سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: شمشير الحيدري (شخصيت ۽ فن)

باب:

صفحو:18 

شمشيرالحيدري 11 آگسٽ 2012ع تي جيتوڻيڪ اسان کان جسماني طور وڇڙي ويو آهي پر سندس تخليقون سدائين سندس هئڻ جو احساس ڏيارينديون رهنديون. محفلن ۾ سندس غير موجودگيءَ جو احساس ضرور ٿيندو، ڇالاءِ ته هو محفلن کي مچائيندڙ سهڻو ڪوي هو ۽ ان ڳالهه جو احساس کيس به هو جو هن پاڻ ئي چيو هو ته:

’شمشير‘ کي سڏ ڪريو، ’شمشير‘ ڪٿي آهي؟

محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد.

 

محمد بخش ڏاهري

شمشيرالحيدري جو وڇوڙو ۽ دل جي اڪيلائي جو داستان

 

رات آسمان ۾ اکيون اٽڪائي تصديق جي تلاش ۾ ستارن ڏانهن نهاريو هوم، تڏهن سڄي آڪاش تي شمشيرالحيدري جي لاڏاڻي جي سوڳ ۾ اماس رات ۾ ڪيئن سوڳ جا سلسلا پولار ۾ پکڙجي ويا هئا. هي يگانو سنڌ کي ڇڏي الوداع ٿي ويو، پر پنهنجي پٺيان درد ۽ ڏک جا ڪيئي سمنڊ ڇڏي ويو، جنهن جي ساحل تي غم جون گهٽائون برسنديون آهن. سانوڻي مند جا آخري ڏينهن آهن، پر سنڌ جو آسمان گهنگهور گهٽائڻ جي مالها کان محروم آهي. سانوڻ جيڪو هاڻي بڊي ۾ برسي ٿو، تنهنجي وسڪارن گذريل سال اڌ سنڌ ٻوڙي ڇڏي هئي، لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو هو، جهوپا جهري پيا هئا، وستيون واهڻ ويران ٿيا هئا پر ڪئين شهر به مسمار ٿيا هئا. گذريل سال جي برساتن جا خوفناڪ منظر اڄ به اکين جي آڏو آهن، جڏهن مون پنهنجي ئي گهر ۾ پنهنجي ڪتابن، اخبارن، رسالن ۽ قلمي نسخن کي وسڪاري جي نظر ٿيندي ڏٺو هو، جن ڪتابن ۾ منهنجو ساهه هو، سي ڪنهن زخمي پوپٽ جيان ڪا کنڀڙاٽي به هڻي نه سگهيا هئا. اها تيز برسات منهنجو سڀ ڪجھه برباد ڪري گذري ويئي هئي ۽ سانوڻ مند ۾ اکين ۾ ڪئين اوسيئڙا خيما کوڙيندا هئا، پر جڏهن گهر جي ڇت برسات ۾ ٽمندي هئي، تڏهن بيوسي بي مندائتي موسم جيان اندر جي فضا کي غمزده ڪري ڇڏيندي هئي. سڀ سانوڻ سيارا گوندر ۾ گذري ويا، سانوڻ رت جا بادل رمندا رهيا، ڀورن، ناسي بادلن کي اکيون گهورينديون رهيون. اڀ ۾ ڪيتريون انڊلٺون نڪتيون پر اندر جي اڻ تڻ ختم ٿي نه سگهي. جڏهن 11 آگسٽ 2012ع جي اخبارن ۾ پڙهيم ته شمشيرالحيدري به هڪ اهڙي ئي ڪوارٽر ۾ رهندو هو، جيڪو ته پاڪستان ڪوارٽر جي نالي سان مشهور آهي پر ان جي حالت به اهڙي ناڪاره آهي، جو شمشير جي ڪوارٽر جي ڇت به برساتن ۾ ٽمندي آهي. سنڌ جو شمشير جنهن سڄي زندگي ”مولا تي ننگ آ“ واري طرز جي گذاري ۽ ڪنهن اڳيان هٿ نه ٽنگيو، هو چاهي ها ته پنهنجي لاءِ خوبصورت بنگلا به ٺهرائي ٿي سگهيو پر اصولن تي سوديبازي نه ڪرڻ واري هن عطيم انسان جي حياتي جو سمورو سفر ڪٺن راهن تي ڪشالا ڪاٽيندي گذريو. سنڌ جو عظيم سرمايو، جنهن جو اسين قدر نه ڪري سگهياسين، تنهن پڇاڙي تائين زندگي جا آخري ساهه ڳڻيندي به پونئيرن ۽ گهڻ گهرن کي منع ڪئي ته هو سندس علاج لاءِ ڪنهن کي به ڪا اپيل نه ڪن. اهڙا ليجنڊ ماڻهو ته صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن پر شمشير اسان جي وچ ۾ رهندي به اسان لاءِ اوپرو رهيو ۽ هو زندگي جون گهڙيون ڳڻي خاموش ٿي ويو.

هو سنڌ جي سونهن جا سپنا کڻي هي سنسار ڇڏي هليو ويو پر ڏات ۾ جيڪا لاٽ ٻاري ويو، تنهن ڪيئي ڪهڪشائون روشن ڪري ڇڏيون. هن مفلسي سان به جهيڙيو ته تنگدستي سان به مقابلو ڪيو، ويساهه گهاتين، المين جا منظر به اکين سان ڏٺا، پر تر جيترو به پوئتي نه هٽيو، اها سندس ارڏائي هئي، جنهن سندس ڏات کي ئي انوکو بڻائي ڇڏيو. ورهاڱي جي وڍ ۾ ڌرتي ڌڻين جي لڏپلاڻ هن اکين سان ڏٺي پر جهڙي ريت ويجهڙائي ۾ ٿيندڙ بدامني لاقانونيت جي باهه اصل ڌرتي ڌڻي کي ساڙي وڌو آهي، تنهنجو سيڪ ڪير محسوس ڪري يا نه پر سنڌي هندو ڌرتي ڌڪاڻا بنجي جهڙي ريت پنهنجا اجها ڇڏي جلاوطن ٿيندا پيا وڃن، تڏهن سندن لڙڪن سنڌ کي رئاڙي ڇڏيو آهي. لڙڪن جي سمنڊ ۾ ٻڏندڙ هنن ماڻهن جي هڪ هڪ ڳوڙهي جو درد صدين جي اتهاس جي ڏک کان گهرو آهي پر اسين ماڻهو جيڪي بيحسين جا بادشاهه بنجي ويا آهيون، تن کي تنگ نظري جي ڪٽ به کائي وئي آهي. تيزي سان اقليت ۾ تبديل ٿيندڙ سنڌي قوم کي خوش فهمين جو ڪوبه ڪوٽ بچائي نه سگهندو. هاڻي ته شمشير به هليو ويو. ڌرتي ڌڻين جي ڏک کي ڪير سميٽي ۽ اسان وٽ اقتداري ايوانن جا مسند نشين ذوالفقار آباد جي ماڊل جي چمڪندڙ قلعي کان ته ايڏا مرغوب ٿي ويا آهن، جو باقي سنڌ ته کين نظر ئي نه ٿي اچي. هٿ ٺوڪين سورمن جا اخبارن ۾ روزانو اڌ پيج جا اشتهار ڏسي اندر کامندو رهي ٿو پر هي دوست اقتدار جي جنون کان جان ڇڏائي سنڌ جي اجڙيل ڌرتي کي سنڀالڻ لاءِ تيار نه آهن. حالتن جي جبر جا اسين ستايل ماڻهو بک، ڏک، بدحالي جو گهر بنجي ويا آهيون. هنن حالتن کي ڏسي منهنجو ڀرم ٽٽي پيو آهي. مون شدت سان محسوس ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته آئون بيوس آهيان. ڪجھه به منهنجي هٿ ۾ نه آهي. لوڪ کي اها خبر ناهي ته شمشير جي وڇوڙي تي منهنجو جهول سندس جدائي جي غم ۾ ڳوڙهن سان ڀرجي ويو آهي. آئون پنهنجي غم کي ڪيئن شيئر ڪيان. رات جڏهن آڪاش تي ترندڙ اڇي بادل تي منهنجي نظر پئي هئي، تڏهن سوچن جا ڪئين سلسلا وڻ ويڙهي جيان اڻ پوري وجود کي وڪوڙي ويا هئا. تارن سان ٽاڪيل رات ۾ سانوڻ مند جو ڪڪر هوا جي لهرن تي اڏامندو پئي ويو. منهنجي اداس دل جيان تنها، ويڳاڻو محسوس ٿيو. هو به منهنجي من جيان اڻ ٿانيڪو ٿي اکين کان اوجهل ٿي ويو. پنهنجي پٺيان سوچن جا ڪئين سلسلا جوڙي الوپ ٿي ويو. زندگي ۾ ڪي ڪي ماڻهو گمنامي جي باوجود پنهنجي ڇاپ ڇڏي هليا ويندا آهن.

اهڙو ئي هو نواب شاهه جو عبدالمالڪ، جنهن کي امر جليل پنهنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب ۾ امر ڪري ڇڏيو، هو پنهنجي ڇاپ قمر شهباز، شمشيرالحيدري ۽ گل محمد چنه تي ڇڏي ويو، جن سندس ياد ۾ ”ادا“ نالي رسالو ڪڍيو هو، ڇاڪاڻ ته نوابشاهه جا ماڻهو عبدالمالڪ کي ادا چوندا هئا. هو ڦوهه جواني ۾ 18 سالن جي ڄمار ۾ ڪنهن ٽڙيل گلاب جو گل پٽڻ جيان زندگي جي ڌارا کان ڌار ٿي ويو. مون کيس ڪڏهن به نه ڏٺو پر اڄ به هفتي ۾ ٻه ڀيرا سڪون هوٽل کان سڌو روڊ ڏيئي ايڇ ايم خواجه گارڊن کان ٿيندو ڏاکڻئين پاسي پي ايم سي اسپتال وارو روڊ ڏئي موٽندو آهيان. تڏهن ”لطيف هال“ تي نظر پوندي ماضي ۾ ٽٻي هڻي تصورن جي سنسار ۾ گم ٿي ويندو آهيان. مون کي محسوس ٿيندو آهي، امر جليل، شمشيرالحيدري، گل محمد چنه ۽ عبدالمالڪ اتي ئي ويٺا آهن، منهنجي ڄمڻ کان به اڳ انهن عظيم انسانن هن ئي هال ۾ زندگي جا انيڪ پل گڏ گذاريا هئا. هو ته هن شهر جون فضائون ڇڏي زندگي جي ڪن ۾ ڪک پن جيان ٽڙي پکڙي ويا پر هو پنهنجي سڳنڌ هنن ئي هوائن ۾ ڇڏي ويا.

سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاهه طرفان هڪ ادبي پروگرام جي ڪوٺ شمشيرالحيدري کي ڏني وئي. مقرر وقت ۽ ڏينهن تي اچي پروگرام ۾ پهتو. پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ رائل هوٽل ۾ چانهه پيئڻ وياسين. ساڻس ڪچهري ڪئي سين. پنهنجي وچ ۾ ايڏي عظيم شخصيت کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿياسين. هن ڪچهري ۾ سنڌ جي تاريخ تي اسان کي ڀرپور ڄاڻ ڏني. ساڻس ٿيل يادگار ڪچهري منهنجي اندر جو سوجهرو بنجي ويئي. شمشير نوابشاهه جي ساروڻين کي به ساريو، منجهس نه وڏائي، نه غرور، واپسي ۾ کيس شاليمار ڪوچ ۾ روانو ڪيوسين. اڄ سندس ٻول ڪنن ۾ ٻرن پيا پر هاڻي هن جي ساهه جو پکي هن دنيا مان اڏامي هليو ويو آهي. اسين اتي ئي بيٺا آهيون. اسين ماڻهو طبقن ۾ ورهايل بدبخت معاشري ۾ زندگي جو قيد ڪاٽڻ تي مجبور آهيون. رنج، غم الم واريون حالتون اسان کي ورثي ۾ مليون اسان جي زندگي جا سونهان اهي درد آهن، جن کي ڏسي نه سگهبو آهي. ڪنهن سائبان جي تلاش ۾ عمر جا ڪيترا ورهيه زندگي جي نٽهڻ ۾ گذري ويا آهن. اڱڻ تي ڪئين خزائون آيون ويون آهن پر دل جي آتشڪدي ۾ ڇانوري جي تلاش جاري رهي ٿي. زندگي نه کٽندڙ سفر بنجي ويو آهي. من جي وشال اڱڻ تي درد ڏک جون ڪئين ڪائناتون آباد ٿي ويون آهن. احساسن ۽ تصورن جي ڀيانڪ ۽ اونداهي جهنگ ۾ ڀٽڪندي هي زندگي گمنامي ۾ گذري وئي آهي. جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ ٻين جاين تان ڌرتي ڌڻين جي جلاوطني تي جيترا ڳوڙها اکين مان ڳڙيا آهن، شمشير جي وڇوڙي تي به ايترو ئي رنو آهيان. وجود جي بي مقصديت جو مفهوم سمجهڻ ۾ نه اچڻ جي باوجود خبر ناهي ڇو آئون شمشير جي وڇوڙي تي ايترو دکي ٿيو آهيان. مون جهڙن ماڻهن لاءِ زندگي جو وهنوار بي معنيٰ، بي رونق ۽ بيزار ڪندڙ ٿي پوندو آهي، جو ڪل ئي نه پوندي آهي. شايد تاريخ اسان کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. ”اڄ کان ٻه هزار ست سؤ سال پهرين جڏهن سڪندر سنڌ تي حملو ڪيو هو، ان وقت سنڌ جا مور ڏسي حيران ٿيو، ان مور پڪڙائي پنهنجي ماءُ ڏانهن تحفو موڪليا، سندس ماءُ مور پکي ڏسي حيران ٿي ۽ چوڻ لڳي. جنهن ديس جا پکي اهڙا سهڻا آهن ته ان ملڪ جا ماڻهو ڪيڏا نه خوبصورت هوندا“. مون 27 مئي تي پنهنجي ڪالم ۾ مورن جي ٽهوڪن جي خاموش ٿيڻ جو ذڪر ڪيو هو، پر جڏهن سنڌ ۾ ”راڻي کيت“ نالي بيماري مورن ۾ لابارو وجھي ڇڏيو آهي، تڏهن به اسين غفلت ۾ غرق لڳا پيا آهيون، سرڪار جي ذميواري مور بچائڻ ڪونهي. فطرت جي سونهن جا ڌڻي اسين خود آهيون. اسان مورن کي بچائڻ لاءِ ڪجھه نه ڪيو ته دنيا جي هن خوبصورت پکي جو نسل سنڌ مان ختم ٿي ويندو. مورن ۾ بيماري جا سبب ته سڀني کي ساريا پيا آهن، صرف غفلت جي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻو آهي. هاڻي ته اسان جي مرده ضمير کي زنده ڪندڙ به ڪوچ ڪندا وڃن. شمشير ته ويو. باقي ڪسمپرسي جي حالت ۾ جيئندڙ ڏات ڌڻين لاءِ اسان کا ڇا ڪرڻو آهي، ان لاءِ سوچڻ جو وقت اڄ آهي، سڀاڻي نه!! اڄ اها تاريخ آهي، جڏهن انگريزن 1839ع ۾ ديبل ۽ ڪراچي تي حملو ڪري قبضو ڪيو هو، ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ائين نڪتا هئا، جيئن سنڌ مان هندو سنڌي پنهنجا سامان کڻي ريل گاڏين ۾ روانا ٿي سنڌ ڇڏيندا ٿا وڃن. هو هر اسٽيشن تي غم ۽ اداسي جا منظر ڇڏيندا ٿا وڃن. ڪاش اسان کي خبر پئجي سگهي ته سنڌي قوم پنهنجو ڪيڏو نقصان اکين آڏو ڏسي رهي آهي. بي ترتيب خيالن جي مٺ ۾ ڀڪوڙيل ڀري اوهان آڏو اڇلائي اٿم. تڏهن ان ۾ توهان لاءِ ڪجھه نه آندو اٿم. زندگي جي رڻ ۾ ڀٽڪندي جيڪي ورهيه وڃايا اٿم، هي ان بي ترتيب سفر جي اڌوري ڪٿا آهي. هي ٽٽل خوابن جو عڪس آهي، بي رونق راتين، اداس شامن جا اڌورا احوال آهن. روح کي فنا ڪندڙ المين جا داستان آهن، هڪ دل جي اڪيلائي جي اپٽار آهي.

”هلالِ پاڪستان“

آچر 12 آگسٽ 2012ع

 

شمشيرالحيدري

امڙ جي ياد

چونڊ نثري ٽڪرو

 

فقير جي ڄمار 6 سال هئي ته سندس امڙ وفات ڪري وئي، کيس ٽي بي ٿي پئي هئي تڏهن ٽي بي جو علاج ڪونه هو، لکين ماڻهو بي موت مري ويندا هئا. انهيءَ بيماريءَ جو ڀيانڪ پاسو اهو هو ته اها هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ کي وچڙي پوندي هئي. جيڪو ماڻهو ٽي بيءَ ۾ ورتل ماڻهوءَ سان گڏ رهي ساڻس کائي پيئي، سندس ٽهل ٽڪور ڪري ته اهو به وٺجي وڃي. تنهن ڪري حڪيم، ڊاڪٽر جهليندا هئا ته ٽي بي جي مريض جا ٿانوَ ٿپا، ڪپڙا، هنڌ بسترا ۽ ٻيون سڀ استعمال جون شيون ڌار ڪن ۽ ٻيو ڪير به انهن کي استعمال نه ڪري. خاص ڪري ٻارن کي انهن کان پري رکجي ڇو ته انهن کي هيءَ بيماري جلد وچڙي ٿي. فقير کي ياد آهي ته سندس امڙ کٽ تي بيمار پئي هئي هوءَ کيس مامتا وچان سڏيندي هئي، اشارا ڪندي هئي پر ٻيا گهر وارا فقير کي سندس ويجهو وڃڻ کان جهليندا هئا ۽ فقير پري وڃي روئيندو رهندو هو.

فقير وٽ امڙ جي هڪڙي نشاني آهي، فقير ڪو تمام ننڍڙو هو ۽ هوءَ نماز پڙهي فارغ ٿي ۽ پَن جي ٻيڙي دکائي پيئڻ لڳي ته فقير ڊوڙ پائي وڃي کيس ڀاڪر پاتو، دکندڙ ٻيڙي فقير جي هٿ تي ڏنڀ جيان لڳي پئي جنهن جو جهڪو نشان هيڏن سالن کان پوءِ به موجود آهي.

فقير جي يادگيرين ۾ اهو منظر چٽو آهي جنهن ۾ سندس امڙ کيس اشارن سان سڏي رهي آهي ۽ هو ڊپ وچان هڪ هنڌ ڄمي بيهي هن ڏانهن ڏسي رهيو آهي. اڄ ٽي بي جو علاج موجود آهي پر فقير جي امڙ گهڻو اڳ هلي وئي.

”روزاني عوامي آواز“

آچر 12.08.2012

انٽرويو

شمشيرالحيدري جو هفتيوار سنسار کي ڏنل يادگار انٽرويو

لوڪ شاعري اسان جي تهذيب، ثقافت،

مزاج ۽ ذهن جو هڪ چٽو پٽو اولڙو آهي

سنڌ جو برک شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار شمشيرالحيدري اڄ اسان سان موجود ناهي، هو هزارين چاهيندڙن کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي پر قدرت پاران کيس ڏنل ڏات ذريعي هو هميشه ياد رهندو، شمشيرالحيدري سان ڪجھه مهينا اڳ سنسار پاران ڪيل ڪچهري جو ڪجھه حصو توهان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيون ٿا.

سنسار: سائين شمشير صاحب! شروع ۾ اوهان کان هڪ روايتي قسم جو سوال پڇنداسين. علم ۽ ادب سان لاڳاپيل اڪثر دوست اوهان جي شخصيت ۽ ادبي ڪمن کان سونهان آهن، پر ٿي سگهي ٿو ته ڪافي دوست اوهان جي خانداني پس منظر ۽ اوهان جي تعليم بابت ڄاڻڻ چاهيندا هجن.

شمشيرالحيدري: منهنجو نانو حاجي غلام علي پنهنجي وقت جو وڏو تَونگر هيو، پاڻ ڪڇ، ڀڄ ۽ رحم ڪي بازار ۾ چمڙي جون وڏيون واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون هئائين. هو وڏو وقت رحم ڪي بازار ۾ رهيو هيو، رحم ڪي بازار هڪ تمام وڏو واپاري بندر هيو، جڏهن اُتي زوال آيو ۽ ڪاروباري سرگرميون جهڪيون ٿيون ته منهنجو نانو اتان لڏي پلاڻي اچي بدين ضلعي جي شهر ڪڍڻ ۾ آيو، ڪڍڻ هڪ تاريخي شهر آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين به چڱو موچارو ڪاروباري مرڪز آهي. اها ڳالهه ته ٿي منهنجي ناني جي. منهنجو ڏاڏو وري ٽنڊي باگي تعلقي جي ”ڪوڇاهين“ نالي شهر ۾ رهندو هيو، اهو اسماعيلي خواجن جو شهر هيو ۽ اڃا تائين به اتي اسماعيلي خواجا آباد آهن. ڏاڏو وري اتان هجرت ڪري بدين شهر ۾ اچي ويٺو، اهڙيءَ طرح بدين منهنجو ڏاڏاڻو شهر ٿيو. اسان وٽ سنڌ ۾ اهو عام رواج آهي ته والدين پنهنجي ڌيءُ کي پنهنجي گهر ۾ ويم ڪرائيندا آهن، تنهن ڪري منهنجي امان کي به سندس والدين بدين مان ڪڍڻ وٺي آيا، جتي مان پيدا ٿيس، يعني منهنجي پيدائش جو شهر ڪڍڻ آهي. باقي مون گهڻو وقت ڪڍڻ کان ٻاهر ئي گذاريو آهي. منهنجو نانو جڏهن ڪڍڻ کان نندي شهر ۾ لڏي آيو ته منهنجو ٻالڪپڻ ان شهر ۾ گذريو، منهنجي ناني نندي شهر ۾ زمينون خريد ڪيون. پاڻ سکيو ماڻهو هيو، وٽس اٺ به هئا، گهوڙا گڏهه به هئا ۽ مال ڍڳو پڻ جام هيو، اهڙيءَ طرح منهنجو ننڍپڻ به اهڙي ئي ٻهراڙيءَ واري ماحول ۾ گذريو، ننڍپڻ ۾ ٻني ٻاري جو ڪم ڪار ڪرڻ ۽ اٺن گهوڙن تي چڙهڻ جو شغل ڏاڍو رهيو.

مان اٺ گاڏو به هلائي ويندو هيس، گهوڙن کي وهنجاري به ويندو هيس. مان وڏ ڀرو ٿيس ته مون کي بدين شهر جي هڪ سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ ويهاريو ويو. ان وقت اسان بدين شهر جي غريب آباد پاڙي ۾ رهندا هئاسين. سنڌ جو نالي وارو شاعر ۽ ڏاهو شخص مولوي حاجي احمد ملاح ان ئي پاڙي ۾ رهندو هيو، پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ کان اڳ مون کي مولوي حاجي احمد ملاح جي مدرسي ۾ ويهاريو ويو. مان اتي قرآن پاڪ پڙهيو ۽ ديني تعليم پڻ پرائي. اسڪول ۾ خوشخطيءَ تي گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هيو، ڪاٺ جي پٽيءَ تي بار بار ميٽ هڻائي ڪانهن جي ڪلڪ سان ڪاري يا نيري مس سان اکر لکرايا ويندا هئا. تنهن ڪري اکر ڏاڍا سهڻا ٿيندا هئا. هاڻي ته اهو رواج ئي ڪونهي. شروع ۾ ئي ٻار بال پين کڻن ٿا، تنهن ڪري اکر به مزي جا ڪونهن. پرائمريءَ کان پوءِ وري مان انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيس جتي چار درجا انگريزيءَ جا پڙهيس. منهنجو مامو نظير حسين حيدري ۽ ٻيو منهنجي ناني جو سؤٽ، جنهن کي اسان نانو ئي چوندا هئاسين، سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پڙهيا هئا. تنهن ڪري مون کي سنڌ مدرسي موڪليائين.

سنسار: پر توهان ته سنڌ مدرسي ۾ پنهنجي تعليم جاري نه رکي سگهيا. ان جا ڇا ڪارڻ هئا؟ اوهان پاڻ سنڌ مدرسو ڇڏي ويا يا اوهان کان ڇڏرايو ويو؟

شمشيرالحيدري: مان چار درجا انگريزيءَ جا بدين ۾ پڙهي سنڌ مدرسي ۾ آيو هوس. ميٽرڪ ۾ ئي هوس ته مون کي سنڌ مدرسي مان ڪڍيو ويو، اهڙيءَ طرح مان ميٽرڪ نه ڪري سگهيس. ڳالهه اها آهي ته منهنجو مامو ڪامريڊ نظير حسين حيدري انقلابي طبيعت جو ماڻهو هيو. سندس شخصيت جو مون تي تمام گهڻو اثر هيو، پاڻ سٺو اديب به هيو، شاعر به هيو، خطيب به هيو، قومي اڳواڻ به هيو، سياسي اڳواڻ به هيو، جيل ۾ به ويو هيو. پاڻ مسلم ليگ ۾ شامل هيو، ان وقت ٻي ڪابه سياسي پارٽي ڪونه هئي. پاڪستان جي تحريڪ زورن تي هئي. مامي واري تحريڪي ۽ انقلابي طبيعت جو مون تي به اثر پئجي ويو. مون جڏهن اسڪول ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ ورتو ته اسڪول جو هندو هيڊماستر ريمارڪس وارن سڀني خانن ۾ Very Good لکيو، صرف هڪ خاني ۾ Goodلکيائين. سندس نالو هيرانند ڪرم چند هيو، ڏاڍو ذهين ۽ مثالي استاد هيو، هاڻي ٿو قدر پئي انهن املهه انسانن جو، سو هڪ جاءِ تي رڳو Good ڏسي مون کي به خار لڳي وئي ۽ سرٽيفڪيٽ ڦاڙي سندس ٽيبل تي اڇلائي گهر هليو آيس. ان ئي اسڪول ۾ بابي جو هڪ دوست عبدالجبار صاحب استاد هيو بابي جي چوڻ تي هن هيڊماستر کان ٻيو سرٽيفڪيٽ ٺهرائي ڏنو ۽ پوءِ مان سنڌ مدرسي هليو آيس. تحريڪي ذهن ڳوٺان کڻي آيو هوس. مدرسي ۾ هڪ هال يا آڊيٽوريم هوندو هيو. شام جو اتي ڇوڪرن کي گڏ ڪري ليڪچر ڏيندو هوس. اهي ليڪچر اڪثر اسڪول انتطاميه خلاف هوندا هئا. ڪڏهن کين ڀڙڪائيندو هيس ته هتي ماني سٺي ڪانهي، پڙهائي سٺي ڪانهي، صفائي سٺي ڪانهي. مطلب ته ڇوڪرن جي چڱي خاصي Brain-washing…… ڪري ورتم. ان دؤران مون کي مدي جو بخار ٿي پيو ۽ مان موڪل وٺي ڳوٺ هليو آيس. مهينو ڏيڍ بخار ۾ مبتلا رهيس. پويان ڇوڪرن هڙتال ڪئي ۽ اسڪول بند ڪرايائون. اسڪول جو پرنسپال ڪي آر ٿامس هيو، ڇا ته اصول پرست شخص هيو! هو ڇوڪرن کي سمجهائڻ هاسٽل تي آيو، پر کيس ڌڪا ڏئي اتان ڪڍيو ويو، گذدر صاحب ۽ آفندي صاحب به ڇوڪرن کي ڏاڍو سمجهايو پر ٻاڪرا ڦر مڙيا ئي ڪونه. هل هنگامو ڪري ڀنڀور کي باهه ڏئي ڇڏيائون. نيٺ هڙتال ختم ٿي. مان موٽي آيس ته پرنسپال مون کي هڪدم پاڻ وٽ گهرايو ۽ چيو ته اسان انڪوائري ڪئي آهي ۽ خبر پئي آهي ته ان گوڙ گهمسان پويان تنهنجي رٿابندي آهي. تنهن ڪري توکي اسڪول مان ڪڍيو ٿو وڃي. ميڙيون منٿون ڏاڍيون ڪيوسين، پر هڪ به ڪونه هلي. هو ڏاڍو ڪڙڪ ۽ اصول پسند انسان هيو، ڪابه رعايت ڪونه ڏنائين، ان وقت هڙتالن جي ڪابه روايت ڪونه هئي، تنهن ڪري پرنسپال لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڏاڍو ڏکيو ۽ برداشت کان ٻاهر هيو، اهڙيءَ طرح مون کان سنڌ مدرسو ڇڏرايو ويو، ان کان پوءِ ٽي مهينا اين جي وي اسڪول ۾ پڙهيس. اتي سرٽيفڪيٽ ڪونه ڏئي سگهيس، سو اُتان به ڪڍيو ويو، پوءِ وري حيدرآباد ۾ نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ آيس. اتان به جواب مليو، چيائون ته توکي ته اسڪول جو سرٽيفڪيٽ ئي ڪونهي. داخلا ڪيئن ڏينداسين؟ ائين ڌڪا ٿاٻا کائيندي سال پورو ٿي ويو، مون کي جيئن ته سنڌ مدرسي مان هڪ سال لاءِ ڪڍيو ويو هو، تنهن ڪري هڪ سال گذرڻ کان پوءِ مون کي سرٽيفڪيٽ ملي ويو، سرٽيفڪيٽ وٺي سڌو ٽنڊي باگي جي تاريخي اسڪول ”مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول“ هليو آيس. اتي آزمائشي امتحان ڏنم ۽ ستاويهن ڇوڪرن ۾ ٽاپ ڪيم. هوشيار ته ننڍي هوندي کان ئي هيس. اهو امتحان پاس ڪيم ۽ پوءِ مون کي ميٽرڪ ۾ ويهاريو ويو، اڪثر ڪري نمونيا ۽ ڪجھه ٻين بيمارين جي ڪري مان چڱيءَ طرح پڙهي نه سگهيس ۽ ميٽرڪ جي امتحان ۾ پاس نه ٿي سگهيس. هڪ پيپر دؤران مون کي نمونيا ٿي پئي ۽ پوءِ مون کي ڳوٺ پهچايو ويو، پوءِ وري مون سپليمينٽري امتحان ڏنو، پر فيل ٿي پيس. نيٺ بابي چيو ته هاڻي توکان پڙهائي ڪونه ٿيندي. ڪا نوڪري ڪري ۽ شادي ڪري گهر آباد ڪر، مون ائين ئي ڪيو، پوءِ وري 1954ع ۾ مان حيدرآباد هليو آيس. جتي منهنجي ويجهڙائپ محمد عثمان ڏيپلائيءَ سان ٿي. پاڻ ڏاڍو جاکوڙي، انقلابي سوچ رکندڙ ۽ محب وطن انسان هيو. هڪ ڀيري ڳالهيون ڪندي چيائين ته علم پرائڻ جي ڪابه عمر ڪانهي. بهتر آهي ته اوريئينٽل ڪاليج مان اديب سنڌي جو امتحان ڏجي. ان ڪاليج جو پرنسپال مخدوم امير احمد هيو. پاڻ وڏو عالم ۽ داناءُ شخص هيو، ساڻس ملياسين ۽ پوءِ وري اديب سنڌيءَ جو امتحان ڏنوسين. ڏيپلائي صاحب انگريزي پڙهيل ڪونه هيو، پر مون کي ته انگريزي ايندي هئي. سو اديب سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ جو پرچو به ڏنم ۽ اهڙيءَ طرح مون کي ميٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو، اتان ئي مون ٻارنهن درجا پاس ڪري ورتا. انٽر ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا مون کي صلاح ڏني ته يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺ ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪر. مان داخلا ورتي، بي اي آنرس ڪيم ۽ پوءِ وري ايم اي ڪري ورتم. لا ۾ پڻ داخلا ورتي هيم. پهريون سال به ڏنو هيم پر پوءِ وفاقي حڪومت جي ماهوار رسالي ”نئين زندگيءَ“ ۾ نوڪري ملي وڃڻ ڪري ڪراچيءَ هليو آيس ۽ پوءِ لا نه ڪري سگهيس. اهو آهي منهنجو تعليمي ڪيريئر.

سنسار: توهان هڪ ڊگهو تخليقي سفر طئي ڪيو آهي. ان سموري سفر ۾ اوهان ڇا جي ڳولا ڪئي آهي؟ توهان جي تخليقي ڳولا جا رخ ڇا رهيا آهن؟ ڇا Objective رهيو آهي توهان جو؟ ڇا ڏيڻ چاهيو آهي توهان پنهنجي تخليقن ذريعي؟

شمشيرالحيدري: مان ته ائين ٿو محسوس ڪريان ته ڄن مان ته هڪ ڀٽڪيل ماڻهو آهيان. مان اڪثر انٽرويوز ۾ اهو چيو آهي ته مان ته شاعر به ڪونه آهيان. اوهان چيو ته منهنجي سڃاڻپ شاعري آهي، پر مان پاڻ کي ڪڏهن به شاعر نه سمجهيو آهي. منهنجو مطالعو وسيع رهيو ۽ ورهين جا ورهيه ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگيءَ“ جي ادارت مون وٽ رهي ته شاعري، افسانا، تحقيق ۽ ٻيون کوڙ ساريون تخليقي شيون منهنجي هٿن مان گذريون، تنهن ڪري مون کي به لکڻ پڙهڻ جي رمز ۽ اٽڪل اچي وئي ۽ نثر ۽ نظم لکڻ جي سگهه ۽ صلاحيت اچي وئي. نثر هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا هر ماڻهو ڪجھه نه ڪجھه لکي ٿو سگهي.

شاعري اصل ۾ پيغمبري درجو آهي، جيڪو شاعر کي نصيب ٿو ٿئي. مان پاڻ کي ان درجي تي فائز ٿيلن ۾ شمار نه ٿو ڪريان. شاعر ڪائنات جي رازن سان گڏ انسان جي نفسيات کي پڻ سمجهندو آهي. بس! مون کي شاعري ڪرڻ جو هڪ ڏانءُ اچي ويو آهي ۽ ڪجھه وزن بحر جا چڪر سمجهه ۾ اچي ويا آهن باقي مون ڪجھه ڏنو ڪونهي. مان ڀٽڪيل رهيو آهيان، تنهنڪري مون آڏو ڪوبه مقصد ڪونه رهيو آهي. شاعريءَ جهڙي ڪا شيءِ مون ڏني آهي، پر اها شاعري ڪونه چئبي.

سنسار: سائين! اها ته توهان جي ڪسر نفسي چئبي. انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته“Diamond never says itself diamond” جيڪي سنڌي ادب جا پارکو ۽ نقاد آهن، سي شاعريءَ جي حوالي سان اوهان کي نهايت مٿانهون رتبو ڏين ٿا، خاص ڪري جديد شاعريءَ جي حوالي سان. توهان انهن جي راءِ کي رد ته نه ٿا ڪري سگهو نه؟

شمشيرالحيدري: ٽي ايس ايليٽ چيو آهي ته: جيڪڏهن ڪوبه شاعر جيڪو پنهنجي وقت ۾ اهڙي شيءِ ڏئي ويو آهي جيڪا ماڻهن کي پسند اچي ٿي ته پوءِ ان جي معنيٰ آهي ته اهو هڪ ”هالو چالو شيءِ“ ڏئي ويو آهي ۽ جيڪي سٺا شاعر آهن سي اهڙي شيءِ ڏيندا آهن جنهن کي پڙهندڙ گهٽ هوندا. زمانو ۽ زندگي لاڳيتو اڳتي وڌندو رهي ٿو. ايندڙ زماني ۾ مٿڀري ذهن جا ماڻهو ايندا رهندا ۽ اهي وڌيڪ تخليقي ذهن رکندڙ هوندا. اسان وٽ اها ڳالهه هلي پئي ته فلاڻو عوامي شاعر آهي، انقلابي شاعر آهي، مهان شاعر آهي، اهي اسان جا پنهنجا لقب ڏنل آهن. بس، اهو پنهنجي دل ۽ ٻين جي دل خوش ڪرڻ لاءِ ڪريون پيا. زماني جو جيڪو وهڪرو آهي، تنهن جي حساب سان برابر اهي عوامي، انقلابي ۽ مهان شاعر آهن، پر تاريخ ڪنهن کي پنهنجي ورقن ۾ جاءِ ڏيندي يا نه ڏيندي، سا هڪ ٻي ڳالهه آهي. تنهن ڪري ٽي ايس ايليٽ جي ان راءِ سان اسان کي سهمت ٿيڻ کپي. اسان جي ڪم جي ننڍي وڏي، معياري ۽ غير معياري هجڻ جو فيصلو ايندڙ وقت ڪندو، اسان ڪنهن لاءِ ڪجھه به نه ٿا چئي سگهون.

سنسار: سائين شمشير صاحب! اوهان ان ڳالهه کي ٿورو چٽو ڪندا ته آخر مستقبل ئي ڪنهن جي مقام ۽ مرتبي جو تعين ڇو ڪري؟ حال ۾ ان جو تعين ڇو نه ٿيڻ کپي؟

شمشيرالحيدري: ڪنهن جي علمي قد ڪاٺ جو تعين ڀلي حال ۾ ڪري ڇڏجي، پر جيڪڏهن مستقبل ان کي رد ڪري ڇڏيندو ته پوءِ اوهان ڇا ڪندا؟ مستقبل ته اوهان جي هٿ وس ۾ ناهي نه؟ مستقبل جي ماڻهن جي ذهنيت اسان کان مٿي هوندي، ان ۾ اسان ۽ توهان جو ڪو ڏوهه ته ڪونهي نه؟

سنسار: هاڻي توهان جي شاعريءَ طرف ٿا اچون، توهان شاعريءَ جي شروعات آزاد نظم سان ڪئي هئي؟ توهان پنهنجي ايم اي (سنڌي ادب) جو مونوگراف به آزاد شاعري بابت لکيو آهي؟

شمشيرالحيدري: مان پنهنجي شاعريءَ جي شروعات آزاد نظم سان نه ڪئي هئي. شروع ۾ مون ڪجهه ٻاراڻا نظم سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرايا هئا. اهي نظم پابند هئا يعني اها پابند شاعري هئي. پوءِ وري مون غزل لکيا. آزاد نظم مون پهريون ڀيرو ان وقت لکيو جڏهن مان حيدرآباد آيس. ٽه ماهي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر طور مهراڻ جي ڪنهن پرچي ۾ سائين ع. ق شيخ هڪ آزاد نظم لکيو، پر اهو حقيقت ۾ نثري نظم هيو، ع. ق شيخ جو اهو نثري نظم پڙهڻ کان پوءِ لڳو ته اهو ته آزاد نظم ناهي. مون آزاد نظم جو اونهو مطالعو ڪيو هو، تنهن ڪري سوچيم ته معاملي کي ڪجهه چٽو ڪجي. سو مون آزاد نظم جي ٽيڪنڪ تي لکيو ۽ ٻڌايم ته آزاد نظم هيئن لکبو آهي. اهڙيءَ طرح مون آزاد نظم لکڻ شروع ڪيا. ان وقت نام نهاد ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر جو ٽڪراءُ هليو پئي. ساڄي ڌر وارن اها فتويٰ ڏني ته آزاد نظم لکڻ ڪفر آهي. مون کي حيرت ٿي ۽ مان کيسن چيو ته ڪابه تخليقي صنف ته ڪافر نه ٿي ٿي سگهي. جيڪڏهن آزاد نظم لکڻ ڪفر آهي ته پوءِ غزل لکڻ به ڪفر آهي ڇو ته غزل ۾ به ڪفر جي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. انهن معاملن کي چٽو ڪرڻ لاءِ مان آزاد نظم تي مونوگراف لکيو.

سنسار: توهان جي خيال ۾ هاڻوڪي دؤر ۾ سنڌي شاعريءَ ۽ ادب جي اُفق تي ڪي تبديليون آيون آهن، معيار ۽ مزاج جي لحاظ کان؟

شمشيرالحيدري: منهنجي خيال ۾ ته ڪي به تبديليون ڪونه آيون آهن. تبديليءَ لاءِ پليٽ فارمز هوندا آهن، جيڪي هن وقت ڪونه آهن. ڪو دؤر هيو جڏهن مهراڻ، سهڻي، آرسي، سوجهرو ۽ روح رهاڻ باقاعدگيءَ سان نڪرندا هئا. هن وقت هر شاعر ۽ ليکڪ جو پنهنجو رخ آهي. اهي سڀ ٽڙيل پکڙيل آهن. شاعري جيڪا نه پر نعري بازي آهي. شاهه لطيفرح پنهنجي شاعريءَ ۾ رڳو هڪ ڀيرو لفظ ”سنڌ“ ڪتب آندو آهي. يعني ”سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ سڄي رسالي ۾ اوهان کي ”سنڌ“ لفظ هڪ ڀيرو ئي ملندو، سنڌ جو نالو وٺي يا لکي اهو چوڻ ته مان قومي شاعري ٿو ڪريان ته اهو مناسب ناهي. قومي شاعريءَ کان پوءِ ٻي شاعري آهي، عشقيه شاعري، اها نهايت غير معياري ۽ بازاري قسم جي شاعري آهي. معياري عشقيه شاعري ته اسان وٽ آهي ڪونه.

شاعريءَ ۾ ڪا گهرائي ڪونهي. عشقيه شاعريءَ ۾ ته رمزيت هوندي آهي، شاعريءَ جو بنيادي نڪتو ئي رمزيت آهي. بنيادي نڪتو نه هوندو ته پوءِ معيار ڪونه هوندو، پوءِ به اسان جي شاعرن کي جس آهي جو مڙيو ئي ڀرتي ڪيو ويٺا آهن. ڪي شاعر اميد آهي ته چڱا به نڪرندا.

سنسار: اوهان ائين چوڻ چاهيو ٿا ته سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جو جيڪو هاڻوڪو دؤر آهي يا جيڪو ڪجھه اڄڪلهه لکيو پيو وڃي، سو سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي پوري روايت کيContinue نه ٿو ڪري. ڪو دؤر هو جڏهن ادب ۽ شاعريءَ ۾ سگهه هئي ۽ هاڻي ان جي سطح هيٺ ڪري پئي آهي؟

شمشيرالحيدري: مان هميشه نوجوان شاعرن کي چوندو آهيان ته ڪابه شاعري يا لکت جيڪڏهن هوا ۾ پيدا ٿيندي ته پوءِ هو ا۾ ئي اڏامي ويندي. ان کي نه ڪو جٽاءُ هوندو آهي ۽ نه ئي ان جي ڪا اهميت هوندي آهي. شاعريءَ جا ڪي بنياد هجڻ گهرجن. کين چوندو آهيان ته پهرين مطالعو ڪريو اسان جي لوڪ شاعريءَ جو، بنياد اسان جو اهو آهي. اياز هجي، امداد هجي، يا مان هجان. اسان سڀ مصلحت يا ڪوڙ کان ڪم وٺي سگهون ٿا، پر لوڪ شاعري ڪوڙ نه هوندي آهي. اها سچي شاعري هوندي آهي. اسان ڀلي لوڪ شاعريءَ کي گهٽ اهميت ڏيون، پر حقيقت اها آهي ته لوڪ شاعري اسان جي تهذيب، ثقافت، مزاج ۽ ذهن جو هڪ چٽو پٽو اولڙو آهي. ان شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو ذخيرو هوندو آهي، تنهن ڪري ٻوليءَ جو ذخيري مان لاڀ پرائڻ ۽ ان جي روايت کي برقرار رکڻ لاءِ ان جو اڀياس ڪرڻ ضروري آهي. اسان جون قومي حقيقتون ان ۾ سمايل آهن، تنهن ڪري پنهنجو هاڻوڪي شاعريءَ کي لوڪ شاعريءَ جي روايت سان ڳنڍڻ اڻٽر آهي. ان کان پوءِ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو مطالعو ڪجي. ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ اسان جا سمورا صوفي سٿ جا شاعر اچي وڃن ٿا. جمعيت شعراءِ واري روايتي شاعري به ڀڙ هجي ڇو ته اسان ان تجربي مان پڻ لنگهي آيا آهيون. پوءِ وري جديد شاعري کي پڙهيو وڃي. مهراڻ جي اوائلي دؤر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي عروج واري دؤر جي شاعريءَ کي پڙهيو وڃي. اهڙيءَ طرح شاعريءَ جا بنياد ملندا. جيڪڏهن نوجوانن جو مطالعو ۽ مشاهدو ناهي ته پوءِ اها شاعري، شاعري نه پر ڪا ٻي کچڻي هوندي.

سنسار: ڪنهن نقاد چيو آهي ته نوجوان نسل جي شاعري سڪل سڙيل پنن وانگر آهي، جنهن مان رڳو مستقبل لاءِ ڀاڻ ئي ٺهي سگهي ٿو، ته ڇا توهان جي خيال ۾ نئين شاعريءَ ۾ ڪي نوان گس، ڪا نئين منزل به آهي يا رڳو مستقبل لاءِ ڀاڻ ئي ٺهي پيو؟

شمشيرالحيدري: مون کي خبر ناهي ته اهي ڪهڙي نقاد سڳوري جي راءِ آهي. بهرحال، مان ان سان سهمت ناهيان، ڇاڪاڻ ته اسان کي جيڪي اميدون آهن نوجوانن مان، سي ماضيءَ وارن کي به اسان منجهان هيون. جيڪڏهن اڄ اسان نئين نسل مان ڪا اميد نه رکنداسين ته پوءِ معنيٰ انهن ماڻهن جي اسان مان اميد رکڻ به غلط هئي. تنهن ڪري اهڙي انداز ۾ نه سوچڻ گهرجي. جيڪڏهن هن وقت هزارين شاعر اسان وٽ آهن ته پوءِ انهن مان ئي ٻه چار ڇڻي ڇنڊ جي اڳتي ايندا، معنيٰ ته اسان جي سنڌيءَ شاعريءَ جو سلسلو هلي ٿو پيو، سموري شاعري ڀاڻ ٿورو ئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org