سيڪشن: ادب

ڪتاب: دلپسند قصا

باب:

صفحو:7 

انهيءَ ننڍڙي چرچائيءَ ، رات جي گهمڻ واري جنڙي، کي ”آبران“ چيو ته ”پڪ، هيڏي آءُ، مون کي اُنهيءَ عشق- پيچ جو گل آڻي ڏي، جنهن جو رس جيڪڏهن سـُتلن جي ڇپرن جي مٿان وجهبو، ته هـُو جاڳندي جيڪي پهرين ڏسندا، انهيءَ تي عاشق ۽ مست ٿي پوندا . انهيءَ تي عاشق ۽ مست ٿي پوندا. انهيءَ گل جي رس جو ذرو آءُ پنهنجي ”ٽئٽينيا“ جي ڇپرن تي رکندس، جڏهن هوءَ سمهندي، پوءِ جڏهن اکيون پٽيندي، تڏهن جيڪا شيءِ پهريندي نظر چڙهنديس، اُنهيءَ تي عاشق ٿي پوندي ـ پوءِ ڀلي شينهن هجي، رڇ هجي، يا ڀولڙو هجي! جيسين وري هڪڙيءَ وري ٻي شيءِ سان اِهو جادو سندس اکين تان لاهيان ، تنهن کان اڳي آءٌ زور ڪري کانئس اِهو ٻارڙو ڇڏائيندس، ۽ پوءِ هن کي آڻي پنهنجو خذمتگار ڪندس !“

”پڪ“ کي ته اهڙيون حرڪتون وڻنديون هيون ، سو پنهنجي ڌڻيءَ جي رٿيل چرچي تي گهڻو خوش ٿيو ، ۽ اُنهيءَ گل جي ڳولڻ لاءِ ڀڳو .

اڃا ”آبران“ پڪ جي موٽڻ لاءِ منتظر ويٺو هو، ته هن ”ڊمٽريس“ ۽ ”هيلينا“ کي ٻيلي ۾ گهڙندو ڏٺو . هن ڪن لائي ٻڌو ... ”ڊمٽريس“ ۽ ”هيلينا“ کي سندس پٺيان اچڻ لاءِ طعنو هنيو ، ۽ ٻيو به گهٽ وڌ ڳالهايائينس ، جنهن تي وري ”هيلينا“ هن کي سندس اڳين محبت ۽ سچائي ياد ڏياري ، پوءِ نيٺ ”ڊمٽريس“ هن کي اُتي جهنگ ۾ هيکلو ڇڏي اُٿي هليو ، ۽ ”هيلينا“ به جيترو تکو پڄي سگهي اوترو هن جي پٺيان ڊوڙي پئي.

پرين جو بادشاهه، جو سچن عاشقن جو يار هوندو هو، تنهن کي ”هيلينا“ جي حال تي گهڻو رحم آيو، ۽ شايد جن ڏينهن ۾ هن سان ”ڊمٽريس“ جي محبت هوندي هئي، تن ڏينهن ۾ ”آبران“ ”هيلينا“ کي انهيءَ ٻيلي ۾ ڏٺو به هو ( جيئن ”لئسانڊر“ ٿي چيو ته انهيءَ ٻيلي ۾ چانڊوڪيءَ جو هو گڏ گهمندا ڦرندا هئا ) . سو ، جڏهن ”پڪ“ اُهو ننڍڙو گل کڻي موٽيو ، تڏهن ”آبران“ چيس ته ”هن گل جو ذرو ڇني وڃ .. هتي اٿينس شهري جي هڪڙي سهڻي زال اَٿئي ، جا هڪڙي نفرتي جوان تي عاشق آهي : جيڪڏهن اهو ستل ڏسين ته سندس اکين ۾ انهيءَ محبت جي رس جو ذرو وجهجئين ـ پر تجويز ڪري تڏهن وجهجئين ، جڏهن هوءَ سندس ويجهو هجي، جو جاڳڻ شرط پهرين انهيءَ ڌڪاريل زال تي نظر پويس. هن جوان کي به اَٿينس شهر جا ڪپڙا آهن، تن جي ڊول تي هن کي سڃاڻي سگهندين.“ ”پڪ“ چيو ته ”سائين، اوهين دلجاءِ ڪريو، آءٌ چڱي تجويز ڪندس.“

تنهن کان پوءِ ”آبران“ پنهنجي راڻيءَ کان لڪي سندس چمن ۾ ويو، جتي ڏسي ته هوءَ سمهڻ جي سعيي ۾ آهي. اُهو چمن نديءَ جي ڪناري تي هو، جتي قسمين قسمين گل بيٺل هئا. اُتي ”ٽئٽينيا“ هميشه ڪو ڀاڱو رات جو آرام ڪندي هئي. سندس سوَڙ نانگ جي چمڪندڙ کل هوندي هئي، جا اگرچ ڏسڻ ۾ ننڍي هئي، ته به پريءَ کي ڍڪڻ جي لاءِ وڏي هئي. اُتي ”آبران“ ڏٺو ته راڻيءَ پنهنجين پرين کي پئي سمجهايو ته منهنجي سمهڻ کان پوءِ اوهين هي هي ڪم ڪجو. چوڻ لڳي ته ”اوهان مان ڪي گلابن جي مکڙين مان ڪينئان وڃي مارين، ڪي وڃي چمڙن سان لڙائي ڪن، ۽ هنن کي ماري سندن چم جا پر وڍي اچن ته انهن مان ننڍڙا گِڊلا جوڙايان ، ۽ اوهان مان ڪي سنڀال رکن ته چٻرا منهنجي ويجهو نه اچن ، ۽ رڙيون ڪري منهنجو آرام نه ڦٽائين...پر پهرين راڳ ڳائي ، لولي ڏيئي ، مون کي سمهاريو ! “ تنهن تي پرين راڳ ڳايو:

اوهين چٽڪمرا ۽ ٻن زبانن وارا نانگ،

اوهين ڪنڊن وارا ڄاها، ڏسڻ ۾ نه اچو!

ڪرڙيون ۽ ڪينئان، اوهين ايذا ڪو نه پهچايو.

اسان جي پرين جي راڻيءَ کي ويجهو نه اچو!

او بلبل، تون پنهنجي مٺيءَ ٻوليءَ سان،

اسان جي مٺي ٻولي سان گڏجي ڳاءِ.

لولي لولي لولي، لولي لولي لولي!

ڪو به اِيذاءُ يا جادو يا مـَنڊُ.

اسان جي نازنين راڻيءَ کي ويجهو نه اچي!

. . . هاڻي لوليءَ سان اسان جو سلام ٿئي!

جڏهن انهيءَ مٿينءَ مٺيءَ لوليءَ سان پرين پنهنجي راڻيءَ کي سمهاريو، تڏهن هو وڃي حڪم پٺيان پنهنجي ڪم ڪار کي لڳيون. اِتي ”آبران“ آهستي آهستي ڪري ”ٽئٽينيا“ جي نزديڪ آيو، ۽ محبت جي رس سندس ڇپرن تي هاريائين، ۽ چيائين ته ”جاڳڻ مهل جيڪي ڏسين ، تنهن تي عاشق ٿي پئجين ...“

هاڻي وري ”هرميا“ جو ذڪر ڪنداسين، جا ”ڊمٽريس“ سان شادي نه ڪرڻ ڪري، موت جي مليل سزا کان گسائي، اُنهيءَ رات لڪچوريءَ پيءُ جي گهران ڀڄي نڪتي هئي. جڏهن هوءَ ٻيلي ۾ گهڙي ، تڏهن پنهنجي پياري ”لئسانڊر“ کي ملي، جو کيس پنهنجي ماسيءَ جي گهر وٺي وڃڻ لاءِ منتظر ويٺو هو. اڃا هو اڌ ٻيلو مس لنگهيا، ته ”هرميا“ اهڙي ٿڪجي پيئي، جو ”لئسانڊر“، جنهن هن جي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪري سندس نهايت گهڻي سنڀال ٿي ڪئي، تنهن سمجهايس ته صبح تائين اُتي نرم گاهه تي سمهي آرام ڪري_ سو هوءَ به سمهي پيئي، ۽ پاڻ به ٿوري پنڌ تي هيٺ پٽ تي سمهي پيو . اِتي هنن کي ”پڪ“ اچي ڏٺو. هن ڏٺو ته هڪڙو سهڻو جوان ، اَٿينس شهر جي ڊول واري لباس ۾، ستو پيو آهي، ۽ سندس ڀر ۾ هڪڙي سهڻي زال به آهي ـ  سو سمجهيائين ته هي اُهي ماڻهو آهن، جن جي ڳولي لهڻ لاءِ ”آبران“ مون کي موڪليو آهي . اها به پڪ هيس ته جي هي جوان جاڳندو ، ته ضرور پهريائين اِها زال ڏسندو، تنهنڪري، بيفڪر ٿي، هن ان جي اکين تي اُنهيءَ  جادو واري گل جي رس وڌي. پر، اتفاق اهڙو ٿيو جو ”هيلينا“ اُهو رستو ڏيئي اچي لنگهي، ۽ اڃا لئنسانڊر اکيون پٽيون ته هوءَ منهن پيس ـ ۽ اِنهيءَ جادوءَ جو اهڙو عجيب ۽ زور ڀريو اثر هو، جو هن جي دل ۾ جيڪا ”هرميا“ جي محبت هئي سا گهڙيءَ ۾ گم ٿي ويئي، ۽ هو هيلينا تي ڇڪن ٿي پيو!

جيڪڏهن جاڳڻ مهل پهرين ”هرميا“ ڏسي ها، ته ”پڪ“ جي چوڪ مان ڪو به نتيجو نه نڪري ها ، ڇا لاءِ ته هن جي ”هرميا“ سان دل ته اصلي تمام گهڻي هئي، تنهن کان وڌيڪ ڇا ٿئي ها، پر ويچاري ”لئسانڊر“ سان سو اها سچي پچي جٺ ٿي، جو جادوءَ جي زور سان پنهنجيءَ ايماندار ”هيلينا“ کي وساري، هن کي اڌ رات جو اُتي هيکلو ٻيلي ۾ ڦٽو ڪري، ٻيءَ زال جي پٺيان ڊوڙي اُٿي هليو .

اهو بڇڙو اتفاق هن طرح ٿيو. مٿي چيو ويو آهي ته جڏهن ”ڊمٽريس“ ڪاوڙ ڪري ڀڄي اُٿي هليو ، تڏهن ”هيلينا“ کيس وڃي پڄڻ لاءِ مٿاهڻندي پٺيانئس ڊڪندي ويئي، پر ڪيڏانهن مڙسن جو ڀڄڻ، ڪيڏانهن زال جو، سو  ھوءَ سگهو ئي رهجي پئي، ۽ ”ڊمٽريس“ نظر مان نڪري ويس .”هيلينا“ ٿڪي ٽٽي هيڏي هوڏي پئي رلي ، ته اچي انهيءَ هنڌ نڪتي ، جتي ”لئسانڊر“ ستو پيو هو .هن کي ڏسي چوڻ لڳي ته ”اڙي، هي پٽ تي لئسانڊر پيو آهي! ...مئو پيو آهي يا ننڊ ۾ آهي ؟“ پوءِ هٿ لائي ، جاڳائي ، چيائينس ته ”سائين، جي جيئرو آهين ته اُٿي کڙو ٿيءُ .“ تنهن تي ”لئسانڊر“ اکيون پٽيون، ۽ جادوءَ جو اثر ٿيڻ لڳو .هو گهڻيءَ محبت سان ”هيلينا“ جي حد کان وڌيڪ تعريف ڪرڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو ته ”تون حسن ۾ ”هرميا“ کان ايتري زيادهه آهين ، جيترو ڪبوتر ڪانگ کان: آءُ تنهنجي لاءِ پاڻ کي باهه ۾ به اُڇلائي وجهندس!“ انهيءَ طرح جو گهڻيون ئي عاشقن واريون ٻوليون ڪيائين. ”هيلينا“ کي ته خبر هئي ته ”لئسانڊر“ منهجي ساهيليءَ ”هرميا“ سان ڦاٿل آهي، ۽ هن سان شادي ڪرڻ وارو آهي، سا هن جون هي اجايو ن ڳالهيون ٻڌي ڏاڍي چڙي_ ڀانيائين ته ”لئسانڊر“ مون سان چرچا ٿو ڪري .چوڻ لڳي ته ”هي هي، ناحق آءٌ ڄائيس جو سڀڪو مون سان چرچا ۽ مسخريون ٿو ڪري! ڊمٽريس مون ڏي نهاري به نٿو، مون سان کلي به نٿو ڳالهائي_ اِها جٺ منهنجي لاءِ بس ناهي ڇا؟ پر، سائين، تون ڀلا  ڇو نه اهڙين ٽوڪن سان چرچا ڪرين ! ... لئسانڊر ، مون ڀانيو ٿي ته تو ۾ وڌيڪ اشرافت ۽ چڱائي آهي!“ ائين چئي، ڪاوڙ ۽ ڇوهه مان هلي ويئي، ۽ ”لئسانڊر“ پنهنجيءَ ”هرميا“ کي ٿوري پنڌ تي ستل ڇڏي ، کيس وساري ، هن جي پٺيان اٿي ڀڳو .

جڏهن ”هرميا“ جاڳي ، تڏهن پاڻ کي هيکلي ڏسي ڏاڍو ڊني. ڀانيائين ته ”لئسانڊر“ کي الائجي ڇا ٿيو ، يا الائجي هو ڪيڏي ويو ، سو هن کي ڳولڻ جي لاءِ ٻيلي ۾ هيڏي هوڏي ڊڪون پاتائين . انهيءَ وچ ۾ ”ڊمٽريس“، جو  ”هرميا“ ۽ پنهنجي دشمن ”لئسانڊر“ کي لهڻ جي لاءِ مٿا هڻي ٿڪجي پيو هو ، تنهن کي ”آبران“ ستل اچي ڏٺو. ”پڪ“ سان سوال_ جواب ڪرڻ مان ”آبران“ کي معلوم ٿيو هو ته هن جي محبت جي رس ڀلجي  ٻين ماڻهن جي اکين ۾ وڌي آهي ، تنهن جو هينئر اصلوڪو ماڻهو پاڻيهي لڌو ، سو انهيءَ جي ڇپرن تي اُها رس کڻي لاتائين . هو انهيءَ مهل جاڳي پيو ، ۽ پهريندي ”هيلينا“  نظر پئيس . جيئن ”لئسانڊر“ اڳي ڪيو هو ، تيئن هي به ”هيلينا“ سان محبت جو ٻوليون ڪرڻ لڳو . اُتي جو اُتي ، اڳيان ”لئسانڊر“ ۽ پٺيان ”هرميا“ به اچي نڪتا ( ڇا لاءِ جو ”پڪ“ جي خراب چوڪ ڪري هاڻي ”هرميا“ کي پنهنجي عاشق جي پٺيان ڊوڙڻو پيو هو ). پوءِ ته لئسانڊر ۽ ڊمٽريس ٻئي ، ساڳئي جادوءَ جي اثر ڪري ، گڏجي ڳالهائڻ لڳا ، ۽ هيلينا کي ڇڪڻ لڳا .

ويچاري ”هيلينا“ حيرت ۾ پئجي وئي . ڀانيائين ته ”ڊمٽريس“ ، ”لئسانڊر“ ۽ منهنجي اڳ جي ساهيلي ”هرميا“. سڀني گڏجي پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي ته مون کي چرچا ڪري چيڙائين !

”هرميا“ کي به اهڙي ئي حيرت لڳي. هن کي خبر نه پيئي ته ”لئسانڊر“ ۽ ڊمٽريس ، جي ٻئي اڳي مون تي عاشق هوندا هئا ، سي ڇا لاءِ هاڻي ”هيلينا“ تي عاشق ٿي پيا آهن ! ”هرميا“ کي ته اها چرچي جي ڳالهه نظر نه آئي .

اِهي زالون، جي اڳي هميشه پاڻ ۾ گهاٽيون ساهيليون هيون ، سي هاڻي پاڻ ۾ واتين پئجي وئيون، ۽ جهيڙو ڪرڻ لڳيون. ”هيلينا“ چيو ته ”هرميا ، اهو تو مون سان ظلم ڪيو آهي ، جو لئسانڊر کي چوريو اٿئي ته چرچن ۾ منهنجي واکاڻ ڪري، ۽ تنهنجو ٻيو سينڌو، ڊمٽريس، جو اڳي مون کي ڌڪاريندو هو ، تنهن کي تو ڪين سيکاريو آهي ته مون کي ديوتا ۽ پري ۽ حور ۽ بيمثل ۽ اڻلڀ سڏي ؟ مون ڏانهن هيتري نفرت هيس ، سو مون کي جيڪر هو ائين ڪين سڏي، ضرور تو چيو اٿس ته مون سان انهيءَ طرح چرچا ڪري ! ”هرميا“ ، کي ائين لائق نه هو ته پنهنجيءَ غريب ساهيليءَ کي مڙسن سان گڏجي ستائين! ”هرميا“. تو کي ياد ناهي ته ڪيترا ڀيرا پاڻ هڪڙيءَ گاڏيءَ تي گڏ ويهي ساڳيو ئي گل سـُئيءَ سان ڀريو هوندو، ۽ ٻنهي گڏجي هڪڙوئي راڳ ڳايو هوندو، اسين ٻئي پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح ننڍيون ٿي وڏيون ٿيون آهيون ، جهڙيءَ طرح ٻه باداميءَ جا مغز هڪڙيءَ کل ۾، جي جدا ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن . ”هرميا“، تو کي اهو مناسب نه هو جو زال ماڻهو ٿي، مڙسن سان گڏجي ، پنهنجي ساهيليءَ سان چرچا ڪرين ، ۽ هن کي خراب خوار ڪرين !“ ”هرميا“ چيو ته ”اَدي، تنهنجو اهو تکو ڳالهائڻ ۽ ڏوراپو ٻڌي مون کي عجب لڳو آهي: آءٌ ته توکي ڪين ٿي ڌڪاريان، ڀانئجي ٿو ته تون مون کي ڌڪارين ٿي !“ ”هيلينا“ چيو ته ”هائو ، ڇو نه ائين ڪرين ، ڀلي پيئي ڪري : ڪوڙ ڪري منهن ۾ ڪاوڙج ، ۽ جڏهن آءٌ ورايان تڏهن منهنجا چٻرا ڪڍج ، پوءِ وري پاڻ ۾ اکيون ڀڃيون ۽ چرچو لايو اچو. جيڪڏهن تو ۾ ڪو رحم يا مهرباني يا لياقت هجي ها، ته تون مون سان اهڙي هلت نه ڪرين ها.“

جيتر ”هيلينا“ ۽ هرميا پاڻ ۾ مهاڏو اَٽڪائي بيٺي ڳالهايو، تيتر، ”ڊمٽريس“ ۽ ”لئسانڊر“ هنن کي ڇڏي ويا ، انهيءَ لاءِ تي وڃي ٻيلي ۾ ”هيلينا“ جي ٻانهن لاءِ پاڻ ۾ لڙن. جڏهن زالن ڏٺو ته مڙس اسان کي ڇڏي هليا ويا آهن، تڏهن هو به اُٿي هليون، ۽ وري به پنهنجن سينڌن جو ڳولڻ لاءِ جهنگ ۾ رلڻ ۽ مٿو هڻڻ لڳيون.

هنن جي وئي کان پوءِ ، پريُن جي بادشاهه جنهن ”پڪ“ سان گڏ هنن جو جهيڙو پئي ٻڌو ، تنهن هن کي چيو ته ”پڪ ، هي سڀ تنهنجي غفلت آهي ! ... يا متان تو ڄاڻي واڻي اها حرڪت ڪئي آهي ؟“ ”پڪ“ ورندي ڏني ته ”پرين جا سردار ، اها منهنجي چوڪ آهي . اوهان ڪين فرمايو هو ته اُنهيءَ ماڻهو کي اٿينس شهر جي ويس ڪري سڃاڻجئين ؟ انهيءَ هوندي به ، هيئن ٿيڻ ڪري مون کي گهڻو ڏک نٿو ٿئي ، ڇا لاءِ جو آءُ ڀانيان ٿو ته هنن جي تڪرار مان پاڻ چرچو ٿئي ٿو .“ ”آبران“ چيو ته ”تو هينئر ٻڌو ته ”ڊمٽريس“۽ ”لئسانڊر“ وڙهڻ جي لاءِ ڪا سڻائي جاءِ ڳولڻ ويا آهن. هاڻي آءٌ تو کي اهو حڪم ٿو ڏيان ته رات ۾ ماڪ جهڙو لُڙاٽ ۽ دونهون آڻي وجهه، ۽ اونڌاهيءَ ۾ هنن ٻنهي وڙهڻ وارن کي ڌار ڌار ڪنهن پاس وٺي نئي ، جيئن هو هڪٻئي کي لهي نه سگهن . ڪوڙ ڪري به هڪڙي جي آواز سان ٻئي کي طعنا هڻي چيڙاءِ، ته ڀلي ڇوهه مان تنهنجي پٺيان لڳي هلن ـ ڀانئين ته اهو دشمن جو ڳالهائڻ آهي .جيسيتائين پنڌ ڪري ٿڪجي نه پون ، تيسيتائين پيو ڊوڙائجئين ، پوءِ جڏهن هو ساڻا ٿي سمهي پون ، تڏهن هن ٻئي گل جي رس ”لئسانڊر“ جي اکين ۾ وجهجئين ، پوءِ جڏهن هو جاڳندو ، تڏهن هيلينا جو نئون عشق وسري ويندس ، ۽ هرميا جي اڳوڻي محبت وري دل ۾ جاڳنديس. ۽ پوءِ ٻنهي زالن کي پنهنجو پنهنجو محبتي دوست ملندو ، جنهن سان هو خوش رهنديون ، ۽ جيڪي ٿي گذريو آهي تنهن کي خواب خيال ڪري ڄاڻنديون . پر ، پڪ ، تمام جلد اهو ڪم وڃي ڪر، ۽ آءٌ وڃي ٿو ڏسان ته منهنجي ٽئٽينيا ڇا تي عاشق ٿي آهي!“

”ٽئٽينيا“ اڃا ستي پيئي هئي. ”آبران“ سندس ويجهو هڪڙو ڄٽ ڏٺو ، جنهن جهنگ ۾ رستو گم ڪيو هو ، ۽ اتي ئي سمهي پيو هو . دل ۾ چيائين ته پنهنجي ”ٽئٽينيا“ کي هن تي عاشق ڪرايان ! سو ، هڪڙي گڏهه جي سسي هن ڄٽ جي مٿي تي کڻي اٽڪايائين ، جا اهڙي پوري ٺهي آيس، جو ڄڻ ته اصلي سندس ڪلهن تي ڄائي هئي . جيتوڻيڪ ”آبران“ اها سسي تمام هوريان هوريان هن تي چنبڙائي ، تڏهن به ڄٽ جاڳي پيو، ۽ جيڪي ”آبران“ ساڻس ڪيو  هو ، تنهن جو سماءُ نه رکي، انهيءَ چمن ڏي اُٿي هليو، جتي پرين جي راڻي سمهي پئي هئي.

”ٽئٽينيا“ اکيون پٽيون، ۽ گل جي رس جو مٿس اَثر ٿيڻ لڳو . چوڻ لڳي ته ”اَڙي، هي ڪهڙو ملائڪ منهنجي اڳيان اچي بيٺو آهي! سائين ، جهڙو تو ۾ حسن آهي ،تهڙو عقل به اٿئي ڪ نه ؟“ ڄٽ چيو ته ”ڇو، بيبي، جيڪڏهن مون کي ايترو عقل هجي جو هن ٻيلي مان پنهنجو رستو هٿ ڪريان، ته اُهو منهنجي لاءِ ڪافي آهي .“ عاشق ٿيل راڻيءَ چيو ته ”هن ٻيلي مان ٻاهر نڪرڻ جي هاڻ  سڌ ڦٽي ڪر . آءُ جهڙي تهڙي پر ناهيان ! آءٌ توتي عاشق آهيان ، مون سا هل. آءٌ سڀ پريون تنهنجي خذمت ۾ ڇڏيندس.“ پوءِ هن پنهنجين پرين کي سڏ ڪيون. هنن جا نالا هئا ”ٻـُور ۽ ”ڄارو“۽ ”سينوَر“ ۽ ”آهـُر“. راڻيءَ حڪم ڪين ته ”اوهين هن مٺي ماڻهوءَ جي خذمت ۾ حاضر رهو، جيڏي هو وڃي، تيڏي اوهين سندس اڳيان نچو ۽ ٽپا ڏيو ، هن کي انگور ۽ شفتالو آڻي کارايو، ۽ هن جي لاءِ وڃي مکين کان ماکيءَ جو مانارو چورائي اچو !“ پوءِ هن ڄٽ کي چوڻ لڳي ته ”منهنجا سهڻا گڏهه ، اچي منهنجي ڀر ۾ ويهه ته تنهنجي سهڻن وارن ڀريل ڳلن سان راند ڪريان... منهنجا جاني، اَچ ته تنهنجن سهڻن وڏن ڪنن کي چميون ڏيان!“

گڏهه جي سسيءَ واري ڄٽ کي ته راڻيءَ جي مٺين ٻولين جو ڌيان ڪونه هو، هن کي جوان خذمتگار مليا هئا، تن جو فخر ئي بس هوس، سو چوڻ لڳو ته ”ٻُور ڪٿي آهي ؟“ هن جواب ڏنو ”حاضر، سائين .“ڄٽ چيو ته ”منهنجو مٿي اچي کنهه ! ... ڄارو ڪيڏي ويو آهي ؟“ ڄاري چيو ته ”حاضر ،سائين .“ ڄٽ چيو ته ”سامهون هن وڻ تي جا ڳاڙهي مک ويٺي آهي، سا وڃي مار ۽ ماکيءَ جو مانارو کڻي آءُ. اِئين ڪرڻ ۾ گهڻو لُڏجئين نه، متان مانارو ڀڄي پوي، ماکي توتي هارجي پوندي، ته  مون کي گهڻو اَرمان ٿيندو! ... آهر ڪٿي آهي؟“ هن ورندي ڏني ته ”حاضر، سائين، ڪهڙو حڪم؟“ ڄٽ چيو ته ”ٻيو ڪونهي، تون به اچي ٻُور کي کنهڻ ۾ مدد ڪر. آءٌ ڀانيان ٿو ته منهنجي منهن تي تمام گهڻا وار ٿي پيا آهن، سو حجام وٽ وڃان.“راڻيءَ چيو ته ”منهنجا جاني، تون ڇا کائيندين؟ مون وٽ هڪڙي اهڙي همت واري پري آهي، جا نوريئيڙي جي انبار مان وڃي تنهنجي لاءِ ڪي نوان ميوا کڻي ايندي.“ گڏهه جي سسيءَ واري ڄٽ کي وري بک به گڏهه جهڙي لڳي هئي، تنهن چيو ته ”مون کي ته سُڪل چڻن جي مٺ گهرجي . پر ، هينئر مون کي ننڊ ٿي اچي، سو ڀلائي ڪري پنهنجن نوڪرن کي جهلي ڇڏ ته منهنجو سک نه ڦٽائين !“ راڻي چيو ته ”تڏهن تون ڀلي سمهه ته آءُ توکي پنهنجين ٻانهُن ۾ وڪوڙي ويهان ... ڪهڙي نه تو سان منهنجي دل ٻجهي ويئي آهي ، ۽ ڪيترو نه توکي ٿي ڀانيان !“

جڏهن پرين جي بادشاهه ڄٽ کي پنهنجي راڻيءَ جي جهوليءَ ۾ سمهندو ڏٺو ، تڏهن نڪري ظاهر ٿي هن کي طعنا هڻڻ لڳو ته ”هڪڙي گڏهه تي ڇو ايتري محبت پئي زيان ڪئي اٿئي ؟“ انهيءُ کان ته هو مُڪري نه سگهي، جو انهيءَ مهل ڄٽ ،جنهن جي گڏهه واريءَ سسيءَ تي راڻيءَ گلن جا کڻي ڍير ڪيا هئا ، سو سندس ڪڇ ۾ ستو پيو هو . جڏهن  ”آبران“ ڳچ وقت تائين چيڙائي رهيس ، تڏهن وري کانئس سندس لاڏلو ٻار گهريائين . هن کي جو سندس مڙس هن نئين آشنا سان گڏ ويٺل ڏٺو ، تنهنجي شرم کان هن ناڪار ڪانه ڪئي ، اُهو ٻار کڻي ڏنائينس.

جنهن ٻار کي پاڻ وٽ رکڻ جي لاءِ هن هيترا ڏينهن پئي مٿا هنيا ، سو جڏهن ”آبران“ کي هٿ آيو ، تڏهن هن کي پنهنجي ”ٽئٽينيا“ جي بڇڙي حال تي رحم آيو ، جو چرچي مان حرڪت ڪري هن کي ائين ڪيو هئائين . پوءِ ٻئي گل جي رس کڻي سندس اکين ۾ وڌائين ، ۽  پرين جي راڻي انهيءَ دم هوش ۾ آئي. پنهنجي تازي عشق جي حيرت وٺي ويئس ، ۽ چوڻ لڳي ته ”هن بلا کي هينئر ڪهڙو نه ڌڪاريان ٿي !“ ”آبران“ آهستي ڄٽ جي مٿي مان گڏهه جي سسي ڪڍي ورتي ، ۽ ڇڏيائينس ته ڀلي پنهنجيءَ سسيءَ سان سمهي ننڊ ڪري. ”آبران“ ۽ ”ٽئٽينيا“ هاڻي پاڻ ۾ پرچي سرچي ويا. پوءِ ”آبران“ راڻيءَ کي هنن عاشقن جي احوال ۽ سندس اڌ رات وارن جهيڙن جو بيان ڪري ٻڌايو، ۽ ٻنهي پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيو ته هلي ڏسون ته نيٺ هو ڇا ٿا ڪن .“

پرين جو بادشاهه ۽ راڻي اچي ڏسن ته اُهي مڙس ۽ زالون چارئي هڪٻئي کي ويجهو ٿوري پنڌ تي هڪڙي گاهه واري پٽ تي سمهيا پيا آهن ، ڇا لاءِ جو ”پڪ“ پنهنجي چوڪ جي عيوض ۾ اِها ڀلائي ڪئي هئي جو هنن کي بيخبريءَ ۾ آڻي هڪ هنڌ گڏ ڪيو هئائين، ۽ پنهنجي بادشاهه جي ڏنل ٻيءَ رس سان لئسانڊر جي اکين تان جادو لاٿو هئائين .

پهرين ”هرميا“ جاڳي، ۽ پنهنجو گم ٿيل ”لئسانڊر“ اهڙو ويجهو ستل ڏسي مٿس نهارڻ ۽ سندس بيوفائيءَ تي حيران ٿيڻ لڳي . انهيءَ مهل ”لئسانڊر“ به اکيون پٽيون، ۽ پنهنجيءَ پياريءَ ”هرميا“ کي ڏسي هوش ۾ آيو ، جو جادوءَ جي ڪري گم ٿي ويو هوس ، ۽ منجهس ”هرميا“ جي محبت به جاڳي. پوءِ ته هو پاڻ ۾ رات وارن جاکوڙن جا قصا ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا ته ”الائجي اهي ڳالهيون سچي پچي ٿيون هيون، ڪي اسان ٻنهي خواب ڏٺو هو!“

ايتري ۾ ”هيلينا“ ۽ ”ڊمٽريس“ به جاڳيا. ”هيلينا“ جو گهاٽي ننڊ ڪئي هئي، تنهنڪري سندس ڪاوڙ به ويهي ويئي، ۽ ”ڊمٽريس“ جيڪي هاڻ نئين سر محبت جون ڳالهيون ساڻس ڪرڻ لڳو، سي آرام سان ٻڌڻ لڳي ، ۽ هاڻ پڪ به ٿيس ته هو چرچا نٿو ڪري، پر ساڀيان ڳالهائي ٿو، تنهنڪري گهڻو خوش ٿي.

هي ٻئي زالون جي رات جو پئي جهنگ ۾ رليون، سي هاڻ پاڻ ۾ دشمن ڪين هيون ، پر وري اچي پاڻ ۾ سچيون ساهيليون ٿيون . هڪٻئي سان جيڪي تکو ڳالهايو هئائون ، تنهن تان گذر ڪيائون، ۽ پاڻ ۾ صبر ڪري ويهي صلاح ڪيائون ته هاڻ ڇا ڪجي . سگهو ئي پاڻ ۾ اهو ٺهراءُ ڪيائون ته جڏهن هاڻ ”ڊمٽريس“ ”هرميا“ تي پنهنجي دعوا ڇڏي ڏني آهي ، تڏهن گهرجيس ته ”هرميا“ جي پيءُ کي وڃي ٺاهي ، ۽ جيڪا موت جي سزا هن تي جاري ٿي هئي ، سا رد ڪرائي .

”ڊمٽريس“ انهيءَ ڪم لاءِ اٿينس ڏي موٽڻ تي هو ، ته ڏسن ته ”هرميا“ جو پيءُ ”ايجيوس“ ، جو پنهنجيءَ ڀڳل ڌيءَ کي ڳولڻ جي لاءِ ٻيلي ڏانهن آيو هو ، سو اوچتو اچي نڪتو . هن کي ڏسي سڀني کي عجب لڳو .

جڏهن ”ايجيوس“ کي معلوم ٿيو ته ”ڊمٽريس“ هاڻي سندس ڌيءَ سان شادي ڪرڻ وارو نه آهي ، تڏهن هن کي سندس ڌيءَ جي ”لئسانڊر“ سان شادي ڪرڻ تي ڪو به اعترض نه آيو ، ۽ اجازت ڏنائين ته انهيءَ کان وٺي چوٿين ڏينهن ـ جو اُهو ساڳيو ڏينهن ٿي ٿيو جنهن تي ”هرميا“ کي موت جي سزا ڀوڳڻي هئي. هنن ٻنهي جي شادي ٿئي، ۽ اُنهيءَ ساڳي ڏينهن ”هيلينا“ به خوشيءَ سان قبول ڪيو ته آءٌ پنهنجي سچي محبوب ”ڊمٽريس“ سان پرڻبيس.

پرين جي بادشاهه ۽ راڻي، جن هنن جي نظر کان پاسي بيٺي هنن جو پرچاءُ ڏٺو، ۽ جن جي مهربانيءَ ۽ واهر سان هنن عاشقن جي ڳالهه جي پڇاڙي چڱي ۽ خوشيءَ جهڙي ٿي، سي اهڙو خوش ٿيا جو ٺهراءُ ڪيائون ته انهن جي شادين واري ڏينهن پرين جي ساريءَ بادشاهي ۾ خوشيون ۽ مزا ڪرائجن.

هاڻي، جيڪي ماڻهو پرين ۽ سندس حرڪتن جي هن ڳالهه مان خفي ٿيا هجن ، ۽ اُنهيءَ تي اعتبار نه آڻيندا هجن، سي کڻي ڀانئين ته اسين سُتا پيا هئا سين ۽ خواب پئي لڌو سين ۽ مون کي اميد آهي ته پڙهندڙن مان ڪوبه هن وڻندڙ وچ اونهاري جي رات جي خواب مان ڪڪ نه ٿيندو! ...

سياري جي ڳالهه

 

”ليانٽيز“، سسليءَ جو بادشاهه، ۽ سندس خوبصورت نيڪ راڻي ”هر ميوني“ ڪنهن زماني ۾ ڏاڍي سک ۽ آرام سان گڏ گذاريندا هئا . ”ليانٽيز“ پنهنجي نيڪ زال جي محبت ۽ صحبت ۾ اهڙو خوش هو ، جو ڪابه سندس دل جي مراد اڻپوري رهيل ڪانه هئي ، مگر ڪڏهن ڪڏهن اها خواهش هوندي هيس ته پنهنجي راڻيءَ سان پنهنجي جهوني ۽ هم سبق سنگتيءَ ، ”پالڪسنيز“ ، ”بوهيميا“ جي بادشاهه، جي واقفيت ڪرايان.

”ليانٽيز“ ۽ ”پالڪسنيز“ ننڍي هوندي کان گڏ نپنا هئا ، پر سندن پيئن جي مرڻ ڪري هو پنهنجيءَ  پنهنجيءَ بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺا هئا، ۽ جيتوڻيڪ اڪثر هڪٻئي ڏي خط پٽ ۽ سوکڙيون ۽ محبت جا پيغام پيا موڪليندا هئا ، ته به گهڻن ورهين تائين پاڻ ۾ مليا ڪين هئا.

نيٺ، گهڻين دعوتن پڄاڻا، ”پالڪسنيز“ بوهيميا مان پنهنجي دوست ”ليانٽيز“ جي ملاقات لاءِ سسليءَ جي تختگاهه ۾ آيو.

پهريندي ته هن ملاقات مان ”ليانٽيز“ کي ڏاڍي خوشي حاصل ٿي . هن راڻيءَ کي پارت ڪئي ته هن منهنجي ننڍي هوندي جي يار جي خاص طرح سنڀال ڪجئين، ۽ انهيءَ پنهنجي جهوني سنگتيءَ جي صحبت ۾ حد کان وڌيڪ خوش ڏسڻ ۾ ايندو هو . هنن اڳين ڏينهن جو ڳالهيون پاڻ ۾ ڪڍيون ، ۽ مڪتب وارا ڏينهن ۽ ننڍپڻ جون حرڪتون ياد ڪيائون، ۽ ”هرميوني“ کي بيان ڪري ٻڌايائون، جا هنن سان گفتگو ۾ شامل ٿيڻ ڪري ڏاڍي سرهي پيئي ٿيندي هئي. جڏهن گهڻن ڏينهن ٽڪڻ کان پوءِ ”پالڪسنيز“ وڃڻ جي تياري ڪئي، تڏهن ”هرميوني“، مڙس جي مرضيءَ پٺيان، مڙس سان گڏجي، ”پالڪسنيز“ کي وڌيڪ ٽڪڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳي . انهيءَ وقت کان وٺي هن چڱيءَ راڻيءَ جي ڪمبختي شروع ٿي، ڇا لاءِ جو ”ليانٽيز“ جي منٿن تي ”پالڪسنيز“ نٿي رهيو، پر ”هرميوني“ جي مٺي ڳالهائڻ تي ڪن هفتن تائين ٽڪي پيو. انهيءَ ڪري جيتوڻيڪ ”ليانٽيز“ کي پنهنجي دوست ”پالڪسنيز“ جي اشرافت ۽ سچائيءَ جي اڳي ئي خبر هئي ، ۽ پنهنجي نيڪ راڻيءَ جي چڱيءَ طبيعت تي به پڪو ڀروسو هوس، تڏهن به هينئر هن کي ڏاڍي ريس ۽ ساڙي اچي ورتو، جيڪا وڌيڪ مهرباني ”هرميوني“ ”پالڪسنيز“ سان پئي ڪئي، سا اگرچ پنهنجي مڙس جي خاص مرضيءَ پٺيان ٿي ڪيائين، ۽ رڳو کيس خوش ڪرڻ لاءِ ٿي ڪيائين، ته به هن نڀاڳي بادشاهه جو حسد وڌندو ويو. ”ليانٽيز“ جهڙو اڳي سچو ۽ محبتي دوست ۽ چڱو ۽ ڪوڏيو مڙس هوندو هو، اهڙو هينئر اوچتو ڦري بيرحم ۽ جهنگلي جانور ٿي بيهي رهيو. هن پنهنجي در ٻار جي هڪڙي امير ”ڪئملو نالي کي گهرائي کيس پنهنجي دل جي شڪ جي ڳالهه ٻڌائي، ۽ چيائينس ته ”پالڪسنيز“ کي زهر ڏيئي کپائي ڇڏ“.

”ڪئملو“ چڱو ماڻهو هو ، هن کي پڪي خبر هئي ته ”ليانٽيز“ کي رڳو اجايو بي بنياد شڪ آهي، تنهن ”پالڪسنيز“ کي زهر ڏيڻ جي بدران هن کي ٻڌايو ته مون کي هي حڪم مليو آهي. پوءِ ٻنهي پاڻ ۾ ٺهرايو ته سسليءَ جي بادشاهيءَ مان ڀڄي نڪرجي. ”پالڪسنيز“، ”ڪئملو“ جي مدد سان ، صحيح سلامت ”بوهيميا“ جي ملڪ ۾ پهتو، جتي ”ڪئملو“ اُنهيءَ وقت کان وٺي بادشاهه جي درٻار ۾ رهڻ لڳو ، ۽ ”پالڪسنيز“ جو خاص دوست ۽ دادلو ٿيو.

”پالڪسنيز“ جي ڀڄڻ ڪري ”ليانٽيز“ پاڻ زيادهه ڪاوڙيو ، هو راڻيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ ويو ، جتي هوءَ اشراف زال پنهنجي ننڍڙي پٽ ”مامليس“سان ويٺي هئي . هُو پنهنجيءَ ماءُ جي دل وندرائڻ لاءِ هڪڙي چڱي ڳالهه کڻڻ تي هو ،ته بادشاهه گهڙي آيو، ۽ ٻار کي پري ڪري ،”هرميوني“ کي قيد خاني ڏي ڏياري موڪليائين .

جيتوڻيڪ ”مامليس“ اڃا ننڍو ٻار هو ، ته به ماءُ سان ڏاڍي دل هوندي هيس. جڏهن هن ڏٺو ته منهنجيءَ ماءُ سان ههڙي جٺ ٿي آهي ، ۽ کيس مون کان ڌار ڪري وڃي قيد ۾ وڌو اٿن، تڏهن هن کي ڏاڍو ڏک ٿي بيٺو ، جنهن ۾ ويو ڳرندو ۽ ضعيف ٿيندو . بک به بيهي ويس ، ۽ نند به اُڏامي ويس ـ اهڙو حال ٿيس ، جو سڀڪنهن پئي ڄاتو ته انهيءَ ڏک ۾ مري ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org