ناشر طرفان ٻه لفظ
ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقا جو دارومدار ڪتابن جي
عام موجودگيءَ تي آهي. ڪي مذهبي ڪتاب بر زبان ياد
به ڪرايا ويندا آهن، ۽ انهن جي بر وقت حفاظت جو
اهو به هڪ طريقو آهي. پر ڪتاب، مذهبي هجن يا خالص
عملي ۽ ادبي، هڪ دفعو جيڪڏهين ڇپيا۽ پوءِ ائين گم
ٿي ويا، جو عام پڙهندڙن ڪي وقت سر انهن جو ملڻ نا
ممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اُهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو
ادبي سرمايو موجود هو، سو هميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي
ويو .
زنده ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهين به اِئين
بيدرديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن. سندن ادبي
شاهڪارن جا نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان نهايت آب تاب
سان هميشه نڪرندائي رهندا آهن. افسوس آهي، جو اسان
جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن،
ان طرف اڄ تائين ايترو ڌيان نه پئي ڏنوآهي، جيترو
کين ڏيڻ گهربو هو: نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سون
اهڙن بي مثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا،
جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن،
۽ ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي
ٻوليءَ
۾ ڪڏهين لکيا ئي ڪونه ويا هئا. ظاهرآهي ته پنهنجي
عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهريءَ ۽ ان کان
ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهن معافيءَ لائق ٿي
سگهي ٿي، ۽ نه وري ان جي ڪڏهين ڪا مناسب پورائي ئي
اسان ڪان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل
املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وٿين مان واري وانگر
جيڪڏهين هميشه وڃائيندا ئي رهنداسين ته آخر ۾
سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو، سا
ڳالهه سڀڪو سمجهي ٿو .
سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ
بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هيءُ به رکيو آهي، ته
پنهنجي ٻولي جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام
جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر چپائي
شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي
هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي
پوئواريءَ ۾ بورڊ طرفان ڇويهه ڪتاب: گل شڪر، حيات
النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر، گل ڦل، جهان آرا،
سون ورنيون دليون، راسيلاس، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ،
هدايت الانشا، گل، ايسپ جون آکاڻيون، زينت، سڀا جو
سينگار، خود ياوري، دلارام، مقالات الحڪمت، تحفته
النسوان، شاه ايليا، فيروز دل افروز، نيڪي بدي،
سچي محبت، گلن جي ٽوڪري، ٽي گهر ۽ گليور جو سئر ۽
سفر، ٺئلسن عرف غازي صلاح الدين اڳيئي ڇپجي پڌرا
ٿي چڪا آهن، ۽ هاڻي ساڳئي سلسلي جو هي ستاويهون
ڪتاب خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ هن پنهنجي خاص اشاعتي پروگرام جوهڪ
شعبو خاص اهڙن معياري، مگر ناياب ڪتابن جي ازسر نو
طباعت ۽ اشاعت ۾ مصروف رکيو آهي، نهايت خوشيءَ جي
گالهه آهي، ته انهيءَ پروگرام ماتحت ڇپيل ڪتابن
مان ڪن جا ته ٻيا ۽ ٽيان ايڊيشن به بورڊ کي سال ٻن
جي عرصي ۾ وري وري شايع ڪرڻا پيا آهن.جنهن مان
عوام طرفان بورڊ جي هن ڪوشش جي قدردانيءَ جو ثبوت
ملي ٿو. مناسب سجهي ٿو، ته هي بورڊ جي انهيءَ
پروگرام جي سلسلي ۾ هڪ خاص چيز جو ذڪر ڪجي: بورڊ
اهي ناياب ڪتاب محض جيئن جو تيئن ڇپائي ڪونه
ٿوپڌرا ڪري، بلڪ انهن کي لائق اديبن جي هٿان نئين
سر سڌاري، طباعت ۽ ڪتابي اشاعت جي جديد تقاضائن
موجب حتي الامڪان ٺاهي سينگاري، پوءِ شايع ٿو
ڪري. ايتريقدر جو ڪتابن جي هنن نون ڇاپن جي افاديت
۽ اهميت ئي خاص پنهنجي ٿيو وڃي ٿي. بورڊ جو هي
پروگرام ڪافي وسيع آهي، ۽ ان ماتحت سردست اٽڪل ٻه
سئو قديم خواه جديد مگر ناياب ٿيل ڪتاب شايع ڪرڻا
آهن. اميد آهي ته سنڌي ادب جا بهي خواه، بورڊ جي
هن ڪوشش کي همٿائيندا، ۽ هن نيڪ مقصد جي تڪميل
لاءِ بورڊ کي پنهنجي گران قدر مشورن سان هميشه
نوازيندا رهندا.
حيدرآباد، سنڌ محمد ابراهيم جويو
9 _ نومبر 1959ع
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ.
مترجم طرفان
ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي جي منڍ جا به اکر
اطلاع :
هن ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ پهريون اٺ ڳالهيون ڏنيون
ويون آهن، باقي پويون اٺ ڳالهيون هِن ڀاڱي ۾ ڏجن
ٿيون. ٻيو سڀ احوال * پهرئين ڀاڱي جي منڍ ۾ ڏنل
آهي، هتي ڏيڻ جو ضرور ڪونهي .
منزل روهڙي _ قليچ بيگ
1890ع
طوفان
هڪڙي وڏي سمنڊ ۾ هڪڙو ٻيٽ هو، جنهن ۾ فقط ٻه ڄڻا
رهندا هئا. هڪڙو پير مرد ”پراسپرو“ نالي، ۽ ٻي
سندس ڌيءَ ”مرنڊا“، جا تمام سهڻي جوان زال
هئي.هوءَ ايڏڙيءَ وهيءَ ۾ انهيءَ ٻيٽ تي آئي هئي ،
جو پنهنجي پيءُ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به انسان جي
منهن ڏسڻ جي ڳالهه هن کي ياد نه هئي.
هو ٽڪر جي هڪڙيءَ غار ۾ رهندا هئا. انهيءَ غار ۾
ڪيتريون ئي ڪوٺيون هيون، جن مان هڪڙي خلاصي
”پراسپرو“ جي لکڻ پڙهڻ جي ڪم جي هئي. اتي هن
پنهنجا ڪتاب رکيا ، جي خاص جادوءَ جي علم بابت
هئا. انهيءَ علم جو انهن ڏينهن ۾ سڀني پڙهيل ماڻهن
کي ڏاڍو شوق هوندو هو . هن کي ته اهو علم تمام
ڪمائتو هو، ڇا لاءِ جو اهو ٻيٽ جنهن تي هي اتفاق
سان اچي پيو هو، تنهن کي ”اسئڪورئڪس“ نالي هڪڙيءَ
ڏائڻ جادوءَ سان منڊي ڇڏيو هو. اها ڏائڻ پاڻ
”پراسپرو“ جي اچڻ کان ٿورا ڏينهن اڳڀرو مري ويئي
هئي، تنهنڪري ڪيترائي چڱا جِنّ ء۽ ڀُوت، جن کي
انهيءَ ڏائڻ سندس ظلمي حڪمن نه مڃڻ ڪري وڏن وڏن
وڻن جي ٿــُڙن ۾ بند ڪري ڇڏيو هو، تن کي ”پراسپرو“
پنهنجي هنر جي زور سان آزاد ڪيو. اهي جنّ انهيءَ
وقت کان وٺي ”پراسپرو“ جي فرمانبرداريءَ ۾ رهندا
هئا. انهن مان مکيه ”ايريل“ نالي هڪڙو ننڍڙو جنُ
هو.
”ايريل” جو سڀاءُ زياني نه هو ، رڳو هو ايترو سو
ڪندو هو جو ”ڪئليبان“ نالي هڪڙي بدشڪل راڪاس کي
چيڙائڻ ۽ عذابن ڏيڻ ۾ خوش رهندو هو، ڇا لاءِ جو هو
سندس دشمن ”اسئڪورئڪس“ جو پٽ هو. اهو ”ڪئليبان“،
”پراسپرو“ کي جهنگ ۾ هٿ لڳو. هو بدشڪل جانور هو، ۽
جيترا مهانڊا ڀولڙي جا ماڻهوءَ سان ٿا لڳن، اوترا
به هن جا نٿي لڳا. ”پراسپرو“ هن کي گهر وٺي آيو، ۽
ڳالهائڻ سيکاريائينس. مٿس گهڻو مهربان رهي ها، پر
”ڪئليبان“ جي طبيعت جا ماءُ وانگي خراب هئي،
تنهنڪري هو ڪو به چڱو يا ڪمائتو ڪم ڪو نه سکيو؛
ٻانهي وانگي، رڳو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري ايندو هو، ۽
انهن ڪمن ڪرڻ لاءِ ”ايريل“ مٿانئس ڪارائو هوندو
هو.
جڏهن ”ڪئليبان“ ڪم ڪرڻ ۾ سستي ۽ غفلت ڪندو هو،
تڏهن ”ايريل“ جنهن کي ”پراسپرو“ کان سواءِ ٻيو ڪو
به ڪو نه ڏسي سگهندو هو. آهستي اچي چهنڊڙيون هڻندو
هوس، ۽ ڪڏهن ڪڏهن گپ ۾ ڪيرائي وجهندو هوس، وري
سگهو ئي پنهنجي شڪل بدلائي، ڄاهو ٿي، ”ڪئليبان“ جي
رستي تي ليٽندو هو، ۽ هو ڊڄندو هو ته متان منهنجن
اگهاڙن پيرن ۾ انهي ءَ ڄاهي جا ڪنڊا لڳن. انهيءَ
طرح جڏهن به ”ڪئليبان” “پراسپرو“ جي ڏسيل ڪم ۾
ڪوتاهي ڪندو هو، تڏهن ”ايريل“ طرحين طرحين حرڪتون
ڪري هن کي ستائيندو هو.
اهڙا طاقت وارا جنّ ”پراسپرو“ جي فرمان ۾ هوندا
هئا، تنهنڪري هو انهن جي وسيلي هوا ۽ سمنڊ جي
لهرين تي به حڪم هلائي سگهندو هو. سندس حڪم پٺيان
هنن سخت طوفان اُٿاريو، جنهن جي وچ ۾ هن پنهنجيءَ
ڌيءَ کي هڪڙو وڏو جهاز ڏيکاريو، جنهن کي سمنڊ جي
لهرين اهڙو پئي لوڏيو ۽ اُٿلايو پـُٿلايو، جو ڊپ
پئي ٿيو ته اجهو ٿو ٻڏي. ڌيءَ کي چيائين ته ”اهو
”جهاز“ جو ڏسين ٿي، سو اسان جهڙن ساهه وارن سان
ڀريل آهي.“ هن چيو ته ”بابا سائين، جيڪڏهن اوهان
پنهنجي هنر جي زور سان هي خوفناڪ طوفان اُٿاريو
آهي، ته هنن ويچارن تي ههڙي مصيبت جي حال ۾ رحم
ڪريو. ڏسو ته سهي، جهاز پرزا پرزا ٿي پوندو ۽
ويچارا سڀ ٻڏي مرندا! جيڪڏهن منهنجي وس هجي، ته
سمنڊ کي زمين جي هيٺ وهائي ڇڏيان، ۽ انهيءَ چڱي
جهاز کي هيترن قيمتي روحن سوڌو ٻڏڻ نه ڏيان!“
”پراسپرو“ چيو ته ”نه، مرئنڊا، خوف نه ڪر، هنن کي
ڪا به حرڪت ڪانه پهتي آهي . مون حڪم ڏنو آهي ته
جهاز ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪو ايذاءُ نه رسي. ابا،
هي جيڪي مون ڪيو آهي، سو سڀ تو لاءِ ڪيو آهي. توکي
خبر ڪانهي ته تون ڪير آهين، ۽ ڪٿان آئي آهين، ۽
منهنجي بابت ته توکي رڳي هيتري خبر آهي ته آءٌ
تنهنجو پيءُ آهيان ۽ هن غريباڻي غار ۾ ٿو رهان.
هتي اچڻ کان اڳي جو ڪو وقت توکي ياد آهي؟ آءٌ
ڀانيان ٿو ته نه، ڇالاءِ جو تون اڃان ٽن ورهين جي
به ڪين هئينءَ.“ ”مرئنڊا“ ورندي ڏني ته ”بابا، ڇو
نه..... مون کي ياد آهي!“ ”پراسپروُ پڇيو ته ” لا
ڇا توکي ياد آهي؟ ٻيو ڪو گهر يا ماڻهون دل سان
لڳيئي ٿو ڇا؟“ ”مرئنڊاُ چيو ته ” مون کي خواب
وانگر ياد آهي ته اڳي چار پنج زالون منهنجي خدمت ۾
رهنديون هيون... برابر ائين آهي نه؟“ ”پراسپرو“
ورندي ڏني ته ”هائو، برابر هيو. اڃا پاڻ وڌيڪ.
ڪيئن اڃا تائين تنهنجي دل تي اها ڳالهه رهي آهي!
توکي ياد آهي ته تون هتي ڪيئن آئينءَ؟“ ”مرئنڊا“
چيو ته ”نه، سائين مون کي ٻيو ڪجهه به ياد نه
آهي.“ ”پراسپرو“ چيو ته ”مرئنڊا، ٻارنهن ورهيه
ٿيندا جو آءٌ ”ميلان“ جو بادشاهه هوس، ۽ تون
شهزادي هئينءَ، توکان سواءِ، منهنجو ٻيو وارث ڪو
نه هو. مون کي ’’ائنٽونيو‘‘ نالي هڪڙو ننڍو ڀاءُ
هو، جنهن کي مون سڀ ڪم ڪار کڻي سونپيو، مون کي
گوشي نشينيءَ ۾ ڪتابن مطالع ڪرڻ جو گهڻو شوق هوندو
هو، تنهنڪري اڪثر آءٌ حڪومت جو ڪم ڪار تنهنجي
چاچي، پنهنجي ڪوڙي۽ بي ايمان ڀاءُ جي حوالي ڪندو
هوس، منهنجي ڀاءُ ’’ائنٽونيو‘‘ کي جو مون واري
حڪمراني سڀ هٿ ۾ آئي، سو پاڻ کي سچ پچ بادشاهه
سمجهڻ لڳو. مون جو هن کي پنهنجي رعيت ۾ مشهور ٿيڻ
جو وجهه ڏنو، تنهنڪري هن جي خراب دل ۾ اها طمع اچي
جاڳي ته مون کان حڪومت ڦري وٺي، هن سگهو ئي
’’نيپلس‘‘ جي بادشاهه جي واهر سان ائين ڪيو، جو
اهو وڏيءَ طاقت وارو هو ۽ منهنجو دشمن هوندو هو.
’’مرئنڊا‘‘ چيو ته ” پوءِ ڇا لاءِ اسان کي انهيءَ
مهل ماري نٿي وڌائون؟“ پڻس چيو ته ” ابا، طاقت نه
هين جو ائين ڪن، ڇا لاءِ جو منهنجي رعيت جي مون
سان گهڻي خاطر هوندي هئي. ’’ائنٽونيو‘‘ هيئن ڪيو
جو اسان کي هڪڙي جهاز تي چاڙهي وٺي هليو، ۽ جڏهن
سمنڊ تي ڳچ پنڌ ڪري آياسين، تڏهن زور سان اسان کي
لاهي هڪڙيءَ ننڍڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ وڌائين، جنهن کي نڪو
هو رسو، نڪو سڙهه، نڪو کوهو .... اتي اسان کي ڦٽو
ڪري، هليو ويو. ڀانيائين ته ضرور اتي ٻڏي مرندا.
پر، ’’گنزالو‘‘ نالي منهنجيءَ درٻار جو هڪڙو
امير هوندو هو، جنهن جي مون سان گهڻي محبت هوندي
هئي، تنهن لڪڇپ ۾ ٻيڙيءَ منجهه مٺو پاڻي ۽ کاڌي جو
سامان، ڪجهه ڪپڙا ۽ ڪي ڪتاب. جي منهنجيءَ نظر ۾
بادشاهي کان به وڌ قيمتي آهن . وجهي ڇڏيا.“
’ مرئنڊا‘ چيو ته ” بابا سائين، انهيءَ وقت منهنجي
ڪري اوهان کي ڪيتري نه تڪليف ٿي هوندي!“ ”پراسپرو“
چيو ته، ” نه، پياري، توکي ته ڄڻ ربّ منهنجي بچائڻ
جي لاءِ هڪڙو ننڍڙو ملائڪ ڪري موڪليو هو؛ تنهنجي
معصوميءَ جي مرڪڻ ڪري، مون کي ايتري همت ايندي هئي
جو پنهنجين مصيبتن جي پرواهه ڪانه رکندو هوس. اسان
جو کاڌو به ايستائين هليو، جيستائين اچي هن سـُڃي
ٻيٽ تي لٿاسين. انهيءَ وقت کان وٺي، مرنڊا، مون کي
جيڪا وڏي خوشي دل ۾ پئي رهي آهي، سا تنهنجي پڙهائڻ
۾ پئي رهي آهي، ۽ تو به منهنجيءَ تعليم مان چڱو
پرايو آهي.“ ’’مرئنڊا‘‘ چيو ته ”بابا سائين، خدا
اوهان کي سلامت رکي، آءٌ اوهان جي گهڻي شڪرگذار
آهيان. هاڻي مهرباني ڪري مون کي ٻڌايو ته هن طوفان
اٿارڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟“ پڻس چيو ته ”تڏهن ٻڌ؛ هن
طوفان جي وسيعلي منهنجا دشمن، نيپلس جو بادشاهه ۽
منهنجو ظالم ڀاءُ، اچي هن ٻيٽ تي پيا آهن.“
ائين چئي، ‘’پراسپرو‘‘ آهستي آهستي جادوءَ جي
لڪڙي پنهنجي ڌئيءَ تي رکي، جنهن ڪري هن کي يڪدم
ننڊ کڻي ويئي، ڇا لاءِ جو انهيءَ مهل ’’ايريل‘‘
جنّ پنهنجي ڌڻيءَ جي اڳيان اچي حاضر ٿيو هو، انهي
لاءِ ته هن کي طوفان جي حال ۽ جهاز جي ماڻهن جي
نيڪال بابت خبر ٻڌائي. جيتوڻيڪ جّن ’’مرئنڊا‘‘ کي
ڏسڻ ۾ نه ايندا هئا، تڏهن به ’پراسپرو‘ جي مرضي نه
هئي ته هوءَ مون کي ڳالهائيندو ڏسي، ۽ ڄاڻي ته
آءٌ خالي هوا سان پيو بڪبڪ ڪريان.
’’پراسپرو‘‘ ’’ايريل‘‘ کي چيو ته ”منهنجا بهادر
جنّ، تو پنهنجو ڪم ڪهڙي طرح پورو ڪيو؟“
’’پراسپرو‘‘ چڱيءَ طرح بيان ڪري ٻڌايس ته طوفان
جو ڪهڙو حال آهي، جهاز وارا ڪهڙي خوف ۾ آهن، ۽
ڪيئن بادشاهه جو پٽ ’’فرننڊ‘‘ سڀني کان اڳ ۾ سمنڊ
۾ ٽپي پيو، ۽ پڻس ڄاتو ته منهنجو پيارو پٽ لهرين ۾
ٻڏي مئو. ’’ايريل‘‘ چيو ته ”سائين، اهو ٻڏو ناهي،
ٻيٽ جي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ صحيح سلامت آهي، ۽ ٻانهون
ٻڌيو پنهنجي پيءُ جي ڏک ۾ ويٺو آهي. ڀانئي ٿو ته
هو ٻڏي مئو. پر هن جي مٿي جي هڪڙي وار کي به جو کو
نه رسيو آهي. هن جا بادشاهي ڪپڙا سمنڊ جي پاڻيءَ ۾
پسيا آهن، ته به اڳي کان به زياده تازا پيا ڏسجن“.
’پراسپرو‘ چيو ته ”شاباس، منهنجا نازڪ بدن ’ ايريل
!‘ وجي هن کي وٺي آءُ، ته ڀلي منهنجي ڌئيءَ انهيءَ
جوان شاهزادي جو ديدار ڪري. بادشاهه، منهنجو ڀاءُ
ڪٿي آهي؟“ ’ ايريل‘ ورندي ڏني ته ”جڏهن آءٌ هيڏي
ٿي آيس، تڏهن هنن فرننڊ کي پئي ڳوليو ، پر هن کي
جو اکين سان ٻڏندو ڏٺائون ، سو سندس لڀڻ جي اميد
ئي ڪانهين. جهاز جي ڀاتين مان به ڪو ماڻهوگم نه
ٿيو آهي، پر سڀڪو پنهنجي منهن پيو ڀانئي ته بچيو
ئي آءُ آهيان، خود جهاز به سلامت ڪناري کي ويهجو
بيٺو آهي، پر هنن کي ڏسڻ ۾ نٿو اچي.“ ’پراسپرو‘
چيو ته” ايريل، تو پنهنجو ڪم ايمانداريءَ سان ڪيو
آهي، پر اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻو پيو اٿئي“.’ايريل‘
چيو ته ”اڃا به وڌيڪ ڪم آهي! پر، سائين، اوهان
کي ياد هوندو جو اوهان مون کي آزاد ڪرڻ جو انجام
ڪيو آهي .... مهرباني فرمائي ڏسو ته مون اوهان جي
چڱي نوڪري ڏني آهي. اوهان سان ڪوڙ ڪو نه ڳالهايو
اٿم، ڀل ۽ خطا ڪانه ڪئي اٿم، کلندي ڪڏندي اوهان جو
ڪم پي ڪيو اٿم...“ ’پراسپرو‘ چيو ته ” اڙي، وري
توکي وسري ويو آهي ته ڪهڙي عذاب مان تو کي ڇڏايو
اٿم! سو اسئڪورئڪس ڏائڻ وساري ڇڏي آهي،جا وڏپڻ ۽
حسد کان ٻيڻي ٿي ويئي هئي؟ مون کي ٻڌاءِ ته هوءَ
ڪهڙي هنڌ ڄائي هئي؟“ ايريل چيو ته ”سائين، آلجيئرس
۾.“ ”پراسپرو“ چيو ته ”توکي پنهنجو حال وسري ويو
آهي، تنهنڪري ياد ٿو ڏياريانءِ: اها ڏائڻ اسڪوئرس،
جا تمام خراب ۽ خوفناڪ جادوءَ جا ڪم ڪندي هئي،
تنهن کي آلجيئرس مان لوڌي ڪڍيو هئائون، ۽ مهاڻن
آڻي هتي ڦٽو ڪيو هوس، تون تمام ننڍڙو ۽ نازڪ جنّ
هئين ۽ هن جا حڪم بجا آڻي نه سگهئين، تنهڪري هن
توکي هڪڙي وڻ ۾ بند ڪري ڇڏيو، جتي تو پئي رڙيون
ڪيون... ياد رکج ته انهيءَ عذاب مان مون توکي اچي
ڇڏايو!.“ ايريل شرمندو ٿي چيو ته ”سائين، مون کي
معاف ڪجو، آءٌ بيشڪ اوهان جا حڪم بجا آڻيندس.“
”پراسپرو“ چيو ته تڏهن ائين ڪر، پوءِ آءٌ تو کي
پاڻيهي آزاد ڪندس. پوءِ باقي جيڪي ڪرڻو هو، تنهن
بابت هن سمجهايس. سو ٻڌي، ايريل اٿي ڀڳو، ۽ پهرين
اُنهيءَ جاءِ تي آيو جتي ”فرڊننڊ“ کي ڇڏيو هئائين.
ڏسي، ته هو اُئين اٻاڻڪو ۽ غمگين ٿيو گاه تي ويٺو
آهي. ايريل چيس ته ”مهربان، هاڻي توکي هتان
هلائبو: توکي بيبي ”مرئنڊا“ وٽ نِبو، ته ڀلي هوءَ
تنهنجي سهڻيءَ شڪل جو ديدار ڪري. اُٿ سائين،
منهنجي پٺيان هليو آءُ“ پوءِ هو هيٺيون راڳ
ڳائيندو هليو. تنهنجو پيءُ پورا پنج پـُرهه پاڻيءَ
۾ پيو آهي، ۽ سندس هڏن مان ڳڻوٽي جڙي ويئي آهي،
اکيون سندس مٽجي موتي ٿي پيون آهن، ڪا به شيءِ
منجهانئس فنا ٿي نه وئي آهي، مگر سمنڊ ۾ پوڻ ڪري
ڦري ٻي عجيب ۽ قيمتي شيءِ ٿي پيئي آهي، دريائي
پريون هر گهڙيءَ هن جي مرڻ جو گهنڊ وڄائين ٿيون .
. . ٻُڌ، گهـَڻ گهـَڻ پيئي ٻڌجي.“
گم ٿيل پيءُ جي هيءَ عجيب خبر ٻڌي، شاهزادو سجاڳ
ٿيو. ماٺ ڪري، حيرت ۾ پئي، ’ايريل‘ جي آواز جي
پٺيان هليو هليو. نيٺ اچي ”پراسپرو“ ۽ ”مرئنڊا“ وٽ
نڪتو، جي هڪڙي وڏي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺا هئا.مٿي چيو
ويو آهي ته ”مرئنڊا“ پنهنجي پيءُکان سواءِ ٻئي
ڪنهن به ماڻهوءَ جو منهن نه ڏٺو هو. تنهن کان
”پراسپرو“ پڇيو ته ”مرئنڊا، اهو جيڪي اچي ٿو سو ڇا
آهي؟“ ”مرئنڊا“ حيرت ۾ پئي چيوتو ”بابا سائين، مون
کي پڪ آهي ته اهو جنّ آهي. ڪيئن نه هيڏي هوڏي پيو
ڏسي! بابا ڪهڙو نه سهڻو جانور ٿو ڏسجي! اهو جنّ
ڪين آهي؟“ پڻس ورندي ڏني ته ”نينگر، نه، اِهوکائي
ٿو ۽ سمهي ٿو، جهڙا اسان کي حواس آهن، تهڙا هن کي
آهن. اِهو جوان مڙس جيڪو ڏسين ٿي، سو اِنهيءَ جهاز
۾ هو. هن جي شڪل ڏکن ڏولائن جي ڪري البت ڦري ويئي
آهي. نه ته جيڪو تون هن کي تمام خوبصورت سڏين. هن
پنهنجا سنگتي وڃايا آهن، ۽ وتي اُنهن کي ڳولي لهڻ
جي لاءِ مٿا هڻندو.
”مرئنڊا“ ڀائيندي هئي ته سڀني ماڻهن کي پڻس وانگي
گنڀير منهن ۽ اڇون ڏاڙهيون هونديون. تنهن جو هي
سهڻو ۽ جوان شاهزادو ڏٺو، سو خوش ٿي. ”فرڊننڊ“ به
جو ههڙي برپٽ ۾ ههڙي خوبصورت جوان زال ڏٺي، ٻيو
وري جو عجيب هوائي آواز ٻڌا هئائين، سو عجب ۾ پئجي
ويو، ۽ ڀانيائين ته آءٌ ڪنهن جادو ڪيل ٻيٽ تي اچي
پيو آهيان، ۽ ”مرئنڊا“ ڪا انهيءَ هنڌ جي ديوتا
آهي... ائين ڄاڻي، هن سان ڳالهائڻ لڳو. ”مرئنڊا“
ڊپ مان ورندي ڏنيس ته ”آءٌ ديوتا نه آهيان، هڪڙي
غريب زال آهيان.“ هوءَ پنهنجو سارو احوال ٻڌائڻ تي
هئي، پر ”پراسپرو“ وچ ۾ ڳالهايو، جنهنڪري هنن کڻي
بس ڪئي. پر ”پراسپرو“ ڏٺو ته هي هڪٻئي جي تعريف ٿا
ڪن، ۽ پهريندي ئي هڪٻئي جي محبت ۾ ڦاسي پيا آهن،
تنهنڪري خوش ٿيو. پر، ”فرڊننڊ“ جي محبت ۽
وفاداريءَ جي آزمودي وٺڻ لاءِ، ارادو ڪيائين ته
هنن جي رستي ۾ ڪي مشڪلاتون وجهجن، تنهنڪري اڳڀرو
هلي، شوخيءَ مان هن کي چيائين ته ”تون منهنجي هن
ٻيٽ تي جاسوس ٿي آيو آهين، ۽ ڀانئين ٿو ته مون کان
منهنجو ملڪ کسي وٺين... منهنجي پٺيان اچ ته آءٌ
تنهنجي گردن ۽ پير گڏ ٻڌي ڇڏيان ! تو کي سمنڊ جو
کارو پاڻي پياربو ، توکي سِپن جي مڇي ۽ سڙيل پاڙون
۽ جنگهلي ميون جون کلون کارائبيون!“ ”فرڊننڊ“ چيو
ته ”نه ائين نه ٿيندو، اهڙي هلت آءٌ پاڻ تي ڪرڻ نه
ڏيندس. ۽ جيسين ڪو پاڻؤن وڌ طاقت وارو دشمن نه
ڏسندس، تيسين آءٌ ضد ڪندس! ائين چئي، هن ترار ڪڍي،
پر پراسپرو ته جادوءَ جي لڪڙيءَ چورڻ سان، جتي هو
بيٺو هو اُتي ئي، سندس پير ڄمائي ڇڏيا هئا ،
جنهنڪري هو ذرو به نه چري سگهيو.
”مرئنڊا“ پنهنجي پيءَ کي چنبڙي پيئي، ۽ چوڻ لڳي ته
”بابا، ڇو اهڙا سنگدل ٿيا آهيو؟ ڪو رحم ڪريو، آءٌ
سندس ضامن ٿيندس ! هيءُ ٻيو ماڻهو آهي، جو مون
پنهنجيءَ ساريءَ عمر ۾ ڏٺو آهي، ۽ منهنجيءَ نظر ۾
هو سچو ماڻهو ٿو ڏسجي!“ پڻس چيو ته ”چپ ڪر، ڇوڪري،
هڪڙو اکر وڌيڪ ڪڇندينءَ ته آءٌ خفي ٿيندس. هي ڇا!
... ٺڳ جي پاران وڪيل ٿي بيٺي آهين ! تو رڳو هن کي
۽ ڪئليبان کي ڏٺو آهي، سو ڀانئين ٿي ته اهڙا سهڻا
ماڻهو ٻيا آهن ئي ڪين. بيوقوف ڇوڪري ، توکي خبر
هجي ته جهڙيءَ طرح هي ڪئليبان کان گهڻو چڱو ٿو
ڏسجي، تهڙيءَ طرح ڪيترائي ٻيا ماڻهو هن کان بهتر
آهن“. هن جو ائين چيو، سو رڳو پنهنجي ڌيءَ جي
محبت پرکڻ لاءِ . هُن ورندي ڏني ته سائين، منهنجي
محبت تمام غريباڻي آهي، مون کي ڪنهن ٻئي چڱي
ماڻهوءَ جي ڏسڻ جي مرضي ڪانهي“. |