سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: شمشير الحيدري (شخصيت ۽ فن)

باب:

صفحو:15 

شوڪت لوهار

ماڻهو ميگهه ملهار

انسان جو ذي شعور هُجڻ ان کي هن وشال ڪائنات ۾ ٻين سڀني ساهوارن لاءِ مختلف ڪري بيهارڻ لاءِ ڪافي آهي. انسان پنهنجي عقل سان ارتقا جا اهي ڏاڪا پار ڪيا آهن. جن لاءِ صرف سوچڻ ئي محو حيرت آهي. انسان پنهنجي عقل ۽ ڏاهپ سان فطرت جي ڪيترين شين کي پنهنجي قابو هيٺ ڪيو آهي.

عقل جا ڏاڪا چڙهندي هن آرٽ، فن، موسيقي ۽ ادب جا اهي معرڪا فتح ڪيا آهن. جيڪي فقط تصور ئي ٿي سگهيا پئي.

ادب انسان جي پنهنجي تاريخ جيان ئي قديم آهي. ادب، انسان جي ترجماني ڪرڻ جو اهم ذريعو آهي. ادب ذريعي انسان مختلف دؤرن ۾ پنهنجي زندگي، پنهنجي رهڻي ڪهڻي، پنهنجي ثقافت، تهذيب، تمدن، پنهنجن ريتن رسمن کي اظهار جو ذريعو پئي بنايو آهي. ادب ۾ شاعري جو تمام وڏو ۽ اعليٰ مقام آهي. شاعري، انساني تاريخ جيان ئي قديم آهي. شروع شروع ۾ انسان جي ادبي اظهار جو اهم ذريعو شاعري ئي هئي. شاعري جي اهڃاڻن لاءِ ويدڪ علم بعد ۾ رامائڻ نظم، جيڪو دنيا جو قديم ۽ طويل ترين مذهبي نظم آهي. جيڪو هڪ لک بندن تي مشتمل آهي.

يونان جو پهريون شاعر هومر، جيڪو نابين هو. ان جي ڪلاسيڪل تصنيف اوڊيسيOdessay کان ورجل رومن شاعر جي ڪمال جي اينيئڊ رزميه شاعري تائين ان کان پوءِ چاسر جي Canterbury tales تائين سڀ شاعري جي ذريعي تاريخ جا انمول گيت آهن. انگريزي سجاڳي دؤر ۾ ايڊمنڊ اسپينسر Edmond Spenser جي فيري ڪوئين Farie quine ۽ شيڪسپيئر جا لافاني ناٽڪ سڀ شاعريءَ جي ٻڪ ۾ کڙڪندڙ انساني جذبات جا سِڪا آهن.

انگريزي ادب ۾ شاعري جي بابي ۽ فطرت کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀريندڙ شاعر وليم ورڊس ورٿ جي زباني آئون شاعري لاءِ سندس الفاظ اُڌارا وٺندس ته:

“Spontanous over flow of powerful feelings recollected in tranquility is called Poetry”.

”جذبن جي بيتاب وهڪري کي شاعري چئبو آهي“.

يا، چلي جي شاعر پئبلو نرودا چواڻي:

“Poetry works likes refrigerator it does not let go language afresh”.

”شاعري، ٻولي لاءِ هڪ ٿڌي ٿانءُ مثل آهي، جيڪا ٻوليءَ کي ڪڏهن به بگڙڻ نٿي ڏيئي“.

مٿيان مثال شاعري جي عظمت ۽ اڏولتا سونهن ۽ سوڀيا، شائستگي ۽ فهميدگي کي بيان ڪن ٿا. شاعري نيل گگن تي چمڪندڙ چنڊ آهي. جنهن جي چانڊاڻ انسان کي زندگي جي گوناگونيت کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڪنهن خوبصورت نار جي سونهن ڏسي، ڪو پڳلو مَن جڏهن مچلي ٿو ته هُو پنهنجي جذبن کي ڪاغذ جي ڪئنواس تي پينٽ ڪري ٿو ۽ ائين حسن، جمال، جبر، ڏاڍ، مٽي جي سڳنڌ، وطن دوستي، عالم انسانيت جي غم خوشي لفظن جي مجسمي ۾ ڇلي ٺاهي، تراشي، جذبن جا رنگ ڀري ٿو ۽ هُو ڪوي ٿي پوي ٿو. سرجڻهار ٿي پوي ٿو. سنڌوجل جي ميٽوڙي پاڻي سان ڳوهيل موهن جي دڙي جي مٽي جي خمير مان ڪيئي اهڙا انمول ڏات ڌڻي هن ڏيهه جي پکي پيا آهن. جن جي ڏات صدين تائين هن قوم توڙي پوري عالم لاءِ سونهين رهي آهي. شاهه سائين، سچل، سامي، اُستاد ۽ اياز اهڙا لافاني ڪوي آهن. جن جي ڪوتائن پنهنجي دؤر جي تبديلي کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ سان گڏ ماضي ۽ مستقبل جي اونهاين سان آشڪار شبدن جي روپ ۾ سنڌي ٻولي جي لاءِ اهي ڪوٽ قلعا اڏيا آهن. جيڪي ايندڙ ڪيئي صدين تائين هن ٻولي جي هڙ ۾ ٻڌل اڻ کٽ هيرا ۽ موتي پيا ثابت ٿيندا. سنڌي ٻولي جي سونهن تهائين ڏاڍي سُندر ۽ من ڀاوڪ ٿي پيئي آهي، جو هنن ڏات ڌڻين، سهڻن سرجڻهارن پنهنجي ڏات جا ڏيئا روشن ڪيا آهن.

اسٽالن چيو آهي ته:

“The Writers are the engineers of the human souls”.

”اديب انسانن جي روحن جا انجنيئر آهن“.

اديب پنهنجي لکڻين جي ذريعي ماڻهو جو اندريون کول پنهنجي ڏات جي ترياق سان ڌويو صاف ڪريو ۽ نئون ڪري ڇڏين. ماڻهو جي سوچ جو رخ تبديل ڪريو ڇڏين. تاريخ شاهد آهي ته شاعر جي هڪ اڌ سِٽ قومن جي تقدير بدلائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

ننڍي کنڊ جي واحد لينن ايوارڊ يافته رومانوي ۽ انقلابي شاعر فيض جون مون کي سٽون ياد پيون اچن ته:

ے خاک نشینو! وہ وقت قریب آ پہنچا ہے،

جب تخت گرائے جائیں گے جب تاج اُچھالے جائیں گے۔

اب زندانوں کی خیر نہیں، بازو بھی بہت، سر بھی بہت،

کٹتے بھی چلو بڑھتے بھی چلو، چلتے بھی چلو،

چلتے بھی چلو کے اب ڈیرے منزل پے ڈالے جائیں گے۔

پر ڪي اکيون هُجن ڏسن، ڪي ڪن هُجن ٻُڌن. ڪي اهلِ دل، اهلِ قلم هُجن، جيڪي هنن قلم جي مزدورن کي مان ڏين. پر هتي سندن آجيان هميشه جيلن جي کولين ئي ڪئي آهي. قيد جي ڪال ڪوٺڙين ئي انهن کي ڀاڪر پاتو آهي. بک، مفلسي، ناداري، لاچاري، مجبوري جي انعامن ۽ اڪرامن ڳلن ۾ ڳراٽڙيون پاتيون آهن. تنهن هوندي به هي مانجهي مڙس مُڙڻ مهڻو سمجهي بُک ڏک ۾ ڪاهيندا هلن ۽ سنڌي ٻولي جي شمعن کي پنهنجي ڏات جو جلائون بخشيندا ٿا رهن.

هڪڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي ادب لاءِ پيدا ٿيندا آهن. جيئن اسپينسر جي ساراهه ڪندي 18 صدي جي لافاني نثر نگار چارلس ليمب “Charles Lamb” چيو هو ته: ”بنا بُرش هٿ ۾ هُجڻ جي، اسپينسر تصور جي اکين سان ڪيڏا نه رنگين شبد چٽيا آهن. هي ته شاعرن جو شاعر آهي“.

جيئن شيڪسپيئر لاءِ انگريزي ادب جي تاريخ جي سرجڻهار ڊيوڊ ڊچيز چيو هو ته:

“Shakespeare is not for one age but all ages”.

”شيڪسپيئر ڪنهن هڪ ڌارا جو شاعر ناهي، پر هر صدي ۽ هر دؤر جو ترجمان آهي“.

ساڳي طرح سنڌي ادب ۾ ڪجھه اهڙا مهان نالا آهن. جن پنهنجي پوري حياتي ادب جي آبياري لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سڄي ڄمار سنڌي ٻولي جي ميندي جي کيت جي رکوالي ڪندي گذاري ڇڏي. سمورو وقت ٻوليءَ جي سونهن سينگار جي لاءِ صرف ڪري ڇڏيو. ڪڏهن به اهو ڪونه سوچيو ته ڪو گهر ٺاهجي، مال ميڙجي، محل ماڙيون ٺاهجن. هڪ سمي لاءِ به اندر ۾ ڪو پڇتاءُ ڪا مايوسي نه هُجڻ، واقعي ٻولي سان محبت جو، ٻوليءَ کي محبوب سمجهڻ جو، ٻوليءَ کي پنهنجي اولاد جيان پالي تاتي جوان ڪرڻ جو، ٻولي جي سرنهن ڦلار کيت جي رکوالي ڪرڻ سندن سونهين.

ننڍي هوندي جڏهن جيجي جو ڳاتل، علي بابا جو گيت:

”اسين ماڻهو لاڙ جا، درياهه جي پڇاڙ جا“.

ٻُڌندا هئاسين ته لاڙ کي ڏسڻ جو اشتياق پيدا ٿيندو هو. مولوي احمد ملاح جي هٿن سان سنڌي ٻولي جي ڳچي ۾ لفظن جون مالهائون پائيندڙ سنڌو درياء جي هن پڇڙ واري پرڳڻي تمام وڏا ڪردار تخليق ڪيا آهن. انهن مان شمشيرالحيدري به هڪ آهي. پنهنجي دُڪي ۾ شاعريءَ جي سُتي وٺندڙ هي خوجا ذات سان تعلق رکندڙ مانجهي مڙس اکرن جي الهڙ ڪنواري سندر نار سان عشق اڙائي ويٺو. ساهه جي آخري هڏڪي تائين هو انهي عشق سان پاڻ کي سلهاڙيون آيو.

شمشير هڪ ئي وقت شاعر، صحافي، نثر نويس، مزاح نگار ۽ ناٽڪ نويس هو. هُو ادب جي کيتر ۾ هر صنف تي ڪمال ڪاريگري سان پنهنجي هُنر ۽ حرفت جو جوهر ڏيکاريندو رهيو. شمشير سڄي زندگي سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ارپي ڇڏي. شمشير هر وقت سنڌي ماڻهن لاءِ پنهنجي ڪوتائن جي بتي سان روشني ڪندو رهيو. ڪنهن به ڪونه ڄاتو ته ان بتي ۾ هن ڪوي جو لال، لال خون ٻري رهيو هو!

شمشير انهن ڏينهن ۾ پنهنجي جاءِ تي ڄمي بيٺو رهيو. جڏهن ايوبي مارشلائي راڪاس هن ڌرتي کي کڻي پنهنجي خوني چنبن ۾ قابو ڪري رکيو هو. ان وقت شمشير جهڙا جوڳي انهن قاتلن ۽ آمرن سان اکيون اکين ۾ ملائي پنهنجي ٻولي ۽ ڌرتي جي حفاظت ڪئي. ضيائي اونداهي دؤر ۾ ايم. آر. ڊي لاءِ هن ماڻهو پنهنجو هڙان وڙان خرچ ڪري پمفليٽ ڇپرائي، سنڌي قوم ۾ سجاڳي پيدا ڪئي.

شمشير گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. هُو پنهنجي ذات ۾ مڪمل ادارو هو. ان سان گڏ تمام وڏو رومانوي ۽ مزاحمتي شاعر هو. هن جي رڳ رڳ ۾، هن جي نس نس ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي محبت سمايل هئي. شمشير، مارشلائي دؤرن ۾ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته مزاحمت اصل ۾ نالو آهي ڄمي بيهڻ جو، پنهنجي ڪيل ڳالهه سان نڀاءُ ڪرڻ جو. سرينڊر نه ڪرڻ جو، ڀلي ڪيڏيون به مشڪلاتون اچن، خطرن جا طوفان وڪوڙي وڃن، ماڻهو بيٺو هُجي، پنهنجي جاءِ تان هڪ تِر جيترو به پُٺتي نه هتي. اها ٿي مزاحمت. جيئن عشق ۾ ٿيندو آهي. ماڻهو بغير ڪجھه سوچڻ سمجهڻ جي بغير ڪنهن موٽ جي، بغير ڪنهن لالچ جي، پنهنجي پاڻ کي ارپي ڇڏي ۽ بدلي ۾ ڪابه تمنا نه رکي، محبوب جي خوشي ۾ خوش هُجي. ان کي خوش رکڻ لاءِ ڀل هن کي باهه جي آڙاهن ۾ پاڻ کي اُڇلڻو پوي يا پنهنجو پاڻ سُهڻي جي روپ ۾ ڇولين حوالي ڪرڻو پوي.

شمشيرالحيدري جي وک وک خاص طور سنڌي ماڻهن لاءِ مسلسل جدوجهد، مسلسل مزاحمت، مسلسل لڳو رهڻ، دشمن کي جهل نه ڏيڻ، دشمن کي پڪڙ نه ڏيڻ جو هڪ وڏو ڊرامائي ٿرلر آهي. شمشير جي سڄي زندگي، مزاحمت جو هڪ اهم ڊاڪيومينٽ آهي. شمشير جي زندگي هيمنگوي جي “old man and the sea” جي سانتياگو وانگر ئي آهي. جيڪو سمنڊ جي ڏکيائين کي چيريندي هميشه اڳتي وڌندو رهي ٿو ۽ هر صبح هڪ نئين عزم ۽ نئين جوش ۽ ولولي سان سرشار هُجي ٿو. تڏهن ته هو پنهنجي ڇوڪر دوست مارلن کي چئي ٿو ته:

“A man can be destroyed but can not be defeated”.

”ماڻهو کي ڀڃي ڀور ته ڪري سگهجي ٿو پر کيس مات نٿي ڏيئي سگهجي“.

جان ملٽن (John Milton) جي ڪتاب “Paradise Lost” ”وڃايل جنت“ جون ڪجھه سٽون مزاحمت ۽ للڪار جي حوالي سان پيش ڪندس. جيئن پنهنجي ڳالهه کي چٽو ڪري سگهان. ٿورو وضاحت ڪندو هلان ته هي وڃايل جنت جي اهم ڪردار شيطان جي خودڪلامي آهي.

“What though the field be lost,

All is not lost.

The unconquerable will,

And study of revenge,

Immortal hate and courage,

Never to submit or yield

And what is not to be over come”.

شمشير جي شاعري رومانس ۽ جهاد پڻي جو سنگم آهي. هُو زندگي جي ڪيترن ئي تلخ سچائين کي ويجهو ٿيو، پر ڪڏهن به انهن کان مُنهن نه موڙيائين. سدائين کرو، سچو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق رهيو.

”دل جي پُر شوق دلاسن تي هليا آياسين،

سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين.

ڪنهن شاهه، شهنشاهه جو فرمان نه هليو اسان تي،

نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين“.

سنڌي ٻولي جو هي سپهه سالار اُتي به مزاحمتي نغارا وڄائي ٿو، جتي مظلومن جي ڳالهه ڪرڻ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ٿيل ڏاڍ لاءِ آواز اٿارڻ معنيٰ نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهڻ هو.

”هَر هَر ٿيون اچن، وقت جي سوريءَ جون صدائون،

افسوس اناالحق جو آواز نه آهي“.

وري فيض جو هي خيال به ڏسو:

یوں ہی الجھتی رہی ہے ظلم سے خلق،

نہ ان کی رسم نئی، نہ اپنی ریت نئی۔

یوں ہی کھلائے ہیں ہم نے آگ میں پھول،

نہ ان کی ہار نئی ہے، نہ اپنی جیت نئی۔

اس سبب سے فلک کا گلا نہیں کرتے،

تیرے فراق میں دل بُرا نہیں کرتے۔

سماجي، سياسي ناهمواريون هر دؤر ۾ ساڳيون رهيون آهن. سنڌي ادب مزاحمت، ظلمن ۽ وقت جي آمرن جي خلاف لفطن جي ڪارتوسن ۾ پنهنجي احتجاج کي ڀري بربريت جا نشانا پئي ورتا آهن.

اياز، امداد، اُستاد، تنوير ۽ ٻين گهڻن ئي هڪ جيڏن شمشير جيان جهاد پڻي لاءِ، ڏاڍ ۽ ظلم خلاف مزاحمت لاءِ آواز بلند پئي ڪيو آهي.

شمشير صحافت جي ميدان ۾ آيو ته پيرن، ميرن، وڏيرن، لٽيرن جي ثناخواني مان صحافت کي ڪڍي آيو ۽ پنهنجي هر لفظ ۾ هر جملي ۾، هر سِٽ ۾ هن سماج جو طبيب بڻجي مسيحائي ڪرڻ لڳو. سنڌي ٻولي خلاف سازشن جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنائين. مهراڻ اخبار جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سچائي ۽ بيباڪي جا اُهي پينترا استعمال ڪيائين جو دشمن دنگ رهجي ويا. ٿوري عرصي ۾ اخبار جي سرڪيوليشن کي آسمان تي پهچائي ڇڏيائين. اُتان ڇڏيائين ته پنهنجي هفتيوار اخبار هلچل شروع ڪيائين. جنهن جي سچائي سامراجي قوتن کان برداشت نه ٿي ۽ ان تي بندش هڻي اُن کي بند ڪرائي ڇڏيائون.

صحافت کان سواءِ پي. ٽي. وي تي تمام خوبصورت ناٽڪ لکيائين. خاص طور تي تاريخي ناٽڪ ”ڪاڪ محل“ تمام گهڻو مقبول ٿيو. ادبي رسالن ’مهراڻ‘ ۽ ’نئين زندگي‘ ۾ به پنهنجو پاڻ مڃايائين. شاعري جي حوالي سان شمشير جا نظم ڏاڍا خوبصورت آهن. انهن نظمن ۾ جهرڻن جي پاڻي جهڙي رواني آهي.

شمشير جيئن ته جاکوڙي ماڻهو هو ۽ هر وقت پنڌ ۾ رهندو هو، ان ڪري سندس شاعري به مون کي لڳندو آهي ڄڻ وکون کڻندي اڳتي وڌندي سنڌ جي سينڌ سنواريندي هلندي آهي.

شمشير جي شاعري جي ٿانن کي وڌيڪ کولڻ جي ضرورت آهي. شمشير جي ڪيل ڪم کي سهيڙي ان کي سنڌي قوم تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي. شمشير جي نانءُ سان ڪو علمي ادارو جُڙڻ گهُرجي. جيڪو سندس ڪيل ڪم تي تحقيق ڪري ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي هن خدمتگار جي ڪيل ادبي علمي خدمت کي سنڌي قوم آڏو پيش ڪيو وڃي.

شمشير تمام وڏو ماڻهو هو. پنهنجي ڪردار ۾، پنهنجي سخن ۾، پنهنجي حسن ۾، پنهنجي بيباڪي ۽ پنهنجي اظهار ۾. هُو سڄي زندگي ظلمت سان جهيڙيندو رهيو ۽ سنڌ کي ڌاري ۽ غير جي بدنظرن کان بچائيندو رهيو.

آخر ۾ آئون سندس ئي شعر تي پنهنجي قلم جي جهاز کي لنگرانداز ڪندس ته:

”جهانِ عشق جو سردار آخري آهيان

حضورِ حُسن ۾ حاضر وري وري آهيان

ملنگ مست الستي قلندري آهيان

عجيب آهيان هزارن ۾ حيدري آهيان“.

دستگير ڀٽي

هِڪ روشن خيال دانشور

 

سنڌي نوجوان گريجوٽين Graduates کي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ روزگار ڏيارڻ توڙي آباد ڪرڻ واري هن تاريخي مهم دؤران ان زماني ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي روزاني اخبار هلال پاڪستان جو به شاندار ڪردار رهيو، جنهن لاءِ اخبار جو ايڊيٽر جناب سراج الحق ميمڻ ڪريڊٽ لهڻي ٿو. هونئن به اسان جي استاد سراج صاحب جي حب الوطني ۽ سنڌ دوستي واري اٽل سوچ جو ئي نتيجو هو ته هلال جو سمورو اسٽاف ڪراچيءَ جي چؤگرد ٽڙيل پکڙيل مقامي سنڌي آبادين ۽ قديم ڳوٺن کي ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي KDA جي سنڌي دشمن آرگنائيزيشن وارين پاليسين کان بچائڻ خاطر ڏينهن رات پتوڙيندو هو. اسان کي فخر آهي ته مرحوم شمشيرالحيدري توڙي سراج صاحب جهڙن روشن خيالن قوم پرست استادن جي صحبت ۽ شاگردي نصيب ٿيڻ ڪري تاريخ جو ڪجھه ادارڪ ۽ صحافت جا نوان گُر سکياسين. مطلب ته گهڻو ڪجھه پرايوسين.

شمشير مرحوم جڏهن ايم آر ڊي واري ائنٽي مارشل لا تحريڪ جي ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو ته منهنجي گهر ڀرسان گول بلڊنگ لڳ رهندڙ پيپلز پارٽيءَ جو هڪ دليرِ دبنگ پر گمنام سپاهي ۽ سچو جيالو شهاب الدين منشي قربائتي ساٿيءَ جي حيثيت سان پنهنجي گهر وٺي آيو. اهو سڄو دؤر شام واري ڪچهري شهاب عرف ابو منشي رچائيندا هئاسين. گول بلڊنگ لڳ منهنجي جڳهه ڀرسان منشي فيملي به هڪ صديءَ کان آباد هئي. حقيقت ۾ تاريخي اخبار هلال پاڪستان، 1946ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان هڪ سال اڳي شهاب منشي جي چاچي مرحوم عبدالشڪور منشيءَ شايع ڪرڻ شروع ڪئي. ننڍپڻ ۾ اسين شهاب جي والد صاحب مرحوم اسماعيل منشي کي پريس ۾ مصروف ڏسندا هئاسين. عبدالشڪور منشي به پنهنجي دؤر جو هڪ نماڻو پر صاف گو سياسي رهنما ٿي رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ صحافت جي سلي جي آبياري ڪرڻ ۾ سندس اڳڀرو ڪردار هو. 84-1983ع ۾ جڏهن شمشير مرحوم بيروزگاريءَ جا ڏکيا ڏينهن پئي گهاريا ته منهنجي دوست شهاب منشيءَ جو وڏو پٽ وهاب ننڍڙو ٻار هو ۽ شمشير توڙي ٻين اديبن جي خدمت ڪندو رهندو هو. اڄڪلهه عوامي آواز جو مشهور ڪالم نگار آهي. شمشير جي حياتيءَ جي ڏکين ڏينهن جو حوالو ڏيڻ ان ڪري ضروري سمجهان ٿو ته ههڙي فقيري حال ۾ به بديڻن جو هيءُ بدمست پنهنجي سُتيءَ ۾ مليل ائنٽي اسٽيبلشمينٽ سوچ ۽ شعور کان بيگانو نه بڻيو. مثال طور سندس مهراڻ اخبار وارو دؤر سڀ کان نرالو ۽ اوچو آهي. ماهوار نئين زندگي جيان روزانه مهراڻ جا مالڪ به فوجي اسٽيبلشمينٽ سان واڳيل ۽ سنڌ جي عوام پاران هلايل شاندار تاريخي جدوجهد (ايم آر ڊي) جا مخالف هئا پر نئين زندگيءَ جيان مهراڻ کي به شمشير پنهنجي جرئتِ رندانه ۽ قومي شعور وسيلي وقت جي حڪمرانن خلاف هٿيار طور استعمال ڪري اهڙي ته جاڳرتا جي لهر پيدا ڪئي. جو سنڌ ۾ شايد پهريون ۽ آخري ڀيرو ڪا اخبار سئنيما جي ٽڪيٽ جيان بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳي. سو رسالي ۽ اخبار کي قومي مقصدن خاطر قوم مٿان ڇانيل اونداهي فوجي راڄ ۾ عوامي سجاڳيءَ لاءِ هٿيار بڻائي استعمال ڪرڻ وارو آرٽ، فن ۽ ڏات شمشير کي شايد سُتيءَ ۾ مليل هو، ڇاڪاڻ ته سندس تربيت ئي مولوي احمد ملاح ۽ نذير حسين حيدري، محمد عثمان ڏيپلائي، مولانا گرامي جهڙن عالم فاضل سچن ۽ کرن انسانن وٽ ٿي هئي. پنهنجي دوستن ۽ محسن ۽ سنڌ جي هڪ سچي عاشق يوسف شاهين جي برسات مئگزين کي به مون شمشير کان پرايل انهيءَ آرٽ موجب ڪجھه عرصي تائين هلايو ۽ خلق پاران وڏي موٽ ملي هئي.

مٿي مون ذڪر ڪيو آهي. شمشير پاران ڪراچي ۾ سنڌين کي آباد ڪرڻ وارين ڪاوشن جو جنهن ۾ هدايت بلوچ ۽ مرحوم تاجل بيوس پڻ ساڻس ڀائيوار هئا. شمشيرالحيدري جي اِها ئي ڪوشش رهي ته، ڪراچي ۾ سنڌين جي آبادي به ٿئي ۽ اهڙيءَ طرح مالڪي به ٿيندي ڇاڪاڻ ته ڪراچي، اسان جو شهر آهي ڇاڪاڻ ته انسان جي وڏماڻهپائي فقط سندس ڪردار مان جُڙي راس ٿئي ٿي. شمشير به اهڙن بلند ڪردار ماڻهن مان هو، جيڪو سدائين ڌرتي ڌڻين جي ذهنن کي ولوڙيندو رهيو سنڌي ماڻهن کي مايوسي ۽ نااميدي خلاف جنگ جاري رکڻ جو درس ڏيندو هو ۽ مرڻ پڄاڻان به کين سنڌين واسطي پنهنجي هٿان سرجيل ادب، صحافت ۽ شاعري جو اهڙو ته شاندار ورثو ڇڏي ويو آهي. شمشير مرحوم، وطن دوست ۽ باشعور سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي انهي پهرين کيپ جو مهندار هو. هڪ بهادر ۽ ارڏو انسان، جنهن سڄي عمر، سنڌ جي محبت ۾ گذاري. هو هڪ روشن خيال، ۽ ترقي پسند اديب هو. هِن جهڙي عظيم انسان جو پيدا ڪيل خلا ڀرڻ ۾ صديون لڳنديون.

 

ناصر بلوچ

شمشيرالحيدري جو ڏکوئيندڙ وڇوڙو.....!

 

سنڌ جو املهه شاعر، اديب ۽ ايڊيٽر، ڪالم نگار، اصول جو پڪو، سخن جو سچو، نه ڪڏهن وڪيو ۽ نه ئي ڪنهن کيس خريد ڪرڻ جو سوچيو، فقير منش، نه ملڪيتون ٺاهيائين، نه ئي کيس ڪا اهڙي خواهش رهي، هميشه سنڌ جو فڪر، سنڌين جي خوشحالي لاءِ پنهنجو قلم استعمال ڪيائين، جنهن جي صلي جي نه ڪا تمنا ڪيائين ۽ نه ئي کيس ڪڏهن ڪنهن کان توقع رکيائين، هر دؤر ۾ ڏسو شمشير سنڌي ادب، علم ۽ سنڌ جي ڀلي لاءِ جدوجهد ۾ اڳئي صفن ۾ رهيو، اهڙا ماڻهو ورلي پيدا ٿيندا آهن. جيتوڻيڪ دنيا فاني آهي ۽ جيڪو ڄائو آهي سو هڪ ڏينهن هلڻو آهي، ليڪن ڪن ماڻهن جو وڇوڙو سڄي ڌرتيءَ لاءِ نقصان جو باعث ٿئي ٿو، ڇو ته اهڙا انسان گهٽ پيدا ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي بدران پنهنجي سنڌ ماءُ جو سوچين ۽ ڌرتي جي ڀلي ۽ خوبصورتي لاءِ پنهنجو علم، توانائي، جواني ۽ سڄي عمر وقف ڪري پنهنجي لاءِ ڪجهه نه سوچين ۽ نه ئي ڪا ملڪيت ٺاهين، شمشيرالحيدري اهڙن املهه داڻن مان هڪ داڻو هو، هن پنهنجي اولاد کي صرف تعليم ڏياري، ملڪيت نه پاڻ ٺاهيائين ۽ نه اولاد کي حرام هڏ وڌائين، ون يونٽ تحريڪ جي هر اول دستي جو سپاهي هو ته ايم- آر- ڊي تحريڪ دؤران صحافت ۾ پاڻ ملهايائين. ان زماني ۾ هو مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر هو ۽ صرف شمشيرالحيدري جي بيباڪ سچ ۽ سنڌ جي عوام جي حقيقي ترجماني ڪندي اخبار کي اوج تي پهچايائين.

سنڌي شاعري ۾ شمشير جو پنهنجو مقام آهي هن جو هر سخن سنڌ جي خوبصورتي جي تشبيهه آهي، مثال طور محبوب جي نيڻن جي خوبصورتي ڏسو ته ڪيئن ٿو چٽي:

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو

ڄڻ ته سنڌو جي ٻي ڪناري ويو

۽ هن گيت کي ته ڏسو، ڪيڏي نه خوبصورتي ٿو محسوس ڪري، سنڌ جي ڌرتي لاءِ پنهنجي چشم تصور ۾ اها ڳالهه سواءِ سچي عشق جي چوڻ ناممڪن آهي هن جي من کي موج ۾ صرف سنڌ جي سونهن ڪري ٿي اچي، جيئن چوي ٿو،

اڄ موج آئي من تي،

پهراڻ پيا پٽن تي،

گل گاهه ٿيا گسن تي،

سانگي وريا وطن تي،

نغما چريا چپن تي.

خبر ناهي ڇو شمشير جي گيت جي اها سِٽ ٻڌندي هميشه ڏکيارو ٿي ويندو هئس جڏهن سندس گيت جون اهي سِٽون پڙهندو يا ٻڌندو هئس.

هڪڙو شمشير هو زماني ۾،

سو ڀي دنيا مان اڄ گذاري ويو.

ته هميشه اها دعا گهرندو هئس ته شل شمشير وڏي حياتي ماڻي، ليڪن اڄ شمشير سچ پچ اسان سنڌين کان موڪلائي انهي پاسي هليو ويو آهي جتان ڪوبه ورڻو ناهي، پر شمشيرالحيدري جو سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ٻولي سان وفاداري جو ڏنل سبق ياد رکڻ جي اڳ کان وڌ ضرورت آهي. اچو ته سندس اهو سبق ياد ڪري سندس قدمن تي هلي سنڌ کي خوبصورت بنائڻ لاءِ پنهنجو سڀ ڪجھه وقف ڪريون، اهو ئي شمشيرالحيدري لاءِ نذرانه عقيدت آهي جيڪو اسين پيش ڪري سگهون ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org