سيڪشن: ادب

ڪتاب: دلپسند قصا

باب:

صفحو:13 

چورن کي جو هي شهزادو چنبي ۾ آيو، تن هن سان ڏاڍي نرمءَ جي هات ڪئي، ۽ خبر هين ته هي شهزادو آهي، جيڪا ڀلائي هينئر اسين هن سان ڪنداسين، تنهن جي بدلي هو بادشاهه وٽ اسان جي چڱي سفارش ڪندو، تنهن ڪري هن ’’هئمليٽ‘‘ کي ڊينمارڪ جي ڪنهن ويجهي بندر تي آڻي لاٿو. اتان ’’هئمليٽ‘‘ بادشاهه ڏي لکيو ته هن طرح اتفاق سان آءٌ وري اچي پنهنجي ملڪ مان نڪتو آهيان، ۽ سڀاڻي اچي خدمت ۾ حاضر ٿينديس. جڏهن هو موٽي گهر آيو، تڏهن پهريندي هن کي هڪڙي درد واري واردات ڏسڻ ۾ آئي؛ ڏسي ته انهيءَ جوان ۽ خوبصورت ’’آفيليا‘‘ جو جنازو کنيو اچن، جنهن تي ڪن ڏينهن هي حيران هوندو هو. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ هن ويچاري جو حال خراب ٿيڻ لڳو. جنهن شهزادي سان هن جو پيار هو، تنهن جي هٿان پڻس جو قتل ٿيڻ. انهيءَ ڳالهه هن جوان بيبيءَ تي اهڙو اثر ڪيو، جو هو ٿوري ئي عرصي ۾ ديواني ٿي پيئ ۽ گل کنيو اتي جي زالن کي ڏيندي وتندي هئي ته ”اِهي بابي جي قبر جي لاءِ آهن“؛ عشق ۽ موت جي بابت راڳ ڳائيندي وتندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن بي معنى ڳالهيون ڪندي هئي، ڄڻ ته کيس خبر ئي ڪانه هجي ته منهنجو ڪهڙو حال ٿيو آهي. هڪڙي نديءَ تي هڪڙو وڻ لڙڪيو بيٺو هوندو هو، جنهن جي پنن جو پاڇولو پاڻي ۾ پئي پيو. هڪڙي ڏينهن اتفاقي سان هوءَ پنهنجي منهن اچي اُتي نڪتي، ۽ جيڪي گلن جا هار ٺاهيا هئائين، سي به هٿ ۾ هئس، جن ۾ گل ۽ گاهه به گڏيل هئا، جڏهن وڻ وٽ آئي، تڏهن ڀانيائين ته اهي هار چڙهي وڃي ٽارين ۾ لڙڪايان، ته اوچتو جنهن ٽاريءَ کي ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي سا ڀڄي پئي، ۽ هيءُ وڃي گلن سڌو پاڻيءَ ۾ پيئي. ٿوري وقت تائين، ڪپڙن جي آڌار تي پاڻي جي مٿان رهيءَ تيستائين، بيهوش وانگي يا پاڻيءَ جي جانورن وانگي، مزي مزي جا جهونا راڳ پئي ڳايائين، پر جڏهن ڪپڙا ڀڄي ڳرا ٿيا، تڏهن مٺيون ٻوليون ڪندي پاڻيءَ ۾ ٻڏي مري ويئي.

هن حسين بيبيءَ جي ماتم جون رسمون سندس ڀاءُ ’لئيرٽيز‘ پئي ڪيون، ۽ بادشاهه ۽ راڻي ۽ ساري درٻار حارضر هئي، ته ”هئمليٽ“ اچي اتي نڪتو. هو سهي نه ڪري سگهيو نه هي ڇاٿا ڪن، پر پاسو وٺي بيهه رهيو ته هنن کي روڪ نه ٿئيهن قبر تي گل پکڙيل ڏٺا، جي راڻي پاڻ اتي اڇلائي وڌا، ۽ اڇليندي چيائين ته ”جهڙي تون مٺي هنئين، اهڙا هي مٺا ۽ سرها گل تو تي ٿي وجهان. مون کي اميد هئي ته تنهنجي پرڻي جي سيج سنواريان، ۽ نه هئين تنهنجي قبر سينگاريان.. مون کي اُميد هئي ته تون منهنجي هئمليٽ جي زال ٿيندين!“ هن هيئن به ڏٺو ته ڀاڻس ڏاڍي ڏک منجهان چرين وانگي اندر ٿي پيو،

۽ ماڻهن کي چوڻ لڳو ته ”مون کي پنهنجي ڀيڻ سان گڏ پوري ڇڏيو!“ هي حال ڏسي ’’هئمليٽ‘‘ کي جيڪا محبت هن ويچاريءَ سان هئس سا موٽي آئي، ۽ هو دل جهلي نه سگهيو ته ڀاءُ هيتري قدر ڏک ڏيکاري؛ ڇا لاءِ جي ڄاتائين ته مون ’’افيليا‘‘ چاليهن هزارن ڀائرن کان وڌيڪ ڀانيو. تڏهن، پاڻ کي ظاهر ڪري، هو به قبر ۾ گهري پيوجتي ”لئيرٽيز“ بيٺو هو ۽ هن کان به زيادهه ديوانگيءَ جي حالت ٿي ويس. جڏهن ’لئيرٽيز‘ سڄاتو ته هي ”هئمليٽ“ آهي، جو منهنجي ڀيڻ جي مرڻ جو سبب آهي، تڏهن هن کي دشمن وانگي ڳچيءَ مان کڻي جهليائين. جيسين ڪي ماڻهو اچن ، هنن کي جدا ڪيو. لاش دفن ڪرڻ کان پوءِ ”هئمليٽ“ پشيمان ٿيو ته ناحق مون تڪڙ ڪري پاڻ قبر ۾ اُڇلايو، جنهنڪري ”لئيرٽيز“ کي چڙ لڳي، پر هن چيو ته ”منهنجي دل اِها شاهدي نه ڏئي ته آفيليا جي لاءِ ٻئي ڪنهن کي مون کان وڌيڪ ڏک ٿئي!“ في الحال ته هي ٻئي جوان پاڻ ۾ پرچي ٺهي ويا.

پر، ”ليئرٽيز“ کي جو پيءُ ۽ ڀيڻ جي موت ڪري ڏک ۽ غصو ٿيو ، تنهن جي مد نظر تي بادشاهه، ”هئمليٽ“ جي چاچي ، ”هئمليٽ“ کي چٽ ڪرڻ جي رٿ ڪئي. هن صلح ۽ پرچاءَ جي بهاني ”ليئرٽيز“ کي سمجهايو ته ”هئمليٽ“ کي ساڻس پلٿي ڪرڻ لاءِ ڇڪي ـ جهڙيءَ طرح دوست پاڻ ۾ ورزش ڪندا آهن. ”هئمليٽ“ قبول ڪيو ، ۽ انهيءَ تماشي ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيائون.

انهيءَ تماشي تي ساري درٻار حاضر هئي . ”ليئرٽيز“ ، بادشاهه جي چئي پٺيان، هڪڙو زهر لڳل هٿيار پٺيان سنبرايو. هن جوڙيءَ تي درٻار جي اميرن وڏيون وڏيون شرطون رکيون، ڇالاءِ جو ”هئمليٽ“ توڙي ”ليئرٽيز“ ٻئي ترار جي راند ۾ مشهور پلٿيبار هئا. ”هئمليٽ“ هٿيارن مان چونڊي هڪڙو کنيو، ”ليئرٽيز“ جي دغابازيءَ جي خبر ڪانه هيس، نڪو اهڙو شڪ پيس، جنهنڪري هو ”ليئرٽيز“ جو هٿيار چڪاسي ڏسي ها، جنهن پلٿي وري مُڏي هٿيار جي بدران هڪڙو تکو چنهب وارو ۽ زهر لڳل هٿيار کنيو هو . پهريائين ته ”ليئرٽيز“، ”هئمليٽ“ سان چرچن مان پئي کيڏيو، ۽ هن کي فائدي وٺڻ جو وجهه پئي ڏنائين، جنهن جي انهيءَ بي ايمان ڍونگي بادشاهه ڏاڍي تعريف پئي ڪئي، هو ”هئمليٽ“ جي  فتح جا پيالا پيئڻ لڳو ۽ راند جي نتيجي تي ڳريون شرطون رکڻ لڳو. پر، ٿورن ڌڪن کان پوءِ ”ليئرٽيز“ گرم ٿي پنهنجو چنهبارو هٿيار ”هئمليٽ“ ۾ لنگهائي ڏنو، هن کي ڦٽي وڌائين. ”هئمليٽ“ کي چڙ آئي، مگر اڃا دغابازيءَ جو سماءُ ڪونه پيس. پلٿي ڪندي جهڙو ڌڪ ”ليئرٽيز“ زهري هٿيار سان هيو هوس، اُهڙو هن به هنيس، مگر ويڙهه ۾ پنهنجي مڏي هٿيار جي بدران هن جو زهري هٿيار هٿ ۾ اچي ويس، ۽ اها ”ليئرٽيز“ جي ترار خود ”ليئرٽيز“ ۾ لنگهائي ڏنائين، جو هاڻي ٻئي جي لاءِ کوٽيل کڏ ۾ پاڻ پيو.

اِتي راڻيءَ دانهن ڪري چيو ته ”آءٌ زهر سان ميس !“بادشاهه هڪڙو زهر جو پيالو تيار ڪرائي رکيو هو، ته ”هئمليٽ“ پلٿو ڪري ٿڪجي پاڻي گهري ته ڏجيس، سو ڀُل ۾ راڻي پي ويٺي. بادشاهه راڻيءَ کي اڳي چتائي نه ڇڏيو هو ته هن پيالي جي سنڀال رکج، تنهنڪري ماٺ ماٺ ڪري هوءَ پي ويئي، ۽ اُتي جو اُتي مري پيئي، ۽ پڇاڙيءَ جي وائي اها هيس ته ”مون کي ڪنهن زهر ڏيئي ماريو ...!“

”هئمليٽ“ کي اتي دغابازيءَ جو شڪ پيو، تنهن ماڻهن کي چيو ته دروازا بند ڪريو، ۽ پاڻ ان جي تپاس ڪرڻ لڳو. ”ليئرٽيز“ چيس ته ”وڌيڪ مٿو نه هڻ، اها دغابازي منهنجي آهي !“ ۽ جڏهن ڏٺائين ته ”هئمليٽ“ جي ڪيل ڦٽ جي وگهي آءٌ اجهو ٿو مران، تڏهن جيڪا دغا ڪئي هئائين سا باسيائين، جا هيئن کيس وري آڏو آئي هئي. هن ”هئمليٽ“ کي ٻڌايو ته ”انهيءَ ترار جي چنهب ۾ زهر لڳل هو، سو تون اڌ ڪلاڪ تائين به جيئرو رهي نه سگهندين، ڇا لاءِ جو ڪا به دوا تو کي ڇٽائي نه سگهندي .“ پوءِ هن کان گناهه بخشائي دم ڏنائين، پڇاڙيءَ ۾ چوندو ويو ته ”انهيءَ حرڪت جو باني بادشاهه هو!“

جڏهن ”هئمليٽ“ ڏٺو ته آءٌ اجهو ڪ اجهو ٿو مران، ۽ اڃا ترار کي ٿورو زهر لڳو به پيو آهي، تڏهن هو اوچتو پنهنجي بي ايمان چاچي تي ڪاهي آيو، ۽ اها چنهب هانوَ جي جاءِ تي لنگهائي ڏنائينس. انهيءَ طرح، پنهنجي پيءُ جي روح سان جو انجام ڪيو هئائين سو پورو ڪيائين، جنهن جي حڪم جي هاڻي تعميل ٿي،۽ خونيءَ کان وير ورتو ويو. تنهن کان پوءِ ”هئمليٽ“ پنهنجا پساهه پورا ٿيندا ڏسي پنهنجي پياري دوست ”هوريشيو“ ڏي منهن ڪيو، جنهن هي خوفناڪ واردات بيٺي ڏٺي ، ۽ مرڻ مهل هن کي چيائين ته ”تون پوئتي جيئرو رهج ، ۽ ماڻهن کي منهنجو قصو ڪري ٻڌائج .“هن ائين جو چيو سو هن جي لاءِ جو هن جي ڏسندي ”هوريشيو“ ڪوشش ٿي ڪئي ته پاڻ کي ماري شاهزادي سان گڏيو وڃي، پر هاڻي هن انجام ڪيو ته ”جنهن ڳالهه جي مون کي سر بسر خبر آهي، سا ساري آءٌ بيان ڪري جهان کي ٻڌائيندس“.

انهيءَ طرح ”هئمليٽ“ پنهنجو مطلب پورو ڪري مُئو، ۽ ”هوريشيو“ ۽ ٻين ماڻهن ڳوڙها ڳاڙهي پنهنجي پياري شاهزادي جي روح کي ملائڪن جي سنڀال هيٺ سونپيو ـ ڇالاءِ جو ”هئمليٽ“ ڏاڍو محبت وارو ۽ نيڪ صالح طبع شاهزادو هوندو هو، ۽ ڪيترن ئي شاهاڻن گُڻن ۽ لياقتن ڪري هردلعزيز هو ، ۽ جيڪڏهن حياتي بقاءُ ڪريس ها ، ته انهيءَ ۾ شڪ ڪونه هو ته ڊينمارڪ جو تمام حشمت ۽ سياڻپ وارو بادشاهه ٿئي ها.

 

مئڪبيٿ

 

جن ڏينهن ۾ ”ڊَنڪَن“ اسڪاٽلنڊ جو بادشاهه هوندو هو، اُنهن ڏينهن ۾ ”مئڪبيٿ“ نالي هڪڙو امير سندس راڄ ۾ رهندو هو. اُهو بادشاهه جو ويجهو عزيز هو ، ۽ بهادريءَ ۽ جنگبازيءَ ڪري درٻار ۾ گهڻو مان ملندو هوس. اڃا تازو هڪڙي فسادي لشڪر کي ماري مڃايو هئائين، جنهن کي ناروي جي لشڪر جي مدد هئي. انهيءَ وڏي لڙائيءَ ۾ فتحمند ٿي، اسڪاٽلينڊ جا ٻه سپهه سالار ”مئڪبيٿ“ ۽ ”بانڪُئو“ موٽي ٿي آيا، ۽ سندس رستو هڪڙي سـُڃي ميدان مان هو ـ اوچتو هڪڙي هنڌ تي عجيب شڪليون ڏسي هي بيهي رهيا. اُهي ڏسڻ ۾ زالن وانگر هيون، مگر ڏاڙهي هين، سـُڪي سڙي کل هين ۽ هڪڙي آور طرح جي پوشاڪ هين، جنهن مان معلوم ٿي ٿيو ته هو زمين جي رهڻ وارن مان نه هيون. پهريندي ”مئڪبيٿ“ ساڻن ڳالهايو، پر انهيءَ تي هنن کي شايد چڙ لڳي، جو سڀڪنهن پنهنجي سنهڙي آڱر پنهنجن سـُڪلن چپن تي رکي، ۽ هن بس ڪرڻ جو اشارو ڏنائون. هنن مان پهرينءَ ”مئڪبيٿ“ کي چيو ته ”ڀلي آئين، ”گِلامِس جا امير !“ ”مئڪبيٿ“  حيرت ۾ پئي چيو ته هنن مون کي ڪهڙيءَ طرح سڃاتو، پر وڌيڪ حيرت ته تڏهن لڳيس ، جڏهن ٻيءَ چيس ته ”ڀلي آئين ”“ڪاڊر جا امير“ڇا لاءِ جو انهيءَ لقب سان هن پنهنجو ڪو واسطو نه ڄاتو . وري ٽيءَ چيس ته ”ڀلي آئين، جو هن کا پوءِ بادشاهه ٿيندين !“جنهن ماڻهوءَ کي پڪ هئي ته بادشاهه جي پٽن ويٺي مون کي تخت تي ويهڻ جي اُميد ڪانهي، تنهن کي ههڙا ڪرامتي ڪلام ٻڌي ڪيئن نه عجيب لڳو هوندو! وري ”بانڪئو“ڏي منهن ڪري، هنن پروليءَ طرح چيو ته ”مئڪبيٿ“ کان ننڍو، پر وڏو، اهڙو نصيب وارو نه، پر وڌيڪ نصيب وارو!“ ۽ هئن به چيائونس ته ”جيتوڻيڪ تون ڪڏهن راڄ نه ڪندين، مگر تنهنجا پٽ توکان پوءِ اسڪاٽلينڊ ۾ بادشاهي ڪندا.“ ائين چئي ، پوءِ هو هوا ۾ گم ٿي ويون. انهيءَ مان هنن سپهه سالارن سهي ڪيو ته هي ڏائڻيون هيون.

هو اڃا اِنهيءَ عجيب واقعي تي حيران بيٺا هئا، ته بادشاهه جا قاصد اچي پهتا، جن حڪم موجب ”مئڪبيٿ“ کي ڪاڊر جي اميريءَ جو درجو ڏنو. اها ڳالهه جو ڏائڻن جي اڳي چيل ڳالهه سان ملي آئي، تنهنڪري ”مئڪبيٿ“ کي ڏاڍو عجب لڳو. هو حيرت ۾ ويڙهجي ماٺ ڪري بيهي رهيو ، ۽ قاصدن کي ورندي ڏيڻ جي طاقت نه ٿيس. اُنهيءَ مهل وري دل ۾ خوشي ۽ اُميد جاڳيس ته ٽيءَ ڏائڻ جي ڳالهه به اِنهيءَ وانگي پوري ٿئي ته ڪهڙو عجب، جو آءٌ هڪڙي ڏينهن اسڪاٽلينڊ ۾ بادشاهه ٿي راڄ ڪريان ! بانڪئو ڏي منهن ڪري هن چيو ته ”جيڪي ڏائڻن مون کي چيو هو سو هن طرح پورو ٿيو، هاڻي توکي اُميد آهي يا نه ته تنهنجا ٻار بادشاهه ٿيندا ؟“هن جواب ڏنو ته انهيءَ اُميد ڪري وري توکي تخت هٿ ڪرڻ جي طمع جاڳندي پر اڪثر اهي ڏائڻيوننڍين ننڍين ڳالهين بابت سچ چئي ، ريبي ريبي،ا سان کان وڏا ڪم ڪرائينديون آهن .“ پر ڏائڻن جي ڳالهه ”مئڪبيٿ“ جي دل ۾ اهڙي ڄمي ويئي هئي ، جو هن بانڪئو جي تاڪيد ڏي گهڻو خيال نه ڪيو. اُنهيءَ وقت کان وٺي هو اچي اُنهيءَ ڳڻتيءَ ۾ پيو ته اسڪاٽلينڊ جو ڇَٽُ ڪيئن هٿ آڻيان.

جڏهن ”مئڪبيٿ“ گهر آيو، تڏهن هن پنهنجي زال سان ڳالهه ڪئي ته ڏائڻن هي هي ڪلام ڪيا، ۽ منجهانئن هي پورو به ٿيو. هوءَ تمام لالچڻ زال هئي: هن ڀانيو ته آءٌ ۽ منهنجو مڙس وڏي اقبال کي رسون ، پوءِ ڪهڙي به حيلي سان. هن ”مئڪبيٿ“ کي چوريو ته جيسين بادشاهه کي نه ماريو، تيسين ڏائڻن جي قول پوري ٿيڻ جو امڪان ڪونهي، پر هن اشراف کي اهڙي خوني ڪم ڪرڻ تي بلڪل دل نٿي بيٺي.

انهيءَ وقت ڌاري، اتفاق ائين ٿيو جو بادشاهه پنهنجن ٻنهي پٽن، ”مالڪوم“ ۽ ”ڊونَلبين“، ۽ ٻين اميرن اُمرائن سوڌو ”مئڪبيٿ“ جي گهر آيو، انهيءَ لاءِ ته هو جو تازو جنگيون کٽي آيو هو، تنهن کي مان ڏئي، جيئن اڪثر بادشاهه مهرباني ڪري پنهنجن اميرن جي عزت وڌائڻ لاءِ ڪندا آهن. ”مئڪبيٿ“ جو قلعو ڏاڍي مزي جهڙيءَ جاءِ تي هو، ۽ اُتي هوا ڏاڍي چڱي ۽ فرحت ڏيندڙ هئي، جو عمارتن جي پُشتن کان ۽ ڇٻهرن هيٺيان ابابيل ۽ ٻيا اهڙاپکي آکيرا ٺاهي ويٺا هئاـ ڇالاءِ جو جتي اِهي پکي گهڻو رهندا آهن ۽ ٻچا ڪندا آهن، اُتي جي هوا تمام چڱي ۽ لطيف نظر ايندي آهي . بادشاهه اچڻ سان ڏاڍو خوش ٿيو جو هڪڙو ته جاءِ گهڻو پسند آئيس، ۽ ٻيو ته ”مئڪبيٿ“ جي بيبيءَ حد کان وڌيڪ آڌرڀاءَ ڏنيس، جنهن کي اندرجي ٺڳي ٻاهر جي خوشامد ۾ لڪائڻ جو چڱو هنر ياد هو ، هوءَ ظاهري ته گُل وانگي پئي ڏٺي، مگر حقيقت ڪري گل جي هيٺيان نانگ وانگي لڪل هئي. بادشاهه سواري ڪري ٿڪجي پيو هو، سو سوير ئي وڃي سمهي پيو، ۽ سندس ڀر ۾ دستور موافق ٻه نوڪر به سمهي رهيا. سمهڻ کان اڳي هو مليل آڌرڀاءَ ڪري ڏاڍو راضي ٿيو هو، ۽ پنهنجي مُک عملدارن کي انعام اڪرام به ڏنا هئائين، ”مئڪبيٿ“ جي بيبيءَ کي به هڪڙو قيمتي هيرو ڏياري موڪليائين.

اڌ رات اچي ٿي ـ جڏهن اڌو گابرو جهان مُئن وانگي ڏسبو آهي، سُتل ماڻهن جي دلين ۾ خراب خواب اُٿندا آهن، ۽ بگهڙن ۽ خوني ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪو نه نڪرندو آهي . اُنهيءَ مهل ”مئڪبيٿ“ جي زال جاڳي ، ۽ بادشاهه جي مارڻ لاءِ منصوبو ڪرڻ لڳي. زال ماڻهو ٿي پاڻ اهڙي خوفناڪ ڪم ۾ هٿ نه وجهي ها، پر هن کي پنهنجي مڙس جي سڀاءُ جي خبر هئي ته اهڙو نرم۽ رحمي آهي جو خون جهڙو ڪم ڪري نه سگهندو. اها خبر هيس ته طمع وارو آهي، مگر شڪي ۽ ڳڻتي خور آهي، ۽ جا طمع اهڙن وڏن ڏوهن ڪرڻ لاءِپڇاڙيءَ ۾ ٿئي ٿي سا ڪانه اٿس. هن کي اهڙي ڪم جي هام ڀرائي هئائين، پر  اڃا به سندس دل جي همت ۾ شڪ هوس ، ۽ اهو ڊپ هوس ته متان نرم سڀاءَ ۽ زناني طبيعت جي ڪري ڪم جي پورائي نه ڪري ۽ اهو وجهه هٿان وڃي تنهنڪري، پنهنجي هٿن سان خنجر کڻي بادشاهه جي بستر وٽ آئي. بادشاهه جي ٻن نوڪرن کي اڳي ئي ايترو شراب پياري ڇڏيو هئائين جو اهي نشي ۾ اونڌا ٿيا ستا پيا هئا، ۽ بادشاهه جو سماءُ به ڪونه هون . اُتي ڊنڪن  به مسافري ڪري ٿڪجي ٽٽجي گهري ننڊ ۾ پيو هو ، اُنهي کي جو چتائي ڏٺائين ته هن جا مهانڊا پنهنجي پيءُ جي مهانڊن جهڙا ڏٺائين، تنهنڪري اڳتي هلڻ جي همت نه ٿيس.

هوءَ موٽي اچي مڙس سان صلاح ڪرڻ لڳي . هن جي ته اڳي ئي دل لڏي ويئي هئي. هن خيال ڪري ڏٺو ته اهڙي ڪم جي برخلاف گهڻائي مظبوط دليل آهن: پهريائين ته ڄاتائين ته آءٌ روڳو رعيتي ماڻهو ناهيان ، پر بادشاهه جو ويجهو عزيز آهيان، ۽ هو اڄ منهنجو مهمان آهي، ۽ آءٌ مهماندار آهيان، تنهنڪري مون تي پاڻ حق ائين آهي ته هن کي ٻين خونن کان به بچايان، نه پاڻ خنجر کڻي خوني ٿي بيهان: پوءِ وري ويچار ڪيائين ته ڊنڪن ڪهڙو نه رحم ۽ انصاف وارو بادشاهه آهي ، پنهنجيءَ رعيت تي ڪيترو نه مهربان آهي ، ۽ پنهنجن اميرن سان، خاص مون سان، ڪيتريون نه ڀلايون ڪيون اٿس، سو اهڙا چڱا بادشاهه خدا تعاليٰ جي اجهي هيٺ آهي، ۽ سندن رعيت تي ٻيڻو حق آهي ته اُنهن جي مارڻ وارن دشمنن کان وير وٺن .تنهن کان سواءِ ، سڀني قسم جي ماڻهن جي نظر ۾ ”مئڪبيٿ“ وڏي درجي وارو هو، سو ڀلا ڪهڙي طرح سان ههڙو ڪنو خون ڪري پنهنجي آبروءَ کي داغ لڳائي.

”مئڪبيٿ“  انهن ڳڻتين ۾ ويٺو هو جو سندس زال وٽس آئي، ۽ ڏٺائين ته هن جو خيال چڱي پاسي آهي، ۽ اڳتي هلڻ جو هن ۾ حال ڪونهي. پر هوءَ اهڙي زال نه هئي جو آسانيءَ سان پنهنجي خراب رٿ تان مڙي سگهي، تنهن هن کي اهڙون ٻوليون ٻڌايون ۽ اهڙيون حجتون ڏنيون ته اهو ڪم ڇڏجي، نه جو هن جي دل ۾ سندس دل جي همت جو ڀاڱو، گهڙي ويو. سمجهايائينس ته ”اهو ڪم ڪهڙو نه آسان آهي ، ۽ ڪهڙو نه جلد ڪري سگهبو، ۽ ڪهڙي طرح نه هن هڪڙيءَ رات جي ڪم ڪري اسان جا سڀ ڏينهن ۽ راتيون بادشاهي حڪم ۽ وڏائيءَ ۾ گذرندا؟“ پوءِ وري هن جي ارادي ڦيرائڻ جي نسبت ۾ مٿس کِلون ڪرڻ لڳي ، ۽ کيس چلو لائي ءَ ۽ نامرديءَ جي تهمت ڏنائين ، ۽ چيائين ته ”مون ٻار کي بُبو پياريو آهي، تنهنڪري مون کي خبر آهي ته اُنهيءَ سان ڪيتري محبت رهندي آهي، انهيءَ هوندي به جيڪڏهن مون تو وانگي هن جي مارڻ جو قسم کنيو هجي ، ته ضرور هن کي کلندو ڏسي ته پنهنجي ڇاتيءَ تان کڻي اڇلائي سندس مغز ڪڍي رکان ها !“ هيئن به ڏيکاريائينس ته ”انهيءَ ڪم ڪرڻ کان پوءِ جيڪي ٻه شرابي نوڪر اتي ستا پيا آهن ، تن تي ڏوهه رکڻ ڪهڙو نه سولو ۽ ممڪن آهي .“ انهيءَ طرح وات جي جُٺين ڪرڻ سان هن زال مئڪبيٿ کي وري به همٿايو ، جنهن هاڻ وري به اُٿي انهيءَ خراب ڪم تي ڪمر ٻڌي .“

هن هيئن ڪيو جو خنجر هٿ ۾ کڻي ، اونڌاهيءَ  منجهه هلي اُنهيءَ جاءِ ۾ آيو، جتي ڊنڪن ستو پيو هو. گهڙڻ سان هن کي ٻيو هڪڙو خنجر هوا ۾ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جو ڳن ڏانهس هو، ۽ جنهن جي ڦر ۽ چنهب تي رت جا ڦڙا لڳا پيا هئا ، پر جڏهن هن انهيءَ ۾ هٿ وجهڻ جي ڪئي ، تڏهن سهي ڪيائين ته اهو رڳو هوائي ۽ خيالي خنجر آهي ، جو منهنجي گرم مغز ۽ رٿيل ڪم جي ڪري پيدا ٿيو آهي . اهو ڊپ لاهي، دل جهلي ، هو بادشاهه واري ڪمري ۾ آيو ، ۽ هن کي هڪڙي ئي ڌڪ سان پورو ڪري ڇڏيائين. اُنهيءَ دم ستل نوڪرن مان هڪڙي ننڊ ۾ ٽهڪ ڏنو ، ۽ ٻئي دانهن ڪئي ته ”خون ڙي، خون...!“ انهي تي ٻئي جاڳي پيا، پر هـُنن دعا پڙهي، ۽ هڪڙي چيو ته ”يا خدا خير ڪجئين“، ۽ ٻي چيو ته ”آمين!“ ائين چئي، هو وري منهن ويڙهي سمهي پيا. مئڪبيٿ، جنهن اونڌاهيءَ ۾ لڪي ويٺي سندس ڳالهائڻ ٻڌو ، تنهن هڪڙي کي خير جي دعا گهرندي ٻُڌي ”آمين“ چوڻ جي ڪوشش ڪئي جو کيس هينئر خير جي دعا جي گهڻي گهرج هئي، پر ڪنهن طرح اهو لفظ سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو، ۽ هوءَ ”آمين“ چئي نه سگهيو. وري هن هڪڙو آواز ٻڌو ، جنهن چيو ته ”وڌيڪ ننڊ نه ڪر، مئڪبيٿ ويچاري ننڊ کي ماري وڌو آهي ، جنهن تي ساري جهان جو جياپو آهي!“ وري ٻيو آواز آيو ته ”گلامس“ ننڊ کي ڪُهي وڌو آهي، تنهنڪري ”ڪاڊر“ کي وري ننڊ نه ايندي ... مئڪبيٿ کي وري ننڊ نه ايندي!“

اهڙن خوفناڪ خيالن سان مئڪبيٿ موٽي زال وٽ آيو، جا ڏاهنس ڌيان لايو بيٺي هئي. هن ڀانيو ته هن مان ڪي ڪين ٿيو ، ڪم لاهڻ کان سواءِ ڀڄي آيو آهي. هو اهڙي چرئي حال ۾ موٽي آيو جو جوڻس طعنا هنيا ته ”اهڙو ڊڄڻو ۽ زنانو ڇو ٿيو آهين“، ۽ چيائينس ته ”وڃي رت ڀريل هٿ ڌوئي اچ !“ پوءِ پاڻ هن کان خنجر  ورتائين، انهيءَ لاءِ ته هنن نوڪرن جي ڳلن کي وڃي رت لائي ، جو وسهڻ ۾ اچي ته اهو خون هنن ڪيو آهي .

خون جهڙي ڳالهه لڪڻ جي نه هئي، صبح ٿيڻ سان هلجي وئي. جيتوڻيڪ مئڪبيٿ ۽ سندس زال ظاهري ڍونگ ڪري گهڻو ئي ڏک ڪيو، ۽ خنجر نوڪرن وٽان لڌو ۽ هنن جو منهن رت سان ڀريل هو ، تنهنڪري جيتوڻيڪ ظاهري ڪري ثابتي هنن جي برخلاف هئي ، تڏهن به سڀني جو شڪ مئڪبيٿ ۾ پيو ، جنهن کي انهيءَ خون ڪرڻ لاءِ هنن غريب نوڪرن کان وڌيڪ سبب هو. انهيءَ سبب ، ڊنڪن جا ٻئي پٽ اُٿي ڀڳا وڏي پٽ ”مالڪوم“ اچي انگلينڊ جي بادشاهه وٽ پناهه ورتي ۽ ننڍو ”ڊونلبين“ آئرلينڊ ڏي منهن ڪري ڀڄي ويو .

بادشاهه جا پٽ، جيڪي سندس تخت جا وارث هئا، سي جڏهن هن طرح ڀڄي ويا، تڏهن انهن کان پوءِ جو وارث هو مئڪبيٿ، جنهن کي کڻي بادشاهه ڪيائون ۽ انهيءَ طرح هنن ڏائڻن جو چوڻ نيٺ اچي پورو ٿيو .

ಃಃಃಃಃಃಃ

جيتوڻيڪ ”مئڪبيٿ“ ۽ سندس راڻي ههڙي وڏي درجي تي هئا، تڏهن به هنن کي ڏائڻن جو ٻيو ڪلام وسري نه ويو هو، جن چيو هو ته مئڪبيٿ ڀلي بادشاهه ٿئي، ته به سندس اولاد نه، بانڪئو جو اولاد کانئس پوءِ تخت تي ويهندو. هنن ڏٺو ته اسان مفت خون ۾ پنهنجا هٿ به پليت ڪيا، ۽ ههڙا وڏا پاپ به ڪيا، رڳو ايتري لاءِ ته بانڪئو جو اولاد تخت تي ويهي ! انهيءَ ڳالهه تي هنن ايترو خيال ڪيو، جو آخر پڪو ارادو ڪيائون ته ڏائڻن جي ڪلام ٽارڻ واسطي بانڪئو ۽ سندس پٽ ٻنهي کي کپائجي، نه ته هن جو قول ڦرڻ جو ناهي، جيئن اسان جي حالت ۾ نيٺ اچي بيٺو. اهو ارادو ڪري، هنن هڪڙِي وڏي مجلس ڪئي ، جتي هنن سڀني وڏن وڏن اميرن کي ڪوٺيو ، ۽ ٻين سان گڏ بانڪئو ۽ سندس پٽ ”فليئنس“ کي به وڏي مان ۽ شان سان آندائون. جنهن رستي کان انهيءَ رات بانڪئو محلات ڏي اچڻو هو ، اُتي مئڪبيٿ ڪي خوني لڪائي ويهاري ڇڏيا هئا. جڏهن بانڪئو اچي لنگهيو، تڏهن هنن هڻي ماري وڌس ، پر گڙ ٻڙ ۾ فليئنس نڪري ڀڄي ويو . (اُنهيءَ فليئنس جي پٺ مان ڪيترائي ٻيا بادشاهه ٿيا. جيڪي اسڪاٽلينڊ جي تخت تي ويٺا، جن مان پويون ٿيو جيمس ڇهون اسڪاٽلينڊ جو، ۽ پهريون انگلينڊ  جو جنهن تي انگلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ جا ڇٽ ٻئي اچي گڏيا.

مجلس ۾ راڻيءَ مهمانن جي اهڙِي آڌر ڀاءُ ڪئي، هنن سان اهڙي چڱي هلت ڪيائين ، جو جيڪي حاضر هئا سي سڀ خوش ٿيا. مئڪبيٿ اميرن امرائن سان ڏاڍي گهرائيءَ سان ڳالهايو ٻولايو، ۽ چوڻ لڳو ته ”ملڪ ۾ جيڪي به اشراف ۽ آبروءَ وارا ماڻهو آهن ، سي سڀ هاڻي منهنجي گهر ۾ موجود آهن ، رڳو منهنجو پيارو دوست بانڪئو هجي ها، ته ڪهڙو نه چڱو!“ اڃا هن ائين چيو ته بانڪئو ، جنهن کي هن مارايو هو، تنهن جي روحاني شڪل اندر گهڙي آئي، ۽ جنهن ڪرسيءَ تي مئڪبيٿ ويهندو هو، انهيءَ تي اچي ويهي رهي. اگرچ مئڪبيٿ بهادر مڙس هو، ته به اهو هيبتناڪ ڏيک ڏسي ڊپ کان هن جي منهن جو رنگ ئي اڏامي ويو، ۽ هو انهيءَ شڪل ۾ اکيون وجهي حيران ٿي بيهي رهيو . سندس راڻيءَ خواهه سندس اميرن کي ته ڪي به ڪين ڏسڻ ٿي آيو، تن هن کي خالي ڪرسيءَ تي نهاريندو ڏسي ڀانيو ته ديوانگيءَ يا بيهوشي جي حالت آئي اٿس. راڻي آهستي ڪن ۾ طعنا هنيس، ۽ چيائينس ته ”جيئن انهيءَ رات هوائي خنجر خيال ۾ آيو ، جڏهن ڊنڪن کي ٿي ماريئه، تيئن هي به هڪڙِو خيال اٿئي“. پر مئڪبيٿ اُونئن ئي هوا ۾ اکيون وجهو بيٺو هو، ۽ جيڪي هنن پئي چيس تنهن ڏي ڌيان به ڪونه ڏنائين . پاڻ هن سان چرين وانگي ڳالهائڻ لڳو ، پر اهڙن چٽن لفظن ۾ جو سندس راڻيءَکي ڊپ ٿيو ته متان هي ڳجهه ظاهر ڪري وجهي، تنهن وٺ ـ پّڄ ۾ مهمانن کي موڪل ڏني، ۽ عذر اهو ڏنائين ته مئڪبيٿ کي جيڪا هميشهه جي بيماري ٿيندڙ آهي، سا ٿي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org