جڏهن بادشاهه پنهنجي راڻيءَ کي قيد خاني ڏي
موڪليو، تڏهن سسليءَ جي ٻن اميرن، ”ڪليامنيز“۽
”ڊائين“، کي ”ڊيلفاس“ شهر ڏي روانو ڪيائين ته اُتي
جو ”آپالو“ ديوتا جو مندرآهي ، تنهن جي مجاورن کان
فال وجهائي اچن ته منهنجي راڻيءَ جي سچ پچ مون سان
محبت آهي يا نه .
”هرميوني“ کي بند خاني ۾ ٿورا ڏينهن گذريا، ته هن
کي اُتي ڌيءَ ڄائي . اهڙي سهڻي ٻار جي ڏٺي
ويچاريءَ ماءُ کي گهڻي دلبري آئي، ۽ اُنهيءَ چوڻ
لڳي ته ”منهنجي غريب ننڍڙي قيدياڻي، آءٌ به اهڙي
بيگناهه ۽ معصوم آهيان ، جهڙي تون آهين !“
”هرميونيءَ“ جي ساهيلپ سسليءَ جي هڪڙي امير
”آنٽگونس“ جي زال ”پالينا“ سان هئي . جڏهن اُنهيءَ
اشراف ۽ رحمدل زال ٻڌو ته منهنجي ڌياڻيءَ کي ڌيءَ
ڄائي آهي ، تڏهن هوءَ انهيءَ بنديخاني ۾ ويئي ،
جتي ”هرميوني“ قيد هئي ، ۽ ”هرميوني“ جي خذمتگارن
”آميليا“ کي سڏي چيائين ته ”آميليا ، ڀلائي ڪري
راڻيءَ کي وڃي چوء ته تون مون تي ڀروسو ڪري اهو
ننڍڙو ٻار کڻي منهنجي حوالي ڪر ته آءُ پاڻيهي پڻس
بادشاهه وٽ کڻي ويندس : ڪهڙو شڪ جو اهڙي ننڍڙي
معصوم ٻار جي ڏٺي کان پوءِ هن جي دل نرم ٿي وڃي !“
”اميليا“ ورندي ڏني ته ”اي لائقن ڀري بيبي، آءُ
راڻيءَ کي تنهنجي پاران عرض وڃي ٿي ڪريان، هن پاڻ
به اڄ پئي چيو ته ڪا منهنجي خير خواهه ساهيلي هجي،
جا هيءُ ٻار بادشاهه تائين رسائي .“ ”پالينا“ چيو
ته ”هيترو به چئجئينس ته آءُ تنهنجي طرفان بادشاهه
سان همت ٻڌي ڳالهائينديس .“ ”اميليا“ چيو ته ”تون
جو اسان جي مهربان راڻيءَ تي هيتري مهرباني ٿي
ڪرين ، سو شل سدائين خوش ۽ سُکي هنجين !“ تنهن کان
پوءِ ”اميليا“ ”هرميونيءَ“ وٽ ويئي ، جنهن گهڻيءَ
خوشيءَ سان پنهنجو ٻار ”پالينا“ ڏي ڏياري موڪليو،
ڇا لاءِ جو هيستائين ڊپ هوس ته ڪو به ماڻهو همت
جهلي بادشاهه تائين ٻار پهچائي ڪين سگهندو .
”پالينا“ هي تازو ڄاول ٻار کڻي هلي ،گسڙجي ڦسڙجي
بادشاهه تائين هلي آئي . جيتوڻيڪ بادشاهه جي ڪاوڙ
جي ڊپ کان مڙسس گهڻوئي پليس ، تڏهن به هيءَ نه رهي
، ۽ ٻار آڻي بادشاهه جي پيرن وٽ رکيائين .
”هرميونيءَ“ جي بچاءَ ۾ بادشاهه کي گهڻو ئي چيائين
، ۽ سندس سختيءَ ۽ بيرحميءَ جو شڪوو ڪيائين ،۽ بي
گناهه زال ۽ ٻار تي رحم آڻڻ لاءِ عرض ڪيائين، پر
هن جي حجتن ۽ دليلن ڪري ”ليانٽيز“ پاڻ وڌيڪ ڪاوڙيو،
۽ هن جي مڙس ”آنٽگونس“ کي چيائين ته ”هن پنهنجيءَ
زال کي منهنجين اکين کان پاسي ڪر!“
جڏهن ”پالينا“ نڪري ويئي ، تڏهن هوءَ اهو ننڍڙو
ٻار بادشاهه جي پيرن وٽ ڇڏي ۽ ڀانيائين ته ڏيئي
جڏهن هيکلو ٿيندو ۽ هن کي ڏسندو ، تڏهن پاڻيهي مٿس
رحم کائيندو .
ويچاريءَ ”پالينا“ جو خيال برابر نه هو ، ڇا لاءِ
جو اڃا پاڻ ٻاهر ويئي ته بيرحم بادشاهه ”پالينا“
جي مڙس ”آنٽگونس“ کي حڪم ڏنو ته هيءُ ٻار سمنڊ تي
کڻي وڃي پري ڪنهن ويران ڪناري تي ڇڏ ته ڀلي اُتي
مري وڃي !
”آنٽگونس“ ”ڪئملو“ جهڙو مهربان نه هو ،تنهن
بادشاهه جي حڪم جي ذري پرزي تعميل ڪئي : ٻار کي
جهاز تي کڻي سمنڊ تي نڪتو ، انهيءَ لاءِ ته جيڪو
ويران ڪنارو پهرين ڏسجي ، انهيءَ تي ڦٽو ڪريانس .
بادشاهه جي دل ”هرميوني“ کان اهڙي ڦٽي ويئي هئي،
جو هو ”ڪليامنيز“ ۽ ”ڊائين“ جي ڊيلفاس واري
”اپالو“ جي مندر مان موٽڻ تائين به نه ترسيو :
راڻيءَ جي ويم مان ڇُٽي اٿڻ کان اڳي ، اڃا هوءَ
پنهنجي ٻار جي وڃڻ جي ڏک ۾ غرق هئي ، ته هن تي عام
طرح مقدمي هلائڻ لاءِ پنهنجيءَ درٻار جي اميرن ۽
سکرن جي اڳيان ڪڍائي آندائينس . جڏهن ”هرميونيءَ“
تي مقدمي جي هلت ڪرڻ لاءِ سڀ منصف ۽ امير ۽ ٻيا
ملڪ جا وڏا ماڻهو اچي گڏ ٿيا ، ۽ هيءَ ڪم نصيب
راڻي پنهنجن رعيتي ماڻهن جي اڳيان فتوا ملڻ لاءِ
قيدياڻيءَ وانگي اچي بيٺي ، تڏهن اوچتو ”ڪليامنيز“
۽ ”ڊائين“ اندر گهڙي آيا، ۽ مهر ٿيل فال جو جواب
آڻي بادشاهه جي هٿ ۾ ڏنائون . ”ليانٽيز“ حڪم ڏنو
ته ”مهر کولي فال جو جواب وڏي سڏ پڙهي ٻڌايو .“
انهيءَ ۾ هيٺيان لفظ لکيل هئا : ”هرميوني بيگناهه
آهي ، پالڪسنيز جو قصور ڪونهي ، ليانٽيز ريسارو
ظالم آهي، ۽ جيڪي ويو آهي سو جي وري هٿ نه ايندو،
ته بادشاهه نيٺ لاوارث ٿي مرندو.“ انهن لفظن تي
بادشاهه پت ڪانه ڪئي. هن چيو ته راڻيءَ جي
خيرخواهن اهو ڪوڙ بنايو آهي، ۽ انصاف ڪرڻ واري
عهديدار کي حڪم ڏنائين ته مقدمو هلائجي. پار اڃا
”ليانٽيز“ اها ڳالهه پئي ڪئي، ته هڪڙي ماڻهو ڊوڙي
اچي چيو ته ”شهزادو مامليس پنهنجيءَ ماءُ جي مقدمي
جو ٻڌي ڏک ۽ شرم کان اوچتو مري ويو!“
”هر ميونيءَ“ جڏهن ٻڌو ته منهنجو پيارو ٻار منهنجي
ڪم بختيءَ جي ڏک ۾ مري ويو، تڏهن ماندي ٿي ويئي، ۽
”ليانٽيز“ هيءَ خبرٻڌي ڏاڍو پيشمان ٿيو ۽ نڀاڳي
راڻيءَ تي رحم ڪرڻ لڳو. ”پالينا“ کي توڙي سندس
خذمتگارن کي حڪم ڏنائين ته ”راڻيءَ کي وٺي وڃو، ۽
وڃي ڪو بلو ڪري هوش ۾ آڻيوس.“ ”پالينا“ سگهوئي وري
موٽي آئي، ۽ بادشاهه کي چيائين ته ”هرميونيءَ“ مري
ويئي!“
جڏهن ”ليانٽيز“ ٻڌو ته راڻي مري ويئي ، تڏهن جيڪو
ظلم هن ساڻس ڪيو هو تهن کان پڇتايائين ، ۽ هاڻي جو
ڀانيائين ته هوءَ منهنجيءَ خراب هلت ڪري دلشڪستي
ٿي مئي آهي ، تنهنڪري پڪ ٿيس ته هوءَ بيگناهه هئي
: هاڻي خاطري ٿيس ته قال وارو جواب سچو هو ، ڇا
لاءِ جو ڄاتائين ته ”جيڪي ويو آهي ، سو جي وري هٿ
نه ايندو“ وارو اشارو آهي . منهنجيءَ ننڍڙيءَ ڌيءَ
جو ، ۽ پنهنجي پٽ ”مامليس“ جي مرڻ جو به ٻڌائين ،
تنهنڪري پڪ ٿيس ته منهنجو ڪو وارث ڪونه ٿيندو .
هاڻي دل ۾ آيس ته ”پنهنجي ساري بادشاهي به ڏيان،
جي منهنجي ويل ڌيءَ وري هٿ اچي !“ انهيءَ ڳڻتيءَ ۽
پشيمانيءَ ۾ ”ليانٽينز“ ڪيترائي ورهيه گذاريا.
جنهن جهاز ۾ ”آنٽگونس“ معصوم شهزاديءَ کي کنيو ٿي
ويو ، تنهن کي طوفان ڌڪي آڻي ”بوهيميا“ جي ڪناري
تي ڪڍيو، جو نيڪ بادشاهه ”پالڪسنيز“ جو ملڪ هو .
اُتي ”آنٽگونس“ لهي پيو، ۽ اُتي هن ننڍڙو ٻار کڻي
ڦٽو ڪيو . انهيءَ خبر پهچائڻ لاءِ ”آنٽگونس“ وري
”ليانٽيز“ تائين مور نه پهتو، ڇا لاءِ جو جڏهن ٻار
جهنگ ۾ ڇڏي جهاز ڏي موٽيو ٿي آيو، تڏهن هڪڙي رڇ
نڪري اچي پيٽ ڦاڙي وڌس . ”ليانٽيز“ جي بـُري حڪم
بجا آڻڻ لاءِ هن کي اها جوڳي سزا ملي .
ٻار کي ته اُچا ڪپڙا ۽ جواهر پيل هئا، ڇا لاءِ جو
جڏهن ”هرميونيءَ“ پڻس کي ”ليانٽيز“ ڏي ٿي موڪليس ،
تڏهن ڏاڍو سينگاريو هئائينس، ۽ جنهن چادر ۾ ويڙهيل
هو ، تنهن تي ”آنٽگونس پرڊٽا“ جو نالو ڪاغذ تي لکي
ٽاچنيءَ سان اٽڪائي ڇڏيو هئائين ، ۽ ٻيا به ڪي لفظ
لکيا هئائين ، جن مان ٿورو گهڻو سمجهه ۾ اچي سگهيو
ٿي ته اهو ٻار وڏي نسل جو ۽ کٿل نصيب وارو آهي.
هن ويچاري معصوم کي هڪڙي ريڍار لڌو هو ، نرمدل
ماڻهو هو ، تنهن ننڍڙيءَ ”پرڊٽا“ کي کڻي پنهنجي
زال وٽ آندو ، جنهن هن کي ڏاڍي ناز سان پاليو . پر
هي غريب ڪنگال ماڻهو هو ، تنهن انهيءَ قيمتي
سوکڙيءَ کي لڪائڻ جي رٿ ڪئي ، تنهنڪري هو اُتان
لڏي اُٿي هليو ، ته متان ڪنهن کي شڪ پوي ته هن
هيتري مايا ڪٿان آندي . ”پرڊٽا“ جي ٿورن زيورن مان
هن رڍن جا ڌڻ ورتا، ۽ مايا وارو ڌنار ٿي هن ”پرڊٽا
“ کي پنهنجي ٻار وانگي نپايو، هن ويچاريءَ به ائين
ٿي ڄاتو ته آءٌ هڪڙي ريڍار جي ڌيءَ آهيان.
اها ننڍڙي ”پرڊٽا“ سامائجي اچي سهڻي ۽ جوان زال ٿي
، جيتوڻيڪ ريڍار جي ڌيءَ کان وڌيڪ تعليم ڪانه ملي
هيس ، تڏهن به هن ۾ پنهنجي خانداني ماءُ واريون
لياقتون سڀائي طرح پئي بکيون ـ ايتريقدر جو هن جي
هلت چلت مان ڪو به سهي ڪري نه سگهي ها ته هي ڪا
پنهنجي پيءُ بادشاهه جي گهر ۾ نه پلي آهي .
”پالڪسنيز“ ، ”بوهيميا“ جي بادشاهه، کي رڳو هڪڙو
پٽ هوندو هو ، جنهن جو نالو ”فلارزل“ هو . هڪڙي
ڀيري انهيءَ جوان شهزادي انهيءَ ڌنار جي گهر جي
ويجهو شڪار پئي ڪيو ، ته هن جي نظر انهيءَ ٻڍي مڙس
جي ڌيءَ تي پئي ... ”پرڊٽا“ جي حسن ۽ حيا ۽
شاهاڻيءَ چال هن کي اُنهيءَ دم موهي وڌو ، ۽ هيءُ
هن تي عاشق ٿي پيو. پوءِ هو ”ڊاريڪليز“ جي نالي
سان هن ٻڍي ڌنار جي گهر گهڻي قدر آمدرفت ڪرڻ لڳو .
”فلارزل“ اڪثر گهر غير حاضر رهندو هو ، تنهنڪري
”پالڪسنيز“ کي گهڻو فڪر رهندو هو . هن ڪن ماڻهن کي
مٿس چاري ڪري ڇڏيو . انهن کان معلوم ٿيس ته هو
ڌنار جي سهڻيءَ ڌيءَ تي عاشق آهي . تڏهن
”پالڪسنيز“ ”ڪئملو“ کي گهرايو . هي اُهو ساڳيو
ايماندار ”ڪئملو“ هو، جنهن ”ليانٽيز“ جي ڪاوڙ ۽
وير کان هن جي حياتي بچائي هئي. تنهن کي چيائين ته
مون سان گڏ جي انهيءَ ”پرڊٽا“ جي پيءُ ريڍار ڏي هل
.
”پالڪسنيز“ ۽ ”ڪئملو“ ٻئي ويس بدلائي انهيءَ ٻڍي
ڌنار جي گهر آيا. انهيءَ ڏينهن هنن رڍن اُنّ ڪترڻ
جي خوشي ڪئي هئي ، ۽ جيتوڻيڪ هوءَ اجنبي ماڻهو
هئا، تڏهن به هنن جو سڀ ڪنهن مهمان کي تعظيم پئي
ڏني، تنهنڪري هنن کي سڏي اندر نيائون ته هلي ٻين
سان گڏ جي خوشيءَ ۾ شامل ٿين .
اُتي خوشيءَ ۽ چرچي کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين ٿي هليو
. کائڻ جي لاءِ ميزون کڻي وڇاريون هئائون ، ۽ ڄٽڪي
مجلس ۽ مهمانيءَ جون ڏاڍيون تياريون پئي ڪيائون .
ڪي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گهرن جي اڳيان گاهه تي پئي
نچيا، ۽ ڪن جوان ماڻهن وري در تي هڪڙي گهورڙئي کان
ڦيٿون ۽ داستانا ۽ اهڙا ٻيا ٽول پئي ورتا.
هيڏانهن هي گوڙ ۽ مزو لڳو پيو هو ، هوڏانهن
”فلارزل“ ۽ ”پرڊٽا“ هڪڙي گوشي ۾ ماٺ ڪريو ويٺا هئا
. ڏسڻ ۾ پئي آيو ته سندن آسپاس جي رانديون ۽ چرچا
پئي هليا، تن ڏي هنن جو ايترو خيال ڪو نه هو ،
جيترو هنن جو هڪٻئي جي گفتگوءَ ڏي هو ، جنهن ۾ هو
ڏاڍا سرها پئي ڏٺا.
بادشاهه جو ويس اهڙو بدليل هو، جو امڪان ڪو نه هو
ته پٽس سڃاڻي سگهيس ، تنهنڪري هنن جي گفتگو ٻڌڻ
لاءِ هو رڙهي ويجهو ٿين. جنهن سادگيءَ ۽ حيا سان
”پرڊٽا“ سندس پٽ سان پئي ڳالهايو، تنهن ”پالڪسنيز“
کي حيرت ۾ وڌو. هن ”ڪئملو“ کي چيو ته ”غريباڻي گهر
جي اهڙِي حسين ڇوڪري مون ڪڏهن ڪانه ڏٺي. جيڪي به
ڪري ٿي يا چوي ٿي، سو سندس درجي کان مٿي وڌيڪ پيو
ڄاڻجي، ۽ ههڙيءَ حالت کان مٿڀرو پيو معلوم ٿئي.“
”ڪئملو“ چيو ته ”بيشڪ هيءَ کير ڏڌ وارن ماڻهن جي
راڻي آهي !“
بادشاهه ٻڍي ڌڻار کان پڇيو ته ”ادا، اهو ڪهڙو سهڻو
جوان آهي ، جو تنهنجيءَ ڌيءِ سان ويٺو ڳالهائي؟“
ڌڻار ورندي ڏني ته ”انهيءَ جو نالو ”ڊاريڪليز“ آهي
. هو چوي ٿو ته منهنجي ڌيءَ تي عاشق آهي ۽ سچي
ڳالهه به اها آهي ته ٻنهي جي هڪٻئي سان اهڙي دل
آهي ، جو چئي نه سگهبو ته ڪهڙو ڪنهن کي وڌيڪ ڀانئي
ٿو .جيڪڏهن ”ڊاريڪليز“ کي اها ٻانهن ملي، ته پوءِ
اُها وٽس ايترو مال ساڻ آڻيندي، جيترو هن خواب ۾
به نه ڏٺو هوندو.“ (يعني ”پرڊٽا“ جا جواهر ، جي هن
ٿورا خرچي ، ڌڻ وٺي ، ٻيا سندس شاديءَ جي ڏاج جي
لاءِ رکي ڇڏيا هئا ).
تنهن کان پوءِ ”پالڪسنيز“ پنهنجي پٽ سان ڳالهائڻ
لڳو . چيائينس ته ”اي جوان، تنهنجي دل ۾ ڪا اهڙِي
ڳالهه آهي جا تو کي هن خوشيءَ جي مزن ۾ شامل ٿيڻ
نه ٿي ڏئي . جڏهن آءُ جوان هوس ، تڏهن جنهن سان
عشق رکندو هوس ، تنهن کي ڏاڍيون سوکڙيون ڏيندو
هوس، پر تو هن گهورڙئي کان پنهنجيءَ معشوقه جي
لاءِ ڪو به ٽول ڪونه ورتو ، ۽ هو ائين ئي هليو ويو
!“
جوان شاهزادي کي ته اهو خيال به ڪو نه هو ته آءٌ
پنهنجي پيءُ بادشاهه سان ٿو ڳالهايان، تنهن ورندي
ڏنيس ته ”پريا مڙس، اهي خسيس شيون هن کي نٿيون
وڻن، جيڪا شي هن کي ڏيڻ جي لائق آهي ، سا منهنجيءَ
دل منجهه سانڍي پيئي آهي .“ پوءِ وري ”پرڊٽا“ ڏي
منهن ڪري چوڻ لڳو ته ”پرڊٽا، هي تنهنجي اڳيان آءٌ
ظاهر ڪريان ٿو، سو ٻڌ1.“ پوءِ ”فلارزل“ انهيءَ
اجنبي پر مرد کي چيو: ”سائين، تون شاهد هججئين ،
جو آءٌ پرڊٽا سان شادي ڪرڻ جو انجام ٿو ڪريان!“
اِتي بادشاهه ، پاڻ کي ظاهر ڪري ، هن کي چيو ته
”چئين ڇا ٿو ؟ ...آءٌ اوهان جي طلاق جو شاهد
رهندس!“ پوءِ ”پالڪسنيز“ پٽ کي تکو ڳالهائڻ ۽ طعنا
هڻڻ لڳو ته ”تون هن ڪمذات ڇوڪريءَ پرڊٽا سان شادي
ٿو ڪري!“ ٻيو ته انهيءَ ڇوڪريءَ کي اَجايو سجايو
ڳالهايائين، ۽ هن کي دڙڪو ڏنائين ته ”جي تو وري
منهنجي پٽ کي پاڻ وٽ اچڻ ڏنو آهي، ته تو کي ۽
تنهنجي پيءُ ڪُراڙي ڌنار کي جٺين سان مارائي
ڇڏيندس !“
تنهن کان پوءِ بادشاهه ته چڙ ۾ اُٿي هليو ، ۽
”ڪئملو“ کي حڪم ڏنائين ته ”فلارزل“ کي منهنجي
پويان وٺيو اچ.
جڏهن بادشاهه ويو هليو، تڏهن ”پرڊٽا“ جنهن جي
شاهاڻي طبيعت ”پالڪسنيز“ جي طعنن ڪري جاڳي، سا چوڻ
لڳي ته ”جيتوڻيڪ اسان تي آفت آئي آهي ، ته به مون
کي پرواهه ڪانهي: هڪ ٻه ڀيرا منهنجيءَ دل ۾ آيو هو
ته آءُ صاف چوانس ته ”جيڪو سج تنهنجيءَ محلات تي
ٿو چمڪي ، اُهو ساڳيو اسان جي ڀونگيءَ کان به منهن
نٿو لڪائي، ٻنهي تي هڪجهڙو نهاري ٿو !“ پوءِ ڏکاري
ٿي چوڻ لڳي ته ”هاڻ آءٌ خواب مان جاڳي آهيان ، وري
انهيءَ جي پچار ڪانه ڪنديس : وڃي پنهنجون رڍون
ڏهان ۽ روئان!“
مهربان ”ڪئملو“ جي دل تي ”پرڊٽا“ جي همت ۽ هلت چلت
نهايت گهڻو اثر ڪيو، سهي به ڪيائين ته جوان
شاهزادو هن جي محبت ۾ اهڙو ڦاٿل آهي جو پيءُ جي
حڪم پٺيان هن جي دعويٰ ڇڏي نه ڏيندو، تنهنڪري هن
ڀانيوته اهڙو رستو وٺان ، جنهنڪري هنن ٻنهي کي
فائدو پهچي ، ۽ جيڪا تجويز گهڻن ڏينهن کان دل ۾
اَٿم اُها به پوري ٿئي .
”ڪئملو“ کي گهڻن ڏينهن کان خبر هئي ته ”ليانٽيز“
سسليءَ جو بادشاهه سچي پچي پيشمان ٿيو آهي، ۽
جيتوڻيڪ ”ڪئملو“ هينئر ”پالڪسنيز“ بادشاهه جو خير
خواهه هو ، ۽ هو به مٿس گهڻو مهربان هو ، تڏهن به
هن کي پنهنجي وطن وري ڏسڻ ۽ پنهنجي اڳوڻي ڌڻيءَ
سان وري ملاقات ڪرڻ جي گهڻي حب هئي ، تنهنڪري هن
”فلارزل“ ۽ ”پرڊٽا“ سان صلاح ڪئي ته ”اوهين مون
سان گڏجي سسليءَ ڏي هلو ، اُتي منهنجو ذمو آهي ته
ليانٽيز بادشاهه اسان جي حمايت ڪندو ـ پوءِ نيٺ
سندس معرفت پالڪسنيز جي معافي به حاصل ڪنداسين ، ۽
اوهان جي شاديءَ جي منظوري به وٺنداسين .“
اِها رٿ هنن خوشيءَ سان قبول ڪئي . ”ڪئملو“ جنهن
اُتان ڀڄي نڪرڻ جي سڀ تياري پاڻ تي کنئي ، تنهن
انهيءَ ٻڍي ڌڻار کي به ڇڏيو ته ڀلي ساڻن گڏيو هلي.
ڌڻار ”پرڊٽا“ ”پرڊٽا“ جا باقي رهيل زيور توڙي سندس
ٻاراڻا ڪپڙا ۽ اهو ڪاغذ، جيڪو ٽاچنيءَ سان چادر تي
لڳو پيو هو ، سڀ پاڻ سان کنيا.
سمنڊ جو سڻائو سفر ڪري، ”فلارزل“ ۽ ”پرڊٽا“ ۽
”ڪئملو“ ۽ ڪراڙو ريڍار سڀ صحيح سلامت اچي
”ليانٽيز“ جي درٻار ۾ نڪتا . ”ليانٽيز“ ، جنهن کي
اڃا تائين پنهنجي ”هرميونيءَ“ جي مرڻ ۽ پنهنجي ٻار
جي گم ٿيڻ جو دل ۾ درد هو ، سو ”ڪئملو“ سان ڏاڍيءَ
مهربانيءَ مان گڏيو ، ۽ شاهزادي ”فلارزل“ جي به
گهڻي اَڌر ڀاءُ ڪيائين. ”پرڊٽا“ ، جنهن جي نالي
”فلارزل“ چيو ته منهنجي زال آهي ، تنهن ڏي
”ليانٽيز“ جو سارو ڌيان ڇڪجي بيٺو . هن جا مهانڊا
راڻيءَ ”هرميونيءَ“ سان ٿي لڳا ، سي ڏسي هن کي
نئون سنئون ڏک ٿيڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو ته ”جيڪڏهن آءُ
پنهنجي ڌيءَ کي اهڙي ظلم سان ناس نه ڪري ڇڏيان ها،
ته جيڪر اها به اڄ ههڙي خوبصورت جوان زال هجي ها
!“ ”فلارزل“ کي چيائين ته ”وري تنهنجي بهادر پيءُ
جي دوستي ۽ سنگت به هٿان ويم ، ۽ هاڻي پنهنجيءَ
جان کان به وڌ اها خواهش اٿم ته هن کي هڪڙو ڀيرو
وري ڏسان !“
جڏهن ڪراڙي ريڍار ٻڌو ته ”پرڊٽا“ بادشاهه کي وڻي
آهي ، ۽ ٻيو ته هن پنهنجي هڪڙيءَ ڌيءَ ننڍي هوندي
گم ڪئي هئي ، تڏهن ياد ڪرڻ لڳو ته ڪڏهن مون
”پرڊٽا“ کي لڌو ، ڪيئن برپٽ ۾ پئي هئي ، ۽ ساڻس
زيور ۽ جواهر هئا ، جي سندس شاهي نسل جون نشانيون
هيون : انهيءَ طرح خيال ڪرڻ سان هن کي پڪ ٿي ته
”پرڊٽا“ ۽ بادشاهه جي گم ٿيل نياڻي ساڳي هڪڙي آهي
.
”فلارزل“ ۽ ”پرڊٽا“ ڪئملو ۽ ايماندار ”پالينا“ سڀ
حاضر ويٺا هئا ، جو هن ٻڍڙي ڌڻار بادشاهه کي ڳالهه
ڪري ٻڌائي ته ڪيئن هن ٻار جهنگ مان لڌو هو ، ۽
ڪهڙيءَ طرح سندس ڏسندي هڪڙِي رڇ ”آنٽگونس“ کي ماري
وڌو هو ، هن اُها قيمتي چادر نه ڪڍي ظاهر ڪئي جا
”پالينا“ سڃاتي ته برابر ”هرميونيءَ“ انهيءَ ۾ ٻار
ويڙهي ڏنو هو ، هن هڪڙو جواهر به ڪڍي ڏيکاريو، جو
پڻ ”پالينا“ کي دل سان لڳو ته ”هرميونيءَ“ ٻار جي
ڳچيءَ ۾ ٻڌو هو ، ۽ هن اُهو ڪاغذ به پيش ڪيو ، جو
ڏسي ، ”پالينا“ چيو ته ”هي اکر برابر
منهنجي مڙس جا لکيل آهن .“ هاڻي ته اِنهيءَ ڳالهه ۾ ڪابه شڪ جي
جاءِ نه هئي ته ”پرڊٽا“ ”ليانٽيز“ اها گم ٿيل ڌيءَ
آهي . پر ، ”پالينا“ جي دل ۾ مڙس جي مرڻ جو ٻڌي ڏک
به ٿيو، ۽ فال جي حڪم موجب، جو بادشاهه کي ويل
ڌيءَ لڀڻ ڪري وارث جي اُميد ٿي، تنهن جي خوشي به
ٿي. جڏهن ”ليانٽيز“ ٻڌو تھ ”پرڊٽا“ منهنجي ڌيءَ
آهي ، تڏهن اهو ڏک ٿيس تھ پنهنجي ٻار ڏسڻ لاءِ
”هرميوني“ جيئري ناهي . اهڙو ڏک ٿيس، جو ڳچ تائين
تھ ٻيو ڪي ڪين ڪڇيائين، رڳو هن کي پئي چيائين تھ
”افسوس، تنهنجي ماءُ . . . تنهنجي ماءُ!“ |