.“
سانت ۾ سڏڪا – وڃڻ لاءِ وک کڻي ٿي.
”وڃين ٿي – ڇا!!؟“
”ها.“
”اهو ڄاڻندي به ته پناهه گاهه ڪٿي به ناهي –
هان!؟“
”پناهگاهون ته ماڻهوءَ جي من ۾ ٿينديون آهن. جنهن
کي پنهنجي من ۾ پناهه ملي وڃي نه، سموري پرٿوي
پناهگاهه بڻجي ويندي آهي هن لاءِ.“
وڃڻ لاءِ وک کڻي ٿي ۽ هن جي اندر ۾ ڄڻ ڪجهه ڀُري
پئي ٿو. ٻرانگهون ڀريندو آڏو اچي بيهي رهيس ٿو، گس
جهلي.
”نه – وڃ.“
”ترسڻ لاءِ ڪهڙو ڪارڻ آهي باقي!! تنهنجي من جون
سموريون سندرتائون مري ٺري ويون آهن ۽ هاڻي مون کي
تو مٿان موت جو گمان ٿئي ٿو. بدصورت موت جيڪو
سموريون خوبصورتيون ناس ٿو ڪرڻ چاهي – آئي – هيٽ –
يو.“
موٽ ۾ هو کيس ٻنهي ٻانهن کان سوگهو پڪڙي، اکين ۾
اکيون وجهي تڙڦي نهاريس ٿو.
”حقيقت اها آهي ته خوبصورتيون، بدصورتين جو کاڄ
بڻجي چڪيون آهن. اڳتي – ٻي وک کڄڻ کان پهرين ڪائي
اونهي کاهي آهي، جيڪا ڪنهن ڏائڻ جيان وات پٽيو
اسان کي ڳڙڪائڻ لاءِ کوٽي وئي آهي – ڪلائمڪس ان ۾
بولاٽيون کائي هيٺاهينءَ ڏانهن وڃڻ آهي، ٽڪرائجي
پرزا ٿيڻ تائين - ۽ ان کان اڳ هلي آ – هڪ ٻي جا چپ
چمي وٺون.“
”چپ چمڻ لاءِ جيڪي ڀاوَ گهربا آهن نه – اهي تو –
وٽ.“ عورت جي اکين ۾ ڄڻ آليون ڪاٺيون دکيو ٿيون
پون. پنهنجي ٻانهن تي ڦٻيل هن جي هٿن مان پاڻ
ڇڏائيندي، تکيون وکون کڻندي هلڻ ٿي لڳي.
”مان – وڃان – ٿي.“
”مان – توکي آخري موڙ تائين ڇڏي اچان ٿو.“ هو
سنسان روڊ تي ٻرانگهون ڀريندو هن ساڻ هلڻ ٿو لڳي.
”ٻڌ ته – اسان کي ڪوبه اڌيڪار ناهي، ان ٻار کي
جنمڻ جو. ڇا تون ۽ مان ڪافي ناهيون، هيڏا پهاڙ
جيڏا ڏک ڀوڳڻ لاءِ!؟“ ڳالهائيندي ساهه ڀرجي ٿو
اچيس.
”بڪواس ٿو ڪرين تون. نفرت آهي مون کي توکان – مان
ڪجهه به ٿي پوي، ابارشن نه ڪرائينديس – ڪجهه به ٿي
پوي – ڪجهه – به – ٿي – پوي.“
گهاٽن ڊگهن وڻن جي ٽارين اندر سج اُلهي رهيو هو.
سنسان روڊ جي ڪاري پٿرائين ڇاتيءَ تي ڇڻيل هيڊا پن
هن جي پيرن سان ٽڪرائجي، وکرجندا ٿا وڃن. پولار ۾
نيڻ کُپايو هوءَ آس ۽ ويساهه سان ڳالهائيندي ٿي
هلي.
”مان ڄاڻان ٿي – جڏهن هو جنم وٺندو، تڏهن سڀ ڪجهه
تهائين سُندر ٿي پوندو.“
”۽ جڏهن اها سندرتا پل اپل ۾ ئي ڀسم ٿي ويندي ۽-“
”تڏهن به سج ته اڀرندو نه!! هر نئون ڄاول ٻار نئين
سج سمان هوندو آهي – تون ڇو نٿو سمجهين!؟ ڇو ٿو
مارڻ چاهين اُن کي!؟ توکي ڏک نه ٿيندو ڀلا!؟“
”سج اُڀرندو – اهو سپنو آهي تنهنجو –“
”نه – ان جو ويساهه آهي مون کي – ان ڪري ئي هن موڙ
کان مان پنهنجا پيچرا ڌار ٿي ڳوليان – ڏس ـــ
منهنجو پيڇو نه ڪجانءِ – مان نٿي مارڻ چاهيان
پنهنجي اندر جي سُندرتا کي. ٻڌين ٿو نه!!؟ــــــ“
”او – ٻڌ – ته –“ ٻرانگهون ڀري هو هن سان وک کڻڻ
جي ڪوشش ٿو ڪري.
”هن کي اهو ضرور ٻڌائجانءِ ته مان هن کي جنمڻ جي
فيور ۾ نه هئس ان لاءِ – ان لاءِ جو مون نٿي چاهيو
ته – هو – سڏڪي سڏڪي ساهه ڏيڻ لاءِ جنم وٺي – تون
– تون – ٻڌين پئي نه!!؟“
کن لاءِ هوءَ بيهي ٿي رهي – پل اپل لاءِ کيس ٽڪ
ٻڌيو ڏسندي ٿي رهي.
”ٻڌ! هن پل، جڏهن منهنجي گرڀ ۾ تنهنجو ٻار ٿو ساهه
کڻي، مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ڌرتيءَ جي اندر
۽ ڌرتيءَ جي مٿان امن ئي امن آهي – شانتي آهي - ۽
منهنجو من پناهه گاهه آهي هن جي ۽ منهنجي ۽ - ۽ -
فنا کان اڳتي ۽ پهرين به حياتيءَ جا ڊگها سلسلا
آهن. اهم اُهو آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي اندر آهي –
جيڪو سيني ۾ ڌڙڪي ٿو –“
هو بس پيڙا وچان مرڪي پوي ٿو. سامهون ئي اُهو موڙ
آهي، جتان هن جو الڳ پيچرو ڦٽي نڪري ٿو.
”الودع – هتان ئي موٽي وڃ. منهنجو پيڇو نه ڪجانءِ.
جڏهن تنهنجو من آرسيءَ سمان جرڪڻ لڳندو نه – جڏهن
تون زندگيءَ تي ويساهه ماڻي وٺندين نه – تڏهن مان
۽ هو توکي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي لڀي پونداسون–“
ڪابه ورندي نٿو ڏي. پن ڇڻ جهڙيءَ نهار سان هن کي
موڙ مڙندي ڏسندو ٿو رهي. هوريان هوريان هوءَ نيڻ
نهار کان الوپ ٿي وڃي ٿي ۽ هو وڻ هيٺان بيٺو اکين
تي ٻئي هٿ ڌري ٿو ڇڏي.
ٻي پل
پنهنجي پويان کان هن کي بم بلاسٽ ٿيندو ٿو محسوس
ٿئي ۽ نيڻن جي سامهون اها ئي گرڀ وتي عورت انهيءَ
ٻار کي جنميندي ٿي پسجيس، چؤڏسا ۾ ٻار جي روئڻ جو
آواز ٿو ٻري ڄڻ.
اڻپورو آسمان
روهڙي جنڪشن تان ريل ڪنجهندي، سهڪندي، ٿڪل ٿڪل نوع
۾ زمين تي وڇايل پٽن مٿان رڙهڻ لڳي (سج لهي رهيو
هو ۽ آسمان رت ۾ ٻڏل چنريءَ جيان ٿي محسوس ٿيو)
اوچتو مان ڇرڪي سوچيان ٿو ’اڇا! هيءُ سنڌ آهي!؟‘ ۽
مان پنهنجن ساٿين کي ٻڌائڻ لاءِ ڪنڌ ورائي هن
ڏانهن نهاريان ٿو. هنن سڀني جون اکيون ٻوٽيل آهن ۽
هو گهري ننڊ جي اونداهين غفائن ۾ وڃائجي ويا آهن.
رائفلون هنن جي ٽنگن جي وچ ۾ نيزن جيان اُڀيون
رکيون آهن ۽ لوهي ٽوپ هنن جي گوڏن مٿان اونڌا پيا
آهن. هنن جي خاڪي وردي ۽ ڀاري بوٽن تي سفر دوران
هلڪي هلڪي دز ڄمي وئي آهي. مان ڪنڌ نوائي پاڻ کي
ڏسان ٿو. اسان هڪجهڙا ئي آهيون. اسان جا چهرا بس
هڪ ٻي کان مختلف آهن. مان ڪير آهيان!؟ ڪيڏانهن پيو
وڃان!؟ ڪهڙي ڪاڻ پيو وڃان!؟
اچانڪ ريل جي ڀريل گاڏي ۾ مان تنها رهجي ٿو وڃان.
منهنجي ماءُ ملتان ۾ حضرت شيخ السلام بهاؤ الدين
ذڪريا جي چائنٺ چُمي، اُن جي روضي مبارڪ جي خاڪ
پنهنجي سيني تي ملي ٻئي ٻڪ کنيا. هن جي ڀڻ جهڻ
خوشبوءَ جيان منهنجي اندر گهلڻ لڳي (يا حضرت!
منهنجو پٽ سنڌ جي شورش زده علائقن ۾ ٿو وڃي. اُن
کي هر مصيبت ۽ آفت کان بچائج. ان کي سوڀ عطا ڪج يا
حضرت!!) مون ماءُ ڏانهن نهاريو. هن جي پنبڻين تي
ٻه لڙڪ اٽڪي پيا هئا.
مائون ٻارڙن جيان معصوم ٿينديون آهن. هر ڳالهه
سمجهي نه سگهنديون آهن. هوا ۾ لهر لهر هنن کي
ڇرڪائي وجهندي آهي. جڏهن مان هيڏانهن آيس پي، تڏهن
هوءَ اندر ئي اندر ٻڏندي ۽ اُڀرندي رهي هئي.
پاڻيءَ ۾ ترندڙ پراڻيءَ ناوَ جيان، جنهن جي تري ۾
پائليءَ جيترو سوراخ ٿي ويو هجي. منهنجو وڏو ڀاءُ
کلنا ۾ مڪتي باهني جي غنڊن (!!؟) هٿان مارجي ويو
هو. تڏهن کان ماءُ جي سهميل من کي چين ئي نٿي آيو.
چوڻ لڳي: ”پتر! جڏهن تون سنڌ اندر داخل ٿئين ته لا
الھ الا انت سبحانڪ اني ڪنت من الظالمين جو ورد
ڪندو رهج.“
مان دريءَ مان ٻاهر نهاريان ٿو. اونداهون پولار –
لوهي پٽن تي ريل پري پري تائين گسرجندي وڃي بيهي
رهي ٿي. ڪائي ننڍڙي اسٽيشن آهي شايد!! نه پر –
ڪجهه به ته ناهي پري پري تائين –
۽ اپار اونداهي انڌڪار آهي. سانت ۾، اُن ۾ تڏ جو
توارڻ – جهٽڪو لڳڻ سان منهنجا ساٿي به جاڳي پون
ٿا. اسين سڀ پنهنجي پنهنجي سيٽ جي ڀر ۾ لڳل درين
مان ڪنڌ ڪڍي ٻاهر نهاريون ٿا. گرم هوا اسانجن چهرن
سان ٽڪرائجي موٽي ٿي.
اچانڪ......
ليفٽيننٽ طارق آرائين کان رڙ نڪري ٿي وڃي. ”اوهه –
مائي گاڊ – لڪ ايٽ هم –“ موٽ ۾ منهنجي سامهونءَ
واري سيٽ تي اسان جيون اکيون ڄمي ٿيون وڃن. هو
اندر آيو ڪيئن!؟ - ڪيئن!؟ - ڪيئن!؟ - ڪمپارٽمنٽ جي
دروازن جا ته بولٽ چڙهيل آهن. سواليه نشان اسان
جين اکين منجهه اُڀري اچن ٿا. پراڻي اجرڪ جي پڳڙي،
ڪارن اڇن گاڏڙ وارن واري گهاٽي ڏاڙهي، جنهن جا وار
پاڻ ۾ آکيري جي ڪکن جيان اُلجهي ويل. ڏٻرو ڏيل،
ميرا ڪپڙا، هڙ جوٽن تي ۽ جتي پيرن بدران انهيءَ هڙ
تي رکيل ۽ هون جون اکيون!!؟
هن جون اکيون ڏسندي، بلڪل ان پل مون کي جنگي قيدين
جون اکيون ياد اچي وڃن ٿيون. انهن منجهه به اهڙا
ئي گڏيل ڀاوَ هوندا آهن. خوف، احتجاج، بغاوت،
ڏاڍائي، هيڻائي، ـــــــ سڀڪجهه. هو بلڪل منهنجي
سامهونءَ واري سيٽ تي ويٺو آهي پنڊ پهڻ بڻيو. هن
جي ۽ منهنجي وچ ۾ ايترو گهٽ فاصلو آهي، جو منهنجا
گوڏا سرد پوڻ لڳن ٿا هن جي وجود کي محسوس ڪري. هو
اسان منجهان ڪنهن ڏانهن به نه نهاري رهيو آهي يا
شايد هر ڪنهن جي اکين ۾ ساڳي وقت نهاري ٿو آر ۽
پار، اندر ۽ شهه رڳ تائين.
اوچتو........
ڪيپٽن رياض ملڪ جو آواز اسان کي ڪنهن هپنائزڊ لهجي
کان ٻاهر ڇڪي وٺي ٿو اچي. ”What
a fantastic – unbelieveable“
هو ويٺلن مان ڪجهه کي مخاطب ڪري ٿو. ”Look
at him
هي پوڙهو بلڪل اُن جهڙو آهي – اوهان کي ياد آهي!!
ڍاڪا ۾ نواب پور روڊ وارو – پوڙهو بنگالي پپٽ مين
ـــــ!؟“ خوف مان ڪيپٽن جو آواز ڄڻ کوهه مان ٿو
اچي ۽ اکيون ڦهلجي ڄڻ گرانٺ جيڏيون ٿيو پون. مان
پنهنجي ڳلي ۾ رت جو ذائقو ٿو محسوس ڪريان. رستا –
گهر – گهٽيون – اسڪول – ڪاليج – يونيورسٽي –
اسپتالون لهو لهو ۽ لاش – ڳجهن ۽ ڪتن جا لامارا.
ڪجهه ياد ڪري مان پنهنجا هٿ رائفل تي ڦٻائي ٿو
ڇڏيان ۽ لانگ بوٽن اندر منهنجا پير پگهر ۾ شم ٿي
ٿا وڃن.
”ڊونٽ وري ڪيپٽن! – هيءَ سنڌ آهي – هي ڍاڪا وارو
بنگالي پپٽ مين نه پر ويچارو سنڌي ڳوٺاڻو آهي.“
اسان هن کي لاهڻ چاهيون ٿا ڪمپارٽمينٽ مان.
ڪمپارٽمينٽ صرف اسان لاءِ بڪ ٿيل آهي. سويليئن
ڪيئن ٿو هن ۾ ويهي سگهي!؟ لاهيوس – لاهيوس – پر –
دروازن جا بولٽ چڙهيل آهن ۽ ريل ڪنجهندي سهڪندي –
سڏڪندي – هلي ٿي پوي.
1970ع
ڍاڪا
نواب پور روڊ
هنگامي حالتن جو اعلان
ڪرفيو
ماڻهو سڀ گهرن ۾ بند. اسان کي سختيءَ سان آرڊر
مليل، جيڪو ٻاهر نڪري گولي هڻوس فورن.
ديوارون سناٽو اوڳاڇيندڙ
ڄڻ موت اگهاڙن پيرن سڙڪن تي هلندو هجي – اچانڪ هڪ
پوڙهو نڄاڻ ڪٿان کان نڪري ٿو. سانورو، بندرو،
ڏٻرو، مٿي تي ڪکن واري ٽوپي، ٻچي ڏاڙهي، چيڪ واري
لنگي ۽ ڦاٽل گنجي. هن جي ساڄي هٿ جي آڱرين ۾ ٻڌل
ڏورين ۾ لٽڪندڙ پُتلي. پُتلي ڄڻ رت ۾ ٻڏل ڪو لاش
آهي، جنهن جا ٻئي هٿ مٿي کنيل آهن آسمان ڏانهن ۽
ڪنڌ ڇاتيءَ تي لڙڪندڙ. اسان منجهان ڪو هڪ جواڻ هن
کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ رڙ ڪري ٿو، هو آڱرين
سان پتلي نچائيندو، رڙيون ڪندو انڌن جيان سڌو
وڌندو ٿو اچي – ڪرانتي – ڪرانتي – ڪرانتي – سوراج
– سوراج – سوراج –
فائر......
ٺا
ٺا
ٺا – ا – ا – ا –
هن جا پير ڌرتيءَ تان اُکڙن ٿا ۽ هو لهرائجي،
ٻانهون ڦهلائي ڌرتيءَ تي ڪِري ٿو. ڪ – ر – ا – ن –
ت – ي – ي – ي –
دروازا کلي پون ٿا ۽ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پوي ٿو –
ڪرانتي – ڪرانتي – سوراج – سوراج –
فائر.......
آنسو گيس
لاٺي چارج
پٿرن جو وسڪارو ماڻهن طرفان ۽ موٽ ۾ رائفلن جا
منهن هجوم ڏانهن کڄي ويل.
ٺا
ٺا – ا – ا – ا –
۽
رابندرناٿ ٽيگور
نذر السلام
زين العابدين
مڌو سودن داس
شهيد الله قيصر
شيخ مجيب
ڀاشاني
هڪ
هڪ
ٿي
سڀئي
مري
ٺري
ويل
روڊ سنسان ٿي وڃي ٿو. لهوءَ ۾ لت پت ست لاش وچ روڊ
تي پيل ۽ اٺون لاش اُن پپٽ مين جو. ان رات اسان
شهر جي آڊيوٽوريئم ۾ ڀارت ناٽيم ڏسون ٿا. سانوري
سنجها جهڙيون بنگالياڻيون ۽ انهن جا پشم جهڙا پير.
ريل ڊوڙي رهي آهي |