سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: شمشير الحيدري (شخصيت ۽ فن)

باب:

صفحو:12 

سنڌي نوجوانن ۾ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ محبت ۽ سنڌي ادارن جي ترقيءَ جا هميشه خواهشمند رهيا ۽ ان ڏس ۾ پاڻ پتوڙيندا رهيا، بابا سائين، بااصول ۽ باشعور رهيا، ڪڏهن ڪنهن عامر ۽ جابر آڏو ڪونه جهڪيا، حق ۽ سچ چوڻ وارا بي باڪ انسان هيا، ڪڏهن به اصولن تي سودي بازي نه ڪيائون، پوءِ چاهي سندن نوڪري رهي يا نه يا ڪيتريون ئي مشڪلاتون اچن، انهن جي پرواهه ناهي ڪرڻي. نهايت فقير طبيعت سان گڏ غريب جا هڏ ڏوکي ۽ همدرد هيا، ٻارن سان ٻار، وڏن سان وڏا، عالمن سان عالم، فلسفين سان فلسفي هيا.

بابا سائين پاڻ هڪ ڪامياب حڪيم به هيا، ڪيترن موذي مرضن جا علاج ڪيائون ۽ نسخا تيار ڪيائون، ڪينسر جي مرض جو علاج ڪندي خبر ناهي ڪڏهن پاڻ ان موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا، پر همٿ نه هاريندي پنهنجي حڪمت ذريعي پاڻ پنهنجو علاج پڻ ڪندا رهيا. افسوس! اسان گهر ڀاتين کي دير سان خبر پئي، کين پنهنجي بيماريءَ جو غم نه هيو، پر اکين جي وڃڻ ڪري، جيڪو سندس تخليقي عمل رڪجي ويو هو تنهن کيس وڏو صدمو رسايو ۽ ان ڳالهه کين ويتر ڪمزور ۽ بيمار ڪري ڇڏيو هو، ذهني ۽ جسماني طور پوئتي ٿيندا ويا، کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنائون، سندن چوڻ هو ته، ”لکان نٿو ته کاوان ڇو؟“ جيڪو انسان عمر ساري لکڻ جو ڪم ڪندو رهيو هجي ۽ تمام گهٽ ننڊ ۽ کاڌي جي جوانن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي سگهه رکندو هجي، هلڻ ڦرڻ وارو انسان هڪ جاءِ تي ويهجي وڃي ته ان جي ذهني حالت ڇا ٿيندي....؟؟؟؟

ظاهري طور بابا سائين اسان کي محسوس نه ڪرائيندو هو، پنهنجي تڪليف جو ڪڏهن به اظهار نه ڪيائون، نه وري پريشانين جي شڪايت ڪيائون، نهايت صابر ۽ شاڪر هيا. مون کان ڪڏهن به وسري نه سگهندو بابا سائين جو اهو چهرو، جيڪو اسپتال ۾ تڪليفن ۽ اذيتن جي سبب مرجهائجي ويو هو. لفظن ۾ بيان ڪري نٿو سگهجي، نيٺ 21 رمضان جي رات اسان کي دعائن ۾ اهوچوڻو پيو ته اي الله! بابا کي صحت ڏي يا وري پنهنجي امانت کي پاڻ وٽ گهرائي وٺ، دنيا ۾ بابا سائينءَ جيتريون تڪليفون ۽ پريشانيون ڏٺيون، اوترو ئي سندس آخرت ڀلاري ٿي، برڪتن وارو مهينو، ڀلارو جمعي جو ڏينهن، 21 رمضان، حضرت عليءَ جي شهادت جو ڏينهن، فجر جو وقت، رحمت خدا جو وسڻ ۽ چهري تي نور جو اچڻ.

اهو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.

اڄ اهو ڪمرو، جتي ڪتابن ۽ اخبارن جي ڍير جي وچ ۾ بابا سائين، ڪرسيءَ تي ويٺي پنهنجي ڪم ۾ مشغول نظر ايندا هيا، ويران ۽ اداس نظر اچي ٿو، بس بابا جون ڪجھه يادون ان ڪمري سان وابسته آهن. دل کي يقين نٿو اچي ته بابا جن اسان کان جدا ٿي ويا آهن، ڄڻ لڳي ٿو ته بابا ڄاڻ فون ڪري اسان سڀني گهر وارن جي خيريت پڇندو.

آءٌ خراج تحسين پيش ڪريان ٿي بابا سائينءَ کي، سلام بابا جي صبر ۽ همٿ کي، سلام ان جي اکين مان وهندڙ لڙڪن کي جيڪي ڪنهن تڪليف جي ڪري نه پر اهي لڙڪ هئا سنڌ ڌرتيءَ کي ڇڏڻ جا ۽ پنهنجن پيارن جي وڇوڙي جا.... شمشيرالحيدريءَ جو موت هڪ شخصيت جو نه، پر هڪ تاريخ ۽ هڪ تحريڪ ۽ هڪ عهد ۽ اداري جو موت آهي. جيستائين سنڌ آهي بابا جو نالو هميشه روشن رهندو. يقين آهي ته رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪئي هوندي، هن ڌرتيءَ تي هو هميشه اسان جي دلين ۾ زندهه ۽ سلامت رهندا.

نوٽ: (بابا سائين شمشيرالحيدريءَ جي ڳڻتيءَ جوڳي حالت تي لکيل هڪ خيال)

منهنجو بابا

 

ڏات ڌڻي او ڏات ڌڻي، ڇا ڏاتر توکي ڏات ڏني،

سوچ جي اهڙي سندرتا، ڄڻ رابيلن تي رات ڀني.

 

هو جيڪو ڪائنات جو تخليقي اسرارن تي نظر رکي ٿو،

جيڪو ڌرتي ۽ آڪاش جي رشتن کي ڄاڻي ٿو،

 

هو جيڪو صبر جي انتهائي ڇيڙن تي بيهي،

اصولن جي پاسداري ڪري ٿو،

 

هو جيڪو مٽي ۽ ماڻهپي جو مان ڄاڻي ٿو،

ڏاڍ ۽ ڏمر اڳيان اڏول.

 

زندگيءَ جي انيڪ گردشن ۽ مشڪلاتن ۾،

حوصلي سان مرڪندو رهي ٿو.

 

هو جيڪو حق، حسن ۽ خئير جو پاسدار آهي،

محبتن جو مبلغ ۽ عشق جو امانتدار آهي،

ضعيف هوندي قلم جي ساک سنڀاليندو اچي،

هو جيڪو زندگيءَ جي تلخين کي بي فڪري جي گلاسن ۾ اوتيندو

ماحول جي بيچين پيڙائن کي سگريٽ جي دونهين ۾ اڏائيندو

فڪر ۽ فهم جا ڇٽ ڇٽيندو رهي ٿو

 

هو جيڪو عمر جي آخري ڏهاڪي تي بيهي،

سچ ۽ سونهن جا هوڪا ڏيندو رهي ٿو

سو منهنجو پيارو بابا آهي

 

شال ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو فقير صفت ماڻهو،

سدا سلامت رهي ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جا گهڙا ڀريندو رهي.

 

نوٽ: (ڪجھه سال اڳ بابا جي سالگرهه تي لکيل تاثر)

 

بس ڪجھه پل....

اي موت! بيهي رهه،

نه گهٽاء فاصلن کي،

 

بي نور اکڙين جي ويرانين کي ڏس،

ڏڪندڙ هٿن جي لرزش کي ڏس،

 

ڏس توسان، اکيون ملائي،

ڪجھه چئي رهيو آهيان،

وڙهي رهيون آهن،

 

جهور جسم سان ۽ بلند حوصلي سان،

آءٌ ڏات ڌڻي، آءٌ سراپا سچ،

توسان هلڻ کان انڪار ڪريان ٿو،

ها! آءٌ زندگيءَ سان پيار ڪريان ٿو،

 

دل جي نازڪ رڳن ۾،

اميدن جي لاٽ ٻاري،

آس ۽ نراس جي چؤواٽي تي،

تخليق جي اڏام سان،

آڪاش جي بلندين تان،

ڌرتيءَ جي، خوشبوءَ کي،

پنهنجي ساهه ۾ سمائي،

ڪو گيت لکڻ ٿو چاهيان.

 

انوکي نور سان سڀ ڪجھه ڏسان ٿو،

پنهنجو پاڻ تي حيران ۽ نازان،

امر آهيان، مرڻو نه آهيان،

بس! قلندري ٻيڙي جو فقير،

هر فڪر تي بي نياز مولائي آهيان.

 

ڇا آهي؟ درد نٿو ڄاڻان،

زندگيءَ جي تلخين جو زهر،

زم زم ڪري پيتو اٿم،

۽ پي رهيو آهيان،

تون ڇا مون کي مات ڏيندين،

آءٌ توکي مات ڏيان ٿو.

 

اي موت جا فرشتا!

ڇو منهن گوڏن ۾ هڻي روئي رهيو آهين،

نه رو پنهنجي بيوسيءَ تي،

ڇا ياد ڪندين،

توسان گڏ هلان ٿو.

 

پر! ٿورو ترس يار،

توکان ڪجھه پل گهران ٿو،

پنهنجن پيارن سان گڏ گذارڻ واسطي،

 

اي موت! بيهي رهه!

نه گهٽاءِ فاصلن کي،

توسان گڏ هلان ٿو،

بس ڪجھه پل گهران ٿو!

ڊاڪٽر ايوب شيخ

 

وقت گزري ڪونه ٿو، پاڻ ئي گذرون پيا

 

سنڌ جي نامياري شاعر، اديب، ايڊيٽر ۽ صحافي، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي بانيڪار، ٽماهي ”مهراڻ“ ڄام شورو ۽ روزاني ”مهراڻ“ حيدرآباد جي ايڊيٽر، روشن خيال ليکڪ شمشيرالحيدري جمعي ڏينهن صبح جو گذاري ويو. بقول سندس شعر جي:

هڪڙو شمشير هو زماني ۾،

سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.

شمشيرالحيدري 80 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. هن گذريل صديءَ جا 68 ورهيه ۽ هن صديءَ جا 12 ورهيه کل خوشي، زبردست محنت، سنڌي ادب جي بيش بها خدمت ڪندي گذاريا. هن جي زندگي زبردست گذري، اها هن شعوري طور زبردست گذاري. اصل ۾ انسانن جي اڪثريت زندگيءَ کي گهاريندي آهي، پر هن ان کي گذاريو ۽ اهو سڀ ڪجھه ڪري ڏيکاريو. هو سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن توڙي صحافين ۽ شاعرن ۾ پري کان نظر ايندڙ اڪيلو شخص هيو جيڪو پنهنجي ڏات سان سٿيل، زندگيءَ جي سمورين مجبورين کي بنا رڙ دانهن جي پُٺيءَ تي کڻي هلندڙ هيو. ايستائين جو ڪئنسر مٿس اڍائي ورهيه اڳ حملو ڪيو هيو ته هن ان کي به ساڳئي وهنوار ۽ صبر سان تسليم ڪندي ان سان پاڻ منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪندي ڪنهن کي به تڪليف ڪانه ڏني هئي. شمشيرالحيدري سنڌ جي انهن اديبن ۽ ليکڪن ۽ ايڊيٽرن مان هيو جيڪي پنهنجي ويهڻ لاءِ ٽيڪ استعمال نه ڪندا هيا. بنا ٽيڪ ويهڻ ۽ هلڻ ۽ زندگيءَ جا مزا وٺڻ جا اهي فن رڳو ڪجھه ماڻهن سکيا آهن. شمشير انهن ۾ شاندار هيو.

سندس زندگيءَ جا آخري ڪجھه مهينا هن سان الاهي حجت رهي. الاهي ڳالهيون ڪيائين. ڳالهائڻ ۾ بيباڪ هيو، آهستي آهستي ماڻهن جي کل لاهي، پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيندو هيو. تمام گهڻن ماڻهن سان سندس ملاقاتون، واقفيتون، رهاڻيون، رشتا هيا. هن جو خيال هيو ته انهن سمورن ماڻهن کان هڪ ڳالهه وسري ويئي هئي ته انهن کي سمورو وقت سنڌ جي ادب ۽ سماج لاءِ ڪجھه نه ڪجھه ڪرڻو هيو. هن کي ڪنهن به ٿڙي ويل، ڀُليل، ڀٽڪيل ماڻهوءَ تي ڪوبه افسوس نه ٿيندو هيو. هو انهن معاملن ۾ پنهنجو وقت وڃائڻ بدران پنهنجي ڪم تي لڳو پيو هوندو هيو.

سنڌي ادبي بورڊ ۾ هن جو اوائلي زماني ۾ هڪ سينيٽر مرحوم سان ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿي پيو. سينيٽر صاحب چڙي پيو. هو چڙڻ تي شمشير جي صبر تي. اوچتو پنهنجي شهنشاهي فرمان مان، شمشير کي ”هاڻي جو هاڻي“ گهر خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ٿيو. شمشير گهر اندر وڃي پنهجي گهر واري کي ٽپڙ کڻڻ جو چيو. ٻيئي ادبي بورڊ جي بلڊنگ کي هٿ لوڏيندا، ڄام شوري جي مين هاءِ وي تي پنڌ ڪندا، زماني جي ”ادائن“ ۽ دلربائين“ تي ٽهڪندا، پيٽاڙي جي پراڻي روڊ تان پنڌ ڪندا دوائن جي ڪمپني ۾ موجود پنهنجي عزيز وٽ وڃي ترسيا. هڪ هفتي کان پوءِ، سينيٽر صاحب ماڻهن کي وچ ۾ آڻي شمشيرالحيدري کان ”ڦڪي معافي“ عرف ”معذرت“ گهري. شمشيرالحيدري اهڙي سخاوت کان انڪار ڪيو ۽ سنڌي ادبي بور ڊکي باءِ باءِ چئي ڇڏيو. تاريخ جي سيني تي شمشيرالحيدري سان اها ”حڪمران ڏاڍائي“ اڄ به پنهنجي مٿان چٿرون ڪري، شمشير کي وڌيڪ مانوارو پيئي بڻائي.

شمشيرالحيدري کي سندس عزيز ۽ اسان جو دوست ڊاڪٽر مسرت خواجه سندس گهران وٺي ڪلفٽن جي اسپتال ۾ وٺي آيو. اتي ايترو ٿيو جو گرمي ۽ گهر اندر ٽپڙن ڪرڻ ۽ هر ڪرندڙ پليٽ تي شمشير جو اهو پڇڻ ته ”ڇا ڪريو؟“ کان بچي ويو. گهر جي ”ڪرِ ڪرِ“ کان پري ڪئنسر ۾ مبتلا شمشيرالحيدري آرام سان دوستن سان ڳالهائڻ، فون ڪرڻ ۽ خصوصي طور، ٽي وي چينلن سان نه ڳالهائڻ جي ورزش ۾ لڳي ويو. مون کيس ڪي ٽي اين يا ٻين دوستن جي سٺي هجڻ ۽ انهن سان ٻه چار لفظ ڳالهائڻ جي حجت ۽ فرمائش ڪئي ته هن چيو ته ”اها گارنٽي ڪير ڏيندو ته چينلن تان بيوس حالت، حالتِ زار، منهنجي مفلسي جون عجيب ۽ هوش ربا ڪهاڻيون نه اينديون“ قادر لاشاري کيس چيو ته ”اوهان جيڪي چوندا اهو سڀ ڏينداسين، اوهان رڳو اسان تي مهرباني ڪريو“ پوءِ اخبارن ۽ چينلن سندس مرضيءَ سان خبرون هلايون. عمر جي ان حصي ۾، موت جي واديءَ جي ان مسافر کي پنهنجي مسڪيني حال تي ناز هيو، ان تي ڪنهن کي به چٿر ڪرڻ جو مجاز ۽ مالڪ نه بڻائي سگهندو هو. ان اسپتال ۾ سندس جسم ۾ موجود سرطان سندس جسم جي هڏين کي جڪڙي ڇڏيو هيو. سرطان جسم جي ٻين عضون جي سموري سسٽم کي ختم ڪرڻ لاءِ خرابيون وڌائي رهيو هيو. ان حالت ۾ مون کي ساڻس ڪيئي ڳالهيون پڇڻيون هيون، ڪيئي اهم تاريخي گواهيون وٺڻيون هيون، ڪيئي رڪارڊنگس ڪرڻيون هيون. اهو سڀ ڪجھه پهرين ٿيڻ گهرجي ها، جڏهن سندس صحت به هئي ته يادگيرو به هيو. مون کي ڪجھه سنڌ جي وڏيرن، انهن جي سنڌ دشمنين تي ڪي حوال پڇڻا هيا. هڪڙي ڏينهن چيائين ته ”ٻه ڏينهن ترس، سڀني جا ليکا صاف ڪنداسين“ سندس صحت بحال ٿي نه سگهي. تاريخ جي باري ۾، ارهه زوراين جي باري ۾ سنڌ جي سڄڻ نما دشمنن جي باري ۾ هن کي ڪيئي يادگيريون ٻڌائڻيون هيون. پر اهو سڀ ڪجھه نه ٿي سگهيو.

ڪجھه ڏينهن کان پوءِ، ڪلچر کاتي وارا کيس آغا خان وٺي ويا. جتي ساڻس ڪيئي دفعا ملاقاتون ٿيون. اتي سندس ڳالهائڻ، کائڻ پيئڻ بند ٿيندو ويو. شمشيرالحيدري سرطان مخالف دوائن جي ڪري آهستي آهستي ڳري پيو. سندس جسم تان ماس قرض وانگر لهڻ لڳو. هڏن جي سخن ور جمعي ڏينهن ساهه ڏنو پر ويساهه نه ڏنو. هن جي بيباڪي، هن جي مسڪيني حال ۾ خوش رهڻ جي ادا ۽ سنڌي ادب کي سوين ڪتاب ڏيندڙ شمشيرالحيدري اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو. هن موقعي تي، سنڌ جي اديبن، شاعرن، ليکڪن کي اها گذارش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ”محنت“ اوتري ڪرڻ سکن، جيتري شمشيرالحيدري ۽ ان زماني جا اديب ڪندا هيا. هاڻي وري محنت جو زمانو اچي پيو. اچو ته ”گوگلي اديبن“ Google Writers ۽ ”کڻو ۽ ڇاپيو“ Cut & Paste واري روش ڌاريندڙ رواجي اديبن جي قلعن کي ڊاهي شمشيرالحيدري جي محنت ۽ ساک سان ٺهيل قلعن کي آباد ڪريو.

شمشيرالحيدري جا ڪجهه شعر

”وقت“ جي نالي سان هڪ نظم ۾ لکي ٿو:

وقت آهي بادشاهه،

وقت کي آهي سلام.

وقت ڪنهن جي لاءِ ترسي ڪونه ٿو.

وقت ويندو نيٺ گذري، جو ويو گذري سو موٽي ڪونه ٿو.

وقت ڪيئن گذري ويو، ڪل ئي نه پئي،

سڀ غلط آهي، غلط آهي، غلط!

وقت بي حرڪت، سراسر بي وجود:

لازمانيءَ ۾ مڪانيت جو حُسنِ اتفاق،

ڪهڪشاني روشنين، اونداهين جو کيل، گردش

ابتدا کان انتها تائين فقط هڪڙي خيالي شاهراهه،

جنهن تي دم دم زندگيءَ جا قافلا گذرن پيا،

وقت گزري ڪو نه ٿو،

پاڻ ئي گذرون پيا.

سنڌو ندي جي بچاءَ ۽ ان کي سنڌو سڀيتا جو بنياد ۽ دائمي نشان سڏيندي ان جي حفاظت لاءِ ”تهذيب دشمن“ نظم ۾ شاعر چئي ٿو:

اڙي راڄ وارا،

اڙي راڄ وارا،

اچو ۽ ڏسو، منهنجي هٿ تي هي تهذيب دشمن

خبيثن کي شهه مات جي چال آهي لکيل:

اوهان جي، جا شاهڪار تهذيب آهي قديم ۽ عظيم

ڪرشمو فقط آهي سنڌوءَ جو پاڻيءَ سندو:

جي پاڻي نه آهي ته سنڌو ڪٿي؟

جي سنڌو نه آهي ته تهذيب ڇا؟

ته اي راڄ وارا،

وڃي پنهنجي تهذيب جي لاءِ سنڌو بچايو،

۽ سنڌوءَ جي لئه اُن جو پاڻي بچايو:

نجات آهي پاڻي،

حيات آهي پاڻي،

هي پيغام آهي مهين جي دڙي جي ٻڍي نرتڪيءَ جو، اوهان جي امڙ جو.

آئون شمشيرالحيدري جي پونئرن، گهرواري، نياڻين، پٽن، پوٽن، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين، دوستن، اديبن، شاعرن ۽ صحافين سان تعزيت ڪندي انهن کي پڻ گذارش ڪرڻ ٿو چاهيان ته شمشير جي سمورين لکتن، ٽڙيل پکڙيل ڪاغذن، تقريرن، مقالن کي سهيڙيندي سنڌ جي هن اورچ ادبي هيري کي ياد رکندا اچئون.

 

امين لاکو

عشق جو آخري سردار به موڪلائي ويو

 

سنڌ تان هڪ اهڙو دؤر به گذري چڪو آهي، جڏهن ترقي پسند اديب ۽ ادب جي راهه ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون وڌيون ويون. تنگ نظر ملان ان دؤر ۾ هر ان تحرير تي مذهبي غلبي جي زنجير وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جي اکر اکر سندس جهالت ۽ گهٽ نظري کي ٺيس پئي پهچائي، ان دؤر ۾ سنڌ جي جيد عالم مولانا غلام محمد گرامي انهن ملن کي چئلينج ڪيو ۽ هن ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ جي نالي سان عالم آشڪار مقالو لکي، نه صرف انهن مذهبي ٺيڪيدارن جا وات بند ڪيا، پر ترقي پسند ادب جو به ڀرپور دفاع ڪيو. ساڳئي طريقي سان ايوبي آمريت جي دؤر ۾ وري شمشيرالحيدري به علمي محاذ تي سنڌ جو مضبوط مورچو اڏيو ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جي سپهه سالار طور ڪم ڪيو. شمشير هڪ ئي وقت شاعر، ڊارمه نگار، صحافي، مترجم، نقاد، ٻولي جو پارکو، اسڪرپٽ رائيٽر ۽ مرتب رهيو. هو گوناگون شخصيت جو مالڪ هو. تمام وڏن عهدن تي به رهيو ته بيروزگاريءَ کي به ويجهو کان ڏٺائين. هو سنڌي ادب جو جديد عالم هو ۽  پنهنجي اٿڻي، ويهڻي سميت عملن به اهو ثابت ڪيو ته هو وزندار عالم آهي. ان ڪري هو ڪٿي به سکڻي ڪنيءَ وانگر نه اڀاميو، سندس پهرين شعري مجموعي ”لاٽ“ ۾ هن جي شاعريءَ کي تازو پڙهيو اٿم. ان ۾ سندس سنجيده شاعريءَ سان گڏوگڏ مزاحيه شاعري به ڪمال جي آهي. هن مزاح ۾ به جيڪا تيز ۽ تُز طنزيا ٻولي استعمال ڪئي آهي ان ثابت ڪيو آهي ته مزاح ۽ ولگرٽي ۾ ڪيترو فرق آهي. ”مزاح“ ۾ هن پيروڊيز تي وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي. جيتوڻيڪ ادب جي هيءَ صنف اسان وٽ تمام گهڻي پراڻي آهي، پر شمشير ان ۾ به هڪ سنجيده لکڻيءَ کي جهڙي نموني اڀاري اڳتي آندو آهي ۽ جهڙو علامت نگاري سان هن ان کي سنواريو آهي. اهو ڪمال صرف شمشير ئي ڪري سگهي ٿو. مثال طور تي قوم جي مجموعي غدارن کي هن جنهن نموني هن پيروڊيءَ ۾ ننديو آهي. اهو اوهان به پڙهي وٺو.

”گهمي ڏسو بازار او يار

سنڌڙي کي سر ڪو به نه ڏيندو

جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائي

ٿيندا ڀوڳ هزار او يار

سنڌڙي کي سر ڪو به نه ڏيندو

ڪانگ ڀلا ڇا ڪيرائيندا

دوکي جي ديوار او يار

سنڌڙي کي سر ڪو به نه ڏيندو“

هن ديس جي غدارن ۽ نعري باز ليڊرن جيڪي سنڌ جو نالو صرف ڪرسيءَ خاطر کڻندا آهن. انهن کي ”ڪانگن“ سان تشبيهه ڏئي ڪهڙي نموني شمشير سندن شجرو ظاهر ڪيو آهي.

هاڻي پاڻ اچون ٿا شمشير جي سنجيده ڪم تي ”شمشير“ جو هلندڙ سال ثقافت کاتي پاران هڪ ڪتاب پڌرو ڪيو ويو آهي. جنهن جو نالو آهي ”سنڌي شاعريءَ جو اڀياس“ ان ڪتاب ۾ شمشير بنيادي بحث ته ”آزاد نظم جي اوسر“ تي ڪيو آهي. پر جهڙي نموني هن اوائلي سنڌي شاعري سميت اردو شاعريءَ جو اڀياس ڪيو آهي. اهو ڪمال جو آهي. پنهنجي هن تحقيقي ڪم ۾ شمشير ڪيترائي بحث به ڇيڙيا آهن. مثال طور هو لکي ٿو ته اوائلي سنڌي شاعرن ”گل“ ۽ سانگي عروضي شاعريءَ ۾ فارسي ۽ ايراني اصولن جي سختيءَ کي نه قبوليو آهي ۽ بيوس کان ويندي سمورن شاعرن عروضي شاعري کي مڪمل طور نه اپنايو آهي. پر ان ۾ پنهنجي ڪلاسيڪي ورثي کي سامهون رکي زبان، مواد ۽ ماحول ۾ مقامي روايتن جو رنگ قائم رکيو آهي.

اسان وٽ اڄ به ڪيترائي اهڙا شاعر آهن. جيڪي آزاد نظم کي نه ٿا قبولين. پر شمشير آزاد نظم جو بڻ بڻياد ظاهر ڪري ان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ شموليت جي نه صرف آجيان ڪئي پر دليلن جي بنياد تي ان کي سنڌي شاعري جي مضبوط صنف قرار ڏنو آهي. پنهنجي زندگيءَ ۾ ورهاڱي کان وٺي آمريت جا عذاب اکين سان ڏسندڙ ۽ سهندڙ شمشير جي رڳ رڳ ۾ سنڌيت رت وانگر سمايل رهي. شمشير جي شاعريءَ ۾ به اهڙو باغي پڻو سمايل آهي. جڏهن سنڌ جو نانءُ وٺڻ ڪنهن پاپ وانگر هو ۽ وطن سان محبت جي اظهار جو ميوو وقت جي بازار ۾ ممنوع هو، ان وقت به شمشير پنهنجو آواز ڪجھه هن ريت اٿاريو ته:

”هر هر ٿيو اچن وقت جي سوريءَ جون صدائون

افسوس اناالحق جو آواز نه آهي“.

هن دؤر ۾ جڏهن سنڌ تي راتاها لڳي رهيا آهن ۽ ڌرتيءَ جو ٻچو ٻچو ڄڻ ته جنگي ميدان ۾ بيٺل آهي ۽ سنڌ جي ڪجھه باغيرت ۽ باشعور اديبن پنهنجا ميڊل ۽ تحفا به واپس ڪيا آهن ۽ ڪجھه ان سلسلي ۾ خاموش به آهن ته اهڙي وقت ۾ شمشير جي وڌيڪ ضرورت ان لاءِ به محسوس ٿي رهي آهي ته هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو به ميڊل يا تحفو نه طلبيو. هي درويش ماڻهو اهڙي دؤر ۾ به سنڌ سان عشق جي گناهن کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو هو، هو چوي ٿو ته:

”خيال توبهه جو مون کي به آهي ناصح

ڪرڻ ڏي مون کي گناهن کي بيشمار اڃان“.

شمشير جي شاعريءَ ۾ ٻيو جيڪو پهلو نمايان آهي اهو محبت آهي ڇو ته بنيادي طور تي هر شاعر عاشق هوندو آهي، عشق جي چڻنگ کان سواءِ شاعري ٺريل ٽانڊي کان پوءِ رهجي ويل رک جهڙي آهي، جيڪا روح کي راحت ڏيڻ بدران منهن ۾ ڌوڙ وانگر لڳندي آهي شمشير جيترو سنڌ سان محبت ۾ سنجيده هو، اوترو ئي سندس دل ۽ طبيعت رنگين ۽ دلنشين به هئي. هن پنهنجي سموري شاعري ۾ پنهنجي اندر جي حسناڪي کي ائين اوتيو آهي جيئن ڪو سونارو سون کي پاڻي ڏيندو آهي ۽ سندس اها ئي حسناڪي سندس شاعريءَ ۾ نمايان نظر اچي ٿي، هو لکي ٿو ته:

”نگاهون کڻي داد جي لئه نهارڻ جي ڪهڙي ضرورت،

اوهين آهيو سهڻا اوهان جي اهائي وڏي ڳالهه آهي“

شمشير پنهنجي شاعري ۾ هڪ دعويٰ ڪئي ۽ ان دعويٰ تي قائم رهيو اڄ جڏهن هو اسان ۾ نه آهي ته سندس هي سٽون ڪيڏيون نه معنيٰ خيز بڻجي سندس کوٽ کي محسوس ڪرائي رهيون آهن ته:

جهان عشق جو سردار آخري آهيان،

حضورِ حسن ۾ حاضر وري وري آهيان،

ملنگ، مست، الستي، قلندري آهيان،

عجيب آهيان هزارن ۾ حيدري آهيان.

اڄ واقعي به لڳي ٿو ته عشق جو آخري سردار هاڻ اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي.

 

مشتاق گبول

شمشيرالحيدري جون پيروڊيون

 

ارسطو پنهنجي تصنيف شاعريءَ جي مقدمي ۾ لکيو آهي ته مزاح، سنجيدگي جي ضد ۽ ابتڙ کي چئبو آهي. انگريزي ادب جي اي گڊن ادبي محاورن تي مشتمل پنهنجي لُغت ۾ پيروڊي جي باري ۾ لکيو آهي ته:

An imitation of the style of particular writer, Artist or genre with deliberate exaggeration for comic effect.

سنڌي ۾ هيئن چونداسين ته ”ڪنهن ليکڪ، شاعر، آرٽسٽ جي سنجيده لکڻي کي ڄاڻي ٻجهي وڌاءُ ڪري مزاحيه رنگ ڏيڻ کي پيروڊي چئبو آهي“.

پيروڊي ادب، آرٽ، موسيقي جي اهڙي نقل کي چئجي ٿو جنهن ۾ ڪنهن به اديب ۽ شاعر جي سنجيده لکڻي کي مزاح جو رنگ ڏنو وڃي، جنهن ۾ ڪنهن به اديب ۽ شاعر جي سنجيده لکڻي کي ڦيرائي، تبديل ڪري ان طنز، مزاح سمائي ان کي کل ڀوڳ بڻائي پيش ڪجي جنهن جو مقصد فرد يا معاشري جو سڌارو ۽ اصلاح هجي ٿو.

مزاحيه شاعري ئي پيروڊي لکڻ جو سبب بڻي، توڙي جو پيروڊي ۾ مزاحيه شاعري ئي آهي پر اها ٻي ڪنهن ليکڪ جي سنجيده لکڻي جي مزاحيه انداز ۾ نقالي آهي، سو سڀ کان اڳ ۾ ٿورو مختصر نموني مزاحيه شاعري جي تاريخ تي نظر ڊوڙايون ٿا. شاهه لطيف جي شاعري کي جڏهن پڙهون ٿا ته ان جي شاعري ۾ به مزاح موجود آهي. شاهه لطيف جي رسالي جي سُر بلاول ۾ وڳنڌ فقير بابت لکيل ڪجھه بيت نموني خاطر هيٺ ڏيان ٿو:

اسور سندو آسرو، وڳنڌ کي وڏو،

جُسي ۾ جڏو، پر کيڻ تي کڙا کڻي.

 

وڳنڌ وري آئيو، پينارئون پوءِ،

محڪم لڳس موچڙا، ذرو نه ڏنس جوءِ،

ويٺو ايهين چوءِ، ته پيران پاسي نه ٿيان.

شاهه لطيف جي زماني کان پوءِ ٽالپرن جي دؤر ۾ ثابت علي شاهه ۽ خير شاهه جي مزاحيه مناظرن کان وٺي حمل فقير جا مزاحيه شعر به پڙهڻ وٽان آهن. ان کان پوءِ روايتي شاعريءَ واري دؤر ۾ شمشير چواڻي ته شمس الدين ”بلبل“ کي مزاحيه شاعريءَ جو ابو سڏجي ٿو. ٽکڙ جتان سنڌي غزل لکڻ جي ابتدا ٿي آهي اتان جي شاعرن ۾ محمد هاشم ”مخلص“ طنز و مزاح جو وڏو نالو آهي. محمد هاشم مخلص کان پوءِ محمد خان ”غني“ به مزاحيه شاعريءَ ۾ پاڻ ملهايو. مرزا قليچ بيگ، جمعو خان غريب، ”بسمل“ محمد بخش ”واصف“ کان پوءِ واري دؤر کان اڳ شيخ اياز جي شاعريءَ تي پيروڊي ٺاهڻ جي ابتدا به رشيد ڀٽي ڪئي. رشيد ڀٽي لاءِ مشهور آهي ته هو شيخ اياز جي شاعري تي پيروڊيون ٺاهي اياز کي ٻڌائيندو هو ته ڪنهن شاعر تنهنجي شاعري جي پيروڊي لکي آهي. سنڌي ادب ۾ پيروڊي ٺاهڻ جي حوالي سان رشيد ڀٽي جي ڪيل ابتدائي ڪم کان پوءِ شمشيرالحيدري وڏو نالو آهي. شمشيرالحيدري پڻ رشيد ڀٽي وانگي شيخ اياز جي شاعريءَ جون پيروڊيون ٺاهيون ۽ ڪمال درجي جون ٺاهيون. شمشيرالحيدري جي پيروڊين تي لکڻ کان اڳ ۾ مان شمشير جي ڪتاب ”سنڌي شاعري جو اڀياس“ ۾ شامل هڪ اهم مقالي سنڌي ۾ مزاحي شاعريءَ مان هي حوالو نقل ڪندس ته........ طنز ۽ مزاح جو فن ليکڪ لاءِ پلصراط جيان آهي. جيڪا چون ٿا وار کان سنهي ۽ تلوار کان تکي آهي ۽ جنهن جي ٻنهي پاسن کان تحت الثريٰ آهي جيڪو ٿڙيو سو ويو. سچ ۽ ڪوڙ جون سرحدون هڪ ٻئي کي ايڏو ته اوڏيون بلڪه مليل آهن جو انهن جي انتها تي پهچي سچ تي ڪوڙ جو ۽ ڪوڙ تي سچ جو دوکو ٿيڻ لڳندو آهي. سچ به جيڪڏهن حد کان وڌيڪ پچاربو ته اهو ڪوڙ سمجهيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪوڙ به حد کان وڌيڪ ورجائبو ته ماڻهو ان کي نيٺ سچ ڪري ڀائيندا، سو هي سچ ۽ ڪوڙ جي انتها جو فن آهي جنهن کي نڀائڻ انتهائي مشڪل آهي. مزاح جو مطلب مذاق ۽ مسخري کان علحدو آهي بلڪه هي سنجيدگي جي انتها جو فن آهي جنهن کي ذري برابر هلڪڙائپ به ختم ڪريو ڇڏي.

هاڻي مان ٻيهر پيروڊي تي اچان ٿو، جنهن نقل ۽ نقالي ڪرڻ کي مزاح جو رنگ ڏنو وڃي ٿو تنهن کي پيروڊي چئبو آهي. جنهن ۾ معاشرتي براين تي طنز ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ انسانن جي خامين، عيبن ۽ براين تي مزاحيه انداز ۾ طنز جي صورت ۾ چوٽ ڪئي ويندي آهي.

شيخ اياز جي مشهور وائي آهي ته......

سهندو ڪير ميار، او يار!

سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو.

شمشيرالحيدري انهي وائي جي پيروڊي ٺاهي آهي ته........

گهمي ڏسو بازار، او يار

سنڌڙيءَ کي سر ڪو به نه ڏيندو

جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائي

ٿيندا ڀوڳ هزار، او يار

سنڌڙيءَ کي سر ڪو به نه ڏيندو

گهڙا کڻي گهڙنديون سؤ سهڻيون

کنگهندا ڪونه ميهار، او يار

سنڌڙيءَ کي سر ڪو به نه ڏيندو

ڪانگ ڀلا ڇا ڪيرائيندا

دوکي جي ديوار، او يار

سنڌڙيءَ کي سر ڪو به نه ڏيندو

ماهيا ويٺا ڳائين سنڌ ۾

ٻيجل جا سڀ ٻار، او يار

سنڌڙي کي سر ڪو به نه ڏيندو.

هن پيروڊي ٺاهڻ وقت شمشيرالحيدري سنڌي قوم جي غدارن ۽ ضمير فروشن تي طنز ۽ چوٽ ڪئي آهي جيڪي ڌرتي تي سر ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر پنهنجي ڪرسيءَ بچائڻ خاطر سنڌڙيءَ جو سودو ڪندي دير ئي نه ٿا ڪن. هي پيروڊي بزدلن، ڀاڙين ۽ ڊڄڻن تي طنز آهي ۽ انهن جي دلين ۾ سنڌڙيءَ جي محبت اڀارڻ جي ڪوشش آهي، انهن جي مئل ضميرن کي جيئارڻ جهڙي ڪوشش آهي. شمشيرالحيدري سنڌي قوم جي نفسيات کان بخوبي واقف هو، ان کي خبر هئي ته سنڌڙيءَ تي سر ڏيڻ جو وقت آيو ته سر ڏيڻ وارا تمام ٿورا هوندا ۽ اجايون ڳالهيون سَڌون ڪرڻ وارا ڊنب ڊاڙي گهڻا هوندا. شمشيرالحيدري وقت شناس شاعر آهي. اڳي وقت هو جڏهن سهڻين جي ڪڍ ميهار مرندا هئا پر هاڻي ميهار رهيا ئي ناهن ۽ اهي سهڻين کي کنگهن ئي نه ٿا.

اڳين زماني جي ڳالهه آهي ته هڪڙو غريب ماڻهو پنهنجي خوبصورت زال سان گڏ ڪٿي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ انهن کي ڪجھه لوفر چور گڏيا، جيڪي انهن جي ڪڍ لڳا. انهن جون نظرون غريب جي زال ۾ هيون، ته غريب ماڻهو اهو لقاءُ ڏسي هڪ جڳهه تي پنهنجي زال کي بيهاري پاڻ ڪنهن جي مدد لاءِ واجهائڻ لڳو ۽ اهي چور وڃي هڪ ڀت جي ڇانءَ ۾ ويٺا. قدرت الله جي، انهن مٿان ڀت ڪري پئي ته زال سڏ ڪندي مڙس کي چيو ته ڀاڙين مٿان ڀت، ڪانون ڪيرائي.

شمشيرالحيدري وائي جي پيروڊي ۾ انهي پهاڪي کي طنزيه طور استعمال ڪيو آهي، ڇو ته دوکي جي ديوار ڪانگن کان ناهي ڪِرندي.

شمشيرالحيدري کي مزاحيه شاعري ۽ پيروڊي تي به ايترو ئي عبور هو، جيترو هن کي نظم، غزل ۽ چؤسٽي تي هو.

شمشير انهي پيروڊي ۾ مزاح، ٻوليءَ، خيال ۽ فڪر جو خاص خيال رکڻ سان گڏوگڏ وائي جي صنف جي سٽاءُ جو به خاص خيال رکيو آهي سموري پيروڊي ۾ ڪٿي به هلڪڙائپ ناهي جنهن سان پيروڊي جو مقصد ۽ پيغام مري وڃي ها ۽ ڪٿي به اجاين لفظن جي ڀرمار ناهي لفظ توري تڪي ڏاڍي ڪاريگري سان استعمال ڪيا ويا آهن.

شمشير جي سمورين پيروڊين ۾ مزاح جي موج سمايل آهي جنهن کي پڙهندڙ ماڻڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. شمشير پنهنجين پيروڊين ۾ طنز جا تيز نشتر به خوب استعمال ڪيا آهن شمشير جون پيروڊيون طنز ۽ مزاح جو بهترين مثال آهن.

شيخ اياز جي مشهور نظم ”مان ڏوهي هان“ جي پيروڊي، شمشيرالحيدري هيئن ڪئي آهي ته:

”مان ڏوئي آن، مان ڏوئي آن،

مون ڪيئي ڀت رڌيا آهن.

 

هن گهر جي گدلي رڌڻي ۾،

هيءَ پيڄ جي پاٽ به ڏوهي آ،

۽ ٻارڙو ڪوئي کچڻيءَ لئه،

جي روئي ٿو ته دروهي آ،

هي ڏوهه نه آهي، ماڻهو لئه،

مون ديڳ جي، دلڙي موهي آ،

مان ڏوئي آن، مان ڏوئي آن،

 

مون ڏات انوکي آندي آ،

ٿو ڀت وڙهي اُڦراٽن سان،

هر ٻوڙ جي لذت پنهنجي آ،

مٽرن سان، آلو، ٽماٽن سان،

ٿو تنهنجو ڀاري پيٽ ڏڪي،

ڪيئن دالين جي سُرٻاٽن سان!

مان ڏوئي آن، مان ڏوئي آن،

شيخ اياز جو نظم جيترو خوبصورت آهي، شمشيرالحيدري جي پيروڊي به اوتري خوبصورت ۽ معياري آهي هي پيروڊي سنڌي مزاحيه شاعري جو اعليٰ نمونو آهي. جنهن ۾ مزاح ۽ ظرافت جا مختلف رنگ بخوبي پسي سگهجن ٿا هن پيروڊي ۾ شمشير جي تخيل جي قوت کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي، جنهن کي پڙهندي اسان اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته شمشير سنڌي ۾ مزاحيه شاعري جو اعليٰ پائي جو شاعر آهي. شمشير جي انهي سڃاڻپ کان گهڻا ماڻهو اڻ واقف آهن. شمشير جيترو غزل، نظم ۽ چؤسٽي جو وڏو شاعر هو ايترو ئي مزاحيه شاعري جو وڏو شاعر هو. جيتوڻيڪ شمشير جون مزاحيه شيون تمام ٿوريون آهن پر جيڪي به آهن اهي ڳڻائڻ جيتريون آهن ۽ مزاحيه شاعري ۾ ڪيل شمشير جي انهي ڪم کي ڪير به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي. ايندڙ وقت جا مؤرخ جڏهن شمشير جي ڪم تي قلم کڻندا مون کي يقين آهي ته شمشير جي مزاحيه شاعري کي نظرانداز نه ڪري سگهندا. ويجهڙ واري وقت شمشير مزاحيه شاعري جو تمام وڏو شاعر هو، جنهن جي موڪلاڻي سان سنڌي مزاحيه شاعري کي تمام وڏو ڌڪ رسيو آهي. مزاحيه شاعري جي حوالي سان پڻ شمشير جهڙي شاعر جو خال ڀرڻ مشڪل نه پر ذري گهٽ ناممڪن آهي. هن مضمون کي ويڙهيندي آخر ۾ مان شمشير جي هڪ ٻي پيروڊي لکان پيو جنهن مان شمشير جي اعليٰ مزاحيه تخليقي قوت کي ڏسي سگهجي ٿو ۽ ان مان ڀرپور حظ ماڻي سگهجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org