هُو جهڙو عقيدي ۾ حُسيني هو اهڙو ئي عمل ۾ به
حُسيني هو. وقت جي هر يزيد سان مقابلو ڪندو هو.
قلم وسيلي هُن حق ۽ صداقت جو ساٿ ڏيندي زندگي جو
80 ساله سفر پورو ڪيو. حُسيني قافلي جو هي مجاهد
جڏهن 21 روزي تي هِن عارضي جهان کي الوداع ڪري،
ابدي دنيا ڏانهن سفر تي اُسهي ٿو ته سنڌ، غم سان
گڏ حيرت ۾ اچي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته هُن اِهو ثابت ڪيو
ته هُو هڪ درويش، صبر ڪرڻ وارو ۽ حضرت علي ڪرم
الله وَجھ جو ئي مڃڻ وارو آهي ۽ اڄ اُن سان گڏ
روانو ٿي رهيو آهي اهڙو درويش صفت انسان اڄ اسان
وٽ موجود نه آهي. هُو اسان کي ڇڏي ملير جي چوکنڊي
واري مقام ۾، سنڌ جي ڀلوڙ شاعر، ”هِن جنم هُن جنم
۾ وچن ٿو ڪيان، مان جتي به هجان، سنڌ تنهنجو ٿيان“
جهڙيون اَمُلهه سِٽون سرجيندڙ تاجل بيوس جي ڀَر ۾
سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
انسان جي اکين سان گڏ آسمان مان به لُڙڪ جاري هئا.
سندس زندگي، لبنان جي جبران خليل، روس جي ٽالسٽاءِ
۽ فلسطين جي محمود درويش جهڙي هئي. سنڌ کي اڃان
شمشير جهڙي انسان جي ضرورت هئي، پر ظالم وقت ڏاڍو
بيوفا آهي، جو شمشير جهڙو ڏات ڌڻي اسان کان اڏري
هليو ويو. کيس، سنڌ جي ڌرتي تي اڃان ڪيترائي گل
ٻوٽا پوکڻا هئا، پنهنجي قلم سان کيس اڃان ڪيترن
يزيدن جو سينو چاڪ ڪرڻو هو. هُو مسلسل جدوجهد جي
علامت هو. پنهنجي نالي وانگر حيدر جي تلوار هو.
هُو هڪ پارس جهڙي شخصيت جو مالڪ هو، ادب جي جنهن
به صنف کي ڇُهيائين ٿي ته اُن کي سون بڻائي ٿي
ڇڏيائين. سندس لکڻين ۾ ٻولي توڙي معيار عُروج تي
نظر اچن ٿا. هو عزم، ارادي ۽ عمل جو شاعر ۽ اديب
هو. هُو پنهنجي لکڻين ۽، ڪردار ۾ زندهه آهي. هُو
جسماني طور، اسان کان الڳ ٿيو آهي پر روحاني طور
اسان سان گڏ آهي. حالانڪه ادبي دنيا ۾، سندس وڃڻ
سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي. شيخ اياز، استاد بخاري،
حسن درس جو وڇوڙو به وڏو ادبي نقصان هو. اهڙا صوفي
منش ۽ درويش اِنسان، صدين ۾ جنم وٺندا آهن. اي
شمشير!، هي سنڌ ۽ سنڌ واسي توکي قيامت تائين ياد
رکندا. بيشڪ تو سنڌ ۾ جيڪو محبت جو باغ پوکيو،
اُهو سدائين سائو ۽ سُرهو رهندو ۽ اُن جو واس هر
هنڌ پهچندو.
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اُٿي ويا مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.
عزيز گوپانگ
سنڌ کان
موڪلائيندڙ مور ۽ شمشير!
اڄڪلهه اسان وٽ هر ڏينهن هڪ خبر طور اچي ٿو ۽ اڄ
10 آگسٽ، جُمعي جي ڏينهن جي خبر اِها آهي ته
شمشيرالحيدري گذاري ويو. خبر پنهنجي وقت جي حوالي
سان متوقع آهي ۽ اهميت جي حوالي سان تمام وڏي،
متوقع. انهيءَ ڪري جو شمشير پنهنجي حياتيءَ جا،
اُهي سڀ سال گذاري چُڪو جن ۾ سندس حياتي ڪارج واري
هُئي ۽ اهميت واري اِن ڪري جو شمشير پنهنجي وڏي ۽
بي داغ ڪردار جي حوالي سان اهڙو خال ڇڏيو آهي جنهن
جي خالي هجڻ ۾ ئي حُسن رهندو ڇو ته شمشير جي جاءِ
ڀرڻ لاءِ هروڀرو جو ڀَراءُ ضروري نه آهي.
سٺ، ستر ۽ اسي وارن ٽن ڏهاڪن وارو سنڌ جو دؤر
سياسي ۽ ادبي مهم جوئي وارو دؤر هو، انهن سالن
دوران سنڌ جو نالو وٺڻ، نانگ مٿان پير ڌرڻ جي
برابر هو، هڪ پاسي سنڌ جا ئي سوين وڏيرا ۽ قلمڪار
”سنڌ وٺو، سنڌ وٺو“ جا هوڪا ڏيئي رهيا هئا ته ٻئي
پاسي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اديب ۽ شاعر مزاحمتي ادب
جي ذريعي غدارن ۽ اُنهن جي آقائن سان هڪ ئي وقت
وڙهي رهيا هئا سنڌ خاطر وڙهي ويندڙ اُنهيءَ ڊگهي ۽
ٿڪائيندڙ جنگ جي سرواڻي شيخ اياز سان گڏ شمشير به
ڪئي، فرق اِهو هو ته اياز اڳئين محاذ تي وڙهيو پئي
۽ شمشير هڪ ڪورنگ ڪينڊيڊيٽ“ طور سڄي حياتي ساڻس ۽
سندس فڪر سان گڏ رهيو.
ماڻهوءَ کي وڏي ڄمار جي هروڀرو به ضرورت ناهي
هوندي. دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي ماڻهو هئا ۽ آهن جن
تمام وڏيون ڄمارون ماڻيون. مگر سندن کاتي ۾ چڱن
ڪمن جو شمار نه جهڙو آهي ۽ ٻيا اهڙا ماڻهو به آهن
جن پنهنجي مختصر ڄمار ۾ وڏا ڪم ڪيا! سو وڏي ڪم
لاءِ وڏي ڄمار ئي ضروري ناهي. شمشير انهيءَ حوالي
سان سڀني کان الڳ ٿلڳ رهيو، هُن نه رڳو ڄمار وڏي
ماڻي پر ڪم به وڏا ڪيا، جيڪو اسان وٽ گهٽ ئي ٿيندو
آهي. ڇو ته توهان کي زندگيءَ لاءِ جيئندڙ ۽
زندگيءَ لاءِ مرندڙ ماڻهن جي فرق ڪرڻ ۾ ٿوري
ڏکيائي ضرور ٿيندي! شمشير اُنهن ماڻهن مان هو جنهن
هميشه زندگيءَ لاءِ مرڻ کي ترجيح ڏني.
شمشير جي زندگيءَ جو ڇيد ڪجي، اِهو تمام گهڻو
مُشڪل ٿيندو اهو طئه ڪرڻ ته اهو اصل ۾ ڪهڙي هُنر ۾
يڪتا هو، هو شاعر به هو ته صحافي به، نثر نويس به
هيو ته ڊراما نگار به! لکڻ جا سمورا پاسا هو سهڻي
نموني سان ڀري سگهندو هو، تنقيد جيئن ته منهنجو
شعبو ناهي اِن ڪري اُن جي فني پورهئي جي ڇنڊڇاڻ
مان نٿو ڪري سگهان پر ايترو ادراڪ ضرور رکان ٿو ته
هو پنهنجي عهد تي انتهائي گهرا اثر ڇڏيندڙ اديبن
مان هڪ هُيو جنهن پنهنجي قلم جي تقدس ۽ لفظن جي
حرمت کي آخر تائين قائم رکيو.
ضياءالحق جي دؤر ۾ جڏهن سياست ڪرڻ ته پري اُن مٿان
ڳالهائڻ به ڏوهه هوندو هو، شعور ۽ عقل جي ڳالهه
ڪرڻ تي سؤ قلم لاڳو ٿيندا هئا، جواني منع ٿيل هئي
۽ خواب پس زندان هئا تڏهن شمشير اڪيلو صحافي هو
جنهن مهراڻ اخبار جي ايڊيٽر طور آمريت جي اڳيان
بيهي چيتي جيان چنگهاڙيو پئي، هُن جي دل ۾ سڀ ڪجھه
هو پر خوف ڪونه هو، هو نه ضياء کان ڊنو نه ئي سندس
ظلمت کان. هُن جي دؤر ۾ مهراڻ اخبار جي سرڪيوليشن
هزار سيڪڙو وڌي ۽ سنڌ جي صحافتي دنيا ۾ اهڙو
پهريون موقعو آيو جو ماڻهن قطارون ٺاهي اخبار وٺڻ
شروع ڪئي! صحافتي ڪيريئر جو سندس اُهو دؤر سندس
ذات جي بيباڪيءَ جو ئي نه، سنڌي صحافت جو به
سونهري دؤر هو، جڏهن اُن پنهنجو مڪمل سماجي ڪارج
ادا پئي ڪيو.
خواجه ڪميونٽيءَ جي گڏيل سماجي تاڃي پيٽي کان ٻاهر
نڪري هُن جيڪو ڪردار ادا ڪيو اُنهيءَ جو مثال اسان
واري سماج ۾ گهٽ ملي ٿو، سندس مٽ مائٽ، سؤٽ ماسات
وڻج واپار ۽ دُڪانداريءَ ۾ وڏا ماهر ليکيا ويندا
آهن، هُن به هڪ دُڪان کوليو، مگر ٿوري فرق سان،
سندس دُڪان تان سنڌ جي دردن جي دارون کان علاوه
ٻيو ڪجھه به نه ملي سگهندو هو. هُن پنهنجي دل کي
سنڌ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو ۽ اُن جو چيو مڃيو هو!
هُن ڪڏهن به اهڙو ڪم ڪونه ڪيو جيڪو سنڌ ۽ سندس دل
جي خلاف هُجي. سندس دل جون سرحدون سنڌ جي سرحدن
سان سلهاڙيل هُيون ۽ آخر تائين رهيون!
پنهنجي دؤر جي سڀني مُروج اصولن ۽ اسلوبن کان
بغاوت سندس سرشت جو حصو هُئي، اهوئي سبب آهي جو
انهيءَ دؤر جي عام استعمال وارن قلمي نالن کان هو
پري رهيو، هو نه گهايل هو نه فراق، نه ڦٽيل هو نه
زخمي، نه قمر هو نه شمس، نه صابر هو نه ساگر، نه
ساقي هو نه ساغر! هُن جيئن قلم کنيو ته شمشير بڻيو
۽ اهو به حيدري.
پنهنجي نالي جي ساک قائم رکندي هُن پوري حياتي هڪ
آئيڊيل آرٽسٽ جيان گذاري، هو اکر لکي پئسا
ڪمائيندو هو ۽ اُنهن پئسن سان سگريٽ ٻاري حاسدن جو
اندر ساڙيندو هو، سگريٽ ڇڪڻ جو سندس دلڪش انداز
ڏسي اُنهن ماڻهن جي دل به سگريٽ ڇڪڻ ڏانهن ڇڪبي
هُئي جيڪي تماڪ نوشي جي خطرناڪ اثر مٿان مقالا
لکندا هئا.
مون شمشير کي ڏٺو ته ويجهي کان پر کيس سمجهيو سندس
لکڻين وسيلي، هُن جون لکڻيون ائين صاف سٿريون
هونديون هيون جيئن دل ڪيني کان، هُو اڇو اُجرو
هِرک جهڙو ماڻهو هو، جنهن جو من اصلئون ڌوتل هو.
سنڌ جو اُهو دؤر جڏهن شيخ اياز جي گيتن کان آمر ۽
دوستيءَ کان شاعر ڊنا پئي تڏهن شمشير ساڻس گڏ بيٺل
هو، هن جمال ابڙي، رشيد ڀٽي ۽ هڪ اڌ ٻين دوستن سان
گڏ، آخر تائين اياز جي همراهي ڪئي ۽ ڪنهن به لمحي
نه لڏيو نه لميو ۽ اِهو ئي دؤر هُيو جنهن ۾ چڱا
چؤکا سڀ پڌرا ٿي بيٺا، شمشير تڏهن به پنهنجي خوابن
سان گڏ بيٺل رهيو ۽ اُن کان پوءِ به، جڏهن سنڌ کي
اڪيلي ڇڏڻ جو فيشن عام ٿيو، تڏهن به هو سنڌ سان ئي
بيٺل رهيو، اِها ئي اهڙي وصف آهي جيڪا شمشير کي
پنهنجي عهد جي سڀني قلمڪارن کان الڳ ۽ مٿانهون
بيهاري ٿي.
شمشيرالحيدري جي نالي اُچارڻ ۾ ئي ڏکيائي نه ٿيندي
هُئي، آمريت جي ڏينهن ۾ سندس فڪر کي هضم ڪرڻ ۽ کيس
ڳولهڻ به ڏکيو هوندو هو، هو پنهنجي فقيراڻي مزاج
جي ڪري ڪنهن هجوم ۾ به آرام سان لِڪي سگهندو هو ۽
اڪيلائيءَ ۾ به نظر ڪونه ايندو هو، وقت جا حاڪم
کيس نه ڳولهي سگهڻ جي ڪري پريشان هوندا هئا ۽ هو
سنڌ جي ڪري.
هُو پنهنجي عقيدي ۾ ئي حُسيني ڪونه هو پر عمل ۾ به
حُسيني هو، وقت جي هر ظالم کي هُو يزيد سمجهي
وڙهندو رهيو ۽ ڪيڏي نه حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته
جنهن جي تلوار جي نسبت سان پنهنجو نالو چونڊيو
هُئائين اُنهيءَ عظيم هستيءَ جي شهادت واري ڏينهن
ئي اکيون ٻوٽيائين. هُو ادب جي دنيا جو حُر هيو!
منهنجون شمشير سان ڪي گهڻيون ملاقاتون ڪونه رهيون
۽ نه ئي مان ساڻس پنهنجي دوستيءَ جي دعويٰ ڪري
سگهان ٿو، مون جڏهن به کيس ڏٺو ته عقيدت ۽ حسرت
وچان ڏٺو، سندس زندگي جو هڪڙو پاسو منهنجي حياتيءَ
سان گهڻو مليو ٿي ۽ اُهو هو مسلسل نوڪريون ڇڏڻ
وارو عمل.
شمشير هڪڙي زندگي ڪڏهن ڪونه گذاري، انهيءَ ڪري هُو
هڪڙي نوڪري به ڪونه ڪري سگهيو، اِهو تمام گهٽ
ٿيندو آهي ته ڪو ماڻهو هڪ کان وڌيڪ زندگيون گذاري
۽ شمشير اهو ڪري ڏيکاريو، هڪ انتهائي وفادار دوست،
بنهه سچو اديب، بي ڊپو صحافي ۽ سماج جو هڪ ذميوار
فرد ته هُو هيو ئي، پر گڏوگڏ هڪ انتهائي پيار ڪندڙ
۽ شفيق پيءُ ۽ سر ساهه صدقو ڪندڙ ڏاڏو ۽ نانو پڻ
هو.
هُن اسي سالن جي هڪ ڊگهي ۽ ڀرپور زندگي گذاري. هُن
زندگيءَ جي ڊگهي اننگ انتهائي صبر ۽ ماڻهپي سان
کيڏي ۽ ٿڪو ڪٿي به ڪونه! هو اُن وقت تائين کيڏندو
رهيو جيستائين زندگيءَ جي ميچ ڊڪليئر نه ڪئي ويئي.
سنڌي اديبن ۽ شاعرن ۾ ”بيٽ ڪيري“ ڪندڙ هي پهريون ۽
آخري ”بئٽسمين“ هو جنهن کي نه لالچ جا بائونسر
آئوٽ ڪري سگهيا ۽ نه ئي غربت جا ”اِن سوئنگ ۽ آئوٽ
سوئنگ“!!
پيري ۾ طاقت ئي نه حوصلو به گهٽجي ويندو آهي، عام
طور تي چئي ويندڙ اِها ڳالهه شمشير سان لاڳو ڪونه
هُئي، هُو جيترو ضعيف ۽ پيرسن پئي ٿيو سندس خوابن
جوانيءَ جا موڙ پئي ٻڌا، تڏهن ئي موت کي سندس ياد
آئي هو کيس کنڀي کڻي الائي جي ڪيڏانهن اُڏاڻو؟!
سنڌ هڪ ئي وقت مورن ۽ شمشير کان خالي ٿي ويئي، اها
ئي ڳالهه ڏک جي ڳالهه آهي!!
ڊاڪٽر مخمور بخاري
اسان
جون مسافتون شمشير طئه ڪيون!!
حياتي برف جيان هر لمحي ٽيپو ٽيپو ٿي ڳري رهي آهي،
پوءِ ان کي ڪير سانڍي سگهندو؟ بس ساري سگهجي ٿو،
ڪڏهن ڪڏهن وساري به ڇڏجي ٿو...! پر سار وسار جي وچ
واري پد تي ڪجھه رهجي وڃڻ جو امڪان به رهي ٿو. اهو
ڇا آهي سار يا وسار!؟ شايد سار جو ئي عڪس آهي. اڻ
چٽو منظر آهي! ۽ اهڙا ڪيترا منظر- عڪس منهنجي ذهن
جي خاني ۾ پنهنجي جاءِ ولاري ويٺا آهن جيڪي ڪڏهن
ڏاڍا چٽا هوندا آهن ته ڪڏهن ڌنڌليل!! اهڙن منظرن
کي چٽو ڪري آئون جڏهن ڪجھه ڳولهڻ ويهان ٿو ته مون
کي اهي ٻه ماڻهو نظر اچن ٿا جيڪي مون لاءِ ڪنهن
حوالي سان اهميت رکن ٿا. هڪ قمر شهباز ۽ ٻيو
شمشيرالحيدري سائين! هي ٻئي يگانا تخليقڪار پنهنجي
تخليق سبب مون کي ياد رهندا!! پر افسوس ٻنهي سان
ملاقاتن جا سلسلا طويل نه هئا بس ايترا هئا بقول
سائين امداد حسيني جي:
هڪڙو سگريٽ ته پي سگهجي ٿو
ايترو ته جي سگهجي ٿو
محترم قمر شهباز سان ملاقات جيڪا ياد پئي ٿي،
ڪراچي ۾ ريجنٽ پلازا جي ڪوه نور هال جي در تي
قلمڪار ڪنوينشن جي موقعي تي ٿي. جتي هن مون کي لکڻ
جي حوالي سان سڃاتو ۽ سائين شمشير سان ملاقات
پهريون ڀيرو ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي
عرس تي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي. جتي هو مون
کي پري کان درگاهه ڀٽائي جي ڳاني ۾ هڪ يگانو شاعر
۽ واقعي به حيدري لڳو ۽ پوءِ سگريٽ دکائيندي
دکائيندي سائين جي حال به ٿيا ته ڪي شعر به کانئن
ٻڌڻ جو موقعو به مليو ۽ ساڻن آخري ملاقات ڪجھه سال
اڳ ڊاڪٽر اسحاق انصاري جي اوطاق تي مچ ڪچهري/
مشاعري جي موقعي تي ٿي. جنهن ۾ هدايت بلوچ، ڊاڪٽر
عابد مظهر ۽ پير عبيد راشدي جو ساٿ پڻ هو، پر هي
واقعو اڄ هتي ڇو؟ ان سوال جو جواب به هنن سٽن ۾
ڏئي ڇڏجي ته بهتر! هي ٻئي تخليقڪار پنهنجي ڀرپور
تخليقي سگهه ۽ خوبصورت اظهار سان مون سميت ڪيترن
ئي جي مشڪل آسان ڪري سگهيا آهن. جگجيت جي ڳايل غزل
جيان:
پیار
کا پہلا خط لکھنے میں وقت
تو لگتا ہے،
نئن پرندوں کو
اڑنے میں وقت
تو لگتا ہے۔
سو اسان جي ان وقت کي قمر شهباز ۽ شمشير جون سٽون
ئي طئه ڪري سگهيون! پوءِ اسان جي پلئه ۾ ڇا آيو.
گل يا ڪنڊا. اها ڪٿا ته وري ڪنهن ٻئي ڀيري ئي بيان
ڪري سگهجي ٿي باقي قمر شهباز جون هي سٽون:
جي سونهن گهرين ها ساٿيئڙا
مان چانڊوڪي چورايان ها
جي گيت گهرين ها منهنجا پرين
مان سڏڪن جي سر ڳايان ها.
۽ شمشير جون هي سٽون:
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌو جي ٻئي ڪناري ويو.
تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو،
وقت جي سينڌ کي سنواري ويو.
الائي ته ڪيترا ڀيرا اسان جو طويل مسافتون طئه
ڪري، وقت جي سينڌ کي سنواري ويون!“........ پيار
به عجيب آهي! ڪڏهن ڪٿي ڪهڙي حالت ۾ نروار ٿئي ٿو
سو انداز به نرالو اٿس ۽ نه زمان جو قيدي نه مڪان
جو!! بس ”سچو عشق ٻُڍا نه ٿيوي توڙي چٽي هوس
ڏاڙهي“ ۽ عشق جو پنهنجو ئي رنگ آهي. ڍنگ آهي. اياز
به ان عشق ۾ ئي گهڻو ڀوڳيو به آهي:
عشق ۾ اڄ به نه ٿو مڙين اي ’اياز‘،
پيار ۾ ڪيترو ته لوڙهيو ٿئي.
پر ڏسجي ٿو عشق جي ڀنڀٽ ڀڙڪڻ کان سواءِ تخليق جي
راڌا ريجهي نه ٿي ۽ شمشير به شاعر هو ۽ سچو پچو
شاعر هجڻ وڏي ڳالهه!! ۽ شاعر ٿيڻ ۽ شاعر هجڻ ۾ به
وڏو فرق آهي ۽ شمشير سڀ ڪجھه هوندي به ڪجھه نه هو
۽ ڪجھه نه هوندي به شاعر هو ۽ فقط شاعر هو! هن جي
مالها ۾ رڳو لفظ نه آهن بلڪه جذبن، احساسن، خوابن،
سونهن، سرهاڻ، سڳنڌ، سچ جي ڪيفيتن جا ساهه کڻندڙ
عڪس موجود آهن. هن جا لفظ نه فقط ساهه کڻن ٿا پر
اهي سماج کي به آڪسيجن مهيا ڪن ٿا ۽ اهو ڪم ڪو سچو
عاشق شاعر ئي ڪري سگهي ٿو. پنهنجي هڪ غزل ۾ شمشير
نازڪ خيالي جو خوب مثال ڇڏيو آهي:
وئي دل کي وڻي، تنهنجي اک جي اَڻي،
کڻي نيڻ وري، تون نهار کڻي،
تنهنجي زلفن ۾، اک اٽڪي پئي،
ڪبي اهڙي به آهي، سينڌ ڦڻي.
۽ هن وٽ سونهن جي ساراهه ڪنهن ڪمال خوبصورتي سان
موجود آهي، اهو سندس ئي نرالو ڍنگ ۽ انداز آهي:
هو سهڻي هئي، ڏاڍي سهڻي هئي ايڏي سهڻي،
جنهن کي ڏسندي، اکيون يڪئڪ ڄمي ويون ٿي،
جُهڙ مان سورج ليئو پائي، هن جي اينءَ جهلڪ،
ڳالهيون هن جون کنڊ پتاشا، ماٺ به مصري تڙ،
هڪ ائين جيئن گنهگهريون گونجن، مُرڪي ته وَڄَ
وَڪَڙَ
عشق جا رنگ به نرالا ته ڍنگ به نرالا!! هر عاشق جي
عشق ڪٿا الڳ الڳ ٿئي ٿي، ڪوئي ڪنهن لاءِ ڪائنات کي
محورقص ڏسي ٿو. ڪوئي خود کي پرينءَ جو پرتو ڀائين
ٿو. ڪوئي سڳنڌ سرهاڻ سان سڄڻ کي ڀيٽي ٿو، ڪنهن کي
محبوب چنڊ کان به وڌيڪ سوڀيا وارو لڳي ٿو. ڳالهه
فقط محسوس ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي آهي ۽ بس! پر اسان جي هن
يگاني شاعر سائين شمشير جي عشق جي ڪٿا به هن جي
انداز جيان الڳ آهي. ڄڻ ڪڪر وسيا ته پر دل جي زمين
ساڳي ٺوٺ، اڃايل من ۽ تاسوتن! انڊلٺ رنگ ته ڪڍيا
پر اندر جي دنيا ساڳي ٻُسي. بي رنگ، مرجهايل. بس
اَهڙي ڪنهن مينهن جو انتظار. اوسيئڙو جيڪو وسي،
وسي ۽ بار بار وسي ۽ من جي زمين کي سيراب ڪري وجهي
۽ پوءِ دل جي زمين تي نينهن جا ڪيترائي گؤنچ ڦٽي
پون. ڪيترائي گل گلاب جا ٽڙي پون ۽ من موتيي ۽
مگري جي مهڪار سان واسجي وڃي. پر اهو اوسيئڙو
شمشير وٽ اڃا آهي. اها تڙپ اڃان ساهه کڻي پئي اها
آنڌ مانڌ اڃان بي قراري کي پئي ۽ ڏاڍي ڌيمي انداز
سان پنهنجي ان ڪيفيت کي اظهاريندي چئي رهيو آهي:
دروازو کليل آهي، من ڪوئي اچي نڪري،
سڀ لوڪ سُمهيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري.
چنڊ رات چٽي آهي، ڪڪريون به وسي هليون،
هر بات بڻيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري.
هن برهه جي بستي ۾ ’شمشير‘ جيهو جوڳي،
ڪجھه ڏينهن ٽڪيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري.
۽ هن جو نظم ’اڌ صدي جو داستان‘ نرالو به آهي ته
من کي ڇهندڙ به!! |