چاليهن سالن جي دوستي ۽ قربت باوجود هن ڪڏهن به،
هڪ دفعو به مون کان اوڌر نه ورتي. ڪڏهن نه چيائين
ته ير هدايت پئسن جي ضرورت آهي. نه بلڪل نه، ڪڏهن
به نه، دوستن شمشير جي خودداري جا گهڻا ئي مثال
ڏنا آهن. گهڻيون ئي ڳالهيون ڪيون آهن پر هڪ ڳالهه
جيڪا منهنجي پيٽ ورن ۾ آهي سا جيڪڏهن اڄ به نه
ٻڌايم ته ڪڏهن ٻڌائيندس؟
اڃان ڄام صادق علي چيف منسٽر يا سنڌ جو وڏو وزير
نه ٿيو هو. هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن
هندستان جي سنڌي اديبن جو هڪ وفد سنڌ گهمڻ آيو هو.
هتان جي سنڌي اديبن جي دعوت تي. هندستان جي سنڌي
اديبن ۽ سنڌ جي اديبن جي دؤرن جي ان مٽا سٽا ۾
تنهن وقت قمر شهباز، شمشيرالحيدري، تاج بلوچ ۽ مان
گهڻو تڻو ان ڪم سان لڳل هوندا هئاسين، سرگرم
هئاسين. هندستان جي سنڌي اديبن جي مانُ ۾ آجياڻو
سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن جي ڊاڪٽر سليمان شيخ ڏنو
هو رمپا پلازا ۾. جنهن ۾ تقريرون ٿي رهيون هيون.
مان اسٽيج سيڪريٽري هئس. سامهون ويٺل ماڻهن ۾ ڄام
صادق علي پڻ ويٺو هو. ڄام صادق علي، ڊاڪٽر سليمان
شيخ کي چيو ته هندستان کان آيل سنڌي اديبن جي هو
دعوت ڪرڻ گهري ٿو. جڏهن چانهه جو وقفو ٿيو ته
ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڄام صادق کي وٺي مون وٽ آيو.
ڊاڪٽر سليمان شيخ منهنجي ٻانهن جهلي ڄام صادق کي
چيو. هدايت بلوچ انچارج آهي پرڏيهه مان آيل سنڌي
اديبن جي وفد جو. سندن سمورو پروگرام هي رٿيندو
آهي. هي توهان کي اهو پروگرام ڪري ڏيندو. تنهن کان
پوءِ ڄام صادق جا لڳاتار مون کي فون ايندا رهيا.
هن چيو ته نه فقط رات جي ماني پر ميوزڪ پروگرام به
ٿيندو اهو به تون ڪري ڏي. بهرحال، ڄام صادق علي جي
اها دعوت ۽ ميوزڪ پروگرام به ڪاميابي سان گذري
ويو. اهو ٻڌائڻ جي ڪا ضرورت ناهي ته اها دعوت ڪيڏي
پيماني تي ٿي هئي. اتي به اسٽيج تي هڪ پروگرام ٿيو
هو جتي پڻ اسٽيج تي مون ڪمپيئرنگ پئي ڪئي. ڪو جج
هو جيڪو ڄام صادق پاران هندستان جي اديبن کي کيسن
جا تحفا ڏئي رهيو هو. ڄام صادق علي اسٽيج هيٺان
سامهون واري قطار ۾ وچ ۾ ويٺو هو. مون کي چورائي
موڪليائين ته مون کي اسٽيج تي سڏ نه ڪجان ڇو ته هو
اسٽيج تي چڙهڻ جي حالت ۾ نه هو. خير مون کي به
شرارت سُجهي آئي ۽ مون اعلان ڪيو ته پبلڪ جو بيحد
اسرار آهي ته ڄام صاحب اسٽيج تي اچن ۽ مهمانن کي
پنهنجي هٿن سان تحفا ڏين. ڄام کي اها ڳالهه نه وڻي
پر ٽيڪن سان اسٽيج تي چڙهي آيو ۽ مهمانن کي تحفا
ڏنا. ڇو ته انائونسمينٽ مان ڪري رهيو هئس. ڄام مون
کي چيو مائيڪ مون کي ڏي، مون کيس مائيڪ ڏنو، هن
پاڻ ڳالهايو. هاڻي مان پنهنجي دوست هدايت بلوچ کي
تحفو پيش ڪندس، پوءِ هن مون کي به کيس تحفي ۾ ڏنو.
مون کي احساس آهي ته شايد ڄام صادق واري ڪهاڻي
ڊگهي ٿي ويئ آهي دراصل جيڪا ڳالهه مون کي ڪرڻي هئي
هاڻي ان طرف ٿو اچان. ان واقعي کان پوءِ جلد ڄام
صادق سنڌ جو وڏو وزير ٿي ويو. وڏي وزير ٿيڻ کان
پوءِ ڄام صاحب جو مون کي فون آيو، پاڻ ڳالهايائين.
مون کي وڏي حُجت مان چيائين اڙي هدايت پاڪستان
ڪوارٽرن ۾ پيا آهيو. مون وٽ اچ. شمشيرالحيدري کي
به وٺي اچ ته توهان ٻنهي کي پلاٽ ڏيان پئسا به
ڏيان ته وڃي ڪو بنگلو ٺهرايو... مون کيس چيو ته
حاضر سائين. شمشير کي ٻڌايان ٿو. حسبِ معمول شام
جو جڏهن شمشير منهنجي گهر آيو ته اهو قصو کيس
ٻڌايم شمشير ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. وري ڳالهه ورجايم
ته هن چيو ڇڏيس. ٻيون ڳالهيون ٿا ڪريون، تنهن کان
پوءِ چيف منسٽر هائوس مان مون کي لڳاتار فون ايندا
رهيا ته وڏو وزير صاحب پڇن ٿا ته هدايت بلوچ ۽
شمشير ڪڏهن ساڻس ملندا. مان اهي نياپا شمشير کي
ڏيندو رهيس پر هن هر ڀيري نٽائي پئي ڇڏيو ، پوءِ
فون اچڻ بند ٿي ويا شمشير ڪونه هليو مان به ڪونه
ويس اهڙي طرح بنگلن جي بجاءِ ان ڪوارٽرن ۾ ويٺا
آهيون.
مولا تي ننگ آ کان سواءِ شمشير جا ٻيا به ڪجهه
تڪيي ڪلام هوندا هئا. چوندو هو، جوئي ڪام ڪرو جوئي
جڏا، يا چوندو هو، ايتري قدر. سندس آخري ڏينهن مان
مان بدنصيب ملڪ ۾ ڪونه هوس. آمريڪا ۾ هوس، سندس پٽ
سليم حيدري مون کي ٻڌايو ته توهان جو پڇندو هو
هدايت ڪڏهن ايندو. مان کيس ٻڌائيندو هئس بابا چاچا
هدايت ٻي هفتي اچي ويندو تڏهن چوندو هو دير ٿي
ويندي. ڊاڪٽر ايوب شيخ شمشير جي آخري ڏينهن ۾ سندس
گهڻي پرگهور لهندو هو. هن مون کي ٻڌايو ته شمشير
مون کان به پڇيو هو هدايت ڪڏهن ايندو. مون به کيس
چيو هدايت ٻي هفتي اچي ويندو تڏهن چيائين،
ايتريقدر.
مان ميڊم مهرالنساء لاڙڪ ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي جس
ٿو ڏيان جيڪي ”شمشيرالحيدري- شخصيت ۽ فن“ جي نالي
سان هي ڪتاب ڇپرائي رهيا آهن، جنهن ذريعي
شمشيرالحيدري کي علمي ادبي ماڻهن پاران کيس پيار
ڀريو نذرانو پيش ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ مان به آڱر
ڪٽائي شهيدن ۾ شامل ٿيس، سنڌي ادب ۽ صحافت ۾
گهڻائي عالم، اديب ۽ اڪابر موجود آهن، پيدا ٿيندا
رهندا پر ورري ڪو ٻيو شمشير پيدا ٿيندو؟!
بقول ڪنهن اردو شاعر جي:
ہم جس پہ مر رہے ہیں،
وہ ہی بات
ہے کچھ
اور
عالم میں تجھ
سے لاکھ
سھی،
تو مگر کہاں۔
يا بقول ڀٽائي جي:
سوڍا مڙن سئو، ته به مٽ نه ڀانيان مينڌري.
هدايت بلوچ
ڪراچي
29- جنوري 2013ع
شمشيرالحيدري
شخصيت ۽ فن
ڊاڪٽر قاضي
خادم
مربو ته: مُرڪندي
جديد سنڌي ادب جي ذڪر ڪرڻ سان ئي جن اهم شخصيتن جو
تصور ذهن تي تصوير بنجي اُڀري ٿو، تن ۾
شمشيرالحيدريءَ جو چهرو ڪجهه وڌيڪ ئي ڳنڀير ليڪن
هڪ مستقل مسڪراهٽ سان ڀرپور، ادبي ماحول تي ڇانيل
نظر ايندو. حالانڪ جديد دؤر جي اديبن ۽ شاعرن ۾
تمام وڏا ۽ سٺا شاعر آهن، جن ۾ شاعر به آهن ته
ڪهاڻيڪار به، ڪامريڊ/ليکڪ به آهن ته سماج واري
ليکڪ به، جن ادب جي هر صنف ۾ پاڻ موکيو آهي ۽ تمام
گهڻو ڪجهه سنڌي ٻوليءَ کي ڏنو اٿن. نه صرف شاعري،
ناول، افساني، ڊرامي ۽ ٻين لکجندڙ صنفن، جن ۾ خط،
سفرناما، ڊائريون ۽ يادگيرين جا ڪيترائي انمول
ڪتاب ۽ جيون توڙي آتم ڪهاڻيون به شامل آهن، ۽ ان
سان گڏ سنجيده مضمون ۽ مزاحيه، افسانا ۽ خاڪا،
تحقيقي مواد تي مشتمل وڏو قلمي خزانو، لوڪ ادب ۽
ڪلاسيڪي شاعريءَ تي تفصيلي ڪتاب اهم شاعرن جهڙوڪ:
قاضي قادن، شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو، شاهه عنايت
شهيد، ميون شاهه عنايت، شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ،
سچل سرمستؒ، سامي، بيڪس، بيدل، روحل کان حيدر بخش
جتوئيءَ ۽ شيخ اياز (جنهن جا لازوال مهاڳ محمد
ابراهيم جوئي لکيا)، سڀني جي زندگي ۽ فڪري ڪارنامن
جو ذڪر هاڻ لکت ۾ ملي ٿو، ان سان گڏوگڏ تحقيق ۽
ترجمي جي کيتر ۾ به ڪيترو وڏو ڪم ٿي چڪو آهي جنهن
۾ سنڌ جي ڪئين ماخذن کي عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ
مان ترجمو ڪري، سنڌ جي ماضيءَ کي محفوظ ڪيو ويو
آهي ۽ چچ نامو، تاريخ طاهري، تاريخ معصومي، لبِ
تاريخ سنڌ، تاريخ مظهر شاهجهاني، سنڌ ۾ رهندڙ
قومون ۽ سنڌ جي قدامت جي باري ۾ پير حسام الدين
راشدي، حنيف صديقي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامھ
غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويو، عطا محمد
ڀنڀرو، نياز همايوني، پروفيسر غلام حسين جلباڻي،
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام علي الانا،
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو کان هيرو ٺڪر ۽ فقير امداد
علي سرائيءَ ۽ ٻين انيڪ نالن هن ڏس ۾ وڏو ڪم ڪيو
آهي، جنهنڪري سندن نالا سنڌ جي ادبي ۽ سماجي تاريخ
جي زينت بنيا آهن.
هن پسمنظر ۾ 4 صديءَ جي پوئين اڌ ۾ جيڪي اهم شاعرن
جا نالا تمام گهڻو ورتا ويا تن ۾ شيخ اياز،
شمشيرالحيدري، تنوير عباسي، نياز همايوني،
عبدالڪريم گدائي، غلام محمد گرامي ۽ ٻيا ڪيترا وڏا
نالا شامل آهن. تن ۾ جيڪڏهن غور سان جانچبو ته
شمشيرالحيدري جو هڪ بلڪل جدا انداز ۽ جدا مقام نظر
ايندو.
هڪ طرف ڏسجي ته شمشير ٻين شاعرن جي مقابلي ۾ ڪا
گهڻي شاعري ڪانه ڪئي آهي، ۽ نه ئي ڪي گهڻا ڪتاب ئي
شايع ٿيا اٿس، حالانڪ هن گهڻو ڪجهه لکڻ جي ڪوشش
ڪئي لکيو به، پر اڻڇپيل مواد گهڻو اٿس، آزاد نظم
تي هڪ طويل مضمون، جيڪو مواد جي لحاظ کان وڏي
اهميت رکي ٿو يا ڪي ڊراما ۽ هڪ اڌ افسانو هن لکيا،
اهي مخصوص وقت ۾ پڙهيا ويا ۽ هاڻ به ’پورس جا
هاٿي‘ ته شايد ئي ڪنهن نئين نسل جي ادبي يا پڙهندڙ
کي هٿ آيا هجن، تڏهن به هن جي شخصيت اهڙي هئي جنهن
کي هرڪو تمام گهڻو مانُ ڏيندو هو. ڇا اهو هن جي
مهراڻ رسالي اسسٽنٽ ايڊيٽريءَ رهڻ جي ڪري هو يا
نئين زندگيءَ جو ايڊيٽر هجڻ جي ڪري؟ اهڙي دؤر ۾
جڏهن دولتمند ۽ صاحب اقتدار هجڻ ئي مان وارو بنجڻ
جو حق رکي ٿو، هن بُڪي ٺوڪ شاعر جو مان ايڏو
مٿانهون ڇو هو جو شيخ اياز هن سان هميشه احتياط
سان پيش ايندو هو ۽ تمام گهڻو لحاظ ڪندو هو، ضرور
ان جا ڪي ڪارڻ هوندا، ويجهي دوست هئڻ ڪري اسان کي
به نظر ڪونه ٿي آيا، ليڪن جڏهن هو حيدرآباد ڇڏي
ڪراچيءَ ۾ وڃي رهيو ۽ اتي جوئي ٿي ويو ته تڏهن
ڪيترا سال ته اسين هن سان ملڻ لاءِ باقاعدي
ڪراچيءَ ويندا رهياسين ۽ وٽس نئين زندگيءَ جي آفيس
۾ وڃي ويهندا هئاسين پر جي آءٌ ڪنهن امتحان جي
سلسلي ۾ ڪراچيءَ وڃي رهندو هئس ته به هو شام جو
پاڻ مون وٽ اچي ويندو هو، ۽ پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ
ڪچهريون هلنديون هيون. خاص ڪري جڏهن 1979ع ۾ آءٌ ۽
مسعود قريشي سي.ايس.ايس جو امتحان ڏيڻ ڪراچي
وياسين ۽ اتي اختر صديقيءَ جي تاج مينشن واري گهر
۾ جيڪو اين.جي.وي اسڪول سان ملحق گهٽيءَ ۾ آهي،
رهياسين ته شمشير پنهنجي ننڍي ٿيلهي سميت روز شام
جو مون وٽ هليو ايندو هو ۽ ڪچهري هلندي هئي، مسعود
ان تي حيران ٿيندو هو، جو ڪراچيءَ ۾ وڃي واسو
ڪندڙ دوستن جو ايترو خيال نه ڪندا، اڄ به هو چوندو
آهي ته مون تنهنجا صرف ٻه دوست ڏٺا هڪ شمشير ٻيو
ڪريم بلوچ (جنهن پشاور ٽي.وي جو جنرل مئنيجر هئڻ
دؤران اتي اسان جي جيڪا آءُ ڀڳت ڪئي هئي تنهن
مسعود کي حيران ڪري ڇڏيو هو). اهڙيءَ ريت جڏهن
1967ع ۾ آءٌ پنهنجي پريس يا مڙهي جي هڪ ڪيس جي
سلسلي ۾ ڪراچيءَ وڃي روپوش ٿيس ته اهو
شمشيرالحيدري ئي هو جيڪو هر وقت مون سان گڏ هوندو
هو ۽ هن جي ڪري اقبال جتوئي، ٺاڪر شرما ۽ تاج بلوچ
ٻيا ڪي دوست به گڏ هوندا هئا ۽ اسين شامون فريئر
هال گارڊن جي ڇٻر تي ڪراچيءَ جي هلڪي بوندا
بانديءَ جو مزو وٺندي گذاريندا هئاسين ۽ راتيون
روما شبانه ۾ مفت جو ناچ گانو ڏسندي وقت گذرندو
هو، روپوشي ۾ خوف جو وقت اهڙي مزي سان گذريو هجي،
اهو صرف شمشير جي ڪري، جنهن جو ڪم ئي هو مايوس جي
دلبري ڪرڻ ۽ سيکڙاٽن جي رهنمائي ڪرڻ.
شمشير جي شاعري تمام گهٽ آهي ليڪن تمام فڪر انگيز
آهي، جنهن ڪري جٽادار ثابت ٿي آهي ۽ اڄ به جيڪو هن
کي پڙهي ٿو يا ياد ڪجي ٿو ته هو اڄ جو شاعر ٿو
لڳي، زندگيءَ کي حُسن بانوءَ جا ست سوال ڪوٺڻ وارو
هي اڙٻنگ انسان لمحو لمحو زندگي سان جنگ جوٽيندو
رهيو، پر مُرڪندي، هن ڪڏهن به ڪنڌ نه جهڪايو. وڏي
کان وڏو ماڻهوءَ سان اکيون اکين ۾ملائي ڳالهائڻ
واري هن بيباڪ اديب جي آواز ۾ هڪ اهڙي گرجي ۽ ڌمڪ
جو احساس ٿيندو هو جو سندس لفظ لفظ شعور کان
لاشعوريءَ تي حاوي ٿي ويندو هو. ايتريقدر جو سندس
ڪيترا دوست ۽ ساٿي هن جي ئي لهجي جو نقل ڪري
ڳالهائڻ لڳا هئا، جن مان اڃا به هڪ اڌ واڌو واهه
جي ڪپر تي هلندا يا شهر ۾ ڪٿ ملي ويندا، هن جي هلڻ
جو انداز، سوچڻ جو انداز، گفتگو، اُٿڻ ويهڻ سڀ
متاثر ڪندڙ هئا. مون کي سنڌي اديبن ۾ شمشيرالحيدري
۽ مراد علي مرزا جهڙا بردبار، ڪم گو ۽ پنهنجن
اصولن تي ڪارگر ڪي ٿورائي ماڻهو نظر آيا، خاص طور
هو هر ڳالهه ۾ رعايت ڪندا هئا، ليڪن ادبي
بدديانتي، ڪوڙ يا غلط رمارڪ ڪڏهن به پسند نه ڪندا
هئا، شمشير به هونئن ته ماٺيڻو هو ليڪن جڏهن به ڪو
قومي، ادبي، علمي يا سماجي مسئلو درپيش آيو ته هن
جي گجگوڙ ٻڌڻ وٽان هوندي هئي. سچ جي معاملي ۾
ڪنهن سان لحاظ نه ڪندو هو. مون مختلف وقتن تي
شمشير لاءِ ڳالهايو پئي آهي ۽ پنهنجن يادگيرين جي
ڪتابن ۾ هن جي مختلف خوبين تي لکيو به پئي آهي
تڏهن مون جيڪي نتيجا ڪڍيا آهن، اهي هي آهن:
1. شمشير
هڪ سچو ۽ بيباڪ شخص هو
2. هو
دوستن جو دوست هو ۽ دشمنن جو به دوست هو.
3. هو
نوجوان ساٿين جي همٿ افزائي ڪندو هو.
4. نون
اديبن جي نُسرڻ ۾ هن جو تمام وڏو هٿ آهي، جڏهن ته
سنڌ جو ڪوبه وڏو اديب ۽ شاعر ۽ مفڪر نوجوانن کي
وقت ڏيڻ ۽ کين ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي بلڪ وڏن نالي
وارا ليکڪ ۽ شاعر اسٽيج تي اچي ڪڏهن ڪنهن نئين
لکندڙ جو نالو به نه کڻندا آهن، جنهن مان لڳندو
آهي ته يا ته سنڌي ٻوليءَ ۾ لکجڻ بند ٿي ويو آهي
يا وري هنن جديد لکڻيون پڙهيون ئي ناهن ۽ ته اهو
چاهين ٿا ته نوان اديب سندن همت افزائي واري لفظن
مان ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهن، جنهنڪري نوان اديب به
جذبات ۾ اچي ڪڏهن ڪڏهن وڏن جي نامور ليکڪن لاءِ
سٺا جذبات ظاهر نه ٿا ڪن.
5. سنڌ
جي قومي مسئلن تي شمشير جو مؤقف نهايت سخت پر
سچائي ۽ ديانتداري تي آڌاريل آهي، جنهن مان هن
ڪڏهن به فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي.
6. سنڌي
اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ ۾ هن جو وڏو هٿ هو.
7. سنڌي
ٻوليءَ جي موجوده حيثيت برقرار رکڻ ۾ هن جو تمام
وڏو ۽ بنيادي ڪردار رهيو.
8. سنڌي
ادب ۾ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ هن ڪنهن جي به مدد
ڪرڻ کان ڪنڌ ڪونه ڪڍايو، بلڪ هن وقت جا وڏا وڏا
نالا هن جي ئي ڇانوَ ۾ وڌندا رهيا.
9. هو
جت به رهيو نوجوان توڙي تجربيڪار اديبن لاءِ رابطي
جو ڪم ڏنائين.
10. سنڌ
جي ادبي زندگيءَ ۾ هميشه هڪ باعمل مفڪر وارو ڪردار
ادا ڪيائين.
منهنجا هي نتيجا هن سان ويجهو رهي، هن کي ڏسي ۽
پرکي پوءِ قائم ٿي ويا آهن، مون هن کي سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾، سنڌي شعبي ۾ هڪ شاعر جي حيثيت سان
ڏٺو جڏهن ته ادبي حيثيت ۾ هو تمام گهڻو مٿانهون
هو، هن شاگرد هجڻ جي مان کي به برقرار رکيو ۽ شعبي
۾ فعال وقت گذاريندو هو نه صرف ايترو پر سنڌي شعبي
جي مئگزين ’سوتاري‘ به هن جي ڪاوشن جو نتيجو آهي،
جنهن کي ڇپرائڻ لاءِ مالي امداد حاصل ڪرڻ خاطر آءٌ
پاڻ هن سان گڏ ڪراچيءَ ويو هئس، جتي لڪشمي بلڊنگ
جي الانا سان ملاقات ڪئي هئيسين، ۽ حبيب پلازه ۾
سراج الحق ميمڻ سان، جن ڪجهه اشتهار وغيره ڏئي
مالي مدد ڪئي. |