شمشير جئن آئون اڳ لکي آيو آهيان ته هڪ شاعر آهي،
تنهن ڪري اسان کي هن جي شاعري جا ٻه مکيه موضوع
ملن ٿا: هڪ رومانس ۽ ٻيو مزاحمت! ۽ هن جي مزاحمت
به ڌرتيءَ لاءِ آهي. سنڌ لاءِ آهي، سنڌو جي بقا
لاءِ آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿي ته سنڌو جي بقا ئي
سنڌ جي بقا آهي ۽ اهو هزارن سالن جو اتهاس آهي ته
سنڌ جي مٽي هزارن ورهين کان پنهنجي اندر ۾ ڪيترن
ئي مذهبن کان ويندي، روين، رسمن، رواجن، ريتن ۽
تهذيبن تائين گهڻو ڪجھه پاڻ ۾ سانڍيو ويٺي آهي ۽
اُها ئي پوتر سنڌو آهي جنهن جي ڪنارن تي ويهي هندو
مذهب جي رشين رڳو ويد جا اشلوڪ رچيا هئا، هنن جي
اهڙن اشلوڪن ۾ پاڪ سنڌو جي ساراهه بيان ٿيل آهي.
• او سنڌو! سج جي رهائش واري هنڌ (زمين) تي تنهنجو
ستن ندين جو پاڻي ٽن طرفن کان تو ۾ پوي ٿو، تنهن
ڪري تنهنجي پاڻي رلندڙ ندين کان وڌيڪ آهي.
• تنهنجو آواز زمين کان آسمان تائين پهچي
ٿو........ جڏهن ڪڪر گجگوڙ ڪري وسن ٿا، تڏهن سنڌو
ڍڳي وانگي رنڀندي وهي ٿي.
• او سنڌو! ٻيون نديون کير ڏيندڙ ڳئوئن وانگي تو
ڏانهن ڊوڙن ٿيون، جيئن ٻچن کي کير پيارڻ لاءِ ڳئون
ڊوڙن ٿيون. انهن ندين جي تون اڳواڻي ٻنهي طرفن کان
ڪرين ٿي. جيئن ڪو بادشاهه جنگ جي ميدان ۾ سينا پتي
جا فرائض بجا آڻي ٿو! (تاريخ تمدن
سنڌ- ص:36)
۽ شمشير به سنڌ جو اهو ئي شاعر آهي، جنهن جي سرشت
۾ سنڌ ۽ سنڌو سان پيار رچيل آهي هو پاڻ کي ان کان
پري ڪري به ته ڪيئن ڪري؟ هن جو نظم ”تهذيب دشمن“
هڪ سوچيندڙ ۽ سجاڳ ذهن جو نظم آهي جنهن ۾ هن اسان
جي سامهون ٿيندڙ ۽ نظر نه ايندڙ حقيقتن ڏانهن آڱر
کڻي ٻڌايو آهي. پر ڇا ٿو ٻڌائي اسان کي، ڪهڙي مام
آهي جيڪا اسان کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي. ڪهڙو راز آهي
جيڪو شمشير اسان جي آڏو کولي ٿو بيان ڪري؟.... ها!
هو ڪجھه ته ٻڌائي رهيو آهي. ڪجھه ته سمجهائي رهيو
آهي. اهو ئي ته اسان کي پنهنجا ويري سڃاڻڻا آهن ۽
پنهنجي سنڌو کي بچائڻو آهي. ڇاڪاڻ ته ”نجات آهي
پاڻي، حيات آهي پاڻي“..... ۽ ان حيات کي ۽ سنڌو جي
پاڻي کي جي بچائڻو آهي ته پنهنجو ويري سڃاڻڻو
پوندو. ڪڙم قبيلي جو ويري، پوءِ ڀلي اهو ڪڙم قبيلي
جو ويري ڪڙم قبيلي مان ئي ڇو نه هجي، ان جي اصليت
کي سڃاڻڻو پوندو! شمشير جو اهو نظم ’تهذيب دشمن‘
پنهنجي اندر ۾ جامع هجڻ باوجود وشالتا رکي ٿو، ان
تي ڳالهائڻ جي بجاءِ اهو سڄو نظم ئي هت پيش ڪجي
ٿو:
تهذيب دشمن
ڳالهه ڳُجهڙي به هئي،
ڳالهه پَڌري به هُئي:
ڪالهه پوئين پهر
ڪير آيا ويا،
راڄ ساري اڳيان ڏيئي ساري کري کي ويا چُوچڙي:
باهه ڀنڀٽ ڪيا،
ڪي ته ماڻهو مُئا،
ڳوٺ جو ڳوٺ کن ۾ ويو سارو سڙي.
ڳوٺ جي رَک مٿان،
دونهن ۽ دز منجهان،
هڪ جُڳن جي جهُريل جهور ٻڍڙيءَ ٿي دلدوز دانهون
ڪيون:
ڇو ڀلا ڳوٺ منهنجو ئي هر هر اُجاڙيو وڃي ٿو،
اباڻن ڪکن کي ئي ساڙيو وڃي ٿو؟
اڙي ڪوئي آهي جو مون ڏي اچي؟
اڙي ڪوئي آهي جو منهنجي ٻُڌي؟
اڙي راڄ وارا،
اڙي راڄ وارا،
اِها وارتا ڪو ته مون کان پڇي.
ڪير آيا ويا، ڪنهن ڏني چُوچڙي،
ڪوئي آهي جو مون کي سُڃاڻي سگهي،
ڪو ته مون کان پڇي.
منهنجي ٻانهينءَ جي چُوڙن تي تاريخ جا نقش ڄاڻي
سگهي؟
مان ته آهيان مُهيَن جي دڙي جي اُها نِرتڪي،
جنهن سوين بار هن ”سُک نگر“ جي دٻيل کنڊرن جي مٿان
ڳوٺ ٺهندي ڏٺا، ڳوٺ ڊهندي ڏٺا.
ڪير ايندا رهيا.
ڪير ايندا رهيا،
ڪير ڏيندا رهيا هر دفعي ڳوٺ کي چُوچڙي؟
مان جُڳن کان اُنهن کي، اُنهن جي اُريءَ ۽ پُريءَ
کي سڃاڻان.
هي دهشت ۽ وحشت جا باني مباني
هي شيطان ثاني
هي تهذيب دشمن، هي تهذيب دشمن، هي تهذيب دشمن ئي
آهن نڀاڳا،
مُهين جي زماني کان، سنڌوءَ ڪنارن جي تهذيب تي جي
سَڙن پوسرن ٿا.
اڙي راڄ وارا،
اڙي راڄ وارا،
اچو ۽ ڏسو، منهنجي هٿ تي هي تهذيب دشمن
خبيثن کي شهه مات جي چال آهي لکيل:
اوهان جِي جي شهڪار تهذيب آهي قديم ۽ عظيم،
ڪرشمو فقط آهي سنڌوءَ جي پاڻيءَ سندو:
جي پاڻي نه آهي ته سنڌو ڪٿي؟
جي سنڌو نه آهي ته تهذيب ڇا؟
ته اڄ راڄ وارا،
وڃي پنهنجي تهذيب جي لاءِ سنڌو بچايو،
۽ سنڌوءَ جي لئه اُن جو پاڻي بچايو:
نجات آهي پاڻي،
حيات آهي پاڻي.
هي پيغام آهي مُهيَن جي دڙي جي ٻُڍي نرتڪيءَ جو،
اوهان جي امڙ جو.
شمشيرالحيدري سنڌ جو سچو عاشق هو. هن پنهنجي شعرن
سان سنڌ سان محبت جا ڪيترائي نقش ڇڏيا آهن. جيڪي
وقت گذرڻ سان گڏوگڏ گهرا ثابت ٿيندا ۽ اهو فيصلو
به وقت ئي ڏيندو ته شمشيرالحيدري سنڌي شاعريءَ جي
افق تي ڪٿي بيٺل آهي. وقت جيئن جيئن گذرندو ويندو
آهي حقيقي شاعري جي پرک به خود به خود ٿيندي ويندي
آهي. باقي هن وقت اسان شمشير جي دؤر ۾ رهندڙ هن جي
تخليق کي وڏي مان ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽
هنن سٽن کي پڄاڻي تي پهچائڻ جو رستو مون کي شمشير
جي هڪ آڳاٽي آزاد نظم ”انت بحر“ ۾ ئي نظر اچي ٿو:
هڪڙي لهر پري کان اُڀري، ڊوڙي آئي ڪناري ڏانهن
سر کي پٿر سان ٽڪرائي
ريتيءَ ذرڙن کي جرڪائي
نغمن جو جادو ڦهلائي
گم ٿي ويئي انت بحر ۾
انت بحر جي انت تري ۾
سهسين سهڻا موتي سپجن
جن سان جل پرين جون ٽوليون
ڀري ڀري سڀ پنهنجون جهوليون
ويون ڪناري تي ورکائي
سورج داتا کي شرمائي.
زاهده ابڙو
۽ مان اڄ موٽي وڃان پيو
اسان مان هر ڪنهن ڪيترائي ڀيرا پنهنجو پاڻ کان
سوال ڪيو هوندو ته زندگي ڇا آهي؟
۽ ڪنهن ويل ٻين کان به ضرور پڇيو هوندو ته زندگي
ڇا آهي؟
پر مان سمجهان ٿي ته اسان کي ڪڏهن به ڪنهن جي جواب
مطمئن نه ڪيو هوندو ۽ نه ئي پاڻ کي اِها پروڙ پئجي
سگهي هوندي ته آخر زندگي ڇا آهي. ڇو ته اڄ تائين
ڪوبه زندگي جي وصف ٻڌائي نه سگهيو آهي.
ڪڏهن زندگي خوشي ته ڪڏهن ڏک نظر اچي ٿي ڪڏهن ڪڏهن
ته قيد، آزادي، سڪون، بيقراري، موذي مرض، صحت
مندي، فرصت، جذباتيت، بيوفائي، تجربو، شدت، سستي،
دوکو، سونهن، سست فريضي، محبت، نفرت، سپنو، سگهه،
عزت، دولت، حقيقت، دوستي، دشمني، ظالم، سنگدل،
رحمدل، پياري، بدصورت ۽ ڪڏهن ناقابل برداشت نظر
اچي ٿي، ۽ ايهي سڀ ڪيفيتون هر انسان سان لاڳو ٿين
ٿيون، پوءِ جڏهن ڪنهن هڪڙي لفظ جون سنسار ۾ اسان
کي هيڏيون ساريون وصفون ملن ته پوءِ آخر ڪيئن
سمجهي سگهجي ته آخر زندگي آهي ڇا!
استاد بخاري هڪ هنڌ چيو هو ته:
جستجو ۾ مان مري ويندس ته ڇا
زندگي جي پوءِ به رهندي جستجو
مطلب ته استاد بخاري کي زندگي جستجو نظر آئي.
علامه اقبال زندگي لاءِ چيو ته:
فریب
نظر ہے سکون
و ثبات
تڑپتا
ہے ہر
ذرہِ کائنات
سمجھتا ہے تو
راز ہے زندگی
فقط زوقِ پرواز ہے زندگی
علامه اقبال کي زندگي اُڏام لڳي.
زندگي ڀلي ڪجھه به هجي، پر ان ڳالهه تي سڀ متفق
آهن ته زندگي فقط هڪ ڀيرو ملي ٿي. ۽ ان زندگيءَ کي
ڪير ڪيئن ٿو گذاري اِهو هر شخص جو پنهنجو فلسفو
آهي.
دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو پيدا ٿيا ۽ مري ويا آمدؤرفت
جو سلسلو صدين کان جاري و ساري آهي ۽ دنيا ختم ٿيڻ
تائين جاري رهندو. اِها ٻي ڳالهه آهي ته ڪو گمنام
بي مقصد زندگي گذاري ٿو ۽ ڪو اهڙو پورهيو ڪندي
گذاري ٿو جنهن سان هُو دنيا ۾ تاحيات زنده رهي ٿو.
هُو پاڻ کي هڪ روشني جيان روشن ٿا رکن
شمشيرالحيدري به اهڙن ئي روشن مينارن وانگي جرڪندو
رهندو.
شمشير سندس نالو ۽ تخلص حيدري هو، بدين شهر جي هڪ
ننڍڙي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ سندس جنم ٿيو ابتدائي تعليم به
بدين مان ئي ورتائين پوءِ ڪراچي جي سنڌ مدرسه ۾
اڳيان پڙهڻ لاءِ آيو. شروعاتي ڏينهن ۾ پي ڊبليو ڊي
۾ ملازمت ڪيائين ۽ پوءِ بدين ۾ ڪوآپريٽو بئنڪ جو
مئنيجر ٿيو. سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪري آزاد نظم تي هڪ
بهترين مقالو به لکيو هئائين.
شمشيرالحيدري جي سڃاڻپ صرف هڪ شاعر طور نه هئي هُو
نه صرف آزاد نظم ۽ گيتن جو ڪوي هو پر ساڳئي ئي وقت
ارڏو صحافي، بيباڪ ايڊيٽر، ڊرامه نگار، ڪالم نويس
ڪمپيئر، ۽ ڪراچيءَ ٽي ويءَ جو پهريون اسڪرپٽ
رائيٽر رهيو. شمشيرالحيدري جو هڪ وڏو حصو صحافت ۾
گذريو ۽ هڪ اهڙو بيباڪ صحافي هو جيڪو صرف پنهنجي
قلم کان سواءِ ڪنهن جو چيو نه مڃيندو هو.
ضياء جي مارشل لا دؤر ۾ سندس لکيل ڪالم ايترا ته
اثرائتا هوندا هئا جو ماڻهو صبح جو اخبار ۾
شمشيرالحيدريءَ جو ڪالم پڙهڻ لاءِ بيقرار رهندا
هئا. ان زماني ۾ آمريت جي دؤر ۾ اسان ته ايترا
سمجهدار ڪونه هياسين جو ايڊيٽوريل ۽ ڪالمز پڙهي
سگهون پر اسان کي پنهنجن بزرگن ضرور ٻڌايو هو ته
شمشير جي ڪالمن جي ڪاٽ آمريت کي پنهنجي مٿان ڪا
لٽڪيل تلوار نظر ايندي هئي. هي اُهو ظالمانه دؤر
هو جو ٻن ماڻهن جي گڏجي ڪچهري ڪرڻ تي به پابندي
هوندي هئي، نوجوانن کي ڦٽڪا هڻي جسماني طور تي
مفلوج ڪيو پئي ويو پر شاباش هجي شمشير جي قلم کي
جنهن حق سچ ڳالهائڻ کان ڪڏهن ڪونه ڪيٻايو.
شمشيرالحيدري هميشه پنهنجي ڪالمن ايڊيٽوريل ۽
شاعري ذريعي نوجوانن ۾ اَتساهه آڻيندو رهيو. سندس
شعر آهي ته:
اُٿو ته هاڻ پنهنجي هيءَ جنگ آهي آخري
سنڀاليو پنهنجا مورچه محاذ تي وري وري
وري چوي ٿو:
سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين
سرِ عام هر بات چوندا رهياسين
اوهان ڪيترو ئي دٻايو ڌتاريو
اسين رات کي رات چوندا رهياسين
بهترين شاعر اُهو هوندو آهي جيڪو عام ماڻهوءَ جي
دل جي هر جزبي، تصور ۽ حساسيت کي پنهنجي اکين ۽
ذهنن تي آڻي لفظن سان سهڻا ويس ڍڪائي ڪويتائون ۽
گيت لکي. اُها شاعري دل کي ڇهي وٺي ٿي جڏهن شاعر
جي هر لفظ کي عام ماڻهو پنهنجي داستان سان ڀيٽ
ڏئي. شمشيرالحيدري به اهڙو ئي شاعر آهي. سندس
شاعري آڱرين جي قيد کان آزاد ٿي ماڻهن جي دلين ۾
قيد ٿي وڃي ٿي.
جڏهن شمشيرالحيدري سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٽه ماهي
”مهراڻ“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو هو ته ان زماني
۾ هن وڌ کان وڌ اِها ڪوشش ڪئي ته اڀرندڙ شاعرن ۽
اديبن کي عوام ۾ متعارف ڪرائي اِهو ئي سبب هو جو
تنوير عباسي، شيخ اياز ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن ۽
اديبن کي هميشه رسالي ۾ هڪڙي اثرائتي جاءِ ڏيندو
هو.
شاعريءَ جي حوالي سان ڪيترن ئي ملڪن جي شاعري جا
ترجمه پڻ ڪيائين جن ۾ جرمن ۽ انگريزي ادب جي شاعري
قابل ذڪر آهي.
پاڪستان ٽي وي تي ٻارن جي پروگرام ”روشن تارا“
لاءِ ٻارن جا گيت لکيائين. 150 کان مٿي اسڪرپٽ ۽
ڊاڪيومينٽري، گيت لکيائين.
شمشيرالحيدري جديد سنڌي شاعري جو لکندڙ آهي. هُن
رومانوي سان گڏوگڏ مزاحيه شاعري به گهڻي لکي آهي.
شيخ اياز جي نظم ”مان ڏوهي هان“ جي پيروڊي ڪندي
لکي ٿو ته:
مان ڏوئي آن، مان ڏوئي آن
مون ڪيئي ڀت رڌايا آهن
وري اڳيان شيخ اياز جي ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ جي
پيروڊي ڪندي چوي ٿو ته:
ڀت وڏو ڏوهاري آهي
روز ازل کان ڪاڙهيو ويو آ
ڏاٺن ۾ چٻاڙيو ويو آ
ٺاري ٺاري ماريو ويو آ
شمشيرالحيدري جو مزاج اهڙو هو جو دوست ڪچهري ڇڏڻ
جو نالو ئي نه وٺندا هئا. جڏهن بيمار ٿيو ۽ ڪينسر
جهڙي موذي مرض اچي وڪوڙيس ته به بيماريءَ جي بستر
تي دوستن سان چرچا ڀوڳ ڪندو رهندو هو. هُو هن
خطرناڪ بيماريءَ سان به وڙهندو رهيو. همت جوان
رکيائين.
وري واپس مان زندگيءَ جي ڳالهه ڪيان ٿي. زندگيءَ
جي هڪ وصف بي وفائي به آهي ۽ آزادي به آهي خبر
ناهي ته 80 سال زندگي سان گڏ هلڻ بعد هو زندگيءَ
سان بيوفائي ڪري ويو. يا پنهنجو پاڻ کي زندگيءَ
کان آزاد ڪري ويو. يا شايد اسان وٽ پنهنجيون
يادگيريون ڇڏي اسان کي دوکو ڏئي پاڻ هليو ويو. 11
آگسٽ 2012ع تي سڀني کي اداسيون ڏئي الوداع چئي
الائي جي ڪهڙي ديس ڏانهن هليو ويو.
۽ مان اڄ موٽي وڃان پيو
سونهن جي سنسار جا سارائي سرمايا سهيڙي
زندگيءَ کي پيار جو مفهوم بخشي
هڪڙي سُرهي ساک واري
شاهه سوداگر جي حيثيت کڻي
- شمشيرالحيدري
اي سٻاجهڙا ماڻهو! تو ۾ ڇا لڪيل هو جو تنهنجي وڃڻ
بعد سڀ توکي ڳولهين ٿا.
زهير حسين حيدري
ڏيئي
جي لاٽ ته هر حال ۾ رهي قائم
آخري ڏينهن ۾ اسپتال ۾ کيس پڇڻ وارن جون قطارون
لڳل هيون، سوائي چند جي سمورن دوستن ساڻس دل کولي
روح جون رهاڻيون ڪيون، جيستائين همت هيس تيستائين
هو به سندس شعرن جيان ڄڻ انتظار ۾ هو ته منهنجا
ساٿي اچن ۽ آءٌ ساڻن دل جون ڳالهيون ڪريان.
هن وقت جي پيالي ۾، مڌ پنهنجي حياتيءَ جو،
باقي ڪو بچيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري،
بي داد هن بستي ۾، شمشير جيهو جوڳي،
ڪجھه ڏينهن ٽڪيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري.
اهو شمشيرالحيدري جيڪو سنڌي ادبي سنگت جو باني
ميمبر رهيو، جيڪو سنڌي ۾ ووٽر لسٽن جي مهم ۽ ون
يونٽ خلاف لکين سنڌين جون صحيحون ڪرائڻ واري مهم ۾
انتهائي سرگرم رهيو، جنهن جي ادب سان عشق ڪيترن
نون لکندڙن ۾ ادب لاءِ اتساهه پيدا ڪيو، جنهن لاءِ
محترمه سلطانه وقاصي هڪ مضمون ۾ لکيو ته
”شمشيرالحيدري انهن اديبن مان هڪ آهي جن کي پڙهي
مون جهڙن ڪيترن اديبن لکڻ شروع ڪيو“ ۽ محترمه
مهتاب اڪبر راشدي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ملهايل
رِهاڻ ۾ پڙهيل مقالي ۾ چيو هو ته ”نه ڄاڻ ڪيترين
شخصيتن جا انٽرويو ورتا هوندم جن جا اسڪرپٽس
شمشيرالحيدري لکيا، بس انٽرويو نه ڪيم ته شمشير جو
پنهنجو...... شايد ان ڪري ته ان جو اسڪرپٽ ڪير لکي
ها؟“ ۽ محترم امر جليل 1972ع جي هڪ مضمون ۾ لکيو
ته ”شمشير جا مون تي ايترا احسان آهن جو مان
جيڪڏهن ست ڄمارون سندس احسان لاهڻ جي ڪوشش ڪريان
ته نئين ڄمار گهرجي، شمشير خلاف هڪ لفظ اچارڻ
منهنجي آڏو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ خلاف ڳالهائڻ جي
برابر آهي، اِهو منهنجو ايمان آهي“ 1955ع ۾ سنڌي
ادبي بورڊ جي ڪلارڪي هجي يا ٽماهي مهراڻ جي اسسٽنٽ
ايڊيٽري، عبدالشڪور منشي جي هلالِ پاڪستان هجي يا
نصرت ڀٽو جي هلال پاڪستان جي ايڊيٽري، نئين زندگي
رسالي جي ايڊيٽري هجي.
لاڙ جي آخري شهر ڪڍڻ ۾ 15 سيپٽمبر 1931ع رسول بخش
خواجه جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شمشيرالحيدري پنهنجي
مامي نذير حسين حيدري جي علمي تربيت مان تيار ٿي.
شاعري، ادب، سياست، صحافت، تصوف، فلسفي، مختلف
مذهبن جي کوجنا، علامه مشرقي کان مولانا ابوالڪلام
آزاد جي فڪر، مارڪسٽ لٽريچر کان مزاحمتي ادب تائين
مسلسل 81 سال علم جي عرق ريزي ۽ عملي طور انتهائي
خودداريءَ کي برقرار رکندي، آخري ڏينهن ۾ زندگي ۽
موت جي چؤواٽي تي، آس ۽ نراس جي ڪشمڪش ۾ انتهائي
ڏکيون گهڙيون گهاري 10- آگسٽ 2012ع تي ڪراچي جي
آغا خان اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪري، سڀني
عزيزن، قريبن، دوستن ۽ ساٿين کان هميشه لاءِ جُدا
ٿي ويو.
آخري ڏينهن ۾ جيڪا سٺي ڳالهه ٿي اُها اِها هُئي
ته، شمشيرالحيدري کي زندگيءَ ۾ ئي دوستن ۽ گهڻگهرن
سندس مڃتا جو احساس ايترو ڏياريو، جو هن مطمئن ٿي
پنهنجو ساهه ڏنو. پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ 19
مئي 2012ع تي ڊاڪٽر ايوب شيخ جي ڪاوشن سان جيڪا
محبت جي منڊلي مچائي ويئي، ان کي هر ڪنهن ساراهيو
۽ ان ۾ جيڪا مڃتا ڏني ويئي اُن ۾ دل کولي سڀني
پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو ۽ جڏهن محترمه مهتاب
اڪبر راشدي شمشير جي موجودگيءَ ۾ کيس مخاطب ٿي،
پنهنجي مقالي جاهي اکر چيا ته اکين مان لڙڪ لارون
ڪري وهڻ لڳا..... هُن چيو ته: ”شمشير! اڄ توکي
اندازو ٿئي ته سنڌ ۽ سنڌي محبت ڪري به ڄاڻن، ٻڌائڻ
به ڄاڻن ۽ موٽائي به ڄاڻن. اسان سڀ توسان بي
انتهائي محبت ڪريون ٿا. تنهنجي ڪيل محبت پاڻ سان
سانڍي رکڻ ٿا چاهيون..... اِها محبت موٽائي ڏيڻ تي
دل نه ٿي چوي...... تون سراپا مالامال آهين.
سدائين پاڻ کي فقير، پر امير ايترو جو ڌن، دولت
سڀني کي هيج ڄاڻين، خوددار ايترو جو پاڙي ناهي
پروڙ ته رات رنجائي گذري“.
شمشير ڪنهن مُلهه تي ڪڏهن نه وڪيو، ڪيڏي به مشڪل
هجي پر چوندو رهيو ته ”مولا تي ننگ آهي“
جهانِ عشق جو سردار آخري آهيان
حضورِ حُسن ۾ حاضر وري وري آهيان
ملنگ مست الستي قلندري آهيان
عجيب آهيان هزارن ۾ حيدري آهيان
انهي حيدري نه صرف اکين جو نور نچوئي پر سڀ ڪجهه
سنڌ جي حوالي ڪري ڇڏيو، ظاهري اکين سان نه ڏسي به
اُميد جي ڏيئن کي وسامڻ نه ڏنو، موت سان مسلسل
جهيڙي ۾ به ان حوصلو نه هاريو. بلڪه بستري جي
ويجهو رت جي رشتيدارن جي اکين جا لڙڪ اگهي به هو
تسليون ڏيندو رهيو. ڄڻ چئي رهيو هو ته:
انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي وڏي ڳالهه آهي
اڃان وقت کي پيئي ڳولي سچائي وڏي ڳالهه آهي
آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ هر پل سندس زندگي جا ڌاڳا
ٽٽندا پي ويا، عزيز قريب، دوست يار محبتن جا مڻ
کڻي سندس جهولي ۾ وجهي رهيا هئا، محبتون دلين مان
اُڌما بنجي اکين مان لڙڪ ٿي وهي رهيا هئا پر شمشير
جون اکيون نه انهن عاشقن جي لڙڪن کي ڏسي سگهيون
ٿي، نه سندس ڪَنَ اظهارِ محبت کي ٻڌي سگهيا ٿي،
اسپتال ۾ ايندڙ سندس هر دوست ۽ عزيز سندس ئي زباني
اِهو چئي رهيو هو ته:
هي ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾،
اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي.
حيدر بخش جتوئي جي هاري حقدار اخبار يا سندس مامي
نذير حسين حيدري جي اخبار ”اعلانِ حق“ ۾ دونهان
دار مضمون، عثمان ڏيپلائي جو ساڻيهه ڊائيجيسٽ هجي
يا ماهوار پارس جي ايڊيٽري، روزانه هلچل هجي يا
جنرل ضياء جي دهشتناڪ مارشل لا ۾ روزانه مهراڻ جي
بيباڪ ايڊيٽوريلن، ۽ ”ڀير تي ڏونڪو“ ۽ ”فقير بيان
ڪري ٿو“ ڪالم ڄڻ شمشير ظلم جي خلاف ذهنن ۾ بغاوت
جون باهيون ٻاريندي وڏي واڪ واڪا ڪندو رهيو ته:
سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين
سرِ عام هر بات چوندا رهياسين
اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو دٻايو
اسان رات کي رات چوندا رهياسين
پي ٽي وي جو پهريون سنڌي ڪمپيئر، پي ٽي وي تي
پهريون ڊرامو زينت ۽ پهريون سنڌي گيت لکڻ جو اعزاز
به شمشيرالحيدري کي آهي. فلم سينسر بورڊ ۽ اردو
ڊڪشنري بورڊ جي ميمبري هجي يا پيس ورڪرس يونين
حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽريشپ، اولهه پاڪستان ليبر
فيڊريشن جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ميمبري هجي يا
سنڌي ادبي سنگت جي لاڳيتو ڏهه سال جنرل سيڪريٽريشپ
هجي، سِگا جي باني ميمبر هئڻ جو اعزاز هجي يا
پاڪستان رائيٽرس گلڊ سنڌ جي باني ميمبرشپ، روشن
تارا اسڪول جو پهريون ايڊمنسٽريٽر هجي يا ايوانِ
صحافت بدين جو تاحيات ميمبر هئڻ، شمشير ڏيئي جي
لاٽ کي جلائيندو رهيو.
ڏيئي جي لاٽ ته هر حال ۾ رهي قائم،
اِهو ئي منهنجي مقدر جو فيصلو آهي،
پهاڙ جيڏا ارادو رکان ٿو سيني ۾،
هوا جي زور کان ئي زياده حوصلو آهي.
ڏاڍو ڏکيو هوندي به شمشير زندگيءَ ۾ ڪنهن کان قرض
نه کنيو، بکيو رهي به ڪنهن جي اڳيان خيرات جي
جهولي نه ڦهلائي. |