ڇپائيندڙ پاران
شمشيرالحيدري سنڌي ادب ۽ صحافت جو هڪ وڏو نالو
آهي. پاڻ هڪ مهان شاعر کان وٺي هڪ نثرنگار جي
حيثيت ۾ پنهنجي درد ۽ سوچن جا نقش چٽي سنڌ ۽ سنڌ
واسين کي ارپيا آهن. سنڌ جو هيءُ مها ڪوي پنهنجي
شخصيت ۽ فن ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي.
شمشيرالحيدري سنڌي ٻوليءَ جو نامور شاعر ۽ ليکڪ
هئڻ سان گڏ و گڏ هڪ بهترين ايڊيٽر به هو ۽ کين ادب
۽ صحافت ۾ هڪ اعليٰ مقام حاصل آهي. پاڻ 11 سال
سنڌي ادب جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي رسالن ٽماهي
”مهراڻ“ ۽ ماهوار ”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر ٿي رهيا
۽ پاڻ جنهن محنت سان انهن ٻنهي رسالن جي معيار کي
برقرار رکيو اُهو اُن دور جي پرچن مان نمايان نظر
ٿو اچي.
سنڌي ادبي بورڊ پاران سنڌ جي سڄاڻ
۽ برک اديبن،
شاعرن ۽ فن
سان لاڳاپيل سنڌ
جيسرموڙ
شخصيتن بابت ’اينٿالاجيز‘ شايع ڪرڻ جو
فيصلو رٿيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب”شمشيرالحيدري:
شخصيت ۽ فن“ به
اُن سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي جنهن
لاءِ بورڊ سنڌي
ادب جي نامياري ليکڪه محترمه
مهرالنساء لاڙڪ صاحبه جو ٿورائتو آهي جنهن صاحبه
وڏي محنت ڪري سنڌ جي ناميارن ليکڪن پاران سنڌ جي
هِن مهان شاعر ۽ نثرنگار جي وفات جي موقعي تي ڏنل
تاثرات ۽ سندن شخصيت ۽ فن لکيل مقالن ۽ مضمونن کي
يڪجا ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو آهي.
مرحوم شمشيرالحيدري جي
قدرشناسيءَ طور، محترمه
مهرالنساء لاڙڪ صاحبه جي
سهيڙيل هِن
اينٿالاجيءَ کي آءٌ
پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ شايع
ڪندي فخر پيو محسوس ڪريان.
جنهن لاءِ آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمن قبله مخدوم
جميل الزمان صاحب جن جو بيحد ٿورائتو آهيان، جن
پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي
مرحلي کي آسان ڪيو.
توقع آهي ته، بورڊ
پاران شروع ڪيل ’ادبي اينٿالاجيز‘ وارو هيءُ سلسلو،
ادبي حلقن سان گڏوگڏ، مانائتن ادب دوستن ۽ پڙهندڙن
کي پڻ پسند ايندو.
11 شعبان المعظم 1434هه الهڏتو
وگهيو
21 جون 2013ع سيڪريٽري
پنهنجي پاران
”ويٺي وَرَ مَ پُون، سُتي مِلن نه سُپرين،
جي رندن مٿي روئن، ساڄن ملي تن کي“
(شاهه )
بيشڪ، ساجن انهن کي ئي ملندو آهي جيڪي دنياوي شين
کان بالاتر ٿي سوچيندا آهن ۽ پنهنجي ذات کي ڪا به
اهميت نه ڏيندي، ٻين انسانن جي ڀلائي ۽ بهتري بابت
سوچيندا آهن. اهڙن ئي بي لوث ماڻهن ۾ هڪ درويش صفت
انسان شمشيرالحيدري هو. هن پنهنجي 80 ساله زندگي،
انتهائي محنت ۽ مشقت ۾ گذاري. خودداري سان ڀرپور
هي اِنسان، جنهن پنهنجي سڄي زندگي قلم سان ۽ دوستن
سان دوستيءَ ۾ گذاري، تنهن دنيا مان ويندي ويندي
سنڌ واسين کي گهڻو مقروض ڪري ڇڏيو ۽ انهن مقروضن ۾
آئون به شامل آهيان. هڪ ننڍڙي اديبه جي حيثيت ۾
آئون سمجهان ٿي ته شمشيرالحيدري، سنڌي ادب ۽ صحافت
لاءِ پنهنجي زندگي ارپي ڇڏي هئي. سندس لاڏاڻي تي
ٻه لڙڪ لاڙڻ سان گڏ مون سوچيو ته، سائين جي شخصيت
۽ فن بابت ڪجهه لکڻ گهرجي. پوءِ دل اهو فيصلو ڏنو
ته، سائين جي شخصيت ۽ فن بابت، معلومات گڏ ڪئي
وڃي. سندن ويجها دوست جيڪي ادبي حوالي سان پڻ سٺي
ساک رکن ٿا ۽ سندس شخصيت بابت تمام گهري ڄاڻ رکن
ٿا، مون انهن سان رابطا ڪيا. آئون تمام گهڻي
ٿورائتي آهيان، اُنهن سڀني ساٿين جي، جن فراخدلي
سان، سهڪار ڪيو ۽ مقرر وقت اندر پنهنجا مقالا لکي
موڪليا ۽ پنهنجن مقالن ۾ انتهائي محبت ۽ محنت جو
ثبوت ڏيندي، شمشير جي شخصيت جي ڪافي باريڪ نڪتن تي
پڻ روشني وڌي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ معلومات ڏني آهي.
مون لاءِ ٻيو مرحلو هو ڪتاب ڇپرائڻ جو.
سڀني ادبي ساٿين مشورو ڏنو ته سنڌ ۾ ٽي ادارا اهڙا
آهن، جيڪي معياري ڪتاب ڇپرائڻ ۾ ساک رکن ٿا.
(1) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
(2) سنڌ ثقافت کاتو.
(3) سنڌ ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد.
مون ٽنهي ادارن سان ڪتاب جي ڇپرائڻ بابت، رابطو
ڪرڻ جو سوچيو ۽ ليٽر لکي، پهرين سنڌي ادبي بورڊ کي
موڪليم ۽ اڃان ٻين ٻن مذڪوره ادارن لاءِ، ليٽر لکي
رکيا هئم ۽ روانا نه ڪيا هئم ته ايترو جلد، سنڌي
ادبي بورڊ جي سيڪريٽري الهڏتي وِگهئي جو فون آيو
ته، اسين اوهان جي، ڪتاب ڇپرائڻ جي ذميداري کڻون
ٿا، اوهان ٻين ادارن سان رجوع نه ڪريو. مون سندن
ٿورا مڃيا ته اِهو ڪم به آسان ٿي ويو.
سچ ته اوهان پنهنجي مَن جي خواهش مطابق، پنهنجي
دنيا نئين سر جوڙي سگهو ٿا، توهان هِن ڌرتي تي
نوان نقش چٽي سگهو ٿا پر اُن جي تڪميل لاءِ اوهان
کي ڪافي محنت ڪرڻي پوندي.
هن مُرتب ڪيل ڪتاب لاءِ، مقدمي لکرائڻ لاءِ به هڪ
اهم مرحلو هو. جنهن لاءِ اهڙي ماڻهو کي تڪليف ڏيڻي
هئي جيڪو اديب هئڻ سان گڏ، شمشير جي شخصيت ۽ فن
کان بخوبي واقف پڻ هجي. سنڌي ادبي بورڊ جي
سيڪريٽري پاران سنڌ جي ڪجهه مشهور قلمڪارن سان
رابطو ڪيو ويو، پر سڀني پنهنجي مصروفيت جو عُذر
ڄاڻائيندي اِنڪار ڪيو ۽ آخرڪار، محترم هدايت بلوچ،
جيڪو شمشيرالحيدري جو گهاٽو يار آهي، تنهن مقدمي
لکڻ جي ذميواري کنئي ۽ واعدي مطابق، وقت سِر،
مقدمو لکي موڪليائين. سندس لک قرب ۽ ٿورا- حالانڪه
هدايت بلوچ پاڻ به مصروف ماڻهو آهي. پر هيءُ به هڪ
شمشير جو قرض سمجهي ۽ ادبي فرض سمجهي وقت ڪڍي لکي
ڏنائين.
ٿورا مَ ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
ٿر ۾ واري ٿورڙي، تِنهان گهڻيرا،
ڀلايون ڀيرا، ڳڻي ڳڻينديس ڪيترا.
مقالا ۽ مقدمو، جڏهن Compose ٿي
ويا ته اڳئين مرحلي ۾ ڪنهن نامور اديب ۽ محقق ۽
ٻوليءَ جي ماهر ڏانهن ڪتاب موڪليو ويندو آهي ته
جئين هو، ڪتاب جي معيار کي، ادبي معيار تي پرکي
سگهي. اِهو ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم، سنڌ جي سڄاڻ ۽
ڏاهي اديب ڊاڪٽر ادل سومرو جي حوالي ڪيو ويو. جنهن
پڻ پنهنجي ادبي ذميواري سمجهندي هِن ڪتاب کي باريڪ
بيني سان پڙهيو ۽ پرکيو ۽ آخر ۾ راءِ ڏني ته هي
مرتب ڪيل ڪتاب، ڇپجڻ جي قابل آهي. آئون، ڊاڪٽر ادل
سومري جي به ٿورائتي آهيان. جنهن پنهنجي مصروفيتن
مان اِنتهائي قميتي وقت ڪڍي، ڪتاب کي پڙهيو ۽
پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪيو. هاڻي حتمي طور ڪتاب
کي، مڪمل ڪرڻ لاءِ Proof
reading لاءِ
موڪليو ويو. 3 ڀيرا پروف پڙهيا ويا. پُوري ڪوشش
ڪئي وئي آهي ته ڪٿي به ڪا صورتخطي جي يا گرامر جي
ڪا غلطي نه رهجي وڃي پر نادانسته طور اگر ڪا غلطي
ٿي وئي هجي ته اُن جي نشاندهي ضرور ڪندا ته جيئن
اُن غلطي جو ٻئي ايڊيشن ۾ ورجاءُ نه ٿئي.
سنڌ جي جِن به اديبن ۽ ليکڪن، اسان کي مقالا لکي
ڏنا اُهي سڀ انتهائي قابل عزت آهن. پر فهرست ۾
اسان سينيارٽي کي سامهون رکندي، ان شئي جو خيال
رکيو آهي ته، سينئر اديب پهرين اچن ۽ جونيئر پوءِ
ترتيب سان اچن. بس اديبن جو به هڪ گهِراڻو آهي
جنهن ۾ ڪجهه سينئر آهن ۽ ڪجهه جُونيئر. پر اسان
لاءِ سڀ قابل عزت ۽ محترم آهن جِن اسان سان سهڪار
ڪيو ۽ سائين شمشير کي پنهنجو سمجهي، ان جي شخصيت ۽
فن بابت لکيو. هي هڪ ريڪارڊ آهي.
ايندڙ وقت ۾ جڏهن اسان جا نسل پڙهندا ته کين
شمشيرالحيدري جي شخصيت ۽ فن بابت سٺي ڄاڻ ملندي ۽
شمشير جي محنت ۽ محبت ڀرئي پورهئي بابت ڄاڻ حاصل
ڪري سگهندا. اميد ٿي ڪريان ته منهنجي هي ڪوشش،
پڙهندڙن جي دلين ۾ ضرور جاءِ حاصل ڪري سگهندي.
آئون هڪ دفعو ٻيهر، انهن اديبن، ليکڪن جي مشڪور
آهيان، جِن مون سان سهڪار ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي
سيڪريٽري الهڏتي وگهئي جي به شڪر گذار آهيان جن،
وڏي محنت ۽ دلچسپي سان، هِن ڪتاب کي پايه تڪميل
تائين پهچائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي.
شمشيرالحيدري جي شخصت بابت بس آئون اهو چونديس ته:
نه گناهه آهيون نه ثواب آهيون
اسين ڏينهن ڏٺي جا خواب آهيون
اکيون بند ڪرين ته ڪنڊا ئي ڪنڊا
نه کولين ته گلاب آهيون
جي نه پڙهين ته آهيون ڪورا ڪاغذ،
جي پڙهين ته ڪيترا ڪتاب آهيون.
پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ
مقدمو
شمشير منهنجو يار
سنڌي ادبي بورڊ مون کي خط لکيو ته سنڌ جي نامياري
شاعر ۽ ليکڪ جناب شمشيرالحيدري صاحب جن جي شخصيت ۽
فن تي محترمه مهرالنساء لاڙڪ هڪ ڪتاب مرتب ڪيو
آهي، جنهن ۾ سنڌي ادب جي نامور ليکڪن جا مقالا ۽
مضمون شامل آهن. مون کي چيو ويو آهي ته مذڪوره
ڪتاب تي مان مقدمو لکي بورڊ کي ڏياري موڪليان. ان
سان گڏ ڇپجندڙ ڪتاب جي هڪ ڪاپي به موڪلي وئي آهي،
جنهن ۾ تقريباً چوٽيهه مضمون ۽ مقالا شامل آهن
انهن ۾ هفتيوار سنسار کي شمشير کي ڏنل انٽرويو به
شامل آهي مون سڀ مضمون ۽ مقالا پڙهيا آهن، جن ۾
شمشيرالحيدري جي زندگي جي هرهڪ پهلو تي روشني وڌي
وئي آهي. سندس ذاتي زندگيءَ کان وٺي سندس شاعري ۽
صحافتي زندگي بابت گهڻو ڪجهه آهي.
ان کان اڳ ڊاڪٽر نذير حسين حيدري اڪيڊمي بدين
پاران زهير حسين حيدري، شمشيرالحيدري تي هڪ ڪتاب
”مولا تي ننگ“ پڻ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي جنهن جي
انتساب جي ٻن ٽن لفظن ئي منهنجيون اکيون آليون ڪري
ڇڏيون.
انهن چپن جي نانءُ
جن مان پهاڙ جيڏين پريشانين هوندي به
اهي ئي لفظ ٿي نڪتا ته
مولا تي ننگ آ
هن ڪتاب ۾ پڻ اٺيتاليهه مضمون شامل آهن جنهن ۾
منهنجو مضمون پڻ شامل آهي. بهرحال انهن ٻنهي ڪتابن
کان پوءِ، شمشيرالحيدري
بابت اڳتي لکڻ وارن لاءِ ڪافي سهوليت ٿي پوندي.
ان کان اڳ، سنڌ يونيورسٽي جي شعبي ماس ڪميونيڪيشن
۾ ماسٽر آف آرٽس جي ڊگري لاءِ محمد بخش مشڪور
ڦلڪاري هڪ ٿيسز لکي هئي جنهن جو عنوان هو
”شمشيرالحيدري، شخصيت، صحافتي خدمتون ۽ ڪم“ اها
ٿيسز 1989-1991ع دؤران لکي وئي هئي، جيڪا شعبي ماس
ڪميونيڪيشن ۾ محفوظ هوندي.
مون کي ان ڳالهه تي ڪوبه غرور ناهي ته ايڏي وڏي
سنڌ ۾، جتي عالمن اڪابرن جي ڪابه ڪمي ناهي، اتي
شمشيرالحيدري بابت شايع ٿيندڙ ڪتاب ”شمشيرالحيدري-
شخصيت ۽ فن “ جو مقدمو لکڻ جو ڪڻو مون تي پيو آهي،
اهو انڪري نه ته مان ڪو وڏو اڪابر ليکڪ آهيان پر
اهو ڪڻو مون تي ان ڪري نڪتو آهي جو شايد سموري سنڌ
۾ مان ئي شمشير جو وڌ ۾ وڌ ويجهو رهيو آهيان، اهو
به ڪونهي ته مان ڪو علمي، ادبي لياقت يا شاعري يا
وڏي ليکڪ هجڻ جي حيثيت سبب سندس دوست هوس. يقيناً
اسان جي ويجهي هئڻ جو هڪ سبب منهنجي طبيعت شاعري ۽
ليکڪ هجڻ به آهي پر ان جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته
اسان ڪراچي جي علائقي پاڪستان ڪوارٽرس ۾ ويجها
رهندا هئاسين.
اتي شروعاتي دؤر ۾ تاجل بيوس به رهندو هو پوءِ
اسان جو روز ملڻ ٿيندو هو، ڏينهن جو هرڪو نوڪرين
بلي هوندو هو. شامون گڏ گذرنديون هيون. اهڙيءَ طرح
ادبي دنيا ۾ اسان جو ٽياڪڙ مشهور ٿيو. اسان سان گڏ
ويهڻ وارو هڪ غير معروف ۽ غير اديب پر ادب سان
چاهه رکندڙ دوست امام پٺاڻ هوندو هو (آهي) جنهن کي
شمشير مام دينا چوندو هو. جيئن سنڌيءَ ۾ پهاڪو
مشهور آهي ته سو دل تي. سو ادبي حيثيت سان گڏ اسان
جي ويجهڙائي ۾ رهڻ به اسان جي قربت جو هڪ وڏو سبب
هو.
هن ڪتاب جو مقدمو لکڻ لاءِ جو مون کي چيو ويو آهي
ته سوچيان ٿو ته جيڪر شمشير کان اڳ مان مري وڃان
ها ته شمشير مون تي واهه جو ليک لکي ها ڇو ته هن
کي لکڻ ايندو هو، بقول سندس ته کيس لکڻ ۽ شاعري
جي اٽڪل ايندي هئي. ريڊيو، ٽيليويزن تي هلندي
پروگرام هو پنا لکندو ڏيندو ويندو هو. لکڻ سندس
کاٻي هٿ جو کيل هوندو هو هاڻي مان هجان ايڏو وڏو
ليکڪ ته شمشير جهڙي ماڻهو تي ويهي لکان. يا ته اها
اٽڪل ڪريان جيئن اڪثر مقدمو لکڻ وارا ڪندا آهن.
هومر، شيڪسپيئر ۽ شيلي، ٽي.ايس. ايليٽ کان شروع
ٿيان ڪيٽس، رومي جامي سارتر اصل ڪوئي نه ڇڏيان، ان
جو فائدو هڪ ته اهو ٿيندو جو مقدمو ڊگهو ۽ رعبدار
به ٿيندو ۽ پنهنجي قابليت جي به واهه واهه ٿي
ويندي. اول ته منهنجي پنهنجي لائبريري به چڱي وڏي
آهي نه ته به اڄڪلهه گوگل زنده آباد آهي. گهڻو
لکڻ، ڊگهو لکڻ ۽ دنيا جا وڏا حوالا ڏيڻ ته کاٻي هٿ
جو کيل ٿي پيو آهي پر مان اهي اٽڪلون ڪونه
آزمائيندس. جيڪو ٿورو گهڻو لکي سگهيس اهو لکندس.
سنڌي سليمي، جيڪو ڪڍڻ، هٽڙي ۽ هوسڙي ۾ رهندڙ عام
ماڻهو به سمجهي سگهي.
شمشير جا انگريزي، سنڌي توڙي اردو اکر پڪا ۽ ڏاڍا
خوبصورت هوندا هئا. اڪثر ماڻهو متان اهو سمجهندا
هجن ته شمشير رڳو سنڌي زبان جو وڏو اديب ۽ شاعر
هو. شمشير کي انگريزي زبان جي ڊرافٽنگ به بهترين
ايندي هئي. هو تمام سٺي ۽ رواني سان انگريزي به
ڳالهائي سگهندو هو.
انور پيرزادي پنهنجي ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ جي صفحي
181 تي مولا تي ننگ آ، جي عنوان سان لکي ٿو: جيئن
سڄي سنڌ هن کي سڃاڻي، تيئن مان به هن کي سڃاڻندو
هئس، ته ون يونٽ واري خوفناڪ دؤر ۾ هو سنڌي ادبي
سنگت جو سيڪريٽري جنرل هو ۽ ڪامريد حيدر بخش جتوئي
۽ سندس ساٿين سان گڏجي هو سڄي سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف
مهم هلائيندو هو ته شمشير واري سنڌي ادبي سنگت سنڌ
جي وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي هئي. جيڪا جڏهن ڪال (سڏ)
ڏيندي هئي ته سڄي سنڌ اُٿلي پوندي هئي ته شمشير
سنڌ جي جديد ادبي تاريخ جي چئن وڏن ٿنڀن مان هڪ
هو. اياز، شمشير، تنوير ۽ امداد. هو آزاد نظم جو
جادوگر هو.
پر 2004ع ۾ هن سان گڏ سنڌ گزيٽيئر لکڻ دؤران مون
کي ساڻس گڏ رهڻ جو پهريون موقعو مليو ته مون کي
حيرت لکي ته هن ماڻهوءَ ۾ ڪيتريون ته لڪل خوبيون
آهن جن جي اڳ اسان کي خبر ڪانه هئي ۽ مون کي محسوس
ٿيو ته هو سنڌ جو وڏو اثاثو آهي جنهن جو قدر گهٽ ۾
گهٽ اسان هن جي حياتيءَ ۾ ڪري نه سگهيا آهيون،
شمشير کي انگريزي ٻوليءَ تي جيڪا دسترس آهي ان جو
مون کي اڳي اندازو نه هو، هن جي ڪنگس انگلش ڏسي
مون واقعي انجواءِ ڪيو ۽ انگريزي ۾ ايڊيٽنگ ڪندي
مون ڏٺو ته هن جا فل اسٽاپ ۽ ڪامائون ڳالهائي
رهيون آهن.
شمشير جي زندگي ۾ 11 جي انگ جي اهميت:
11 سال شمشير مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر رهيو.
11 سال ماهوار نئين زندگي جو ايڊيٽر رهيو.
11 سال سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو.
ترقي پسنديءَ جو سفر:
شمشير تي ترقي پسندي جو اثر گهڻو تڻو سندس زندگي ۾
آيل ٻن شخصيتن باعث ٿيو.
(1) سندس مامون، نذير حسين حيدري جنهن وٽ هو پليو
۽ تربيت حاصل ڪئي. ننڍي هوندي ئي شمشير جي والده
گذاري وئي. سندس والد ٻي شادي ڪئي والد جي عدم
توجهي سبب هو پنهنجي مامي نذير حسين حيدري وٽ
پليو، جيڪو بهترين مقرر، صحافي، حڪيم، سماج سڌارڪ
۽ اديب هو. وٽس وڏي لائبريري هئي جتي مذهب، فقھ،
ترقي پسند ادب ۽ ٻيا ڪيئي ڪتاب موجود هئا. جيڪي
شمشير پڙهيا ۽ پرجهيا.
حيدري تخلص به هن پنهنجي مامي نذير حسين حيدري کان
متاثر ٿي رکيو ورنه سندس والد جعفري سڏائيندو هو.
شمشير جا ٻيا ڇهه ڀائر حيدري نه سڏائيندا هئا.
(2) سندس زندگي ۾ سوشلسٽ ۽ مارڪسوادي لاڙا اختر
رضوي سان دوستي سبب آيا جيڪو پڻ اردو زبان جو وڏو
ڪامريڊ ليکيو ويندو هو. هي ڪجهه اهڙيون ڳالهيون
هيون جن لاءِ مون ضروري سمجهيو ته انهن جو تت ٿورن
لفظن ۾ اوهان جي آڏو پيش ڪريان. باقي ته سندس
سموري زندگي جو احوال ڪتاب ۾ هِتي هُتي پکڙيل آهي.
تعليم، ملازمتن ۽ صحافتي زندگي جا تفصيلي احوال
لکيا پيا آهن.
مولا تي ننگ آ، شمشير جو تڪيو ڪلام هوندو هو جنهن
کي اسان سڀ انجواءِ ڪندا هئاسون کلندا هئاسين،
ڪڏهن سنجيدگي سان سوچيون ته هن مولائي، مفلس،
نادار ۽ ڪمزور جي زبان تي هر وقت اهو جملو ڇو
هوندو هو. سچل سرمست جو ڪلام آهي، ”ننگڙا نماڻي دا
جيوين تيوين پالڻا“ شايد شمشير سچل جي ان ڪلام کان
متاثر ٿي ان تڪيي ڪلام جو انتخاب ڪيو هوندو. مطلب
ته ڪنهن به دنيادار، طاقتور شخص آڏو جهڪڻو ناهي.
ائين ڄڻ قرآن پاڪ جي صورت الفاتحھ ۾ هنن لفظن جو
عملي جامو هجي. ”اياک نعبد و اياک نستعين“ ترجمو:
اسان فقط تنهنجي ئي ٻانهپ ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد
گهرون ٿا. اچو ته ڀيٽ ڪريون ته مسجد جي مُلان ۽ مڌ
پيئڻ واري ملنگ شمشير ٻنهي منجهان خدا تي ڪنهن کي
وڌيل اعتقاد ۽ اعتماد آهي ۽ ٻنهيءَ مان وڌيڪ
خوددار ڪير آهي. مسجد جو مُلان گهڻو ڪري مسجد سان
گڏ ٺهيل مفت واري گهر ۾ رهندو آهي ۽ پاڙي مان پنيل
مانيون کائيندو آهي، سندس گذر سفر به اڪثر مسجد
لاءِ حاصل ٿيل چندي تي هوندو آهي مسجد جي مُلان جي
چلهه شايد ئي ٻرندي هجي ۽ شمشير جو مولا تي ننگ
هوندو هو. هو پنهنجي دال ماني يا سڪل ڍوڍو به
پنهنجي گهران کائيندو هو.
منڱ تنهين کان منڱڻان جو ڏهاڙي ڏئي.
پر هي ته گهري به نه ٿو هي ته ائين به نه ٿو چوي:
يا الاهي عاجزم، اميدوارم لطب تو
هي ته ائين به ڪونه ٿو چوي:
ڪڄاڙو ڪهانءِ، توکي معلوم سڀڪا.
سندس نعرو مولا تي ننگ آهي صدا به آهي، ادا به
آهي، ٻانهپ به آهي ته خودداري به آهي. ڪو ڪيئن چوي
ڪو ڪيئن چوي آءٌ جو ئي آهيان سوئي آهيان. شايد سچل
جي ان پرولي، ان صوفياڻي صدا جي تعبير شمشير هجي.
سڀني لکيو آهي ته شمشير غريباڻي حال ۾ وڏو خوددار
هو. مسڪيني حالن ۾ به هن ڪڏهن اصولن تي سوديباري
ڪانه ڪئي. هو نه فقط وڏو خوددار هو پر وڏو سنڌي
قوم پرست به هو. هن ۾ تنگ دلي ۽ ڏيکاءُ واري قوم
پرستي ڪانه هئي. هو جيئي سنڌ جا نعرا ڪونه هڻندو
هو. هو پاڻ سراپا جيئي سنڌي هو. سياسي ماڻهن کي
اصولن تي سمجهوتا ڪرڻا پئجي ويندا آهن. بلدياتي
نظام وارو بل جنهن جو گندو مثال آهي، پر شمشير جو
قول ۽ فعل انهن نعرن کان مٿاهان هوندا هئا. |