انهيءَ وچ ۾ ”پيٽروشيو“ پنهنجي دل ۾ ويٺي ويچار
ڪيو ته هن سان ڪهڙي رستي ٺاهه جون ڳالهيون ڪريان.
چيائين ته ”جڏهن ايندي، تڏهن ساڻس هشمت سان
ڳالهائيندس: جيڪڏهن هوءَ مون تي ٽوڪون ڪندي، ته
چوندوسانس ته تون بلبل وانگي مٺيون ٻوليون ٿي
ڪرين، ۽ جي گهنڊ وجهي نهاريندي ته چوندوسانس ته
تون اهڙي سهڻي ٿي ڏسجين، جهڙا ماڪ سان تازا ڌوتل
گلاب جا گل، جي هڪڙو لفظ به نه ڳالهائيندي، ته آءٌ
سندس خوش گفتاريءَ جي تعريف ڪندس، ۽ جي مون کي
چوندي ته هاڻ منهنجي جند ڇڏ، وڃ هليو، ته آءٌ سندس
شڪر گذاري ڪندس، ڄڻ ته مون کي هڪڙي هفتي تائين
وڌيڪ ٽڪڻ لاءِ ٿي چوي!“ اتي ”ڪئٿرائن“ اندر لنگهي
آئي، ۽ ”پيٽروشيو“ پهريندي چوڻ لڳس ته، ”سلام ڪيٽ
!مون ٻڌو آهي ته تنهنجو نالو آهي.“ ڪئٿرائن کي هيءَ کيڪر بازي
ٻڌي گهڻو خفو لڳو، ۽ ڌڪار مان چوڻ لڳي ته ” جيڪي
مون سان ڳالهائيندا آهن، سي مون کي ڪئٿرائن سڏيندا
آهن!“ هن جواب ڏنو ته ” تون ڪوڙي آهين، تو کي
”غريب ڪيٽ“ ۽ ”سهڻي ڪيٽ“ ۽ ڪڏهن ڪڏهن شوخ ڪيٽ،
سڏيندا آهن، پر، ڪيٽ، سڀني ملڪن ۾ تون سڀ کان
زياده ”خوبصورت“ ڪيٽ، آهين، ۽ تنهنڪري، ڪيٽ سڀ
ڪنهن شهر ۾ تنهنجي نرم دلي ۽ خوش طبعيءَ جو ٻڌي
تنهنجيءَ ٻانهن جي لاءِ هتي آيو آهيان.“
اها ڏاڍي چرچي جهڙي ملاقات ٿي. هن، رڙيون ڪري،
اجاين سجاين لفظن ڳالهائڻ سان پئي ڏيکاريو ته مون
کي جو ”ڏنگيءَ زال“ جو نالو مليو آهي، سو غلط
ناهي. هن وري مٺين ٻولين ۽ فضيلت جي ڳالهين جي
تعريف پئي ڪئي. نيٺ جڏهن پڻس کي ايندو ڏٺائين،
تڏهن جلد ٺهراءُ ڪرڻ جي ارادي سان چوڻ لڳو ته ”
پياري ڪئٿرائن، هاڻي انهن ڳالهين کي کڻي ڇڏ،
پنهنجي پيءُ منظوري ڏني آهي ته تون منهنجي زال
ٿين، ۽ تنهنجي ڏاج جو فيصلو به ٿي ويو آهي، تون
راضي هجين يا نه هجين، آءُ ضرور تو سان شادي
ڪندس!“
اڃان ”بئپٽسٽا“ اندر پير وڌو، ته ”پيٽروشيو“ چيس
ته ”اوهان جي ڌيءَ مون سان گهڻي مهربانيءَ جي
آڌرڀاءُ ڪئي آهي، ۽ مون سا انجام ڪيو اٿس ته ايندڙ
آچر جي ڏينهن صبوح جو مون سان شادي ڪندي.“
”ڪئٿرائن“ مرڪي چوڻ لڳي ته ”ائين ناهي، آءٌ ته پاڻ
ڀانيان ته ايندڙ آچر تي توکي ڦاسي چڙهندو ڏسان!“
پوءِ پنهنجي پيءُ کي ڏوراپا ڏيڻ لڳي ته ”ڪهڙي طرح
اوهين هن ”پيٽروشيو“ جهڙي چرئي سان منهنجي شادي
ٿيڻ ۾ راضي آهيو!“ ”پيٽروشيو“ پڻس کي چيو ته
”سائين ، هن جي چڙ جي ڳالهين ڏي نه ڏسو .اسان جو
پاڻ ۾ اهو ٺهراءُ هو ته هيءَ اوهان جي اڳيان ناراض
ڏسڻ ۾ اچي، پر جڏهن اسين هيکلا آهيون، تڏهن ڪو هن
جي محبت ۽ هن جو شوق ويهي ڏسي !“ پوءِ هن کي چوڻ
لڳو ته ”ڪيٽ، پنهنجو هٿ ڏي، آءٌ وينس ۾ وڃي تنهنجي
شاديءَ جي ڪپڙن جي خريداري ٿو ڪريان. سائين، اوهين
شادي جي مجلس جو بندوبست ڪجو ۽ ماڻهن کي سڏ ڏجو.
آءٌ ضرور منڊيون ۽ اُچا اُچا ڪپڙا آڻيندس، ته
منهنجي ڪئٿرائن سهڻي ڏسڻ ۾ اچي. هاڻي، ڪيٽ، هڪڙي
چمي ته ڏي، جو پاڻ آچر جي ڏينهن پرڻباسين!“
آچر جي ڏينهن ڄاڃي اچي گڏ ٿيا، پر ”پيٽروشيو“ جي
لاءِ ترسي ترسي ٿڪجي پيا، ۽ ”ڪئٿرائن“ انهيءَ ڊپ
کان پئي رنو ته متان ”پيٽروشيو“ چرچو ڪيو هجي، ۽
مون تي ماڻهو کلائي. نيٺ هن اچي منهن ڪڍيو ، پر جن
ويس وڳن جو هن ڪئٿرائن سان انجام ڪيو هو سي نه
آندائين: نڪي پاڻ ئي گهوٽ وانگي ڪپڙا ڍڪيا هئائين:
هڪڙي عجيب مسخريءَ جهڙيءَ پوشاڪ ۾ هو، ڄڻ ته
شاديءَ جهڙي ڪم کي به چرچو ٿي ڄاتائين، ۽ سندس
نوڪر ۽ گهوڙا، جن تي هو چڙهيل هئا، سي به اهڙي ئي
بڇڙي حال ۾ هئا.
گهڻئي مٿا هنيائون، ته به ”پيٽروشيو“ پنهنجا ڪپڙا
نه مٽائي. چوي پيو ته ”ڪئٿرائن مون سان پرڻبي،
منهنجن ڪپڙن سان ڪين پرڻبي !“ نيٺ ، جڏهن ڏٺائون
ته هن کي زور ڪرڻ اجايو آهي ، تڏهن سڀ ديول ۾ آيا،
ته به هي پنهنجي چريائيءَ جي هلت نه ڇڏي. جڏهن
پادريءَ ”پيٽروشيو“ کان پڇيو ته ”ڪئٿرائن تو کي
قبول آهي“، تڏهن هن اهڙي ٻوٻراٽ ڪري قسم کڻي چيو
ته ”قبول آهي“، جو ڊپ کان پادريءَ جي هٿ مان ڪتاب
ئي ڪِري پيو، ۽ اڃا هوُ ان جي کڻڻ لاءِ نِوڙيو، پر
هن چرئي گهوٽ اهڙي ٺوڪر ڏنيس جو پادري ڪتاب سوڌو
ڪري پيو! جيسيتائين هيءَ شاديءَ جي رسم پوري ٿي،
تيستائين هن اهڙيءَ طرح زمين تي بيٺي دڙها هنيا ۽
قسم کنيا، جو شوخ ۽ ڏنگي ”ڪئٿرائن“ به ڊپ کان پئي
ڏڪي . رسم پوري ٿيڻ کان پوءِ ، اڃا ماڻهو ديول ۾
ئي ويٺا هئا، ته هن شراب گهرائي گلاس ڀري سڀني کي
هُل سان سلام ڪري پيتو، ۽ باقي تري ۾ جيڪي بچيو سو
پادريءَ جي منهن ۾ اُڇلائي وڌائين ،۽ انهيءَ اڍنگي
ڪم لاءِ سبب رڳو اهو ڏنائين ته ”پادريءَ جي ڏاڙهي
سنهي ۽ سڪل آهي، ۽ شراب پيئندي مون کي ائين پئي
ڏسڻ ۾ آيو ته ڄڻ چڪو ٿي گهري!“ اهڙي شادي عمر ڪٿي
نه ٿي هوندي، پر ”پيٽروشيو“ جو هيءُ سڀ اجائي ۽
جهنگلي هلت ٿي ڪئي، سو رڳو ايتري لاءِ ته پنهنجيءَ
شوخ ۽ چيڙاڪ ۽ ڏنگيءَ زال کي سڌي ڪرڻ لاءِ جا رٿ
هن ڪئي هئي، تنهن ۾ فتحياب ٿئي.
”بئپٽسٽا“ شاديءَ جي مانيءَ جو ڏاڍو چڱو بندو بست
ڪيو هو، پر جڏهن هو ديول مان موٽيا، تڏهن
”پٽروشيو“ ”ڪئٿرائن“ کي ٻانهن کان وٺي چيو ته ”آءُ
هينئر زال سڌو پنهنجي وطن وڃان ٿو!“ انهيءَ ارادي
کان نڪي ”سهرس“ جي تڪرار، نڪي ڪاوڙيل ”ڪئٿرائن“ جي
هڪلن هن کي ڦيرايو. هن چيو ته ”خوشي مڙس جي، زال
کي جيڏي وڻيس تيڏي نئي“، ۽ ڪئٿرائن کي کنڀي اُٿي
هليو، ترسيو به ڪين. اهڙو بيحجابو ۽ ضدي ٿي بيٺو
جو ڪنهن ڊپ کان هن کي جهلي بيهارڻ جي ڪوشش به ڪانه
ڪئي.
”پيٽروشيو“ پنهنجي زال کي هڪڙي ڏٻري ۽ مرڻينگ
گهوڙي تي چڙهايو، جو انهيءَ ڪم لاءِ چونڊي وٺي آيو
هو، پاڻ ۽ سندس نوڪر به اهڙن ئي ساڳين وهٽن تي
چڙهيا ،۽ کڙ ٻڙ ۽ دسڙ وارو رستو ڏيئي هليا. جڏهن
به ڪئٿرائن جي گهوڙي ٿاٻو ٿي کاڌو تڏهن اِهو
ويچارو ٿڪل جانور ، جنهن کي پنهنجي بار هيٺ رڙهڻ
جي طاقت به ڪانه هئي، تنهن تي هو گوڙيون ڪندو ۽
گاريون ڏيندو هليو، ڄڻ ته هن کان وڌيڪ دنيا۾ ٻيو
ڪو شوخ ۽ ڪاوڙيل ماڻهو ڪونه هوندو.
نيٺ گهلبا گهلبااچي گهر نڪتا، جنهن وچ ۾ ”ڪئٿرائن“
رڳو ”پيٽروشيو“ جون نوڪرن تي ۽ گهوڙن تي هڪلون ۽
رڙيون ٻڌيون. ”پيٽروشيو“ زال کي گهر وٺي آيو ۽
سندس چڱي آڌر ڀاءُ ڪيائين، پر هن ارادو ڪيو ته اها
رات هوءَ نڪي ماني کائي نڪي آرام وٺي. سگهو ئي
ميزون ٺاهي ماني رکي ويا، پر ”پيٽروشيو“ ڪوڙ ڪري،
سڀ ڪنهن طعام مان عيب ڪڍي، ماني پٽ تي اڇلائي ڇڏي،
۽ نوڪرن کي حڪم ڏنائين، ته کڻي وڃو ۽ چوڻ لڳو ته
”هيءُ سڀ آءٌ ڪئٿرائن جي پيار ۽ محبت کان ٿو
ڪريان، ته هوءَ خراب ۽ رڌل گوشت نه کائي!“ جڏهن
ڪئٿرائن ، جا ٿڪجي ٽٽجي پئي هئي ۽ کاڌي کان به نا
اميد ٿي هئي، تنهن ڀانيو ته وڃي آرام ڪريان ، تڏهن
هن ساڳيءَ طرح هنڌ مان به عيب ڪڍيو، چادرون ۽
ويهاڻا جاءِ ۾ هيڏي هوڏي اڇلائي ڇڏيائين، جنهن ڪري
هوءَ ويچاري ٿي وڃي هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي ويٺي، جتي
اڃان پنڪي ٿي آيس ته مڙس جي ٻوٻراٽن کان ڇرڪ ڀريو
جاڳيو ٿي پيئي، جو هن پنهنجن نوڪرن کي پئي گاريون
ڏنيون ته ”ڇا لاءِ ڪنوار جو هنڌ اوهان برابر نه
وڇايو!“
ٻئي ڏينهن به ”پئٽروشيو“ جي ساڳي اها ڪار هئي، ۽
انهيءَ هوندي به ”ڪئٿرائن“ سان مٺو پئي
ڳالهايائين، پر جڏهن هن ماني کائڻ جي ڪوشش ڪئي،
تڏهن سڀ شيءِ مان عيب ڪڍي پٽ تي اڇلائي وڌائين،
جيئن اڳئين ڏينهن ڪيو هئائين. ”ڪئٿرائن“، مٿي
ڦريل،”ڪئٿرائن“، نوڪرن کي پنهنجيءَ پر ۾ منٿون پئي
ڪيون ته ”ڪو گرهه مون کي لڪائي آڻي ڏيو“، پر هنن
کي ته ”پيٽروشيو“ اڳي ئي سمجهائي ڇڏيو هو ، تن
جواب ڏنس ته ”ڌڻيءَ جي پر پٺ ڪي به ڪرڻ جي اسان کي
طاقت ڪانهي .“ تڏهن چوڻ لڳي ته ”افسوس ، هن مون
سان انهيءَ لاءِ شادي ڪئي ڇا ته مون کي بک ماري !
بابي جي گهر فقير ايندا هئا ، ته انهن کي به کاڌو
ملندو هو، پر مون پنهنجيءَ عمر ۾ ڪنهن به شيءِ جي
لاءِ ڪنهن کي سوال نه ڪيو ، سا اڄ بک پيئي مران،
ننڊ نه ڪرڻ ڪري سرگردان آهيان، هڪلن سان قسم کنيو
منهنجي ننڊ ڦٽائي ٿو ، ۽ ٻوٻراٽن سان ماني کارائي
ٿو . سڀ کان وڌيڪ چڙ ڏيارڻ جهڙي ڳالهه هيءَ ته
اهي سڀ ڪم محبت جي نالي هيٺ ٿو ڪري ، ڍونگ ڪري
مون کي چوي ٿو ته ”جي تون کائيندينءَ يا سمهندينءَ
ته انهيءَ دم موت رسندءِ“ اِتي ”پيٽروشيو“ به اندر
آيو. هن جو مطلب اهو به نه هو ته هيءَ اصل بک مري،
تنهن ڪري، ٿورو گوشت جو ٽڪر کڻي آيو هو. زال کي
چوڻ لڳو ته ”پياري ڪيٽ، خوش ته آهين! جاني ، ڏس ته
آءٌ ڪهڙو نه محنتي آهيان، آءٌ پنهنجي هٿن سان
تنهنجي لاءِ پچائي آيو آهيان! مون کي اميد آهي ته
هن مهربانيءَ جي تون شڪر گذاري ڪندينءَ... هي ڇا،
تو اکر به ڪون ٿي ڪڇين! تڏهن تو کي هي گوشت نه
گهرجي، ۽ جيڪو پورهيو مون ڪيو سو سڀ اجايو!“ ائين
چئي، هن نوڪر کي حڪم ڏنو ته هي کڻي وڃ. ”ڪئٿرائن“،
جنهن کي مغروري بک ڪڍي ڦٽي ڪئي هئي، تنهن کي دل ۾
چڙ به گهڻي لڳي، تڏهن به لاچار چوڻ لڳي ته ”سائين،
مهرباني ڪري اهو کڻائي نه ڇڏيو.“ پر ”پيٽروشيو“
اڃان پري سِٽي هئي، تنهن ورندي ڏني ته ”ڪين جهڙو
ڪم ڪبو آهي، ته به ان جي بدران شڪر گذاري ملندي
آهي، جيسين ائين نه ٿيندو، تيسين گوشت کي هٿ لائڻ
به نه ڏيندس!“ تڏهن ”ڪئٿرائن“، مري جهري، چيو ته
”سائين، ڀلا آءٌ اوهان جو گهڻو شڪر گذار آهيان!“
پوءِ هن اهو ذرو کائڻ ڏنس، ۽ چوڻ لڳس ته ”ڪيٽ،
جلدي جلدي کائي وڃ، شال انهيءَ مان تنهنجي نرم دل
کي گهڻو فائدو رسي! هاڻي منهنجي ماکيءَ کان مٺي ،
پاڻ موٽي تنهنجي پيءُ جي گهر هلندا سين، ۽ آءٌ تو
کي ريشم جا ڪوٽ ۽ ٽوپيون ۽ سونيون منڊيون پٽا ۽
پکا ۽ ٻيون چڱيون چڱيون شيون ڍڪائيندس!“ زال کي
انهيءَ ڳالهه جي پڪ ڪرڻ لاءِ هن هڪڙي درزيءَ ۽
هڪڙي سُرهي کي گهرايو، جي زنانا ڪپڙا ۽ سُرهاڻيون
کڻي آيا. اڃان ”ڪئٿرائن“ پنهنجي اڌ بک به نه لاٿي
هئي ، ته هن رڪابي کڻي نوڪر کي ڏني ته کڻي وڃ.
ڪپڙن واري هڪڙي ٽوپي ڪڍي چيو ته ”سائين، اجها هيءَ
ٽوپي، جيڪا اوهان ٿي گهري.“ تنهن تي ”پيٽروشيو“
وري نئين سر گوڙ ڪرڻ لڳو، ۽ چيائين ته ”هيءَ ٽوپي
ڪنهن بادئي ۾ ڪارب ٿيل ٿي ڏسجي، اکروٽ جي کل کان
وڏي ناهي ، هن کي کڻي وڃ، ڪا ٻي جوڙي آءُ.“
ڪئٿرائن چيو ته ”مون کي هيءَ ٿي وڻي ، سڀ سکر
زالون ههڙيون ٽوپيون ڍڪينديون آهن.“
”پئٽروشيو“ جواب ڏنو ته ”جڏهن تون به سکر ٿيندينءَ
ته ، تڏهن اهڙي ڍڪيندينءَ، تيسين نه.“ ”ڪئٿرائن“
جي پيٽ ۾ جو گوشت جو ذرو پيو هو البت ساهه وڌو
هوس، سا هاڻ چوڻ لڳي ته ”ڇو سائين، آءُ ڀانيان ٿي
ته مون کي ڳالهائڻ جي موڪل آهي، ڳالهائينديس ته
آءٌ ضرور! آءٌ ننڍڙو ٻار ناهيان... تو کان سکرن
کي، جيڪي وڻيو اٿم سو مون ٻڌائي ڇڏيو آهي جيڪڏهن
تو کي منهنجو ڳالهائڻ نه ٿو وڻي ته پنهنجن ڪنن ۾
ڪپهه وجهي ڇڏ!“ ”پيٽروشيو“ کي ته اهي چڙ جا لفظ
ٻڌڻا نه هئا، ڇا لاءَ جو هن سان سوال، جواب ڪرڻو
نه هوس، هن پنهنجي زال کي سڌي ڪرڻ لاءِ ٻي بهتر
تجويز هٿ ڪئي هئي، تنهنڪري هن کي ورندي ڏنائين ته
”هائو، تون سچ ٿي چوين ، اها ٽوپي برابر ڪنهن ڪم
جي ناهي، انهيءَ ٽوپيءَ کي نه پسند ڪرڻ ڪري آءُ تو
کي وڌيڪ ٿو ڀانيان !“ ”ڪئٿرائن“، چيو ته ”تون مون
کي ڀانئين يا نه ڀانئين، مون کي ته ٽوپي پسند ٿي
اچي... جي وٺنديس ته اها ٽوپي وٺنديس، نه ته ڪا به
نه وٺنديس!“ ”پيٽروشيو“ اڃان به پئي ڍونگ ڪيو ، ڄڻ
ته هن جي ڳالهه برابر نه سمجهي هئائين. چيائينس ته
”تون چئين ٿي ته پڙو ڏسنديس؟“ اُتي درزي آيو ۽
جيڪو سهڻو پڙو سبي آيو هو سو ڏنائين. ”پيٽروشيو“
جو ارادو هو ته هن کي نڪي ٽوپي ملي، نڪي پڙو، سو
انهن مان به عيب ڪڍي ، چوڻ لڳو ته ”تو بهه ، هي
ڪهڙو ڪچرو آهي !، هن کي آستين ڪير چوندو؟ اڌ توب
وانگي جڙيل آهي، ۽ سنبوسي وانگي هيٺ مٿي ٽڪيل آهي
!“ درزيءَ چيو ته ”سائين ، اوهان مون کي فرمايو هو
ته هن وقت جي هلندڙ نموني تي ٺاهه“، ۽ ”ڪئٿرائن“
به چيو ته ”انهيءَ کان بهتر نمونو مون ڪونه ڏٺو
آهي.“ ”پيٽروشيو“ پنهنجيءَ پر ۾ بندوبست ڪري ڇڏيو
هو ته انهن ماڻهن کي پنهنجي سامان جا پئسا ملن، ۽
جيڪا بيمروتيءَ جي هلت ساڻن ٿئي ٿي، تنهن لاءِ هنن
کان معافي گهرجي، پر ظاهري ڪري ، دڙڪن ۽ داٻن سان
هن درزيءَ ۽ سُرهي کي هڪالي ڪڍيو. پوءِ ”ڪئٿرائن“
ڏي منهن ڪري چيائين ته ”منهنجي لاڏلي، هاڻي جيڪي
ڪپڙا پيا اٿئون، انهن ۾ ئي تنهنجي پيءُ جي گهر
هلنداسين.“ حڪم ڏنائين ته ”هينئر صبح جا ست ٿا
وڄن، مانيءَ کائڻ جي مهل ضرور ”بئپٽسٽا“ جي گهر
پهچڻ گهرجي !“ پر، انهيءَ مهل صبح ڪين هو، پر پورا
ٻپهر هئا، جڏهن هن هيءَ ڳالهه ڪئي، تنهنڪري
ڪئٿرائن هن جي شوخيءَ کان ڊڄي، آرام سان چوڻ لڳي
ته ”سائين، خير ته آهي، هينئر ٻه لڳي ويا آهن،
جيسين هلي پهچندا سين تيسين رات ٿي ويندي!“ پر،
”پيٽروشيو“ جو مطلب هو ته زال کي اهڙو هيسائي
ڇڏيان ، جو پڻس جي گهر نيڻ کان اڳي جيڪي آءٌ چوان
سو مڃي، تنهڪري چيائين ته ”خوشي منهنجي ، جيڪو وقت
وڻندم سو ٿيڻ گهرجي!“ ڄڻ ته سج تي ۽ ڪلاڪن تي به
سندس حڪم هلندڙ هو. چوڻ لڳو ته ”جيڪي آءٌ ٿو چوان
يا ڪريان، انهيءَ تي تون ضد ٿي ڪرين! آءُ اڄ ڪين
هلندس، ۽ جڏهن هلندس ، تڏهن جيڪو وقت چوندس هو
ٿيندو!“
ٻئي ڏينهن ”ڪئٿرائن“ تازي سکيل فرمانبرداريءَ جي
استعمالي ڪئي. نيٺ جڏهن زال کي زور ڪري اهڙو مطيع
ڪيائين جو هن ضد ڪرڻ جي اصلي پچر ڦٽي ڪئي، تڏهن
”پيٽروشيو“ هن کي پيءُ جي گهر هلڻ جي موڪل ڏني.
پوءِ به اوڏي هلندي، واٽ ۾، جڏهن مڙسس پئي چيو ته
”ڏينهن تتي جو چنڊ پيو چمڪي،“ ۽ هن کان ڪنهن مهل
اهيو ”سج“ جو نالو نڪري ويو، تڏهن ڊپ هوس ته متان
هتان ئي موٽي پوي! ”پيٽروشيو“ چيو ته ”مون کي
پنهنجي سر جو قسم آهي ته تنهنجي پيءُ جي گهرهلڻ
کان اڳي، چنڊ يا تارا، ٻيو جيڪي چوندس، سو ضرور
ٿيندو!“ هن وري پٺتي موٽڻ جي ٿي ڪئي، پر
”ڪئٿرائن“، جا هاڻ ڪئٿرائن ڏنگي رنوڙ ڪين هئي پر
تابعدار زال هئي، تنهن چيو ته ”سائين، هاڻي هليا
هلو، جو هيترو پنڌ ڪري به آيا آهيون ... سج يا چنڊ
يا ٻيو جيڪي چوندؤ، سو قبول ڪنديس. آءٌ انجام ٿي
ڪريان ته آءٌ ٻي ڪابه ٻولي ڪانه ڪنديس!“ انهيءَ
ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جو هن ارادو ڪيو، تنهنڪري وري
چوڻ لڳو ته آءٌ به چوان ٿو ته هيءُ چنڊ آهي!“
ڪئٿرائن جواب ڏنو ته”برابر، آءٌ به ڄاڻان ٿي ته
اهو چنڊ آهي!“ ”پيٽروشيو“ چيو ته ” تون ڪوڙي
آهين... اهو سج آهي!“ ”ڪئٿرائن“ ورندي ڏني ته
”تڏهن برابر اهو سج آهي، پر جڏهن تون چوندين ته
اِهو سج ناهي، تڏهن برابر اهو سج ناهي. جيڪو به
نالو انهيءَ کي تون ڏيندين، ”ڪئٿرائن“ به اهو ئي
ڏيندي، ۽ ٻيو ڪڏهن ڪين ڏيندي !“ تڏهن مس مس هن زال
کي اڳتي هلڻ ڏنو. پر، وري به انهيءَ فرمانبرداريءَ
۽ نهٺائيءَ جي آزمودي وٺڻ لاءِ، رستي ۾ هن هڪڙي
پير مرد سان اهڙيءَ طرح ڳالهايو، جو ڄڻ ته هوءَ
جوان زال هئي چوڻ لڳس ته ”بيبي، سلام ٿئي !“ ۽
”ڪئٿرائن“ کان پڇڻ لڳو ته ”هن کان وڌيڪ سهڻي زال
ڪا تو ڏٺي ؟“ پوءِ هن ڪراڙي جي ڳلن جي اڇائيءَ ۽
لا لائيءَ جي تعريف ڪرڻ لڳو ، ۽ هن جي اکين کي ٻن
چمڪندڙن تارن سان تشبيهه ڏيڻ لڳو، ۽ وري به هن کي
چوڻ لڳو ته ”نازنين بيبي، هاڻ وري به سلام ٿئي !“
۽ پنهنجيءَ زال کي چيائين ته ”پياري ڪيٽ، هن جي
خوبصورتيءَ جي ڪري هن کي ڀاڪر پاءِ!“ ”ڪئٿرائن“ جو
هٺ اهڙو ڀڄي پيو هو جو جيئين مڙس چيس ائين ڪيائين.
هن ٻڍي ماڻهوءَ کي زال ڄاڻي ساڻس ڳالهائڻ لڳي، ۽
چوڻ لڳيس ته ”اي جوان ڪنواري بيبي، تون خوبصورت ۽
تازي تواني ۽ وڻندڙآهين ! ڪيڏانهن ٿي وڃين، ۽ ڪٿي
رهندي آهين؟ تو جهڙي سهڻي ڌيءَ جا مائٽ ڪهڙا نه
نصيب وارا هوندا!“ ”پيٽروشيو“ چيو ته ”ڪيٽ، ٻيو ته
خير آهي! تون چري ته ڪين ٿي آهين؟ هي ته ڪراڙو
فرتوت ماڻهو آهي، جوان زال ناهي، جيئين تون ٿي
چوين !“ اتي وري ”ڪئٿرائن“ چيو ”پريا مڙس ، مون کي
معاف ڪجئين. سج جي تابش ڪري منهنجي نظر اهڙي گهٽجي
وئي آهي، جو جيڪا شيءِ ڏسان ٿي سا سڀ سائي پيئي
ڏسجي. هاڻ مون کي معلوم ٿيو ته تون پير مرد آهين.
مهرباني ڪري منهنجي چريائي ڏي نه ڏسج، اِنهيءَ چوڪ
ڪري مون کي معاف ڪج .“ ”پيٽروشيو“ چيو ته ”ڏاڏا
سائين، اسان کي معاف ڪج. هاڻ ٻڌايو ته ڪيڏي ٿا وڃو
. جي اِهو رستو هلو ٿا، ته گڏيا هلون.“ پير مرد
جواب ڏنو ”سائين ، اوهان جي هلت جي مون کي حيرت
آهي. منهنجو نالو ”ونسينشيو“ آهي ۽ ”پئڊوئا“ شهر ۾
منهنجو هڪڙو پٽ رهي ٿو، تنهن کي ڏسڻ جي لاءِ اوڏي
وڃان ٿو.“ تڏهين ”پيٽروشيو“ سڃاتو ته اِهو
”ليوسينشيو“ جو پيءُ آهي، جنهن جي شادي ”بئپٽسٽا“
جي ننڍي ڌيءَ ”بئنڪا“ سان ٿيڻي هئي، ۽ هن
”ونسينشيو“ کي سندس پٽ جي شاديءَ جي خوشخبري ٻڌائي
خوش ڪيو. پوءِ سڀئي گڏيا آيا، ۽ اچي ”بئپٽسٽا“ جي
گهر وٽان نڪتا، جتي ”بئنڪا“ ۽ ”ليوسينشيو“ جي
شاديءَ جي مجلس گڏ ٿي هئي ، جو ڪئٿرائن جي نيڪال
کان پوءِ سگهوئي ”بئپٽسٽا“ پنهنجي ننڍي ڌيءَ جي
شاديءَ جو بندوبست ڪيو هو.
جڏهن هو اندر گهڙيا ، تڏهن ”بئپٽسٽا“ هنن جي آڌر
ڀاءُ ڪري هنن کي مجلس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو. اُتي
ٻيو به هڪڙو تازو پرڻيل جوڙو حاضر هو .
”ليوسينشيو“ ”بئنڪا“ جو مڙس ۽ ”هارٽينشيو“_ اهو
ٻيونئون پرڻيل ماڻهو_ ذري ذري ”پيٽروشيو“ جي زال
جي شوخيءَ ۽ کهرائيءَ جا اشارا ڏيئي چرچا ڪرڻ لڳا.
هنن گهوٽن ڄاتو ٿي ته اسان کي چڱيءَ طبيعت واريون
ڪنواريون مليون آهن، سي ڏاڍا خوش هئا، ”پيٽروشيو“
جي ڪم نصيبيءَ تي ٽوڪون ڪرڻ لڳا. ”پيٽروشيو“ هنن
جي چرچن ڏي اُنهيءَ مهل ته ڌيان ڪونه ڏنو، جيسين ڪ
سڀ عورتون ماني کائي پنهنجين پنهنجين جاين ڏي
ويون، پوءِ هن ڏٺو ته ”بئپٽسٽا“ پاڻ به اُنهن چرچن
۾ شامل پيو ٿئي، ۽ مٿس پيو کلي: ڇا لاءِ جو جڏهن
”پيٽروشيو“ هنن کي چيو ته ”منهنجي زال اوهان جي
زالن کان وڌيڪ فرمانبردار آهي“، تڏهن ”ڪئٿرائن“ جو
پيءُ چوڻ لڳو ته ابا ”پيٽروشيو“، مون کي ارمان ٿو
ٿئي ته تو کي سڀ کان شوخ ۽ بد مزاج زال نصيب ٿي
آهي!“ ”پيٽروشيو“ چيو ته ”سائين، هر گز ائين ناهي.
منهنجي سچ، ڪوڙ ڄاڻڻ لاءِ هيئن ٿئي جو اسان مان
سڀڪو پنهنجيءَ زال کي هتي گهرائي، پوءِ جنهن جي
زال حڪم جي پٺيان اڳ ۾ ايندي سا ٺهرايل شرط
کٽندي.“ انهيءَ تي هو ٻه ڄڻا به راضي ٿيا ، جو هنن
کي پڪ هئي ته اسان جون زالون مغز ڦريل ”ڪئٿرائن“
کان وڌيڪ تابعدار هونديون. هنن ويهن ڪرائونن جي
شرط ٻڌي ، پر ”پئٽروشيو“ کي چين ته ”ايترا پئسا ته
آءُ پنهنجي باز ياڪتي تي به نه رکان، سو پنهنجيءَ
زال تي ته انهيءَ کان ويهه دفعا وڌيڪ رکندس!“
”ليوسينشيو“ ۽ ”هارٽينشيو“ شرط وڌائي سؤ ڪرائونن
تي رکي. پوءِ ”ليوسينشيو“ پهريائين پنهنجو نوڪر
موڪليو ته ”بئنڪا“ کي سڏي اچ، پر نوڪر موٽي آيو،
اچي چيائين ته ”سائين، بيبيءَ چيو آهي ته آءٌ ڪم ۾
آهيان، اچي نٿي سگهان.“ پئٽيروشيو، چيو ته ”ڇا،
چوي ٿي ته ڪم ۾ آهيان... ڪين اينديس؟ زال ٿي اهڙو
جواب ڏئي!“ تڏهن سڀئي هن تي کلڻ لڳا،۽ چوڻ لڳا ته
”چڱو ٿيندو جو ڪئٿرائن انهيءَ کان خراب جواب نه
موڪليندي.“ هاڻي وري ”هارٽينشيو“ جو وارو هو ته
پنهنجي زال گهرائي. هن پنهنجي نوڪر کي چيو ته
”منهنجيءَ زال کي وڃي منٿ ڪري چو ته مون ڏي آءُ.“
اتي ”پيٽروشيو“ چيو ته ”واهه واهه! منٿ ڪري چئينس!
... پوءِ ته اُهين ئي ايندي.“ ”هارٽينشيو“ چيو ته
”سائين ، آءُ ڀانيان ٿو ته تنهنجي زال منٿ ڪانه
ڪرائيندي!“ سگهوئي نوڪر موٽي آيو، ۽ سندس بيبي
پيدا ڪانه ٿي. تڏهن هي منٿن ڪرڻ وارو مڙس ڦڪو ٿيو،
۽ نوڪرکي چوڻ لڳو ته ”اڙي، منهنجي زال ڪٿي؟“ نوڪر
ورندي ڏني ته ”سائين، بيبي چوي ٿي ته اوهين چرچا
ويٺا ڪريو، تنهنڪري آءُ ڪين اينديس!“ ”پئٽروشيو“
چيو ته ”هن کان به خراب!“ پوءِ وري هن پنهنجو نوڪر
موڪليو. چيائينس ته ”اڙي ، منهنجي بيبيءَ کي وڃي
چوء ته منهنجو حڪم آهي ته هڪ دم هيڏي هلي اچ !“
اڃان هنن ٻين ايترو خيال ئي مس ڪيو ته انهيءَ سڏ
تي هوءَ ڪين ايندي، ته ”بئپٽسٽا“ اچرج ۾ پئي چيو
ته ” خدا جو سنهن، اجها ڪئٿرائن ته اچي پيئي!“
ائين ڪندي، هوءَ اندر گهڙي آئي، ۽ آهستي مڙس کي
چوڻ لڳي ته ”سائين، مون کي سڏايو؟ ڪهڙو حڪم آهي؟“
هن چيو ته ”تنهنجي ڀيڻ، هاٽينشيو جي زال، ڪٿي
آهي؟“ ”ڪيٿرائن“ ورندي ڏني ته ”اهي سڀئي صفي ۾
باهه تي ويٺيون پاڻ ۾ ڳالهيون ٻوليون ڪن.“
”پيٽروشيو“ چيو ته ”وڃي هيڏي وٺي اچين!“ اُنهيءَ
گهڙيءَ ”ڪئٿرائن“ مڙس جي حڪم پٺيان هلي ويئي.
”ليوسينشيو“ چيو ته ”هن کان مٿي ٻي عجب جي ڳالهه
ڪهڙي هوندي!“ ”هارٽينشيو“ چيو ته ”بيشڪ، ائين آهي.
مون کي حيرت آهي ته انهيءَ مان ڪهڙيو نتيجو نڪرندو
؟“ ”پيٽروشيو“ چيو ته ”انهيءَ مان سانت ۽ صلح ۽
محبت ۽ چڱو بندوبست، مطلب ته هر طرح جو آرام ۽ سک
نڪري ٿو!“ ”ڪئٿرائن“ جو پيءُ پنهنجي ڌيءَ ۾ هي
سڌارو ڏسي نهايت خوش ٿيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”ابا
”پيٽروشيو“، خدا خير ڪندءِ. تو شرط کٽي، ۽ آءٌ
تنهنجي زال جي ڏاج ۾ ٻيا به ويهه هزار ڪرائون
ڏيندس! ڄاڻندس ته اها ڌيءَ نئين سر پرڻائي اٿم، ڇا
لاءَ جو هوءَ اهڙي مٽجي ويئي آهي، جو بنهه ٻي پئي
ڀائنجي!“ ”پيٽروشيو“ چيو ته ”آءُ اڃان به زيادهه
شرط کٽندس ۽ پنهنجي زال جي نئينءَ نيڪي ۽
فرمانبرداريءَ جون نشانيون ڏيکاريندس.“ اُتي
ڪئٿرائن هنن ٻن زالن سان اندر گهڙي آئي، تن کي ڏسي
، ”پيٽروشيو“ چوڻ لڳو ته ”ڏسو ، اجها منهنجي زال
اچي ٿي، ۽ اوهانجين هيٺلين زالن کي به ٺڳاريو قيدن
وانگي وٺيو اچي!... ڪئٿرائن، اها ٽوپي توکي نٿي
ٺهي، اڇلائي ڦٽو ڪرينس!“ انهيءَ دم ”ڪئٿرائن“ ٽوپي
لاهي کڻي هيٺ ڦٽي ڪئي. ”هرٽينشيو“ جي زال اهو حال
ڏسي چيو ته ”خدا ڪري ته شال اهڙو سبب نه ٿئي،
جنهن ڪري آءٌ ههڙيءَ نيچ حالت ۾ اچان!“ ۽ ”بئنڪا“
به چوڻ لڳي ته ”اهڙو بيعقليءَ جو ڪم به ڪو فرض
چئبو؟ حيف اٿس!“ تنهن تي سندس مڙس چيس ته ”بئنڪا،
اهڙو بيعقليءَ جو فرض به تون ڄاڻيندين هجين ها ته
آءٌ گهڻو خوش ٿيان ها. انهيءَ تنهنجي عقل واري فرض
ڪري ، اڄ مون سوء ڪرائونن جي چٽي ڀري آهي !“
”بئنڪا“ جواب ڏنو ته ”انهيءَ ڪري پاڻ تنهنجي
بيعقلي زيادهه معلوم ٿي ٿئي، جو مون تي اهڙو ڪم
رکڻ ٿو گهرين !“ ”پيٽروشيو“ چيو ته ”ڪئٿرائن“،
هنن مٿي ڦريل زالن کي سمجهاءِ ته پنهنجن گهر وارن
سان ڪهڙي هلت ڪرڻ گهرجي.“ تنهن تي، جيڪي اتي حاضر
هئا انهن جي اڳيان، ”سڌريل ڪئٿرائن“، مٺي آواز
سان بيهي ڳالهايو، ۽ جهيڙي فرمانبرداري پاڻ سکي
هئي، تهڙي سڀ ڪنهن زال تي فرض هئي. انهيءَ بابت
بيهي وعظ ڪيائين .
انهيءَ وقت کان وٺي، ”پئڊوئا“ شهر ۾ ”ڪئٿرائن“ وري
مشهور ٿي، نه اڳي وانگي ”ڏنگي زال“، پر ساري شهر ۾
نيڪ ۽ فرمانبردار زال .
روميو - جوليٽ
”ويرونا“ شهر ۾ ٻه مکيه خاندان هوندا هئا، هڪڙا
”ڪئپيوليٽ“، جي پيسن وارا هوندا هئا، ۽
ٻيا”مانٽيگيو“. انهن ٻنهي خاندان جي وچ ۾ قديم وقت
کان هڪڙو جهڙو هلندو آيو، جو اهڙو زور وٺي ويو هو،
۽ هنن جي وچ ۾ دشمني ايتري قدر وڌي ويئي هئي، جو
سندن پري پري جي ذات، ڀائين ۽ نوڪرن ۽ واسطيدارن
تائين پهتي هئي. جڏهن به ڪڏهن ”مانٽيگيو“ گهراڻي
جو ڪو نوڪر ”ڪئپوليٽ“ گهراڻي جي ڪنهن نوڪر کي گڏبو
هو، يا ڪو ”ڪئپيوليٽ“ اتفاق سان ڪنهن ”مانٽيگيو“
کي ملندو هو، ته ضرور ٻنهي جي وچ ۾ جهڳڙو ٿيندو
هو: ڪنهن مهل ته رت ڇاڻ به ٿي پوندي هئي، ۽ اتفاقي
ملاقاتن ڪري اڪثر گهڻائي جهيڙا پيا ٿيندا هئا،
جنهنڪري ويرونا شهر جي گهٽين ۾ گهڻو ڪري بي آرامي
۽ وڳوڙ رهندو هو.
هڪڙي ڀيري، ”ڪئپيوليٽ“ گهراڻي جي پرئي مڙس هڪڙي
وڏي مانيءَ جي مجلس ڪئي جنهن ۾ وڏا وڏا ماڻهو، مڙس
توڙي زالون، اچي گڏ ٿيا، ويرونا ۾ جيڪي خوبصورت
عورتون هيون، سي سڀ اچي اُتي سوڙهيون ٿيون.
”مانٽيگيو“ گهراڻي کان سواءِ ٻيو جيڪو پئي آيو،
تنهنجي ڏاڍي آڌر ڀاءُ ٿي. انهيءَ مجلس ۾
”مانٽيگيو“ گهراڻي جي پرئي مڙس جي پٽ ”روميو“ جي
معشوقه ”روزلين“ به حاظر هئي. جيتوڻيڪ ههڙي ميڙ ۾
ڪنهن ”مانٽيگيو“ جي اُتي ظاهر ٿيڻ مان گهڻيءَ
خرابيءَ پيدا ٿيڻ جو ڊپ هو، تڏهن به ”روميو“ جي
يار، ”بن ووليو“، هن کي ٺڳاري چيو ته ”ويس بدلائي
اُتي هلي پنهجي ”روزلين“ ڏس، ۽ انهيءَ جو ويرونا
جي ٻين نازنينن سان مقابلو ڪر، جو هنن جي ڏٺي تو
کي پنهنجو ڪبوتر به ڪانگ وانگي ڏسڻ ۾ پيو ايندو!
”روميو“ کي ته ”بن ووليو“ جي ڳالهه تي پت ڪانه
هئي، مگر انهيءَ هوندي به ”روزلين“جي سڪ ۽ محبت جي
ڪري وڃڻ جي هام ڀريائين.”روميو“سچو ۽ شوق وارو
عاشق هو. اهڙو، جو ”روزلين“ جي عشق ۾ ننڊ حرام ٿي
ويئي هيس، ۽ ماڻهن کي ڇڏي اڪيلو پيو گذاريندو هو
، پر ”روزلين“ جي ساڻس دل ڪانه هوندي هئي ، هن کي
ڪابه محبت ڪانه ڏيکاريندي هئي: ”بن ووليو“ جو مطلب
هو ته هن کي گهڻن جي صحبت ۽ قسمين قسمين زالون
ڏيکاري انهيءَ عشق مان جند ڇڏايانس.“
انهيءَ ”ڪئپيوليٽ“ واريءَ مجلس ۾ ”روميو“ پنهنجن
سنگتين ”بن ووليو“ ۽ ”مرڪيوشيو“ سان گڏ، بدليل ويس
۾ ويو. ٻڍي ”ڪئپيوليٽ“ هنن جي گهڻي آڌر ڀاءُ ڪئي،
کين دلاسو ڏنائين ته جوان زالون اوهان سان ناچ
ڪنديون هي پريو مڙس ڏاڍو خوش طبع ۽ چرچائي هو ،
تنهن چين ته ”جڏهن آءُ ننڍو هوندو هوس ، تڏهن آءُ
به دستور موجب ويس بدلائي مجلس ۾ ويندو هوس ، ۽
ڪنهن سهڻي ءَ زال جي ڪن ۾ محبت جون ڳالهيون ڪندو
هوس!“
پوءِ ته اچي ناچ جي محفل ۾ شريڪ ٿيا. نچڻ وارين
زالن سان هڪڙي اهڙِي جوان خوبصورت هئي ، جو
”روميو“ انهيءَ کي ڏسي حيران ٿي ويو.ائين ٿي ڄاتو
ته انهيءَ نازنين جي جي حُسنَ مشعلن کي به ٻرڻَ ٿي
سيکاريو . سندس سونهن ڪاريءَ رات ۾ اهڙي هئي، جهڙو
شيديءَ تي ڪو اَڻمُلهو جو اهرـ اهڙو حسن، جو ڪم ۾
آڻڻ جهڙو نه هجي،يا زمين تي رهڻ جهڙو نه هجي.هن جو
حسن سندس ساهيڙين ۽ ٻين حاضر زالن جي بنسبت اهڙو
هو، جهڙو ڪانگن جي ٽوليءَ ۾ برف جهڙو اڇو ڪبوتر.
انهيءَ واکاڻ ڪندي، ٻڍي ”ڪئپيوليٽ“ جي
ڀائٽي”ٽئبالٽ“ جي ڪن تي هن جو گفتو پئجي ويو، ۽ هن
جي آواز مان هن سهي ڪيو ته هي”روميو“ آهي. هي
”ٽئبالٽ“ طبع جو ڏاڍو تکو هو، تنهن کي انهيءَ
ڳالهه تي ڏاڍي چڙ لڳي ، جو هن ڄاتو ته هي
”مانٽيگيو“ اسان جي اهڙيءَ مجلس ۾ چرچا ۽ ٺٺوليون
ڪرڻ آيو آهي ! هن وڏي آواز سان اجايو ڳالهايو، ۽
ذري گهٽ ڌڪ هڻي ”روميو“ کي ماري وڌو هئائين، پر
چاچيس پرئي مڙس سمجهايس ته ”هڪڙو ته هي اسان وٽ
مهمان آهن، تن جي بي آبروئي ٿيندي، ٻيو ته روميو
جي هلت اشرافت جهڙي ڏسڻ ۾ آئي هئي، ۽ ويرونا جا سڀ
ماڻهو هن جي نيڪي ۽ چڱيءَ چال جي تعريف ڪنداآهن،
تنهنڪري اهڙي وقت ۾ هن کي جو کو نه پهچائڻ گهرجي.“
”ٽئبالٽ“ لاچار ٿي چپ ٿي ويو ، ۽ کڻي بس ڪيائين،
پر قسم کنيائين ته ”هي ڪمينو مانٽيگيو ڪنهن ٻئي
وقت پاڻيهي هن بيحيائيءَ جو حساب ڏيندو!“
جڏهن ناچ پورو ٿيو، تڏهن ”روميو“ رڙهي وڃي اُنهيءَ
هنڌ کي ويجهو ٿيو، جتي اُها جوان زال ويٺي هئي،
بدليل ويس ۾ هئڻ ڪري ، هن کي گستاخي ڪرڻ جو وجهه
توڙي عذر مليو، تنهن آهستي آهستي ڪري وڃي سندس هٿ
مان ورتو ۽ انهيءَ جي تعريف ڪرڻ لڳو ته ”اها ڪهڙي
پاڪ درگاهه آهي، جا منهنجي هٿ لائڻ ڪري جيڪڏهن
پليت ٿي، ته آءٌ جو لڄاڙو مريد زيارت لاءِ آيو
آهيان ، سو ان کي چمي پنهنجو گناهه بخشائيندس !“
هن زال جواب ڏنو ته ”ڀلارا مريد ، مرشدن جي هٿن کي
مريد هٿ ڀلي لائين، پر چمن نه ... تون ڪو تمام
اعتقاد ۽ ارادي وارو زيارتي ڏسجين ٿو !“ ”روميو“
چيو ته ”ڇو ، جهڙا مرشدن کي چپ آهن ، تهڙا مريدن
کي ناهن ڇا؟“ زال چيو ته ”هائو، آهن ، پر اهي ذڪر
ڪرڻ ۽ دعا گهرڻ ۾ ڪم اچڻ گهرجن.“ ”روميو“ چيو ته
”تڏهن، منهنجا پيارا مرشد، تون منهنجي دعا ٻڌ ۽
قبول ڪر، نه ته آءٌ گهڻو نااميد ٿيندس.“ اهڙن
اشارن ۽ محبت جي ڳالهين منجهه مشغول هئا، ته
انهيءَ زال کي ماڻس ڏي سڏ ٿيو. سندس وئي کان پوءِ
”روميو“ کي پڇا ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته اها جوان زال
جنهن جي حسن هن کي حيران ڪري ڇڏيو. هو، سا ”جوليٽ“
هئي، جا ٻڍي ”ڪئپيوليٽ“ جي سردار جي ڌيءَ ۽ وارث
هئي . جو سردار ”مانٽيگيو“ گهراڻي جو وڏو دشمن هو.
”روميو“ کي پڪ ٿي ته مون پنهنجي دشمن سان دل
اٽڪائي آهي . انهيءَ ڳالهه ڪري هن کي ارمان ۽ فڪر
گهڻو ٿيو، پر محبت کي بند رکڻ دل نه چيس. هوڏي وري
”جوليٽ“ کي به آرام ڪونه هو ، ڇا لاءِ جو خبر پيئي
هيس ته جنهن ماڻهوءَ سان پئي ڳالهايو، سو ”روميو“
۽ ”مانٽيگيو“ آهي. هن کي به ”روميو“ سان اوچتو ئي
اوچتو دل لڳي ويئي هئي، جنهن ڪري هن وانگي ئي
حيران ۽ پريشان هئي . مگر هن کي اها ڏاڍي ڏکي
ڳالهه لڳي ته دشمن سان دوستي رکي ، ۽ جنهن ماڻهوءَ
کي ڪٽنب جي مد نظر تي گهڻو ڌڪارڻ گهرجي ، تنهن کي
گهڻو پيار ڪري.
اڌ رات اچي ٿي هئي، تنهنڪري ”روميو“ پنهنجن سنگتين
سوڌو نڪري هليو ويو، پر سگهو ئي انهن کان نٽائي
ڀڄي آيو ، ڇا لاءِ جو جنهن گهر ۾ هن پنهنجي دل ڇڏي
هئي ، تنهن کان هڪڙي گهڙي به پاسي ٿيڻ هن کي مشڪل
ڳالهه لڳي. سو، ”جوليٽ“ جي گهر جي پٺيان جو باغيچو
هوندو هو تنهن جي ڀت ٽپي هي وري آيو. هن بيٺي
پنهنجي نئين محبوب بابت خيال پچايا، ته اوچتو
”جوليٽ“ مٿان دريءَ وٽ آڻي منهن ڪڍيو، جو اُڀرندي
سج وانگي سوجهري وارو هو، ۽ چنڊ، جو باغيچي جي
مٿان پئي ٽمڪيو، سو ”روميو“ جي نظر ۾ هن نئين سج
جي تيز روشنائيءَ جي اڳيان زرد ۽ ڦڪو پئي لڳو.
هوءَ پنهنجو هٿ ڳل تي رکي ، ٽيڪ ڏيئي ، اچي بيهي
رهي، تنهن کي ڏسي ”روميو“ دل ۾ چيو ته ”هي هي،
جيڪڏهن انهيءَ هٿ تي آءٌ دستانو هجان ها، ته من هن
جي ڳل سان لڳان ها!“ ”جوليٽ“ ته ڀانيو ٿي ته آءٌ
هيکلي آهيان، تنهن ٿڌو ساهه کڻي چيو ته ”هاءِ
افسوس!“ ”روميو“ ڀانيو ته اجها ٿي ڳالهائي، سو
خوشيءَ کان آهستي آهستي چوڻ لڳو ته ”او نـُو ر
وارا ملائڪ، تون منهنجي مٿان فرشتي وانگي بيٺو
آهين ، جنهن جي ڏسڻ لاءِ سارو جهان حيران رهندو
آهي، سو وري به ڪي ڳالهاءِ!“ هن کي ته ڊپ ڪونه هو
ته جيڪي چونديس سو ڪنهن جي ڪن تي پوندو، سا انهيءَ
رات واري تازي عشق جي شوق مان پنهنجي عاشق جو نالو
وٺي ڳالهائڻ لڳي. ڀانيائين ته هو غير حاضر آهي.
چوڻ لڳي ته، ”او روميو، روميو ... ڇا لاءِ تون
”روميو“ ٿيو آهين؟ منهنجي خاطر، تون پنهنجي پيءُ
کان انڪاري ٿي، پنهنجي نالي کان انڪاري ٿي. يا جي
نه ٿئين، ته منهنجيءَ محبت ۾ قسم کڻي سچو رهه، ته
آءٌ ”ڪئپيوليٽ“ هئڻ کان انڪاري ٿيان!“ هي ٻڌي
”روميو“ کي وڏي تقويت آئي، ۽ پاڻ ڳالهائڻ تي هو ،
پر وري به چيائين ته ڀلي هيءَ وڌيڪ ڳالهائي ته
سندس مٺي ٻولي ٻڌان . ”جو ليٽ“ ته پنهنجي منهن پئي
ڳالهايو، ۽ اڃان به پئي چيائين ته ”تون ڇا لاءِ
”روميو“ ۽ ”مانٽيگيو“ ٿيو آهين! ڇو نه ڪو ٻيو نالو
پاڻ تي رکين، يا ڇو نه اهو ڪنو نالو پاڻ تان
لاهين، ۽ انهيءَ نالي جي بدران، جو تنهنجي جسم جو
ڪو به ڀاڱو ناهي، مون کي سڄو ئي هٿ ڪرين!“ اهڙي
پيار جي لفظن تي ”روميو“ پاڻ کي جهلي نه سگهيو، ۽
ڄڻ ته هن ساڻس روبرو پئي ڳالهايو هجي، جهٽ ۾ ورندي
ڏيئي چيائينس ته ”پياري، جي ”روميو“ توکي چڱو نالو
نه ٿو لڳي، ته آءٌ ”روميو“ ناهيان، مون کي ”جاني“
ڪري سڏ، يا ٻيو جو نالو وڻيئي سو سڏ!“ اِتي
”جوليٽ“، مڙس ماڻهوءَ جو آواز باغيچي مان ايندو
ٻڌي، ڇرڪ ڀري بيهي رهي. پهريائين ته سهي ڪري نه
سگهي ته اهو ڪير هو جو رات جي اونداهيءَ جو وجهه
ڏسي منهنجي اندر جي ڳجهه جو واقف ٿي ويو ، پر جڏهن
هن وري ڳالهايو ، ۽ اڃان ٿورا لفظ مس ڳالهايا
هئائين ، تڏهن هن هڪدم سهي ڪيو ته اهو جوان روميو
آهي . ڇا لاءِ جو عاشقن جا ڪن ڏاڍا سرلا ٿيندا آهن
. هوءَ چوڻ لڳيس ته ”تو هي چڱو ڪم نه ڪيو آهي جو
باغيچي جي ڀت ٽپي آيو آهين، ڇا لاءِ جو منهنجن
عزيزن مان ڪو توکي ڏسي وٺندو ته، ”مانٽيگيو“ ڄاڻي،
تو کي مارڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو!“ ”روميو“ ورندي
ڏنيس ته ”هي هي، جيترو خطرو مون کي تنهنجي اکين
مان آهي، اوترو تنهنجن عزيزن جي ويهن ترارن مان
ناهي! تون سو مون تي مهربانيءَ جي نظر رک، باقي
هنن جي عداوت جي مون کي ڪا به پرواهه ڪانهي.
تنهنجي محبت ڌاران آءُ عذابن ۾ جيئرو رهان، تنهن
کان ڀلي ته منهنجي حياتي هنن جي دشمنيءَ جي ڪري
پوري ٿئي!“ جوليٽ پڇيس ته ”تون هتي ڪيئن اچي نڪتين
، ۽ ڪير تنهنجو سونهون ٿيو ؟“ ”روميو“ جواب ڏنو ته
”عشق منهنجو سونهون ٿيو ! آءُ ڪو ناکئو ڪين آهيان،
مگر جي تون مون کان وڏي سمنڊ جي پرئين ڀر جيترو
پري به هجين، ته به جيڪر اهڙي سوداگريءَ جي لاءِ
آءٌ سندرو ٻڌي نڪري پوان!“ اتي شرم ۽ حيا کان
”جوليٽ“ جو منهن ئي ڳاڙهو ٿي ويو ، جو ڄاتائين ته
مون پنهنجي واتان پاڻيهي ”روميو“ تي عاشق ٿيڻ جي
ڳالهه ڪڍي، جا في الحال ظاهر نه ڪرڻ گهربي هئي_
پر، رات ڪري انهيءَ شرم جو سماءُ ”روميو“ کي پئجي
نه سگهيو.
|