حفيظ ڪنڀر
حوصلي جو
نانءُ هڪ شمشير هو.....
شمشير سائين ۽ منهنجو تعلق شايد ٻن ڏهاڪن جو رهيو
هو. اسان جون تفصيلي ملاقاتون پاڪستان ٽيليويزن
ڪراچي سينٽر جي پروڊيوسرن جي ڪچهري خاني نما آفيس
۾ ٿيڻ لڳيون هيون. شايد 1992ع جو سال هو جڏهن
منهنجي سيريل ”هٿين گل ميندي“ آن ايئر ٿي هئي هن
مون سان مخاطب ٿيڻ جو جملو ”پڪا رڇ ڪنڀار جا“ سان
ٿيندو هو. پوءِ ڳالهين، ڪچهرين ۾ شمشير سائين هڪ
ٻئي جي وچ ۾ ڄمار جي فرق واري حجاب جا پردا پنهنجي
مزاحيه انداز ۾ هٽائڻ شروع ڪندو ۽ بيتن جون ڪمال
پروڊيز ڪندو ويندو هو. هن مزاحيه حس/ مزاح جي شعبي
جا شاهد پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ سينٽر جون اُهي
آفيسون، ورانڊا، ٽي وي جا تفريحي ۽ ڪجھه رسالن جا
اخبار جا صفحا به آهن. کڻي جو ادبي حلقن جي ڪجھه
اجاين وڏن نالن شمشير سائين جي ڪمال جي پيروڊيوز
تي اعتراض واريا پر انهن ويچارن کي مزاح ۽ مشڪري ۾
فرق نظر نه پئي آيو ۽ ادب جي مڙني منتقدڪ هتون جي
وارثي دعويٰ سبب اهي صاحب ان شعبي کان ئي ناواقف
هئا. شمشير کان ڪي نه اهڙون پيورڊيوز مون ٻڌيون جن
۾ هو بيت جي فقط هڪ لفظ کي مزاحيه بنائي ان کي
معنيٰ ۽ مفهوم جا اهي مرڪ ڀريا لباس ڍڪائي ڇڏيندو
هو جو داد مسڪراهٽ سان ئي ڏيڻو پوندو هو ۽ پوءِ هڪ
سنجيدگي طاري ٿي ويندي هئي ٻڌندڙ تي شمشير جي
زندگي تي هڪ نظر وجهي ٿي ته اسان کي سنڌي ادب ۾ هو
هڪ تربيت يافته اهڙي Visionary شخص
طور نظر اچي ٿو جنهن Vision قوم
پرستاڻو، سائنسي ۽ ترقي پسندي وارو ٿي آهي ۽ هو
انهي تي ڀڳسڳون سان اسان کي هر گهڙي هر لمحي سنڌ
وطن سان ان وقت به بڻيل نظر اچي ٿو جڏهن سنڌ جا ڪي
نام نهاد قومي شاعر پنهنجي بيماري جي بسترن تي
دهشتگرد ٽولن کان گلدستا ۽ پنهنجي وڪري جي ٽوڪن
رقم وصول ڪري چڱڀلائي باقاعدي سندن ڪئمپ ۾ شامل
ٿيڻ لاءِ آتا هئا نه ڪي حضرت ٽڪيٽن جي آسري ۾ هئا
انهي سڄي لقاءُ تي شمشير صاحب جو اک رُئندي آئي
هئي ۽ سدائين اهو چوندو رهيو هو ته پهرين اسان کي
سنڌي جي انهي ڪوس جو حساب ڪتاب گهرجي جيڪو ڪراچي ۽
حيدرآباد ۾ ٿيو آهي پوءِ جون ڳالهيون پوءِ ٿينديون
هي اها ڳالهه هئي جنهن هن جي ان سياسي Vision ۽
نظرياتي تربيت کي ٿي ظاهر ڪيو. جنهن جي شروعات
ڪامريڊ نذير حيدري تقريرن کان ٿيندي هڪ ڊگهي عرصي
واري سنڌ جي سياسي هلچلن تائين پهچي ٿي ۽ انهي
طويل عرصي ۾ شمشير صاحب اسان کي هڪ ”مزدور مزاج“
جو اهو تخليقڪار نظر اچڻ لڳي ٿو. جنهن ادب جي
ڪيترن سطحي، مبهم، اجاين اڊمبري انهن تصورن کان ئي
لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو. جيڪي نفرتون اديب،
ليکڪ کي پنهنجي ماحول کان اجنبي ۽ الڳ الڳ ٿا ڪري
ڇڏين. شمشير سائين پنهنجي فني سفر، تخليقي جدوجهد
کي ڪڏهن اديب خاص ماڻهو جي رستي سان نه جوڙيو. هن
پاڻ هر ڀيري قلعي مزر ئي چيو ۽ ايستائين جو هن
تخليق جي ”ذات“ واري هتور کي به ڪٿي ڪٿي رد ڪندي
ان کي Technical سان
جوڙي مشق کي ان لاءِ ضروري قرار ڏنو. هن پنهنجي
آڱرين کي moving
fingers نه
پر هڪ مزدور جي هٿ جي انهن آڱرين سان ڀيٽيو جنهن ۾
قلم پڪڙيل هو.
۽ آءٌ سمجهان ٿو ته سائين جي انهي سمجهڻ جي انداز
هن کي گهڻ رُخو ليکڪ بنايو جنهن هر صنف تي ڪاميابي
سان طبع آزمائي ڪئي پوءِ اها شاعري هجي، مزاح هجي،
فڪشن هجي، تحقيق هجي، ٻاراڻو ادب هجي، ترجمو هجي،
ڊرامو هجي، اهڙو ڪهڙو شعبو آهي جنهن تي هن جي
ڪامياب دسترس نه رهي هجي ۽ هزارن ليکڪن ۾ هو يگانو
نه ٿيو هجي
ملنگ مست الستي قلندري آهيان
عجيب آهيان هزارن ۾ حيدري آهيان
قلندري مزاج هن جو ڪو صوفياڻو مزاج نه پر جدت ڀريو
اهو مزاج هو جنهن ۾ هن جا اها شعوري ڪوشش شامل هئي
جيڪا ڪوشش اسان کي ضياءُ آمر جي وحشي دؤر ۾ انهن
ايڊيٽوريلز ۾ نظر اچي ٿي جيڪي هن روزاني مهراڻ
لاءِ ان وقت لکيا جڏهن ضياء شاهي سنڌ ۾ سنڌي بُو
سنڌي بُو ڪري رهي هئي ۽ انهي دؤر ۾ شمشير صاحب ۽
ابراهيم جويي صاحب گڏيل ادارت ۾ ”هدايت“ جاري ڪري
سنڌي ماڻهن جي شعوري آبياري ڪئي. اهڙي طرح ضياء
شاهي جو پورو دؤر هو جنهن ۾ اسان کي شمشير سائين
ائين بيٺل نظر اچي جيئن هو پهرين ڏينهن کان آخري
ڏينهن تائين نظر اچي ٿو. ڪا هڪ گهڙي به اهڙي نظر
نه ٿي اچي جنهن ۾ هن شخص کي ڪا بدي جي قوت پاڻ طرف
قائل ۽ مائل ڪري سگهي. لوڀ، لالچ، طمع، حرص جي
ديوي کيس ڇهي سگهي، ظلم ۽ بربريت جو ديو شمشير کي
بهڪائي سگهي.
ڪنهن طرح اسين ظلم جا قاتل نه ٿياسون
زنجير کان وڌ پنهنجو ڪو دمساز نه آهي
انصار جي آئين جي فتويٰ ٿو ٻڌايان
زردار کان زياده ڪو دغاباز نه آهي
هر هر ٿيون اچن وقت جي سوري جون صدائون
افسوس انا الحق جو آواز نه آهي
شمشير جيڪو سنڌ ۾ انا جي آواز جو ڳولائو رهيو هو
ان جي جڏهن اميراڻي ۽ خودي واري مفلسي تي نظر پوي
ٿي ۽ هن تخليقي توڙي جسماني زندگي تي نظر ڪريون ٿا
ته گمان ٿو ٿئي ته ڪٿي واقعي هو سنڌ جي ادبي جهان
۾ وطن جي عاشقي ۾ پنهنجي ان مؤقف تي بيٺل آخري
ليکڪ ته نه هو!! جنهن
جهان عشق سردار آخري آهيان
حضور حسن ۾ حاضر وري وري آهيان
بي ڊپائي ۽ بي خوفي سان پنهنجو مؤقف رکندڙ شمشير
هڪڙي ڏينهن لاءِ سنڌ جي حوالي سان مايوس نه رهيو.
توڙي جو هن جي تجزين ۾ ڪيترو اهي تلخ ڳالهيون
هونديون هيون جيڪي سچ کي ڀهنديون هيون. ڪاوش ۾
شمشير جا آخري انٽرويو ڏسڻ مان اسان کي هن جي همٿ
۽ اميد جو پتو پوي ٿو فيض کوسي صاحب کي ڏنل ٽي وي
انٽرويو ۾ جڏهن کانئن پڇيو ويو ته هن صورتحال ۾
اوهان سنڌ کي ڪيئن ڏسي رهيا آهيو ته هن بي ڊپائي
سان هٿياربند ويڙهه جي ڳالهه ڪندي هي ٽي لفظ چيا
آهن.
”اوهان وٽ لفظي مزاحمت به صحيح ناهي جو اوهان هنن
کي (اسٽيبلشمينٽ کي) اوهان قائل ڪري سگهو. شمشير
صاحب عوامي نمائندگي کي بيڪار سمجهندي انهي
انٽرويو ۾ چيو آهي ته عوامي نمائندگي جي پليٽ فارم
تي به اوهان ڪجھه نٿا ڪري سگهو. آءٌ ته شمشير جهڙي
نفيس، نازڪ مزاج تخليقڪار واتان اهي لفظ ٻڌي پهرين
ته حيران ٿيس ۽ پوءِ سوچڻ لڳس ته اهو فقط اهو ئي
ليکڪ چئي سگهي ٿو جنهن جي دل وطن سان ڌڙڪي ٿي وطن
لاءِ ڌڙڪي ٿي. شمشير صاحب اڳي سوال جي جواب ۾ چئي
رهيو آهي ته ”اوهان کي هينئر تلوار کڻڻ کپي سڄي
دنيا هينئر انهي ڪم تي لڳي پئي آهي ۽ اهو ڪم گهڻو
وقت اڳ ۾ ٿيڻ کپي ها“.
سائين شمشير جي آخري جملي تي غور ڪرڻ سان سنڌ جي
سياسي تحريڪن جي تاريخ تي اسان کي نظرثاني ڪرڻي ٿي
پوي ۽ سمورن نظرين کي ڦٽو ڪري اسان کي نيشنلز کي
ئي چونڊڻو پوي ٿو.
انهي انٽرويو ۾ جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ”تلوار کڻڻ
سان ڇا سنڌي ماڻهن جي وڌيڪ بقا ٿي سگهندي يا وڌيڪ
مصيبت ۾ پوندا. شمشير صاحب جو اعتماد سان ڏنل جواب
هن طرح آهي ”ڇو نه ٿي سگهندو؟ شرط اهو آهي اوهان
هنن کان وڌيڪ هٿيار رکو ڪراچي ۾ بارود ڀريو پيو
آهي جڏهن ڪراچي جي بارود جو شمشير صاحب ذڪر ڪري ٿو
ته آساني سان سمجهه ۾ اچي ٿو هن جو اشارو ڪنهن طرف
آهي.
شمشير صاحب قوم پرست پارٽين کان ته مايوس رهيو پر
هن سنڌ جي عام ماڻهو کان ڪڏهن به مايوسي جو اظهار
نه ڪيو سوال: آخر عام ماڻهو ڇا ڪري؟ جي جواب ۾ هن
ڄڻ ته حڪمت عملي بيان ڪري ڇڏي هئي. شمشير صاحب چيو
ته عام ماڻهو کي سڏ ڪريو ٿا ته اچي ٿو وڃي هن کي
گس ڏيو منظم ڪريو. هي جيڪي به قوم پرست پارٽيون
آهن عوام کي انهن منظم ڪيو آهي حيدرآباد، سکر،
ڪراچي جي چوڌاري چوگرد آهن. هي سڀ اسان جي گهيري ۾
آهن. انهن ڳوٺن کي اوهان منظم ڪيو آهي! اهڙي طرح
شمشير صاحب ڪيترن سوالن ۾ ڄڻ ته جواب ڇڏي ويندو
هو. شمشير جو آخر تائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو ۾ جهڙو
مضبوط ويساهه هو. هو سنڌ جي امن کي تاريخي تناظر ۾
ڏسندي؟ انهن ويڙهن ۽ جنگين جا حوالا ڏئي ڳالهه وري
ويڙهه جي ڪندو رهيو.
هو سنڌ جي نجات مزاحمت ۾ ڏسندي ”مسئلي جو حل“ هن
طرح ٻڌائي ٿو. موهن جي دڙي مان ڪو به جنگ جو هٿيار
نه مليو پيس فل سوسائٽي هئي نه رليجن نه مذهب ڪو
هو پر تنهنجي باوجود اسان جنگيون ڪيون آهن اسان جا
سنڌي ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ ماريا ويا اسان جا
واپاري وڏا انٽيليجينٽ ماڻهو هئا. وڏا وڏا دانشور
لڏي ويا سنڌ مان جن جو هاڻ پرو به نه ٿو پوي ته هي
سنڌي ڪميونٽي جا ماڻهو آهن. ته اسان مزاحمت به ڪئي
آهي.
سنڌ جي خمير ۽ ضمير جا اهڙا تجزيا ڪندڙ شمشير ان
جو ئي سخن وري شايد اسان کي تاريخ جي ڪنهن موڙ تي
ڪم ڏي ۽ اسان کي سنڌ جي اداس محفل کي مچائڻ لاءِ
انهي موڙ تي هزارين وڇڙي ويل اهڙن حوصلي مند
تخليقي ڪردارن، سياسي ڪردارن سان گڏ وري به شمشير
سائين کي سڏ ڪرڻو پوندو ته:
شمشير کي سڏ ڪريو، ”شمشير“ ڪٿي آهي
محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد
پروفيسر مهرالنساء لاڙڪ
هزارن ۾ حيدري آهيان
عظيم ڏاهي ابوالڪلام آزاد چيو آهي ته ”مان گلن جو
عاشق ناهيان پر اُنهن سُڪل ٻجن جي تلاش ۾ آهيان
جنهن جو هڪ داڻو، پورو باغ پيدا ڪري سگهي“. مون
جڏهن اِنهيءَ قول تي غور ڪيو ته حيران ٿي ويس ته
دنيا ۾ گهڻا ماڻهو ته گلن جا شيدائي هوندا آهن. هي
ڪهڙو عجيب عاشق آهي جيڪو سُڪل ٻج جي تلاش ۾ آهي.
يعني هي عاشق خود غرض نه آهي هُو پوري باغ جي ڏسڻ
جو خواهشمند آهي، ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو گلن جو
واس حاصل ڪري سگهن، باغ جي وڻن جي ڇانوَ ۾ گهڻي
کان گهڻا ماڻهو ويهي لطف حاصل ڪن ۽ زندگيءَ جو مزو
حاصل ڪن. ابوالڪلام آزاد جي اهڙي قول جهڙو، سنڌ جو
عاشق، برک اديب، بهترين شاعر، بي باڪ اندازِ بيان
رکندڙ، ارڏو پر مخلص، وفادار، چوويهه ڪلاڪ، ڪم
ڪندڙ، سنڌ کي سکيو ۽ ستابو ڏسڻ جو خواهشمند سُورمو
سائين شمشيرالحيدري ولد امام ڏنو خواجه، ضلعي بدين
جي ڳوٺ ”ڪڍڻ“ ۾ 1932ع ۾ ڄائو. بدين ۾ پرورش حاصل
ڪيائين. هي باضمير انسان، جنهن سڄي حياتي محبتون
ونڊيندي گذاري، درويش انسان گهڻين ئي صفتن جو مالڪ
هوندي به ڪنهن به لوڀ ۽ لالچ کان آزاد ۽ پاڪ هو.
هُو سڄي عمر بااصول رهيو. سدائين قلم جو پورهيو
ڪري زندگي گذاريندڙ، سرڪاري نوڪرين کان پري رهيو،
ڇاڪاڻ ته اُتي کيس خود غرضي کان سواءِ ٻيو ڪجھه به
نظر نه ٿي آيو. مُلڪ جي خدمت جي نالي تي ڄؤنر
وانگر، قومي خزانن کي هضم ڪيو ٿي ويو. کيس نه ته
خوشامد ڪرڻ ايندي هئي ۽ نه ئي خوشامد پسند هُئس ۽
نه ئي چالاڪي ۽ هوشياري ايندي هُئس. سادي ۽
ايماندار طبيعت جو مالڪ، محنت ڪش ۽ ايماندار
اِنسانن لاءِ Ideal انسان
هو.
سائين شمشيرالحيدري جو قلم، تلوار کان وڌيڪ تيز ڪم
ڪندو هو ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ هر وقت حاضر
هوندو هو.
حضرت علي ڪرم الله وَجھ جو قول آهي ته جيڪڏهن
موتيءَ جي طلب ڪريو ٿا ته سمنڊ ۾ ٽٻي هڻڻي پوندي
آهي. جنهن شخص کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو بلند مقام
حاصل ڪرڻو آهي ته اُن کي راتين جو جاڳڻو پوندو
آهي. جيڪڏهن ڪو بُلندي به چاهي ٿو پر محنت نه ٿو
ڪري ته اُهو شخص پنهنجي عمر ضايع ڪري ٿو.
مولا عليؑ جي مٿين قول تي ثابت ٿيندڙ، سنڌي ادب جي
چمڪندڙ ستاري سائين شمشير، پنهنجي سموري حياتي سنڌ
جي سَرهائي لاءِ پاڻ پتوڙيو. جڏهن مُلڪ ۾ جنرل
ايوب خان جي ڏنل مارشل لا جو راڪاس ڇانيل هو ۽ وَن
يونٽ جهڙو ڪارو اونداهو دؤر هو، سنڌ جي فيوڊل
سياست جا علمبردار خاموش هئا. تڏهن سنڌ جي اديبن،
شاعرن، دانشورن ۽ صحافين جي ترقي پسند لڏي مزاحمتي
بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو. جيئن ته سياسي چُرپُر تي
پابندي هُئي ان ڪري جناب جي- ايم سيد بزمِ صوفياءِ
سنڌ“ جوڙي سنڌ جي باغي نوجوانن اديبن، شاعرن ۽
دانشورن کي اِظهار جو هڪ مؤثر پليٽ فارم مهيا ڪيو،
سائين محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، رسول بخش
پليجو، رشيد احمد ڀٽي، شمشيرالحيدري ۽ ٻيا گهڻا
اُڀري مٿي آيا. 1960ع کان 1970ع وارن ڏهاڪن جو
سنڌي ادب اُن وقت جو آئينو آهي.
شمشير، قلم کان تلوار جو ڪم ورتو. سندس قلم،
سدائين عوام جي جذبن جي ترجماني لاءِ متحرڪ رهيو،
آمرن جي بادشاهي کي للڪاريو، پنهنجن تحريرن سان
سنڌ جي نوجوان نسل کي اکيون ڏنيون. سائين شمشير،
سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جو سرگرم رُڪن هيو. اياز
قادري جي سنڌي ادبي سنگت تان استعيفا کان پوءِ هو
سندس جاءِ تي سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ سنڌي ادب سنگت
جو 11 سال سيڪريٽري رهي هڪ رڪارڊ قائم ڪيائين ۽
تمام گهڻا ڪم ڪيائين. سندس زندگيءَ جو وڏو حصو
صحافت سان پڻ وابسته رهيو. پهريائين هو هلال
پاڪستان حيدرآباد ۾ اسٽنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو.
1956ع ۾ ٽه ماهي مهراڻ جو اسٽنٽ ايڊيٽر ۽ 1968ع
کان نئين زندگي پاڪستان پبليڪيشن جو ايڊيٽر مقرر
ٿيو جتان هو شپنگ ڪارپوريشن ۾ هليو ويو.
”روح رهاڻ“ رسالو ان دؤر ۾ هڪ رسالو نه پر ”تحريڪ“
هو. ائين شمشيرالحيدريءَ جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار
به هڪ تحريڪ طور اڀري آئي ۽ رابطن جي اَڻ هوند
باوجود شمشير جي نگراني ۾ نڪرندڙ اخبار عوام جي
جذبن ۽ سياسي ڪاوڙ جي ترجمان ٿي اُڀري. اُن ئي دؤر
۾ شمشير پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي. هُو لابي
ٺاهڻ جي هُنر کان بلڪل ناواقف هو. سندس هڪ الڳ
سڃاڻپ هئي قدرت هن کي جنهن ڏات سان نوازيو هو اُها
ڪنهن کان اڌاري ورتل ڪانه هئي. هُن جي رڳ رڳ ۾ خود
داري سمايل هئي. پاڻ خود داري جو انوکو مثال هو.
هُو مصلحتن کان سوين ڪوهه پري بيٺل هو.
پاڻ بيباڪ شاعر هو. پاڻ جڏهن 1963ع ۾ سنڌيءَ ۾
ايم- اي ڪئي ته پاڻ ”آزاد نظم“ تي تحقيقي مقالو
لکيو هُئائين. تنهن کان پوءِ پاڻ شاعري جا اَمُلهه
ڪتاب ڏنا اٿس.
”لاٽ“ 1962ع ۾، سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر 1984ع،
سنڌي شاعريءَ جو اڀياس، تاريخ جو ڪچرو 1995ع، پيار
جا نوَ گيت (جرمن شاعريءَ جو منظوم ترجمو). ٻارن
جا گيت (روشن تارا پروگرام)- لاٽ جو ٻيو حصو تياري
هيٺ. پاڻ، پنهنجي شاعري ۾ پيار، محبت سان گڏ، سنڌ
جي مسئلن تي قلم کڻڻ پنهنجو اولين فرض ڄاتو. شاعري
جيڪا احساسن جي ٻولي آهي. هڪ حساس ماڻهوءَ جا
جذبا، جڏهن لفظن جو روپ ڌاري محسوسات جون سرحدون
ڇهن ٿا ته مقدسيت جو دائرو اُنهن جي گرد ٺهي وَڃي
ٿو. اِهو ان ڪري جو دل جي گهراين مان نڪتل جذبن تي
مصنوعيت جو Label لڳائي
نه ٿو سگهجي. ڪائنات جي خالق، شمشير جي هٿن کي
سهڻي نموني قلم پڪڙي، ذهن جي دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽
اڏرندڙ خيالن کي لفظن جي مالها ۾ پُوئي شاعراڻا
هار جوڙڻ جي سگهه ڏني هئي، جهڙي سندس طبيعت ۾
سادگي ۽ اندر جي اُجرائپ هئي، تهڙي سندس شاعريءَ ۾
خوبصورتي ۽ سليقه مندي نظر اچي ٿي.
جهان عشق جو سردار آخري آهيان،
حضور حُسن ۾ حاضر وري وري آهيان،
ملنگ مست الستي قلندري آهيان،
عجب آهيان، هزارن ۾ حيدري آهيان.
سندس اندازِ بيان ۽ اخلاق جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. قدرت
طرفان اخلاق ته سندس وِجود تي ڇانيل هو. سچ چوندا
آهن ته خوش اخلاقي هڪ اهڙي خوشبوءِ آهي جيڪا ڪئين
ميل پري به محسوس ڪري سگهجي ٿي. هُو ذهين ته
پيدائشي هو، ويتر محنت سان پنهنجي پاڻ کي
چمڪايائين. محنت سان هُو اهڙو گهاٽو وڻ ٿي پيو
جنهن جي ڇانوَ ۾ هزارين اديبن، ٿڌڙيون، مٺڙيون
شامون گذاريون، ڪِن، قلم جهلڻ سکيو ۽ ڪِن جي قلم ۾
ايڏي سگهه پيدا ٿي جو هُو قلم ڌڻي ٿي، زماني جي
سامهون آيا.
هُو هڪ دفعو به ڪنهن سان ملندو هو ته هُن جي دل ۾
گهر ڪري ويندو هو. ڪنهن سياڻي چيو آهي ته گفتگو
اهڙي شيءِ آهي، جنهن جي ڪري اِنسان يا ته دِل ۾
گهر ڪري وڃي ٿو يا دِل مان ڪري پوي ٿو. هي عظيم
اِنسان ڪنهن سان به شڪايت نه ڪندو هو. هر ڳالهه
پنهنجي اندر سان پيو اوريندو هو. ڀٽائي سائين جي
هِن بيت وانگر هُن پنهنجو پاڻ کي ڳولي ورتو هو.
پيهي جا پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،
نه ڪي ڏونگر ڏيهه ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون هيس پاڻ، سئي تان سُور ٿيا.
هُن، ڪائنات کي پنهنجي وجود اندر پرکيو ۽ پروڙيو،
۽ باعمل ٿي ثابت ڪيائين ته انسان ڪيڏو عظيم آهي.
1950ع واري ڏهاڪي کان وٺي مرڻ گهڙي تائين پاڻ
مُتحرڪ رهيو. ادبي ڪچهرين، سيمينارن، ڪانفرنس ۾ هر
جاءِ تي نظر ايندو ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائيندو
رهيو ۽ قدر ڪرڻ وارن سندس صلاحيتن جو اعتراف ڪندي
کيس ڪيترن ئي ايوارڊن سان پڻ نوازيو. جن جو وچور
هي آهي.
(1) پاڪستان
ٽيليويزن 3 ايوارڊ
(2) سنڌي
ادبي سنگت ايوارڊ
(3) سنڌي
اڪيڊمي دهلي
(4) مارئي
دهلي
(5) سمبارا
ٽاپ ٽَين
(6) سنڌ
گريجوئيٽ ايسوسيئيشن ايوارڊ ۽ گولڊ ميڊل
(7) ماهوار
نئين زندگي
(8) بزمِ
جنگ
(9) پاڪستان
جي حڪيمن جي ڪائونسل 2 ايوارڊ |