سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: شمشير الحيدري (شخصيت ۽ فن)

باب:

صفحو:17 

نثار ابڙو

مولا تي ننگ آ

(هي ليک مون سيپٽمبر 2005ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ سنڌي رسالي ”سنڌ رويو“ لاءِ لکيو هو)

شمشير علي عرف شمشيرالحيدري...... سنڌ جو ناميارو ۽ هر دلعزيز شاعر، ڊرامه نويس، فلسفي ۽ عظيم انسان، جنهن کي آءٌ مخلص، سچي، بي لوث ۽ معصوم انسان جي حيثيت سان سڃاڻان..... سنڌ جو هر سڄاڻ شخص حيدريءَ کي چڱيءَ طرح سان سڃاڻي....... سندس ادبي، سماجي ۽ صحافتي خدمتون سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان آهن...... جيئن ته آءٌ سندس گهر ڀاتي آهيان ان ڪري بهتر ٿيندو ته سندس باري ۾ ”جيئن ڏٺو آهي مون“ جي بنياد تي ڪجھه لکان.....

جيتوڻيڪ مون لاءِ شمشير تي لکڻ، ڪوزي ۾ سمنڊ سمائڻ برابر آهي..... سائين ٻارن سان ٻار، عورتن سان محترم، بزرگن سان بزرگ، اديبن سان اديب ۽ فلسفين سان فلسفي...... سندس شخصيت گهڻ پاسائين، شفاف هيري جيئان آهي جنهن جي هر ڪنڊ کان نئين رنگ جي روشني نڪري ٿي...... آءٌ سندس گهريلو ۽ شخصي زندگيءَ جي ڪجھه اهڙن پهلوئن تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪندس جنهن سان، شمشير جي ساده، حقيقت پسند ۽ اصول پرست شخصيت نروار ٿئي ٿي.....

حيدري ۽ سندس ڪمرو:

دال- ڀت سندس خوراڪ، سادگي حيرت جوڳي، گهر ۾ ضروريات زندگي جو سامان ايترو جو چادر پيرن تي ته چهرو اگهاڙو ۽ جي چهرو ڍڪيل ته پير اگهاڙا، کيسي ۾ پئسا ايترا جو اڄ جو خرچ اڻپورو، سڀاڻي لاءِ ”مولا تي ننگ آ....“ هونئن ته سائينءَ جو گهر ۾ ڪو خاص ڪمرو آهي ئي ڪونه، سندس اولاد ۽ مهمانن جي ضروريات مطابق، بابا جو بسترو ۽ سامان، هِنَ ڪنڊ کان هُنَ ڪنڊا ڏانهن پيو سفر ڪندو آهي، تنهن هوندي به ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڪمري تي سندس قبضو ٿي ويندو اٿس...... سادي سودي ميز، هڪ ٻه ڀڳل ڳنڍيل ڪرسيون، کٽ آهي ته ٺيڪ، نه ته بسترو پٽ تي، پڙدا اٽڪيل سٽڪيل، آهن ته به ٺيڪ، ناهن ته به پرواهه ناهي.... ناليدار ڇت سبب ڪمرو سخت گرم، پراڻو پکو لڳل، هلي ته به ٺيڪ نه هلي ته به پرواه ناهي.... نوان پراڻا ڪتاب وکريل پکڙيل ۽ انهن وچ ۾ بابا سائين پڙهڻ لکڻ ۾ مشغول..... مهمانن ۾ عزيزن ۽ رشتيدارن کان علاوه سنڌ جي ادبي، ثقافتي ۽ سياسي لڏي سان تعلق رکڻ وارا هميشه موجود..... هر وسيلي سان سندن مهمان نوازي ڪئي ويندي آهي....

هڪ ڀيري گهر جي نياڻين کي خيال آيو ته ڪيئي اهم شخصيتون بابا سان ملڻ اچن ٿيون ۽ ڪمري جي حالت مناسب ناهي، ڇو نه پٽ سٽ ڪري ڪمري جي حالت سڌارجي، بابا سان صلاح ڪئي وئي، آرام ۽ صبر سان تجويز ٻڌڻ کان پوءِ سندس جواب جو مفهوم هن ريت هو ”.........اوهان منهنجي ڪمري جو فڪر نه ڪريو، آرام سان آهيان، منهنجا ملڻ وارا حيدريءَ سان ملڻ اچن ٿا، حيدري کٽ تي يا پٽ تي، ڀلي گنجيءَ ۽ گوڏ ۾، ملڻ وارا ضرور ايندا“.

نسيم ۽ شادي:

1987ع ۽ 1986ع ۾ اسان ڪجھه نوجوانن، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم يا سنڌي ادب ۾ ڊگري وٺڻ لاءِ داخلا نه ورتي هئي بلڪه يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي نوجوانن جي طاقت ۽ تعداد وڌائڻ لاءِ آيا هئاسون.....

نسيم حيدري اسان جي ڪلاس ۾ هڪ ئي ڇوڪري هئي، سنڌي چهرو، معصوم، مخلص، محنت ڪش ۽ ٻوليءَ جي مٺاس سان سنواريل، ملڻ سان ئي پنهنجائپ جو احساس ڏيندڙ..... قومپرستيءَ جي جذبي سان سرشار، مطلب ته سنڌ جي روشن خيال نياڻين مان هڪ نياڻي، ڪلاس ۾ حاضر ٿيندي، استادن سان شخصي ۽ ادبي بحث ڪندي، قومي حقن جي ڳالهه ڪندي، ثقافتي سنگت لاءِ پروگرام منظم ڪندي، ڪينجهر جي سير دؤران شهيد خالق سومري کان قومي گيت ٻڌندي، خبر ئي نه پئي ته ڪڏهن هڪ ٻئي کي پسند ڪرڻ لڳاسين..... سندس ساٿ جو ايتري قدر عادي ٿيڻ لڳو هوس، جو هڪ ٻه ڏينهن نسيم جا يونيورسٽيءَ ۾ نه اچڻ مون لاءِ ڳرا گذرندا هئا، ڊڪي وڃي پاڪستاني ڪوارٽرس پهچندو هيس ۽ ڪنهن بهاني سان ملي سڪون محسوس ڪندو هيس..... مون من ئي من ۾ فيصلو ڪري ورتو ته شريڪ حيات نسيم ئي ٿي سگهي ٿي، کٽ يا پٽ تي خوش رهڻ واري ڇوڪري آهي ۽ منهنجي حالت به ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ رهندي آئي هئي..... آخر مون کيس پنهنجي ان فيصلي متعلق آگاهه ڪيو، خبر پئي ته حالت هڪ طرفي ناهي......

مون لئه هاڻ سڀ کان ڏکيو مرحلو هو سائين حيدريءَ کان سڱ گهرڻ جو...... سندس شخصي مطالعي مان اهو معلوم ٿيو ته سائين روشن خيال، ترقي پسند ۽ عملي انسان آهي...... ان ڪري اها جرئت پيدا ٿي جو اڪيلي سر ئي وڃي حاضر ٿيس...... معمول مطابق آڌرڀاءُ ٿيو، چانهه پيئڻ کان پوءِ مون پنهنجيون سموريون قوتون گڏ ڪندي ڪجھه هيٺين ريت شروع ٿيس،

”سائين اڄ آءٌ انتهائي ضروري ۽ نازڪ مسئلو کڻي حاضر ٿيو آهيان، ٿڌي دل ۽ کليل ذهن سان ٻڌو ته عرض ڪريان....“ گهور پائيندي چوڻ جي اجازت ڏنائين ۽ مون ادب ۽ احترام سان پنهنجي وڪالت پاڻ شروع ڪئي.....

”آءٌ سمجهان ٿو ته اها ڳالهه منهنجي وڏن ۽ رشتيدارن کي ڪرڻ گهرجي ها، پر مجبوري.... وڏا ڀائر خاندان سميت سعودي عرب ۾ رهن، ماءُ ڪراڙي ۽ بيمار آهي، والد گذر ڪري ويو آهي ۽ ڀينرون پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ آهن، مالي حالتون به پوريون ساريون آهن. عمر ڀر محنت ڪشي سان ۽ پنهنجي مدد پاڻ جي نظريي تحت گذاري اٿم ۽ مستقبل به ساڳيءَ طرح گذارڻ جي اميد اٿم.....“

سائين شفيق پيءُ جي نظرن سان ڏسندو رهيو ۽ آءٌ اڳتي وڌيس.....

”نسيم ۽ مون گڏ تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي قومي ۽ ادبي مسئلن ۾ گڏ هجڻ جا موقعا مليا آهن، انهيءَ عرصي دؤران مون هن ۾ اهي سموريون خوبيون ڏٺيون آهن جي ڪنهن مڪمل ۽ باشعور عورت ۾ هجڻ کپن، ڏک سک ۾ بردبار ۽ حقيقت پسند آهي......“

سائين لفظن جو ماهر ۽ حساس طبيعت جو مالڪ آهي، شايد پهرين جملن مان ئي منهنجو مقصد سمجهي چڪو هو...... ”پنهنجي شاديءَ جي خواهش کڻي آيو آهين“ مخاطب ٿيندي چيائين..... مون اکين ئي اکين حامي ڀري.

”نثار! جهڙيءَ طرح سان تون آيو آهين ۽ پنهنجي حقيقت بيان ڪئي اٿئي، سا پنهنجي جاءِ تي، پر ان حقيقت ۾ جمع ۽ ڪٽ جا ٻئي پاسا موجود آهن..... مثبت ڳالهه اها آهي ته فطرتن سڀ والدين پنهنجي نياڻيءَ کي خودمختيار ۽ پنهنجي گهر جي پاڻ ذميوار ڏسڻ چاهيندو آهي ۽ تنهنجي انداز ۽ ٻڌايل حقيقت مان اهو ظاهر آهي ته تنهنجي اڳيان پويان ڪوئي به ناهي ان ڪري آزاد ۽ خودمختيار آهين ۽ منفي عنصر اهو ته سڀاڻي تون نسيم کي ڪو رنج رسائين ته جوابدار ڪير ۽ شڪايت ڪنهن سان ڪبي؟“

مون لئه سوال ته وڏو هو پر اندر جي سچائيءَ جواب ڏنو..... ”بابا سائين! اوهان جو انديشو بلڪل درست آهي، آءٌ صرف ايترو چوندس ته سچو ۽ باغيرت انسان نه فقط پنهنجن بزرگن بلڪه شريڪ حيات جي والدين ۽ رشتيدارن جو پڻ اوترو ئي احترام ۽ عزت ڪندو ۽ سمورا حق بجا آڻيندو جي سماج جي اخلاقي اصولن سندس مٿان فرض ڪيا آهن، سمورا رشتيدار گڏ ڪري وٺي اچي سگهجن ٿا پر جيڪڏهن آءٌ سچو سٺو انسان ناهيان ته پوءِ اوهان سميت سمورن رشتيدارن جي ڪهڙي پرواهه ۽ عزت ڪندس!“ سائين جي پارکو نظر منهنجي سچائيءَ کي پرکي ورتو ۽ بغير ڪنهن شرط جي شادي ٿي وئي.......

ڀٽ جو ميلو ۽ نوڪري

1993ع ۾ بابا شمشير ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ بورڊ جي سيڪريٽري هائوس ۾ رهڻ لڳو هو..... بورڊ لاءِ ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏنائين، انتظامي امور ڪيئن رهيا ۽ آخر ۾ ڪهڙي طرح سنڌ جي بيوروڪريسيءَ جي ظلم جو شڪار ٿيو، هڪ ڪربلائي واقعي ذريعي کيس نوڪريءَ ۽ گهر مان ڪيئن بي دخل ڪيو ويو، قطع نظر ان جي آءٌ ڪجھه الڳ روئداد بيان ڪندس.....

ايم اي سنڌي ادب ۾ پوزيشنون حاصل ڪرڻ کان پوءِ نسيم ۽ آءٌ سنڌ ماڊل اسڪول ڪراچيءَ ۾ پڙهائيندا هئاسين ۽ گلستان جوهر جي جوهر اسڪوائر ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي..... خير سان نسيم اميد سان ٿي ته ڊاڪٽرن کيس ڏاڪڻيون لهڻ چڙهڻ منع ڪئي، اسڪول ۾ ڏاڪڻن تان لهه چڙهه ۽ وري گهر به ٻي منزل تي سو فيصلو ڪيوسين ته ڄام شوري جي پرفضا ماحول ۾ سائينءَ سان ڪجھه عرصو گذارجي، سو الله تي آسرو رکي نوڪري ۽ ڪراچيءَ کي خيرآباد چئي اچي ڄام شوري نڪتاسين..... سائين پنهنجي روزمره جي معمولات ۾ مصروف ۽ اسين بيروزگار، ڪتابن پڙهڻ ۽ آرام ڪرڻ ۾ پورا.....

سنڌ جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ساليانو عرس ٿيڻ وارو هو، سائين حيدريءَ جي نالي سنڌ حڪومت پاران عرس جي تقريبات ۾ شرڪت جو دعوت نامو مليو، جنهن ۾ وزيراعظم، وزيراعليٰ ۽ ٻيا ڪئي ڪامورا شرڪت ڪرڻ وارا هئا....... دعوت نامو ڏسندي ئي هڪ خيال ڊوڙ پاتي ته ڇو نه بابا کي ان دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آماده ڪري، نوڪريءَ جون درخواستون اعليٰ عملدارن تائين پهچائي نوڪريون حاصل ڪجن ۽ پيٽ تان پٿر لاهجن..... شام جو بابا بنگلي جي باغ جي گلن ٻوٽن جي خدمت ۾ گذاريندو هو، مناسب موقعو سمجهي کيس عرس جي دعوت ۾ شريڪ ٿي پنهنجي نوڪرين جون عرضيون اعليٰ عملدارن تائين پهچائڻ جي گذارش ڪيم..... ڪجھه بحث کان پوءِ عرض قبول ٿيو، عرس ۾ ڪجھه ڏينهن باقي هئا، مون درخواستون ۽ ٻيا ضروري ڪاغذ پٽ جمع ڪري فائيل تيار ڪري ڇڏيا.... خيالن ئي خيالن ۾ پيٽ تان پٿر لهندي محسوس ٿيا، اوسيئڙي جي آخري ڏينهن تي شام جو هڪ مهمان عمرڪوٽ کان ڪهي آيو ۽ سائينءَ کي سڀاڻي تي عمرڪوٽ ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي مشاعري ۾ شرڪت جو دعوت نامو ڏنائين، مشاعري جو مهمان خاص پڻ شمشيرالحيدري ئي لکيو ويو هو..... دعوت قبول ڪئي وئي...... منهنجين اميدن جا ڏيئا گل ٿيڻ لڳا، مهمان وڃڻ کان پوءِ مون کيس سڀاڻي تي شاهه جي عرس جي ڪوٺ ۽ نوڪريءَ جي درخواستن جو ذڪر ڪيو..... سائينءَ چند گهڙين جي سوچ کان پوءِ ڪجھه هن ريت مخاطب ٿيندي چيو“،

”نثار احمد! مون ڄمار ساري شاهي دسترخوان بجاءِ غريب دوستن سان پٽ تي رُکي سُکي کائڻ کي ترجيح ڏني آهي، اڄ به هڪ طرف شاهي دسترخوان ۽ ٻي طرف غريب ۽ مخلص دوستن جي دعوت، تون ئي ٻڌاءِ ته آءٌ ڪهڙي پاسي وڃان، اُن طرف جن جي دلين ۾ احترام، محبت ۽ اندر ۾ جايون آهن يا هِن طرف، جت صرف ڏيکاءُ، لالچ ۽ ڍونگي ڪامورن جو ميڙ....... ۽ هر ڪنهن کي مطلب جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي؟“

ٻي ڏينهن تي مون سائينءَ جي ڊرائيور جا فرائض ادا ڪندي عمرڪوٽ لاءِ روانا ٿي وڃي محبتن جا ميڙ ميڙياسون.....

نوجوانن واري وزارت ۽ قرض:

پيپلز پارٽيءَ جي دؤر ۾ ”نوجوانن واري وزات“ جو وفاقي وزير هو، سيد پرويز علي شاهه ۽ سنڌ جي نوجوانن کي روزگار لاءِ مالي امداد ڏيڻ واري اداري جو سربراهه هو. سائين شمشيرالحيدري، وزارت جي اهم مقصدن ۾ نوجوانن جي تعليمي، ثقافتي ۽ معاشي ترقيءَ جا معاملا شامل هئا.... اها ڄاڻ شايد تمام ٿورن ماڻهن کي هوندي ته وفاقي سرڪار جي ”نوجوانن واري پاليسي“ Youth Policy حيدري صاحب جوڙي ترتيب ڏني هئي..... جيڪا بينظير صاحبه کي پڻ پسند آئي ۽ پاڪستان جي سڌ سماءَ وارن ادارن پڻ ان جي گهڻي تعريف ڪئي هئي..... سنڌ لاءِ نوجوانن واري وزارت جي مکيه آفيس ڪئنٽ اسٽيشن واري پاسي، هڪ ڪشادي بنگلي ۾ قائم ڪئي وئي هئي.... آءٌ به بيروزگاري، معاشي تنگي ۽ ذهني پيڙائن کان مجبور ٿي، سائينءَ وٽ لنگهي ويس...... روايتي آڌرڀاءُ ۽ حال احوال ٿيو.... چانهه چسڪيءَ کان پوءِ مون ڪجھه هن ريت عرض ڪيو....

”بابا سائين اوهان ۾ ضروري ڪم آهي..... اوهان جي مدد سان اميد ته آسان ٿي ويندو!“

ڪاغذ پٽ اٿلائيندي ۽ جاچيندي چيائين ”چئه بابا“

”قرض کپي“ مون عينڪ درست ڪندي چيو.

”هائو، بلڪل وٺي سگهين ٿو، بلڪه آهي ئي اوهان نوجوانن لاءِ“

آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس ته بس اجهو ڪم ٿي ويو..... بابا ڪاغذن کي پاسيرو ڪندي، مون ڏانهن متوجهه ٿيندي چيو ”قرض وٺڻ جو ارادو سوچي سمجهي ڪيو اٿئي؟“

”قرض ملي وڃي ته ڪجھه نه ڪجھه ڪبو“.

”مطلب ته ڪو منصوبو ناهي“ ڳالهه سمجهندي چيائين.... ”نثار احمد! قرض مرض آهي، قرض هميشه سوچي سمجهي کڻجي ۽ ان جو پورو پورو لاڀ حاصل ڪجي، ٻيءَ صورت ۾ نقصان وڌيڪ ۽ فائدو گهٽ ۽ حڪومتي تڪليف الڳ..... وڃ وڃي رٿابندي ڪر ۽ قرض وٺڻ لاءِ سمورا ڪاعذ ۽ گهربل ضرورتون پوريون ڪري جمع ڪراءِ، اميد ته قرض منظور ٿي ويندو.....“

مون ته پڪ ۽ يقين جا جبل ٺاهي ڇڏيا هئا ته بابا سربراه آهي، بس قرض گهرڻ جي دير آهي!!! پر بابا جي نصيحت، مشوري ۽ ڪاغذن جي پوري ڪرڻ واري ڳالهه ڪجھه ٿڌو ڪري ڇڏيو.... گهڻي سوچ کان پوءِ قرض وٺڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو.

پنهنجي گهريلو زندگيءَ ۾ روزمره ڪيئي اهڙا واقعا ٿين ٿا، جيڪي سائين شمشيرالحيدري جي حق پرست، ۽ اصولن تي مبني زندگيءَ جي دلالت ڪن ٿا....... سائينءَ جي پوري ڄمار اصولن جي پاسداريءَ ۾ گذري آهي ۽ انهيءَ پاسداريءَ جي پاداش ۾ کيس ڏکيا ڏينهن به پسڻا پيا آهن. پر ”مولا تي ننگ آ“ واري ڀروسي تي سندس زندگيءَ جو گاڏو گڙڪندو رهي ٿو......

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،

حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو.

مظهر خاصخيلي

ڏيئي جي لاٽ…!

 

شمشيرالحيدري جي وڇوڙي تي لکيل

لاڙ جي شهر ڪڍڻ ۾ 15 سيپٽمبر 1931ع تي رسول بخش خواجه جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شمشيرالحيدري شاعري، ادب، سياست، صحافت، تصوف، فلسفي، مختلف مذهبن جي کوجنا، علامه مشرقي کان مولانا ابوالڪلام آزاد جي فڪر، مارڪسٽ لٽريچر کان مزاحمتي ادب تائين مسلسل 81 سال علم جي عرق ريزي ۽ عملي طور تي انتهائي خودداريءَ کي برقرار رکندي، ڪالهه اسان کان وڇڙي ويو، شمشيرالحيدري، سنڌ گريجوئيٽس جو بنياد رکندڙ ۽ سنڌي ادبي سنگت جو باني ميمبر رهيو، جيڪو سنڌي ۾ ووٽر لسٽن جي مهم ۽ ون يونٽ خلاف لکين سنڌين جون صحيحون ڪرائڻ واري مهم ۾ انتهائي سرگرم رهيو، جنهن ڪيترن نون لکندڙن ۾ ادب لاءِ اتساهه پيدا ڪيو، جنرل ضياء جي دهشتناڪ مارشل لا جي دؤر ۾ بيباڪ ايڊيٽوريلن، ۽ ”ڀير تي ڏونڪو“ ۽ ”فقير بيان ڪري ٿو“ ڪالم ڄڻ شمشير جو ظلم جي خلاف قلم سان جهاد هو.

پي ٽي وي جو پهريون سنڌي ڪمپيئر، پي ٽي وي تي پهريون ڊرامو ۽ پهريون سنڌي گيت لکڻ جو اعزاز به شمشيرالحيدري کي آهي. فلم سينسر بورڊ ۽ اردو ڊڪشنري بورڊ جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگت جي لاڳيتو 10 سال جنرل سيڪريٽري سِگا جي باني ميمبر هئڻ جو اعزاز پڻ کيس هو.

1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريتري جنرل نالي وارو اديب اياز قادري صاحب ٿيو ۽ ان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. جنهن کان پوءِ ان جي جوائنٽ سيڪريٽري شمشيرالحيدري نئين سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت جون ذميواريون سنڀاليون، ان کان پوءِ هي پهريون سنڌ جو اهڙو اديب ۽ شاعر آهي، جيڪو لاڳيتو 11 سالن تائين سنڌي ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ ان دؤران ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌ جي اديبن، شاعرن، سياسي، سماجي ۽ سنڌ دوست ڌرين سان گڏجي هلائي، اها اڄ به تاريخ ۾ بي مثال بڻيل آهي، ۽ ان کان سواءِ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي حوالي سان جدوجهد ائين کڻي چئجي ته سڀ کان پهريان سنڌي ادبي سنگت شمشيرالحيدري جي وقت ۾ هلائي ۽ اها جدوجهد به جاري آهي ۽ اڄ جنهن موڙ تي سنڌي ادبي سنگت پهتل آهي ان ۾ سڀ کان گهڻي جدوجهد ان محبتي ماڻهو شمشيرالحيدري جي آهي، جيڪو 21 رمضان تي پنهنجي سنڌ امڙ جي گود ۾ سمهڻ لاءِ اسان ڪروڙين سنڌ رهواسين کي آلين اکين سان هتي ڇڏي پاڻ هليو ويو آهي. شايد 21 رمضان جي حوالي سان شمشيرالحيدري هيٺيون سٽون تخليق ڪيون هيون.

چوندو رهيو ته مولا تي ننگ آهي،

جهان عشق جو سردار آخري آهيان،

حضور حسن ۾ حاضر وري وري آهيان،

ملنگ مست الستي قلندري آهيان،

عجيب آهيان، هزارن ۾ حيدري آهيان.

۽ اهو ئي سبب آهي ته اڄوڪو ڏينهن شمشيرالحيدري کي نصيب ٿيو آهي، اهو ته هو شمشيرالحيدري جو پنهنجي مرشد سان عقيدو پر سچ ته شمشيرالحيدري پنهنجي زندگي جي گذاريل ڏينهن ۾ سمورن پاسن کان ڏسبو ته هڪ اهڙو سنڌ دوست فرد هو جنهن جي وڇوڙي کي ڪيترو به برداشت ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي پر سندس ڪمي پوءِ به پوري نه ٿيندي. 

پوري دنيا اندر شمشيرالحيدري جهڙن سچن ۽ ارڏن ماڻهن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. اُهي سنڌ جا اديب شاعر قلم ڪار جيڪي پنهنجي قلم جو سودو ناهن ڪندا ۽ سچ کي هميشه سچ ۽ ڪوڙ کي هميشه ڪوڙ چوندا رهندا آهن. جيئن شمشيرالحيدري پنهنجي سٽن ۾ چيو آهي ته:

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،

سر عام هر بات چوندا رهياسين،

اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو دٻايو،

اسان رات کي رات چوندا رهياسين.

هنن سٽن ۾ شمشيرالحيدري جي اندر جو آواز ظاهر ٿيو آهي ۽ سچ به اهو آهي ته شمشير سمورن پاسن کان جيڪڏهن صحافت جي حوالي سان ڏسبو ته ڪافي اخبارن ۽ ڪيترن رسالن جو ايڊيٽر رهڻ سان گڏ سوين مضمون لکڻ سميت ڪيترائي ڊراما لکيا، هن پنهنجي زندگي ۾ جيڪو پورهيو ڪيو آهي ان کي ڪامياب چئي سگهجي ٿو، ڇو ته جيڪو ماڻهو سچ جو راهي هوندو آهي ان جي هر ڳالهه سچ هوندي آهي، جيئن شمشيرالحيدري پنهنجين سٽن ۾ چيو آهي ته:

ڏيئي رهيو آهي ڄڻ چئي رهيو آهي،

انڌرين ۾ پلجي پئي روشنائي وڏي ڳالهه آهي،

اڃان وقت کي پئي ڳولي سچائي، وڏي ڳالهه آهي.

اهي سچائي جا ڪرڻا شمشير جي سيني ۾ هئا، انهن ڪرڻن جي سهاري هميشه ديس دؤرهين سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو، هو سڄو هن بيتن جيان مزاحمتي ڪردار هو، ان جي جدوجهد جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، اهو سچ آهي ته اڄ جسماني طور تي اسان کان شمشيرالحيدري موڪلاڻي ڪري ويو آهي پر سندس سنڌ لاءِ ڪيل خدمت کيس هميشه سنڌ واسين جي دلين ۾ زنده رکندي.

خالد پنهور

هڪڙو شمشير هو زماني ۾…

 

هڪڙو شمشير هو زماني ۾ سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو، ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو.

اهڙو زبردست خيال ڏيندڙ جنهن جو ڪو مٽ ثاني نه هجي ته هڪ باضمير انسان جو موت ائين جيئن ڪنهن ٻيڙي تي چڙهي سنڌوءَ جي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري ويو هليو، جتي سمورا ڪم ڪار لاهي سڪون سان سمهي پوندو. شمشيرالحيدري سنڌ جو عاشق هو، جنهن سنڌ جي حقن، ٻولي، ادب لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي. 1960ع ۾ ايوبي آمريت جي فيصلي خلاف دستخطي مهم سڄي سنڌ ۾ هلائي وئي. سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي شهرن، ڳوٺن، واهڻ، وستين ۾ صحيح مهم هلائي نيٺ حڪومت کي مجبور ڪيو ويو ته هو صوبن مٿان پنهنجو فيصلو مڙهڻ کان پاسو ڪري، جيڪڏهن حيدري صاحب ان وقت ان جدوجهد جي شروعات نه ڪري ها ته ۽ قومي ٻولين کي نه بچائي ها ته اڄ اسان ڪٿي بيٺا هجون ها. اهڙا کوڙ سارا تاريخي ڪم شمشير جي کاتي ۾ اچن ٿا. شمشير صاحب جهڙا ماڻهو تاريخ ۾ گهٽ پيدا ٿيندا آهن. هڪ ئي وقت گهڻ رخي شخصيت جيڪو هڪ ئي وقت سٺو شاعر به هو، سٺو اديب به هو، سٺو صحافي به هو ته وري سٺو ڊرامه نگار به هو، ايتريون ساريون خوبيون ڪنهن هڪ شخص جي حصي ۾ گهٽ هونديون آهن. شمشير صاحب پنهنجي صحافتي زندگي جي شروعات حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ پهرين سنڌي اخبار هلال پاڪستان کان ڪيائين، جنهن جو باني عبدالشڪور منشي هو.

شمشيرالحيدري جهڙي شخصيت تي ڪالم لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي پر تنهن هوندي به مون جيئن سائين شمشير صاحب کي ڏٺو ۽ جيترو وقت منهنجو ساڻس گذريو، ان جو احوال پڙهندڙن کي ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو. سائين شمشير سان منهنجو گهاٽو تعلق 2006ع ۾ ٿيو، جڏهن اسان ٻئي هڪ ئي بيج ۾ ڪراچي پريس ڪلب جا ميمبر ٿياسين ته سائين به اڪثر ٽي وي، ريڊيو تان پنهنجو قلمي پورهيو ختم ڪري ڪراچي پريس ڪلب اچي سڌو ڪينٽين ۾ ويهندو هو ۽ اچڻ شرط پهرين سليم ويٽر کي سيپريٽ چانهه جو آرڊر ڏيندو هو. هميشه روايتي طور سليماني چانهه ۾ اڌ چمچو کير جو وجهي پيئڻ کان پوءِ ٻاهر ٽيرس ۾ اچي دوستن، چاهيندڙن سان ڪچهري ۾ مشغول ٿي ويندو هو. اها منهنجي خوش قسمتي آهي جو سائين شمشيرالحيدري ڪراچي پريس ڪلب ۾ هونئن ته سڀني ميمبرن سان محبت ڪندو هو، پر مون تي وڌيڪ مهربان رهيو ۽ اڪثر جڏهن به ايندو هو ته مون کي فون ڪري گهرائي وٺندو هو ۽ اسان گڏ ويهي ڪچهريون ڪندا هئاسين ۽ ڪچهرين دؤران مان اڪثر کيس محبت مان عرض ڪندو هوس ته سائين مهرباني ڪري پنهنجي جيئري ئي پنهنجي بايوگرافي سميت سمورو رهيل ڪم لکو ۽ ان جي پاداش ۾ پاڻ ۽ سندس ٻچڙن بکون ڪاٽيون پر ڪنهن جي آڏو مجبور نه ٿيو. شمشير سنڌ ترقي پسند ادب جو شهسوار آهي. سنڌ جو باڪمال شاعر، اديب، مصور شمشيرالحيدري بدين جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ 15 سيپٽمبر 1932ع ۾ ڄائو ۽ بدين ۾ پرورش ورتائين. شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو. حالتن جي ناسازگار هجڻ سبب واپس ڳوٺ موٽي آيو. ڪجھه عرصو ڊبليو ڊي ۾ ملازمت ڪيائين، پوءِ ٽن سالن تائين بدين جي ڪوآپريٽو بينڪ جو مئنيجر ٿي رهيو، جڏهن ته حيدري صاحب 1967ع کان پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي جي ماهوار نئين زندگي جو ايڊيٽر رهيو. ان کان سواءِ 19هين گريڊ ۾ ڪيترن ئي ادارن ۾ نوڪريون پڻ ڪيائين پر ايڏن وڏن موقعن هوندي به هن پنهنجي زندگي لاءِ ڪجھه به نه ٺاهيو. اهو ئي پاڪستان ڪوارٽر ۾ ننڍي گهر D/9 ۾ رهي سنڌ جي دردن، اهنجن تي لکيائين ۽ هو ڪڏهن به ڪنهن ڪرپشن ۾ نه رهيو.

شروعات کان وٺي زندگي جي آخري ڏهاڙي تائين قلم جو پورهيو ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليائين پر ڪڏهن به ڪنهن وزير يا حڪومت کان ڪو معاوضو طلب نه ڪيائين. بيماري جي بستري تي هجڻ باوجود پنهنجي اولاد کي منع ڪندو رهيو، سندس علاج لاءِ ڪنهن کي به اپيل نه ڪئي وڃي. سنڌ جي انهي سرموڙ شاعر جي تاريخي دؤر جي پڄاڻي ٿي، جنهن کي سنڌ جي عظيم شاعر ”هن جنم هن جنم وچن وچن ٿو ڪيان، مان جتي به هجان، سنڌ تنهنجو ٿيان“، جهڙي شاعري ارپيندڙ تاجل بيوس جي ڀر ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنهن وقت شمشير صاحب کي مٽيءَ جي هنج ۾ آرام ڪرڻ لاءِ لاٿو ويو ته جتي سندس چاهيندڙ اکين مان نير وهائي رهيا هئا، ٺيڪ ان وقت بادل به پنهنجا نير روڪي نه سگهيا ۽ روئڻ لڳا ۽ هلڪي هلڪي بوند وسڻ لڳي. شمشير صاحب جي تدفين ۽ جنازي جي نماز ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان اديبن، شاعرن ۽ سندس چاهيندڙن سنڌ جي تاريخي قبرستان چوڪنڊي ۾ پهتل هئا، جن ۾ علي بابا، بدر ابڙو، تاج جويو، سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر آڪاش انصاري، اسحاق انصاري، نذير قريشي، علي احمد رند، سليم ميمڻ، اصغر باغي، اياز جاني، لعل محمد پنهور، جاويد سومرو، محمد خان سيال، صوبائي وزير ساجد جوکيو، حاجي شفيع ڄاموٽ، سيد خدا ڏنو شاهه، نظر محمد ڳاهو، رحمت الله ماڃوٺي، ڪامريڊ آفتاب چنا، غني ڪانڌڙو، علي حسن چانڊيو، مٺو مهيري، پروفيسر عبدالله ملاح، ولي محمد روشن سميت سوين سياسي، سماجي، ادبي، صحافي شخصيتن سندس آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. تدفين جي موقعي تي شمشير الحيدري صاحب جي نياڻي پڻ موجود هئي.

”هلال پاڪستان“

آچر 12 آگسٽ 2012ع

رضوان گل

هڪڙو شمشير هو زماني ۾…

 

ٽيجهي جي حوالي سان

شاعر صرف لفظن جا ئي ڪاريگر نه پر انساني جذبن جا به عڪاس هجن ٿا. شاعري، جنهن جو تعلق شعور سان آهي، اها شاعري جنهن ۾ ساحري به هجي سا يقينن پڙهندڙن جي دلين ۾ جايون جوڙي ٿي. شاعر پنهنجي شعرن وسيلي قومن ۾ جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪرڻ جي حوالي سان نئون جوش ۽ ولولو پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. اهڙا شاعر، جن پنهنجي سموري ڄمار پنهنجي ڌرتيءَ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، ڏکين حالتن ۾ به مخالفن سان اکيون اکين ۾ وجهي مهاڏو اٽڪايو ۽ سچ لکڻ کان نه ڪڏهن ڪيٻايو ۽ نه ئي ڪا سودي بازي ڪئي. سنڌ جي اهڙن اوڏن ۽ بيباڪ ليکڪن ۾ تمام اهم نانءُ شمشيرالحيدري جو به آهي، جنهن پنهنجي حياتيءَ جا 80 سال هڪ ئي نظريي ۽ اصول تحت گذاريا، ۽ سندس اصول جو بنيادي نقطو هو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين سان سچائي.

شمشيرالحيدري هڪ دؤر جو نالو آهي، اهو دؤر جنهن ۾ سنڌ جون سياسي، سماجي، ادبي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تحريڪون وجود ۾ آيون. هي اهو شخص هو جنهن پنهنجي ساٿين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش جو مقابلو ڪيو، ڌرتيءَ ڌڻين کي سندن حقن جي آگاهي واري مهم کان ويندي اقتداري ايوانن تائين پنهنجو آواز پهچائڻ واري عمل ۾ شمشير سدائين اڳڀرو رهيو، هو نه وڏيرو هو نه ڪو تمام گهڻو شاهوڪار، پر هن اهي سمورا ڪم پنهنجي لکڻين ۽ عملي جدوجهد وسيلي ئي ڪيا. سندس شخصيت جا ڪيترا ئي پهلو آهن. هو هڪ ئي وقت آزاد نظم ۽ گيت جو سهڻو شاعر به آهي ته بهترين ڊرامه نگار، برجستو ڪالم نويس، بيباڪ صحافي ۽ ارڏو ايڊيٽر پڻ. جيتوڻيڪ پاڻ ڪيترن ئي سرڪاري عهدن تي به رهيو پر پنهنجي مؤقف تان ڪڏهن به پٺتي نه هٽيو.

سندس تربيت سندس مامي نذير حسين حيدري ڪئي جيڪو پاڻ به سياسي ۽ سماجي حوالي سان نه فقط ساڃاهه ۽ سرت رکندڙ ماڻهو هو پر هو عملي طرح به ماڻهن جي ڪم اچي سندن مدد ڪندو هو. شمشير کانئس گهڻو متاثر هو جنهن ڪري ئي هن پاڻ به حيدري سڏرائڻ شروع ڪيو.

شمشيرالحيدري سموري حياتي لکندو ۽ ظالم قوتن کي للڪاريندو رهيو، هن ترقي پسند ادب جو نه فقط گهرو مطالعو ڪيو پر پاڻ آخر تائين ترقي پسند ادب جو حصو رهيو، اهو سبب آهي جو سندس لکڻيون ماڻهن جي دلين جي ترجماني ڪندڙ آهن. وقت جي آمرن سان قلم ذريعي جنگ جوٽيائين. ضياء جي مارشلائي دؤر ۾ هن جا ڪالم ۽ ايڊيٽوريل بمن، بارودن ۽ شعلن کان گهٽ نه هئا، جن کي پڙهڻ لاءِ ماڻهو انتظار ڪندا هئا. ان دؤر ۾ جڏهن ماڻهو حڪومت خلاف پاڻ ۾ گفتگو به آهستگيءَ سان ڪندا هئا اهڙي صورتحال ۾ هن پنهنجو صحافتي ڪردار انتهائي بهادري ۽ برجستگيءَ سان ادا ڪيو، پاڻ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو ته هن رسالي کي باقاعدگيءَ سان وقت ڏئي معياري لکڻين کي جاءِ ڏني. ترقي پسند ادب ڇاپڻ کان علاوه هن ان دؤر ۾ جهڙي ريت مهراڻ جي سهيڙ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو سو يقينن قابل تعريف آهي. سندس لکيل ايڊيٽوريل پڻ هڪ دؤر جي تاريخ آهن. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو بنيادي ۽ پهريون ميمبر به آهي ته هن تنظيم جي مول متن ۽ مقصدن کي آئيني شڪل ڏيڻ ۾ به سندس ڪردار اهم رهيو، ون يونٽ جي تحريڪ هجي يا سنڌ خلاف ٿيندڙ ٻي ڪابه سازش هجي هن حيدريءَ پنهنجي هر هنڌ پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ضرور ڏياريو، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري ٿيڻ کان اڳ، ان دؤران ۽ ان کان پوءِ پاڻ سمورو وقت هي ادبي سنگت سان ئي سلهاڙيل رهيو. ادبي سنگت جي سيڪريٽري رهڻ دؤران هن سموري سنڌ جي اديبن سان خط و ڪتابت ذريعي رابطو رکيو ۽ ڪيترن ئي شاخن کي ٻيهر سرگرم پڻ ڪرايو.

شمشيرالحيدري جي شاعر واري حيثيت وڌيڪ آهي يا سندس نثر وڌيڪ اثرائتو آهي! ان جو فيصلو ڪرڻ ته مشڪل آهي. البته گهڻي قدر کيس هڪ شاعر واري سڃاڻپ مليل آهي. اهو شايد ان ڪري به ته سندس شاعري مختلف ڳائڻن جي ذريعي عام ماڻهن تائين رسائي حاصل ڪري چڪي آهي. جنهن سبب کيس عام ماڻهو هڪ شاعر جي حيثيت ۾ وڌيڪ سڃاڻن ٿا.

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،

ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو.

شمشير جي سڃاڻپ جي حوالن مان هڪ اهم حوالو اهو به آهي ته هن پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي سينٽر تان سنڌي ۾ پيش ٿيندڙ پروگرامن ۽ ڊرامن جا ڪيترائي اسڪرپٽس لکيا، بلڪه کيس اهو به اعزاز آهي ته هو ڪراچي ٽي وي جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر آهي ۽ ڪمپيئر آهي.

شمشير اهڙو دلبر انسان هو جنهن سان سڄي سنڌ پيار ڪري ٿي، سائين شمشيرالحيدري جي مشهور غزل ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو“ جي زمين ۾ نوجوان شاعر امر پيرزادي کيس خراج پيش ڪندي لکيو هو ته:

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،

نيڻ پنهنجا اُتي وساري ويو،

مست سنڌو ۾ جا رواني آ،

پنهنجي نظمن ۾ سا اُتاري ويو،

هُو لِکڻ لاءِ آيو ڌرتي تي،

سينڌ تخليق جي سنواري ويو.

شمشيرالحيدري جهڙا انسان جن پنهنجيون زندگيون سڦل مقصدن جي حاصلات ڪندي گذاريون ۽ عام ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ جايون جوڙيون انهن لاءِ تمغا ۽ اعزاز جيتوڻيڪ ڪا به اهميت رکندڙ نه ٿا هجن پر سندن مانَ ۽ مڃتا ۾ کين ايوارڊ ۽ تمغن سان به نوازيو وڃي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org