سيڪشن: ادب

ڪتاب: دلپسند قصا

باب:

صفحو:2 

”پراسپرو“ شاهزادي کي چيو ته ڇوڪرا، هيڏي آءُ، منهنجي حڪم کان نافرماني ڪرڻ جي تو کي طاقت ناهي. فرڊننڊ جواب ڏنو ته ”بيشڪ، مون کي طاقت ناهي!“ هن کي خبر ڪانه پيئي ته جادوءَ جي اثر ڪري ضد ڪرڻ جي سگهه کانئس کسجي ويئي هئي، تنهنڪري هن کي حيرت ورتو ته ڪهڙيءَ طرح لاچار ۽ بيوس ٿي هن جي پٺيان هليو وڃان. جيسين ”مرئنڊا“ تي نظر پهچي ٿي سگهيس، تيسين ڪنڌ ورايو هن کي پئي ڏٺائين، ۽ جيئين ”پراسپرو“ جي پٺيان غار ۾ پئي ويو، تيئن چوڻ لڳو ته ، منهنجي همت سڀ هارجي ويئي آهي. ڄڻ ته آءٌ خواب ۾ هجان. پر جيڪڏهن پنهنجي قيد خاني مان ڏهاڙي هڪڙو ڀيرو انهيءَ محبوب جي ڏسڻ جو وجهه ملندو وڃي، ته جيڪر، هن ماڻهوءَ جي دڙڪن ۽ پنهنجي ضعيفائيءَ جي مون کي پرواهه ئي ڪانه هجي!

”پراسپرو“  ”فرڊننڊ“ کي، گهڻي تائين غار ۾ نه ترسايو. هن سگهوئي پنهنجي قيديءَ کي ڪڍي ٻاهر آندو، ۽ مٿس هڪڙو سخت ڪم رکيائين. پهرين اٽڪل ڪري انهيءَ سخت پورهئي جي ڳالهه پنهنجي ڌئ جي ڪنين وڌائين، پوءِ پاڻ پنهنجي ڪتابن واريءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃڻ جو بهانو ڪري اندر آيو، ۽ لڪي بيهي ڏٺائين ته هو ڇا ٿا ڪن.

”پراسپرو“ ”فرڊننڊ“ تي اهو ڪم رکيو هو ته ڪي ڪاٺيءَ جا ڳرا بنڊ کڻي آڻي ڍير ڪري. بادشاهن جا پٽ اهڙي سخت پورهئي جا هريل نه هوندا آهن، تنهنڪري ”مرئنڊا“ سگهوئي سهي ڪيو ته منهنجو عاشق ٿڪ سان پيو مري. تڏهن چوڻ لڳيس ته ”هي هي، ايترو ڪشالو ۽  پورهيو نه ڪر! بابو پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ ويٺو ڪتاب پڙهي، سو هو ٽي ڪلاڪ ٻاهر ڪين ايندو. ڀلائي ڪري، تون آرام وٺ!“ ”فرڊننڊ“ چيو ته ”منهنجي پياري، آءٌ ڪٿان ائين ڪري سگهان. جڏهن  پنهنجو ڪم پورو ڪريان، تڏهين ڪو آرام وٺان.“ ”مرئنڊا“ چيو ته ” جيڪڏهن تون ويهي رهندين ته آءٌ تنهنجي پاران ڪاٺيون کڻنديس.“ اها ڳالهه ”فرڊننڊ“ بنهه قبول نه ڪئي. ”مرئنڊا“ جيڪا هن کي مدد ڏني سو ته چڱو ، اُٽلندو هن جي ڪم ۾ اٽڪ ٿي پيئي، ڇا لاءِ جو پاڻ ۾ ڊگهيون ڊگهيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، ۽ بنڊن کڻڻ جو ڪم تمام ڍرائيءَ سان پئي هليو. ”پراسپرو“، جنهن رڳو ”فرڊننڊ“ جي دل پرکڻ لاءِ مٿس اهو ڪم رکيو هو، سو پڙهڻ ڪين ويو. جيئن ڌيڻس ٿي سمجهيو. پر سندن پاسي ۾ لڪو بيٺو هو ته انهن جون ڳالهيون ٻُڌي. ”فرڊننڊ“ ”مرئنڊا“ کان سندس نالو پڇيو، جو هن ٻڌايس، ۽ هيترو به چيائينس ته ”مون کي بابي جي منع آهي، پر انهيءَ هوندي به مون تو کي نالو ٻڌايو آهي.“

”پراسپرو“ پنهنجي ڌيءَ جي هن پهرينءَ نافرمانيءِ تي رڳو مرڪيو، ڇا لاءِ جو جڏهن هن جادوءَ جي زور سان پنهنجي ڌيءَ کي هنجي محبت ۾ ڦاسايو ، تڏهن ڌيڻس جو سندس حڪم کان نافرماني ڪري محبت ڏيکاري، تنهڪري هو رنج ڪين ٿيو: ۽ ”فرڊننڊ“ گهڻي گفتگو ڪرڻ سان ”مرئنڊا“ ڏانهن پنهنجي محبت ظاهر ڪئي ۽ هن کي چيائين ته ”هيستائين جيڪي زالون مون ڏٺيون آهن، تن سڀني کان تو کي وڌيڪ ٿو ڀائيان“، سو ٻڌي”پراسپرو“ گهڻو خوش ٿيو.

”فرڊننڊ“ چوڻ لڳس ته ” دنيا ۾ جيڪي زالون آهن، تن سڀني کان تون وڌيڪ سهڻي آهين“، تنهن جي جواب ۾ ”مرئنڊا“ چيو ته ”مون کي ڪنهن به زال جو منهن ياد ناهي، نڪي، منهنجا پيارا دوست، تو کان ۽ بابي کان سواءِ ٻيو ڪو مڙس ماڻهو مون ڏٺو آهي، ۽ مون کي خبر ناهي ته ٻين ماڻهن جا ڪهڙا مهانڊاآهن.پر ، سائين، پڪ ڄاڻج ته دنيا ۾ تو کان سواءِ مون کي ٻيو ڪو ساٿي نه گهرجي، نڪي تنهنجي مُنهن کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي صورت منهنجي خيال ۾ اچي سگهي ٿي، جا مون کي وڻي... پر، سائين، آءٌ تو سان گهڻو ٿي ڳالهايان، ۽ بابي جا حڪم وساريو ٿي ڇڏيان!“

اتي ”پراسپرو“ مُرڪي ڪنڌ ڌوڻيو. ڄڻ چوندو هجي ته، جيئن منهنجي مرضي هئي، تيئن ڪم پيو هلي، منهنجي ڌيءَ نيٺ نيپلس جي راڻي ٿيندي!“

”فرڊننڊ“ وري هڪڙي ڊگهي گفتگو ڪئي، جنهن ۾ هن، مرئنڊا کي چيو ته ” آءٌ نيپلس جي بادشاهيءَ جو وارث آهيان، ۽ منهنجي دل جي خواهش آهي ته تون منهنجي راڻي ٿين ! “ هُن ورندي ڏني ته ” اي سائين، جنهن ڳالهه ۾ آءٌ خوش آهيان، تنهن جي لاءِ ارمان ڪرڻ بيوقوفي آهي آءٌ تو کي ايمان ۽ سچائيءَ سان صاف لفظن ۾ جواب ڏيان ٿي ته جيڪڏهن تون مون سان شادي ڪندين، ته آءٌ تنهنجي زال آهيان!“ اڃان ”فرڊننڊ“ شڪر گذاريءَ جا لفظ پنهنجي واتان ئي نه ڪڍيا هئا، ته ”پراسپرو“ نڪري ظاهر ٿيو ، ۽ هن کڻي بس ڪئي.

”پراسپرو“ ڌيءَ کي چوڻ لڳو ته ” ابا، ڊڄ نه، جيڪي تو پئي ڳالهايو، سو سڀ مون لڪي ٻڌو آهي، ۽ مون کي پسند آهي. ۽، ”فرڊننڊ“، جيڪڏهن مون توکي سخت ڪمائي ڪرائي آهي، ته پنهنجي ڌيءَ جي ٻانهن ڏيڻ سان آءٌ توکي انهيءَ جو چڱو عيوضو ڏيندس. تو کي جو هيتريون تڪليفون پئي ڏنيم، سو رڳو تنهنجي محبت پرکڻ لاءِ ، ۽ تون انهيءَ ۾ پورو آيو آهين. تنهڪري، پنهنجيءَ سچيءَ محبت جي بدلي ۾ ، انعام طور ، منهنجي ڌيءَ هٿ ڪر. هوءَ تعريف ڪرڻ کان ٻاهر آهي . انهيءَ ڳالهه کي ٻٽاڪ ڄاڻي متان کلين !“ تنهن کان پوءِ هنن کي چيائين ته ”مون کي ڪو ڪم آهي، آءٌ وڃان ٿو اوڏي، اوهين ويهي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪريو، جيسين آءٌ وري اچان .“ انهيءَ حڪم کان نافرماني ڪرڻ لاءِ، ”مرئنڊا“ جي بلڪل مرضي نه هئي!

جڏهن ”پراسپرو“ هنن کي اُتي ڇڏي موٽيو، تڏهن اچي پنهنجي جنّ ”ايريل“ کي سڏيائين. هو سگهو ئي اچي حاضر ٿيو، انهيءَ لاءِ ته پنهنجي ڌڻيءَ کي، سندس ڀاءُ ۽ نيپلس جي بادشاهه سان جيڪي ڪيو هئائين، سو بيان ڪري ٻڌائي. ”ايريل“ چيو ته ”جيڪي عجائب غرائب هُنن ڏٺا ۽ ٻڌا آهن، تن مان اهڙو خوف سندن دل ۾ جاڳيو آهي، جو جڏهن آءٌ هيڏي ٿي آيس تڏهن ڄڻ ته هوش ئي ڇڏي ويو هونِ!“

جڏهن هو رُلي رُلي ٿڪا ۽ بک مرڻ لڳا، تڏهن هن مزي مزي جي طعامن جو خونچو اوچتو سندن اڳيان آڻي رکيو، پوءِ اڃان کائڻ ٿي ويٺا، ته هو هڪڙي هيبتناڪ کنڀن واريءَ بلا جي شڪل ۾ سندس اڳيان نڪري ظاهر ٿيو، ۽ خونچو گم ٿي ويو. اها بلا هنن کي چوڻ لڳي ته اوهان ظلم ۽ زبردستي ڪري پراسپرو کي سندس ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ هن کي ڌيءَ سميت سمنڊ ۾ ٻڏي مرڻ لاءِ لوڙهي ڇڏيو، انهيءَ ڪري هي سڀ هلاڪيون ۽ هيبتون اوهان جي سر تي آيون آهن. هي ڏسي هو حيرت ۾ پئجي ويا.

نيپلس جي بادشاهه ۽ ”پراسپرو“ جي ڪوڙي ڀاءَ ”ائنٽونيو“ جيڪي ظلم ڪيا هئا، تن کان گهڻو پشيمان ٿيا، ۽ ”ايريل“ پنهنجي ڌڻيءَ کي خاطري ڏني ته ”هنن جي توبهه ۽ پشيماني سچي آهي، ۽ جيتوڻيڪ آءٌ جنّ آهيان، تڏهن به هنن جي حالت تي مون کي رحم اچي ٿو.“ ”پراسپرو“ چيو ته ”ايريل، تڏهن هاڻ هنن کي وٺي آءُ. جيڪڏهن جنّ ٿي ڪري توکي ارمان ٿئي ٿو، ته آءٌ جو هنن جهڙو انسان آهيان، سو هنن تي قياس ڪين ڪندس ڇا؟ وڃ، منهنجا ايريل، وڃي جلدي ’هنن کي وٺي آءُ.“

”ايريل“ جهٽ ۾ وڃي نيپلس جي بادشاهه ۽ ”ائنٽونيو“ ۽ ٻڍي ”گنزالو“ کي پاڻ سان وٺي آيو. هو اڳ ۾ هوائي باجو وڄائيندو هليو، ۽ هوُ ٽيئي اُنهيءَ جي آواز تي هليا آيا. تان جو اچي ”پراسپرو“ جي اڳيان نڪتا. هي ”گنزالو“ اهو ساڳيو هو، جنهن، مهرباني ڪري، اڳي جڏهن ”پراسپرو“ کي سندس خراب ڀاءُ جهاز ۾ چاڙهي ٻڏڻ لاءِ هڪلي ڇڏيو هو، تڏهن هن کي سندس ڪتاب ۽ کاڌي پيتي جو سامان موجود ڪري ڏنو هو.

ڏک ۽ خوف ڪري هنن جو هوش اهڙو خطا ٿي ويو هو، جو هو، پراسپرو کي سڃاڻي نه سگهيا. هن پهرين گنزالو سان ڳالهايو، ۽ هن کي پنهنجي ساهه بچائڻ وارو سڏيائين_ انهيءَ طرح پاڻ سڃاڻايائين. پوءِ ڀاڻس ۽ بادشاهه به سهي ڪيو ته اهو ”پراسپرو“ آهي، جنهن سان هنن ههڙي ظلم جي هلت ڪئي هئي.

ائنٽونيو، اکين ۾ ڳوڙها آڻي، ڏک ۽ سچيءَ توبهه جي لفظن سان پنهنجي ڀاءَ کان معافي گهري، ۽ بادشاهه به پنهنجي پيشماني ظاهر ڪئي ته مون ناحق ”ائنٽونيو“ کي ڀاءُ کان تخت ڦري وٺڻ ۾ مدد ڏني. ”پراسپرو“ هنن کي معافي ڏني، ۽ جڏهن هنن انجام ڪيو ته اها حڪومت موٽائي تو کي ڏينداسين، تڏهن هن نيپلس جي بادشاهه کي چيو ته ” مون اوهان جي لاءِ هڪڙو انعام رکي ڇڏيو آهي، سو اوهان کي ڏيندس.“ ائين چئي، هڪڙو دروازو کولي، کيس سندس پٽ ”فرڊننڊ“ ڏيکاريائين، جو ”مرئنڊا“ سان شطرنج راند ويٺي رهيو.

ههڙي اتفاقي ميلاپ ڪري جا خوشي پيءُ_ پٽ کي ٿي، سا ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي. ڇا لاءِ جو هنن هڪٻئي کي طوفان ۾ ٻڏو ٿي سمجهيو.

”مرئنڊا“ حيرت ۾ پئي چوڻ لڳي ته ”اڙي هي ڇا؟ هي ته ڪهڙا ساهوارا آهن! جنهن دنيا ۾ ههڙا ماڻهو آهن، سا ڪهڙي نه چڱي هوندي!“

”نيپلس“ جي بادشاهه کي به ”مرئنڊا“ جي جواني ۽ خوبصورتي  ڏسي اهڙي حيرت لڳي، جهڙي پٽس کي لڳي هئي. پڇڻ لڳو ته ”هيءَ جوان زال ڪير آهي؟ شايد اِها ديوتا آهي، جنهن اسان کي پهرين جدا ڪري پوءِ وري هينءَ ملايو !“ ”فرڊننڊ“، جنهن ڏٺو ته ”مرئنڊا“ کي پهريندي شرط ڏسي جيڪا ڀـُل مون ڪئي هئي ساڳي بابي به ڪئي آهي، تنهن مرڪي ورندي ڏني ته ”نه، سائين، انسان آهي... پر خدا جي مهربانيءَ سان مون کي ملي آهي! بابا سائين، جڏهن مون هن کي پسند ڪيو، تڏهن اوهان کان آءٌ منظوري وٺي نه سگهيس، ڇا لاءِ جو مون اوهان کي جيئرو نٿي ڀانيو. هيءَ هن ”پراسپرو“ جي ڌيءَ آهي، جو ميلان جو مشهور بادشاهه آهي، جنهن جي تعريف مون گهڻي ٻڌي هئي، مگر ڏٺو رڳو هاڻي اٿمانس. هن مون کي نئين حياتي ڏني آهي. هن مون کي هيءَ پياري زال ڏيئي، مون سان پيءُ وارا وڙ ڪيا آهن!“ بادشاه چيو ته ”تڏهن آءٌ سندس سهرو ٿيس .. پر اها ڪهڙي نه کل جهڙي ڳالهه ڏسڻ ۾ ٿي اچي ته آءٌ پنهنجي ننهن کان معافي گهران!“ ”پراسپرو“  چيو ته ”هاڻ انهيءَ ذڪر کي کڻي ڇڏيو . جيڪي ڏک ۽ اهنج اسان تي گذريا آهن، سي هاڻ بهتر آهي ته وساري ڇڏيون، ڇا لاءِ جو نيٺ اُنهن جي پڇاڙي چڱي ٿي آهي.“ پوءِ ”پراسپرو“ پنهنجي ڀاءَ کي ڀاڪر وڌو، ۽ وري به خاطري ڏنائين ته مون توکي دليؤن بجانيؤن معافي ڏني، ۽ چيائينس ته ”اِها ڌڻيءَ سڳوري جي مرضي هئي ته آءٌ ميلان جي حڪومت مان ڌڪجي وڃان، ۽ منهنجي ڌيءَ ”نيپلس“ جي وارث ٿئي، ڇا لاءِ جو هن سڃي ٻيٽ ۾ ملڻ ڪري ”مرئنڊا“ تي شهزادي جي عاشق ٿيڻ جو اتفاق پيدا ٿيو.“

پنهنجي ڀاءَ جي تسلي لاءِ جو ”پراسپرو“  مهرباني جا لفظ واتان ڪڍيا، تنهن ڪري ”ائنٽونيو“ شرم ۽ پيشمانيءَ ۾ اهڙو ٻڏي ويو، جو هن روئي ڏنو ۽ اکر به ڪڇي ڪين سگهيو. هن خوشي جي پرچاءَ هئڻ ڪري، ويچاري پير مرد”گنزالو“ کي اکين مان پاڻي نڪري آيو، ۽ گهوٽ ڪنوار کي ڏاڍيون دعائون ڪرڻ لڳو.

پوءِ ”پراسپرو“  هنن کي چيو ته ”اوهان جو جهاز سهي سلامت ڪناري تي بيٺو آهي ۽ مهاڻا سڀ مٿس ويٺا آهن. سڀاڻي صبوح جو آءٌ ڌيءَ سوڌو اوهان سان گڏيو هلندس. انهيءَ وچ ۾، جيڪو کاڄ منهنجي غريباڻي غار ۾ موجود آهي سو هلي کائو . رات جو اوهان کي آءٌ هن ٻيٽ ۾ پنهنجي پهريندي اچڻ کان وٺي سڄو احوال ٻڌائي خوش ڪندس.“ پوءِ هن ”ڪئليبان“ کي تيار ڪرڻ ۽ غار جي سامان ٺاهي رکڻ لاءِ سڏايو. سڀني کي هن بد شڪل بلا جي عجيب ۽ جهنگلي صورت ڏسي حيرت وٺي ويئي. ”پراسپرو“  هنن کي ٻڌايو ته ”هتي منهنجي خذمت ڪرڻ وارو رڳو اهو اٿو.“

ٻيٽ ڇڏڻ کان اڳي، ”پراسپرو“ ”ايريل“ کي نوڪريءَ کان آزاد ڪيو، جنهن ڪري اهو غريب جنّ ڏاڍو خوش ٿيو. جيتوڻيڪ هو پنهنجي ڌڻيءَ جو ايماندار نوڪر ٿي رهيو هو، تڏهن به،آزاد ٿي ، مزي مزي جي ميون ۽ سرهن گلن ۾، توڙي ساون وڻن هيٺ ، جهنگلي پکي وانگي گهمڻ ۽ اڏامڻ جي ڏاڍي سڪ هوندي هيس. موڪل ڏيڻ مهل ”پراسپرو“  انهيءَ ننڍڙي جنّ کي چيو ته ” منهنجا عجيب ايريل، تنهنجي وڃڻ ڪري آءٌ گهڻو هلاڪ  ۽ اٻاڻڪو ٿيندس، پر توکي آزاد ته ضرور ڪرڻ گهرجي .“ ايريل چيو ته ”سائين، مهرباني اوهان جي ، پر مون کي موڪل ڏيوته اوهان جي جهاز سان گڏ ڳوٺ تائين گڏيو هلان، پوءِ ڀلي اوهين هن پنهنجي ايماندار غلام کي رخصت ڏيو. تنهن کان پوءِ ، سائين ، جڏهن آءٌ آزاد ٿيندس، تڏهن ڪهڙو نه خوش گذاريندس!“ اتي ايريل هيٺئين مضمون جو هڪڙو چڱو راڳ ڳايو: ”جتي ماکي جي مک رس ڪڍندي، اتي آءٌ وڃي لڪندس، ڪنهن گل جي پن منجهه وڃي سئون ٿي سمهندس، ۽ جڏهن چٻرا رڙيون ڪندا، تڏهن اُتي آءٌ آرام وٺندس: چمڙي جي پٺ تي چڙهي، اونهاري کان پوءِ مزي سان اُڏامندس. ٽارين ۾ جيڪو ٻُور پيو لڙڪندو، تنهن هيٺ هاڻي وڃي رهندس، ۽ خوشيون ڪندس!“

تنهن کان پوءِ، ”پراسپرو“  پنهنجي جادوءَ جي لڪڙي ۽ جادوءَ جا ڪتاب زمين ۾ اونهي کڏ کڻي پوري ڇڏيا، ڇا لاءِ جو هن پڪو ارادو ڪيو ته وري آءٌ انهيءَ هنر جي استعمالي ڪا نه ڪندس. انهيءَ طرح ، پنهنجن  دشمنن تي فتحياب ٿي، ۽ پنهنجي ڀاءَ ۽ نيپلس جي بادشاهه سان پرچي ، هو تمام گهڻو خوش ٿيو. سندس دل جا ٻيا جيڪي مطلب هئا، سي سڀ پورا ٿيا، باقي رهيس پنهنجي وطن کي وري ڏسڻ ، پنهنجي حڪومت هٿ ڪرڻ، ۽ ”فرڊننڊ“۽ ”مرئنڊا“ جي شادي ڏسڻ، جا بادشاهه چيو ته نيپلس ۾ پهچڻ شرط گهڻي تجمل سان ڪنداسين. پوءِ ته سگهو ئي، ”ايريل“ جنّ جي مدد سان سڻائي مسافري ڪري ، سهي سلامت اچي نيپلس کان نڪتا.

 

ڏنگيءَ زال کي سئون ڪرڻ

 

”پئڊوئا“ شهر ۾ ”بئپٽسٽا“ نالي هڪڙو دولت مند ماڻهو هوندو هو. انهيءَ کي هڪڙي ڌيءَ هئي ، جنهن جو نالو هو ”ڪيٿرائن“. هوءَ ڏاڍي شوخ طبع ۽ چيڙاڪ هوندي هئي. اهڙو وڏي سڏ اجايو سجايو ڳالهائيندي هئي ، جو ”پئڊوئا“ ۾ مٿس ” ڏنگي زال“ جو نالو پئجي ويو هو. ڪنهن کي به امڪان نٿي سـُجهيو ته ڪو سکر ماڻهو دل جهلي اهڙي زال سان شادي ڪندو. ”بئپٽسٽا“ کي ٻي به ڌيءَ ”بئنڪا“ نالي هئي ، جنهن سان شادي ڪرڻ لاءِ گهڻائي چڱا چڱا ماڻهو آيا ٿي، پر ”بئپٽسٽا“ راضي نه ٿي رهيو. اهو عذر پيو ڏيندو هو ته جڏهن ”بئنڪا“ جي وڏي ڀيڻ اڃان ويٺي آهي تڏهن جيسين اُنهيءَ جو نيڪال نه ٿيندو، تيسين ننڍيءَ جي شاديءَ جي موڪل نه ڏيندس. انهيءَ ڪري، ماڻهو گهڻو عتاب ڏيندا هئس.

پر، سبب سان، هڪڙو سکرماڻهو ”پيٽروشيو“ نالي ”پئڊوئا“ ۾ اچي نڪتو. ۽ خاص انهيءَ ڪم لاءِ ته ڪا زال ڳولي شاديءَ جو بندوبست ڪري تنهن جو ڪئٿرائن جي شوخيءَ ۽ بدمزاجيءَ جون ڳالهيون ٻڌيون، تنهنڪري ڊنو ڪين ، جڏهن معلوم ٿيس ته سهڻي به آهي ۽ پيسن واري به آهي، تڏهن انهيءَ مشهور زال سان شادي ڪرڻ ۽ انهيءَ کي هيرائي ٺاهي نرم ۽ چڱي زال ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. حقيقت ڪري به ، اهڙي مشڪل ڪم پوري ڪرڻ لاءِ هن ”پيٽروشيو“ جهڙو ٻيو ڪو ماڻهو لائق ڪو نه هو. هن جي طبيعت به اهڙي شوخ هئي، جهڙي ”ڪئٿرائن“ جي. هو ڏاڍو خوش طبع ۽ چرچائي هوندو هو، ۽ سمجهه ڀريو به اهڙو هوندو هو، ڪوڙ ڪري غصي ۽ ڪاوڙ واري شڪل بنائڻ آسان هيس. هن جي سڀائي تبيعت بيخياليءَ ۽ آرام جي هوندي هئي، تنهن ڪري جڏهن ڍونگ ڪري ڪاوڙبو هو، تڏهن اندر ۾ پنهنجي ڍونگ تي پاڻ کلندو هو. هن دل ۾ ڄاتو ته ”ڪئٿرائن“ سان شادي ڪرڻ کان پوءِ، چرچن ۾ يا اٽڪل سان، ڍؤنگ ڪري، آءٌ ڪاوڙبس ۽ گهڻي بڪ بڪ ڪندس، ته پوءِ پاڻهي ڪئٿرائن جي شوخي ڍري ٿيندي.

تنهن کان پوءِ ”پيٽروشيو“ ”ڪئٿرائن“ سان ٺاهه ڪرڻ جي لاءِ آيو. پهريائين اچي سندس پيءُ ”بئپٽسٽا“  کي عرض ڪيائين ته ”مون کي رخصت ملي ته آءٌ اوهان جي ڌيءَ ڪئٿرائن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪريان. مون ٻڌو هو ته هوءَ ته ڏاڍي حيا واري ۽ نرم طبع ۽ غريب آهي، تنهنڪري آءٌ انهيءَ جي محبت جي خاطر ويرونا مان هليو آهيان.“ جيتوڻيڪ ”بئپٽسٽا“ جي گهڻي مرضي هئي ته منهنجي ڌيءَ جي ڪنهن طرح سان شادي ٿي پوي، تڏهن به، لاچار ڄاڻي، هن کي چيائين ته ”هوءَ اهڙيءَ تعريف جي لائق نه آهي.“ اُتي ئي، سندن ويٺي، راڳ سيکارڻ وارو استاد دانهون ڪندو اندر گهڙي آيو، ۽ چوڻ لڳو ته ” منهنجي شاگرد ڪئٿرائن طنبور سان منهنجو مٿو ڦاڙي وڌو آهي، جو مون سندس ساز وڄائڻ ۾ حجت ڪري چوڪ ڪڍي!“ جڏهن ”پيٽروشيو“ اها ڳالهه ٻڌي ، تڏهن چيائين ته ” اها ته ڪا بهادر زال ٿي ڏسجي ! انهيءَ ڪري مون کي ته پاڻ زياده پسند ٿي اچي . مون کي ساڻس گفتگو ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي.“ ۽ پرئي مڙس کي آڻي تڪڙ ٻـَڌائين ته ”بئپٽسٽا صاحب، منهنجو ڪم تڪڙ جو آهي، آءٌ انهيءَ ڪم لاءِ هر روز ڪين پيو ايندس، اوهين منهنجي پيءَ جا چڱيءَ طرح واقف آهيو، هن وفات ڪئي آهي، ۽ آءٌ سندس زمين ۽ ٻيءَ ملڪيت جو وارث آهيان. هاڻي، مهرباني ڪري، مون کي ٻڌايو ته جي اوهان جي ڌيءَ منهنجو عرض قبوليو، ته پوءِ اوهين هن کي ڪيترو ڏاج ڏيندؤ ؟“ ”بئپٽسٽا“ کي هن جي هلت بيحيائيءَ جهڙي ڏسڻ ۾ آئي، مگر ڌيءَ جي پرڻائڻ جي جا خوشي هيس، تنهنڪري ورندي ڏنائينس ته ”آءٌ ويهه هزار ڪرائون ڏاج ۾ ڏيندس، ۽ پنهنجي مئي کان پوءِ پنهنجي ميراث جو اڌ.“ پوءِ ته سگهوئي ٻئي راضي ٿيا. ”بئپٽسٽا“ اُٿي وڃي پنهنجيءَ بدمزاج ڌيءَ کي ٻڌايو ته ”تنهنجي ٻانهن لاءِ هڪ شائق آيو آهي، ۽ هن کي ”پئٽروشيو“ واريءَ جاءِ ۾ روانوڪيائين ته وڃي هن جو عرض ٻڌي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org