سيڪشن: ادب

ڪتاب: دلپسند قصا

باب:

صفحو:6 

انهيءَ وچ ۾ ”آرسينو“ راڳ ٻڌڻ سان پنهنجي دل وندرائي وقت گذاريو. انهيءَ راڳ ۾ جو هڪ طرفيءَ محبت جي بدلي نه ملڻ ڪري جيڪي عذاب سهڻا ٿيندا آهن، تن جو ذڪر هو، سو ٻڌي، ”ويولا“ جي دل جو اثر سندس چهري مان ڏسڻ ۾ آيو. هن جي اداسي حالت ڏسي، ”آرسينو“ پڇيس ته ”سزيريو، جيتوڻيڪ تون اڃان ننڍو آهين، تڏهن به آءُ ڀانيان ٿو ته تنهنجي دل ڪٿي اٽڪيل آهي، ۽ تنهنجي اک ڪو محبتي منهن ڏٺو آهي. سچ چئو، ڇوڪرا، هائو يا نه ؟ ”ويولا“ جواب ڏنو ته ”سائين، هوندو.“ ”آرسينو“ چيو ته ”ڪهڙي قسم جي زال  آهي، ۽ ڪيڏي آهي ؟“ ”ويولا“ جواب ڏنو ته ”سائين ، اوهان جي عمر جي آهي، ۽ اوهان جي شڪل جهڙي آهي.“ تنهن تي ”ڊيوڪ“کي کل آئي ته هي سهڻو ڇوڪرو پاڻ کان وڏي زال تي عاشق ٿيو آهي ، جنهن جو رنگ به مڙسن جهڙو سانورو آهي . پر ويولا جو ته اندروني مطلب خود ”آرسينو “ سان هو ، نه سندس شڪل جهڙِي ڪنهن زال سان .

جڏهن ”ويولا“ ٻيو ڀيرو ”آليويا“ ڏي وئي ، تڏهن اندر وڃڻ ۾ هن کي مشڪلات  ڪانه ٿي . نوڪرن کي جهٽ خبر ٿي پوي ته اسانجين بيبن کي سهڻن جوان قاصدن سان ڳالهائڻ مان خوشي حاصل ٿي ٿئي ، تنهنڪري جنهن مهل ”ويولا“ اُتي ويئي ، تنهن مهل در پٽي ”ڊيوڪ“ جي نوڪر کي آبروءَ سان ”آليويا“ جي جاءِ ۾ وٺي آيا، جڏهن ”ويولا“ ”آليويا“ کي چيو ته ”آءٌ وري به پنهنجي ڌڻيءَ جي طرفان عرض ڪرڻ آئي آهيان“، تڏهن هن چيس ته ”مون تو کي اڳي به چيو هو ته هن بابت مون سان ڪا به ڳالهه نه ڪر مگر جيڪڏهن تو کي ڪي پنهنجي طرفان چوڻو هجي ، ته خدائي سـُرود کان به وڌيڪ تنهنجي ڳالهائڻ مان مون کي لذت ايندي .“ انهيءَ مان ئي سندس مطلب صاف سمجهڻ ۾ پئي آيو ، پر ”آليويا“ سگهوئي پنهنجو مطلب اڃابه چٽيءَ طرح سمجهائڻ لڳي ، ۽ ظاهر ظهور هن سان پنهنجي محبت رکڻ جي ڳالهه پاڻيهي باسيائين ، ۽ جڏهن ”ويولا“ جي منهن ۾ ناخوشي ۽ مونجهارو معلوم ڪيائين تڏهن چوڻ لڳي ته ”تنهن جي چپن ۾ ڪاوڙ ۽ چڙ ڪهڙي نه سهڻي ٿي لڳي !”سزيريو“ مون کي بهار جي گلن جو ، پنهنجي جواني ۽ ڪنوارپڻ جو ، پنهنجي حيا ۽ آبروءَ ۽ ايمان جو قسم آهي ته منهنجي تو سان اهڙِي دل آهي ، جو تنهنجي انهيءَ مغروريءَ هوندي به مون کي پنهنجي محبت لڪائڻ جي طاقت نٿي ٿئي !“ پر سندس انهن مٿن هڻڻ مان ڪي به حاصل نه ٿيو . ”ويولا“ وٽائنس کسڪي نڪري آئي ، ۽ ڪاوڙ مان هيترو به چئي هليس ته ”آءُ وري ڪڏهن آرسينو جي پاران عرض ڪرڻ ڪين اينديس !“ ”آليويا“ گهڻيئي منٿون ڪيس ، پر هن صاف چيس ته ”مون کي ڪنهن به زال سان دل لڳائڻي ناهي.“

اڃا ”ويولا“ ٻاهر مس نڪتي ، ته کيس ترار مارڻ لاءِ سڏ ٿيو . ڪو سکر ماڻهو ”آليويا“ تي عاشق هو ، تنهن کي هن جواب ڏيئي ڇڏيو هو ، انهيءَ جو ٻڌو ته ”آليويا“ ”ڊيوڪ“ جي قاصد تي تمام گهڻي مهرباني ڪئي آهي، تنهن کي ساڙ ورتو. اڳئين زماني جي دستور موجب، هن ”ويولا“ کي وڙهڻ لاءِ ڇڪيو. هاڻي ويچاري ”ويولا“ ڇا ڪري؟ هن جو ته ٻاهريون ڏيک مردانو هو، پر سندس اندر ته سچ پچ زال جو هو ، جا خود پنهنجي ترار کان ئي پئي ڊني !

جڏهن ڏٺائين ته دشمن سامهون ترار ڪڍيو ڪاهيو ٿو اچي ، تڏهن پهريائين دل ۾ آيس ته پنهنجي اصل حالت کڻي ظاهر ڪري ، پر انهيءَ خوف ۽ شرم مان هڪڙي واٽ ويندڙ ڌارئين ماڻهو کڻي ڇڏايس، جو هنن وٽ آيو، ۽ جيئن نه ”ويولا“ جو واقف ۽ گهرو يار هجي ، تيئن ڊول ڪري سندس دشمن کي چوڻ لڳو ته ”جيڪڏهن هن جوان مڙس ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته اهو ڏوهه آءُ پنهنجي سر تي قبول ڪريان ٿو ، ۽ جي تون اڳرائي ٿو ڪرين ته آءُ هن جي طرفان توکي وڙهڻ لاءِ ڇڪيان ٿو ـ نڪري هيڏي ٿيءُ!“ اڃا ”ويولا“ اِنهيءَ پنهنجي نئين دوست جي سندس سر بچائڻ لاءِ شڪر گذاري ڪا نه ڪئي ۽ نڪي اِنهيءَ دست اندازيءَ  جو سبب ئي پڇيو هئائين ، ته انهيءَ کان اڳي هن کي اهڙا دشمن اچي گڏيا ، جن سان هن جو زور هلي نه سگهيو ، ڇا لاءِ جو اُنهيءَ مهل ڪن سرڪاري عملدار ن  اچي انهيءَ  ڌارئين ماڻهوءَ کي ”ڊيوڪ“ جي حڪم ٻڌائڻ سان گرفتار ڪيو ، ۽ چيائونس ته ”ڪي ورهيه اڳي تو ڪو ڏوهه ڪيو هو ، تنهن جو هلي جواب ڪر !“ هن ويچاري ”ويولا“ کي چيو ته ”تنهنجي ڳولهڻ مان اجها هيءَ ڀلائي ٿي !“ پوءِ  هو ”ويولا“ کان ناڻي جو کيسو گهرڻ لڳو . چيائينس ته ”هاڻي لاچاريءَ ۽ ضرورت ڪري مون کي ارمان آهي ته تنهنجي لاءِ آءُ ٻيو ڪي ڪري نٿو سگهان ، جو هينئر مون تي هيءَ آفت اچي پيئي آهي ... تون حيران ٿي بيهي رهيو آهين ، پر دل جهلج ۽ تسلي ڪجئين .“ اِهي لفظ ٻڌي ”ويولا“ سچي پچي حيران ٿي ويئي ، ۽ چوڻ لڳي ته ”سائين، آءٌ بلڪل توکي نه ٿو سڃاڻان ، نڪو تو مون کي ناڻي جو کيسو ئي ڏنو آهي، پر تو جا هينئر مون سان هيتري ڀلائي ڪئي، تنهن جي عيوض آءٌ تو کي هي ٿورا پيسا ڏيان ٿو ، جي هينئر مون وٽ حاضر آهن.“ اِتي اِهو ڌاريو ماڻهو زور سان ڳالهائڻ لڳو، ۽ هن تي بيمروتيءَ ۽ نامهربانيءَ ۽ ڪپت  جي تهمت آندائين، ۽ چوڻ لڳو ته ”هيءُ جوان جو اوهين ڏسو ٿا ، تنهن کي مون موت جي چنبي مان ڇڏايو، ۽ رڳو سندس خاطر آءٌ ”اليريا“۾ آيس، ۽ اچي هن بلا ۾ ڦاٿس.“ پر سرڪاري عملدارن ته پنهنجي قيديءَ جي پوڪارن ڏي ڪين ڏٺو، ۽ هن کي گهلي اُٿي هليا، ۽ چيائون ته ”اِنهيءَ ۾ اسان جو ڪهڙو واسطو؟“

هلڻ مهل هن ”ويولا“ کي ”سباسشين“ جي نالي سان سڏي چيو ته ”حيف اَٿئي، جو منهنجي دوستيءَ کان مـُڪري ويو آهين!“ جڏهن ”ويولا“ ڏٺو ته هن مون کي ”سباسشين“ سمجهيو آهي، تڏهن پڪ ٿيس ته منهنجن مهانڊن تي ڀلجي مون کي منهنجو ڀاءُ ڄاتو اٿس. اِتي هن کي دل ۾ اها خوشي ٿي ته شايد هن منهنجي ڀاءُ کي موت جي چنبي مان ڇڏايو هو، جنهن کي اڃا ته الله بچايو آهي.

حقيقت ڪري هئي به ڳالهه ائين . اهو ڌاريون ماڻهو ، جنهن جو نالو ”آنٽرنيو“ هو ، سو جهاز جو ڪپتان هو . هن ”سباسشين“ کي پنهنجي جهاز تي کڻي چاڙهيو هو، جو هو طوفان ۾ کـُوهي سان ٻڌل پاڻيءَ تي پئي ٽُلڪيو، ٿڪجي ٽٽي پيو هو. ”آنٽونيو“ جي ”سباسشين“ سان اهڙي دوستي ٿي ويئي هئي، جو هن انجام ڪيو هوس ته جيڏي تو ويندين، اوڏي آءٌ توسان گڏيو هلندس، ۽ جڏهن ”سباسشين“ چيو ته ”آءُ ڊيوڪ آرسينو جي درٻار ۾ وڃڻ ٿو گهران“، تڏهن ”آنٽونيو“ هن کان ڌار نه ٿيو ، ۽ ”اليريا“ ڏي هليو آيو_ جيتوڻيڪ خبر هيس ته جيڪڏهن مون کي سڃاڻندا ، ته مون کي ماريندا ، ڇا لاءِ جو هن هڪ درياهي لڙائيءَ ۾ ”ڊيوڪ آرسينو“ جي ڀاڻيجي کي سخت ڦٽي وڌو هو. اهو ئي ڏوهه هو، جنهن لاءِ هينئر هن کي گرفتار ڪيو هئائون.

”ويولا“ ۽ آنٽرنيو جي گڏجڻ جو اتفاق ٿيو، تنهن کان ڪي ٿورا ڪلاڪ اڳي ”آنٽونيو“ ۽ سباسشين اچي گڏ لٿا هئا. هن پنهنجي ناڻي جو کيسو ”سباسشين“ کي ڏنو ته جيڪي دل چويس سو ڀلي وڃي خريد ڪري .چئي ڇڏيو هئائينس ته ”آءٌ ڌرمسال ۾ ترسان ٿو، تون وڃي شهر گهمي اچ.“ پر جڏهن ٺهرايل وقت تي ”سباسشين“ نه موٽيو، تڏهن ”آنٽونيو“ لاچار پنهنجي دوست جي نهارڻ لاءِ ٻاهر نڪتو، ۽ ”ويولا“، جا پوشاڪ ۾ توڙي ۾ ساڳي ڀاءُ جهڙي هئي، تنهن کي ڏسي، هن جي جان بچائڻ لاءِ ”آنٽونيو“ پنهنجي ترار ڪڍي، ۽ جڏهن ”ويولا“، جنهن کي هن ”سباسشين “ ٿي سمجهيو، تنهن سندس دوستيءَ ۽ سڃاڻپ کان انڪار ڪيو  ۽ ناڻي جي ٿيلهيءَ کان به جواب ڏنائينس، تڏهن انهيءَ ۾ عجب ڪونهي ته هن کيس بيمروتيءَ ۽ ناحق شناسيءُ جي تهمت ڏني.

جڏهن ”آنٽونيو“ کي وٺي آيا، تڏهن ”ويولا“ ڊني ته متان ٻيو ڀيرو دشمن ويڙهه کاءِ ڇڪي ، تنهن رکيو پيرن تي زور ۽ گهر ڏي اُٿي هلي . هن جي وئي کان پوءِ جهٽ ۾ سندس دشمن ڏسي ته هو وري موٽيو ٿو اچي ـ پر اهو هن جو ڀاءُ ”سباسشين“ هو جو اتفاق سان اچي اُنهيءَ هنڌ نڪتو هو . ”سباسشين“  کي هو ماڻهو چوڻ لڳو ته ”وري ٻيو ڀيرو مون کي هٿ آيو آهين ، هاڻ سنڀالجئين !“ ائين چئي ، هن کي ڌڪ هنيائين . ”سباسشين“ ته نامرد نه هو ... هن ڌڪ جو ڌڪ ورائي هنيس_ پاڻ وڌيڪ زور سان_ ۽ ترار ڪڍي مڇر جي بيهي رهيو.

هنن جي ويڙهه کي هڪڙيءَ بيبيءَ اچي اڌ ۾ بند ڪيو، ڇا لاءِ جو ”آلويا“ گهر کان ٻاهر نڪتي هئي ، ۽ ”سباسشين“ کي ڀُلجي ”سزيريو“ ڄاڻي پنهنجي گهر هلڻ لاءِ چيائينس، ۽ ساڻس جيڪا اجائي هلت ٿي هئي ، تنهن تي ارمان کاڌائين. جيتوڻيڪ ”سباسشين“ کي جهڙو پنهنجي غير واقف دشمن جي اجائيءَ هلان جو، تهڙو هن بيبيءَ جي مهربانيءَ ۽ مروت جو عجب لڳو، تڏهن به خوشيءَ سان هن جي گهر آيو، ”آليويا“ به ڏٺو ته، ”سزيريو“ اڳي کان وڌيڪ منهنجي مهربانين جو قدر ڄاڻي ٿو ، سا ڏاڍي خوش ٿئي ـ هن ڪري جو اگرچ هيءُ مهانڊن ۾ پنهنجي ڀيڻ جهڙو هو ، تڏهن به هن جي منهن ۾ اها ڪاوڙ ۽ نفرت ڪانه هئي ، جا اڳي ”سزيريو“ سان محبت جي ذڪر چورڻ مهل ڏٺي هئائين .

هن بيبيءَ جي بيحد مهربانيءَ ۽ شوخ تي ”سباسشين“ کي ڪو به اعتراض ڪو نه هو ، هن پاڻ اُنهيءَ ۾ خوشي ٿي ورتي . انهيءَ هوندي به ، اهو عجب لڳس ته هي ڳالهه ڪيئين ٿي . ڀانيائين ته شايد ”آليويا“ پوري هوش ۾ ناهي ، پر جڏهن ڏٺائين ته هوءَ ڏاڍي سهڻي آهي ، ۽ گهر جي مالڪياڻي آهي ، ۽ گهر جو ڪم ڪار ۽ ٻيو سڀ بندوبست تمام چڱيءَ طرح پيئي هلائي ۽ هن طرح اوچتي عشق اڙائڻ کان سواءِ ٻيءَ ڳالهه ۾ هوش ۽ سياڻپ واري آهي ، تڏهن هن به ساڻس محبت ونڊي ، ۽ ”آليويا“ به ”سزيريو“ کي رازي ڄاڻي ، ۽ وري ڦيري کائڻ جو ڊپ رکي ، ٺهراءُ ڪيو ته جڏهن پادري گهر ۾ حاضر آهي ، تڏهن يڪدم شادي ڪري ڇڏجي .”سباسشين“ به اها رٿ قبول ڪئي .

جڏهن شاديءَ جي رسم پوري ٿي ، تڏهن هن ٿوري وقت لاءِ پنهنجي زال کي اُتي ڇڏي ٻاهر وڃڻ جو ارادو ڪيو ، انهيءَ لاءِ ته پنهنجي دوست ”آنٽونيو“ کي وڃي ٻڌائي ته کيس ڪيئن اوچتو ڀاڳ لڳو آهي .

سندس وئي کان پوءِ ”آرسينو“”آليويا“ جي ملاقات لاءِ آيو. جنهن دم هو ”آليويا“ جي گهر وٽ آيو، تنهن دم سرڪاري عملدارن به اهو قيدي، ”آنٽونيو“ آڻي ”ڊيوڪ“ جي اڳيان کڙو ڪيو . ”ويولا“ ته پنهنجي ڌڻيءَ ”آرسينو“ سان گڏ هئي، ۽ جڏهن ”آنٽونيو“ ” ويولا“ کي ڏٺو، جنهن کي هن اڃا به ”سباسشين“ ٿي سمجهيو، تڏهن هن ”ڊيوڪ“ کي ذڪر ڪري ٻڌايو ته ڪهڙيءَ طرح هن کي ٻڏڻ کان بچايو هئائين ، ۽ جيڪا ”سباسشين“ سان هن مهرباني ڪئي هئي، تنهن جو بيان ڪرڻ کان پوءِ هن چيو ته ”گذريل ٽن مهينن کان هيءُ بيشڪ جوان راتو ڏينهن مون سان گڏ رهيو آهي.“ اتي ”آليويا“ به پنهنجي گهر کان منهن ڪڍيو، ۽ ”ڊيوڪ“ جو ڌيان ”آنٽونيو“ جي ڳالهه تان لهي هوڏي ٿيو، سو چوڻ لڳو ته ”اجهو، بيبي اچي ٿي ... هاڻي آسمان ڄڻ ته زمين تي پيو هلي!“ وري هن کي چيائين ته ”تون جو اها ڳالهه ڪرين ٿو سو رڳو چريائيءَ جي: ٽي مهينا ته لڳو لڳ هي جوان منهنجي خدمت ۾ رهيو آهي!“ پوءِ حڪم ڏنائين ته ”آنٽونيو“ کي پاسي وٺي وڃو. پر سگهو ئي، ”آليويا“ جي ڳالهين مان، ”آرسينو“ کي ”سزيريو“ تي بيشڪريءَ ۽ نا احسانمنديءَ جي تهمت رکڻ لاءِ اهڙو سبب مليو جهڙو، ”آنٽونيو“ کي مليو هو ، ڇا لاءِ جو جيڪي ”آليويا“ ڳالهايو سو سڀ ”سزيريو“ جي تعريف ۽ واکاڻ ۾، ۽ جڏهن معلوم ٿيس ته سندس نوڪر ”آليويا“ جي دل ۾ وڃي جاءِ ڪئي آهي ، تڏهن هن کي ڏاڍا دڙڪا تاب ڏيڻ لڳو هو اُٿي هلڻ لڳو تيئن ”ويولا“ کي اشارو ڪري چيائين ته ”ڇوڪرا ، مون سان اچ ڏس ته ڪهڙو نه تماشو ٿو ڏيکاريئين !“ جيتوڻيڪ هن جي ڪاوڙ مان ڏسڻ ۾ آيو ته اجهو ٿو هو انهيءَ دم هن کي مارائي، تڏهن به ”ويولا“ جي محبت هن کي بي همت ٿيڻ نه ڏنو ، ۽ هوءَ چوڻ لڳي ته ”سائين، جي اوهان کي انهيءَ مان آرام اچي ته مون کي پنهنجو موت به قبول آهي.“ پر  ”آليويا“ پنهنجي مڙس کي ڪين ڇڏيو ۽ چوڻ لڳيس ته ”منهنجا سزيريو، ڪيڏي ٿو وڃين؟“ ”ويولا“ جواب ڏنو ته ”اُنهيءَ جي پٺيان، جنهن کي پنهنجي ساهه کان به وڌيڪ ٿو ڀانيان!“ ”آليويا“ رڙ ڪري چيو ته ”سزيريو منهنجو مڙس آهي!“ ۽ هنن کي اُتي بيهاري پادريءَ ڏي ماڻهو موڪليائين، جنهن اچي ظاهر ڪيو ته ”اڃا ٻهه ڪلاڪ مس ٿيندا جو مون بيبي ”آليويا“  ۽ هن جوان جي پاڻ ۾ شادي ڪئي.“ ”ويولا“ گهڻو ئي دانهون ڪري چيو ته ”آءٌ ”آليويا“ سان ڪين پرڻيو آهيان“، پر سڀ اجايون، ”آليويا“ ۽ پادريءَ جي شاهديءَ مان ”آرسينو“ کي يقين ٿيو ته ، جنهن خزاني کي مون پنهنج حياتيءَ کان به وڌ ٿي ڄاتو، سو مون کان منهنجو نوڪر کسي ويو“، پر جڏهن ڏٺائين ته جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي ويو ۽ وري هٿ نه ايندو ، تڏهن انهيءَ بيوفا بيبيءَ ۽ سندس مڙس کي ڇڏي اُٿي هليو ، ۽ چيائينس ته ”وري ڪڏهن منهنجي اڳيان متان اچين !“

ائين ڪندين، ”ٻيو سزيريو“ اچي نڪتو ۽ ”آليويا“  کي پنهنجي زال ڪري سڏڻ لڳو. جيڪي بيٺا هئا، تن کي حيرت وٺي ويئي. اهو نئون ”سزيريو“ ”سباسشين“ هو، جو سچو پچو مڙس هو. جڏهن ٻن ڄڻن کي هڪ جهڙي منهن، هڪ جهڙي آواز ۽ هڪجهڙي ويس سان ڏٺائون، تڏهن ماڻهن جي حيرت البت ڍري ٿي. ڀاءُ، ڀيڻ هڪ ٻئي سان سوال، جواب ڪرڻ لڳا، ڇا لاءِ جو ”ويولا“ کي پورو اعتبار نه اچي سگهيو ته ڪو منهنجو ڀاءُ اڃان جيئرو آهي، ۽ ”سباسشين“ به ڄاتو ٿي ته منهنجي ڀيڻ ٻڏي مئي، سا ڀلا هاڻي جوان ماڻهوءَ جي پوشاڪ ۾ ڪيئين پيدا ٿي هوندي، پر ستت ئي ”ويولا“ قبول ڪيو ته ”آءٌ سچي پچي ”ويولا “آهيان ، ۽ ويس بدلائي مڙس ٿي آهيان ! “

هنن جاڙن ڀاءُ ڀيڻ جي هڪجهڙائيءَ ڪري جيڪي ڀلون ٿيون هيون سي جڏهن صفا ٿي ٿي رهيون ، تڏهن سڀئي بيبي ”آليويا“ تي کلڻ لڳا ، جو هوءُ هڪڙيءَ زال تي عاشق ٿي هئي . ”آليويا“ ڀل کان مٽا سٽا ڪري جا شادي ڪئي هئي ، تنهن ۾ آرهي ڏسڻ ۾ نه آئي ، جو هوءَ ڀيڻ جي بدران ڀاءُ سان پرڻي هئي .

”آليويا“ جي انهيءَ پرڻي ڪري ، ”آرسينو“ هميشه لاءِ سندس ٻانهن کان نااُميد رهيو ، تنهنڪري سندس اجايو عشق به هڪدم گم ٿي ويو ، ۽ هاڻي جيڪا محبت رهيس سا سڀ پنهنجي پياري جوان ”سزيريو“ سان، جو هينئر ڦري هڪڙِي سهڻي زال ٿي پيو هو . هو ”ويولا“ تي ڏاڍي خيال سان نهارڻ لڳو ، ۽

ياد آيس ته آءٌ ”سزيريو“ کي ڪهڙو نه سهڻو سمجهندو هوس... ۽ هوءَ زناني پوشاڪ ۾ ته تمام حسين ڏسڻ ۾ ايندي! وري دل ۾ چيائين ته هن ڪيترا نه ڀيرا چيو هو ته منهنجي تو سان دل آهي ... پر تڏهن اهي رڳو ايماندار نوڪر جون ٻوليون هيون ۽ هاڻي انهن ٻولين جي معنيٰ وڌيڪ سمجهڻ گهرجي!“ هن جون ڪي ڪي چنڱيون ڳالهيون ، جي اڳي هن کي پرولين وانگي سمجهه ۾ اينديون هيون ، سي هاڻي هن کي ياد اچڻ لڳيون، ۽ هن پنهنجيءَ دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو ته ”ويولا“ کي پنهنجي زال ڪريان . اڃا به هن کي ”سزيريو“ ۽ ”ڇوڪر“ سڏڻ کان نٿي رهيو سو چوڻ لڳس ته ”ڇوڪرا، تون مون کي هزارين ڀيرا چيو هو ته جهڙي محبت مون ۾ آهي ، اهڙي تون ڪنهن زال سان نه رکندين، ۽ هيستائين جو تو سچي ۽ ايمانداريءَ جي نوڪري مون وٽ ڏني آهي، ۽ تون مون کي پنهنجو ڌڻي ڪري سڏيو آهي ، تنهنجي بدلي ۾ هاڻي تون پنهنجي ڌڻيءُ جي بيبي ٿيندينءَ ، ۽ آرسينو جي سچي راڻي ٿيندينءَ!“

جڏهن ”آليويا“ ڏٺو ته ”آرسينو“ پنهنجي دل، جا مون ظلم ۽ نا مهربانيءَ سان ڌڪي ڇڏي هئي، سا هاڻ ”ويولا“ کي ڏني آهي، تڏهن هنن کي پنهنجي گهر دعوت ڏيئي آندائين، ۽ جنهن پادريءَ صبح جو کيس ”سباسشين“ سان پرڻايو هو، تنهن کي چيائين ته ڏينهن جي عرصي ۾ وري ”آرسينو“ ۽ ”ويولا“ جي پاڻ ۾ شادي ڪر.

انهيءَ طرح جاڙا ڀيڻ ڀاءُ هڪڙي ئي ڏينهن پرڻيا. طوفان ۽ جهاز جي ڀڄڻ ڪري جو هو جدا ٿيا هئا، سو شايد رڳو انهيءَ لاءِ ته هنن کي وڏو ڀاڳ لڳي: ”ويولا“ ”اليريا“ جي ”ڊيوڪ آرسينو“ جي زال ٿي، ۽ ”سباسشين“ وڏيءَ ۽ دولتمند شاهزاديءَ بيبي ”آليويا“ جو مڙس ٿيو.

وچ اونهار جي رات جو خواب

 

”اَٿينس“ شهر ۾ ڪنهن زماني منجهه اهو قاعدو هوندو هو ته شهر جا ماڻهو پنهنجين ڌيئن کي جن سان وڻين تنهن سان زور ڪري پرڻائين، ۽ جي ڪا ڌيءَ پيءُ جو چونڊيل مڙس نه پرڻبي، ته سندس پيءُ کي قاعدي موجب اختيار هو ته هن کي قتل ڪري ڇڏي، پر ڌيئون کڻي ٿورو نافرمان به ٿينديون، ته به اڪثر پيءُ  هنن جي مارڻ جي نه ڪندا آهن، تنهنڪري مائٽ پنهنجين ڇوڪرين کي اڪثر انهيءَ سخت قاعدي جو دڙڪو ڏيندا هئا، پر ڪڏهن به انهيءَ تي سچي پچي تعميل نه ڪندا هئا ـ ورلي ڪا اهڙي حالت ٿيندي هئي ته ٿيندي هئي.

انهيءَ هوندي به، هڪڙي ڀيري، ”ايجيوس“ نالي هڪڙي پير مرد ”اَٿينس“ جي حاڪم ”ٿسـُيوس“ وٽ اچي دانهن ڪئي ته ”آءٌ پنهنجي ڌيءَ ”هرميا“ کي هڪڙي سکر گهراڻي واري جوان ”ڊمٽريس“ سان پرڻجڻ لاءِ چوان ٿو، پر هوءَ اها ڳالهه نٿي مڃي، ڇا لاءِ جو هن جي دل ٻئي هڪڙي شهري جوان ”لئسانڊر“ نالي سان آهي.“ ”ايجيوس“ ”ٿسـُيوس“ کان انصاف گهريو، ۽ عرض ڪيائين ته ”اهو سخت قاعدو منهنجي ڌيءَ سان لاڳو ڪجي، ۽ هن کي سزا ڏجي“.

”هرميا“ پنهنجي نافرمانيءَ بابت اهو عذر ڏنو ته ”ڊمٽريس“ جي محبت اڳي منهنجي ساهيليءَ ”هيلينا“ سان هوندي هئي، ۽ ”هيلينا“ به ”ڊمٽريس“ تي مست آهي، پر ”هرميا“ جي انهيءَ عذر ”اجيوس“ تي اثر نه ڪيو .

جيتوڻيڪ ”ٿسيوس“ زبردست ۽ رحمدل حاڪم هو ، تڏهن به ملڪ جي قاعدن ڦيرائڻ جو هن کي اختيار ڪو نه هو، تنهنڪري هن ”هرميا“ کي رڳو چئن ڏينهن جي مهلت ڏني ، ۽ چيائينس ته ”انهيءَ ڳالهه تي وڃي ويچار ڪر : جي انهيءُ مدت کان پوءِ به تو ڊمٽريس سان شادي ڪرڻ جي نه ڪئي ، ته پوءِ توکي مارائي ڇڏبو.“

جڏهن ”هرميا“ اتان نڪتي، تڏهن سڌي آئي پنهنجي عاشق ”لئسانڊر“ وٽ، ۽ هن کي ڳالهه ڪري ٻڌايائين ته ”چئن ڏينهن جي اندر يا آءٌ توکي ڇڏي يا ڊمٽريس سان شادي ڪريان يا پنهنجي جان گوايان !“

هيءَ خراب خبر ٻڌي ”لئسانڊر“ کي گهڻو ڏک ٿيو، پر دل ۾ آيس ته اَٿينس کان ٿورو پر ڀرو منهنجي هڪڙي ماسي رهندي آهي ۽ جنهن جاءِ تي هوءَ رهندي آهي اُتي اهو سخت قاعدو ”هرميا“ سان لاڳو ٿي ڪين سگهندو (ڇا لاءِ جو ان جو زور شهر جي حدن کان ٻاهر هلندڙ نه هو)، تنهنڪري ”هرميا“ کي صلاح ڏنائين ته ”اڄ رات تون پنهنجي پيءُ جي گهر مان لڪچوريءَ نڪري مون سان گڏ منهنجي ماسي جي گهر هل ته اُتي پاڻ ۾ شادي ڪريون.“ ”لئسانڊر“ جيئين ته ”شهر جي ٻاهران ٿورن ميلن تي جو ٻيلو آهي، اُتي آءٌ توکي گڏبس_ اهو ئي ساڳيو مزي جهڙو ٻيلو، جتي اسين ”هيلينيا“ سان گڏ بهار جي موسم ۾ اڪثر گهميا ڦريا آهيون!“ اِها صلاح ”هرميا“ خوشيءَ سان پسند ڪئي.“

هن پنهنجي ڀڄڻ جي ڳالهه پنهنجي ساهيليءَ هيلينا کان سواءِ ٻي ڪنهن سان نه ڪئي، پر زالون اڪثر محبت جي ڪري الائجي ڪهڙا اجايا ڪم ڪنديون آهن، سو ”هيلينا“ ڇا ڪيو جو ظلم ڪري ڀانيائين ته اها ڳالهه وڃي ”ڊمٽريس“ کي ٻڌايان_ جيتوڻيڪ پنهنجي ساهيليءَ جي ڳجهه ظاهر ڪرڻ مان هن کي ٻي حاصلات به ڪانه هئي، رڳو هيتري سا پڪ هيس ته ؟”ڊمٽريس ضرور ”هرميا“ جي پٺيان ويندو ، پوءِ هڪڙو چرچو ٿيندو.

اهو ٻيلو جنهن ۾ ”لئسانڊر“ ۽ ”هيلينا“ پاڻ ۾ ملڻ جو انجام ڪيو هو ، سو  ”پَرِينِ“ جي رهڻ جو مڪان هو . پرين جو بادشاهه ”آبران“ ۽ راڻي ”ٽئٽينيا“ پنهنجن ننڍڙن خدمتگارن سميت اڌ رات جو انهيءَ ٻيلي ۾ تماشو ڪندا هئا ، ۽ دل وندرائيندا هئا . انهيءَ وقت ۾ انهن پرين جي بادشاهه ۽ راڻيءَ جي وچ ۾ ٿوري اڻبڻت  هئي .جڏهن ڪڏهن هو هن مزي جهڙي ٻيلي ۾ چانڊوڪيءَ جو گڏبا هئا ، تڏهن پاڻ ۾ اهڙو جهيڙو ڪندا هئا، جو سندن خدمتگار ڊپ کان ڀڄي ڪکن پنن ۾ وڃي لڪندا هئا. انهيءَ اڻبڻت جو سبب اهو هو جو ”ٽئٽينيا“ جي ساهيليءَ جو هڪڙو ننڍڙو ٻار ”ٽئٽينيا“ وٽ هوندو هو، سو ”آبران“ ٿي گهريو تنهن کي هن نٿي ڏنو . انهيءَ ٻارڙي جي جڏهن ماءُ مري ويئي هئي ، تڏهن ان جي دائيءَ وٽان راڻي ان کي چورائي کڻي آئي هئي ، ۽ ٻيلن ۾  اُن کي پئي پاليائين .جنهن رات انهيءَ ٻيلي ۾ ”لئسانڊر“ ۽ ”هرميا“ ملڻ جو ٺهراءُ ڪيو هو ، انهيءَ رات ”ٽئٽينيا“ پنهنجن خدمتگارن سان گهمندي ”آبران“ کي سندس نوڪرن سميت گڏي . پرين جي بادشاهه چيو ته ”هٺيلي ٽئٽينيا، ناحق ههڙيءَ چانڊوڪيءَ ۾ اسان کي گڏي آهين!“ راڻيءَ جواب ڏنو ته ريسارا آبران، اِهو تون آهين ڪيئن؟“ پوءِ سڀني پرين کي چيائين ته ”هلو تو هلون، مون هن جي سنگت ۾ رهڻ کان قسم کاڌو آهي!“ ”آبران چيو ته ”بيعقل پري، هي ڇا آءٌ تنهنجو مڙس ناهيان ڇا؟ ڇالاءِ تون منهنجي مرضي نٿي رکين؟ مون کي اهو پنهنجو ٻار ڏي ته آءٌ پاڻ وٽ رکان!“ راڻي ورندي ڏني ته ”اها دلجاءِ ڪجئين_ پنهنجو سارو پرستان ڏين ، ته به آءُ اهو ٻار نه ڏينديسئين!“ پوءِ ڪاوڙ ۾ مڙس کي ڇڏي هلي ويئي. ”آبران“ چيو ته ”چڱو، تون هاڻ وڃين ٿي، باقي پرهه ڦٽيءَ کان اڳي اِنهيءَ حرڪت جي لاءِ آءُ پاڻيهي تو کي ستائيندس!؟

هن جي وئي کان پوءِ، ”آبران“ پنهنجي خاص خذمتگار ۽ صلاحڪار ”پَڪ“ کي گهرايو . ”پَڪ“ ڏاڍو سياڻو ۽ حرڪتي هوندو هو، جو پاڙيوارن ڳوٺن ۾ ڏاڍيون چرچي جهڙيون حرڪتون ڪندو هو . ڪڏهن ڪڏهن کير ۽ ڏڌ جي چاڏين ۾ ٽپي پوندو هو_ پوءِ جيسين اُتي پيو نچندو ۽ ڪڏندو هو، تيسين ويچاريون ڏوڌياڻيون اجايو مٿو پيون هڻنديون هيون ، ته به مکڻ نه پيو ٺهندو هو، نڪي ڳوٺ جا ڄٽ هن جي حرڪتن کان ڇٽل هئا : جڏهن ڪڏهن ”پَڪ“ شراب جوڙڻ وارن قرنڦلن ۾ لنگهي پوندو هو ، تڏهن ضرور شراب خراب ٿي پوندو هو. جڏهن ڪي ٿورا پاڙيسري سنگت ڪري ويهي گڏ پيالا_ پاڻي ڪندا هئا، تڏهن ”پـَڪ“ ڀڳل ڪرڙيءَ جي صورت ۾ سندس پيالي ۾ ٽپي پوندو  هو، ۽ جڏهن ڪا ڪراڙي زال پيئندي هئي، تڏهن سنس چپن کي پيو لڳندو هو، ۽ سندس سڪل ۽ ڪو ماڻل کاڏيءَ تي شراب هاري وجهندو هو ، پوءِ ستت ئي جڏهن اها ٻڍي زال ٺهي ٺڪي ويهندي هئي، ۽ پنهنجن پاڙيوارن سان ڪا ڏکاري ڳالهه ڪندي هئي ، تڏهن ”پَڪ“ سندس هيٺيان صندلي ڪڍي وٺندو هو، ۽ ويچاري ٻڍي هيٺ ليٽي پوندي هئي، جنهن تي ڏسڻ وارا پنهنجا پاسا جهلي کلندا هئا، ۽ قسم کڻي چوندا هئا ته ”اسان اهڙو چرچو اڳي ڪڏهن ڪو نه ڏٺو!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org