سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: شمشير الحيدري (شخصيت ۽ فن)

باب:

صفحو:13 

شيخ اياز جي مشهور نظم ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ جي پيروڊي آهي ته:

ڀت وڏو ڏوهاري آهي

روز ازل کان ڪاڙهيو ويو آ

ڏاٺن ۾ چيٿاڙيو ويو آ

ٺاري ٺاري ماريو ويو آ

 

ڪڏهن گيهه ٽڙڪايو ويو آ

لوڻ ڪڏهن ڇڙڪايو ويو آ

مرچن سان ڦڙڪايو ويو آ

ٽانڊن تي ٽهڪايو ويو آ

دم ڏيئي ڌمڪايو ويو آ

 

ها، پر پوءِ به انهي جي ساڳي

رهندي آئي ريت اڀاڳي

جنهن جي پيٽ ۾ وٽ وجهي ٿو

تنهن جو سارو چين کسي ٿو

اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ

پوءِ به ڪڏهن تو هي سوچيو آ

ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي؟

ڀت وڏو ڏوهاري آهي.

نسيم النساءَ

اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن؟

 

ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ڪا ڳالهه ڪرڻ ۾ ان ڪري به منجهي پوندو آهي جو کيس اهو نقطو هٿ نه ايندو آهي، جتان ڳالهه شروع ڪرڻي هوندي آهي ۽ جڏهن ڳالهه وري ڪنهن محبوب جي وڇوڙي جي هجي ته پوءِ اهو نقطو ڪوهين ڏور نظر ايندو آهي، پر آئون پاڻ کي اهڙي لمحي ۾ اهو دليل ڏئي مطمئن ڪندي آهيان ته يادن کي ڪابه ترتيب نه آهي، يادون نه صرف پاڻ بي ترتيب هونديون آهن پر اڪثر ڪري اهي ماڻهو کي به بي ترتيب ڪري ڇڏينديون آهن ۽ ائين ئي سڀني ادب دوستن کي بي ترتيب يادون ڏئي هو به ڪنهن محبوب وانگر رسي هليو ويو آهي، هو جيڪو سدائين هڏن جي مٺ جيترو مس نظر ايندو هو، ايترو ڪمزور جو لڳندو هو ته ڪنهن زبري ماڻهو جي ڦوڪ به کيس اڏائي ويندي، اهو ئي ڪمزور ۽ نٻل ماڻهو جڏهن اسٽيج تي بيهندو هو ته وڏن وڏن سورمائن جي دل دهلائي وجهندو هو، آئون سوچيندي آهيان ته لقب ۽ نالن جو به ماڻهو جي شخصيت تي اثر ٿيندو آهي ۽ اهو ئي اثر هن حيدري جي پڪار ۾ به عيان هوندو هو. هن غربت ۾ ائين اميري واري زندگي گذاري جو سڀني کي ان تي ناز رهيو، هو ته ”قديم وڻ“ يا ”پراڻي شهر“ جهڙو شخص، جنهن جي ڀر ۾ ويهڻ سان ماڻهو کي سڪون ملندو هجي، جنهن ڏانهن ڏسندي ڀاسندو هجي ته هن جي اندر ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لڪل آهن، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي لکي ٿي ته هن ڪڏهن وٺڻ سکيو ئي ڪونه هو رڳو ڏيڻ سکيو ۽ آئون سوچيان پئي ته ڪيترا نه خوشنصيب هوندا اهي ماڻهو جن شمشير کان ڪجھه نه ڪجھه ورتو آهي. ميڊم مهرالنساءَ جيڪا مون تي ماءُ وانگر ٻاجهاري آهي، ان جڏهن شمشير جهڙي ماڻهو تي لکڻ لاءِ چيو ته آءٌ دهلجي ويس.

شمشير ته روپ ۾ تاريخ ساز آهي، هو هڪ ئي وقت پنهنجي ذات ۾ ايترا ادارا کنيو وتي، جيترا ادارا اسان جي يونيورسٽين ۾ به ناهن ۽ آئون؟

هڪ مخصوص چوديواري اندر دائرن ۾ رهندڙ، جنهن وٽ آزادي سان ساهه کڻڻ جو به موقعو نه آهي، نه مطالعو، نه ڄاڻ، نه علم، نه لکڻ جو فن، ڇا لکنديس، بس هي لکڻ نه لکڻ جهڙو آهي. يوسف جي خريدارن ۾ نالو اچي ويو ته اها به خوش قسمتي هوندي.

چون ٿا ته عام يا لوڪ چوڻيون جڙڻ ۾ وڏو وقت لڳندو آهي، پوءِ وڃي اهي هر وات جي وائي بڻجنديون آهن شمشير سنڌ ۾ واحد شاعر آهي جنهن جا ڪجھه شعر ته انهن عام چوڻين جيتري اهميت اختيار ڪري ويا آهن.

مثال طور،

نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،

اها ئي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،

هي ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾،

اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي.

يا هي شعر

دل جي پرشوق دلاسن تي هليا آياسين،

سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين،

ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،

نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.

آئون اڪثر رسالن ۽ ادبي ڪتابن ۾ اديبن جا تڪراري بيان، ڳالهيون ۽ هڪ ٻئي تي ڇنڊيل ڇوهه پڙهندي رهي آهيان، پر هي واحد اديب، شاعر هو جيڪو پنهنجي سڄي زندگي نه صرف غير تڪراري رهيو پر سندس حيثيت ثالث واري رهي، لاڙ جي مٽي مان ڳوهيل هن ڳُوڙهي شخص جيترا زندگي ۾ ڏک ڏٺا، ايترا ئي شاعري ۽ ادب ۾ تجربا ڪيا. هن وٽ سدائين نماڻائي رهي پر ان نماڻائي ۾ به هڪ عجيب فخر رهيو، ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هيم ته،

”شاعري کي انساني فڪرن جي ترجماني جي سند ڏني وئي آهي اها ئي مرڪزِ فڪر و نظر آهي، ان کي حق ڏنو ويو آهي ته جيڪي ڪجھه محسوس ڪري ان کي مذهب ۽ سماج جي خارجي ۽ داخلي پابندين ۽ زنجيرن کي ٽوڙي به بيان ڪري ڪنهن به وقتي مصلحت انگيز قدم تي نه رڪجي، نه ڪنهن وقتي نظام کان دٻجي، نه ڪنهن قانون جو عذر ڪري“.

۽ اهڙي شاعري صرف شمشير ڪئي آهي چوي ٿو ته،

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،

سرعام هر بات چوندا رهياسين،

اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو دٻايو،

اسين رات کي رات چوندا رهياسين.

شمشير هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي ۽ خوب ڪئي پر هن جي اهم خوبي سندس ٻولي ۽ لهجو آهي، هن جي ٻولي نج ۽ چٽي آهي هو عام لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ جو فن رکندڙ وڏو ليکڪ/شاعر، هن وٽ هڪ عجيب قسم جو ترنگ ۽ ترنم آهي. هن وٽ لفظن جي خوامخواهه واري بناوٽ نه آهي، ان ڪري هو جيئن سوچي ٿو، محسوس ڪري ان کي ائين ئي سادن پر خوبصورت لفظن ۾ اظهاري ڇڏي ٿو ۽ اهو اظهار اعليٰ بنجي پوي ٿو. سندس ساده بياني ۾ اعليٰ خيال جو هن کان وڏو نمونو ڀلا ڪو ٻيو ٿي سگهندو ڇا.

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،

ڄڻ ته سنڌو جي ٻئي ڪناري ويو،

اهڙو مفلس نه ڪنهن ڏٺو هوندو!!

هڪ دل سا به ڪٿ وساري ويو.

شيخ اياز پنهنجي هڪ نظم ۾ ننڊ جا نيڻ ٿي هڪ اعليٰ پيغام آڻڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ته وري شمشير ستارن کي پيرن هيٺان لتاڙن جي ڳالهه ڪئي آهي.

لٿا عرش تي زندگي جا سفينا،

بدلجي ويا بندگي جا قرينا،

نه ڇيڙيو اسان عاشقن کي نه ڇيڙيو،

لتاڙي ڇڏياسين ستارن جا سينا.

شمشير پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي دل جي بادشاهي ۾ گذاري ائين به نه هو ته هن جيڪو چاهيو اهو نه ڪيو يا نه ڪري سگهيو. هن جنهن به وقت جيڪو چاهيو سو ماڻيو، هو گهڻن حوالن سان اهڙو امير رهيو جنهن اميريءَ جي کوڙ سارا بيوروڪريٽ اديب صرف سڌ ئي ڪري سگهن ٿا. هن جون زندگي کان ڪي وڏيون طلبون يا تمنائون نه رهيون، ان ڪري هر خواهشن جو غلام نه بڻيو پر خواهش کي پنهنجو غلام بڻائي رکيائين هڪ اردو شعر آهي ته:

غم کی جاگیر وراثت میں ملی ہے مجھ کو،

اپنی جاگیر میں رہتا ہوں نوابوں کی طرح۔

ته شمشير پنهنجي دل جي جاگير جو نواب هو، اهو ئي سبب آهي ته اڄ کيس ياد ڪندي سندس ڳالهيون اوريندي اسان کي ڪٿي به ڪنهن به جاءِ تي قلم جو ڪنڌ جهڪائڻو نه ٿو پوي، آءٌ شمشير جي نظم ”الوداع“ جي هنن سٽن سان پنهنجي مضمون جي پڄاڻي ڪنديس جنهن ۾ هن اسان لاءِ هڪ وڏو پيغام ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن سنڌ ڌرتي کي ”معزز حسن بانو“ جي نالي سان مخاطب ڪندي سمورن سنڌين کي چيو آهي ته هن جيڪا لاٽ ٻاري آهي اها روشن رکي وڃي.

اي معزز حسن بانو،

منهنجي احساسن جو عنبر،

مشڪ جذبن جي ۽ يادن جو گلاب،

۽ تون هي قنديل ۽ فانوس،

۽ مشعل سدا روشن رکج،

جيئن اسان جي اڄ جي شاهد

هن اڪيلي وڻ کي اونداهي جا پاڇا گم نه ڪن.

الوداع

اي معزز حسن بانو الوداع.

۽ جيڪڏهن اسان سڀئي گڏجي شمشير جي ان لڳايل ٻوٽي کي اوندهه جي پاڇن کان بچائي وياسين ته تاريخ ۾ اسان سرخرو سڏباسين.

 

الطاف ملڪاڻي

برهه جي بستيءَ ۾ شمشير جيهو جوڳي

 

”هن وقت جي پيالي ۾ مڌ پنهنجي حياتيءَ جو،

باقي ڪو بچيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري.

هن برهه جي بستيءَ ۾، شمشير جيهو جوڳي،

ڪجھه ڏينهن ٽڪيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري.

هونئن ته هن ڪائنات جو رنگ منچ سينگاريل ئي ڪجھه ڏينهن لاءِ آهي، هتي هرڪو اچي هليو وڃي ٿو پر هتي ان جو اچڻ سجايو تڏهن آهي، جڏهن هو پيار جو اهڙو پورهيو ڪري وڃي ٿو جنهن جو لاڀ ايندڙ نسلن تائين هلي ۽ شمشيرالحيدري جيڪو سچ به اهڙو کاهوڙي ۽ جوڳ پڄائيندڙ جوڳي هو جنهن جي ٻاريل لاٽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ رهبري ۽ رهنمائي ڪندڙ هوندي.

شمشيرالحيدري جنهن جو جنم 15 سيپٽمبر 1931ع ڌاري ٿيو ۽ جنهن پنهنجي زندگيءَ جون بهارون توڙي خزائون سنڌ ڌرتيءَ جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيندي گذاريون، هن کي سنڌ سان لنئون ته تڏهن کان ئي لڳي هئي جڏهن اڃان هن شعور جون ابتدائي وکون کڻڻ شروع ڪيون هيون، ۽ هن جون اُهي سچائي ڀريون سوچون، گهڻن باشعور ماڻهن کي نه وڻيون جو سنڌ جي مشهور علمي ادارن، سنڌ مدرسي، اين جي وي اسڪول توڙي نور محمد هاءِ اسڪول جا دروازا هن لاءِ رڳو ان ڪري بند ڪيا ويا ته هو هڪ قومي شعور ۽ سنڌ جي ساڃهه رکندڙ شخص هو، پر هو خوددار ۽ باشعور انسان ڏک هجن يا سک، جمهوري حڪومتون هجن يا مارشل لا جو دؤر پر پنهنجي قلم کي شمشير بنائي استعمال ڪندو رهيو، هن ڪڏهن به صاحب اقتدار ڌرين جا در کڙڪائي درٻاري اديب ٿيڻ پسند نه ڪيو.

جيئن هن جو تخلص ”حيدري“ هو تيئن ئي هو حق جي راهه تي اڪيلو ئي بيهي رهيو ۽ گهايل پيرن سان به ڪنڊائن پيچرن تي پنڌ ڪندو رهيو، شمشيرالحيدري زندگي جي سفر ۾ روزگار جي ابتدا ته منشيءَ جي حيثيت سان ڪئي، پر سنڌ جي مشهور رسالن نئين زندگي، ٽماهي مهراڻ جي ايڊيٽريءَ کان وٺي مهراڻ اخبار جي ايڊيٽري توڙي سنڌ حڪومت ۾ اڻويهين گريڊ جي آفيسري جهڙا عهدا به ماڻيا. پر هن جي عاجزي، فقر يار ويسيءَ ۾ ڪوبه ڦير نه آيو.

سنڌي ادب سنگت پاران هلايل ڪا تحريڪ هجي يا سگا جي سماجي ڀلائي جا ڪي ڪم هجن، ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ هجي يا سنڌي ٻوليءَ ۾ لسٽون ڇپائڻ جي هل چل، ايم آر ڊي جي تحريڪ هجي يا اينٽي ڪالاباغ ڊيم جلسا جلوس، شمشير هر تحريڪ ۽ هلچل ۾ هميشه پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، شمشير اهڙو ته بااصول انسان هو جو جڏهن ضياء مارشل لا ۾ هن مهراڻ اخبار جي ايڊيٽري سنڀالي ته هن جي قلم جي تکائي اقتدار ۾ ويٺل ڌرين کي به ڌڌڪائي ڇڏيو ۽ ڪجھه عرصي بعد شمشير کان مهراڻ اخبار جي ايڊيٽري کسي وئي، شمشير هڪ بااصول، با وفا انسان ۽ سچو سنڌ پرست ۽ سنڌ دوست اديب هو.

شمشيرالحيدري صدارتي ايوارڊ پرائڊ آف پرفارمنس کان وٺي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا ايوارڊ ماڻيا، پر هو پاڻ لاءِ ايوارڊ سنڌ جي ماڻهن جي محبت ۽ چاهت کي سمجهندو هو، هن ڪڏهن به پاڻ کي وڏو اديب، دانشور يا مها ڏاهو سڏائڻ پسند نه ڪيو پر هو پاڻ کي سنڌي ادب جو خادم ۽ سنڌ پرستيءَ جي تحريڪ جو هڪ ننڍڙو ڪارڪن سڏائڻ پسند ڪندو هو، باوجود وڏا عهدا ماڻڻ جي هن جي فقيراڻي حال ۾ ڪو فرق نه آيو، شمشيرالحيدري نه رڳو شاعريءَ ۾ پر مضمون نويسي، خاڪا نگاري، ترجمي نگاري، ڊرامه نگاري، تاريخ، تحقيق ۽ لطيفيات جي شعبن ۾ به تمام زبردست ڪم ڪيو.

شمشيرالحيدري نه رڳو هڪ اديب، هڪ فرد پر هڪ تحريڪ هو، جنهن ڪيترن ئي نوجوانن جي پڻ رهنمائي ڪئي ۽ انهن کي ريڊيو، ٽي وي، اخبارن ۽ ادبي ادارن جا گس ڏيکاري انهن کي مختلف ادارن ۾ متعارف ڪرايو، شمشيرالحيدري سنڌي ادب جو سچ ته اهڙو نانءُ آهي جنهن جو خال واقعي به سنڌي ادب ۾ ڀرجڻ انتهائي ڏکيو آهي ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شمشيرالحيدريءَ جي وڇوڙي تي رڳو ٻه لڙڪ هاري يا ٻن منٽن جي روايتي خاموشي اختيار ڪري. کيس خراج تحسين پيش ڪري ماٺ ڪري نه ويهجي پر سندس حق تڏهن ئي ادا ٿيندو جڏهن هن جي رهيل لکڻين کي ميڙي چونڊي عوام آڏو آندو وڃي.

”شمشير کي سڏ ڪيو، شمشير ڪٿي آهي؟

محفل مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد“.

 

ابليس کي چئي ڇڏيو سجدي جي تياري ڪر!!

 

هن وقت جي پيالي ۾، مڌ پنهنجي حياتي جو

باقي ڪو بچيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري

 

هن برهه جي بستيءَ ۾، ”شمشير“ جيهو جوڳي

ڪجھه ڏينهن تڪيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري

 

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو

ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو

 

يا وري

 

ابليس کي چئي ڇڏيو، سجدي جي تياري ڪر

دنيا تي ”اناالحق“ جا اسرار کلن شايد!

 

بلبل جي بيانن تي برهم نه ٿيڻ گهرجي

آئنده بهارن جا پيغام هجن شايد!

 

’شمشير‘ کي سڏ ڪريو، ’شمشير‘ ڪٿي آهي؟

محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد

 

ڄڻ ڇڄي پئي ڪار تار!

 

شب و روز ’شمشير‘ ڳرندو وڃين،

لڳي وئي زماني جي توکي نظر

ڪڏهن ڪڏهن دوستن لاءِ به ڳالهه ڪري ٿو

 

جن گهري ورتي هئي دل، ياد جو تحفو ڪري،

سي به اڄ ’شمشير‘ جي خاطر خبر ڀلجي ويا

 

تنهنجا اي ’شمشير‘ هي نغما،

ڄڻ ته ڇڄي پيئي ڪا تار!

 

ڪٿي آهي ’شمشير‘ جو چنگ چوري،

زمانو ته ڀلجي ويو ”چارڻ“ جون ڳالهيون.

 

هفتيوار ”عبرت سنسار“

12 آگسٽ 2012ع

 

عبدالرزاق عمراڻي

 

اسين رات کي رات چوندا رهياسين

 

ون يونٽ کان ويندي مڙني تحريڪن ۽ جدوجهدن جي سرواڻي ڪندڙ شمشيرالحيدري، جتي ڌرتي سان چاهه جو سنيهو ڏئي ٿو، اتي مذهبي رواداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پڻ جدوجهد جي اڳين صفن ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. همٿن ۽ محبتن جي شاعر شمشيرالحيدري زندگي کي پنهنجي نظر سان ڪجھه هيئن ڏٺو، جنهن کي لفظن جي مالها ۾ پوئي پنهنجي اظهار کي ههڙيءَ ريت اظهاري ٿو:

زندگي تقدير جو تحفو سهي

موت آدم زاد جو ورثو سهي

زندگي ڇو موت ۾ پائي نجات

موت ڇا جي لاءِ پيئي آب حيات.

شمشير جنهن سنڌ لاءِ شاعري ڪئي، عظيم نثر تخليق ڪيو ۽ جڏهن ساري سنڌ، ڦٽڪن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي دونهين سان دوهانٽيل هئي، تڏهن هن قلم جي ڏڍ تي جمهوريت ۽ جمهور لاءِ جانيون ارپيندڙ سنڌ جي عظيم فرزندن کي خراج پئي پيش ڪيو. شمشير سنڌي شاعري ۽ ادب کي پاڻ ارپي ڇڏيو، سنڌ جنهن جي مانجهي مردن ڪڏهن به جبر آڏو گوڏا ناهن کوڙيا، هنن هميشه باغي بڻجي جاڳرتا جون ڏياٽيون ٻاري شعور کي جلا بخشي آهي ۽ زندانن ۾ پنهنجي رت سان جوت جلائي آهي، اهڙي عملي جاکوڙ ۾ شمشير جي ڪردار کي ڪنهن به ريت وساري نٿو سگهجي.

شمشير جي فني وسعت کي چند لفظن ۾ اظهاري نٿو سگهجي، هن جي ڏات لفظ پنجوڙن کان آزاد ۽ اڏار جي بلندين کي ڇهندڙ آهي. هن سنڌي قوم جي نسن ۾ سنڌيت، انقلاب ۽ پنجوڙن کان مڪتي ماڻڻ جي چاشني اوتي. شمشير جي وڪٽري نما آڱرين وچ ۾ دکندڙ سگريٽ ۽ چانهه جي چسڪي سندس وشال من اندر ڪائنات جي اسرارن جي پالوٽ ٿي ڪئي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن جي لاڳيتي جاکوڙ روايت جو ٽوڙ ثابت ٿي ۽ کيس حياتي ۾ ئي ليکاري لڏي اندر هڪ الڳ سڃاڻپ بخشي.

شمشير سنڌ جيجل سان انسيت ۾ راتين جي پڇاڙڪن پهرن تائين پنن تي نظم توڙي نثر کي حيات بخشيو، سندس سرجيل تخليق تخيل جي اڏار جو شاهڪار ڏيک ڏئي ٿي. شمشير پنهنجي پوري حيات رت سان وهنتل سنڌ جي روح کي پنهنجين اکين سان ڏٺو. ان ڪري هو ساري ڄمار بيقرار رهيو، زماني جون مڙئي رنگينيون سندس بي چين ۽ ڀٽڪيل روح کي ڪڏهن به شانتي جي واس سان واسي نه سگهيون، ڇاڪاڻ جو هن پوري عالم ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل محسوس ٿي ڪئي، گڏوگڏ حاصل ڪيل مطالعي کيس وڌيڪ حساس بڻائي وڌو، جنهن ڪري هن هر وقت مروج نظام کان بغاوت ڪئي ان ڪري ئي هن پنهنجن آدرشن، اصولن ۽ پنهنجي غربت سان اٿاهه پيار ڪيو. هن سنڌ جي اڪن، ڀٽن، چؤنرن، واهڻن، وسندين، ڏهرن، ڏيئن، ٿوهرن، شهرن، ڳوٺن ۽ قديم آثارن کي پنهنجي نثر ۽ نظم ذريعي پنن جي ڪينواس تي امرتا بخشي ۽ قوم کي اها ئي تلقين ڪئي ته:

اي همسفرو،

بس جاڳ رکي،

هوشياريءَ سان،

هلندا ئي هلو.

هڪ ٻئي کي سنڀاليندي گذرو!

بس چند قدم،

بس چند قدم منزل آهي!

هلندا ئي هلو،

هلندا ئي هلو،

اي همسفرؤ!

شمشير پنهنجي پوري ڄمار ۾ ڏاڍ ۽ جبر جي نندا ڪئي، هي ڪائناتي حسن جو عاشق هو، ان ڪري ئي هن هميشه پاڻ ۾ هر وقت ڪجھه نه ڪجھه ڪرڻ جي ساهس ۽ سگهه ساري ٿي، گڏوگڏ قوم ۽ قوم وارن کي پڻ همٿ سان اڳتي وڌڻ جو درس ٿي ڏنائين. جن زمانن ۾ ڪجھه ماڻهن پيٽي/ ڇسن مفادن خاطر مراعتون ٿي حاصل ڪيون. ان وقت به شمشير بلند آواز ۾ ٿي چيو:

ڪير ٿو ڪنهن لئه جيئي

ڪير ٿو ڪنهن لئه مري

ڪير ٿو بڻجي زماني جو اسير

ڪير ٿيندو بي ضمير.

ان وقت به سندس سوچن ۾ مٿيون سٽون هر وقت پڙاڏو بڻجي گونجنديون ٿي رهيون، کيس اها ڄاڻ هئي ته ڪير به ڪنهن لاءِ جيئي ڪونه ٿو، ڪير به ڪنهن لاءِ مري ڪونه ٿو، زماني جو قيد ڪير ڪاٽيندو؟ کيس پروڙ هئي ته انهن حالتن ۾ پنهنجو پلئه بچائڻو آهي ۽ بي ضميري جو طعنو پاڻ مٿان ناهي سهڻو، ان ڪري ئي سندس ساري ڄمار هڪڙي ننڍڙي ڪوارٽر ۾ گذري، هن ڪڏهن به پنهنجن اصولن، آدرشن جو سودو نه ڪيو.

شمشير سڄي زندگي جسماني ۽ مالي اذيت سان منهن مقابل ٿي گهاري، پر اها سندس عظمت ئي هئي جو هن ڪڏهن به پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ هٿ نه ڦهلايو. هن جون اوجاڳيل اکيون، جن ۾ ايامن جا سپنا، خواب ۽ ٿڪ هئا، سي لحد ۾ لهڻ تائين جاڳيل ئي رهيا. هن بيماري دؤران به ڪا مراعت نه طلبي، شمشير حيات جي پڇاڙڪن لمحن تائين حق ۽ سچ جو پانڌيئڙو رهيو، پنهنجي جان جڏهن جهان جوڙيندڙ حوالي ڪيائين تڏهن سندس مک تي مرڪ ۽ من ۾ اطمينان ضرور هئس ته هن ساري زندگي ۾ ڪا به اهڙي ڪوتاهي يا ڀڏائي ناهي ڪئي، جنهن سبب هو ڌرتي امڙ ۽ ڪائنات جي خلقيندڙ آڏو شرمسار ٿئي.

شمشيرالحيدري جنهن جو اصل نالو شمشير علي ولد رسول بخش خواجو هو، هن 15هين سيپٽمبر 1931ع تي بدين ضلعي جي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ اکيون کوليون، هن سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي ۽ شاعري سان گڏ مختلف موضوعن تي مضمون، ڪتابن جا مهاڳ، انٽرويو، ٽيليويزن جي لاءِ 150 کن ڊراما، ڊاڪيومينٽريون ۽ اسڪرپٽ لکيا. هن شاهه لطيف جي چونڊ ڪلام جو اردو ۾ ترجمو ڪيو، سندس تصنيفن ۽ سنڌي ۾ آزاد نظم جي اوسر، سنڌي شاعري جو اڀياس، لاٽ شعري مجموعو، تاريخ جو ڪچرو شعري مجموعو، سجاڳ سانگهڙ گزيٽيئر، سنڌ اپ ڊيٽ انور پيرزادي سان گڏجي انگريزي ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org