سيڪشن: ادب

ڪتاب: دلپسند قصا

باب:

صفحو:18 

چوڪن جو چرچو

’سراڪيوز‘ ۽ ’اِفيسس‘ جون حڪومتون هڪٻئي جي برخلاف هونديون هيون ، تنهنڪري افيسس ۾ هڪڙو اهڙو سخت قاعدو جاري ٿيل هو تھ جي ڪو بھ سراڪيوز جو سوداگر افيسس شهر ۾ ڏسجي تھ انهيءَ کي قتل ڪري وجهجي، يا جي هزار مارڪ (سڪا) ڀري ڏئي تھ ڇوٽڪارو ڏجيس .

هڪڙي ڀيري ” ايجين “ نالي هڪڙي ٻڍي سراڪيوز  جي سوداگر کي افيسس جي گهٽين ۾ لهي (گھلي ڊيوڪ وٽ آيا، تھ يا قهر جي چٽي ڀري يا پنهنجو سر ڏئي .ايجين وٽ تھ ڏنڊ ڀرڻ لاءِ پيسو موجود ڪو نھ هو ،سو موت جي سزا جاري ڪرڻ کان اڳي ڊيوڪ هن کي چيو تھ ” تون پنهنجو سارو احوال ڪري ٻڌاءِ ، ۽ چوء تھ جڏهن سراڪيوز   جا واپاري افيسس ۾ اچڻ ڪري قتل ٿيندا آهن، تڏهن تون ڪيئن دل جهلي آئين ؟ “ ايجين چيو تھ ” ڏکن جي ڪري آءٌ پنهنجيءَ جان مان اهڙو ڪڪ آهيان ڇو جو مرڻ کان مون کي ڊپ ڪو نھ ٿو ٿئي، پر پنهنجي ندوريءَ حياتيءَ جي ڏينهن جو احوال ٻڌائڻ بھ منهنجي لاءِ تمام ڳرو ڪم آهي . “ پوءِ هو پنهنجي ڳالهه هن طرح ڪرڻ لڳو :

  ” سراڪيوز ۾ ڄائو هوس ، واپار جو ڪم سکيس . مون هڪڙي زال پرڻي ، جنهن سان ڏاڍو خوش گذاريندو هوس . هڪڙي ڀيري ڪنهن ڪم سان آءٌ ’ايپيڊامنيم‘ ڏي ويس ، جتي پنهنجي ڌنڌي جي پٺيان ڇهه مهينا ساندهه ٽڪي پيس ؛ پوءِ جڏهن ڏٺم تھ مون کي اڃا بھ وڌيڪ ٽڪڻ ضرور آهي ، تڏهن پنهنجي زال کي گهرايم . هن جي آئي کان پوءِ سگهو ئي اسان کي ٻھ جاڙا پٽ ڄاوا ، ۽ عجب جي ڳالهه تھ هو ٻئي شڪل ۾ هڪجهڙا هئا ، جو هنن جي وچ ۾ فرق سمجهڻ يا هڪڙو ٻئي کان سڃاپڻ مشڪل هو . ساڳئي وقت ۾ ، جنهن مسافر خاني منجهه مننهنجي زال ٽڪيل هئي ، اتي ٻيءَ هڪڙي غريب زال کي به جاڙا پٽ ڄاوا، جي هڪ ٻئي سان اهڙا مشابهه هئا، جهڙا منهنجا پٽ هئا. تنهنڪري مون اهي ٻئي ٻار هنن کان مُلهه ورتا، ۽ هنن کي پالي وڏو ڪيو ته منهنجن پٽن جا نوڪر ٿين.

”منهنجا پٽ اهڙا خوبصورت ٻار هئا، جو منهنجي زال کي انهن جو فخر رهندو هو. هن کي ڳوٺ موٽڻ جي گهڻي تانگهه هوندي هئي، تنهنڪري لاچار مون به قبول ڪيو، ۽ ڪنهن نڀاڳي وقت ۾ جهاز تي چڙهي روانا ٿياسين. ”اڃا ايپيڊيا منيم“ کان ٽئي ميل مس ڪري ويا سين، ته اچي سخت طوفان کڙو ٿيو. اهو اهڙي زور سان لڳو جو مهاڻا، جهاز بچائڻ جو آسرو لاهي ، پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پاڻ وڃي ٻيڙيءَ ۾ گڏ ٿيا، اسان کي جهاز ۾ هيکلو ڇڏي هليا ويا. اسان سڀڪنهن پل ۾ ائين پئي ڄاتو ته اجهو ٿو طوفان ۾ جهاز ٻڏي.

”منهنجي زال جي روئڻ ۽ منهنجن ٻارڙن جي ٻاڪارائڻ، جن کي خوف جي ته ڪا به خبر ڪانه هئي. مگر رڳو ماءُ کي روئندي ڏسي ٿي رنائون، تنهن منهنجي دل ۾ سندن لاءِ گهڻو ڊپ آڻي وڌو. آءٌ پنهجي سر موت کان نٿ دنس. ون کي اچي انهيءَ فڪر کنيو ته ڪنهن حيلي هنن کي بچايان مون پنهنجو ننڍو پٽ هڪڙي فالٽو کوُهي جي ڇيڙي سان کڻي ٻڌو، ۽ ٻئي ڇيڙي ۾ وري ٻن جاڙن غلامن مان ننڍو کڻي ٻڌم؛ ۽ انهيءَ مهل پنهنجي زال کي سمجهايم، تنهن وري ساڳيءَ طرح پئي کوهي سان باقي به ٻار ٻڌا. انهيءَ طرح،ننڍا ٻار منهنجي حوالي ۾ هئا، ۽ وڏا منهنجي زال جي . پوءِ اسان پاڻ کي جدا جدا ڪري انهن کوهن سان کڻي ٻڌو، جن ۾ ٻيا ٻار به ٻڌل هئا ، جي ائين نه ڪريون ها، ته ضرور اسين ٻڏي مرون ها، ڇا لاءِ جو سگهوئي جهاز وڄي هڪڙي وڏي ٽڪر سان لڳي ٽڪر ٽڪر ٿي پيو، ۽ اسين، جي هنن هاڪن کوهن سان چنبريا پيا هئا سين، سي پاڻيءَ جي مٿان تري بيهي رهيا سين . انهيءَ حالت ۾ مون کي پنهنجي زال جي واهه ڪرڻ مشڪل هئي، جو مون کي ٻه ٻار به سنڀالڻا هئا، تنهنڪري سگهو ئي هو ٻين ٻارن سان مون کان جدا ٿي ويئي، پر هو اڃا منهنجيءَ نظر ۾ هئا، ته هنن کي آءٌ ڀانيان ٿو ته ”ڪارنٿ“ جي مهاڻن جي ٻيڙي اچي پهتي، جنهن هنن کي ڪڍي ورتو. هنن کي سلامت نڪتو ڏسي، مون کي هاڻ رڳو پنهنجي پياري پٽ ۽ ننڍي غلام کي بچائڻ لاءِ سمنڊ جي لهرن سان وڙهڻو ٿيو. نيٺ اسان جو به وارو آيو، ۽ هڪڙي جهاز اسان کي ڪڍي ورتو. مهاڻن اسان کي سڃاتو، تن اسان جي گهڻي اڌرڀاءُ ۽ مدد ڪئي، ۽ اسان کي صحيح سلامت سراڪيوز ۾ آڻي پهچايائون، پر انهيءَ وقت کان وٺي وري مون کي پنهنجيءَ زال ۽ وڏي پٽ جو سماءُ ئي ڪو نه پيو. جنهنڪري آءٌ ڏاڍي ڏک ۾ گذاريندو وتان .

جڏهن منهنجو ننڍو پٽ ، جو رڳو منهنجي سر جو ساٿي هو، ارڙهين ورهين جو ٿيو، تڏهن پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ جي پڇا ڪرڻ لڳو، ۽ مون کان زور ڪري موڪلائڻ لڳو ته پاڻ پنهنجي ننڍي غلام کي ساڻ ڪري وڃي اُنهن جي ڳولا ڪري، جو هن غلام به پنهنجو وڏو ڀاءُ وڃايو هو. نيٺ مون هنن کي موڪل ڏني. اگرچه منهنجي مرضي بلڪل نه هئي. ڇا لاءِ جو جيتوڻيڪ مون کي پنهنجي زال ۽ وڏي پٽ جي خبر پوڻ جي گهڻي خواهش هئي. تڏهن به ننڍي پٽ جي خبر پوڻ جي گهڻي خواهش هئي. تڏهن به ننڍي پٽ جي موڪلڻ ۾ مون کي سندس گم ٿيڻ جو خوف هو. ست ورهيه ٿيندا جو منهنجو پٽ مون کان موڪلائي ويو. پنجهه ورهيه ته مون هن جي ڳولا ۾ سارو جهان ڍونڍيو آهي: آءٌ پرانهين يونان ۾ ويو هوس، ۽ ايشيا جي سرحدن مان به لنگهيو آهيان؛ هاڻي ڳوٺ موٽڻ جي ارادي سانسمنڊ جوڪنارو ڏيئي اچي هتي افيسس ۾ لٿو آهيان، جو منهنجي دل جنهن بندر ۾ ماڻهو ڏسان ٿو اتي ڳولڻ کان رهي نٿي سگهي..... پر اڄ مڙئي منهنجي حياتي جو قصو  پورو ٿيندو، ۽ جيڪڏهن مون کي يقين ٿئي ته منهنجي زال ۽ منهنجا پٽ جيئرا آهن، تو پوءِ جيڪر مرڻ ڪري آءٌ پاڻ کي سڀاڳو سمجهان!“

 ايجين پنهنجي ڪمبختيءَ جي ڳالهه پوري ڪئي. ڊيوڪ کي هن ويچاري بدنصيب پيءُ تي گهڻو رحم آيو، جو هن پنهنجي گم ٿيل پٽ جي سانگي پاڻ کي پاڻيهي هن جو کي ۾ وڌو، ۽ چوڻ لڳو ته ”جيڪڏهن اها ڳالهه قاعدي جي برخلاف نه هجي ها... جنهن قاعدي کي آءٌ پنهنجي قسم ۽ درجي ڪري ڦيرائي نٿو سگهان.... ته جيڪر آءٌ تو کي ضرور معافي ڏيان ها.. انهيءَ هوندي به، تو کي هڪدم مارائڻ جي بدران، جيئن قاعدي جو سخت حڪم آهي، آءٌ اڄوڪو ڏينهن تو کي مهلت ڏيان ٿو نه وڃي پن يا اُڌارو کڻ.. من ڏنڊ جا پيسا نڪري پونئي.“ انهيءَ ڏينهن جي مهلت ايجين جي لاءِ ڪا مروت يا مهرباني نه هئي، ڇا لاءِ جو افيسس ۾ هو ڪنهن کي به سڃاڻندو ڪين نه هو، تنهنڪري اهڙي اميد مور ڪانه هيس ته ڪو غير واقف ماڻهو مون کي هازار مارڪن جيتري رقم اُڌاري يا بخشش طور ڏيندو، جنهن سان چٽي ڏيئي جند ڇڏايان، بيڪسيءَ ۽ نااميديءَ جي حالت ۾ هن کي بنديخاني جو داروغو ڊيوڪ وٽان ڪڍي وٺي ويو.

ايجين ڄاتو ٿي ته افيسس ۾ منهنجي ڪابه سڃاڻ ڄاڻ ڪانهي، پر جنهن ننڍي پٽ جي ڳولا ۾ هن پنهنجو جيءُ جوکي ۾ وڌو هو، سو ۽ سندس وڏو پٽ ٻئي افيسس جي شهر ۾ هئا. ايجين جا پٽ نه رڳو مهانڊي ۽ بدن ۾ هڪ جهڙا هئا پر نالا به ساڳيا هئن. ٻنهي کي ”انٽيفولس“ ڪري سڏيندا هئا. ۽ ٻنهي جاڙن ٻانهن جو نالو وري ”ڊروميو“ هو. ايجين جو ننڍو پٽ ”سراڪيوز وارو آنٽيفولس“ جنهن کي ڳولڻ جي لاءِ اهو ٻڍو پيءُ افيسس آيو هو، سو پنهنجي ٻانهي ڊروميو سميت انهيءَ ساڳي ڏينهن افيسس ۾ اچي پهتو هو ۽ هو به سراڪيوز جو واپاري هو، تنهنڪري ساڳي پيءُ واريءَ جٺ ۾ ڦاسي ها. پر اتفاق سان هن کي ڪو دوست منهن پئجي ويو، تنهن ٻڌايس ته سراڪيوز جو هڪڙو ٻڍو سوداگر اچي سر جي خوف ۾ پيو آهي، سو بهتر آهي ته تون پاڻ کي ايپيڍامنيم جو سوداگر سڏاءِ.“ آنٽيفولس اِها صلاح مڃي ۽ هن کي ڏک به ٿيو ته منهنجو هڪڙو هم وطن ماڻهو اهڙي خوف ۾ اچي پيو آهي.. پر هن کي اهو سماءُ ته ڪو نه هو ته اهو ٻڍو واپاري سندس ئي پيءُ هو!

ايجين جو وڏو پٽ (جنهن کي سندس ڀاءُ ’سراڪيوز واري آنٽيفولس‘ جي سڃاڻڻ لاءِ ”اِفيسس وارو آنٽيفولس“ ڪري سڏينداسين) ويهه ورهيه برابر اِفيسس ۾ رهندو آيو هو ۽ اهڙو دولتمند هو جو جيڪر پيءُ جي چٽي ڀري هن کي ڇڏائي سگهي ها. پر آنٽيفولس کي ته ننڍڙي هوندي مهاڻن ماءُ سان گڏ پاڻيءَ مان ڪڍيو هو، تنهن کي پيءُ جي ڪابه خبر ڪانه هئي.. رڳو ايترو سمجهيس ٿي ته مون کي ٻڏڻ کان بچايو هئائون، باقي پيءُ ماءُ جي ڪا به يادگيري ڪا نه هيس. جن مهاڻن هن آنٽيفولس ۽ سندس ماءُ ۽ ننڍي ٻانهي ڊروميو کي ڪڍيو هو. سي ٻنهي ٻارن کي وڪڻڻ جي ارادي، ويچاريءَ ماءُ کان جدا ڪري کڻي هليا. هنن آنٽيفولس ۽ ڊروميو کي ڊيوڪ مينا فن وٽ وڪڻي ڇڏيو، جو مشهور جنگي بهادر هو، ۽ افيسس جي ڊيوڪ جو چاچو هو. هو جڏهن پنهنجي ڀائٽيي جي ملاقات تي آيو، تڏهن انهن ڇوڪرن کي پاڻ سان اِفيسس ڏي وٺي آيو.

اِفيسس جي ڊيوڪ کي اهو آنٽيفولس گهڻو وڻندو هو، سو جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن هن کي پنهنجي لشڪر ۾ هڪڙي عهديدار جي جاءِ ڏنائين، جتي هن پاڻ کي لڙائين ۾ بهارديءَ جي ڪري مشهور ڪيو. هڪڙي ڀيري ته پنهنجي مربي ڊيوڪ جي جان بچائي هئائين. جنهن انعام ۾ هن کي افيسس جي هڪڙي شاهوڪار بيبي ’آڊريانا‘ جي ٻانهن پرڻائي، جنهن سان هو پيءَ جي اچڻ وقت تائين رهندو آيو، ۽ سندس ٻانهو ڊروميو اڃا سندس خدمت ۾ رهندو آيو.

”سراڪيوز واري آنٽيفولس“ جڏهن پنهنجي خيرخواهه دوست کي ڇڏي هليو، تڏهن پنهنجي ٻانهي ڊروميو کي ڪي پيسا ڏنائين ته مسافر خاني ۾ وڃي ماني ٽڪيءَ  جو بندوبست ڪري، ۽ پاڻ چيائين ته وڃي ماڻهن جي

هلت چلت ڏسي ٿو اچان. ڊروميو ڏاڍو  خوش طبع ماڻهو هو، ۽ جڏهن ڪڏهن آنٽيفولس غمگين ۽ اُداسي ٿي ويهندو هو، تڏهن هي کي چرچا گهبا ڪري خوش ڪندو هو، انهيءَ ڪري ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي گستاخي جيڪا ڌڻين ۽ نوڪرن جي وڇ ۾ مناسب آهي، تنهن کان هنن جي وچ ۾ وڌيڪ هوندي هئي.

جڏهن ’سراڪيوز واري آنٽيفولس‘ ڊروميو کي روانيو ڪيو، تڏهن پاڻ ذري تائين بيهي پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ جي پٺيان رلڻ ۽ هن جي پتي نه پوڻ بابت خيال ڪرڻ لڳو ۽ ڏک منجهان پاڻ کي چوڻ لڳو ته ”آءٌ اهڙو آهيان جهڙو پاڻيءَ جو ڦڙو سمنڊ ۾، جو پاڻ جهڙي ٻئي ڦڙي کي ڳوليندي پاڻ سمنڊ ۾ گڏجي گم ٿي وڃي؛  انهيءَ طرح آءٌ ڪم بخت ته پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ کي ڳوليندي پاڻ کي گم ڪريو ڇڏيان!“ انهن ڳڻتين کائيندي وٽس هڪڙو ماڻهو آيو، جنهن کي هن سمجهيو ته ڊروميو آهي، حيرت لڳيس ته هي اهڙو جلد ڪيئن موٽيو، ۽ پڇيائينس ته ”پيسا ڪيڏي ڪيئي؟“ پر اهو ته سندس ڊروميو نه هو، پر انهيءَ جو جاڙو ڀاءُ هو، جو ’افيسس واري آنٽيفولس‘ سان رهندو هو. ٻئي ڊروميو ۽ ٻئي آنٽيفولس اڃا تائين اهڙا هڪجهڙا هئا، جهڙا ايجين چيا ٿي ٿي ته ننڍي هوندي هئا، تنهنڪري عجب نه هو جي آنٽيفولس ڀانيو ته منهنجو ٻانهو ڊروميو موٽي آيو، ۽ پڇائينس ته ڇو اهڙو جلد موٽين، ڊروميو موٽي آيو، ۽ پڇائينس ته ڇو اهڙو جلد موٽين. ڊروميو ورندي ڏني ته ”منهنجي بيبيءَ مون کي موڪليو آهي ته اوهان کي مانيءُ جي لاءِ سڏي اچان، ۽ جي دير ڪندوُ، ماني ٺري خراب ٿي ويندي .“ آنٽيفولس چيو ته ”اهي چرچا هينئر نٿا ٺهن....... تو پيسا ڪيڏي ڪيا؟“ ڊروميو وري بي چيس ته ”مون کي بيبيءَ  اوهان کي سڏڻ لاءِ موڪليو آهي هلي ماني کائو“. ” انٽيفلولس چيو ته ”بيبي!..... بيبي!؟ ڪهڙي بيبي؟“ ڊروميو چيو ته ”سائين ، اوهان جي گهر واري ..“ آنٽيفلولس کي ته زال ئي ڪانه هئي. سئو ڏاڍو  ڪاوڙيو ۽ چوڻ لڳس ته آءٌ ڪڏهن ڪڏهن تو سان ڇوٽ ڳالهائيندو آهيان، تنهنڪري تون مون سان هن طرح چرچا ٿو ڪرين! آءٌ هينئر چرچي جهڙي حال ۾ ڪيئن ويٺو آهيان....پيسا ڪٿي آهن؟ اسين هتي غير واقف ماڻهو آهيون، تون ڪهڙي طرح ايترو ناڻو ٻين کي ويساهه تي ڏيئي آهيو آهين؟“ ڊروميو سمجهيو ته منهنجو رئيس جو غير واقف مسافر هئڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، سو رڳو چرچي مان، تنهن کلي چيس ته ”سائين، هلي ماني تي ويهي پوءِ چرچا ڪريو؛ مون کي ته رڳو اهو حڪم مليل هو ته اوهان کي وٺي وڃان ته هلي پنهنجي بيبي ۽ سندس ڀيڻ سان گڏ ماني کائو.“ هي ٻڌي آنٽيفولس گهڻو بيصبر ٿيو، ۽ مانيءَ  تي وڃڻ سکان ناڪار ڪيائين ۽ چيائين ته ”مون کي زال ئي ڪانهي!“

جڏهن ”افيسس واري آنٽيفولس“ جي زال  ’آڊريانا‘ ٻڌو ته منهنجو مڙس ٿو چوي ته مون کي زال ئي ڪانهي، تڏهن ڏاڍي ڪاوڙي، ڇا لاءِ جو هوءِ ڏاڍي ريساري طبع جي هئي، ۽ چوڻ لڳي ته ”انهيءَ مان منهنجي مڙس جو مطلب اهو آهي ته هو ڪنهن جي ٻيءُ زال کي گهڻو ٿو ڀانئي!“ سو، ڪرَڪڻ ۽ پنهنجي مڙس جي پرپٺ گلا ڪرڻ لڳي. سندس ڀيڻ ’ليو شيانا‘ جا ساڻس گڏ رهندي هئي. تنهن گهڻو ئي سمجهائيس ته اجايا گمان ڇو پيئي ڪرين، پر هن کي صبر نه آيو.

”سراڪيوز وارو آنٽيفولس“ پاڻ انهيءَ مسافر خاني ۾ ويو، جنهن ڏي پنهنجي ٻانهي کي موڪليو هئائين، ڏس ته ڊروميو پيسا هٿ ۾ ڪيو پيٺو آهي. هن کي وري به گستاخيءَ جي چرچن ڪرڻ ڪري ڇيڀڻ تي هو، ته اوچتو آرڊيانا وٽس آئي، ۽ هن کي پنهنجو مڙس سمجهي طعنا هڻڻ ۽ مهڻا ڏيڻ لڳي، جو هن کي نئپنءَ مان ڏسي حيران ٿيو ويو هو، ۽ چوڻ لڳي ته ”پرڻي کان اڳي تنهنجي مون سان ڪيتري نه دل هوندي هئي، ۽ هاڻي ته ڏس ته ڪيئن ته منهنجي بدران پيءَ سان محبت رکي اٿئي!.........الائجي ڇا ٿيو آهي، جو تون مون کان ٽٽو آهين!“ آنٽيفلولس حيرت ۾ پئي چيو ته ”بيبي، تون مون سان ٿي ڳالهائين ڪيئن؟“ ويچاري گهڻو ئي چيس ته آءٌ تنهنجو مڙس ناهيان، مون کي افيسس ۾ آئي ٻه ڪلاڪ به مس ٿيندا، پر هن نه مڃيو، زور رکيائينس ته مون سان گڏجي گهر هل، نيٺ آنٽيفولس لاچار ٿي هن سان گڏجي پنهنجي ڀاءُ جي گهر ويو ۽ آڊريانا ۽ ان جي ڀيڻ سان گڏجي ماني کاڌائين. هڪڙيءَ پئي مڙس ڪري سڏيس، ۽ ٻيءَ پئي ڏير ڪوٺيس. هو ويچارو ته موڳو ٿي ويو، دل ۾ چيائين يا ته آءٌ هن سان ننڊ ۾ پرڻيو آهيان، يا ته هاڻي خواب پيو لهان!“ ڊروميو جو هنن جي پٺيان لڳي آيو هو، سو به اهڙو ئي حيران ٿي ويو هو، ڇالاءِ  جو اُتي جي بورچياڻي، جا سندس ڀاءُ جي زال هئي، تنهن وري هن مڙس ڪري آڻي ورايو هو! .

”سراڪيوز واري آنٽيفولس“ پنهنجي ڀاڄائيءَ سان گڏ ويٺي ماني کاڌي، ته سندس ڀاءُ، انهيءَ بيبيءَ جو سچو مڙس ، پنهنجي ٻانهي ڊروميو سوڌو ماني کائڻ لاءِ گهر اچي نڪتو، پر نوڪرياڻيون هن کي در پٽي نه ڏين، جو بيبيءَ سمجهائي چڏيو هون، ته ٻئي ڪنهن کي اچڻ متان ڏيو.جڏهن هنن گهڻو کڙڪايو، ۽ چيائون ته اسين آنٽيفولس ۽ ڊروميو آهيون، تڏهن پوڙهيون مٿن کلڻ لڳيون ۽ چيائون ته ”آنٽيفولس ته بيبيءَ سان ويٺو ماني کائي ۽ ڊروميو بورچيخاني ۾ ويٺو آهي؛ ۽ جيتوڻيڪ هو کڙڪائي کڙڪائي در ڀڃڻ تي هئا، تڏهن به اندر وڃڻ نه ڏنائون ، نيٺ آنٽيفولس ڪاوڙجي هليو ويو، ۽ هو جو ٻڌائين ته ڪو ماڻهو ويٺو منهنجيءَ زال سان ماني کائي، تنهن تي گهڻو عجب لڳس،

جڏهن ”سراڪيوز وارو آنٽيفولس“ ماني کائي اٿيو، تڏهن هن کي جو اڃا سوڌو هن بيبيءَ مڙس سڏڻ کان بس نه پئي ڪئي، ۽ وري جو ٻڌائين ته ڊروميوتي بورچياڻي دعوا رکي آهي، تنهنڪري اهڙو حيران ٿيو جو وجھه ڏس گهر ڇڏي وٺي ڀڳو. جيتوڻيڪ ڀاڄايس جي ڀيڻ ليو شيانا هن کي گهڻو وڻي ٿي، تڏهن به آڊريانا جي ريساري طبيعت کان هو ڏاڍو ڀڳو ٿي؛ نڪي وري ڊروميو بورڇيخاني ۾ پنهنجي ذال مان راضي هو؛ تنهنڪري هي ٻئي، رئيس ۽ نوڪر، جيترو جلد ڀڄي سگهيا اوترو جلد، جند ڇڏائي اُٿي ڀڳا.

اَڃا ”سراڪيوز وارو آنٽيفولس“ گهر ڇڏي ٻاهر ٿيو، ته هن کي هڪڙو سونارو گڏيو، جنهن آڊريانا وانگي ڀلجي، هن کي ’افيسس وارو آنٽيفولس‘ ڄاڻي، نالو وٺي سڏي، سڏي هڪڙي سوني زنجيري ڏنيس. جڏهن آنٽيفولس چيس ته ” هي منهنجي ناهي، آءٌ ڪين وٺندس.“ تڏهن سوناري چيس ته ” سائين هيءَ ته مون تنهنجي حڪم پٺيان جوڙي آهي“؛ ۽ زنجيري ’آنٽيفولس‘ جي هٿن ۾ ڇڏي هليو ويو. آنٽيفولس دل ۾ چيو ته ههڙي شهر ۾ رهڻ چڱو ناهي، جتي اهڙا عجيب اتفاق پيا ٿين جو الائجي ڪنهن طلسم ۾ اچي پيا آهيو؛ سو پنهنجي ماڻهوءَ ڊروميو کي حڪم ڏنائين ته” پنهنجو سامان کڻي ڪنهن جهاز تي هل.“

جنهن سوناري ڀلجي ٻئي آنٽيفولس کي زنجيري ڏني هئي. سو سگهو ئي انهيءَ کان پوءِ قرض جي ڪن پيسن ۾ پڪڙجي پيو. اتفاق سان .اِفيسس وارو آنٽيفولس، جنهن کي سوناري ڀانيو  هو ته مون زنجيري ڏني هئي، سو انهيءَ هنڌان اچي لنگهيو، جتي انهيءَ سوناري کي سرڪاري ماڻهو جهليو بيٺو هيو. سوناري هن کي ڏسي چيو ته ”سائين، مون اوهان کي جيڪا زنجيري ڏني هئي، تنهن جا پيسا ته ڏيو ته جند ڇڏايان، جو آءٌ اوترن ئي پيسن ۾ جهلجي پيو آهيان!“ آنٽيفولس انڪار ڪيو ته، تو مون کي زنجيري ڪا نه ڏني آهي.“ سوناري چيو ته ”اڃا ڪي ٿورا منٽ مس گذريا هوندا جو مون توکي ڏني!“ انهيءَ بابت ڳچ تائين هنن جي وچ ۾ ريڙهه پيڙهه هلي. ٻئي ڀانئين ته اسين سچا. نيٺ اهو سرڪاري عهديدار سوناري کي قرض جي ڏوهه ۾ قيد خاني ڏي وٺي هليو. اتي جو اتي سوناري وري زنجيريءَ جي پيسن ۾ آنٽيفولس کي جهلايو. آخر، تڪرار کان پوءِ، آنٽيفولس ۽ سونارو ٻئي گڏجي قيد خاني ڏس گهلجي هليا.

آنٽيفولس قيدي ٿيو پئي ويو ته رستي ۾ ڀاڻس جو ”سزاڪيوُز وارو ڊروميو“ گڏيس، ۽ هن کي پنهنجو ٻانهو سمجهي چيائينس ته  ”منهنجي زال آڊريانا کي وڃي  چوُ ته جيترن پيسن ۾ آءٌ جهليو آهيان سي ڀري ڏي.“

ڊروميو  اچرج ۾ پئجي ويو تھ رئيس مون کي وري انهيءَ گهر ڏي ٿو موڪلي ،ماني کاڌي هئائين، ۽ جتان وٺ_پـُڄ ۾ اڃا هاڻ نڪري اھٿي ڀڳو هو ، تنهن ٻي وريندي ڪا نھ ڏنيس، جو ڄاتائين تھ هو چرچي ڪرڻ جي حالت ۾ ناهي . جيتوڻيڪ چوڻوهوس تھ جهاز هلڻ لاءِ تيار آهي . تنهنڪري هو پنهنجي منهن ڪُرڪندو ويو، ۽ چوندو ويو تھ هاڻي وري بھ آڊريانا جي گهر وڃان، جتي ”ڊوسابيل“ مون کي مڙس مڙس ڪري اچيو چنبڙي؛ . . . پر لاچار وڃڻو ٿيو، نوڪرن کي ڌڻين جو حڪم مڃڻ گهرجي!“

آڊريانا هن کي اُهي پيسا ڏنا، ۽ اڃا ڊروميو موٽيو پئي آيو، تھ رستي ۾ ”سراڪيوز وارو آنٽيفلوس“ گڏيس جو اڃا تائين عجيب اتفاقن تي حيران پئي ٿندو آيو،ڇا لاءِ جو ڀاڻسس افيسس ۾ مشهور ماڻهو هو، تنهنڪري شهر جي گھٽين ۾ جيڪي ماڻهو ٿي مليس، تنهن هن سان خوش_خير_عافيت ٿي ڪئي ؛ ڪن اُڌارا ورتل پيسا موٽائي پئي ڏنس ، ڪن گهر اچڻ جي دعوت پئي ڏنيس ، ڪن سندن مهربانيءَ جي شڪر گذاريءَ پئي ڪئي: مطلب سڀني ڀلجي هن کي سندس ڀاءُ سمجهيو. هڪڙي درزيءَ تھ ريشم جا ڪپڙا کڻي آڻي ورتس تھ سندس ڪپڙن جي ماپ سندس بت تي وٺي، جو چيائين تھ ”تنهنجي چوڻ پٺيان کڻي آيو آهيان“. آنٽيفولس ڄاتو تھ آءٌ سچ پچ ڪنهن جادوگر قوم ۾ اچي پيو آهيان ! وري جو ڊروميو گڏيس، تنهن آڪي باقي حيران ڪري ڇڏيس؛ ڇا لاءِ جو هن آڊريانا وارا پيسا قرض جي ڀري ڏيڻ لاءِ بھ ڏنس، ۽ پڇيائينس تھ ”سائين، تو کي سرڪاري عملدار قيد خاني ڏي وٺيو ٿي ويو، تنهن کان ڪهڙيءَ طرح جند ڇڏائي؟“ هي ڳالهيون ٻڌي ، آنٽيفولس اهڙو مُنجهي ويو جو چوڻ لڳو تھ ”ڊرميو بيشڪ چريو ٿيو آهي ۽ اسين سچ پچ طلسمات ۾ اچي پيا آهيون ؛ ۽ مونجهاري ۽ ڊپ کان دانهن ڪري چيائين تھ ” يا الاهي، اسان کي هن حيرت جهڙيءَ جاءِ مان ڇڏاءِ !“

اِتي وري هڪڙي غير واقف زال وٽس آئي ۽ انهيءَ بھ نالو وٺي سڏي چيس تھ ، تو اجھ مون وٽ ماني کاڌي هئي، ۽ جنهن سوني زنجيري ڏيڻ جو انجام ڏنو هيئي سا تھ ڏي !“ هي ٻڌي آنٽيفولس صبر ڪري نھ سگهيو ۽ هن کي ڏائڻ ۽ جادوگر رن سڏي چوڻ لڳس تھ ”مون تو سان زنجيري ڏيڻ جو انجام ڪو نھ ڪيو آهي نھ ڪو تو وٽ ماني کاڌي اٿم . مون تھ هن کان اڳي تنهنجو منهن بھ ڪو نھ ڏٺو آهي، هوءَ زال اڃا بھ چوي تھ تو برابر مون وٽ ماني کاڌي ۽ زنجيري ڏيڻ جو واعدو ڪيو جڏهن آنٽيفولس وري بھ ناڪار ڪئي تڏهن هن چيس تھ مون تو کي هڪڙي قيمتي منڊي ڏني هئي؛ ۽ جيڪڏهن تو کي سوني زنجيري ڏيڻي ناهي، تھ مون کي پنهنجي منڊي تھ موٽائي ڏي! هي ٻڌي آنٽيفولس چريو ٿي ويو ۽ وري بھ هن کي ڏائڻ ۽ جادوگرڻ سڏي، ۽ سندس منڊيءَ جي غير واقفي ظاهر ڪري، اٿي ڀڳو. هوءَ حيرت ۾ وات پٽي اکيون ڦاڙي بيهي رهي، ڇالاءِ جو هن کي پڪ هئي تھ هن برابر مون وٽ ماني کاڌي، ۽ سوني زنجيري ڏيڻ جو انجام ڪيو، ۽ مون انهيءَ جي بدران منڊي ڏنيس. پر هن ويچاريءَ زال بھ اهڙي ساڳي چڪ ڪئي جهڙي ٻين ڪئي هئي ڇا لاءِ جو هن کي ڀلجي سندس ڀاءُ ٿي سمجهيائين. حقيقت ڪري اهو ”افيسس وارو پرڻيل آنٽيفولس“ هو . جنهن اهي سڀ ڪم ڪيا هئا .

جڏهن پرڻيل آنٽيفولس کي خود پنهنجي گهر ۾ وڃڻ جو رستو نھ مليو (جو اندر وارن ڄاتو ٿي تھ هو  اڳي ئي اتي ويٺو آهي )، تڏهن هو ڪاوڙ مان هليو ويو ڄاتائين تھ منهنجي زال ريساري طبيعت جي آهي، سو هاڻ بھ ڪو شڪ دل ۾ پيو اٿس جو اڳي بھ مون تي ڪيترا ڀيرا زالن سان ملاقات ڪرڻ جي تهمت رکي اٿس. ۽ وري پنهنجي زال کان وير وٺڻ ۽ کيس چيڙائڻ کاءِ هن زال وٽ ماني کائڻ لاءِ ويو هو. هن بيبيءَ سندس گهڻي آڌر ڀاءَ ڪئي. تنهنڪري جيڪا زنجيري آنٽيفولس پنهنجيءَ زال کي ڏيڻ لاءِ جوڙارائي هئي، سا وري هن مائيءَ کي ڏيڻ جو انجام ڪيو هئائين. اها زنجيري به اُها ساڳي هئي. جو سوناري ڀلجي هن جي ڀاءُ کي ڏني هئي.هن مائي سوني زنجيري جي ملڻ جو ٻڌي اهڙي خوش ۽ اَحسانمند ٿي، جو انهيءَ پرڻيل آنٽيفولس کي هڪڙي منڊي سوکڙي ڪري ڏنائين.انهيءَ کان جو هاڻي هو مڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”آءٌ تو کي کان سڄاڻان ئي نٿو “، تنهنڪري هن مائي ڄاتو ته هو پنهنجي پوري هوش ۾ نه آهي“ ۽ اُٿي هلڻ لڳي . انهيءَ ارادي سان ته وڃي آڊريانا کي چوي ته تنهنجو مڙس چريو ٿي پيو آهي. تنهن اڃا بيٺي آڊريانا سان ڳالهايو، ته جيلر هن کي اِتي وٺي آيو.. جو هن منٿ ڪئي هيس ته مون کي گهر وٺي هل ته اتان قرض جا پيسا وٺي ڏيان. ڇالاءِ جو جيڪي پيسا آڊريانا اڳيئي ڊروميو جي هٿان موڪلي ڏنا هئا، سي هن ٻئي آنٽيفولس کي ڏنا هئا.

جڏهن آڊريانا کي مڙس طعنو هڻي چيو ته ”تو اندران دروازو بندي مون کي گهر اچڻ نه ڏنو “، تڏهن هن کي هن مائيءَ واري ڳالهه تي اعتبار آيو ته مڙس برابر چريو ٿيو آهي؛ وري ياد آيس ته مانيءَ کائڻ مهل هن زور ڪيو پئي چيو ته ”آءٌ تنهنجو مڙس نه آهيان ۽ اڄ کان اڳي افيس ۾ ڪڏهن ڪو نه آهيان“، تيئن يقين ٿيس ته هي ديوانو ٿيو آهي؛ تنهنڪري هن جيلر کي پيسا ڏيئي ڇڏايس، ۽ نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته هن کي رسي سان ٻڌي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويهاريو؛ ۽ پوءِ ڊاڪٽر ڏي ماڻهو موڪليائين ته اچي هن جي چريائي جو علاج ڪري . ويچاري آنٽيفولس تي ته اها خرابي رڳو ڀاءُ سان ته پوري مشابهت رکڻ ڪري ٿي، تنهن گهڻيون ئي رڙيون ڪيون ته ” اها چريائيءَ جي تهمت مون تي اجائي آهي“، پر جيئن ٿي وڌيڪ دانهون ڪيائين ۽ ڪاوڙيون ڪڍيائين، تيئن پڪ ٿِي ته هي ديوانو آهي. ڊروميو به اها ساڳي ڳالهه ڪرڻ لڳو. ۽ مڙيو ڪين ٿي، تنهنڪري هن کي به کڻي ٻڌائون، ۽ سندس ڌڻيءَ سان گڏ هلايائون.

آڊريانا پنهنجي مڙس کي بند ۾ وڌو، تنهن کان پوءِ ستت ئي هڪڙي نوڪر اچي چيس ته ” آنٽيفولس ۽ ڊروميو ماڻهن کان بند مان ڀڄي ويا آهن، جو هو پاسي واري گهٽي ۾ آزاد گهمندا وتن!“ هي ٻڌي آڊريانا ٻاهر ڀڳي، ڪي ماڻهو به پاڻ سان وٺي وئي ته وري وڃي مڙس کي پڪڙي وٺي اچي؛ ڀيڻس به ساڻس گڏجي ويئي، جڏهن پاڙيواريءَ مڙهيءَ جي در وٽ ويئي، تڏهن ڏسي ته برابر آنٽيفولس ۽ ڊروميو بيٺا آهن، سڀئي ماڻهو وري به هنن جاڙن ڀائن جي هڪ جهڙائي تي ڀلجي ويا.

”سراڪيوز وارو آنٽيفولس“ اڇا به انهيءَ حيرت ۾ حيران هيو. جا زنجيري سوناري ڏني هيس سا سندس ڳچيءَ ۾ پيل هئي، ۽ سوناري پئي طعنا هنيس ته ”تون زنجيريءَ کان مُڪرين ٿو، ۽ انهيءَ جا پيسا نٿو ڏين !“  آنٽيفولس پئي چيو ته صبح جو سوناري اها زنجيري مون کي پاڻيهي ڏني هئي، ۽ انهيءَ کان پوءِ وري مون کي گڏيو ئي ڪو نه آهي!“.

اتي آڊريانا اچي ٻانهن کان ورتس، ۽ چوڻ لڳي ته ”هي منهنجو مڙس چريو ٿيو آهي، سو بند مان ماڻهن کان ڀڄي آيو آهي!“ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن آنٽيفولس ۽ ڊروميو کي زور زبردستيءَ ڪري ورتو ٿي، پر هو ڀڄي وڃي مڙهي ۾ لڪا؛ ۽ آنٽيفولس مڙهي واري فقيرياڻيءَ کي آزيون ڪري چيو ته ”ڀلائي ڪري اسان کي پنهنجي گهر ۾ پناهه ڏي.“

پوءِ فقيرياڻي پاڻ ٻاهر نڪري آئي، انهيءَ گڙٻڙ جي پڇا ڪرڻ لڳي. هو ڏاهي ۽ دهشت واري زال هئي ؛ جنهن ماڻهو وٽس اچي پناهه ورتي هئي. تنهن جي ٻانهن رڳو هنن جي چوڻ تي ڪڍي نه ڏنائين . پهريائين آڊريانا کان سندس مڙس جي ديونگيءَ بابت پچا ڳاڇا ڪرڻ لڳي، ۽ سندس چيائنيس ته ” تنهنجي مڙس جي اوچتو چريانيءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟ هن جو ڌن سمنڊ ۾ گم ٿي ويو آهي ڇا؟ يا ڪنهن ويجهي عزيز جي مرڻ ڪري هن جي ڪل ٿڙِي ويئي آهي؟“ آڊريانا جواب ڏنو ته ”اهڙو ڪو به سبب ڪو نه آهي.“ فقرياڻيءَ چيو ته تڏهن شايد تو کي ڇڏي ڪنهن ٻيءَ زال سان وڃي ناتو رکيو اٿس، تنهنڪري هن حالت ۾ آيو آهي.“ آدريانا چيو ته ” اڪثر گهر کان غير حاضر رهندو هو، تنهن ۾ مون کي گهڻن ڏينهن کان شڪ پوندو هو ته ڪنهن ٻي زال سان لڳو آهي.“ پر حقيَت ڪري جو آنٽيفولس گهر کان اڪثر ٻاهر گذاريندو هو، سو ئي ڪنهن ٻيءَ زال جي محبت ڪري، پر انهيءَ پنهنجي زال جي ريس ۽ شڪي طبيعت کان نڪري ويندو هو. فقيرياڻي ءَ کي آڊريانا جي شوخي ڏسي شڪ پيو، تنهن سچي ڳالهه پروڙڻ لاءِ چيو ته ”تو هن کي اهڙي ڪم کان ڇو نٿي پليو؟“، آڊريانا چيو ته ”مون ته گهڻو ئي سمجهايس ٿي. ”فقيرياڻيءَ چيو ته ”شايد پوريءَ طرح نه روڪيئيس.“ آڊريانا چيو ته ”آءٌ هميشه انهيءَ ڳالهه بابت ساڻس گفتگو ڪندي هيس؛ هنڌ ۾ انهيءَ ذڪر ڪري سمهڻ نه ڏيندي هنيانس؛ مانيءَ مهل انهيءَ مهل ڳالهه ڪري کائڻ نه ڏيندي هنيسانس، جڏهن هيکلا ٿيندا هئا سين، تڏهن آءٌ ساڻس انهيءَ کان سوا ٻيو ذڪر ئي ڪو نه چوريندي هيس؛ جڏهن ماڻهن ۾ ويٺا هوندا هئاسين تڏهن آءٌ هن کي انهيءَ ڳالهه جا طعنا ۽ اشارا پيئي ڏيندي هيس: آءٌ هميشه ائين پيئي چوندي آهيانس ته مون کان وڌيڪ پيءَ ڪنهن زال سان محبت رکڻ مان تنهنجي ڪمينائي ۽ بڇڙائي معلوم ٿي ٿئي!“.

جڏهن فقيرياڻيءَ هن ريساري آڊريانا جي ساري قبولداري ٻڌي، تڏهن چوڻ لڳي ته ”سبب ئي اهو آهي، جنهنڪري تنهنجو مڙس چريو ٿيو آهي . شڪي ۽ ريساري طبيعت واريءَ زال جي ڪُرڪُر، ڇِتي ڪُتي جي ڏاٺ کان بھ وڌيڪ زهري ۽ موتمار آهي . ڀانئجي ٿو تھ تنهنجيءَ کِٽ پِٽ ڪري هن کي پوري ننڊ نھ ايندي هئي. هن جو مغز جاءِ نھ هوندو هو تھ انهيءَ ۾ ڪهڙو عجب! تنهنجن مِهڻن کان کان هن جو اندر ئي سڙيو پيو هوندو . وٺ_ پڄ جي مانيءَ کائڻ مان بدهاضمو پيدا ٿيندو آهي ، ۽ انهيءَ  ڪري هن  کي اهو تَپ ُ چڙهيو هوندو . تون چوين ٿي تھ تنهنجن جهيڙن جهڳڙن ڪري هن کي آرام ڪو نھ هوندو هو ؛ جنهن کي ڀلا سنگت جو مزن ماڻڻ ۽ دل وندرائڻ کان روڪ هوندي، سو موڳو ۽ خفقاني ۽ چريو نھ ٿيندو تھ ٻيو ڇا ٿيندو ؟ تنهنڪري، انهيءَ  مان صاف ظاهر آهي تھ تنهنجيءَ ريس ڪري تنهنجو مڙس چريو ٿيو آهي .“

ليوشيانا، ڀيڻ جي پاران چوڻ لڳي تھ ” هيءَ هميشه مڙس کي آهستي ۽ آرام سان سمجهائيندي هئي؛“ ۽ ڀيڻ کي چوڻ لڳي تھ ”ڇالاءِ تون هي طعنا ماٺ ڪيو بيٺي ٻُڌين ، جواب ڪو نھ ٿي ڏين؟“ پر فقيرياڻيءَ اهڙي چٽائيءَ سان هن کي سندس قصور ظاهر ڪري ڏيکاريو تھ هو، جو هن کان ٻيو جواب ڪو نھ نڪتو ، ۽ چيائين تھ ”اها جُٺ مون پاڻيهي پاڻ سان ڪئي آهي!“

جيتوڻيڪ آڊريانا پنهنجيءَ اجائي هلت ڪري گهڻي شرمندي ٿي ، تڏهن بھ مڙس جي ٻانهن ملڻ تي گهڻو زور ڀريائين ؛ پر فقيرياڻي ڪنهن کي بھ پنهنجي گهر گهڙڻ نھ ڏنو، ۽ نڪي سندس دل چيو تھ هن ويچاري کي هن ريساري زال جي حوالي ڪري. ڀانيائين تھ پنهنجي مُنهن مٿا هڻي هن کي تڪليف مان ڇُٽآئينداسين ؛ سا در بند ڪري گهر هلي ويئي، ۽ هنن کي اتي بيٺو ڇڏيائين .

انهيءَ ڏينهن جو هنن جاڙن ڀائن جي مشابهت ڪري هيتريون چوڪون ٿيون ۽ هيترا واقعا ٿي گذريا، تنهن ۾ ٻُڍي ”ايجين“ جي مهلت گذري وڃڻ تي هئي . جو سج اچي لهڻ تي ٿيو هو؛ ۽ سج لٿي کان پوءِ جي ڏنڍ جا پيسا نٿي ڏنائين، تھ قتل ٿي ٿيو. سندس مارائڻ جي جاءِ هن مڙهيءَ جي ويجهو ٺهرائي هئائون . جڏهن هوءَ فقيرياڻي بھ اندر مڙهيءَ ۾ ويئي، تھ هي بھ اتي اچي نڪتو. ڊيوڪ پاڻ تشريف فرمائي آيو هو تھ ڪي پيسا کڻي ڏئي ، تھ اتي جو اتي هن کي کڻي معافي ڏيان . آڊريانا اتي دانهن ڪري ڊيوڪ کان انصاف گهريو ، ۽ عرض ڪيائينس تھ ” هن مڙهيءَ  جي فقيرياڻيءَ  مون کي پنهنجي ديواني مڙس جي ٻانهن نھ ٿي ڏئي تھ وڃي گهر سنڀاليانس !“ هن بيٺي ڊيوڪ سان ڳالهايو ، تھ سندس سچو پچو مڙس ۽ ان جو نوڪر ڊروميو، جي بند مان ڀڄي نڪتا هئا، سي ڊيوڪ وٽ اچي دانهن ڪري چوڻ لڳا تھ ”اسان کي زالن چريائيءَ جي ڪوڙي تهمت رکي کڻي بند ۾ وڌو هو ، جو رسا ڇنائي راکن کان ڀڄي آيا آهيون!“ آڊريانا تھ ڀانيو ٿي تھ سندس مڙس مڙهيءَ جي اندر آهي ، سو هن کي ٻاهر ڏسي حيرت ۾ پئجي ويئي .

ايجين پنهنجو پٽ ڏسي ڄاتو تھ هي اهو پٽ آهي ، جو مون کان موڪلائي ماءُ ۽ ڀاءُ جي ڳولا ۾ ويو هو؛ ۽ هن کي پڪ ٿي تھ منهنجي پٽ چَٽِيءَ وارو پيسا ڀري مون کي ڇڏائيندو. تنهنڪري، هن گهڻيءَ محبت سان آنٽيفولس کي پيسن ڏيڻ جي لاءِ چيو؛ پر عجب تڏهن لڳس، جڏهن پٽس چيو تھ ”آءٌ توکي سڃاڻانئي نٿو!“ ڀلا، هو سڃاڻندو ڪٿان، جو ننڍپڻ ۾ طوفان لڳندي آنٽيفولس پيءُ کان جدا ٿيو هو، سو وري هن جو منهن بھ ڪو نھ ڏٺو هئائين ! ويچارو ٻڍو ايجين، پاڻ سڃاڻائڻ لاءِ پٽ سان مٿا هڻڻ لڳو ؛ ڄاتائين تھ يا تھ ڏکن ڏوجهرن جي ڪري منهنجي شڪل اهڙي ڦري ويئي آهي جو منهنجو  پٽ مون کي نٿو سڃاڻي، يا تھ مون کي نڀاڳ ۾ ڏسي شرم کان مُڪري ٿو وڃي. انهيءَ مونجهاري ۾، فقيرياڻي ۽ ٻيو آنٽيفولس ۽ ڊروميو ڏسي حيران ٿي ويئي !

هاڻي اهي پرولين جهڙيون چوڪون، جن هيستائين هيترن ماڻهن کي رلائي خراب ڪيو هو ، سي صاف سمجهه ۾ آيون . جڏهن ڊيوڪ ٻھ ”آنٽيفولس“ ۽ ”ڊروميو“ هوبهو هڪجهڙا ڏٺا، تڏهن يڪدم سهي ڪيائين تھ هي ڪهڙو اسرار هو؛ ڇا لاءَ جو ايجين جيڪا ڳالهه صبح جو ڪري ٻڌائي هيس سا ياد هيس. چوڻ لڳو تھ ” ضرور هي ٻئي ايجين جا جاڙا پٽ، ۽ هي سندس جاڙا ٻانها هوندا!“

اتي هڪڙو خوشيءَ جو اتفاق ٿيو ، جنهن ايجين جي احوال جي پڇاڙي سُرهي ڪئي ؛ ۽ جيڪا پنهنجي ڳالهه صبح جو ڏک سان ۽ موت جي سزا هيٺ ڪري ٻڌائي هئائين ، سج لٿي کان اڳي خوشيءَ ۾ پوري ٿي ، ڇالاءِ جو انهيءَ مڙهيءَ واريءَ  فقيرياڻيءَ پاڻ کي ظاهر ڪري ٻڌايو تھ ” آءٌ ايجين ورهين جي گم ٿيل زال آهيان ، جا هنن ٻنهي آنٽيفولس جي سڳي ماءُ ٿيان!“ جڏهن ماڻهن هن ويچاريءَ کان سندس وڏو پٽ ۽ ڊروميو ڇيني ورتو تڏهن هوءَ وڃِ مڙهيءَ ۾ ويهي رهي  ۽ سندس ڏاهپ ۽ نيڪيءَ جي هلت ڪري نيٺ مڙهيءَ جي وڏي فقيرياڻي ۽ سرڪردي ٿي ويئي . هن جو رحمدلي ڪري هڪ ڌارئين کي عذاب  ۾ ڏسي هن جي خدمت ڪئي، سو حقيقت ڪري اُڄاڻيءَ کان خود پنهنجي پٽ جي خدمت پئي ڪيائين.

هنن گهڻن ڏينهن جي وڇڙيل مائٽن ۽ سندن اولاد جي وچ ۾ جا خوشيءَ ۽ مبارڪبادي ۽ خوش_خير _ عافيت هلي تنهنڪري هنن کي ڪجهه وقت تائين تھ اها ڳالهه ئي وسري وئي ؛ تھ ايجين تي موت جي سزا جاري ٿيل آهي . جڏهن ذرو ٿڌا ٿيا تڏهن  اِفيسس واري آنٽيفولس پنهنجي پيءُ جي پاران چَٽيءَ وارا پيسا ڊيوڪ کي آڇيا پر ڊيوڪ پيسا نھ ورتا ۽ ايجين کي اصل معافي ڏنائي . ڊيوڪ انهيءَ فقيرياڻيءَ ۽ سندس تازي پيدا ٿيل مڙس ، ۽ سندن  پٽن سان گڏجي   مڙهيءَ ۾ ويو ، انهيءَ لاءِ تھ سانهن ستيءَ سان هن جي ڏک جو احوال ٻڌي هنن ٻن ڊروميوئن جي خوشيءَ بھ وسارڻ نھ گهرجي . هنن بھ پاڻ ۾ ڏاڍي کيڪربازي ۽ خوش_خير _ عافيت ڪئي، ۽ هڪڙي ٻئي کي خوش خلقيءَ مان سندن خوبصورتيءَ ڪري ٿي واکاڻيو، ۽ پنهنجي ڀاءُ جي مهانڊي ۾ آئيني وانگي پنهنجي تصوير ڏسي خوش پئي ٿيو .

اَڊريانا پنهنجيءَ سـَس جي سمجهاڻيءَ مان اهڙي فائدي واري نصيحت پرائي، جو اڳتي مڙس جي نسبت ۾ ريس ۽ شڪ بلڪل دل مان ڪڍي ڦٽو ڪيائين .

”سراڪيوز واري آنٽيفولس“ پنهنجي ڀاڄائيءَ جي ڀيڻ سان شادي ڪئي ؛ ۽ ٻڍو ايجين پنهنجي زال ۽ پٽن سان افيسس ۾ رهندو آيو .

هنن مونجهاري جهڙين چوڪن ظاهر هئڻ ڪري ، اڳتي جي لاءِ ڀُلن ڪرڻ جو سبب ڪو اصل گم نھ ٿي ويو، ڇالاءِ جو ڪڏهن ڪڏهن وري بھ مزي مزي جون ڇوڪرن هنن جي مشابهت ڪري ٿينديون هيون . هڪڙي  ’اَ فٽيفولس‘ کي ڀُلجي ٻيو ڄاڻڻ، ۽ هڪڙي ”ڊروميو“ کي ڀلجي ٻيو سمجهڻ . اهو بھ هڪڙو مزي جهڙو چوڪن جو چرچو هو .

اَٿينس وارو ”ٽائيمن“

 

”ٽائيمن“ اٿينس شهر جو هڪڙو امير هوندو هو ، جنهن وٽ ڌن بھ گهڻو هوندو هو ، ۽ سخاوت بھ حدا کان زياده هوندي هيس. جيڪا اڻکٽ مايا پيئي ايندي هيس، سا انهيءَ دم جدا جدا قسم جي درجن وارن ماڻهن کي وراهي ڇڏيندو هو؛ نھ رڳو غريبن کي هن جي سخا ۾ ڀاڱو هوندو هو، پر وڏا وڏا ماڻهو ڪُڏ ڪري هن جي خذمتگاري ۽ تابعداري اچي ڪندا هئا ۽ وٽس حاضري ڀريندا هئا .هن جي دستر خاني  تي سڀ عيشي طعام کائڻ وارا اچي گڏ ٿيندا هئا، ۽ هن جي گهر  ۾ اٿينس جا سڀ ماڻهو ايندا ويندا هئا. هو پنهنجي جهجيءَ دولت ۽ بي صرفيءَ سخاوت جي ڪري هر دلعزيز ٿي ويو هو. هر قسم جي دل ۽ طبيعت جو ماڻهو امير  ٽائيمن جي اڳيان حاضر هوندا هئا. جهڙا خوشامدڙيا، جي جيئن سندن  مُربي چوي تيئن چون،  ڄڻ تھ سندن مُنهن هن جي دل جو آئينو آهي ؛ تهڙا ُ رٺا روح ، جي ڍونگ ڪري ماڻهن جي ڇُهن کان بھ پري ڀڄن، ۽ دنيا جي سڀ  شي کان بيپرواهي ڏييکارين . پر تڏهن بھ امير ٽائيمن جي خوش خُلقي ۽ سخي روح کان پاسو نھ ڪندا هئا، ۽ پنهنجيءَ طبيعت جي برخلاف هن وٽ ٽڪي کائڻ ايندا هئا، ۽ هن وٽان مان ُ پائي خوش ٿي هليا ويندا هئا .

جيڪڏهن ڪو شاعر ڪتاب جوڙيندو هو  ڀائيندو هو تھ ماڻهن وٽ پسند اچي، تھ هن کي رڳو اهو ڪتاب ٽائيمن جي نالي خاص ڪرڻو ٿيندو هو . پوءِ پڪ هئي تھ انهيءَ جو وڪرو وڌيو . تنهن کان سواءِ ، انهيءَ مُربيءَ کان خاصو انعام ملندوهوس ، ۽ ڏهاڙي وٽس اچڻ ۽ مانيءَ کائڻ جو وجهه ملندو هوس . جيڪڏهين ڪنهن نقاش کي ڪا تصوير وڪڻڻي ٿيندي هئي، تھ رڳو امير ٽائيمن تائين آڻيندو هو،  ۽ ڪوڙ ڪري پڇندو هو تھ چڱي نڪتل آهي يا نھ؛ پوءِ هو سخي سردار ضرور ان جي وٺڻ جي خواهش ڪندو هو . جيڪڏهن ڪنهن جواهريءَ وٽ ڪو قيمتي پٿر هوندو هو يا ڪنهن ببزار وٽ ڪو قيمتي ڪپڙو هوندو هو، جو گهڻي بها جي ڪري وڪامندو نھ هو، تھ امير ٽائيمن جو گهر سندن لاءِ کليل هوندو هو، جتي هو پنهنجا جواهر يا ڪپڙا ڪهڙي بھ ڳري ملهه تي ڏيئي  ايندا هئا، ۽ هو نيڪدل امير پاڻ اُتر ۾ سندن ٿورو ڀائيندو هو، ۽ سندن شڪرگذاري ڪندو هو. ڄڻ تھ هنن اهڙي اڻ ويڪائو قيمتي مال ڏيڻ ڪري هن تي ڪو وڏو احسان ڪيو! انهيءَ طرح ، هن جي گهر ۾ اجايو مال پيو هوندو  هو، جو ٻئي ڪنهن  ڪم جو نھ هو، رڳو تجمل ۽ ڏيک جو هو، ۽ سندس آسپاس هميشه اهي نڪما ملاقاتي ماڻهو. ٻٽاڪي شاعر، نقاش، دغاباز ، واپاري ، امير، بيبيون، گهرج وارا سکر ماڻهو اميدوار . گوڙ مچايو پيا هوندا هئا، ۽ هن جي خوشامد پيا ڪندا هئا. جيئن ڪنهن ديويءَ جي پوڄا ڪجي، تيئن پيا هن کي واکاڻيندا هئا، رڳو هن جي گهوڙي جو رڪاب بھ پاڪ ڄاڻندا هئا، ۽ ايئن پيو ڏسڻ ۾ ايندو هو تھ جيڪو ساهه، هو پيا کڻن، سو بھ ڄڻ تھ هن جي سخا ۽ اجازت سان!

انهن هر روز حاضري ڀرڻ وارن مان ڪي چڱي نسل وارا جوان ماڻهو بھ هوندا هئا . جي قرض ادا نھ ڪرڻ ڪري قرض خواهن کڻي قيد ۾ وجهايا هئا، امير ٽائيمن پيسا ڀري اهي اتان ڪڍايا هئا ؛ سي وري انهيءَ کان پوءِ هن کي چُهٽا ايندا هئا، ڄڻ تھ اهڙي عام همدرديءَ ڪري اهڙن بي صرفي خرچائڻ جي ڪا ضرور هن سان محبت ٻجهندي هئي؛ پر هو تھ مايا ۾ هن سان پڄي نھ سگهندا هئا، باقي پرائي پيسي بي صرفي خرچڻ ۽ ڇوٽ هلائڻ ۾ آسانيءَ سان هن جي پيروي ڪندا هئا. انهن ماڻهن مان ”وينٽيڊيس“ هڪڙو هو، جنهن جي اجائي کنيل قرض ۾ ٽائيمن اڃا تازو پنج ٽالينٽ (سِڪا) ڀري ڏنا هئا.

هيترن بيشمار ماڻهن مان مشهور وري اهي هئا، جي سوکڙيون ڏيندا هئا . جيڪڏهن ٽائيمن کڻي سندن ڪنهن ڪتي يا گهوڙي يا ٻيءَ ڪنهن شيءِ تي خيال رکيو، تھ هنن جو نصيب کُليو . اها شي ڪهڙي بھ هوندي تھ ٻئي ڏينهن ضرور موڪليندڙ جي سلامن ۽ ڪين جهڙي هئڻ جي عذرن سان امير ٽائيمن وٽ قبول پوڻ جي لاءِ ايندي هئي ؛ ۽ انهيءَ ڪتي يا گهوڙي يا ٻيءَ شي جي بدران ضرور  سخي ٽائيمن هنن کي ويهه ڪتايا ويهه گهوڙا يا زيادهه ملهه جون ٻيون شيون ڏيندو هو . هنن کي اڳي ئي اِها خبر هوندي تھ اسان جون ڪوڙيون سوکڙيون اهڙيون آهن ، جهڙو گهڻي وياج تي ناڻو ڏيڻ ، جو وري جلد ملي . انهيءَ رستي، ٿورا ڏينهن ٿيا هئا جو امير ”ليوشيس“ ٽائيمن ڏي چار کير جهڙا اڇا گهوڙا روپن  سهنجن سان سوکڙي ڪري موڪلي ڏنا هئا ، جو اڳي ڪنهن وقت ٽائيمن جي ٺڳ امير جي روبرو انهن گهوڙن جي ڪا تعريف ڪئي هئي. ساڳيءَ طرح، وري امير  ”ليوڪلس“ جوڙو تازي ڪتن جو سوکڙي ڪري ڏياري موڪليو هوس، جو  اڳي ٽائيمن هنن جي تيزيءَ ۽ چالاڪيءَ جو ڪٿي ذڪر ڪيو هو . اهي سوکڙيون هن ساديءَ دل واري امير وٺي رکيون ، ۽ ڏيڻ وارن جي ٺڳيءَ ۽ ڪپت جو شڪ بھ ڪو نھ پيس . انهن جي بدلي ۾ وري هن ڪا قيمتي شيءِ ڏنين . هيرو يا ڪو جواهر ، جو هنن جي ڪوڙي سوکڙيءَ کان ويهه ڀيرا ملهه ۾ وڌيڪ  هو.

ڪڏهن  ڪڏهن تھ هي بي ايمان ماڻهو اٽڪل ڪري ٽائيمن جي روبرو سندس ڪنهن شي يا تازيءَ خريد ڪيل وٿ جي تعريف ڪندا هئا، ۽ هو ڀورڙو امير اکيون پوري اها شي انهن کي ڏيئي ڦٽو ڪندو هو . نھ ڪنهن بھ ڪم ڪرڻ جي عيوض پر مفت، رڳو خوشامد جي ٻن اکرن پٺيان ! انهيءَ طرح ، اهڙي هڪڙي نيچ امير کي ٽائيمن پنهنجي چڙهيءَ جو هڪڙو ڪُميت گهوڙو ڏيئي ڇڏيو هو ؛ ڇا لاءِ جو هن چيو هو تھ اهو ڏاڍو سهڻو وهٽ آهي ، ۽ رفتار چڱي اٿس. ٽائيمن کي تھ ڪنهن جي کوٽيءَ نيت جو سماءُ ڪو نھ ٿي پيو؛ هو پاڻ چڱو هو ، تنهنڪري ڄاڻندو هو تھ منهنجا سڀ دوست مون وانگي چڱي نيت وارا آهن . هو ڏيڻ جو اهڙو ڪوڏيو هو، جو جيڪر هنن ڪوڙن يارن کي بادشاهيون بخشي ڇڏي ها، ٿڪجي ڪين ها .

ائين ڪين آهي تھ ٽائيمن جي مايا رڳو هنن بُرن خوشامدڙين کي سائي ڪرڻ ۾ پئي ويئي . پر هو ثواب ۽ خير جهڙا ڪم بھ ڪندو هو. جڏهن هڪڙي ڀيري سندس نوڪر ڪنهن پيسن واري شهريءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ جي شادي رکڻ جي خواهش رکي هئي، پر هو ءَ وسعت جي ڪري هن کان درجي ۾ وڌيڪ هئي ، تڏهن امير ٽائيمن انهيءَ پنهنجي نوڪر کي ٽي ٽالينٽ بخش ڏنا تھ جيڪو ڏاج ٻانهن جي پيءُ ٿي گهريو سو وڃي وٺي ڏئي . پر گهڻو ڪري رڳو ٺڳ ۽ خوشامدي هن کي ڦريندا کائيندا هئا . انهن ڪوڙن يارن کي هو ڪپتيو نھ سمجهندو هو، پر هو جو سندس جند نھ ڇڏيندا هئا، تنهنڪري ڄاڻندو هو تھ مون سا ڏاڍي ڪادل اٿن؛ ۽ هو جو مُرڪندا هئا تھ ۽ سندس خوشامد ڪندا هئا ، تنهنڪري پڪ هوندي هيس تھ جيڪي آءٌ ڪريان ٿو سو سڀ ڏاها ۽ چڱا ماڻهو پسند ڪن ٿا . جڏهن هو هنن خوشامدي ۽ ڪوڙن دوستن سان گڏ ويهي ماني کائيندو هو ۽ پيا کيس پٽيندا کائيندا هئا ، ۽ کيس دعائون ۽ صدائون ڪري کيس اُچا اُچا شراب پيا پيئندا هئا، تڏهن هن کي سچي ۽ ڪوڙي دوست جي فرق جي خبر ئي نھ پوندي هئي . اهڙو ڪم نظر  ٿي ويندو هو، جو هيترا ماڻهو پنهنجي آسپاس ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو ، ڄڻ تھ ڪي سڳا ڀائر هجن ۽ هڪٻئي جي مال ۾ ڀائيوار هجن . نھ تھ حقيقت ڪري سندس خرچ تي اهي سڀ پئي پليا ۽ ورسيا .

هن جو هيتري سخاوت ۽ هيترو بي صرفي خرچ ٿي ڪيو ۽ ڪابھ سنڀال يا بندش نھ ٿي رکيائين، سو مايا اَکَٽ نھ هئي، نيٺ اهڙي اسراف ڪري کُٽي پوڻ جي هئي، پر ڪين هن کي ائين چوي ها؟ اهي خوشامدڙيا چون ها؟ اهي تھ پاڻ هن جي اکين پورڻ ۾ خوش هئا! باقي سندس ايماندار خانسامان ’فليوهيس‘ هو، تنهن هن کي سندس حالت چڱيءَ طرح بتائِي، کيس سندس حساب ڏيکاريائين، ۽ آزيون ڪري، ڳوڙها ڳاڙهي، بيحيا ٿي بھ هن کي سمجهايائين تھ سنڀالي هل . تڏهن ٽائيمن نٽائي ٻي ڳالهه آڻيو ٿي وڌي؛ ڇا لاءِ جو جڏهن مايا موٽڻ تي ٿي اچي، تڏهن ڪنهن جي بھ جهلڻ سان نٿي جهلجي ۽ پنهنجي سچي حالت مور نٿي ڏسي. جڏهن ٽائيمن جو سڄو گهر اچي انهن مفت خور عيشي ماڻهن سان ڀريو هو، ۽ شراب بازي هلندي هئي، ۽ سڀڪنهن  ڪمري ۾ بتيون ٻري وينديون هيون، ۽ هل ۽ چرچي ۽ راڳ جو آواز مچي ويندو هو ، تڏهن ڪيترا ئي دفعا هن اشراف خانسامان پنهنجي هڪ ڪنڊ ۾ پنهنجي ڌڻيءَ جي چريائيءَ ۽ اجائيءَ سخا تي رُنو ۽ ارمان کاڌو هوندو ، ۽ دل “ چيو هوندو تھ ’جنهن شي جي وسيلي هيترن ماڻهن جي خوشامد ۽ تعريف پيدا ٿي ٿئي، سا جڏهن هلي ويندي، تڏهن اهي زبانون ئي بيهي وينديون؛ جڏهن بک اچي پوندي، تڏهن انهيءَ عيش عشرت جون تعريفون بند ٿي وينديون، ۽سياري جي هڪڙي برسات آئي تھ اهي مکيون سڀ گم ٿي وينديون!‘

پر هاڻي اُهو وقت بھ اچي سڙهيو ، جڏهن ٽائيمن کي پنهنجي ايماندار خانسامان جي نصيحت مڃڻ ضرور ٿي .پيسو تھ ضرور گهربو هو ؛ ۽ جڏهن هن  فليوهيس به ٻڌايس تھ ”مون تو کي ڪيترا ڀيرا اڳي ئي ٿي چيو تھ نٿي سنڀاليئھ: گهڻي زمين تنهنجي تھ اڳي ئي وڪامي ويئي آهي، ۽ ڪي گروي پيئي آهي، باقي جيڪو ٽڪر بچيو آهي، سو ايترو ناهي جو تنهنجو اڌ قرض بھ لاهي!“ هيءَ ڳالهه ٻڌي، ٽائيمن اچرج ۾ پئجي چيو تھ ”منهنجي زمين تھ اٿينس کان وٺي لاسيڊ يمونيا تائين هئي !“ فليوهيس ورندي ڏني تھ ”اڙي سائين، دنيا بھ رڳي هڪڙي دنيا آهي ، تنهن کي حدون پيل آهن ؛ سا جي ساري تنهنجي هجي ۽ هڪدم ۾ ڏيئي ڦٽي ڪندين ، تھ اھا بھ جهٽ ۾ هلي ويندي !“

ٽائيمن پاڻ کي هن ڳالهه تي تسلي ڏني تھ’ مون کان تھ اڃا ڪنهن بڇڙي ڪم تي اجايو خرچ ڪو نھ ٿيو آهي ؛ جي مون پنهنجي دولت جِهل ڪري ڏيئي ڇڏي اهي ، تھ پنهنجن دوستن کي کارائڻ ۾ ڏني آهي، نھ پنهنجي ڪنهن بديءَ  پٺيان وڃائي آهي ! ‘ ۽ سندس نرم دل خانسامان جو پيءُ پي  ُرنو، تنهن کي دلاسو ڏيئي چيائين تھ ”جيسين مون کي ايترا خانداني دوست هوندا، تيسين مون کي پيسي جي گهرج  بلڪل  نھ ٿيندي.“ هن ڀورڙي امير کي ويساهه ۾ هو تھ جي ڪا اهڙي مهل اچي پهتي،  تھ پوءِ مون کي رڳو ماڻهو موڪڻو ۽ پيسو اوڌارو وٺڻو ٿيندو ، ۽ جنهن بھ هيستائين منهنجي سخا پئي چکي آهي ، سو پنهنجو مون کان ڪو نھ رکندو .اِها آس ڪري دل جي تسليءَ ۽ خوشيءَ منجهان، هن امير ليوشيسر، امير ليوڪلس ۽ امير سيمپرونيس ڏي پيغام موڪليا، جو انهن کي گذرين ڏينهن ۾ بي انداز سو کڙيون ۽ بخششون ڏنيون هئائين .هڪڙو ماڻهو وري وينٽيڊيس ڏي موڪليائين ، جنهن کي اڃا تازو سندس قرض جا پيساڀري قيد مان ڇڏايو هئائين . ۽ جو هاڻ پيءُ جي مرڻ ڪري وڏي ميراث جو مالڪ ٿي پيو هو، ۽ ٽائيمن جي ٿوري لاهڻ جهڙو هو . وينٽيڊيس ڏي نياپو موڪليائين تھ ’جيڪي پنج ٽالينٽ مون تنهنجي پاران ڀري ڏنا هئا ، سي مون کي موٽائي ڏي؛ ۽ هن ٻين اميرن کان هڪ هڪ کان پنجاهه ٽالينٽ تائين اڌارا  گهرايائين . يقين هوس تھ هو منهنجا اهڙا احسانمند هوندا جو گهرج مهل پنجاهه ٽالينٽ تھ ڇڏ، پر انهيءَ کان پنج سؤ ڀيرا وڌيڪ ناڻو پهچائي ڏيندا .

پهرين ليوڪلس ڏي ماڻهو ويو. هن ڪميني امير رات جو خواب ۾ چانديءَ جو پيالو ۽ ٿالهي ڏٺا هئا، ۽ صبح جو جڏهن ٽائيمن جي ماڻهوءَ جو ٻڌيائين، تھ پڪ ٿيس تھ منهنجي خواب جو تعبير ٿيو جو ضرور ٽائيمن ڪا سوکڙي موڪلي هوندي! پر جڏهن ڳالهه جي خبر پيس تھ ٽائيمن پيسا ٿو گهري، تڏهن سندس دوستي ۽ طبيعت ظاهر ٿي: ڊگهيون ڊگهيون ڳالهيون ڪري، انهيءَ نوڪر کي چيائين تھ ”مون اڳي ئي ٿي ڄاتو تھ تنهنجو ڌڻي هڪڙي ڏينهن ضرور هن حال ۾ ايندو؛ ۽ ڪيترا ئي دفعا آءٌ وٽس ماني کائڻ آيو هوندس، انهيءَ لاءِ تھ سمجهايانس تھ پنهنجو خرچ گهٽاءِ ، پر هن منهنجي صلاح نھ پئي ورتي !“ اهو سچ هو تھ هو اڪثر ٽائيمن جي محفل ۾ حاضر رهندو هو، ۽ گهڻن ئي وقتن تي هن جي سخا چکي هئائين ؛ مگر هيءُ جو چيائين ٿي تھ ’آءٌ جڏهن ڪڏهن ايندو هوس تڏهن انهيءَ  ارادي سان ايندو هوس ،‘ سو نسرو ڪوڙ ٿي ڳالهايائين . انهيءَ جي ثابتي اهاتھ هو هاڻ نوڪر کي خرچي اَڇي چوڻ لڳو تھ ”وڃي پنهنجي ڌڻيءَ کي چئو تھ ليوڪلس گهر ڪو نھ هو !‘

جيڪو ماڻهو امير ليوشيس ڏي موڪليو ويو هو ، تنهن بھ اهڙو ئي سکڻو جواب آندو . هي ڪوڙو امير ، جنهن جو پيٽ ٽائيمن جي ٽُڪرن سان ڀريو پيو هو، ۽ جو ٽائيمن جو قيمتي سوکڙين ڪري دولتمند ٿي ويو هو، تنهن جڏهن ڏٺو تھ هوا ڦِري ٻي ڪنڊ جي ٿي آهي ۽ فيض جو چشمو بيهي ويو آهي، تڏهن پهريندي تھ ويساهه ئي نھ آيس تھ اها ڳالهه ائين هوندي؛ جڏهن خاطري ٿيس، تڏهن ظاهرداري ڪري ارمان کائڻ لڳو تھ ”افسوس آهي جو مون کي امير ٽائيمن جي خدمت جي ڪرڻ جي طاقت ڪانهي !“ ۽ ڪوڙ ڪري چوڻ لڳو تھ ” ڪالهه آءٌ هڪڙي وڏي خريداري ڪري ويٺس، جنهنڪري باقي پيسو ڪو نھ بچيم ؛ مون وڏي بيعقلي ڪئي جو سڀ خرچي ويٺس ، ۽ ههڙي سچي يار کي ڪم اچڻ لاءِ ڪين بچايم: مون کي ارمان ٿو ٿئي جو ههڙي چڱي ماڻهوءَ کي مهل تي خوش ڪري نٿو سگهان!“

ڪير اُنهيءَ ماڻهوءَ کي ’دوست‘ سڏيندو، جو هن سان گڏ ماني کائي ٿو؟ اهڙي قسم جو تھ سڀڪو خوشامدڙيو آهي. سڀڪنهن کي خبر هئي تھ ٽائيمن انهيءَ ليوشيس کي پيءُ  وانگي هوندو هو، ۽ هن جي پاران پيسا ڀري بھ هن جي پت رهايائين. ٽائيمن جي پيسي مان هن جي نوڪرن کي ٿي پگهار مليو ؛ هن جي مزورن کي ٿي  مزوري ملي؛ جڏهن ڪڏهن ليوشيس چانديءَ جي ٿانوءَ ۾ پاڻي ءَ يا شراب پيئندو هو،تڏهن هن کي ٽائيمن جي سخا ياد پوندي هئي؛ انهيءَ هوندي بھ ، افسوس ، جڏهن انسان  بي شڪر ۽ نا احسانمند ٿو ٿئي، تڏهن ڪهڙو نھ حيوان ٿو ڏسجي! هن ليوشيس، جيترا پيسا ٽائيمن کي هاڻي نھ ٿي ڏنا، سي ٽائيمن جي کيس ڏنل بخشش جي بنسبت ايترا ٿورا هئا، جو اڃا سخي ماڻهو فقيرن کي وڌيڪ خيرات ڏيندا  آهن .

سيمپرونيس، توڙي سڀڪنهن ٻئي ڪوڙي مطلبي امير، جنهن ڏي ٽائيمن واري سان ماڻهو موڪليو هو ، تنهن صاف جواب ڏنو يا نٽائي ڦٽو ڪيو. ٻئي تھ نھ، پر وينٽيڊيس، جنهن کي ٽائيمن پيسا چَٽِي ڀري ڇڏايو هو ۽ جو هاڻي شاهوڪار هو ، تنهن بھ انهن پنجن پائونڊن جي مدد نھ ڏنيس، جي ٽائيمن کيس گهرج مهل اڌارا نھ ڏنا هئا پر بخش ڪيا هئا.

جهڙو اڳي دولت هوندي ٽائيمن وٽ ماڻهو ايندا هئا ۽ سندس  خوشامند ڪندا هئا، اهڙو هينئر غريبيءَ ۾ هن کان پري ڀڄڻ لڳا. اُهي ساڳيون زبانون جي اڳي خوشامد ڪري هن کي سخي ۽ دست ڪشادو سڏينديون هيون، سي بيشرم ٿي هاڻي عتاب مان انهيءَ ساڳيءَ سخا کي بيعقلي ۽ اجايو خرچ سڏڻ لڳيون. جيتوڻيڪ ايتري بيعقلي برابر ٿي هئي، جو هيڙن نالائق حيوانن سان ايتري سخا ڪرڻ ۾ آئي هئي . هاڻي اُهو وقت آيو ، جو ٽائيمن جي گهر کان ماڻهو پاسو ڪيو لنگهي ويندا هئا ، نھ اڳي وانگي ، ضرور ترسي، اندر اچي، ماني ٽڪي کائي، خوش ٿي ويندا هئا . اڳي جتي مهمانن ۽ مفت خور ماڻهن جو گوڙ مچندو هو، اتي هينئر ڪرڪندڙن قرضخواهن، وياج خورن ۽ ڦورن جو اچي گوڙ ٿيو، جن شوخيءَ ۽ بي حيائيءَ سان پنهنجو قرض پئي گهريو، ۽ دستاويزن ۽ وياجن ۽ گروي وٿن جون ڳالهيون پئي ڪيون . اهڙا سنگدل ماڻهو، جي نڪي مڙن نڪي مهلت ڏين ! اهو ساڳيو ٽائيمن جو گهر هينئر سندس لاءِ هڪڙو بند يخانو هو ، جتي هو هنن جي ڪري اندر اچي وڃي نھ ٿي سگهيو .هڪڙي پئي پنجاهه ٽالينٽ گهريس ، تھ ٻيو پنجن هزار ڪرائونن جو بل کنيو پئي آيس، جنهن جي ادا ڪرڻ لاءِ جي هو پنهنجي بت جو رت ڦڙو ڦڙو ڪري ڳڻي ڏي ها، تھ بھ پورو ڪري ڏيئي نھ سگهي ها .

اهڙيءَ نااميد ۽ لاچاريءَ جي حالت ۾ جيڪو هن لهندڙ سج اوچتو سوجهرو ڪيو، سو ڏسي سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا . امير ٽائيمن وري هاڻ بھ هڪڙو ڀيرو مانيءَ جي مجلس ڪئي ، ۽ پنهنجن اڳوڻن مهمانن ۽ اٿينس جي آبرووارن مڙسن ۽ بيبين کي دعوت ڏني. امير ليوشيس ۽ ليوڪلس، وينٽيڊيس ۽ سيمپرونيس ۽ ٻيا آيا. هنن سمجهيو تھ امير ٽائيمن جي مفلسيءَ واري ڳالهه ڪوڙي هئي ۽ اسان جي محبت پرکڻ لاءِ هڪڙي اٽڪل ڪئي ويئي هئي . سي بي ايمان هاڻي ڏاڍا شرمندا ۽ غمگين ٿيا تھ ناحق مهل تي سهي نھ ڪيوسين. ’رڳو هن تي نالي جو ٿورو کڻي ڪريون ها تھ چڱو هو !‘ اهي ساڳيا، جن ڀانيو ٿي تھ هن جي سخا جو چشمو سڪي ويو آهي تن جو وري ڏٺو تھ اهو اڃا تازو ۽ جاري بيٺو آهي ، سي نهايت خوش ٿيا . اهي هاڻي ڪوڙا عذر ۽ بهانا ڪري ، ڏک ۽ شرم ظاهر ڪري ، ٽائيمن کي چوڻ لڳا تھ ” جڏهن تنهنجو ماڻهو اسان ڏي آيو هو، تڏهن اسان کي هٿ ۾ پيسو موجود نھ هو ، نھ تھ تو جهڙي  سچي دوست کي جواب نھ ڏيون ها ؛ انهيءَ ڳالهه جو اسان کي گهڻو ارمان آهي“. پر ٽائيمن چيو تھ ”خير، انهيءَ ڪين جهڙي ڳالهه جو  ڇا آهي، مون کي تھ ياد بھ ڪين آهي !“ اِهي ڪمينا ڪوڙا خوشامدي، جن هن کي تنگيءَ جي وقت ۾ صفا جواب ڏيئي ڇڏيو هو، سي وري هن جي نئين سک ۾ حاضر ٿيڻ کان رهي نھ سگهيا؛ ڇا لاءِ جو ابابيل اونهاري جي پٺيان اهڙو ڪڏ سان نٿا اچن ، جهڙو هن قسم جا ماڻهو سکرن جي دولت پٺيان ٿا اچن: اهي پکي سياري کي اهڙو سولائي سان نھ ٿا ڇڏن، جهڙو اهي ماڻهو تنگدستيءَ ۽ زماني جي اُٿل پري کان ڏسي انهن کي ٿا ڇڏين : اهڙا ماڻهو ابابيلن وانگي آهن .

پر هاڻي، راڳ روپ ۽ ٻئي تجمل سان، گرم گرم رڪابيون رکجي وييون؛ ۽ جڏهن سڀ مهمان تعريف ڪري چوڻ لڳا تھ ”کـُٽل ٽائيمن ايترا پيسا ڪٿان آندا جو ههڙي مجلس جو بندوبست ڪري سگهيو“، ۽ ڪن پئي ڄاتو تھ هي الانجي خواب خيال آهي يا سچ پچ ڳالهه آهي، تڏهن اشاري ڏيڻ تي رڪابين جا پُڙ لاٿائون، ۽ ٽائيمن جي جيڪا اٽڪل هئي سا ظاهر ٿي. جن عجيب عجيب مزيدار طعامن جي هنن  کي اميد هئي، تن جي بدران، ٽائيمن جي حال موافق، هاڻي انهن رڪابين ۾ رڳو پاڻيءَ جهڙو گرم شورو پيو هو ، جو اهڙن ناخور يارن جي لائق هو، جن جي دل انهيءَ پاڻيءَ وانگي گرم ۽ پٽڙي هئي، ۽ جن جي وات مان رڳو سکڻو دونهو پئي نڪتو. ٽائيمن هنن کي حيرت ۾ ڏسي چيو تھ ”يارو، کائو! اوهين ڪتا آهيو، سي ويهي لڪيو ۽ چٽيو! “ پوءِ اهو پاڻي هن جي منهن ۾ وجهڻ لڳو تھ ڀلي ڍؤ هجين، ۽ رڪابيون مٿن اڇلاءِ وجهڻ لڳو. هو امير توڙي بيبيون سڀ وٺ پڄ ۾ اُٿي ڀڳا، ۽ ٽائيمن پٺيان رڙيو ن ڪندو چوندو وين تھ ” ڪوڙا، منهن جا مٺا، خوشامدي، ٻاهر جا چڱا اندر جا خراب، مروت وارا بگهڙ، نرميءَ وارا رڇ، سک جا يار، مانيءَ جا دوست، مهل جون مکيون ... !“ جهڙيءَ جلديءَ سان اتي آيا، تنهن کان وڌيڪ جلديءَ مان هاڻ هو ٽائيمن کان گسائي اُٿي ڀڳا. ڪي پنهنجا ڪپڙا ۽ ٽوپيون وڃائي ويا، ڪن جاجواهر تڪڙ ۾ ڪري پيا، پر سڀ هن چرئي امير ۽ سندس چرچي جي مجلس مان جند ڇڏائي ڀڄڻ ۾ ڏاڍا خوش ٿيا.

ٽائيمن جي اها پڇاڙيءَ جي مجلس هئي، جا پنهنجيءَ عمر ۾ ڪيائين، ۽ انهيءَ ۾ هن اٿينس ۽ اتي جي ماڻهن جي سنگت کان موڪلايو، ڇا لاءِ جو انهيءَ کانپوءِ هن وڃي جهنگ وسايو ، ۽ انهيءَ ڪني شهر ۽ ڪميڻن ماڻهن کان منهن موڙي هليو ، ۽ پٽڻ ۽ پاراتا ڏيڻ لڳو تھ ” شال انهيءَ خراب شهر جون ڀتيون غرق ٿي وينديون، گهر ماڻهن تي ڪري پوندا؛ سڀ آفتون جيڪي انسان تي اينديون آهن، جهڙوڪ جنگ ۽ ڦرمار ۽ ڪنگالپڻ ۽ مرض، سي سڀ شال انهيءَ شهر جي ماڻهن تي ڪاهي اينديون؛ ۽ خدا اتي جي رهاڪن ، غريبن توڙي شاهوڪارن ۽ ٻُڍن توڙي جوانن، کي شل منجهائي خراب ڪندو!“ پوءِ منهن ڪري جهنگن ۽ ٻيلن ڏي هليو ويو، جتي ڄاتائين تھ پنهنجن همجنسن کان مِرُن منجهان زياده مروت ۽ مهرباني ڏسندس. هو ڪپڙا لاهي اگهاڙو ٿيو، تھ انسان جي ڪا ظاهري نشاني بھ ساڻ نھ هجي تھ چڱو. هڪڙي کڏ کوٽي انهيءَ ۾ مرونءَ وانگر رهڻ لڳو، ۽ جهنگ جون پاڙون کائڻ ۽ پاڻي پيئڻ لڳو. انهيءَ طرح ، ماڻهن کان ڀڄي اچي مرن جو ساٿي ٿيو ، ڇالاءَ جو هنن مان ماڻهن کان گهٽ ايذاءُ ۽ زياده مهربانيءَ جي اميد هيس .

هيءَ ڪهڙي نھ عجيب ڦير گھير ٿي ويئي : دولتمند امير ٽائيمن مان، هر دلعزيز  امير ٽائيمن مان، مٽجي نانگو ٽائيمن ۽ انسان جو دشمن ٽائيمن ٿي پيو ! هن جا خوشامدي هاڻي ڪٿي هئا؟ هن جا خذمتگار ۽ حاضري ڀرڻ وارا ڪيڏانهن ويا؟ اها سرد ڏنڀيندڙ هوا ڪا هن کي گرم ڪپڙا ڍڪائي يا هن جي ڪا ٻي هاج نوڪرن وانگي ڪري سگهندا ڇا؟ اُهي جهونا وڻ ڪي هن جا غلام ٿي هن جي چئي پٺيان ڪم ڪار تي ڊوڙي ويندا ڪيئن ؟ جڏهن هو رات جي چرڪي کائڻ ڪري  بيمار ٿي پوندو ، تڏهن ڪا سرد يخ ٿيل ندي هن کي گرم شوروا ۽ ٻيون دوائون پياريندي ڇا؟ يا، جي جانور انهيءَ جهنگ ۾ رهندا هئا، سي اچي هن جا هٿ چمندا يا خوشامد ڪندا ڇا؟

هت هڪڙي ڏينهن هن کائڻ لاءِ پاڙون پئي کوٽيون، تھ سندس ڪوڏر وڃي ڪنهن ڳريءَ شيءِ سان لڳي ..... چتائي ڏسي، تھ سون جو وڏو ڍڳ پيو آهي. جو شايد ڪنهن ڪنجوس ڊپ جي وقت ۾ اتي پوري ڇڏيو هو ، انهيءَ اميد تي تھ وري اچي ڪڍندو ، پر اهڙي وجهه ملڻ کان اڳي ، ڪنهن بھ ٻئي ماڻهوءَ کي واقف ڪرڻ ڌاران مري ويو آهي ، سو جنهن زمين مان اصل پيدا ٿيو هو، تيئن زمين جي پيٽ ۾ نفعي نقصان ڪرڻ کانسواءِ پيو هو . جو اوچتو ٽائيمن جي ڪوڏر وڃي لڳيس ، ۽ هڪڙو ڀيرو وري بھ نڪري ٻاهر ٿيو . 

هي خزانو ايترو تھ هو جو جيڪڏهن ٽائيمن اڳين ساڳي دل رکندو هجي ها، تھ وري بھ گهڻا ئي دوست ۽ خوشامدي ان سان خريد ڪري سگهي ها، پر ٽائيمن هاڻي هن ڪوڙي دنيا مان ڪڪ ٿيو هو، سو سون جي ڏسڻ ڪري هن کي گهڻي بڇان ويئي ... ۽ وري زمين ۾ پورڻ تي هو، پر خيال آيس تھ سون جي ڪري انسان تي ڪيتروين نھ بيشمار آفتون ٿيون اچن، ۽ ڪيئن نھ ان جي لالچ تي چوريون ۽ زبردستيون ۽ رشوتخوريون ۽ ظلم ۽ خون ماڻهن ۾ ٿا ٿين، ۽ پنهنجيءَ ذات جو اهڙو جاني دشمن ٿي ويو هو جو ڄاتائين تھ هي سون جو مون کوٽي ظاهر ڪيو آهي، تنهن مان ڀلي تھ ڪا حرڪت پيدا ٿئي، جنهنڪري انسانذات کي نقصان پهچي!‘ اتفاق سان جي انهيءَ مهل اٿينس جي سردار ’اَلڪيبائيئڊيز‘ جي لشڪر جا ڪي سپاهي اچي ٻيلي منجهان ۽ هن جي غار وٽان لنگهيا. هي سردار اٿينس جي حڪومت هلائيندڙ  مشيرن سان خفي ٿيو هو (جو اٿينس جا ماڻهو مشهور بيشڪر ۽ نااحسانمند هوندا هئا ۽ پنهنجن سرڪردن ۽ خيرخواهه دوستن کي ڪڪ ڪري ڇڏيندا هئا)، ۽ جنهن لشڪر سان اڳي اٿينس کي بچايو هئائين، تنهن ساڳئي سان هاڻ وري مٿس ڪاهيو ٿي ويو. ٽائيمن کي تھ انهن ماڻهن جو ڪم ۽ ارادو گهڻو پسند هو، تنهن اهو سڀ سون کڻي سندن سردار کي ڏنو تھ سپاهين کي وراهي ڏئي، ان جي بدران مٿس اهو ڪم رکيائين تھ ”پنهنجي فتحمند لشڪر سان اٿينس کي ڊاهي زمين سنوءن ڪري ڇڏ، ۽ سڀني رهاڪن کي ماري ساڙي چٽ ڪري ڦٽو ڪر ! پير مردن کي بھ سندن اڇين ڏاڙهين جي ڪري متان ڇڏين ، ڇالاءِ جو اهي ڳرا وياج وٺندڙ آهن ؛ نڪي ننڍڙن ٻارن تان سندن معصوميءَ جي مُرڪڻ ڪري گذر ڪرين ، ڇالاءِ جو جي هو جيئرا رهيا ۽ وڌي وڏا ٿيا تھ سڀ ٺڳ ۽ دغاباز ٿيندا؛ جيڪا بھ شئي رحم اٿارڻ جهڙي ڏسين ، ۽ جيڪو بھ آواز قياس آڻِڻ جهڙو  بـُڌن، تھ انهيءَ کان پنهنجون اکيون ۽ ڪَن َ پري رکج ؛ نڪي ڪُنئارين زالن ۽ ننڍڙن ٻارن ۽ سندن مائن جون دانهون ٻڌي ڪوس ڪرڻ کان هٿ جهلجئين . اصل سڀني کي ماري ڪُٽي ڇڏجئين . . . ۽ جڏهن تون اها فتح حاصل ڪري رهندين، تڏهن وري تو کي بھ شل خدا ماري ناس ڪندو !“ ايتريءَ حد تائين ٽائيمن کي اٿينس ۽ اتي جي رهاڪن ۽ عام انسانن ڏانهن نفرت ٿي ويئي هئي.

هن سـُڃ ۾ مِرن وانگي رهندي، هڪڙي ڏينهن ڏسي تھ هڪڙو ماڻهو سندس غار جي در تي اچرج جي حالت ۾ بيٺو آهي، اهو سندس سچو  ۽ وفادار خانسامان ” فليوهيس“ هو، محبت ۾ سڪ جي جوش کان هن ويرانيءَ ۾ پنهنجي ڌڻيءَ کي ڳولي لهڻ جي لاءِ ۽ هن جي چاڪري ڪرڻ لاءِ آيو هو. هن کي انهيءَ خراب حالت ۾ ، نئين ڄاول ٻار وانگي اگهاڙو ۽ مرن سان گڏ مرن وانگي رهندو ، ۽ ضعيف ڏٻرو ۽ بيحال ڏسي، هن ايماندار نوڪر جي دل ۾ اهڙو ڌڪاءُ پئجي ويو ، جو ڳچ تائين  تھ هو خوف ۾ منهنجي ماٺ ڪري بيهي رهيو . جڏهن سامت ۾ آيو ۽ ڳالهائڻ جي ڪيائين ، تڏهن روئڻ ۽ سُڏڪن ڀرڻ جي ڪري لفظ سندس نڙيءَ ۾ اَٽڪي پيا . ٽائيمن سڃاڻي نھ سگهيو تھ هي ڪير آهي جو ههڙيءَ  حالت ۾ منهنجي سنڀال لهڻ ۽ منهنجي خذمت ڪرڻ آيو آهي . هو ماڻهوءَ جي صورت ۾ هو ، تنهنڪري ٽائيمن ڄاتوتھ هي بھ ضرور ڪو دغاباز هوندو ۽ هن جو روئڻ رڳو ٺڳيءَ جو آهي پر هن اشراف ڪيترن رستن سان پنهنجي نمڪحلاليءَ ۽ ايمانداريءَ جي خاطري ڪرايس ، جنهنڪري هن کي معلوم  ٿيو تھ هيءُ رڳو محبت ۽ پيار جي ڪري اتي آيو آهي ؛ تڏهن مس مس ٽائيمن لاچار ٿي مڃيو تھ ساريءَ دنيا ۾ هڪڙو سچو ۽ ايماندار ماڻهو آهي. انهيءَ هوندي بھ، هن جي جا ماڻهوءَ جهڙي شڪل هئي، تنهنڪري نفرت کانسواءِ هن جو انساني منهن ڏسي نھ سگهيو، ۽ ڌڪار کانسواءِ هن جي انساني چپن مان ڳالهائڻ ٻڌي نھ سگهيو . نيٺ هن هڪڙي سچي ماڻهوءَ کي نھ لاچار ٿيو تھ موٽي وڃي ؛ ڇا لاءِ جو هو ماڻهو هو ، ۽ جيتوڻيڪ ٻين ماڻهن کان وڌيڪ رحمدل ۽ اشراف هو ، مگر سندس ظاهري شڪل هن کي انسان جهڙي خراب ۽ ڪرهت واري ڏسڻ ۾ آئي .

پر غريب خانسامان کان بھ وڏا وڏا ملاقاتي اڃا ٽائيمن وٽ اچڻا هئا ، ۽ انهيءَ سُڃ  جي اڪيلائيءَ ۾ هن جو آرام ڦٽائڻ وارا هئا : ڇالاءِ جو هاڻي اُهو ڏينهن اچي رسيو هو ، جڏهن اٿينس جا نا احسانمند ۽ بي ايمان امير ، ٽائيمن سان جيڪا ظلم جي هلت ڪئي هئائون ، تنهن کان بھ گهڻو پشيمان ٿيا هئا . انهيءَ جو سبب هي هو تھ آلڪيبائيئڊيز، ڇيڙيل جهنگلي سوئر وانگي، سندن شهر جي ڀتين  کي گهيرو ڪريو مڇريو ويٺو هو، ۽ اٿينس جهڙي سهڻي شهر کي زمين دوز ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو هئائين. تڏهن هنن غافلن کي امير ٽائيمن جي اڳوڻي همت ۽ بهادري ياد آئي؛ ڇا لاءِ جو گذريل ڏينهن ۾ ٽائيمن سندن سرڪردو هوندو هو ، ۽ اهڙو بهادر ۽ جنگي جوان هوندو هو ، جو ساري شهر جي ماڻهن مان هڪڙو هيءُ  ئي گهيري ڪندڙ ڪٽڪ سان پوري پوڻ وارو هوندو هو، هنن کي هينئر دل ۾ آيو تھ ” جي ٽائيمن هجي ها تھ آلڪيبائيئڊيز کي هٽائي ڪڍي ها ! “

هن تنگ ۽ ڏکئي وقت ۾، حڪومت هلائيندڙ مشيرن پاڻ مان چونڊي ڪي ماڻهو ڪڍيا ، انهيءَ لاءِ تھ ٽائيمن کي وڃِي پرچاءِ وٺي اچن . تڏهن پنهنجي اهڙيءَ  لاچاريءَ مهل هو هن وٽ آيا ، جو جڏهن پاڻ لاچاريءَ ۽ تنگيءَ ۾ هو تڏهن هنن پڇيو بھ ڪين هوس . ڄڻ تھ پڪ هين تھ جنهن سان اسان ڪين رهايو آهي ، سو انهيءَ هوندي بھ اسان سان رهائيندو  ۽ اسان تي احسان ڪندو ، ۽ جنهن تي اسان ڪو بھ قياس ڪو نھ ٿي ڪيو، تنهن کي اسان تي قياس ڪرڻ حق آهي !

هاڻي اهي ساڳيا هن کي منٿون آزيون ڪرڻ ۽ روئي عرض ڪرڻ لڳا تھ ” موٽي هلي انهيءَ شهر کي بچائي ، جنهن مان اسان جي ظلم ۽ آجائيءَ هلت کان تون ڀڄين وئين !“ هاڻي هو هن کي خزانو ۽ اختياري ، وڏا درجا ۽ گذريل نقصانن ۽ ايذائن جا عيوض آڇڻ لڳا ، ۽ چوڻ لڳس تھ ” اسان جو جسم ، اسان جو ساهه ۽ اسان جو مال متاع سڀ تنهنجي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي : جڏهن موٽي هلندين تڏهن بچندو ، نھ تھ نھ “ . پر ” نانگو  ٽائيمن “ ۽ ’انسان جو بد خواهه ٽائيمن‘ ڪٿان وري ’امير ٽائيمن‘ ۽ ’سخي ٽائيمن‘ ،’پهلوان‘ ، ۽ ’جنگ مهل شهر جو بچاءُ ‘ ۽ ’صلح مهل شهر جو سينگار‘ ٿئي ؟ جيڪڏهن آلڪيبائيئڊيز کڻي ملڪ جا ماڻهو ماري وجهي ، تھ ٽائيمن کي ڪهڙي پرواهه ؟ جي هو کڻي اٿينس  کي ويران ڪري ڇڏي ، ۽ پير مردن توڙي ننڍڙن ٻارن ۾ آڻي ڪوس وجهي ، تھ ٽائيمن پاڻ خوش ٿئي ! هن چين بھ انهيءَ طرح تھ ” اٿينس ۾ اهڙي ڪا سڀ کان عزيز نڙي ڪانهي ، جنهن جو قدر آءٌ سرڪش سپاهي ءَ جي خنجر کان وڌيڪ ڄاڻان ! “

هنن نااميد روئندڙ اميرن کي انهيءَ کان بهتر ٻيو جواب ٽائيمن ڪو نھ ڏنو ، رڳو هلڻ مهل هنن کي چيائين تھ ” اوهين شهر جي ماڻهن کي منهنجا سلام ڏجو ، ۽ چئجو تھ اوهان جي فڪر ۽ انتظار لهڻ لاءِ خوفناڪ آلڪيبائيئڊيز جي ڪاوڙ جي خراب نتيجن ٽارڻ لاءِ هڪڙو رستو آهي جو آءٌ اوهان کي ڏَسِينديسم ڇا لاءِ جو مون ۾ پنهنجن هموطن ماڻهن جي لاءِ اڃا ايترو پيار رهيل آهي جو مرڻ کان اڳي آءٌ هنن سان هڪڙي ڀلائي ڪندس  . . . “ هي ٻڌي اميرن کي البت ساهه پيو، ۽ هنن ڄاتو تھ هن جي دل ۾ وري بھ پنهنجي شهر جي محبت پيدا ٿي آهي . تڏهن ٽائيمن چين تھ ” منهنجي غار جي ويجهو هڪڙو وڻ آهي ، جو آءٌ سگهو ئي وڍڻ وارو آهيان ، ۽ اٿينس ۾ جيڪي منهنجا دوست آهن ننڍا توڙي وڏا ، اعلى توڙي ادنى تن کي آءٌ دعوت ٿو ڏيان تھ جي هنن کي ڏک ۽ عذاب کان ڇٽڻ جي مرضي هجي تھ اچي انهيءَ منهنجي وڻ جي وڍ جي  وڃڻ کان اڳي ان جوسواد چکن “ . يعني چيائين تھ ’عذابن کان ڇٽڻ لاءِ اچي پاڻ کي انهيءَ وڻ ۾ لڙڪايائين ِ ۽ ڦاسي کائي مرن !‘

ٽائيمن پنهنجيءَ عمر ۾ جيڪي سخا جهڙا ڪم ڪيا، تن مان اهو پڇاڙيءَ جو ڪم هو جو هن آدم ذات سان ٿي ڪيو ؛ ۽ اهو پڇاڙيءَ جو دفعو هو جو سندس ملڪ جي ماڻهن جو ديدار ڪيو ، . . . ڇا لاءِ جو انهيءَ کان پوءِ سگهو ئي هڪڙو غريب سپاهي ٽائيمن واري جهنگ جي پاسي کان سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي اچي لنگهيو، تھ پاڻيءَ جي ڀر سان هڪڙي قبر نظر آيس، جنهن تي هي اکر لکيل هئا تھ ”هيءَ قبر ٽائيمن جي آهي، جو انسانذات تي نفرت ڪندو هو، ۽ جو پنهنجي حياتيءَ ۾ سڀني جيرن ماڻهن کي ڌڪاريندو هو، مرڻ مهل پوين ملعونن کي پٽيندو ويو تھ شل ڪنهن آفت ۾ ناس ٿي وڃن !“

معلوم ٿي نھ سگهيو تھ هن پاڻ کي پاڻيهي ماري وڌو ، يا پنهنجي حياتيءَ مان ڪڪ هو، ۽ ماڻهن سان ڪين پوندي هيس تنهن جي ڪري مري ويو . انهيءَ هوندي بھ، سڀڪنهن پئي چيو تھ انهيءَ جي پڄاڻي ۽ سندس قبر وارا لفظ چڱا ٺهي آيا آهن، جو مرڻ گهڙيءَ تائين انسان جي ذات کي ڌڪاريندو آيو. ڪن تھ سمجهيو ٿي تھ هن پاڻيهي سمنڊ جو ڪنارو پنهنجي دفن ڪرڻ لاءِ  چونڊي هٿ ڪيو هو ، انهيءَ لاءَ تھ ڀلي اجهاڳ سمنڊ سندس قبر تي روئي ، جو ٺڳ ۽ دغاباز قوم جي ڪوڙي روئڻ کان هو نفرت ڪندو هو !

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org