سيڪشن: ادب

ڪتاب: دلپسند قصا

باب:

صفحو:9 

هن خوشيءَ ۽ ڏک جي وقت  ”پالينا“ ”ليانٽيز“ کي چيو تھ ” منهنجي گهر هڪڙي مورت رکيل آهي ، جا اٽليءَ جي هڪڙي وڏي استاد جوڙي آهي ، راڻيءَ سان ان جي اهڙي مشابهت آهي ، جو جيڪڏهن بادشاهه قدم رنج فرمائي اوستائين هلندو ۽ ڏسندو ، ته بيشڪ پڪ سمجهندو ته جيئري جاڳندي هرميوني ويٺي آهي !“ سڀ اُٿي هليا . بادشاهه کي خوشي هئي ته پنهنجي راڻيءَ ”هرميونيءَ“ جي مورت ڏسان ، ۽ ”پرڊٽا“ کي سڌ هئي ته ڏسان ته اَمان جا ڪهڙا مهانڊا هئا.

جڏهن ”پالينا“ مورت جي اڳيان جو پردو ٽنگيل هو سو پاسي ڪيو، تڏهن اُها اهڙي هو بهو ”هرميونيءَ“ جهڙي ڏسڻ ۾ آئي ، جو انهيءَ کي ڏسي بادشاهه کي تازو  ڏک ٿيڻ لڳو ، ڳچ وقت تائين ته ڳالهائڻ يا چرڻ جي به طاقت ڪانه ٿيس .

”پالينا“ عرض ڪرڻ لڳي ته ”قبلا، اوهان جي اها ماٺ مون کي وڻي ٿي ۽ ڀانئجي ٿو ته اوهان کي حيرت وٺي ويئي آهي ... هيءَ مورت بلڪل راڻيءَ جهڙي ناهي؟“

نيٺ بادشاهه هوش سنڀالي چيو ته ”جڏهن مون پهريندي ساڻس شاديءَ جو خيال ڪيو ٿي، تڏهن به ساڳي اِنهيءَ وڏائي سان بيهندي هئي . پر ، انهيءَ هوندي به ، پالينا ، هرميوني اهڙي وڏي عمر جي نه هئي ، جهڙي هيءَ مورت ٿي ڏسجي .“”پالينا“ ورندي ڏني ته ”اِها ته پاڻ مورت گهڙڻ واري جي استادي ، جو انهيءَ اهڙي مورت جوڙي آهي ، جهڙي هوند هرميونيءَ پاڻ جيڪڏهن هاڻي جيئري هجي ها ته ڏسڻ ۾ اچي ها! پر، سائين، هاڻي آءٌ پردو وجهي ٿي ڇڏيان، متان انهيءَ دم اوهان جي خيال ۾ اچي ته چـُري پـُري ٿي!“ بادشاهه چيو ته ”پردو متان وجهين !... آءٌ مري وڃان ها ته چڱو هو!... ڏس ته سهي، ڪئملو، نٿو ڀانئين ته ساهه پيئي کڻي؟ ڀائنجي ته سندس اکيون به پيئون چُرن!“ ”پالينا“ چيو ته ”قبلا، آءٌ ضرور پردو وجهنديس... اوهين اهڙو حد کان زيادهه خوش ٿيا آهيو، جو سگهوئي چوندوء ته هن مورت ۾ ساهه آهي!“ ”ليانٽيز“ چيو ته ”مهربان پالينا، ڇڏ ته ڀلي ويهه ورهيه ساندهه اهو خيال پيو ڪريان. آءٌ اڃا به پيو ڀانيان ته وٽانئس مون ڏي هوا پيئي اچي ! اُهو ڪهڙو استاد هوندو، جو ساهه به مورت ۾ ڏيکاري سگهندو ... مون کلي تي ڪو نه ، جو آءُ وڃي ٿو چمي ڏيانس !“

”پالينا“ چيو ته ”سائين ، بيهو ، بيهو، هنن جي چپن تي جا ڳاڙهاڻ آهي سا اڃا آلي آهي، متان اوهين پنهنجا چپ به رنگ واري روغن سان ڀري ڇڏيو ! ... پردو وجهان ؟“ ”ليانٽيز چيو ته ”نه نه ،اڃان ويهه ورهيه ته نه وجهجئين!“

”پرڊٽا“، جنهن هيستائين گوڏن ڀر ماٺ ڪيو حيرت ۾ پنهنجيءَ بيمثل ماءُ جي مورت پئي ڏٺي ،تنهن هاڻ چيو ته ”آءٌ به هي ويهه ورهيه اتي بيٺي پنهنجي پياريءَ ماءُ جو منهن ڏسنديس!“ ”پالينا“ ليانٽيز  کي چيو ته ”يا ته اها خوشي ۽ حيرت ڇڏي ڏيو ۽ مون کي پردو وجهيڻ ڏيو ، يا ته زيادهه حيرت ۾ پوڻ لاءِ سنڀرو: آءٌ انهيءَ مورت کي هلائي به سگهنديس، ۽ اهڙي به اٽڪل ڪري سگهنديس جو هوءَ پنهنجي جاءِ تان هلي اچي اوهان جو هٿ وٺندي!... اوهين ڀانئيدؤ ته مون کي ڪو جادو آهي_ پر آءٌ انهيءَ جي دعوى نه ٿي ڪريان .“ بادشاه عجب ۾ پئي چوڻ لڳو ته ”جيڪي به تون هن کي ڪرائيندينءَ، تنهن تي آءٌ ماٺ مان نهاري راضي رهندس ؛ جيڪي تون ان کان ڳالهارائيندين، سو آءٌ ماٺ ڪري پيو ٻڌندس؛ ڇا لاءِ جو هن کي ڳالهائڻ به اهڙو سولو هوندو ، جهڙو هن کي هلائڻ .“

تنهن تي ”پالينا“ حڪم ڏنو ته آهستي ۽ درد وارو باجو وڄائينِ ، جو هن اڳي ئي انهيءَ مهل لاءِ سنڀرائي رکيو هو سگهوئي سڀني حاضر ماڻهن کي ڏندن ۾ آڱريون اچي ويئون، ڇا لاءِ جو مورت پنهنجيءَ جاءِ تان لهي اچي پنهنجون ٻيئي ٻانهون ”ليانٽيز“ جي ڳچيءَ ۾ وڌيون! ... تنهن کان پوءِ مورت ڳالهائڻ لڳي، ۽ پنهنجي مڙس جي ۽ پنهنجي ٻار، نئينءَ لڌل ”پرڊٽا“، جي حق ۾ دعائون گهرڻ لڳي!

مورت جي اچي ”ليانٽيز“ کي ڀاڪر وجھڻ ۽ پنهنجي مڙس ۽ ٻار لاءِ دعا پنڻ ۾ ڪو به عجب ڪو نه هو. بلڪل انهيءَ ۾ عجب ڪونه هو، ڇا لاءِ جو اها مورت پاڻ ”هرميونيءَ“، جيئري جاڳندي راڻي هئي! ”پالينا“ ڪوڙ ڪري آڻي بادشاهه کي ”هرميونيءَ“ جي خبر ٻڌائي هئي ، جو ڄاتائين ته رڳو انهيءَ وسيلي سان آءٌ پنهنجي راڻيءَ جو ساهه بچائي سگهنديس . انهيءِ  وقت کان وٺي ”هرميونيءَ“ انهيءَ خيرخواهه ”پالينا“ سان گڏ رهندي آئي ۽ جيسي ڪ ”پرڊٽا“ جي لڀڻ جو ٻڌايائين ، تسين ڪڏهن به مرضي نه ٿيس ته سندس جيئري هئڻ جي خبر ”ليانٽيز“ کي پوي ڇا لاءِ جيتوڻيڪ هن مڙس جي هٿان جيڪي جٺيون سٺيون هيون ، سي سڀ هن کي بخشيون هئائين ، تڏهن به جيڪو ظلم هن پنهنجي معصوم ڌيءَ سان ڪيو هو ، تنهنجي معافي اڃا نه ڏني هئائينس .“

هاڻي جو سندس مئل راڻي وري جيئري ٿي پيئي ۽ سندس گم ٿيل ڌيءَ وري لڀي پيئي، تنهنڪري ”ليانٽيز“ جنهن هيترا ورهيھ غم۾ پئي گذاريو، خوشيءَ کان بـُت ۾ ماپي نھ سگهيو. چوڌاري مبارڪون ۽ خوشيءَ جون ٻوليون پئجي وييون. هاڻي هي سرها مائٽ شاهزادي ”فلارزل“ کي آفرين ڏيڻ لڳا، جو هن سندي ظاهري نيچ ذات واري ڌيءَ سان هيتري محبت ونڊي، ۽ هاڻي هو انهيءَ ٻڍي ڌڻار کي سندن ڌيءَ بچائڻ ڪري دعائون ڪرڻ لڳا. ”ڪئملو“ ۽ ”پالينا“ کي اها خوشي ٿي تھ اسين پنهنجن پورهين جي سُرهي پڇاڙي ڏسڻ تائين جيئرا رهياسين، ۽ مري نھ وياسين. جي ڪو اڃا بھ خوشيءَ جي پورائي لاءِ ذرو رهيو هو، تھ اهو هاڻ موجود ٿيو، ڇا لاءِ جو ”پالڪسنيز“ بادشاهه پاڻ انهيءَ دم محلات ۾ گهڙي آيو .

جڏهن پهريندي ”فلارزل“ ۽ ”ڪئملو“ موٽي نھ آيا، تڏهن ”پالڪسنيز“ کي سُمجهيو ٿي تھ ”ڪئملو“ کي سسليءَ ڏي وڃڻ جي ڏاڍي خواهش هئي، سو ڄاتائين تھ هي ضرور ڀڄي اتي آيا هوندا ؛ ۽ جيترو جلد ٿي سگهيس اوترو هنن جي پٺيان پيو، ۽ انهيءَ خوشيءَ جي مهل اچي اُتي پهتو.

”پالڪسنيز“ بھ انهيءَ عام خوشيءَ ۾ اچي شامل ٿيو . سندس دوست ”ليانٽيز“ جيڪا سندس نسبت ۾ بدگماني ۽ ناحق دشمني ڪئي هئي، سا هن کي بخش ڪئي، ۽ وري جهڙا ننڍي هوندي گهاٽا يار هئا اهڙا ٿي ويا . هاڻي ڪو بھ ڊپ ڪو نھ هو تھ”پالڪسنيز“ پنهنجي پٽ جي” پرڊٽا“ سان شادي ڪرڻ تي خفي ٿيندو. هوءَ ڀلا هاڻي ريڍار جي ڌيءَ نھ هئي، پر سسليءَ جي ڇَٽَ جي وارث هئي!

انهيءَ طرح، اسان کي معلوم ٿيو آهي تھ ويچاري ”هرميونيءَ“ ڪيترائي ڏينهن عذاب سٺا، پر سندس تحمل ۽ نيڪنيتيءَ جو نيٺ انعام مليس. اها نيڪ بيبي ورهين جا ورهيھ پنهنجي مڙس ”ليانٽيز“ ۽ پنهنجيءَ نياڻيءَ ”پرڊٽا“ سان سک ۽ خوشيءَ ۾ رهي، ۽ انهيءَ جهڙي چڱي نصيب واري ماءُ يا راڻي ٻي ڪا ٿوري ڏسڻ ۾ ايندي.

’’ ليئر‘‘ بادشاهه

 

برٽن جي بادشاهه ”ليئر“ کي ٽي ڌيئون هيون: هڪڙي ”گانرل“، آلباني جي ڊيوڪ جي زال؛ ۽ ٻي ”ريگن“، ڪارنوال جي ڊيوڪ جي زال، ۽ ٽين ’ڪاڊيليا‘ جا اڃا ڪنواري هئي. ۽ جنهن جي ٻانهن لاءِ فرانس جي بادشاهه ۽ ’’برگنڊي‘‘ جي ڊيوڪ پئي مٿا هنيا ۽ انهن ڏينهن ۽ انهيءَ مطلب لاءِ ’’ليئر‘‘ بادشاهه وٽ ٽڪيل هئا.

ٻڍو بادشاهه جو اَسي ورهين کان به وڌيڪ ڄمار جو هو، ۽ حڪوت جو ڪم هلائي ٿڪجي پيو هيو، تنهن ارادو ڪيو ته اڳتي بادشاهي هلائڻ جو ڪم ڇڏي ڏيان ۽ ننڍن جي حوالي ڪريان ۽ پاڻ موت لاءِ سنڀري ويهان جو نيٺ سگهو چرڪو اچي نڪرندو. اهو ٺهراءُ ڪري، هن پنهنجي ٽنهي ڌيئن کي پاڻ وٽ گهرايو، انهيءَ لاءِ ته سندن واتان ٻڌي ته منجهائن ڪهڙي کيس سڀ کان گهڻو ٿي ڀانئي، ته انهن جي محبت موافق انهن کي ملڪ ورهائي ڏئي.

’’گانرل‘‘ وڏي ڌيءَ چيو  ته ”بابا،  آءٌ اوهان کي ايترو ٿي ڀانيان جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر: اوهين کي پنهنجن اکين جي سوجهري کان، پنهنجي ساهه ۽ آزاديءَکان پيارا آهيو !“  انهيءَ طرح هن ٻيا به گهڻا ئي ٻٽاڪ جهڙا لفظ ڳالهايا، جي ڪوڙي محبت وارن کي ڳالهائڻ ڏاڍا سولا ٿيندا آهن. بادشاهه پنهنجي ڌيءَ جي واتان جو هيتري پيار جا لفظ ٻڌا، ۽ ڀانيائين ته سندس دل به زبان سان موافق آهي، سو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ پنهنجي وڏي ملڪ مان ٽيون حصو هن کي ۽ سندس مڙس کي ڏنائين.

تنهن کان پوءِ پنهنجي ٻيءَ ڌيءَ کي پاڻ وٽ سڏي پڇيائين ته ”توکي ڇا چوڻو آهي؟“، ’’ريگن‘‘ به ساڳي انهيءَ سڀاءُ جي هئي، جهڙي سندس ڀيڻ هئي، سا به ڊگهين ڳالهين ڪرڻ ۾ پوءِ ڪين نه پيئي، پاڻ چوڻ لڳي ته ”بابا، جيتري محبت منهنجي اوهان سان آهي، تنهن کان جيڪي منهنجي ڀيڻ ظاهر ڪيو آهي، سو تمام گهٽ آهي، ڪيئن جو تنهنجي پيار مان جيڪا خوشي مون کي حاصل ٿي ٿئي، تنهنجي مقابلي ۾ دنيا جون ٻيون سڀ خوشيون ڪي ڪين آهن“. ’’ليئر‘‘ بادشاهه ڄاتو ته مون کي اهڙو محبتي اولاد عطا ٿيو آهي، تنهن ويچاري خدا جا شڪرانا ڪيا، ۽ جڏهن  ”ريگن“ به پنهنجي پيار جي ايتري خاطري ڪرايس، تڏهن هن کيس ۽ سندس گهر واري کي به ڀيڻس وانگي ٽيون حصو ”گانرل“ جي حصي جيڏو بخش ڪيو.

پوءِ وري پنهنجي ننڍيءَ ڌيءَ ”ڪارڊيليا“ ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ته ”منهنجي لاڏلي ، هاڻ تون ڇا ٿي چوين ؟“ بادشاهه جي خيال ۾ هو ته جيئن هن جي ڀيڻن ڪيو آهي، تيئن هيءَ به مٺيون ٻولين سان مون کي خوش ڪندي ، پاڻ هن کي جو آءُ سڀني کان وڌيڪ گهرندو آهيان ، سو هنن کان هن جي محبت مون ڏانهن زيادهه ظاهر ٿيندي . پر ”ڪارڊيليا“ کي پنهنجين ڀيڻن جي خوشامد ٻڌي ڏاڍي بڇان لڳي ، جو پڪ هيس ته هنن کي زبان تي هڪڙي آهي ۽ دل ۾ ٻي آهي ، ۽ اهي ٻٽاڪون رڳو بابي کي ٺڳاري کانئس ملڪ وٺڻ ۽ سندس جيئري پاڻ پنهنجن مڙسن سان راڄ هلائڻ جي طمع تي هنيون اٿن ، تنهن ورنديءَ ۾ پيءُ کي رڳو هيترو چيو ته ”بابا، جيترو مون تي حق ۽ فرض آهي ، اوترو آءُ اوهان کي ڀانيان ٿي . نڪي گهٽ نڪي وڌ .“ بادشاهه پنهنجي لاڏلي ڌيءَ ۾ جو هيتري قدر رُکائي ۽ بيگُڻائي ڏٺي ، سو ڏاڍو حيران ٿي ويو ۽ هن کي چوڻ لڳو ته ”جيڪي چوين ٿي سو سنڀالي چوء ، متان انهيءَ ڪري پنهنجي بخت کي لتون هڻين !“ تڏهن ”ڪارڊيليا“ پيءُ کي چيو ته ”بابا، اوهين منهنجا پيءُ آهيو، اوهان مون کي نپايو آهي، ۽ اوهان جي مون سا محبت آهي . اُنهيءَ جو عيوض جيئن حق هئڻ گهرجي تيئن ادا ڪريان ٿي، جو اوهان جي فرمانبرداري ڪريان ٿي، اوهان کي پيار ڪريان ٿي، ۽ سڀ کان وڌيڪ اوهان کي عزت ڏيان ٿي ، پر جيئن منهنجي ڀيڻن ڪيو آهي، تيئن آءُ پنهنجي واتان ڊگهيون ڊگهيون ڪهاوتون ڪڍي نٿي سگهان، نڪي اهڙو انجام ڪري ٿي سگهان ته دنيا ۾ اوهان کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن شيءِ کي پيار نه ڪنديس . منهنجي ڀيڻن جو ائين چيو ، سو جيڪڏهن سچ هجي ته پوءِ ڇا لاءِ هنن مڙس ڪيا؟ جيڪڏهن آءُ کڻي پرڻجان ،ته جنهن ماڻهوءَ جي آءُ زال ٿينديس سو ضرور منهنجي اڌ محبت ۽ منهنجو اڌ فرض ته لهڻي: آءٌ ڀيڻن وانگي ڪين شادي ڪنديس، جو رڳو پيءُ سان محبت رکنديس، بس!“

”ڪارڊيليا“ جي ته في الحقيقت پيءُ سان ايتري گهڻي دل هئي، جيتري سندس ڀيڻن ٻٽاڪ هڻي ٿي چيو ته اسان جي آهي، ۽ هوءَ ٻئي ڪنهن وقت ڌيءَ وانگي لاڏ ۽ محبت سان صاف طرح چئي پيءُ  کي خاطري ڪرائي ها ، پر هتي جو پهرين سندس ڀيڻن خوشامد ڪري انعام حاصل ڪيا، تنهنڪري پاڻ مناسب ڄاتائين ته سچي محبت دل ۾ رکجي ، ۽ زبان سان ڪي  ڪين ڪڇجي . اِنهيءَ مان بيشڪ چئي سگهبو ته هن ڪنهن فائدي جي طمع تي محبت نٿي ڏيکاري . ۽ جيئن سندس ڳالهائڻ ۾ گهٽ ڏيک ۽ اُٺاءُ هو ، تيئن اُن ۾ سندس ڀيڻن کان زيادهه سچائي ۽ ايمانداري هئي.

اِنهيءَ صفا ٿلهي ڳالهائڻ کي ٻڍي بادشاهه مغروري سمجهيو ، سو اهڙو اچي ڇريو جو سچ ۽ ڪوڙ، خوشامد ۽ ايمان جي ڳالهه جي وچ ۾ فرق نه سمجهي سگهيو. پيريءَ  جي ڪري ڪاوڙ به گهڻي ٿيندي هيس، ۽ عقل به ڇڏائي ويندو هوس ، تنهن هينئر چڙ ۾ ملڪ جو ٽيون حصو ، جيڪو ”ڪارڊيليا“ جي لاءِ بچائي رکيو هئائين ، سو کانئس رد ڪري، سندس ٻن ڀيڻن ۽ سندس مڙسن کي ورهائي ڏنو ، ۽ اُنهن کي سڀني درٻار جي اميرن جي آڏو پاڻ وٽ سڏي ، پنهنجو ڇٽ اُنهن جي وچ تي رکيائين ، ۽ جيڪا حڪومت ۽ اختياري ۽ پيدائش هئي ، سا سڀ گڏي ٻنهي جي بلي ڪيائين ، ۽ پنهنجي لاءِ رڳو سکڻو نالو ”بادشاهه “ جو قبول ڪيائين : ٻي سڀ بادشاهي ڇڏي ڏنائين ، رڳو هڪڙو شرط سو ڪيائين ته ”آءُ هڪ سؤ سوارن ۽ خذمتگارن سان مهيني مهيني هڪ هڪ ڌيءَ جي محلات ۾ واري سان پيو ٽڪندس، ۽ هو منهنجي خذمت ۽ سنڀال ڪينديون.“

بادشاهيءَ جي اهڙي اونڌي نيڪال ، ۽ بيعقليءَ ۽ ڪاوڙ مان ڪيل اهڙِي بندوبست جي ڪري سڀئي درٻار جا امير ڏک ۽ حيرت ۾ پئجي ويا، ۽ ڪنهن کي به جرات ڪانه ٿي جو ڪاوڙيل بادشاهه کي وڃي سمجهائي ، مگر ”ڪينٽ“ سو دل جهلي ”ڪارڊيليا“ جي فائدي ۾ ڪجهه ڳالهائڻ تي هو ، ته ”ليئر“ ڪاوڙ مان چيس ته ”پنهنجو وات جهل، نه ته مارائي ڇڏيندوسئين !“ پر ايماندار ”ڪينٽ“ ائين بس ڪرائڻ جو نه هو . هو هميشه ”ليئر“ ڏانهن سچو ۽ نمڪحلال رهيو هو ؛ هن کي بادشاهه ڄاڻي عزت ڏيندو هو ، پيءُ ڄاڻي محبت ڏيندو  هو ، ۽ ڌڻي ڄاڻي سندس فرمانبرداري ڪندو هو ، ۽ پنهنجي ڌڻيءِجي دشمنن سان وڙهڻ ۾ يا سندس سلامتيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۾ ساهه جو سانگو نه ڪندو هو . تنهن هاڻي جو ڏٺو ته ”ليئر“ ڦري پنهنجو دشمن پاڻ ٿيو آهي ، سو پنهنجي هميشهه جي دستور وانگر دل جهلي ، چڱائي ڪرڻ جي نيت سان ، ”ليئر“ سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ سامهون ٿيڻ لڳو . ”ليئر“ کي ديوانو ڏسي ، لاچار بي ادب ٿيڻ لڳو  . هو اڳي به گهڻا ئي ڀيرا بادشاهه جو ايماندار صلاح ڏيڻ وارو ٿيو هو ، ۽ هاڻي هن کي عرض ڪرڻ لڳو ته ”مهرباني فرمائي جيئن ٻين مشڪل وقتن تي ڪندا هئا، تيئن هاڻ به منهنجين اکين سان ڏسو ۽ منهنجي صلاح تي هلو ، ۽ خيال ڪري جيڪو جهل جو ڪم ڪيو اَٿوء سو ڦيرايو ، ڇا لاءِ جو آءُ پنهنجي ساهه ۽ پنهنجي عقل جو ذمو کڻي ٿو چوان ته اوهان جي ننڍي ڌيءَ اوهان کي ٿورو پيار نٿي ڪري ، نڪي جن جي اندر مان ٿورو آواز نڪرندو هوندو سي سکڻيءَ دل وارا هوندا : جڏهن اختياري اچي خوشامدتي بيٺي ، تڏهن آبروءَ واري تي فرض آهي ته صاف سچ چئي ڏئي . باقي، اوهان جي دڙڪن جي مون کي پرواهه ڪانهي، جو مون پنهنجو ساهه صدقو ڪيو آهي. انهيءَ ڪري، جيڪي چوڻ مون تي فرض آهي، تنهن کان مون کي روڪ ڪانه ٿيندي!“

هن ايماندار ”ڪينٽ“ جي صفا چئي ڏيڻ ڪري بادشاهه جي ڪاوڙ پاڻ زيادهه ٿي ، ۽ جيئن نه ڪو بيزار ٿيل مريض تِيسي مان پنهنجي طبيب کي ماري وجهي ۽ مرض کي گهڻو مرض گُهري، تيئن هن به ڪيو : پنهنجي هن سچي نوڪر کي شهر نيڪالي ڏنائين، ۽ نڪرڻ کان اڳي، سانباهي ڪرڻ لاءِ، هن کي رڳا پنج ڏينهن مهلت ڏنائين، ۽ چتايائينس ته ”جيڪڏهن ڇهين ڏينهن تون برٽن جي بادشاهيءَ اندر ڏسبين، ته انهيءَ دم مارجي ويندين!“ اهو حڪم ٻڌي، ”ڪينٽ“ بادشاهه کان موڪلايو، ۽ چوڻ لڳو ته ”جڏهن اوهين اچي اهڙا ٿيا آهيو، تڏهن هاڻ مون کي هتي ٽڪڻ پاڻ هڪڙي شهر نيڪالي آهي. وڃڻ کان اڳي، آءٌ ”ڪارڊيليا“ جي ٻانهن خدا کي ٿو سونپيان ، جنهن ويچاريءَ جو خيال سچو آهي، ۽ جنهن سياڻپ ۽ ايمان جي ڳالهه ڪئي آهي . شل سندس ڀيڻون اوهان سان اهڙا چڱا پير کڻن، جهڙا ڊگها ڪلام ڪيا اٿن! ... هاڻ آءٌ هن وڏ پڻ جي حال ۾ وڃان ٿو ، ۽ وڃي ڪو نئون ملڪ وسائيندس.“ ائين چئي، هو اٿي هليو.

تنهن کان پوءِ فرانس جي بادشاهه ۽ برگنڊيءَ جي ڊيوڪ کي سڏ ٿيو ، ته اچي ٻڌن ته ”ليئر“ پنهنجي ننڍي ڌيءَ بابت ڪهڙو ٺهراءُ ڪيو آهي. هنن کي ٻڌايائون ته هينئن بادشاهه انهيءَ ڌيءَ تي ڪاوڙيو آهي، ۽ هن کي ڏاج ۾ ٻيو ڪي ڪين ڏيندو، جهڙي بيٺي آهي اهڙي ويندي ۽ پڇيائون ته ”انهيءَ حال ۾ اوهين هن جي ٻانهن گهرو ٿا، ۽ قبول ڪندؤ ڪيئن؟“ بر گنڊيءَ جي ڊيوڪ ته جواب ڏنو ته ”انهن شرطن تي مون کي شادي ڪرڻي ناهي“، باقي فرانس جي بادشاهه غور ڪري سمجهيو ته اها ڳالهه ڪهڙي آهي، جنهن تي بادشاهه پنهنجي ڌيءَ تي ڪاوڙيو آهي: ڄاتائين ته رڳو هن مختصر ڳالهه ڪئي آهي، ۽ پنهنجين ڀيڻن وانگي خوشامد نه ڪئي آهي، تنهنڪري هن اُتي وڃي ”ڪارڊيليا“ جي ٻانهن کان ورتو، ۽ چيائينس ته ”تنهنجون نيڪيون ملڪ کان بهتر ڏاج آهي ! هاڻ اُٿي ، پنهنجي پيءُ ۽ ڀيڻ کان موڪلاءِ. جيوڻيڪ تنهنجو پيءُ توتي نامهربان آهي .پوءِ اُٿي مون سان هل ، ۽ هلي منهنجي ۽ ساري فرانس جي راڻي ٿي ، ۽ پنهنجي ڀيڻن جي ملڪ کان به بهتر ملڪ تي هلي حڪومت هلاءِ !“ هو برگنڊي جي پُٽڙي ڊيوڪ کي به طعنا هڻڻ لڳو، جو سندس عشق گهڙيءَ ۾ پاڻيءَ وانگي وهي ويو.

”ڪارڊيليا“ اُٿي روئي پنهنجين ڀيڻن کان موڪلايو، ۽ هنن کي چوڻ لڳي ته ”بابي جي پارت اَٿوَ، پنهنجا قول پاڙجو، ۽ بابي کي چڱي محبت ڏجو .“ هنن شوخيءَ مان چيس ته ”تون اسان کي سبق نه سيکار، اسين پنهنجو فرض پاڻ ٿيون ڄاڻون ، تون وڃي پنهنجي مڙس کي خوش ڪر، جنهن کي خيرات ۾ ملي آهين !“ پوءِ ڏاڍي غم ۾ اُتان نڪري هلي . پڪ هيس ته مونهنجون ڀيڻون ٺڳ آهن ، ۽ انتظار هوس ته بابو ڪنهن بهتر سنڀال هيٺ هجي ته چڱو.

”ڪارڊيليا“ جي وڃڻ کان پوءِ، سندس ڀيڻن جي شيطاني طبيعت، جهڙي سچ پچ هئي، اهڙي ظاهر ٿيڻ لڳي. اڃا پهريون مهينو مس پورو ٿيو، جنهن ۾ انجام موجب ”ليئر“ پنهنجي وڏي ڌيءَ ”گانرل“ وٽ رهيو هو، ته کيس معلوم ٿيو ته چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو ڦير آهي. هن بيحيا زال جڏهن پيءُ کان سڀڪجهه هٿ ڪيو، رڳوڻو ڇٽ به کيس نه ڇڏيائين، تڏهن لڳي ڪرڪڻ ته ”بابو ، جو بادشاهه جي سکڻي نالي سان پاڻ کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ايترو خرچ ٿو ڪري ۽ تجمل ٿو رکي، انهيءَ مان ڇا حاصل؟“ هن سان جي سؤ سوار رهندا هئا، سي ڏسي هن جي هانوَ تي بار ٿيڻ لڳو . جڏهن پيءُ کي گڏبي هئي، تڏهن گهـُنڊ وجهندي هئي، ۽ جڏهن هو پير مرد ساڻس ڳالهائڻ جي لاءِ خواهش ڪندو هو، تڏهن هوءَ بيماريءَ جو يا ٻيو ڪو بهانو ڪندي هئي، انهيءَ لاءِ ته هو سندس اکين جي اڳيان نه هجي ته چڱو ، ڇا لاءِ جو اِنهيءَ مان صاف معلوم ٿي ٿيو ته هن سندس ٻڍاپي کي هڪڙو اجايو بوجو ٿي سمجهيو، ۽ هن جي خذمتگارن کي اجايو خرچ ٿي ڄاتائين .رڳو پاڻ پنهنجي فرض ادا ڪرڻ ۾ ڍري نه هئي، پر کيس ڏسي، ۽ شايد سندس چور تي، سندس نوڪر به هن جي پوري سنڀال نه ڪندا هئا، ۽ هن جي نافرماني ڪندا هئا يا ڌڪار جي سببان ڍوءنگ ڪري هن جو ڳالهائڻ نه ٻڌندا هئا. ”ليئر“ کي پنهنجي ڌيءَ جي ڦريل هلت صاف معلوم ٿي، پر جڏهن هن اهي جٺيون پاڻيهي پنهنجي سر تي آنديون هيون ، تڏهن جيترو ٿي سگهيس اوترو سور پيو، اکيون پوريو پئي گذاريائين.

سچي محبت ۽ ايمانداري خراب هلت جي ڪري ايتريقدر گم نٿي ٿئي، جيتريقدر ڪوڙائي ۽ دل جي کوٽائي چڱيءَ هلت جي ڪري سڌري سگهي ٿي: اها ڳالهه اشراف ”ڪينٽ“ جي مثال مان ثابت ٿئي ٿي، ڇا لاءِ جو جيتوڻيڪ اُنهيءَ کي ”ليئر“ لوڌي ڪڍيو هو ، ۽ برٽن ۾ رهڻ ڪري سر جو خوف هوس، تڏهن به جيستائين هن کي پنهنجي ڌڻيءَ سان ڀلائي ڪرڻ جو امڪان ۽ وجهه هو، تيستائين هو سڀ خوف سر تي کڻي به اُتي رهي پيو. ڏسو ته ڪڏهن ڪڏهن نمڪ حلال ماڻهوءَ کي ڪهڙا خسيس ڪم ڪرڻا ٿا پون، ۽ بڇڙيءَ حالت ۾ رهڻو ٿو پوي، انهيءَ هوندي به جيڪا چاڪري هو پاڻ تي فرض ڄاڻندو، تنهن جي ڪرڻ ۾ هن کي ڪو به عار نه ايندو. نوڪر جو ويس ڪري، پنهنجي سڀ وڏائي ۽ هشمت ڦٽي ڪري، اهو ايماندار امير بادشاهه وٽ آيو، ۽ وٽس خذمتگار ٿي بيهڻ جي خواهش ڏيکاريائين . بادشاهه ته بدليل پوشاڪ ۾ ڪين سڃاتو ته هي ”ڪينٽ“ آهي، ۽ هن سا ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڪري هن جا صاف ۽ ٿلها جواب پسند ڪيائين (نه خوشامد وارا جواب، جن هن کي بيزار ڪيو هو، ۽ جي هن هاڻ پنهنجيءَ ڌيءَ جي هلت مان بيفائدا ٿي سمجهيا)، تنهنڪري سگهو ئي هو ڳالهئين ٺهيا، ۽ ”ليئر“ وٽ ”ڪينٽ ڪائيئس“ جي نالي سان نوڪر ٿي بيٺو ۽ هن کي اهو سماءُ ڪونه پيو ته هي ڪو اهو ساڳيو منهنجو وڏو ۽ پيارو امير ”ڪينٽ“ آهي! هن ”ڪائيئس“ کي سگهوئي پنهنجي ايمانداري ۽ محبت ظاهر ڪرڻ جو وجهه مليو، ڪيئن جو انهيءَ ساڳي ڏينهن ”گانرل“ جي خانسامان ”ليئر“ سان هڪڙي مستيءَ جهڙي بي جا هلت ڪئي هئي ، ۽ هن سان گهنڊ وجهي شوخ ڳالهايو هئائين ۽ شڪ ڪونهي ته سندس ڌياڻيءَ ڳجهو پالهو ائين ڪرڻ لاءِ چوريو هوس. ”ڪائيئس“ کي ته بادشاهه جي نسبت ۾ اهڙي بي آبروئيءَ جي هلت بلڪل نا پسند آئي ، هو تحمل ڪري نه سگهيو، ۽ اٿي پٺيان ڦڙتي هڻي هن کي ڪيرائي وڌائين، ۽ سندس بيحيائيءَ جي سزا ڏنائينس. اهڙيءَ چاڪريءَ ڪري ”ليئر“ جي هن سان ويئي روز بروز دل ٻُجهندي.

رڳو ”ڪينٽ“ ”ليئر “ جو دوست ۽ خيرخواهه نه هو، ويچارو مسخرو جو اڳي ”ليئر“ جي محلات ۾ رهندو هو ۽ انهيءَ زماني جي دستور موافق وڏن ڪمن جي مونجهاري کان پوءِ بادشاهه کي چرچن گهٻن سان خوش رکندو هو، تنهن به پنهنجي درجي ۽ پڄنديءَ آهر پنهنجي محبت ۽ نمڪحلالي ڏيکارڻ ۾ ڪين گهٽايو. بادشاهه پنهنجو ڇٽ ڏيئي ڇڏيو، تنهن کان پوءِ هي غريب مسخرو اچي چهٽو، ۽ پنهنجي خوش طبعيءَ جهڙن قولن ۽ چرچن سان هن جي دل خوش ڪندو هو. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن بادشاهه تان ٽوڪون به ڪندو هو، ۽ کيس طعنا به هڻندو هو، جو هن اياڻپ ڪري پنهنجو ڇٽ مٿي تان لاهي ڇڏيو، ۽ جيڪي هوس سو کڻي ڌيئن کي ڏنائين . اهڙن مثالن ۽ پهاڪن ۽ راڳن سان، جي وٽس هزارين هئا، هن ايماندار مسخري جي دل ۾ جيڪي ايندو هو سو خود ”گانرل“ جي روبرو چئي ڏيندو هو، ۽ اهڙا طعنا ۽ اشارا ڏيندو هو جي هن جو هانءُ ئي ساڙي ڇڏيندا هئا. جيئن ته هو بادشاهه کي انهيءَ پکيءَ سان مشابهت ڏيندو هو، جو ٻئي پکيءَ جو ٻچو پالي وڏو ڪري، پوءِ اهو سندس هيتريءَ محنت بدران هن جي سسي پٽي ڪڍي، ۽ چوندو هو ته ”گڏهه کي به اها خبر هوندي ته ڪڏهن گاڏي گهوڙي کي ڇڪيندي“ _(يعني ”ليئر“ جون ڌيئون، جي گاڏيءَ وانگي گهوڙي جي پٺيان هئڻ کپن، سي هاڻ پنهنجي پيءُ جي اڳيان ٿيون هلن!)، ٻيو چوندو هو ته ”ليئر“ هاڻ اهو ساڳيو ليئر نه آهي، پر ليئر جو پاڇولو آهي!“ اهڙين ٽوڪن جي ڪري هڪڙِو ٻه ڀيرا  هن کي چهبڪن جي مار جو به دڙڪو مليو هو .

جا بي آبروئي ۽ بيپرواهي  ”ليئر“ سهي ٿي ڪئي، تنهن کان وڌيڪ جٺيون انهيءَ بيعقل پيءُ کي پنهنجي نالائق ڌيءَ جي هٿان سهڻيون پيئون. هن هاڻي صاف چئي ڏنس ته ”تون جو سوء سوار پاڻ سان لايو اسان جي محلات ۾ ٽڪيو پيو آهين ،سو انهيءَ مان اسان کي گهڻو اهنج ٿو رسي، اهي سڀ اجايا آهن، ۽ مٿن پيسو زيان ٿئي ٿو، ۽ انهن جي ڪري اسان جي پاسي ۾ گڙ ٻڙ ۽ گوڙ ٿئي ٿو: ۽ ڀلائي ڪري انهن جو تعداد گهٽائي ڇڏ، ۽ پاڻ وٽ رڳا پاڻ جهڙا پير مرد رک!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org