ڊينمارڪ جو
شهزادو، هئَمليٽ
ڊينمارڪ جي بادشاهه جي اوچتي مري وڃڻ ڪري سندس
راڻي ”گرٽروڊ“ جا بيوهه ٿي پيئي، سا وري ٻن مهينن
جي اندر: مڙس جي ڀاءُ ”ڪلاڊيس“ سان پرڻي. اها
ڳالهه اُنهيءَ وقت سڀني ماڻهن بلڪل ناشائستي ۽ ڪم
عقلي يا بيحيائيءَ جهڙي ڪري ڄاتي، ڇا لاءِ جو اهو
”ڪلاڊيس“ ڪنهن به طرح اندر جي گُڻن خواهه ٻاهر جي
لياقتن ۾ پنهنجي فوتي ڀاءُ جهڙو نه هو، بلڪ جهڙو
دل جو خراب ۽ نيچ هو، تهڙو صورت جو ڪوجهو هو. گهڻن
کي ته اهڙو به شڪ دل ۾ اٿيو ته هن پنهنجي ڀاءُ کي
لڪڇپ ۾ ماري ڇڏيو هو. انهيءَ لاءِ ته سندس زال سان
شادي ڪري، ۽ سندس جوان پٽ ۽ حقي وارث ”هئمليٽ“ کي
ڪڍي پاڻ ڊينمارڪ جي تخت تي ويهي.
راڻيءَ جي انهيءَ بيجا ڪم ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ جي دل
تي ايترو اثر نه ڪيو، جيترو انهيءَ ننڍي شاهزادي
جي دل تي ڪيو، جو پنهنجي پيءُ کي گهڻو ڀانئيندو هو
، ۽ سندس مُئي کان پوءِ انهيءَ جي يادگيريءَ ۾ پيو
ڳرندو هو . وري نَڪ ۽ پِتي وارو ڏاڍو هو ، ۽ عزت
آبرو جي سنڀال ۽ هلت چلت جي لياق تي نظر گهڻي
رکندو هو، تنهنڪري ماڻس ”گرٽروڊ“ جي غير رواجي هلت
هن کي دل ۾ ٿي بيٺي. ايتريقدر جو هڪڙي پاس پيءُ جي
مرڻ جو ڏک ۽ ٻئي پاسي ماءُ جي پرڻجڻ جو شرم، تن
ٻنهي جي ڪري هن جوان شاهزادي جي دل تي غم ۽
مونجهارو اچي گڏ ٿيو، ۽ هن خوشي خـُومي سڀ ڇڏي
ڏني. ڪتابن پڙهڻ مان جا خوشي هميشه حاصل ٿيندي هيس
سا به گم ٿي وئيس، ۽ جوانيءَ جون جيڪي رانديون ۽
ورزشون هيون سي به ڇڏائي وئيس: هو دنيا مان ئي ڪڪ
ٿي پيو، ۽ اُنهيءَ کي هڪڙو سُڃو باغ سمجهندو هو ،
جنهن ۾ جهنگ ٿي ويو هجي، ۽ چڱاچڱا گل دٻجي ويا هجن
۽ ڪک ڪهڄر زور وٺي ويو هجي.
حقي ورثي ۾ جو تخت ملڻو هوس، تنهن کان هي برطرف
ٿيو، انهيءَ جو هن کي گهڻو خيال ڪو نه هو_ جيتوڻيڪ
جوان ۽ عالي دماغ شاهزادي کي اِنهيءَ جو بيشڪ سخت
ڏک ۽ غصو هئڻ کپي_ پر جنهن ڳالهه هن جي دل کي
غمگين ۽ ناخوش ڪيو، سا اِها ته ماڻس سندس پيءُ کي
اصل وساري ڇڏيو. جڏهن بادشاهه جيئرو هوندو هو ،
تڏهن هيءَ ڏاڍي محبت واري ۽ فرمانبردار ڏسڻ ۾
ايندي هئي، ۽ هميشه هن تي قربان پيئي ٿيندي هئي، ۽
هاڻي ٻن مهينن کان به گهٽ عرصي ۾ هوءَ وري پرڻي، ۽
پرڻي به وري پنهنجي ڏير ۽ ”هئمليٽ“ جي چاچي سان .
هڪڙو ته اهڙي شادي مائٽيءَ جي سوڙهائيءَ ڪري
نامناسب ۽ بيقاعدي هئي، ٻيو ته تمام جلد ڪرڻ ۾
آئي، ۽ انهيءَ ماڻهوءَ سان جو ڪنهن به طرح بادشاهي
لياقتون نه رکندو هو : اهائي ڳالهه هئي ، جنهن ڏهن
بادشاهتن جي هٿان وڃڻ کان به وڌيڪ هن عالي همت
جوان شاهزادي جي دل کي لوڏو ڏنو ، ۽ ڳڻتيءَ ۽
ونچهاري ۾ وڌو.
هن جي دل پرڀائڻ لاءِ سندس ماءُ يا نئين بادشاهه
گهڻائي مٿا هنيا ۽ حيلا هلايا ، پر ڪي به حاصل نه
ٿيو . هو پنهنجي پيءُ جي ماتم ۾ ڪارا ڪپڙا ڪريو
وتندو هو ، جي ماءُ جي شاديءَ تي به نه لاٿائين ،
۽ نڪي شاديءَ واري ڏينهن هو ڪنهن خوشيءَ يا مجلس ۾
شامل ٿيو.
هن کي جيڪو گهڻو فڪر هو، سو اِنهيءَ ڳالهه جو ته
بابي جو موت لائجي ڪهڙِي رستي ٿيو. ”ڪلاڊيس“ پاڻ
ظاهر ڪيو ته نانگ ڏنگي ماريس، پر ”هئمليٽ“ سياڻپ
ڪري سمجهيو ته اِهو نانگ هي پاڻ هو ـ يعني ته هن
کي بادشاهيءَ جي طمع تي ماريو، ۽ جنهن نانگ پڻس کي
ڏنگيو هو سو پاڻ سندس تخت تي ويٺو هو.
”هئمليٽ“ جي دل ۾ هنن ڳالهين جي ڏاڍي ڳڻتي هوندي
هئي ته برابر چاچس پڻس کي ماريو يا نه ، ۽ ماڻس جو
به انهيءَ خون ۾ هٿ هو يا نه ۽ انهيءَ جي خبر هيس
يا نه ـ اِنهن ڳڻتين ۾ منجهيو پيو گذاريندو هو .
هڪڙي ڀيري ”هئمليٽ“ کي هي افواهه ٻڌڻ ۾ آيو ته جي
سپاهي پهرو ڏيندا هئا، تن ٻه ـ ٽي راتيون ساندهه
محلات جي اڳ واري ٿهلي تي اڌ رات جو هڪڙِي روحاني
شڪل، هـُو بهـُو سندس پيءِ فوتي بادشاه جهڙي ڏٺي
هئي. اِنهيءَ شڪل کي مٿي کان پيرن تائين ، جا زرهه
گذريل بادشاهه ڍڪيندو هو، سا هوندي هئي. جن اهو
اِسرار ڏٺو، جن مان هڪڙو ته ”هئمليٽ“ جو گهرو يار
هوـ تن سڀني ساڳي ڳالهه ڪئي، ۽ ساڳي شاهدي ڏني ته
”اِها شڪل رات جو پوري ٻارهين بجي ٿي اچي، ۽ ڦڪي
رنگ جي، ۽ ڪاوڙ پر ڏک جهڙي منهن سان ٿي ڏسجي، اُن
جي ڏاڙهي خوفناڪ آهي، ۽ رنگ ميرانجهڙو اڇو اٿس،
جهڙو سندس حياتيءَ ۾ هوندو هو، ۽ جڏهن ڳالهائجيس
تڏهن جواب ڪو نه ڏئي. انهيءَ هوندي به هڪڙي وقت هن
مٿو مٿي ڪري اهڙو ڊول ڪيو، جيئن ڪو ڳالهائڻ تي هجي
، پر اُنهيءَ مهل ڪُڪڙن ٻانگ ڏني ته اُها شڪل تڪڙ
۾ هلي ويئي ۽ نظر کان نڪري وئي !“
هن جوان شاهزادي کي هيءَ خبر ٻڌي حيرت وٺي ويئي.
گهڻن ماڻهن جي ڳالهه ملي آئي، تنهنڪري اُن کي
ويساهه نه آڻڻ لاءِ سبب ڪونه هو. هن سمجهيو ته
اِهو منهنجي پيءُ جو روح آهي، جو هنن ڏٺو آهي،
تنهنڪري هن اِرادو ڪيو ته اڄ رات آءُ سپاهين سان
گڏ بيهي پهرو ڏيان، من اهو اِسرار مون کي به ڏسڻ ۾
اچي. هن خيال ڪيو ته اها شڪل اجائي ڪين ايندي
هوندي، ضرور ڪا خبر ڏيڻ ايندي هوندي، ۽ جيتوڻيڪ هن
هيستائين ماٺ پئي ڪئي آهي، ته به مون سان ضرور
ڳالهائيندي.
هيءُ رات جي لاءِ منتظر ٿي ويهي رهيو . نيٺ جڏهن
رات آئي ، تڏهن ”هوريشيو“ ۽ ”مارسلس“ پهري وران
سان گڏجي وڃي اُنهيءَ ٿلهي تي بيٺو ، جتي اُها
روحاني شڪل هلندي ڏسبي هئي .رات ڏاڍي ٿدي ٿي هئي،
۽ هوا تمام ڏنگيندڙ هئي ، سو هنن انهيءَ بابت بيٺي
پاڻ ۾ ڳالهايو ، ته اوچتو ”هوريشيو“ دانهن ڪري چيو
ته ”اجهو ... اچي ٿو!“
پنهنجي پيءُ جي روحاني شڪل ڏسي، ”هئمليٽ“ کي خوف
به ٿيو ۽ عجب به لڳو. هن ڀانيو ته الائجي هي...
چڱو روح آهي يا بڇڙو، ۽ چڱائي ڪرڻ آيو آهي يا
بڇڙائي، تنهنڪري پهريندي ته خدا کي ۽ ٻين اوليائن
کي سڏ ڪيائين ته اسان کي بچايو ، پر پوءِ ٿورو
ٿورو ڪري هن همت جهلي. انهيءَ پڻس جي شڪل، مٿس
ڏاڍي رحم سان نهاريو. ڄڻ ته هن سان ڳالهائڻ جي
خواهش هجيس . اها شڪل اهڙي هُو بهُو پڻس جهڙِي
هئي، ”هئمليٽ“ رهي نه سگهيو، ۽ نيٺ ڳالهائڻ لڳس.
هن، سندس نالو وٺي بادشاهه ۽ بابو ڪري سڏيس، ۽ قسم
وجهي پڇيائين ته ”ڪهڙي سبب جنهن قبر ۾ اسين اوهان
کي سمهاري آيا هئا سين ، انهيءَ مان نڪري آيا
آهيو، ۽ هن زمين تي چانڊوڪيءَ ۾ گهمندا وتو ؟ جي
ڪنهن ڳالهه ڪري اوهان جي روح کي آرام اچي ته ٻڌايو
ته اسين اُئين ڪريون .“ انهيءَ تي هن شڪل ڪنڌ
ڌوڻي ”هئمليٽ“ کي اشارو ڏنو ته ”مون سان گڏجي
هيڏڀرو ٻاهر آءُ ، جتي اڪيلا ٿيون .“ ”هوريشيو“ ۽
”مارسلس“”هئمليٽ“ کي سمجهايو ته ائين متان ڪرين ـ
ڇا لاءِ جو هنن کي ڊپ هو ته متان اهو ڀوُت هجي ، ۽
هن کي ٺڳاري ڪنهن پاسي واري سمنڊ يا ٽڪري تي وٺي
وڃي ۽ اُتي وڃِي اهڙي صورت بدلائي جو هو بيهوش ٿي
پئي ! پر هنن جي سمجهائڻ ۽ صلاحن ڏيڻ سان به
”هئمليٽ“ پنهنجو اردو نه مٽايو ، جو هن کي پنهنجي
ساهه جي وڃڻ جي ڪا به پرواهه ڪانه هئي ، باقي روح
جي ته هن کي پڪ هئي ته فنا ٿيڻ جو ناهي، تنهن کي
جنّ يا ڀوُت ڇا ڪري سگهندو . انهن خيالن ڪري هو
شينهن جهڙو زورآور ٿيو ، ۽ هنن جي هٿن مان پاڻ
ڇڏائي ، جنهن پاسي اها روحاني شڪل هلي انهيءَ پاسي
هن جي پٺيان لڳو .
جڏهن پرڀرو وڃي ٻئي اڪيلا ٿيا ، تڏهن اها شڪل
ڳالهائڻ لڳي ، ۽ چوڻ لڳي ته ”آءٌ تنهنجي پيءُ جو
روح آهيان، جنهن کي ناحق ماريو اٿن!“ ۽ بيان ڪري
ٻڌايائينس ته ”منهنجي ڀاءُ، يعني تنهنجي چاچي،
ڪلاڊيس، منهنجي تخت تي ويهڻ جي طمع تي مون کي
ماريو هو.“ آءٌ هميشه جي عادت موافق ٻپهرن کان
پوءِ پنهنجي باغ ۾ ستو پيو هوس، ته اهو بي ايمان ۽
دغاباز ڀاءُ لڪي ڇپي اُتي آيو، ۽ ستي پئي منهنجن
ڪنن ۾ زهر هاري ويو. اُهو زهر اهڙو قاتل هو، جو
جهٽ ۾ بدن جي سڀني نسن کي وٺي ويو، ۽ رت کي جوش
ڏيڻ لڳو، ۽ ٻاهر جي کل تي ئي ڪوڙهه جهڙا داغ ڪري
ڇڏيائين. انهيءَ طرح، ننڊ ئي ننڊ ۾، منهنجي ڀاءُ
مون کي پنهنجي ڇـَٽ کان، پنهنجي راڻيءَ کان، ۽
پنهنجي حياتي کان ڌار ڪيو!“ هو ”هئمليٽ“ کي قسم
ڏيئي چوڻ لڳو ته ”جيڪڏهن تنهنجي سچي پچي پيءُ سان
محبت هئي ، ته انهيءَ ناحق خون جو وير وٺجئين!“
انهيءَ روح ”هئمليٽ“ سان هي به سور اوريو ته
”تنهنجيءَ ماءُ کي الائجي ڇا ٿيو، جو نڪييءَ جي
رستي کان اهڙو بيزار ٿي جو پنهنجي حقي مڙس سان بي
ايمان ٿي، ۽ انهيءَ جي خونيءَ سان پرڻي !“ هيئين
به خبردار ڪيائينس ته ”تون پنهنجي پاپي چاچي کان
جيئن وڻيئي، تيئن وير وٺج، مگر ماءُ کي مور هٿ نه
لائج_ ڇڏي ڏجئينس ته ڀلي خدائي سزا مليس، ۽ اندر
جا چڪ پونس!“، ”هئمليٽ“ انجام ڪيو ته اهي سڀ حڪم
آءُ بجا آڻيندس . تنهن کان پوءِ اها روحاني شڪل گم
ٿي ويئي.
جڏهن ”هئمليٽ“ هيکلو ٿيو، تڏهن هن دل ۾ پڪو ٺهراءُ
ڪيو ته ”جيڪي هيستائين منهنجي دل ۾ هو، ۽ جيڪي
هيستائين مون پڙهيو ۽ ڏٺو آهي، سو سڀ آءٌ وساري
ڇڏيندس، ۽ انهيءَ جي بدران جيڪي حڪم مون کي بابي
جو روح ڏيئي ويو آهي، سي مغز ۾ ويهاريندس، ۽ دل تي
ڄمائيندس.“ جيڪا گفتگو ”هئمليٽ“ انهيءَ روحاني شڪل
سان ڪئي هئي ، سا هن ٻئي ڪنهن سان نه ڪئي، رڳو
پنهنجي پياري دوست ”هوريشيو“ سان ڪيائين. هن
پنهنجن ٻنهي سنگتين کي چيو ته جيڪي هاڻي ٿي گذريو
آهي، تنهن جي ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجو.
”هئمليٽ“ اڳي ئي طبيعت جو ضعيف ۽ ڳڻتي خور هوندو
هو، تنهن جو هي هيبتناڪ اسرار ڏٺو، انهيءَ ڪري
سندس دل ڦري ويئي، ۽ هو هوش کان نڪري ويو. هن کي
اهو به ڊپ ٿيو ته متان منهنجي اها حالت گهڻي تائين
هلي، ۽ ماڻهو سهي ڪن ، يا منهنجي چاچي کي شڪ پوي
ته آءٌ سندس خرابيءَ لاءِ سنبريو وتان يا مون کي
پنهنجي پيءُ جي مرڻ جي سچي حقيقت معلوم ٿي آهي ۽
هو خبردار رهي ، تنهنڪري هن دل ۾ پڪو اردو ڪيو ته
ڍونگ ڪري بنجي چريو ٿيان، جو چاچي کي به خاطري
ٿيندي ته هن مان ٻي خرابي ڪانه نڪرندي، ۽ منهنجي
دل جي موڙهل حالت به ديونگيءَ جي بهاني ڍڪي رهندي.
انهيءَ وقت کان وٺي ”هئمليٽ“ پنهنجيءَ پوشاڪ ۾،
پنهنجي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾، ۽ پنهنجي هلت چلت ۾
اهڙِي بيپرواهي ۽ بيخيالي رکي، ۽ اهڙو سچ پچ چري
ڏسڻ ۾ آيو، جو بادشاهه ۽ راڻي ٻئي ٺڳجي ويا. هنن
ائين نه سمجهيو ته پيءُ جي موت جي ڏک ۾ هن جو
اهڙو حال ٿيو آهي ، ڇا لاءِ جو هنن کي روحاني شڪل
جي اچڻ جي خبر ڪانه هئي : هنن ڀانيو ته هن کي عشق
جي چماٽ لڳي آهي ، تنهنڪري انهيءَ جو بلو ڪرڻ لڳا
.
”هئمليٽ“ اهڙي غمگينيءَ جي حالت ۾ آيو ، تنهن کان
اڳي هن جي محبت بادشاهه جي خاص وزير ۽ مشير
”پولونيس“ جي ڌيءَ ”آفيليا“ سان هوندي هئي، جا
خوبصورت جوان زال هئي . هن ڏانهن خط پٽ به لکيا
هئا ، ۽ مُنڊيون ۽ ٻيون شيون سوکڙي ڪري به ڏنيون
هئائينس . هن سان شادي ڪرڻ جا انجام ڪيا هئائين،
تن تي هن جي به پت هوندي هئي . پر هاڻي جو هي اچي
پنهنجي غمگينيءَ ۽ مونجهاري ۾ پيو هو ، سو هن کي
وساري ڇڏيو هئائين ، ۽ جنهن وقت کان وٺي هن چريائي
اختيار ڪئي ، تنهن وقت کان وٺي ڄاڻي واڻي هن سان
ڏنگائيءَ ۽ نامهربانيءَ جئي هلت ڪرڻ لڳو . پر هن
اشراف زال دل ۾ نه ڪيو، نڪي سندس ڪوڙن انجامن جو
ڪو ڏوراپو ڏنائينس : ڄاتائين ته هيءُ نامهرباني ۽
بيپرواهي ڪا پڪي بنياد وري ناهي، رڳو سندس دل جي
درد ۽ مرض جي سببان آهي . هن ويچاريءَ هن جي عقل ۽
سمجهه جي حرڪت جي مشابهت مٺي آواز وارين گهنڊڻين
سان ڪئي ، جي چڱيءَ طرح وڄائڻ سان دل وڻندڙ آواز
ڪڍن ، پر جهنگلي طرح لوڏڻ سان خراب گڙ ٻڙ وجهيو
ڏين.
جيتوڻيڪ خونيءَ کان پيءُ جي وير وٺڻ جهڙو ڪِنو ۽
سخت ڪم عشق ۽ محبت جهڙيءَ حالت سان ٺهي نٿي آيو ،
تڏهن به ڪنهن مهل ”آفيليا“ جا نرم خيال اچي وچ ۾
پوندا هئا. اهڙيءَ هڪڙيءَ مهل ، جڏهن هن کي دل ۾
آيو ته مون هن ويچاريءَ سان سخت ۽ بيرحميءَ جي هلت
ڪئي آهي ، تڏهن هن ڏي هڪڙو خط لکيائين، جنهن ۾
اهڙيون ڊگهيون ڊگهيون محبت جو ڳالهيون ۽ وڏا وڏا
مبالغا لکيائين، جي سندس ظاهري چريائيءَ سان موافق
ٿي ملي آيا. انهيءَ هوندي به انهيءَ پيار جي
عبارت مان هن آبروءَ واري بيبيءَ کي معلوم ٿي
سگهيو ته هن جي دل ۾ منهنجي محبت مضبوط کُتل آهي .
انهيءَ خط ۾ هن لکيو هوس ته ”تارن ۾ شڪجين ته باهه
آهن، يا سج ۾ شڪجين ته چـُري ٿو، يا سچ ۾ شڪجين ته
ڪوڙ آهي، ته پئي شڪج ، پر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه ڪج
ته منهنجي توسان ڏاڍي دل آهي !“۽ ٻيا به اهڙا
مبالغي جهڙا جملا لکيائين. اهو خط ”آفيليا“ مناسب
ڄاڻي پنهنجي پيءُ کي ڏيکاريو ، ۽ انهيءَ پير مرد
وري فرض ڄاتو ته اها خبر بادشاهه ۽ راڻي کي ٻڌائجي
، جن اُنهيءَ وقت کان وٺي پڪ سمجهيو ته ”هئمليٽ“
جي چريائي جو سبب عشق کان سواءِ ٻيو ڪونهي .
راڻيءَ جي به اها خوشي هئي ته جي سچ پچ ”آفيليا“
جي حسن هن کي حيران ڪيو آهي، ته سندس خـُلق ۽ نيڪي
هن کي ورائي ته پنهنجي اصلوڪيءَ حالت تي آڻيندي،
جنهن ۾ انهن ٻنهي جي تعريف آهي.
پر”هئمليٽ“ جو درد ته اڃا به اُنهو هو ، ۽ انهيءَ
طرح دور ٿيڻ جو نه هو. سندس پيءُ جي روحاني شڪل
اڃا سندس مغز ۾ ويٺل هئي ، ۽ انهيءَ جيڪو حڪم خون
جي وير وٺڻ جو ڏنو هوس، تنهن هن کي آرام ڪرڻ نٿي
ڏنو، جيسين ڪ انهيءَ جي تعميل ڪري سڀڪا گهڙي جيڪا
پئي گذري، سا هن گناهه پئي سمجهي، ۽ پيءُ جي حڪم
جي نافرماني پئي ڄاتي. تڏهن به بادشاهه کي هيتري
پهري جي وچ ۾ ڪهڙيءَ طرح وڃي ماري سا سولي ڳالهه
نه هئي. ٻيو وري ”هئمليٽ“ جي ماءُ ، جا اڪثر
بادشاهه سان گڏ هوندي هئي، تنهن جي حاضريءَ ۾ اهڙو
ڪم ڪرڻ هن کي بلڪل ڏکيو ٿي لڳو. تنهن کان سواءِ،
اهو غاصب بادشاهه سندس ماءُ جو مڙس هو. اها ڳالهه
پاڻ هن کي ڳري لڳي، جنهنڪري سندس ارادو لُڏڻ لڳو.
پاڻ جهڙي انسان کي ماري وجهڻ رڳو اها ڳالهه به
”هئمليٽ“ جهڙي نرم سڀاءَ واري ماڻهوءَ جي لاءِ
خوفناڪ ۽ نفرت جهڙي هئي. سندس غمگينيءَ ۽ ضعيفيءَ
جي حالت ڪري به هن پئي ڳڻتيون کاڌيون، ۽ ٻـُڏان_
چڙهان ڪئي، جنهن هن کي پنهنجي رٿ پوري ڪرڻ نه پئي
ڏني. وڌيڪ هيءَ ڳالهه ته هن جي دل تي اڃا اهو شڪ
بيٺل هو ته جيڪا شڪل ڏٺي اٿم، سا سچ پچ بابي جي
هئي، يا ڪا ٻي شيطاني صورت هئي ڇالاءِ جو خبر هيس
ته شيطان ڪا به شڪل وٺي سگهي ٿو ۽ ڄاتائين ته ڪهڙو
شڪ، جي هو منهنجي هن غمگينيءَ ۽ ضعيفيءَ جي حالت
جو وجهه وٺي بابي جي شڪل ۾ آيو هوندو، انهيءَ لاءِ
ته منهنجي هٿان خون جهڙو اجايو ڪم ڪرائي! انهيءَ
کان پوءِ دل ۾ ٺهراءَ ڪيائين ته رڳو خيالي ڏيک يا
هوائي شڪل جي چئي تي هلڻ مناسب ناهي، جيسين ڪ ٻيا
پڪا سبب نه پيدا ٿين.
”هئمليٽ“ انهيءَ ٻه ـ چِتائيءَ جي حالت ۾ هوندو هو
ته اتفاق سان ڪي ناٽڪ وارا اتي آيا، جن کي
”هئمليٽ“ اڳي گهڻو پسند ڪندو هو. خاص منجهن هڪڙو
هوندو هو، جو هڪڙي درد واري گفتگو زباني پڙهندو هو
، جنهن ۾ ”ٽراءِ“ جي بادشاهه ”پرائيم“ جي مرڻ ۽
سندس راڻيءَ ”هيڪيوبا“ جي ڏک ڪرڻ جو بيان هو.
”هئمليٽ“ هنن پنهنجن جهونن ناٽڪ وارن سنگتين کي
آڌر ڀاءَ ڏني، ۽ جيڪا زباني گفتگو اڳي پسند ايندي
هيس، تنهن جي وري چوڻ لاءِ انهيءَ ماڻهو کي
چيائين، جا هن چڱيءَ طرح پڙهي. انهيءَ ۾ جو ٻڍي
بادشاهه جي مارجڻ، ۽ سندس ماڻهن سوڌي شهر جي باهه
۾ سڙڻ، ٻڍيءَ راڻيءَ جي منهن مٿي پٽڻ، ۽ پيرن
اگهاڙي محلات جي هيٺ مٿي ڊوڙڻ جو ذڪر هو ، سو ٻڌي،
جيڪي بيٺا هئا تن پئي ڳوڙها ڳاڙيا ڄڻ ته سچي پچي
حالت اکين جي اڳيان ڏٺي اٿن. ٻين جي ڳالهه ته ٺهي،
پر خود ناٽڪ واري، جنهن اهو بيان پئي پڙهيو، تنهن
به روئي ۽ سڏڪا ڀري پئي پڙهيو. هي ڏسي ”هئمليٽ“
خيال ڪيو ته ”جيڪڏهن هي ناٽڪ وارو رڳو ٺاهوڪيءَ
گفتگوءَ سان پاڻ ۾ ايترو ڏک ۽ درد پيدا ڪري سگهي
ٿو، ۽ جنهن ”هيڪيوبا“ کي هن ڏٺو ئي ڪين آهي ۽ جنهن
کي مئي ڪي سو ورهيه گذريا آهن ، تنهن لاءِ هيترو
روئي رڙي ٿو ، ته آءُ ڪهڙو نه نٺر ۽ بي اثر هوندس،
جو مون کي ڏک ۽ غصي ڪرڻ لاءِ سچو پچو سبب به آهي،
جو منهنجو پيارو پيءُ بادشاهه تازو ماريو ويو آهي
،تڏهن به مون ۾ ايتري همت نٿي ٿئي ته انهيءَ جو
وير وٺان، ماٺ ڪيو وتان گهمندو !“ هو خيال ڪرڻ لڳو
ته چڱيءَ طرح ناٽڪ ڪرڻ مان ڏسڻ وري جي دل تي ڏاڍو
زور ڀريو اثر ٿي سگهي ٿو، ۽ هڪڙي خونيءَ جي به
ڳالهه ياد آيس جو هڪڙي خون جو ناٽڪ هلندو ڏسي ۽
ساڳيون حالتون ۽ ساڳيا ڏيک ڏسي اهڙو پشيمان ٿي
ويو، جو اتي جو اتي ڪيل ڏوهه باسي ڏنائين.
”هئمليٽ“ جي دل ۾ آيو ته ”هي ناٽڪ وارو منهنجي
پيءُ جي خون جهڙي احوال جو هڪڙو ناٽڪ چاچي جي
اڳيان ڪن، ۽ آءٌ چتائي ويهي منجهس ڏسان ته انهيءَ
جو مٿس ڪهڙو اثر ٿو ٿئي پوءِ مون کي پڪ ٿي سگهندي
ته سچ پچ هو خوني آهي يا نه “. انهيءَ مطلب پوري
ڪرڻ لاءِ هن حڪم ڪيو ته هڪڙو ناٽڪ تيار ڪجي، جنهن
جي ڪرڻ مهل بادشاهه ۽ راڻيءَ کي سڏجي.
انهيءَ ٿيل ناٽڪ واريءَ ڳالهه جو مضمون ”وائينا“
شهر جي هڪڙي ڊيوڪ جي خون تي ٻڌل هو . انهيءَ ڊيوڪ
جو نالو ”گنزاگو“ هو، ۽ سندس زال جو نالو
”بئپٽسٽا“ هو. ڊيوڪ جي هڪڙي عزيز ”ليوشئينس“ هن
کان سندس جاگير ۽ ميراث کسڻ جي لالچ تي هن کي سندس
باغ ۾ زهر ڏيئي ماري وڌو هو، ۽ پوءِ سگهوئي وري
”گنزاگو“ جي زال سان ٺاهه ڪري پرڻيو هو.
هن ناٽڪ هلڻ مهل بادشاهه پنهنجي راڻيءَ ۽ درٻار جي
اميرن سوڌو حاضر هو . هن کي اِها خبر نه هئي ته
منهنجي ڦاسڻ لاءِ ڪنهن دام پکيڙيو آهي. ”هئمليٽ“
وڃي سندس نزديڪ ويٺو ۽ چتائي پئي ڏٺائينس ـ ناٽڪ
شروع ٿيو. پهريندي ”گنزاگو“ ۽ سندس زال جي وچ ۾
گفتگو هلي ، جنهن ۾ زال مڙس کي ڏاڍي محبت ڏيکاري،
۽ ظاهر ڪيائين ته ”توکان پوءِ آءٌ وري شادي ڪانه
ڪنديس: جي اڳي مـُيس ته بس، ۽ جي کڻي وري پرڻجان
ته شل بڇڙي ۽ لعنت جوڳي ٿيان، ڇالاءِ جو اُهي
زالون ائين ڪنديون آهن، جي پنهنجن پهرين مڙسن کي
مارينديون آهن!“ اُتي ”هئمليٽ“ جانچي ڏٺو ته
بادشاهه اهي لفظ ٻڌي رنگ بدلايو، ۽ اهو جملو هن کي
توڙي راڻيءَ کي زهر وانگي ڪڙو لڳو. پر، انهيءَ
ڳالهه هلندي، جڏهن ”ليوشئينس“ ”گنزاگو“ کي باغ ۾
سـُتي پئي زهر وجهڻ آيو، تڏهن انهيءَ ڳالهه جي
مشابهت، جا سندس حال سان هئي، جو پاڻ پنهنجي ڀاءُ
کي باغ ۾ زهر ڏيئي ماريو هئائين، تنهن هن ظالم
بادشاهه جي دل تي اهڙو اثر ڪيو، جو هو باقي ناٽڪ
جي ڀاڱي ڏسڻ لاءِ ويهي نه سگهيو. اوچتو ٽپ ڏيئي
اُٿيو، ۽ اتفاقي بيماريءَ جو بهانو ڪري، بتيون
کڻائي، اها جاءِ ڇڏي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ آيو .
بادشاهه جي اُٿي وڃڻ کان پوءِ ته ناٽڪ به بند
ڪيائون.
هاڻي ”هئمليٽ“ جيڪو حال ڏٺو هو، تنهن مان خاطري
ٿيس ته روحاني شڪل جي ڪيل ڳالهه بلڪل سچي آهي،
خيالي ناهي، ۽ جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جي دل تان وڏو شڪ
اوچتو لهي پوندو آهي، يا ڪا مشڪل حل ٿي پوندي آهي،
تيئن هي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ قسم کڻي ”هوريشيو“ کي چوڻ
لڳو ته ”هن روحاني شڪل جي ڳالهه هزار پائونڊن جي
مٽ آهي!“ پر ڪهڙي طرح وير وٺڻ جو بندوبست ڪجي،
انهيءَ جي ٺهراءُ ڪرڻ جي کان اڳي، هن کي سندس ماءُ
راڻي خلاصو پنهنجي جاءِ ۾ گهرايو ته ساڻس ڪي ڪجهه
پنهنجي پر ۾ ڳالهائي. ڇا لاءِ جو هاڻي پڪ ٿي وئي
هين ته ’’هئمليٽ‘‘ کي حقيقت جي خبر پيئي آهي ته
پڻس کي چاچس ماريو.
’’هئمليٽ‘‘ کي جو راڻيءَ سڏايو، سو بادشاهه جي
صلاح سان انهيءَ لاءِ ته هو پنهنجي پٽ کي سمجهائي
ته سندس گذريءَ هلت ڪري پاڻ ٻئي رنج آهن. بادشاهه
کي اهو به خطرو هو ته متان ماءُ کي پٽ جي گفتگو جي
ساري خبر نه پوي، متان ماڻس کي سندس ڪا ڳالهه ياد
نه به اچي، جا بادشاهه کي ڄائڻ ضرورائتي هجي،
تنهنڪري پنهنجي وڏي وزير ۽ صلاحڪار ’’پولونيس‘‘ کي
راڻيءَ جي جاءِ جي پردن پٺيان لڪائي کڻي بيهاريو
هئائين، ته ڀلي اُتي اَڻڏٺي بيٺو سڀڪي ٻڌي اِها
تجويز ’’پولونيس‘‘ جي ڊول جي هئي، ۽ کيس گهڻي پسند
آئي، ڇا لاءِ جو هن جي عادت هوندي هئي ته ڏنگ ڏانو
ڪري ٺڳيءَ سان خبرون چارون وٺندو هو، ۽ اهڙين
حرڪتن ۽ حڪمتن ڪندي اچي اڇي ڏاڙهي ٿي هيس.
جڏهن ’’هئمليٽ‘‘ ماءُ وٽ آيو، تڏهن ماڻس سندس ڪمن
۽ هلت چلت جي ڪري گهڻو ڇنڀيس. ۽ چيائينس ته ’تو
پنهنجي پيءَ يعني بادشاهه کي ڏاڍو خفي ڪيو آهي.“
پيءَ هن ڪري سڏيائنس جو پاڻ ’هئمليٽ‘ جي ماءُ تي
هن سان پرڻي هئي. پيءُ جهڙو مٺو ۽ ابرو وارو لقب
جو راڻيءَ انهيءَ خراب ماڻهوءَ کي ڏنو، جو حقيقت
ڪري هن جي پيءُ جو خوني هو. تنهنڪري ’هئمليٽ‘ کي
ڏاڍي چڙ ويئي، تنهن شوخيءَ مان جواب ڏنس ته ”امان،
خفي ته تو منهنجي پيءُ کي ڪيو آهي!“ ماڻس چيو ته
”هي ڪهڙو نه اجايو جواب ٿو ڏين!“ ’’هئمليٽ‘‘ چيو
ته ”جهڙي جواب جو لائق تنهنجو سوال هو، اهڙو چڱو
آهي.“ راڻيءَ پڇيس ته ”تو کي وسري ويو آهي ته ڪنهن
سان ٿو ڳالهائين!“ هئمليٽ ورندي ڏني ته “افسوس مون
کي اها ڳالهه وسري وڃي ها ته سؤ ڀيرا چڱو هو: تون
راڻي آهين، پنهنجي مڙس جي ڀاءُ جي زال آهين، تون
منهنجي ماءُ آهين، جيڪي تون آهين، سا نھ هجين ها
تھ ڪهڙو نھ چڱو هو!“ راڻيءَ چيو تھ ”جڏهن تون
منهنجي عزت آبرو نھ ٿو رکين ، تڏهن هاڻ آءٌ انهن
کي ڇڏينديس، جي تو سان ڳالهائي سگهندا ! “ ائين
چئي ، اُٿي ڀانيائين تھ وڃي بادشاهه يا ”پولونيس“
کي موڪلي، پر ”هئمليٽ“ نھ ڇڏيس. ڄاتائين تھ هينئر
هيءَ هيکلي آهي، جيترو ٿي سگهي اوترو سمجهايانس،
من هوش ۾ اچي۽ پنهنجن پاپن کان پڇتائي.
ڪَرائيءَکان وٺي قابو ڪري وهاريائينس . هن جو هو
زور ڏسي هوءَ ڊني ، ۽ اهوبه ڊپ ٿيس ته متان
چريائيءَ جي حالت ۾ ڪاحرڪت ڪري ويهي ، سو رڙ
ڪيائين. اتي پردي جي پٺيان هڪڙو آواز اُٺيو ته
”ورو، ورو، ...راڻيءَ کي ڇڏايو!“ هي ٻڌي ”هئمليٽ“
سمجهيو ته اهو بادشاهه آهي جو پاڻ لڪو بيٺو آهي،
تنهنڪري ترار ڪڍي ، جنهن هنڌان پردي جي پويان آواز
نڪتو، اُتي لنگهائي ڏنائين_ ڄڻ ته انهيءَ پاسي ڪو
ڪوئو ڊوڙي لنگهي ويو هجي، تنهن کي ٿي ماريائين.
جڏهن اهو آواز بيهي ويو ، تڏهن ڄاتائين ته هن جا
پساهه پورا ٿيا، پر لاشو گهلي ٻاهر ڪڍيائين ، تڏهن
ڏسي ته بادشاهه ته ناهي ، اهو ”پولونيس“ آهي، جو
جاسوس ٿي پرد جي پٺيان لڪي بيٺو هو. راڻيءَ دانهن
ڪري چيو ته ”هَي هَي، ڪهڙو خراب ڪم ڪري وڌوءِ !“
”هئمليٽ“ جواب ڏنو ته خراب ڪم؟ ... تو جهڙو خراب
ڪم تڏهن به ناهي ، جو بادشاهه کي ماري سندس ڀاءُ
کي سان پرڻينءَ!“ ”هئمليٽ“ هاڻي زرهين چڙهيل هو ،
تنهن اتي بس نه ڪئي، ماءُ کي صفا چوڻ لڳو .
جيتوڻيڪ پيءُ ـ ماءُ جي عيبن تي اولاد کي ٽوڪ نه
ڪرڻ گهرجي ، تڏهن به وڏن گناهن واسطي پٽ پنهنجي
ماءُ کي کڻي سختي ڏيکاري ته حرڪت ڪانهي ، جو اها
سختي ماءُ جي چڱائيءَ لاءِ ۽ هن کي گناهن کان پاسي
ڪرڻ لاءِ آهي، ۽ نه هن کي طعنن ۽ ٽوڪن ڪرڻ لاءِ
.سو ، هن نيڪ شاهزادي اثر وارن لفظن ۾ پنهنجي ماءُ
کي ڏيکاريو ته سندس پيءُ فوتي بادشاهه کي وساري،
ههڙو جلد جو وري هن انهيءَ جي ڀاءُ ۽ مشهور
خونيءَ سان شادي ڪئي، سو تمام قباحت جهڙو ڪم چئبو:
چيائينس ته ”پنهنجي پهرئين مڙس سان محبت جو انجام
ڪري، پوءِ جو اهڙو ڪم ڪيو اٿئي ، سو انهيءَ ڪري
سڀني زالن جا انجام شڪي ۽ انهن جي محبت ڪوڙي ڪري
ڇڏي اٿئي ، انهيءَ کان پوءِ سڀڪا نيڪي ڍونگ سمجهي،
۽ شاديءَ جي شرط جوا بازن جي شرطن کان گهٽ نه
لکبا، ۽ ڏين رڳو چرچو ۽ سکڻن لفظن جو نمونو شمار ۾
ايندو!“ چيائينس ته ”تو اهڙو ڪم ڪيو آهي جو آسمان
کي شرم اچي ويو آهي، ۽ زمين انهيءَ ڪري تو منجهان
ڪڪ ٿي پئي آهي!“ وري ماءُ کي ٻه تصويرون
ڏيکاريائين. هڪڙي سندس پهرئين مڙس فوتي بادشاهي
جي، ۽ ٻي سندس ۽ سندس نئين مڙس جي؛ ۽ چيائينس ته
”ڏس ته هنن ۾ ڪهڙو فرق آهي: منهنجي پيءَ جي منهن ۾
ڪيتري نه لڄ ۽ مڻياآهي، ۽ ڪهڙو نه ملائڪ جهڙو
موهانڊو اٿس! هو، تنهنجو اڳوڻو مڙس..... هاڻي وري
هي ڏس، جنهن کي تون هن جي جاءِ ڏني آهي؛ ڪيئن نه
رتيءَ جي مرض وانگي پيو ڏسجي، ڇالاءِ جو هن پنهنجي
چڱي ڀلي ڀاءُ جو رت سڪائي هن کي ڪومائي ماري ڇڏيو
آهي!“ اِهي ڳالهيون ٻڌي، راڻي تمام شرم ۾ ٻڏي
ويئي، جو ڏٺائين ته منهنجو اندر ڪارو ۽ ڪوجهو پيو
ڏسجي. وري به پٽس چيو ته ”ڪيئن تنهنجي دل ٿي چوي
ته انهيءَ ماڻهوءَ جي زال ٿي گذارين، جنهن تنهنجي
پهرئين مڙس کي ماري، چور وانگي هن جو ڇـَٽُ چورائي
ورتو!“
هن اڃا ايترو چيو ته، سندس پيءُ جي روحاني شڪل
جهڙي ڪ جيئري هوندي هيس، ۽ جهڙي ٿورا ڏينهن ٿيندا
جو ڏٺي هئائين، تهڙي، جاءِ ۾ اندر گهڙي آهي.
”همليٽ“ ڊپ ۾ پئجي پڇيس ته ”ڪهڙي ڪم لاءِ آيو
آهين؟“ هن چيو ته ” تو جيڪو وير وٺڻ جو واعدو ڪيو
هو، سو ياد ڏيارڻ آيو آهيان، جو تو وساري ڇڏيو
آهي.“ هيئن به چيائينس ته ”پنهنجيءَ ماءُ سان
ڳالهاءِ، ته متان ڊپ ۽ ڏک ۾ مري وڃي!“ ائين چئي،
هو گم ٿي ويو. ان کي رڳو ’’هئمليٽ‘‘ ڏٺو، هن
ڏيکاريو ته اِها شڪل هتِي بيٺي هئي ۽ ههڙي هئي، ۽
هيئن ٿي چيائين پر ماڻس ڏسي نه سگهي. هن جو پٽ کي
رڳو هوا سان ڳالهائيندو ڏٺو، سو پاڻ ڊني ۽
ڀانيائين ته اِهو سڀ هن جي دل يا مغز جو خلل آهي؛
پر ’’هئمليٽ‘‘ سمجهايس ته ”جيڪي مون تو کي چيو
آهي، سو چرئي جي ڳالهه ڄاڻي پنهنجي پاپن تي خوش نه
ٿي وهج؛ پڪ ڄاڻج ته منهنجي پيءُ جو روح اڃا زمين
تي پيو رُلي، سو منهنجي چريائي کان ناهي، پر
تنهنجن بڇڙن افعالن ڪري آهي.“ چيائنس ته ”منهنجي
نبض ڏس ته چڱن ڀلن وانگي پوري پئي هلي يا چرين
وانگي؟“ ۽ روئي منٿون ڪرڻ لڳس ته ”اما،خدا تعاليٰ
جي اڳيان پنهنجا پاپ باسي معافي گهرج، ۽ آئيندي
بادشاهه جي صحبت کان پاسو ڪج، ۽ وري سندس زال نه
ٿج؛ ۽ جڏهن تون ائين ڪرڻ سان منهنجي ماءُ
ٿيندينءَ، ۽ منهنجي پيءُ کي ياد ڪري مان ڏيندينءَ،
تڏهن آءٌ پٽ ٿي توکان دعا گهرندس.“ راڻي انجام ڪيو
ته ”جيئن تو مون کي سمجهايو آهي، اُئين ڪنديس.“
انهيءَ طرح هنن جي ملاقات پوري ٿي.
انهيءَ کانپوءِ هئمليٽ سنڀالي ڏٺو ته اهو ڪير هو،
جنهن کي ڇوهه ۾ ماري وڌو هنائين ۽ جڏهن معلوم ٿيس
ته اهو ’’پولونيس‘‘ هو، جو سندس پياريءَ
’’آفيليا‘‘ جو پيءُ هو، تڏهن هن لاش کي ڪڍي پاسي
ڪيو، جيڪي ڪيو هنائين، تنهن لاءَ پشيمان ٿيو ۽
روئڻ لڳو.
’’پولونيس‘‘ جي خون ڪري بادشاهه کي عذر مليو ته
’’هئمليٽ‘‘ کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي. هن کي
اهڙو خوفناڪ ٿي ڄاتائين، جو هن کي خوشيءَ سان
مارائي ڇڏي ها؛ پر هو ماڻهن کان ٿئي ڊنو، جي
’’هئمليٽ‘‘ کي ڀائيندا هئا، ۽ راڻي به هيترن عيبن
هوندي پنهنجن پٽ تي قربان هئي. سو هن اٽڪلي
بادشاهه، ’’هئمليٽ‘‘ جي سلامتيءَ جي بندوبست ڪرڻ ۽
هن کي ’’پولونيس‘‘ جي خون جي جوابداريءَ کان ڇٽائڻ
جي بهاني هن کي هڪڙي جهاز تي چاڙهي انگلينڊ ڏي
روانو ڪيو، ۽ ساڻس گڏ پنهنجيءَ دربار جا به امير
ڏنائين، جنهن کي انگلينڊ جي بادشاهه جي نالي خط پٽ
به ڏنائين، جو بادشاهه انهن ڏينهن ۾ ڊينمارڪ جو ڍل
ڀرو هو. انهن خطن ۾ ڪوڙا سوڙا سبب ۽ دليل ڏئي لکيو
هئائين، ته انگلينڊ ۾ پهچڻ شرط هن کي مارائي کپائي
ڇڏجو. ’’هئمليٽ‘‘ کي انهيءَ دغا جو دل ۾ شڪ گذريو،
تنهن رات جو لڪڇپ ۾ اٿي خط کوليا، اٽڪل سان پنهنجو
نانو ڊاهي، انهن ٻن اميرن جو نالو وڌائين، جي ساڻس
گڏجي هليا هئا. پوءِ خطن کي بند ڪري، مهر هڻي،
اصلوڪئيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيائين. پوءِ سگهوئي جهاز
تي ڪي دريائي چور ڪاهي آيا، ۽ اچي لڙائي لڳي، جنهن
۾ ’’هئمليٽ‘‘ پنهنجي بهادري ڏيکارڻ لاءِ ترار هٿ ۾
کڻي اڪيلوئي اڪيلو چورن جي جهاز تي ٽپي آيو، ۽
سندس جهاز خوف کان ڀڄي پري هليو ويو، ۽ هن کي
پنهنجي نصيب جي بلي ڇڏي ڏنائون هو ٻه اميت ته
وٺ_پـُڄ ڪري ڀڄي اچي انگلينڊ کان نڪتا، جو هنن سان
سرڪاري خط هئا جن جو مضمون ’’هئمليٽ‘‘ ڦيرائي هنن
کي ناس ڪرڻ جي لاءِ ٺاهي ڇڏيو هو. |