اهڙا خوفناڪ خيال اچي مئڪبيٿ تي ڪڙڪيا. هن کي توڙي
سندس راڻيءَ کي ڊيڄارڻ جهڙا خواب ايندا هئا، جن جي
ڪري هنن جو آرام ئي ڦٽي ويو . هنن کي جهڙو بانڪئو
جي خون جي پشيماني هئي ، تهڙو فليئنس جي ڀڄي وڃڻ
جي ڳڻتي هئي ، جو ڄاتائون ٿي ته شايد انهيءَ
منجهان گهڻائي بادشاهه پيدا ٿيندا، جي اسان جي
اولاد کي تخت تي ويهڻ کان نراس ڪندا. انهن خراب
خيالن ڪري هنن کي سک ڪونه ٿي آيو .آخر مئڪبيٿ دل ۾
ٺهراءُ ڪيو ته وري به انهن ڏائڻن کي ڳولي وڃي هٿ
ڪريان ، ۽ پڇي پڪ ڪريان ته نيٺ ڪهڙي خرابي درپيش
آهي .
هن اُنهن کي جهنگل ۾ ڳولي وڃي هڪڙي غاز ۾ لڌو .
هنن کي ته هن جي اچڻ جي اڳي ئي خبر پيئي هئي ، تن
جادوءَ جي ويٺي تياري ڪئي ، جنهن جي وسيلي سان هنن
جنن کي پاڻ وٽ ٿي آندو، جن هنن کي آئيندي جو سماءُ
ٿي ڏنو. انهيءَ جادوءَ ڪرڻ لاءِ هنن هيٺيون شيون
ڪم ٿي آنديون : ڏيڏر ، چمڙا، نانگ، ڪِرڙيءَ جي اک،
ڪتي جي زبان، سانڊي جي ٽنگ ، چٻري جو پر، ادزها جو
ڇلر، بگهڙ جو ڏند، سيسر جو پيٽ، ڏائڻ جي موميائي،
زهردار ٻوٽي جي پاڙ (جا اونڌائي ۾ کوٽي ڪڍيل هئي)،
ٻڪري جو پتو، ڪنهن يهوديءَ جو جيرو، قبرستان ۾
پاڻيهي ڄاول ڪنهن وڻ جا ڇوڏا، مئل ٻار جي آڱر ،
وغيره. اهي سڀ شيون هنن هڪڙيءَ وڏيءَ ديڳ ۾ وجهي
کڻي باهه تي ڪڙهڻ جي لاءِ رکيون، ٽهڪڻ کان پوءِ هن
کي باندر جي رت سان ٺاريائون ، پوءِ منجهس جنهن
سوئر پنهنجو ٻچو کاڌو هو، تنهن جو رت گڏايائون ، ۽
خونيءَ جي ڦاسيءَ مان جيڪو سڻڀ يا جيڪا مر نڪتي
هئي، سا کڻي باهه ۾ اڇلايائون: انهين ٽِڪسادن سان
هنن جادو پيدا ڪري ، جنهن کي منڊي پنهنجي تابع
ڪيو، جن هنن کي سندن سوالن جا جواب ٿي ڏنا.
هنن مئڪبيٿ کان پڇيو ته تنهنجي مرضي آهي ته اسين
جواب ڏيئي تنهنجي مشڪلات حل ڪريون، يا اسان جا جي
جن استاد آهن اهي ڪن؟“ هو هنن جي خوفناڪ هلت کان
ڊنو ڪين، بهادريءَ سان چوڻ لڳو ته ”اُهي ڪٿي آهن؟
مون کي ته ڏيکاريو !“ هن پنهنجن جنن کي سڏيو، جي
ٽي ڄڻا هئا. پهريون ذره چڙهيل سسيءَ جي صورت ۾
نڪتو، ۽ مئڪبيٿ کي نالو وٺي سڏي چيائين ته
”مئڪبيٿ، فائف جي امير کان ڊڄجئين!“ انهيءَ چتائڻ
لاءِ مئڪبيٿ هن جي شڪر گذاري ڪئي ، ڇا لاءِ جو
مئڪبيٿ کي ماڪڊف، فائف جي امير ، سان عداوت هوندي
هئي. وري ٻيو جن رت سان ڀريل ٻار جي صورت ۾ نڪتو،
تنهن هن کي چيو ته ” مئڪبيٿ ڪو به ڊپ نه ڪر، پر
ماڻهوءَ جي طاقت تي پيو کل ۽ ٺٺوليون ڪر، ڇا لاءِ
جو ڪنهن زال جي ڄاول کي مجال ناهي ته توکي ڪو
ايذاءُ پهچائي ... تو کي گهرجي ته بهادر ۽ همت
وارو ۽ خون ريز ٿيءُ !“ هي ٻڌي بادشاهه چيو ته
”تڏهن، ماڪڊف، ڀلي پيو جيءُ! مون کي تو مان ڪهڙو
خوف آهي؟... پر تڏهن به ڀلي پڇي پڪ ڪريان... توکي
جيئرو نه ڇڏيندس. پوءِ ڪنهن به خطري کان سواءِ
ڪهڙي به گوڙ ۾ سمهي پيو ننڊون ڪندس!“ انهي جن جي
وڃڻ کان پوءِ وري ٽيون جن ڇٽ واري ٻار جي شڪل ۾
اُٿيو، ۽ هٿ ۾ هڪڙو وڻ هوس. هن مئڪبيٿ کي نالو وٺي
سڏيو ، ۽ فسادن ۽ دنگن کان دلجاءِ ڏنائينس، ۽
چيائينس ته ”تون ڪڏهن به ڪين جيتبين، جيسين ڪبر
”نام“ کان وٺي ”ڊنسين“ جي ٽڪريءَ تائين جيڪو ٻيلو
آهي سو تو تي ڪاهي نه اچي!“ مئڪبيٿ رڙ ڪري چيو ته
واهه واهه... خوشخبري! ڪنهن کي طاقت آهي جو سارو
ٻيلو پاڙوءن پٽي ، ۽ اصلوڪي جاءِ تان چوري ۽ هلائي
سگهي ! هاڻي مون کي معلوم ٿيو ته منهنجي حياتي
انسان جي حياتيءَ جيتري ٿيندي ۽ وچ ۾ مارجي ڪين
ويندس. پر هڪڙيءَ ڳالهه جو انتظار منهنجيءَ دل ۾
آهي! جي اوهان جو هنر هلي سگهي ته مون کي ٻڌايو ته
بانڪئو جو اولاد هن بادشاهيءَ ۾ راڄ ڪندو ؟“ اُتي
ديڳ زمين ۾ گم ٿي ويئي ۽ باجي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو
... اٺ پاڇولا ، بادشاهن جي صورت ۾ ، مئڪبيٿ وٽان
اچي لنگهيا، ۽ سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ بانڪئو هو ،
جنهن جي هٿ ۾ هڪڙو آئينو هو، انهيءَ ۾ ڪيتريون ئي
ٻيون شڪليون پئي ڏٺيون ، بانڪئو، جو سارو رت سان
ڀريل هو ، تنهن مئڪبيٿ تي پئي کليو، ۽ هنن شڪلين
ڏي پئي اشارو ڏنائينس : انهي مان مئڪبيٿ سمجهيو ته
اهو بانڪئو جو اولاد آهي جو مون کان پوءِ
اسڪاٽلينڊ ۾ راڄ ڪندو . اتي ڏائڻيون به ڳائيندي
نچندي ، مئڪبيٿ کي سلام ڪري گم ٿي ويون. انهي وقت
کان وٺي مئڪبيٿ جي مغز ۾ اچي خوفناڪ ۽ خوني خيال
جاڳيا...
جڏهن ڏائڻن جي غار کان ٻاهر نڪتو، تڏهن پهرين خبر
اها ٻڌائين ته ”فائف“ جو امير، ”ماڪڊف“، انگلينڊ
ڏي ڀڄي آيو آهي، انهيءَ لاءِ ته فوتي بادشاهه جي
وڏي پٽ ۽ سچي وارث ”مالڪوم“ کي تخت تي ويهارڻ ۽
کيس برطرف ڪرڻ لاءِ جو لشڪر پئي سنبريو، تنهن سان
وڃي گڏجي. مئڪبيٿ کي ڏاڍي ڪاوڙ چڙهي، سو ڪاهي
ماڪڊف جي قلعي تي آيو، ۽ اُتي هو امير جو پنهنجي
زال ۽ ٻار ڇڏي آيو هو، تن کي ترار جي منهن ڏنائين،
۽ پوءِ جيڪي به ماڪڊف جا عزيز ٿي سُجهس تن کي قتل
ڪيائين .
اهڙن ڪمن ڪري جيڪي سندس مُک امير ۽ سردار هئا، تن
جي دل هن کان ٽٽي. جن کان پڄي سگهيو،سي ڀڄي وڃي
مالڪوم ۽ ماڪڊف سان گڏيا، جي هاڻ انگلينڊ ۾ هڪڙو
وڏو ڪٽڪ تيار ڪري ڪاهيو ٿي آيا، باقي ٻيا مئڪبيٿ
جي ڊپ کان ظاهر ڪا حرڪت ڪري نه سگهيا، مگر باطن ۾
سو هنن جي پاسي هئا ۽ هنن کي فتحيابيءَ جون دعائون
پئي ڪيائون. هن به آهستي آهستي پئي لشڪر گڏ ڪيو .
سڀڪنهن ماڻهوءَ هن ظالم کي پئي ڌڪاريو ، ڪنهن جي
به دل نٿي چيو ته هن کي محبت يا آبرو ڏئي ، پاڻ
سڀني جو منجهس شڪ هو . هن کي هينئر ڊنڪن جي حالت
تي پئي ريس ويئي ، جنهن کي هن مارايو هو ، ۽ جو
اهڙي آرام ۾ ستو پيو هو جو کيس ڪنهن به دنگي يا
فساد ، ترار يا زهر ، ۽ گهر جي اڻبڻت يا ٻاهرينءَ
اداوت جي ڪابه پرواهه ڪانه هئي .
هيڏي هي ڳالهيون پئي ٿيون، ته هوڏي راڻي جا انهن
پاپ جي ڪمن ۾ هن سان شامل هئي ۽ جنهنجي سنگت ۾ هن
کي خوفناڪ خوابن ۽ خيالن کان ڪو پل آرام ۽ دلاسو
ٿي آيو ، سا اندر جي پشيمانيءَ ۽ ٻاهر جي ڌڪار جو
بارنه سهي نيٺ مري ويئي . انهيءَ اتفاق ڪري هو
هيکلو ٿي پيو ، ڪو به اهڙو نه رهيو جو هن کي پيار
ڏي يا هن جي سنڀال ڪري ، يا جنهن کي هو خير خواهه
ڄاڻي انهيءَ سان پنهنجو اندر اوري.
هاڻي هن جي حياتيءَ جي ڪا پرواهه نه رهي، ۽ موت
لاءِ پئي واجهايائين. پر جيڪا رهي کُهي همت بچي
هيس، سا مالڪوم جي لشڪر جي ويجهي اچڻ ڪري منجهيس
جاڳي، ۽ هن ارادو ڪيو ته ذره ۾ وڙهندي ساهه ڏيان.
انهي کان سواءِ، ڏائڻن جي سکڻن انجامن هن جو
ويساهه ڀڃي وڌو هو، ۽ هن کي جنن جا قول ياد آيا ته
ڪو به زال جو ڄاول مون کي ايذاءُ پهچائي نه
سگهندو، ۽ جيسين برنام جو ٻيلو ڊنسنين تائين هلي
نه ايندو تيسين آءٌ ڪڏهن ڪين جيتبس، جا ڳالهه هن
ٿي ڀانئي ته شدني ناهي. تهنڪري هن پاڻ کي کڻي
پنهنجي قلعي ۾ بند ڪيو، جو بلڪل مضبوط هو، ۽ جنهن
کي گهيري جي ڪابه پرواهه نه هئي. اتي هو مالڪوم جي
اچڻ لاءِ منتظر ٿي ويٺو.
هڪڙي ڏينهن اوچتو ڪو قاصد ڊوڙندو سهڪندو ڊپ ۾
ڏڪندو آيو، ۽ جيڪي ڏٺو هئائين، تنهن جي ڳالهه ئي
نه ٿي ڪري سگهيو. نيٺ هن چيو ته ”آءٌ ٽڪريءَ جي
مٿان پهري تي بيٺو هوس ۽ برنام ڏي پئي نهاريم، ته
اوچتو ڏسان ته ٻيلو چرڻ لڳو!“ مئڪبيٿ هڪل ڪري چيو
ته ”ڪوڙو، بي ايمان! ... جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه سچي
نه هوندي، ته توکي جيئرو ئي هن وڻ تي لڙڪائي
ڇڏيندس، جتي بک ۾ ساهه هليو ويندءِ، ۽ جي سچ چوندو
هوندين، ته پوءِ حرڪت ڪانهي. جي تون مون سان اهڙي
ساڳي جٺ ڪندين.“ مئڪبيٿ ائين
چيو، سو هن ڪري جو اندر ۾ سندس همت هارجڻ لڳي، ۽
جنن جي ڳالهه ۾ هن کي سچائيءَ جو شڪ پوڻ لڳو. هن
کي تيسيتائين ڊپ ڪو نه هو ، جيسين تائين ”برنام“
”ڊنسنين“ تائين رڙهي نه آيو هو. هن چيو ته ”جيڪڏهن
اها ڳالهه سچي آهي، تڏهن بهتر آهي ته هٿيار کڻي
ٻاهر ٿجي، هاڻي نڪي هتي رهڻو، نڪي هتان ڀڄڻو آهي،
آءٌ هن دنيا کان ڪڪ ٿي پيو آهيان ، جيئين جلد
ساهه وڃي تيئن چڱو.“ اهي نااُميديءَ جون ڳالهيون
ڪري هو نڪري ٻاهر ٿيو ، ۽ جن ماڻهن اچي هيستائين
قلعي کي گهيرو ڪيو هو تن تي ڪاهي پيو .
هن قاصد کي جو ٻيلي جو چرڻ معلوم ٿيو ، سو آسانيءَ
سان سمجهه ۾ اچي سگهندو. جڏهن گهيري ڪرڻ وارو لشڪر
برنام جي ٻيلي مان اچي لنگهيو، تڏهن مالڪوم اٽڪل ۽
هنر وڙهائي پنهنجي سپاهين کي حڪم ڏنو ته سڀ ڪو
هڪڙي ٽاري ڪپي پنهنجي اڳيان کڻي ، جنهن مان دشمن
کي پوريءَ طرح خبر پئجي نه سگهي ته هنن جو تعداد
ڪيترو آهي : سو هي لشڪر جو ٽاريون کڻيو پئي آيا ،
تنهن پري کان هن قاصد کي ڊيڄاريو هو . انهيءَ طرح
جن جو قول نيٺ پورو ٿيو . اگرچ انهيءَ مان جيڪا
معنيٰ مئڪبيٿ ڪڍي هئي سا نه هئي ، پر ٻي هئي .
انهيءَ ڪري هن جي دل بلڪل ڀڄي پيئي ، ۽ هن جي همت
اصل هارجي ويئي.
پوءِ ته اچي ڏاڍي لڙائي متي، جنهن ۾ اگرچ مئڪبيٿ
کي سندس نالي جي دوستن ڪا به واهر نه ڏني ، پاڻ هن
کي سچ پچ ڌڪاريائون ۽ مالڪوم ۽ ماڪڊف سان ملي ويا
، تڏهن به هو ڏاڍيءَ بهادريءَ ۽ جوش سان وڙهيو ، ۽
جيڪو سامهون پئي آيس تنهن کي ٻه ـ اڌ ڪريو ٿي
رکيائين ... تان جو ، وڙهندي وڙهندي ، انهيءَ جاءِ
تي آيو جتي ماڪڊف ويڙهه پئي ڪئي . ماڪڊف کي ڏسي جن
جي ڳالهه ياد پيس جنهن چتايو هوس ته سڀني ماڻهن
کان وڌيڪ ماڪڊف کان پاسو ڪج . انهيءَ ڪري هو موٽڻ
تي هو پر ماڪڊف ، جنهن هن سڄِيءَ لڙائيءَ ۾ سندس
ڳولا پئي ڪئي ، سو اچي سامهون ٿيس . پوءِ ته هنن
جي وچ ۾ سخت ويڙه ٿي . ماڪڊف هن کي پنهنجي زال ۽
ٻارن جي مارائڻ جا گهڻائي طعنا هنيا . مئڪبيٿ اڳي
ئي انهيءَ ڪٽنب جي خون مان ڍاول هو ، سو وڙهڻ جي
پچر ڇڏيو بيٺو هو ، پر ماڪڊف هن کي خوني ۽ ظالم ۽
دوزخي ڪتو ۽ حرامزادو سڏي وڙهڻ لاءِ پئي چيڙايو .
ان وقت مئڪبيٿ کي جن جا لفظ ياد پيا ته ”ڪو به زال
جو ڄاول تو کي ايذاءُ پهچائي نه سگهندو“، ۽ مرڪي
ماڪڊف کي چوڻ لڳو ته ”ماڪڊف، مفت ڇو ٿو پاڻ کي
هلاڪ ڪرين! جهڙو تون هوا کي زخمي ڪري سگهندين ،
تهڙو مون کي: منهنجي حياتي طلسم تي ٻڌل آهي سو
جيڪو ماڻهو زال مان ڄائو هوندو تنهنجي انهيءَ تي
هلي نه سگهندي!“ ماڪڊف ورندي ڏنيس ته ”پنهنجي
انهيءَ طلسم جي زور کان نا اُميد ٿجئين؛ جنهن ڪوڙي
جن جو تون مطيع آهين ، سو هينئرهجي ته تو کي چوي
ته ماڪڊف ”زال جو ڄاول“ ناهي، نڪي جيئن ماڻهو
ڄمندا آهن ائين ڄائو آهي ، پر هو پنهنجي مقرر وقت
کان اڳي ماءُ جي پيٽ مان ڪڍيو ويو هو !“ ”مئڪبيٿ“
ڊپ کان ڊڪي چيو ته ”لعنت هجي انهيءَ زبان تي ،
جيڪا مون کي ائين ٿي چوي ! اڳتي ڪو به ماڻهو ڏائڻن
۽ جنن جي ذو ـ معنيٰ قولن تي ويساهه ڪونه ڪري ، جي
اسان کي ٻن معنائن وارن لفظن سان ٺڳين ٿا، جي
پنهنجا انجام هڪڙيءَ معنى سان پورا ڪن ٿا ۽ اسان
کي ٻيءَ معنى سان نااميد ڪن ٿا! ... هاڻي آءٌ
توسان ڪين وڙهندس.“
ماڪڊف چيو ته ”تڏهن تو کي ماربو نه ، اسين تنهنجي
نمائش ڪنداسين. جيئن ماڻهو ڪو عجيب خلقت جو جانور
ڏيکاريندا آهن . ۽ هڪڙو تختو رڱائي، انهيءَ تي
هيئن لکي ڇڏينداسين ته ”جنهن کي ڪو ظالم ڏسڻو هجي
ته هتي اچي ڏسي !“ ”مئڪبيٿ“ کي نااميد ٿيڻ ڪري وري
همت آئي ، تنهن چيو ته ”ائين ڪڏهن ڪين ٿيندو !
مالڪوم جهڙي ڇوڪري جي اڳيان زمين چمڻ جي لاءِ آءٌ
جيئرو ڪين رهندس، نڪي خلق جي پٽن پاراتن کڻڻ لاءِ
جيئرو رهندس ! جيتوڻيڪ برنام جو ٻيلو ڊنسنين تائين
آيو هوندو ۽ تون ، جو زال جو ڄاول ناهين، سو مون
کي سامهون ٿيو هوندين، تڏهن به آءٌ پڇاڙيءَ جي
گهڙيءَ تائين وس پڄندي ڪين گهٽائيندس !“ ائين چئي
، هن پاڻ کي اڇلي ماڪڊف تي وڌو ، جنهن سخت ويڙهه
ڪري نيٺ هن کي جيتيو، ۽ هن جي سسي وڍي، جوان ۽ حقي
بادشاهه ”مالڪوم“ کي سوکڙي ڪري آڻي ڏنائين. مالڪوم, جو هن ظالم ۽ غاصب جي حرڪتن ڪري هيستائين ڦرجي ويٺو هو،
تنهن هاڻ حڪومت جو ڪم پاڻ تي کنيو ، ۽ ڊنڪن جي تخت
تي ويٺو، ۽ سڀني رعيتي ماڻهن ۽ اميرن هن کي
مبارڪون ڏنيون.
ٿوريءَ ڳالهه جي لاءِ گهڻو بکيڙو
”ميسينا“ شهر جي محلات ۾ ٻه بيبيون رهنديون هيون.
هڪڙيءَ جو نالو هو ”هيرو“ ۽ ٻيءَ جو نالو
”بيئاٽرس“. ”هيرو“ ميسينا جي حاڪم ”ليئانيٽو“ جي
ڌيءَ هئي، ۽ ”بيئاٽرس“ سندس ڀائٽي هئي. ”بيئاٽرس“
خوش طبع هوندي هئي، ۽ پنهنجي سؤٽ هيرو سان چرچا
گهٻا ڪري هن کي خوش ڪندي هئي، جو هو البت چيڙاڪ ۽
ماٺيڻي طبيعت جي هوندي هئي. جيڪي به هلندو هو،
تنهن تي ”بيئاٽرس“ مسخريون ۽ خوش طبعيون ڪندي هئي.
جنهن وقت کان وٺي هنن بيبين جي ڳالهه شروع ٿي ٿئي،
انهيءَ وقت ڌاري ڪي جوان جنگي سکر ماڻهو، تازي جنگ
پوري ڪري، بهادريءَ جو نالو ڪڍي موٽيا هئا، سي
ميسينا مان لگهندي ليئانيٽو جي ملاقات لاءِ آيا.
انهن مان هڪڙو هو ”ڊان پيڊرو“، ”آراگان“ جو
بادشاهه، ۽ ٻيو هو سندس دوست ”ڪلاڊيو“، جو
”فلارنس“ جو امير هو . اُنهن سان گڏ وري چرچائي ۽
خوش طبع ”بينيڊڪ“ هو ، جو ”پاڊيوئا“ جو امير هو .
هي مسافري اڳي به ميسينا ۾ آيا هئا، ۽ حاڪم انهن
کي پنهنجي ڌيءَ ۽ ڀائٽيءَ سان معرفت ڪرائي هئي، جن
کي چيائين ته هي منهنجا جهونا دوست ۽ واقف آهن .
بينيڊڪ اندر ايندي ئي ليئانيٽو ۽ ڊان پيڊرو سان
خوش طبعيءَ جي گفتگو شروع ڪئي . بيئاٽرس ڀانيو ته
متان آءٌ پٺتي رهجي وڃان ، تنهن وچ ۾ پئي چيو ته
”بينيڊڪ صاحب، مون کي عجب ٿو لڳي ته تون هيترو پيو
ڳالهائين، پر ڪنهن جو به تو ڏي خيال ڪونهي !“
بينيڊڪ به ”بيئاٽرس“ جهڙو بڪبڪيو هو ، پر انهيءَ
هوندي به هن کي اهو اشارو نه وڻيو. هن دل ۾ چيو ته
سکر گهر جي زال کي اهڙي زبان ڪڍڻ مناسب نه هئي.
ياد آيس ته گذريل ڀيري جڏهن آءٌ ميسينا ۾ آيو
هوس، تڏهن ”بيئاٽرس“ ڄاڻي واڻي سڀني مان چونڊي مون
سان مسخريون ۽ گهٻا ڪندي هئي. دستور به اهو آهي ته
جيڪو پاڻ چرچائي هوندو آهي، سو ئي ٻين جا چرچا
سهندو آهي ـ بينيڊڪ ۽ بيئاٽرس جو به اهو حال هو.
اڳي جڏهن ڪڏهن هي ٻه ماڻهو پاڻ ۾ گڏبا هئا، تڏهن
سچي پچي چرچيبازيءَ جي لڙائي لايو ايندا هئا، پوءِ
نيٺ چڙي رسي ويندا هئا . تنهنڪري ، جڏهن بيئاٽرس
هن کي وچ ۾ ئي گُهٽيو ۽ چيائينس ته ”جيڪي پيو بڪين
تنهن ڏي ڪنهن جو به ڌيان ناهي“، تڏهن بينيڊڪ چيو
ته ”ها، منهنجي پياري”نفرت بانو“ ، تون اڃا پئي
جيئين؟“ ـ ڄڻ ته هيستائين هن تي نظر ئي نه پيئي
هجيس ـ پوءِ ته اچي ٻنهي جي وچ ۾ لڙائي شروع ٿي ،
۽ ڪيستائين پئي يخي هنيائون ۽ هڪٻئي کي حجتون
ڏنائون. انهيءَ لڙائي ۾ جيتوڻيڪ بيئاٽرس کي خبر
هئي ته هن تازي جنگ ۾ پنهنجي بهادري ڏيکاري آهي،
تڏهن به چوڻ لڳيس ته ”جيڪي تون هُتي ماري آيو
آهين، سو جيڪر آءٌ سڀ کائي وڃان!“ ۽ ڏٺائين ته
بادشاهه کي بينيڊڪ جي گفتگو مان خوشي حاصل ٿئي ٿي،
تنهن هن کي ”بادشاهه جو مسخرو“ ڪري سڏيو. انهيءَ
چرچي ڪري بيئاٽرس جي سڀني چرچرن کان وڌيڪ بينيڊڪ
جي دل کي باهه وٺي وئي .هن جو نامراديءَ جو اشارو
ڏنس، ۽ چيائينس ته ”جيڪي مارو اٿئي سو جيڪر آءٌ سڀ
کائي وڃان“، تنهن جي هن گهڻي پرواهه ڪانه ڪئي،
ڇالاءِ جو هن کي خبر هئي ته آءٌ بهادر آهيان. جيڪي
خوش طبع ماڻهو ٿيندا آهن، تن کي ٻيءَ ڪنهن ڳالهه
تان اهڙي چڙ نه وٺندي آهي، جهڙي مسخري سڏڻ تان ـ
ڇا لاءِ جو اها تهمت ڪڏهن ڪڏهن سچي هوندي آهي
.تنهنڪري جڏهن بيئاٽرس بينيڊڪ کي ”بادشاهه جو
مسخرو“ سڏيو، تڏهن هن کي مٿس ڏاڍي ڪاوڙ ۽ نفرت
آئي.
هيترن آبروءَ وارن مهمانن جي اڳيان لڄ واري هيرو
ماٺ ڪري ويٺي هئي. انهيءَ
وچ ۾ ڪلاڊيو چتائي سندس منهن پئي ڏٺو ، ۽ سندس مهانڊن جي دل ۾
واکاڻ پئي ڪيائين، ڇالاءِ جو هوءَ جوان ۽ تعريف
جوڳي زال هئي ، ۽ سندس حسن به اڳي کان وڌي ويو هو
، ۽ بادشاهه ڪَن لائي بينيڊڪ ۽ بيئاٽرس جا چرچا
ويٺي ٻڌا . هن ليئانيٽو کي ڪن ۾ چيو ته ”هيءَ ڪا
ڏاڍي چرچائڻ جوان زال آهي ـ جيڪر بينيڊڪ جي زال سا
واهه جا ٺهي !“ ليئانيٽو ورندي ڏنيس ته ”او سائين،
هنن کي شادي ڪئي هفتو مس لنگهي ، ته جيڪر بڪبڪ ڪري
چريا ٿي پون!“ جيتوڻيڪ ليئانيٽو جي خيال ۾ هو ته
اها جوڙي ٺهي ڪين ايندي، تڏهن به بادشاهه هنن خوش
طبع ماڻهن کي پاڻ ۾ پرڻائڻ جو خيال ڇڏي نه ڏنو.
جڏهن بادشاهه ڪلاڊيو سان محلات مان موٽي آيو، تڏهن
هن کي معلوم ٿيو ته بينيڊڪ ۽ بيئاٽرس جي وچ ۾ جا
شادي هن رٿي هئي سا ته ٺهي ، پر پاڻ ٻيءَ جو سعيو
ڏٺائين، ڇا لاءِ جو ڪلاڊيو هيرو جي ايتري تعريف
ڪئي ، جنهن مان بادشاهه سهي ڪيو ته هن جي دل ۾ ڇا
آهي . اها ڳالهه هن کي وڻي ، ۽ هن ڪلاڊيو کي چيو
ته ”تو کي هيرو وڻي ٿي ڇا ؟“ ڪلاڊيو ورندي ڏني ته
”سائين، گذرئي ڀيري جڏهن آءٌ ميسينا ۾ آيو هوس ،
تڏهن مون هن تي جنگي سپاهيءَ جي اکين سان ٿي
نهاريو، جنهن کي عشق پسند هجي، پر عشق جي لاءِ
فرصت ڪانه هجي، پر هاڻي هن صلح جي وقت ۾ جنگ جي
خيالن منهنجيءَ دل ۾ پنهنجي جاءِ خالي ڇڏي آهي، ۽
انهن جي بجاءِ نرم ۽ محبتي خيال اچي گڏ ٿيا آهن،
جي سڀ مون کي چون ٿا ته ”جوان هيرو ڪهڙي نه سهڻي
آهي ، ۽ مون کي ياد ڏيارين ٿا ته جنگ تي وڃڻ کان
اڳي مون کي هوءَ وڻندي هئي“
!“
ڪلاڊيو
جو هيرو ڏانهن پنهنجي محبت جي سچي ڪئي ، تنهن
بادشاهه جي دل تي اهڙو اثر ڪيو ، جو هن سگهو ئي
ليئانيٽو کي مڃايو ته ڪلاڊيو کي پنهنجو ناٺي ڪري.
ليئانيٽو اها رٿ قبول ڪئي ، ۽ پوءِ بادشاهه پاڻ
آسانيءَ سان نرمدل هيرو کي سمجهايو ته ”ڪلاڊيو جو
عرض ٻڌ، جو تمام اشراف ۽ لياقت وارو ماڻهو آهي“.
سگهوئي ڪلاڊيو، بادشاهه جي واهر سان، ليئانيٽو سان
ٺهراءُ ڪيو ته سندس شادي هيرو سان ڪرڻ ۾ اچي .
ڪلاڊيو جي شاديءَ ۾ باقي ٿورا ڏينهن هئا، انهي
هوندي به هن پئي دانهون ڪيون ته اڃا گهڻو عرصو پيو
آهي، الائجي ڪڏهن پورو ٿيندو . اڪثر ائين ٿيندو
آهي جو جوان ماڻهو جڏهن ڪنهن ڪم تي شوق رکندا آهن
۽ انهيءَ لاءِ انتظار ڪڍندا آهن ، تڏهن ڏاڍيو
بيصبرا ٿيندا آهن. انهيءَ مدت جلد گذارڻ لاءِ
بادشاهه هڪڙي چرچي جي رٿ ڪئي ته تجويز ڪري بينيڊڪ
۽ بيئاٽرس کي هڪٻئي تي عاشق ڪرايون. ڪلاڊيو خوشيءَ
سان انهيءَ صلاح ۾ شامل ٿيڻ قبول ڪيو، ۽ ليئانيٽو
به مدد ڪرڻ جو انجام ڪيو، خود هيرو به چيو ته
جيترو مون کان پڄي سگهيو ، اوترو پنهنجي سوٽ کي
چڱي مڙس ڏيڻ ۾ ڪوشش ڪنديس.
بادشاهه جيڪا تجويز رٿي، سا اها ته مڙس ماڻهو
بينيڊڪ کي ويساهه ڪرائين ته بيئاٽرس مٿس عاشق آهي،
۽ هيرو وري بيئاٽرس کي ٺڳاري اهو ويساهه ڏياري ته
بينيڊڪ مٿس عاشق آهي . بادشاهه ۽ ليئانيٽو ۽
ڪلاڊيو پهريندي پنهنجي ڀاڱي جو ڪم شروع ڪيو، ۽
وجهه ڏسي ، جڏهن بينيڊڪ ماٺ ڪيو باغيچي ۾ ڪتاب
ويٺي پڙهيو، تڏهن بادشاهه ۽ سندس مددگار باغيچي
جي وڻن جي پٺيان وڃي بيٺا ـ پر اهڙو ويجهو ، جو
جيڪي چون سو بينيڊڪ ضرور ٻڌي سگهي ۽ هيڏي هوڏي جي
ڳالهه ڪري ، بادشاهه چيو ته ليئانيٽو، اوري ته
آءُ. اُنهيءَ ڏينهن تو مون کي ڇا ٿي چيو ته تنهنجي
ڀائٽي بينيڊڪ تي عاشق آهي: منهنجي خيال ۾ آهي ته
هو ڪنهن به ماڻهوءَ تي عاشق ٿيڻ جي ناهي!“
ليئانيٽو جواب ڏنو ته ”سائين، آءٌ به ائين ٿو
ڄاڻان. اها عجب جي ڳالهه آهي ته جنهن ماڻهوءَ کي
ظاهري هلت ڪري هوءَ گهڻو ڌڪاري، تنهن تي عاشق
ٿئي“. ڪلاڊيو به انهيءَ جي تصديق ڏني، ۽ چيائين ته
”هيرو مون کي چيو هو ته بيئاٽرس بينيڊڪ جي لاءِ
اهڙو حيران آهي، جو جيڪڏهن ڪنهن طرح بينيڊڪ جي هن
سان محبت نه رکائبي، ته هوءَ ڏک ۾ مري ويندي“. پر
ليئانيٽو ۽ ڪلاڊيو چيو ته ”اها ڳالهه ٿيڻي ناهي ،
ڇا لاءِ جو اسان کي خبر آهي بينيڊڪ سڀني زالن جي
گلا ڪندو آهي ـ خاص بيئاٽرس جي ، سو ڀلا ڪيئن هن
سان ٺهندا !“
بادشاهه ڍؤنگ ڪري انهيءَ ذڪر ٻڌڻ سان بيئاٽرس جي
لاءِ گهڻي همدردي ڏيکاري، ۽ چوڻ لڳو ته ”بهتر آهي
ته بينيڊڪ کي انهيءَ ڳالهه کان واقف ڪجي“. ڪلاڊيو
پڇيو ته ”انهيءَ مان ڇا حاصل؟ هو پاڻ انهيءَ تي
مسخريون ڪندو ، ۽ هن ويچاريءَ کي ستائيندو“.
بادشاهه چيو ته ”جي ائين ڪندو، ته پوءِ ڦاسيءَ
چاڙهڻ جو لائق چئبو ، ڇالاءِ جو بيئاٽرس تمام سهڻي
۽ چڱي زال آهي ـ ٻيءَ سڀ ڳالهه ۾ ڏاهي آهي ،
بينيڊڪ کي نٿي گهري !“ تڏهن بادشاهه پنهنجي سنگتين
کي اِشارو ڏنو ته هلو ته نڪري هلون، ۽ ڇڏيون ته
جيڪي بينيڊڪ جي ڪن تي پيو آهي، تنهن تي خيال ڪري.
بينيڊڪ اها مٿين گفتگو ڏاڍي شوق سان ويٺي ٻڌي ـ
جڏهن ٻڌائين ته بيئاٽرس مون تي عاشق ٿي آهي تڏهن
دل ۾ چيائين ته ”اها ڳالهه ٿيڻي ناهي ! ائين ڀلا
ڪيئن هوندو ؟“ جڏهن هو ويا، تڏهن هو پاڻ سان هن
طرح حجت ڪرڻ لڳو: هي چرچو نه ڪندا هوندا: سڀني
ساڀيا پئي ڳالهه ڪئي، وري اها خبر پيئي به هيرو
کان اٿن، ۽ هنن بيئاٽرس تي رحم به پئي کاڌو . جي
سچ پچ هن جي مون سان دل آهي، ته انهيءَ جو بدلو
ڏيڻ گهرجي . منهنجو ته ارادو اصل شادي ڪرڻ جو نه
هو ، پر جڏهن مون اهڙي ڳالهه ڪئي ته آءٌ ڪنوارو
مرندس، تڏهن مون ائين نه ڄاتو هو ته آءُ ايستائين
جيئندس جو شادي ڪندس. هو چون ٿا ته اها بيبي نيڪ ۽
حسين آهي ـ بيشڪ هوءَ اهڙِي آهي، ۽ ڏاهي به برابر
ٻيءَ سڀ ڳالهه ۾ آهي، رڳو مون کي نٿي گهري_ پر
انهيءَ ڪري ڪا هن جي بيعقلي نٿي ٿئي. پر ...
اوجهو، بيئاٽرس پاڻ ٿي هيڏي اچي ! قسم آهي ، هوءَ
ڏاڍي حسين ٿي ڏسجي .. مون کي بيشڪ منجهس محبت جون
ڪي نشانيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون!“
اتي بيئاٽرس به اچي ويجهي ٿي ، ۽ هميشه واري
شوخيءَ ۽ ٺٺوليءَ سان چوڻ لڳي ته ”منهنجي مرضيءَ
جي برخلاف مون کي موڪليو اٿن ته تو کي مانيءَ جي
لاءِ سڏيان، سو اُٿي هل“. بينيڊڪ کي جهڙو هينئر هن
سان آهستي ڳالهائڻ جو ميل ٿيو، اهڙو اڳي ڪڏهن نه
ٿيو هو ، تنهن چيس ته ”خوبصورت بيئاٽرس، انهيءَ
تڪليف جي ڪري آءٌ تنهنجو گهڻو شڪر گذار آهيان“. ۽
جڏهن بيئاٽرس ٻه ـ ٽي اجايون سجايون ٽوڪون ڪري کيس
ڇڏي اُٿي هلي، تڏهن بينيڊڪ دل ۾ چيو ته ”جيڪي هن
ناشائستا لفظ ٿي ڳالهايا، تن جي باطني معنى چڱي ۽
مهربانيءَ جي هئي !“ پوءِ وڏي سڏ چوڻ لڳو ته
”جيڪڏهن آءٌ هن تي قياس نه ڪندس ۽ رحم نه کائيندس
ته آءٌ تمام خراب ماڻهو چئبس: جيڪڏهن آءٌ هن کي
پيار نه ڪندس ته آءٌ يهودي ليکبس! ... آءٌ وڃي ٿو
سندس تصوير هٿ ڪريان !“
هي مڙس ته هيئن انهيءَ ڄاريءَ ۾ ڦاٿو، جا هن جي
لاءِ پکيڙي هئائون، هاڻي وارو هو هيرو جو ته
بيئاٽرس سان مٿو هڻي. انهيءَ لاءِ هن پنهنجن ٻن
خدمتگارن ”آرسيولا“ ۽ ”مارگريٽ“ کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽
مارگريٽ کي چيائين ته ”مارگريٽ، صفحي ڏي ڊوڙي وڃ،
اُتي منهنجي سؤٽ، بيئاٽرس، بادشاهه ۽ ڪلاڊيو سان
ويٺي ڳالهائي، ڪن ۾ چئينس ته آءٌ ۽ ارسيولا باغيچي
۾ پيئون گهمون ۽ تنهنجي بابت پيئون ڳالهيون ڪريون:
چئينس ته نڪري انهيءَ مزي جهڙيءَ جاءِ تي اچ“. هي
باغيچو ، جنهن ۾ هيرو مارگريٽ کي چيو ته بيئاٽرس
کي ٺڳاري وٺي اچ، سو اهو ساڳيو هو، جتي اڳڀرو
بينيڊڪ ويٺي ڪن لائي ڳالهيون ٻڌيون. مارگريٽ چيو
ته ”آءٌ اجها وڃيو وٺي ٿي اچانس“.
پوءِ هيرو ارسيولا کي پاڻ سان گڏ وٺي باغيچي ۾
آئي، ۽ هن کي چيائين ته ”ارسيولا، هاڻ جڏهن نه
بيئاٽرس ايندي، تڏهن پاڻ هتي بيهي پسار ڪنديونسين،
۽ رڳو بينيڊڪ جو ذڪر هلائينديونسين، ۽ جڏهن آءٌ هن
جو نالو وٺان تڏهن تون هن جي حد کان وڌيڪ تعريف
ڪجئين. آءٌ تو کي چونديس ته ”بينيڊڪ ڪهڙو نه
بيئاٽرس تي مست آهي !“... هاڻ شروع ڪر، ڇالاءِ جو
ڏس ته بيئاٽرس زمين تي جهڪندي لڪندي اسان جي گفتگو
ٻڌڻ لاءِ پيئي اچي “. پوءِ ته هنن گفتگو شروع ڪئي.
ڄڻ ته ارسيولا ڪي چيو هجي، تنهن جي جواب ۾ هيرو
چوڻ لڳي: ”نه نه، سچ ٿي چوان، ارسيولا، هوءَ ڏاڍي
نفرت واري آهي، هوءَ اهڙِي لڄاڙو آهي، جهڙا ٽڪر جا
جهنگلي پکي!“ ارسيولا چيو ته ”تون سچ ٿي چوين ته
بينيڊڪ بيئاٽرس تي عاشق آهي؟“ هيرو ورندي ڏني ته
”بادشاهه ۽ ڪلاڊيو ايئن چون ٿا، ۽ هنن مون کي منٿ
ڪئي ته انهيءَ ڳالهه جي هنن کي خبر ڏي پر مون هنن
کي سمجهايو ته جي اوهين بينيڊڪ جا خير خواهه هجو
ته اها ڳالهه بيئاٽرس کي نه ٻڌائجو“. ارسيولا
ورندي ڏني ته ”اهو سچ آهي، هن کي هن جي عاشق هئڻ
جي خبر نه هجي ته چڱو، نه ته هوءَ وڃي پٽائينديس ۽
چرچا ڪنديس“. هيرو چيو ته ”سچي ڳالهه ته اها آهي
ته اهو ماڻهو مون ڪونه ڏٺو ، جنهن جي هن گلا نه
ڪئي . پوءِ ڪهڙو به ڏاهو يا اشراف يا جوان يا
خوبصورت هجي“. ارسيولا چيو ته ”برابر، برابر، اهڙي
گلا ڪا مناسب آهي! هيرو جواب ڏنو ته ”نڪو ، ڀلا
ڪير هن کي ايئن چئي سگهي؟ جي آءٌ کڻي چونديسانس،
ته مون سان چرچا ڪندي !“ ارسيولا چيو ته ”تنهنجي
سوءٽ اهڙي ناهي ، هوءَ اهڙي بي انصاف ۽ بيعقل ڪٿان
ٿيندي جو بينيڊڪ جهڙِي امير کي نه قبوليندي !“
هيرو چيو ته ”هن جو نالو مشهور آهي. بيشڪ اٽليءَ ۾
هن جهڙو ٻيو ماڻهو ڪونهي. سواءِ منهنجي پياري
ڪلاڊيو جي !“ اُتي هيرو پنهنجي خذمتگار کي اشارو
ڏنيو ته هاڻ ڳالهه ڦيرائجي، تڏهن ارسيولا چيو ته
”بيبي، تنهنجي ڪلاڊيو سان ڪڏهن شادي ٿي ٿئي ؟“
هيرو چيس ته ”سڀاڻي. هاڻ تون ڀلائي ڪري مون سان
هلي ۽ هلي ڪا نئين پوشاڪ نهار، جو تو سان صلاح
ڪرڻي اٿم ته صبح جو ڇا ڍڪيان“. بيئاٽرس، جنهن
هيستائين ڏاڍي شوق مان بيٺي اها گفتگو ٻڌي، تنهن
هنن جي وڃڻ کان پوءِ چيو ته ”منهنجن ڪنن ۾ ڪهڙي
باهه آهي؟ اها ڳالهه سچي هوندي ڪيئنءَ؟ تڏهن هاڻي
ڌڪار ۽ نفرت ۽ مغروري سڀ گذريون! بينيڊڪ، تون ڀلي
مون تي پيار ڪر، آءٌ پاڻيهي پنهنجي ٽهندڙ دل
هيرائي تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس، ۽ تنهنجيِءَ محبت جو
بدلو ڏيندس !“
هنن جهونن دشمن کي ڦري نوان ۽گهرا دوست ٿيندو ڏسي،
سڀڪنهن کي خوشي ٿي هوندي. خوش طبع بادشاهه جي
تجويز سان جو ٺڳيءَ ڪري هي هڪٻئي تي عاشق ٿيا، ۽
پوءِ جڏهن پهريون ڀيرو پاڻ ۾ گڏيا، تڏهن ڏاڍو
تماشو ٿيو هوندو، پر هاڻي وري هيرو جي ڪم نصيبيءَ
جو خيال ڪرڻ گهرجي.
جنهن ڏينهن صبح جو سندس شادي ٿيڻي هئي، اُنهيءَ
ڏينهن هيرو ۽ سندس پيءُ ليئانيٽو جي دل تي ڏک ۽
غبار پئجي ويو.
بادشاهه کي هڪڙو ماٽيجو ڀاءُ هوندو هو، جو جنگين
تان ساڻس گڏ ميسينا ڏي آيو هو. هن جو نالو ”ڊان
جان“ هو . هو بدمزاج ۽ ڪُرڪڻو، حرڪتي ۽ بد نيت
ماڻهو هوندو هو. هن جي پنهنجي ڀاءُ سان نه پوندي
هئي، ۽ هو ڪلاڊيو کي ڌڪاريندو هو ، ڇا لاءِ جو هو
ڀاڻس جو دوست هوندو هو. هن ارادو ڪيو ته ڪلاڊيو ۽
هيرو جي شاديءَ ۾ رولو وجهان ته نه ٿئي ـ رڳو
انهيءَ لاءِ ته بادشاهه ۽ ڪلاڊيو رنج ۽ ناخوش ٿين.
هن کي خبر هئي ته بادشاهه کي به انهيءَ شآديءَ جو
اهڙو شوق آهي، جهڙو خود ڪلاڊيو کي آهي. هن خرابيءَ
ڪرڻ لاءِ هن پاڻ جهڙي هڪڙي خراب ماڻهوءَ ،
”بوراڪيو، کي وڏي انعام جي دلاسي تي پاڻ وٽ رکيو.
هن بوراڪيو، هيرو جي خدمتگار ”مارگريٽ“سان وڃي
ٺاهه جون ڳالهيون ڪيون. ڊان جان کي جا اها خبر
پيئي، تنهن هن کي سمجهايو ته مارگريٽ کان اهو
انجام وٺ ته اڄ رات هيرو جي سمهڻ کان پوءِ، هيرو
جا ڪپڙا ڍڪي، سندس ڪوٺيءَ جي دريءَ مان ساڻس
ڳالهائي ـ انهيءَ لاءِ ته ڪلاڊيو ڀلجي ڄاڻي ته
اِها پاڻ هيرو آهي ـ ڇا ڪاڻ جو هن سڄي خراب منصوبي
جو مطلب به اهوئي هو .
پوءِ ڊان جان بادشاهه ۽ ڪلاڊيو وٽ ويو، ۽ هنن کي
وڃي چيائين ته ”هيرو ڪا نالائق زال ٿي ڏسجي، جو اڌ
راتن جو پنهنجي ڪوٺيءَ جي دريءَ مان ماڻهن سان ٿي
ڳالهائي!“ هاڻي اهي شاديءَ کان اڳئين ڏينهن جو
سانجهون هيون. هن چين ته ”اوهين رات جو مون سان
گڏجي هلو، پوءِ ڏسو ته ڪيئن هيرو پنهنجي دريءَ مان
ڪنهن ماڻهوءَ سان ڳالهاليون ڪري ٿي“. هنن به وڃڻ
قبول ڪيو، ۽ ڪلاڊيو چيو ته ”جي اڄوڪي رات آءٌ ڪي
ڏسندس، ته آءٌ هن سان شادي نه ڪندس، پاڻ سڀاڻي،
گهڻن جي وچ ۾، جتي هن سان شادي ڪرڻي هـُيم، اُتي
هن کي شرمندو ڪندس!“ بادشاهه به چيو ته ”جڏهن هن
جي ٻانهن وٺڻ ۾ مون تو کي مدد ڏني آهي، تڏهن هن کي
خوار ڪرڻ ۾ به تو سان شامل ٿيندس“.
اُنهيءَ رات جڏهن ڊان جان هنن کي هيرو جي ڪوٺيءَ
وٽ وٺي آيو، تڏهن هنن بوراڪيو کي دريءَ جي هيٺان
بيٺو ڏٺو، ۽ ڏٺائون ته مارگريٽ هيرو جي دريءَ مان
جهاتي پيئي پائي، ۽ بوراڪيو سان بيٺي ڳالهائي.
مارگريٽ کي ساڳيا هيرو جهڙا ڪپڙا پيا هئا، تنهنڪري
بادشاهه ۽ ڪلاڊيو کي پڪ ٿي ته اها هيرو پاڻ آهي.
هن رنگ ڏسڻ ڪري ڪلاڊيو جي ڪاوڙ جهلجڻ جي ئي نه
هئي. ويچاريءَ هيرو سان جيڪا محبت هيس، سا مٽجي
اڻبڻت ٿي پيئ، ۽ هن دل ۾ پڪ ٺهراءُ ڪيو ته سڀاڻي
ديول ۾ ضرور هن کي ماڻهن جي وچ ۾ خوار ۽ شرمندو
ڪندس. بادشاهه به اها ڳالهه قبول ڪئي، جو ڄاتائين
ته انهيءَ خراب زال لاءِ اهڙي ٻي سزا ڪانهي، جا
عزت واري امير ڪلاڊيو سان شادي ڪرڻ واريءَ رات
پنهنجي دريءَ مان ڌارئين ماڻهوءَ سان ڳالهائي.
ٻئي ڏينهن جڏهن هو سڀ شاديءَ جي رسمن پورين ڪرڻ
لاءِ اچي گڏ ٿيا، ۽ ڪلاڊيو ۽ هيرو پادريءَ جي
اڳيان وڃي بيٺا ۽ پادري نڪاح پڙهڻ تي هو، تڏهن
ڪلاڊيو ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان بيڏوهه هيرو تي تهمت رکڻ
لڳو. هوءَ ويچاري اها شڪايت ٻڌي حيران ٿي ويئي، ۽
آهستي چوڻ لڳي ته ”منهنجو مڙس هوش ۾ ته آهي جو
اهڙي اجائي ڳالهه ٿو ڪري!“ ليئانيٽو ڏاڍي ساڙ مان
بادشاهه کي چيو ته ”سائين، اوهين ڇو نٿا ڳالهايو؟
بادشاهه چيو ته ”آءٌ ڇا چوان؟ آءُ پاڻ شرمندو ٿيو
آهيان جو پنهنجي پياري دوست کي هڪڙيءَ نالائق زال
سان ٿي پرڻايم! ليئانيٽو، آءٌ پنهنجيءَ عزت جو قسم
ٿو کڻان ته مون پاڻ ۽ منهنجي ڀاءُ ۽ هن ڏکويل
ڪلاڊيو، رات اڌ رات مهل هن کي پنهنجي ڪوٺيءَ جي
دريءَ کان هڪڙي ماڻهوءَ سان ڳالهائيندي ڏٺو ۽
ٻڌو!“ بينيڊڪ هيءَ ڳالهه ٻڌي عجب ۾ پئي چيو ته
”هيءَ شادي ته نه چئجي!“
هيرو ويچاريءَ کي هانوَ ۾ ڌڪاءُ پئجي ويو، تنهن
چيو ته ”يا خدا، سچ آهي؟“ ... ايئين چئي هوءَ ڍرڪي
بيهوش ٿي ڪِري پئي ۽ موئن وانگي ڏسڻ ۾ پئي
آئي.بادشاهه ۽ ڪلاڊيو ته ديول ڇڏي هليا ويا، ايترو
به نه ترسيا جو ڏسن ته هيرو وري هوش ۾ اچي ٿي يانه
ليئانيٽو کي جيڪو ڏک لڳو آهي تنهن ۾ ڪيئن ٿو ٿئي ـ
چڙ ڪري اهڙو سختدل ٿي ويا هئا. بينيڊڪ رهجي پيو ،
۽ پاڻ ۽ بيئاٽرس ٻنهي کي گڏ هيرو کي هوش ۾ آڻڻ
لاءِ مٿو هنيو. بينيڊڪ چوڻ لڳو ته ”بيبي ڪيئن
آهي؟“ بيئاٽرس جنهن جي پنهنجيءَ سوءٽ سان ڏاڍي دل
هئي ، تنهن ڏاڍي ڏک مان چيو ته آءٌ ڀانيان ٿي ته
مري وئي !“ هن کي هيرو جي نيڪيءَ جي خبر هئي،
تنهنڪري مٿس جيڪا تهمت رکي هئائون تنهن تي بلڪل پت
نٿي آيس پر ويچاري ٻڍي پيءُ جو اهو حال نه هو ، هن
پنهنجي ڌيءَ جي بيحيائيءَ جي ڳالهه تي پت آندي، ۽
هيرو جا موئن وانگي اڳيائينس پئي هئي تنهن جي مٿان
بيٺي درد مان دانهون ڪيائين ۽ پئي چيائين ته ”شل
وري اکيون نه پٽين!“
پير مرد پادري ڏاڍو ڏاهو ماڻهو هو، ۽ انسان جي
سڀاءُ جو چڱي طرح واقف هو ۽ آزمودگار هو. جڏهن
هيرو تي تهمت ٿي آندائون، تڏهن هن چتائي سندس منهن
۾ پئي ڏٺو، ۽ سهي ڪيو هئائين ته هن جي منهن ۾
هزارين شرم جون نشانيون پئي پيدا ٿيون، ۽ انهن جي
مٿان وري ملائڪن جهڙي سفيدي پئي آئي ۽ هن جي اک ۾
اهڙي باهه ۽ تيزي ڏٺائين، جنهن مان معلوم ٿيس ته
بادشاهه جيڪا تهمت هن تي لڳائي آهي سا ڪوڙي آهي.
هن سندس پيءُ کي چيو ته ”تون مون کي بيعقل ڄاڻج ۽
جيڪي مون پڙهيو آهي يا ڏٺو آهي تنهن تي اعتبار نه
ڪج نڪي منهنجي عمر ۽ آبرو ۽ منهنجي ڌندي تي ويساهه
ڏج، جي هيءَ نيڪ بيبي ڪنهن چوڪ يا حرڪت ڪري بي
ڏوهه نه هيئن پيئي هجي!“
جڏهن هيرو هوش ۾ آئي، تڏهن پادري چيس ته ”بيبي“،
اهو ڪهڙو ماڻهو آهي، جنهن جي توتي بدنامي رکي اٿن؟
هيرو ورندي ڏني ته ”مون کي ته خبر ڪانهي : جنهن
اها تهمت رکي آهي ، ان کي خبر هوندي.“ پوءِ
ليئانيٽو ڏي منهن ڪري چوڻ لڳي ته ”بابا سائين جڏهن
تون ثابت ڪري سگهين ته ڪنهن ماڻهوءَ اهڙو بيوقت
مون سان ڳالهايو آهي ته تون مون کي پنهنجو نه ڪج،
مون تي نفرت ڪج ۽ مون کي عذاب ڏيئي مارج!“ پادريءَ
چيو ته ”ضرور بادشاهه ۽ ڪلاڊيو سان ڪا حرڪت ٿي
آهي. هن ليئانيٽو کي صلاح ڏني ته ”تون اها ڳالهه
هلاءِ ته هيرو مري وئي جن ماڻهن هن کي ماندو ڏٺو
آهي تن کي بيشڪ اعتبار ٿيندو جو هن کي موئن وانگي
ڏسي ويا آهن“. هيءَ به صلاح ڏنائين ته ”تون ماتم
جا ڪپڙا ڍڪ ۽ هن جي لاءِ قبر ٺهراءِ ۽ ڪفن دفن جي
جيڪا رسم آهي، تنهن جو سعيو ڪر“، ۽ ليئانيٽو چيو
ته ”پوءِ انهيءَ مان ڇا ٿيندو“ پادري جواب ڏنو ته
”هن جي مرڻ جي خبر نفرت کي مٽائي رحم ڪندي انهيءَ
مان به ڪجهه فائدو آهي ، پر مون کي ته گهڻي فائدي
جي اُميد آهي“: جڏهن ڪيلاڊيو ٻڌو ته هيرو منهنجي
تهمت ٻڌي مئي ، تڏهن هن جي حياتيءَ جو خيال سندس
دل تي ايندو. پوءِ جي دل ۾ سچي پچي محبت هوندي، ته
ضرور ارمان ڪندو ۽ چوندو ته ناهڪ هن تي اهڙي
بدنامي آندم_ پوءِ ڀلي هن پنهنجي تهمت سچي به
ڄاتي هجي“. اِتي بينيڊڪ چيو ته ”ليئانيٽو“ پادري
صاحب ڀلي تو کي اها صلاح ڏي، ۽ جيتوڻيڪ توکي خبر
آهي ته منهنجي بادشاهه ۽ ڪلاڊيو سان ڪيتري دوستي
آهي، تڏهن به آءٌ انجام ٿو ڪريان ته هيءُ ڳجهه
ظاهر نه ڪندس“.
نيٺ ليئانيٽو انهيءَ ڳالهه تي راضي ٿيو، ۽ ڏک مان
چوڻ لڳو ته ”آءٌ ايترو ڏکويو آهيان، جو سنهڙي ڌاڳي
سان ئي مون کي ڪو گهلي نئي سگهي ٿو !“ پوءِ انهيءَ
رحم دل پادريءَ ليئانيٽو ۽ هيرو کي پاڻ سان نئي
آسودو ڪيو، ۽ بيئاٽرس ۽ بينيڊڪ اڪيلا رهجي ويا.
بيئاٽرس ۽ بينيڊڪ جي اها گڏجاڻي جي مهل هئي، جنهن
بابت هن جي چرچر ڪرڻ وارن دوستن ٿي چيو ته ڏاڍو
مزو ٿيندو_ پر انهن دوستن کي ته هينئر ئي ڏک اچي
ورتو هو، ۽ هنن جي دل مان خوشيءَ جا سڀ خيال نڪري
ويا هئا.
پهرين بينيڊڪ ڳالهايو، ۽ چوڻ لڳو ته ”بيبي
بيئاٽرس“ تون هيستائين پئي ُرنو آهين ڇا؟ بيئاٽرس
چيو ته ”هائو اڃا به آءُ وڌيڪ روئينديس!“ بينيڊڪ
چيو ته ”انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته تنهنجيءَ
خوبصورت سؤٽ جي ڪابه تقصير ڪانهي“. بيئاٽرس چيو ته
”جيڪو ماڻهو هن جي سچائي ثابت ڪندو، تنهن جو مون
وٽ ڪيترو نه قدر ٿيندو!“ تڏهن بينيڊڪ چيو ته ”اهڙي
دوستي ڏيکارڻ جو ڪو رستو آهي ؟ ...دينا ۾ اهڙي
شيءِ ڪانهي، جنهن کي آءٌ ايترو گهران ٿو، جيترو
توکي_ اها ڳالهه عجيب ناهي.“ بيئاٽرس چيو ته ”اها
ڳالهه به اهڙي ممڪن آهي، جهڙي جيڪر آءٌ چوان ته
جيترو تو کي ٿي گهران، تيترو دنيا ۾ ڪنهن ٻي شيءِ
کي نٿي گهران پر مون تي اعتبار متان ڪرين! تڏهن به
آءٌ ڪوڙ نٿي چوان. آءٌ ڪي به قبول نٿي ڪريان، نڪي
آءٌ ڪنهن ڳالهه جي انڪاري ٿي ٿيان. مون کي پنهنجي
سؤٽ جو گهڻو ڏک آهي“. بينيڊڪ چيو ته ”مون کي
پنهنجي ترار جو قسم آهي ته مون کي پيار ڪرين ٿي،
آءٌ توکي پڪ ڏيان ٿو ته آءٌ به توتي عاشق آهيان.
اچ، جيڪي فرمائين سو تنهنجي لاءِ ڪريان.“ بيئاٽرس
چيو ته ”ڪلاڊيو کي ماري وجهه!“ بينيڊڪ چيو ته
”ائين ڪڏهن ڪين ڪندس ...“ هن جي پنهنجي دوست
ڪلاڊيو سان ڏاڍي دل هئي، ۽ پڪ هيس ته هن سان ڪنهن
ٺڳي ڪئي آهي “. بيئاٽرس چيو ته ”ڪلاڊيو خراب ماڻهو
ناهي، جنهن منهنجي سؤٽ جي گلا ڪئي آهي، ۽ هن کي
ڌڪاريو اٿس، ۽ هن کي بدنام ڪيو اٿس ؟“ بينيڊڪ چيو
ته ”بيئاٽرس، منهنجي ڳالهه ٻڌ ... “ پر بياٽرس
ڪلاڊيو جي بچاءَ ۾ ڪا به ڳالهه ٻڌڻ جي نه ڪئي ۽
بينيڊڪ کي زور لاتائين ته منهنجي سوء ٽ جي ڏکن جو
وير وٺ .“ ۽ چيائينس ته ”دريءَ تان بيهي ماڻهوءَ
سان ڳالهائڻ، ـ واهه جي ڳالهه ٿي! ... منهنجي مٺي
هيرو! هن کي ڏکويو اٿن، هن جي گلا ڪئي اٿن ، هن کي
وڃائي ڇڏيو اٿن! هي هي، جي ڪلاڊيو جي سِر ڪاڻ آءٌ
مڙس ماڻهو هـُجان، يا جي مون کي ڪو دوست هجي ها جو
منهنجي بدران مڙس هجي ها، ته ڪهڙِو نه چڱو ! پر
همت به بهادري وڃي خوشامد ۽ مِٺي ڳالهائڻ تي بيٺي
آهي . خواهش ڪرڻ سان آءٌ مڙس ٿي ڪين سگهنديس،
تنهنڪري آءٌ نيٺ ڏک ڪري زال ماڻهوءَ وانگي مري
وينديس !“ بينيڊڪ چيو ته ”پياري بيئاٽرس، بيهه ...
آءٌ هن هٿ جو قسم ٿو کڻان ته منهنجي توسان ڏاڍي
محبت آهي !“ بيئاٽرس چيو ته ”تڏهن اِهو هٿ منهنجي
محبت جي لاءِ رڳو قسم کڻڻ ۾ نه لڳاءِ ، ڪنهن ٻئي
ڪم ۾ لڳاءِ.“ بينيڊڪ پُڇيو ته ”تون سچي پچي سمجهين
ٿي ته ڪلاڊيو هيرو کي ايذا پهچايو آهي؟“ بيئاٽرس
ورندي ڏني ته ”هائو، اِها ڳالهه اهڙي سچي آهي،
جهڙي هيءَ ته من کي ساهه آهي يا خيال ڪرڻ جي سگهه
آهي!“ بينيڊڪ چيو ته ”تڏهن بس، هاڻي منهنجو تو سان
وعدو آهي، آءٌ هن کي وڃِي ويڙهه لاءِ ڇڪيندس! آءٌ
تنهنجو هٿ چـُمي، تو کان موڪلايان ٿو: هن هٿ جو
قسم آهي ته ڪلاڊيو پاڻيهي مون کي انهيءَ جو حساب
ڏيندو! جيئن تون مون کان ٻڌين ٿي، تيئن منهنجي
بابت خيال ڪجئين! هاڻي وڃ، وڃي پنهنجي سؤٽ کي
دلجاءِ ڏي.“
هيڏي بيئاٽرس بينيڊڪ سان هينءَ هـُل مچايو بيٺي
هئي، ۽ ڪاوڙ وارا لفظ ڳالهائي هن جي بهادر دل کي
پئي همتايائين ته هيرو جي طرفداري ڪري ۽ پنهنجي
گهاٽي دوست ڪلاڊيو سان به وڙهي پوي، هوڏي ليئانيٽو
پئي بادشاهه ۽ ڪلاڊيو کان پلوء ڇڪيو ته ”اوهان مفت
منهنجي ڌيءَ تي ڪوڙي تهمت آندي، جنهنڪري هوءَ مري
ويئي آهي، تنهن جو جواب اُٿي پنهنجين ترارن سان
ڏيو!“هنن چيو ته ”نه، پريا مڙس. اسان سان جهيڙو نه
ڪر.“ اتي بينيڊڪ به لنگهي آيو، ۽ انهيءَ به اچي
ڪلاڊيو کان پلؤ ڇڪيو ته ”تو هيرو کي ايذاءُ پهچايو
آهي، تنهن لاءِ اُٿي پنهنجيءَ ترار سان جواب ڪر!“
ڪلاڊيو ۽ بادشاهه هڪٻئي کي چيو ته ”ضرور هن کي
بيئاٽرس چوريو آهي.“ انهيءَ هوندي به ، جيڪڏهن
اُنهيءَ گهڙيءَ ۾ خدا تعالى هيرو جي بيڏوهه هئڻ جي
بهتر ثابتي آڻي نه ڪڍي ها، ته ڪلاڊيو ضرور اها
ڳالهه مڃي بينيڊڪ کي ترار سان پلؤ ڏي ها. |