ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
شمشيرالحيدري- منفرد ماڻهو
شمشيرالحيدري تي ادبي حوالي سان دوستن گهڻو لکيو
آهي، مان سندس شخصيت جي حوالي سان لکان ٿو.
شمشيرالحيدري سنڌ جو هڪ يگانو، محبتي ۽ منفرد
ماڻهو هيو. منهنجي هن سان 30 سالن جي رفاقت رهي.
اسان ٻنهي گڏجي، جڏهن هڪ سنڌي پروگرام لاءِ
پي.ٽي.وي تي ڪم ڪيوسين. ٻئي ٽي. وي جي پروڊيوسرن
جون فرمائشون پوريون ڪندي، ڪلام لکندا هئاسين.
فلاڻي موقعي تي، فلاڻي موضوع تي، هي لکڻو آهي. ۽
پوءِ شمشير جو قلم هلندو هيو. ڪيترا ڀيرا ائين به
ٿيو ته پروڊيوسر هن کي چانهه، سگريٽ ڏئي، پنهنجي
آفيس ۾ ويهاري، در بند ڪيو ويندا هيا ۽ پوءِ شمشير
جو قلم هلندو هيو. تان جو اسڪرپٽ انهن جي هٿن
تائين پهچي.
شمشيرالحيدري جي چانهه به عجيب و غريب هوندي هئي،
هڪ ڪوپ ۾ هڪ چمچو کير، اهڙي چانهه شمشير ئي پي
سگهندو هيو. مان کيس چوندو هيس ته ”کير کي ڇو ٿو
شرمائين“ جواب ڏيندو هيو، ”اهو ضروري آهي. جو اسان
وٽ کير کان سواءِ چانهه جو تصور ئي ناهي. بنا کير
واري چانهه کي قهوو چئبو آهي ۽ مان چانهه پيئندو
آهيان“.
مان جڏهن سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل هيس،
تڏهن اسان سينئر اديبن جي هڪ ڪاميٽي ٺاهي، سنگت جو
”گولڊن جوبلي“ ملهائڻ لاءِ ان ڪاميٽي ۾ سنگت کان
ٻاهر رهندڙ دوست پڻ شامل ڪياسين. جن ۾ انجمن ترقي
پسند مصنفين پڻ شامل هئي. ان ڪاميٽيءَ جو چيئرمين
نورالدين سرڪي هيو. سرڪي صاحب جي وفات کان پوءِ
شمشيرالحيدري ان جو چيئرمين رهيو. شمشير سنڌي ادبي
سنگت سنڌ جي ٺهڻ وقت اياز قادري سيڪريٽري جنرل ۽
هو جوائنٽ سيڪريٽري رهيو. پوءِ 10 سال پاڻ سنگت جو
سيڪريٽري جنرل رهيو. ان وقت هڪ شوشو ٿيو ته سنڌ
سنگت پاڪستان کان اڳ ٺهيل هئي، شمشيرالحيدري اڳيان
آيو ۽ ”سنڌ رويو“ ۾ انٽرويو ڏيندي، چيائين ته ”اهو
رايو غلط آهي“. شمشيرالحيدري سنڌي علم، ادب جي
مسلسل خدمت ڪئي. هو بذات خود سڄي ڄمار غير تڪراري
رهيو. ان هوندي به سندس موقف ۽ رايو الڳ رهيو.
سندس تڪيه ڪلام هوندو هيو ”جو ڪام ڪرو- وو ڪام
جڏا“.
اسان گڏجي سفر به ڪيوسين. سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ مشاعرن
۾ شرڪت به ڪئي سين. شمشير ماني کائڻ وقت ساوا مرچ
ڪچا کائيندو هيو. هڪ دفعي نوابشاهه مشاعري تي
ويندي هالا وٽ لنچ ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيائين. جڏهن
هوٽل تي پهتاسون تڏهن چيائين، ساوا (ننڍڙا تيز
مرچ) کڻي اچو، هو همراهه ٻه ٽي مرچ کڻي آيو. شمشير
چيس ته پليٽ (ساسر) ڀري اچ. ۽ پوءِ گرهه سا گڏ ڪچا
تيز ساوا مرچ کائيندو رهيو. مون ٽيسٽ طور هڪ چڪ
هنيو ان جي ڪؤڙاڻ ڪري، اکين مان پاڻي وهڻ ۽ وات
سڙندو رهيو. پر مجال آهي جو شمشير کي ڪو اثر به
ٿيو هجي. سندس کاڌي ۾ ساوا مرچ ۽ مانيءَ کان پوءِ
هڪ چمچي کير واري چانهه ضروري اسم هيا. باقي الله
جو بندو هر شيءِ کائيندو هيو. هو پيئڻ جو به
بادشاهه هيو. اسپرٽ به کيس گهڻو متاثر ڪيو. هڪ
ڊاڪٽر جي حيثيت سان ان حوالي سان منهنجو ان سان
وڏو بحث به ٿيندو هيو. شمشيرالحيدري طبيعت جو ڏاڍو
نرم ۽ ٻاجهارو هوندو هيو. هڪ اهڙو به وقت آيو، جو
تاج بلوچ جتي هن کي ڏسي اُتان هليو ويندو هيو ۽
اها ڳالهه مون کي سٺي نه لڳندي هئي. ڪراچيءَ ۾
ڪلچرل ڊپارٽمينٽ جي ممتاز مرزا اسٽوڊيو ۾ منهنجي
سالگرهه جو پروگرم هيو، تاج بلوچ مطالبو ڪيو ته
مان ايندس، ان شرط سان ته شمشير نه هوندو. مون اڳ
تاج کي اسٽيج تي ويهاريو، شمشير اچڻ ۾ ٿوري دير
ڪئي. جيئن آيو، ان کي به اسٽيج تي ويهاريو ويو.
پوءِ تاج بلوچ ڏسڻ وٽان هيو. اکين اکين ۾ وڏيون
ڪهاڻيون ۽ ڳالهيون ٿي رهيون هيون. بهرحال منهنجي
ڪوشش ڪامياب رهي ۽ ٻئي ويٺا رهيا.
شمشيرالحيدري جو پنهنجو خيال ۽ سوچ هوندي هئي ۽ هو
ان جو برملا اظهار به ڪندو هيو. انجمن ترقي پسند
مصنفين جي پي ايم اي هائوس ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ هڪ
اجلاس ۾ پاڪستان جون قومي زبانون ڪهڙيون هئڻ
گهرجن. سڀني جو رايو هيو ته سنڌي، پنجابي، پشتو،
بلوچي ۽ سرائڪيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي.
جڏهن ته اردو رابطي جي زبان هجي. شمشير اُتي چيو
ته گجراتيءَ کي به قومي زبان جو درجو ڏنو وڃي.
جنهن جي مون ڀرپور مخالفت ڪئي ۽ چيو ته اهو باب
کليو ته پوءِ ٻيون ڪيتريون ئي زبانون شامل
ٿينديون. دعوائون وڌنديون ۽ هڪ نئون پنڊورا باڪس
کلندو. ان اجلاس ۾ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو
شمشيرالحيدري ۽ مون ۾ اختلاف رهيو. بهرحال گهڻي
بحث کان پوءِ شمشير جو رايو شامل نه ڪيو ويو ۽
صوبن ۾ رائج مٿيون پنج ٻوليون، قومي درجي لاءِ
رکيون ويون.
هڪ دفعي اسان ٿر ادبي پروگرام ۾ وڃي رهيا هئاسين،
ٿيندو ائين هيو، جو گاڏي مان هلائيندو هيس، شمشير
اڳلي سيٽ تي ويهندو هيو. پاڻ تمام گهڻا سگريٽ
پيئندو هيو ۽ پوءِ گرميءَ جي موسم ۾ اي. سي هلندي
به شيشو کوليندو هيو. جو دونهون ڪيئن نڪري؟ ٻاهران
ايندڙ گرم هوا جي ڪري گاڏيءَ ۾ ٿڌاڻ نه رهندي هئي،
۽ ائين به ٿيندو هيو ته اي. سي به هلندي هئي ۽
شيشو به کليل رهندو هيو. پوءِ سڄي واٽ کل ڀوڳ به
هلندي رهندي هئي ۽ سچ پچ اسان جو سفر جلدي گذري
ويندو هيو. ائين ئي ٿيندو هيو ته گهڻو ڪري اسان
گڏجي ويندا هئاسون مون کي ڪا دعوت ملندي هئي ته
فون ڪري شمشير کان پڇبو هيو، يا جيڪڏهن هن کي ڪا
دعوت ملندي هئي ته مون کي فون ڪندو هيو ۽ پوءِ
گهڻو ڪري ڪراچيءَ مان گڏ نڪرندا هئاسون. اسان سان
گڏ ڪڏهن ڪڏهن عبدالغفار تبسم به شامل ٿيندو هيو.
شمشيرالحيدري، تاجل بيوس ۽ هدايت بلوچ، پاڪستان
ڪوارٽرس ۾ رات جو روزانو ٽڪنڊو هوندو هيو جيڪو هڪ
خاص موڊ ۽ مشروب جي حوالي سان گڏبو هيو. اهڙين
نعمتن کان محروم هوندي به، ڪڏهن ڪڏهن ڪچهري ڪاڻ
وڃي شامل ٿيندا هئاسين.
شمشيرالحيدري، پنهنجي سادي ۽ ڀرپور زندگيءَ ۾
هميشه خوش رهندو ۽ گذاريندو هيو. هڪ ڏينهن تاجل جي
وفات کان پوءِ مون کيس چيو ته ”تون پنهنجي شعر ۾
ترميم ڪر، نه ته تون پنهنجي خبر، جي هيڊنگ پاڻ
ٺاهي ڇڏي آهي ته ”هڪڙو شمشير هو هزارن ۾، سو به
دنيا مان اڄ گذاري ويو“. چيائين، ”غزل جو خوبصورت
مقطع آهي“.شمشيرالحيدري جو هڪ رخ ڪمرشل به هيو، هن
زندگيءَ ۾ اهو به لکيو، جيڪو هن جي طبيعت ۾ نه
هيو. پر وقت، حالتن ۽ معاش ڪري هن انهن موضوعن تي
به لکيو. شمشيرالحيدري جو معاشي ذريعو هن جو قلم
هو. هو پنهنجي ذميدارين ڪري وقت جي حاڪمن تي به
لکندو رهيو. جنهن ۾ ٽي. وي ۽ سرڪاري ميڊيا جو وڏو
عمل دخل هيو.
شمشير جي سموري حياتي، لکڻ، پڙهڻ ۽ ادب ۾ گذري.
ايڊيٽري کان وٺي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ تائين،
پي. ٽي. وي کان وٺي اين جي اوز تائين. هن سڀني سان
ساٿ ڏنو. سڀني سان واسطو رکيو ۽ ان تي قائم به
رهيو. مون کي دوستن ٻڌايو ته هن جو ڪتاب ”لاٽ“
واڌاري سان ڇپجي رهيو آهي. مون کيس فون ڪيو ته
جڏهن ان ۾ واڌارو ڪري، نئين شاعري شامل ڪئي اٿئي
ته پوءِ ان جو نئون نالو رک. جنهن تي هن چيو ته،
هڪ ته ”لاٽ“ نالو سٺو آهي ۽ ٻيو اهو ڪتاب ٿوري
تعداد ۾ ڇپيو هيو ۽ گهڻو اڳ ڇپيو هيو. ان ڪري
نوجوانن وٽ اهو آهي ئي نه. ان ڪري ان کي ان نالي
سان ڇپجڻ گهرجي. باقي ٻيو ڪتاب تيار آهي جيڪو نئين
نالي سان ايندو.
شمشيرالحيدري ڪجھه وقت اسلام آباد ۾ به رهيو. خاص
ڪري پنهنجي اکين جي علاج جي سلسلي ۾ منهنجو ان سان
مسلسل رابطو رهندو آيو. آخري ڏينهن ۾ ڪلفٽن
ڪراچيءَ جي پارڪ لائين اسپتال جي سيمي پرائيويٽ
روم ۾ داخل رهيو. جتي جڏهن مان ويس ته اُتي نرس
کيس آڪسيجن ڏئي رهي هئي. ٻه پوٽا ڀر ۾ بيٺا هئس،
آڪسيجن جڏهن ختم ٿي ۽ نوزل هٽايا ويا تڏهن سلام
ڪري، پنهنجو نالو ٻڌايم.
”اڙي ادا، ڪهڙا حال اٿئي“. وراڻيائين.
چيم، ”طبعيت ڪيئن آهي“.
جواب ڏنائين، ”جيئن ڏسين ٿو“.
”ڊاڪٽر ڇا ٿا چون“. کانئس پڇيم
چيائين، ”چون ٿا ته سڀاڻي موڪل ڏينداسين، پوءِ مان
گهر ويندس، اتي اچجانءِ ته احوال ڪبا“.
”الله خير ڪندو“. چئي کيس دلداريون ڏنم، جو مون کي
خبر هئي ته الله سائين جي هٿ ۾ هر شيءِ آهي. پر
هينئر هن جي ڪينسر سڄي هڏي ۾ ڦهلجي وئي آهي. ٿوري
دير کان پوءِ موڪلائي، سندس پوٽي کي صلاح ڏنم ته
تڪڙ نه ڪجو. ڊاڪٽر چون ته موڪل ڪجو. ورنه گهر نه
وڃجو. جيئن ته شمشير اڳ ۾ ئي اعلان ڪري چڪو هيو ته
هن جي علاج لاءِ ڪنهن کي به اپيل نه ڪئي وڃي. جو
هي اسپتال سندس پٽ جي پينل تي هئي. ان ڪري هن کي
هن اسپتال ۾ علاج جي سهولت هئي.
مون نرس کي چيو ته ”هن کي ڪينسر واري ڊاڪٽر ڏي
ريفر ڪيو. ڪيموٿراپي يا ريڊيوٿراپي جو فيصلو اهو
ئي ڪندو“. جنهن تي هن چيو ته ”منهنجي نائيٽ ڊيوٽي
آهي، پر مان صبح وارن کي اها صلاح ڏيندس“. ٻئي
ڏينهن مان ڳوٺ هليو آيس.
ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته ”تو وٽ ڪا رڪارڊنگ جي
ڪئميرا آهي جو شمشير چوي ٿو ته ”مان ڪجھه رڪارڊ
ڪرائڻ ٿو چاهيان“. مون کي اها خبر ناهي ته هن ڪجھه
رڪارڊ ڪرايو يا نه؟ پر زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هو
هڏن جو پڃرو بچيو هيو. ڏاڍو ڪمزور ۽ نٻل هيو. پر
مون کيس مايوس نه ڏٺو. جيتوڻيڪ هن کي سڀ ڪجھه خبر
هئي. ته ڇا ٿيندو. پر هو پنهنجي اسپتال واري بستري
تي به حال احوال ڪندو رهيو، سندس شيو وڌيل هئي.
شمشير فقيري طبيعت جو مالڪ هيو. مست الست زندگي
گذاريندڙ، سڀني سان سٺو هلندڙ ۽ نڀائيندڙ. ڪڏهن
ڪنهن تي ڪوسو نه ٿيو نه وڙهيو ۽ صبر واري واٽ تي
هلندڙ هي اسان جو يار، 21 رمضان تي جمعي جي ڏينهن
وفات ڪري ويو. الله سائين پنهنجي حيدرين تي به
مهربان ٿئي ٿو.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
فون: 0300-2476704
ڊاڪٽر سليمان شيخ
شمشير ۽ حسن بانو
هيءُ مضمون ڪتاب ”موليٰ تي ننگ“ ۾ ”شمشير مرڻو
ناهي“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي. (صفحو- 39).
سنڌ جو هڪ مڻيادار خوددار ۽ خود آگاهه، ارڏو ۽
اڙٻنگ، اديب شاعر، صحافي، ايڊيٽر ۽ سماج سيوڪ
شمشيرالحيدري پنهنجي حسن بانوءَ کي الوداع چئي
هليو ويو، ويندي ويندي چئي ويو:
”۽ وري ٻڌ اي معزز حُسن بانو
ڪهڙا ڪهڙا مون وکر آهن ورهايا بي مثل
علم جا مشعل، عمل جون دؤربينيون ۽ عقل جون
شطرنجون،
سوچ جا سُونگا، انهن اندر خيالن جي عطر سان تَر
ٻُڙا
حوصلن جون دٻليون، خوداعتماديءَ جا ٻٽونئڙا
عزم جا گلدان ۽ همت جا دُنگ
جن ۾ احساسن جو عنبر، مشڪ جذبن جي ۽ يادن جي گلاب،
پيار جي وکري وکر جي ڄاڻ لئه، جدوجهد جا جامِ شربت
زندگيءَ جي فهم وارا
۽ صراحيون سُرت واريون“
شمشير لاءِ حياتي حسن بانوءَ جو روپ ڌاري وارد ٿي
هئي، جنهن سان هن کي اڻ مَيو عشق هو. حياتيءَ جي
تند ڪنهن بهاني سان ٽٽيو پوي ته ان کي اُميري سان
جوڙي نٿو سگهجي. ڪهڙا پيارا پيارا ماڻهو موت اسان
کان کسي ويو. موت جي لڪ ڇپ راند هلي پئي ڪوبه ان
کان بچي نٿو سگهي. شمشير جي چواڻي ”قدرت (نيچر)
پنهنجو پاڻ خال ڀريندي ويندي آهي. هڪڙا ويا ٻيا
ايندا“ (حوالو ڪاوش دنيا 19 آگسٽ 2012ع)
هر لمحي پيدا ٿيندڙ نئون ٻار پاڻ سان هڪ نئون عزم،
آسرو ۽ ويساهه کڻي ايندو آهي. هن ڀونءِ جي ڪک خالي
رهڻي ناهي. پر ڪو ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو. جيڪو ڪونه
وڪاڻو، اهو املهه داڻو شمشيرالحيدري هو.
شمشير جي گذاريل زندگيءَ جو اپٽار هڪ مختصر مضمون
۾ نه ٿو ڪري سگهجي. هو هڪ موضوع بنجي تحقيق جي
دنيا ۾ اڀريو آهي. شمشيرالحيدري جسماني طور هتان
ڪوچ ڪري ويو آهي پر روحاني طور هن جو واس صدين
تائين سنڌ جي ٿر برن ۾ مهڪندو رهندو.
سائين ابراهيم جويي چواڻي شمشير ڄمندي ڄام هو.
اسڪول ۾ کيس وال پوسٽر جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو هو.
سندن استاد ان کان پوءِ کيس مهراڻ رسالي جي نائب
ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڏسي ٿو.
منهنجي هن عظيم انسان سان سڃاڻپ 1963ع ۾ سنڌي ٻولي
تحريڪ دؤران ٿي. آئون شاگرد هوس، لياقت ميڊيڪل
ڪاليج جي سنڌي شاگردن پاران سنڌي ٻولي ڏهاڙو
ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. مون کي سنڌ جي نامور
اديبن سان لاڳاپو ڪرڻ جو فرض سونپيو ويو. شمشير
سان ملاقات مون کي اعتماد ڏنو. اسان آڪٽوبر 1963ع
۾ بسنت هال حيدرآباد ۾ هڪ ڏهاڙي ملهائڻ جو بندوبست
ڪيو.
1966ع ۾ مون ميڊيڪل جو امتحان پاس ڪيو ته شمشير ان
وقت ”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر بنجي چڪو هو. مون عام
بيمارين تي سنڌيءَ ۾ مضمونن جو سلسلو شروع ڪيو. هن
سلسلي ۾ طبي هنر جي ڪئين لفظن کي سنڌي جو جامو
پهرائڻو هو، شمشير ان ۾ گهڻي رهنمائي ڪئي. اهي
مضمون 1974ع ۾ سنڌ سائنس سوسائٽي پاران ”انسان جا
پراسرار دشمن“ جي نالي سان شايع ٿيو.
1970ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ تعليم دؤران
شمشير سان گهڻو لاڳاپو رهيو. ان عرصي ۾ اسان گهڻو
ڪري روزانو 3 وڳي ڌاري ڪيفي نيويارڪ ۾ ملندا
هئاسين. سائين بخش ڪلهوڙو، مراد علي جوڻيجو، ڪڏهن
محبوب شيخ ۽ ٻيا دوست جيڪي به ڪراچيءَ ۾ ون يونٽ
ٽٽڻ کان پوءِ آيا ته انهن لاءِ ملڻ جي جاءِ ڪيفي
نيويارڪ ٿي وئي ۽ شمشير اسان جو ميزبان بنجي ويو.
انهن ئي گڏجاڻين وسيلي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
جو خاڪو جوڙيو ويو ۽ ان تي ٽن ماڻهن بنيادي طور
اتفاق ڪيو جن ۾ شمشيرالحيدري، سائين بخش ڪلهوڙو ۽
ليکڪ (ڊاڪٽر سليمان شيخ) شامل هئا. شمشير هن اداري
جي بنيادي آئين لاءِ مشورا ڏنا. مونوگرام شمشير جي
تصوير جو عڪس آهي.
1978ع کي سگا ”شاهه جو سال“ ڪري ملهايو. ان سلسلي
۾ قومي ڪانفرنس دائود ڪاليج ڪراچيءَ جي آڊيٽوريم ۾
منعقد ڪئي وئي. ان ڪانفرنس لاءِ علمي ۽ ادبي
تياريءَ ۾ شمشير سرگرم رهيو. ان ڪانفرنس ۾ پڙهيل
مقالن کي شمشير ترتيب ڏنو ”جر ٿر تک تنوار“ ۽ ٻيوFlame
& Flute ٻئي
ڪتاب شايع ٿيا. ڪانفرنس جي منعقد ڪرڻ وقت Lateef
Poet for All Times پروفيسر
اعجاز احمد قريشي صاحب ترتيب ڏنو. لطيفي قافلو ان
سال جو هڪ ٻيو وڏو معرڪو هو. جنهن ۾ اٽڪل 150 ساٿي
اديب، شاعر، فنڪار، عورتون مرد گڏجي ريل جي بوگي
ڪري ڪراچيءَ کان روانا ٿياسين. مارشل لا جو ڏاڍ
وارو دؤر هو ۽ ڪئين وسوسا اسان سان سلهاڙيل هئا.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي فتويٰ ڀٽي صاحب خلاف اچي چڪي
هئي. اسان جيئي لطيف جي نعرن ۾ ملتان رسياسين.
فدوي ورائي ويا. شمشير پختا جواب ڏنا ۽ سڄي قافلي
جي ادبي سٽاءَ ۾ حصو ورتو. اسان ملتان، راولپنڊي،
پشاور کان ٿيندا لاهور جو دؤرو ڪري واپس پهتاسين.
ان تاريخي سفر ۾ محترمه سلطانه صديقي، زرينه بلوچ،
استاد منظور علي خان، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ٻيا
ڪافي دوست گڏ هئا.
شمشير مارشل لا جي دؤر ۾ روزانه مهراڻ اخبار جو
ايڊيٽر بڻيو ۽ هن اخبار کي سنڌ جي ماڻهن جي ڌڙڪن
بنائي ڇڏيو، ضرورت آهي ته سندس اهي ايڊيٽوريل ڪتاب
جي صورت ۾ ڇپجڻ گهرجن.
شمشير سگا جي گهڻو ڪري سڀني ڪنوينشن جا ٺهراءَ
ترتيب ڏيندو هو. ائين چئجي ته سگا جي نيتيءَ جو
ترجمان هو. سال 2000ع ڌاري سگا ماحول بابت مخزن
”ڌرتي“ شروع ڪيو. شمشير ان جو ايڊيٽر هو. ٻن سالن
جا اهي پرچا سنڌي ۾ ماحول ۽ بنيادي سائنس کان
سواءِ سماج ۽ ادب جو اولڙو آهن. شمشير جو قلمي
پورهيو انيڪ آهي ان کي سهيڙي سنڌ جي سينڌ سنواري
سگهجي ٿي.
شمشير مرڻو ناهي سدا پنهنجي قلم جي،
صدائن جي روپ ۾ جيئندو رهندو.
ڪراچي |