چوڏھون باب
ھيئن ڪندؤ تھ احسان فراموشيءَ تي ڪڏھن شرمندا ڪونھ
ٿيندؤ
تازو ئي آئون ھڪ اھڙي شخص سان مليو آھيان، جيڪو
ٽيڪساس ۾ بزنس مين ھو....... ناشڪرگذاريءَ تي
غصيلو پئي ٿيو. ھن مون کي ٻڌايو تھ سارو واقعو
پندرنھن منٽن ۾ ٻڌائي ويندو. ھن ٻڌايو تھ اھو
واقعو يارھن سال اڳ جو آھي، پر ھو اڃا تائين ڪاوڙ
جي اڳ ۾ پڄريو پئي. ھو ان کان سواءِ ڪجھھ ڪونھ چئي
سگھيو. ھن ڪرسمس بونس ۾ چوويھن ملازمن کي ڏھ ھزار
ڊالر ڏنا ھئا....... ھر ملازم جي ڀاڱي ۾ لڳ ڀڳ ٽي
سؤ ڊالر آيا ھئا، پر ڪنھن بھ سندس شڪريو ادا ڪونھ
ڪيو. مون کي افسوس آھي تھ مان انھن کي بونس ڇو
ڏنو؟
ڪنفيوشس چيو تھ ڪاوڙ ۾ ماڻھو سدائين زھر اوڳاريندو
آھي. ھي شخص ايڏو زھريلو پئي لڳو جو مون کي مٿس
ترس پئي آيو. پنھنجي ڪاوڙ تي افسوس ڪرڻ بدران ھن
سوچيو ھوندو تھ مون سندس تعريف ڪانھ ڪئي. ممڪن آھي
تھ سندس ملازمن اوور ورڪ ڪيو ھجي ۽ ھن سندن پگھار
روڪيا ھجن، شايد انھن ڪرسمس بوند کي تحفو سمجھيو
ئي ڪونھ ھجي، پر ان کي پنھنجي محنت جو معاوضو تصور
ڪيو ھجي. شايد ھو ايترو ترش مزاج ۽ تنقيد ڪندڙ
ماڻھو ھجي جو ڪنھن کي ٿوري مڃڻ جي ھمت ئي ڪانھ ٿي
ھجي. شايد ھن بونس ان ڪري ڏنو ھجي تھ تمام گھڻي
منافعي تي مٿس ڳري ٽيڪس لڳي ھجي........ ڪجھھ بھ
ٿي پئي سگھيو.
ٻئي پاسي........ شايد ملازم خود غرض، ڪميڻا ۽ ڄٽ
ھجن....... شايد ھيئن ٿيو ھجي، ھونئن ٿيو ھجي. مون
ان کان وڌيڪ ڪجھھ ڪونھ پئي ڄاتو، جيترو اوھان پاڻ
پئي ڄاتو. پر مان ڄاڻان ٿو تھ ڊاڪٽر سيموئل جانسن
چيو ھو تھ: شڪريو ميون جي پيداوار وڌائيندو آھي پر
اوھان ان کي غير شائستن ماڻھن ۾ ڳولھي ڪونھ ٿا
سگھو.
آئون اوھان کي سمجھائڻ ٿو چاھيان تھ ھن ماڻھوءُ
شڪريي جي اميد تھ رکي، پر ماڻھوءَ جي فطرت پرکي
ڪونھ سگھيو.
جيڪڏھن اوھان ڪنھن شخص جي جان بچايو تھ ان مان
ٿورو مڃڻ جي اميد رکندؤ......... مگر جج ٿيڻ کان
اڳ ۾ سيموئل ليپوز ايترو مشھور ڪرائم لاير ھو جو
ھن اٺھتر ماڻھن کي بجليءَ جي ڪرسيءَ کان بچايو ھو،
پر اوھان جي خيال ۾ ڪيترن ماڻھن سندس شڪريو بجا
آندو ھوندو؟ ڪيترن کيس ڪرسمس ڪارڊ موڪلڻ جي تڪليف
ڪئي ھوندي؟ ڪيترن.....؟ ذرا اندازو تھ ڪيو......
اھو درست آھي تھ ھڪ بھ ڪونھ.
ھڪ ڏينھن ٽيپھري جو حضرت عيسيٰ ڪوڙھ جي ڏھن مريضن
کي (الله پاڪ جي حڪم سان) صحت ياب ڪيو. پر انھن
مان رڳو ھڪڙي حضرت عيسيٰ جو ٿورو مڃيو. جڏھن حضرت
عيسيٰ پنھنجن پوئلڳن ڏانھن متوجھھ ٿي پڇيو تھ باقي
نو ڪاڏي ويا؟ اھي سمورا وڃي چڪا ھئا....... ٿورن
مڃڻ کان سواءِ......... مان اوھان کان پڇان ٿو تھ
حضرت عيسيٰ جي عظيم ڪمن جي ڀيٽ ۾ توھان ۽ مان ننڍن
ننڍن ڪمن تي ٿوري مڃڻ جي اميد ڪڄاڙو ٿا رکون؟
۽ جڏھن ان جو تعلق پئسن سان ھجي تھ ڪيئن ٿي اميد
رکي سگھجي؟ چارنس اسڪاب مون کي ٻڌايو تھ ھڪڙي ڀيري
ھن بئند سان واسطو رکندڙ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سٽي بازي
جي الزام ۾ ڦاٿل ھڪ ڪيشيئر کي بچايو. ان کي بچائڻ
ڪاڻ اسڪاب کي پنھنجي کيسي مان بھ رقم لڳائڻي پئي.
ڇا ڪيشيئر سندن ٿورو مڃيو؟ جي ھا، صرف ٿوري وقت
ڪاڻ. پوءِ اسڪاب جو مخالف ٿي پيو ۽ گاريون ڏين
لڳو. ھي اھو ئي مانھو ھو، جنھن کي اسڪاب جيل مان
آزاد ڪرايو ھو.
جيڪڏھن اوھان ڪنھن مائٽ کي لکين روپيا اڌارا ڏيو
ٿا تھ توھان جو خيال ڇاھي تھ اھو اوھان جو ٿورائتو
ھوندو؟ اينڊريو ڪارنگي ائين ئي ڪيو. پر جيڪڏھن ھو
پنھنجي قبر مان ٿوري دير بعد ٻاھر نڪري ھا تھ اھو
ڄاڻي حيران ٿي وڃي ھا تھ کيس ان مائٽ ڪيتريون نھ
گاريون پئي ڏنيون. ڇو؟ ڇو تھ ھو
3650
لک ڊالر خيرات ڪري ويو ۽ مائٽ
کي ڇڙا ڏھ لک ڊالر ڏئي مري ويو.
ائين ئي ٿيندو آھي. انساني فطرت سدائين انساني
فطرت رھندي آھي....... ۽ سموري زندگي جند ڪانھ
ڇڏيندي آھي تھ اسان کيس قبول ڇو نھ ڪريون؟ رومن
سلطنت جي عقلمندن مان ھڪ بادشاھ مارڪس آريلئس
وانگر حقيقت پسند ڇو نھ بڻجي پئون؟ ھڪ ڏينھن ھن
پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکيو تھ: ”اڄ آئون انھن ماڻھن
سان ملڻ پيو وڃان، جيڪي گھڻو وڌيڪ ڳالھير آھن، خود
غرض آھن، خود پسند ۽ احسان فراموش آھن. پر حيران
نھ ٿيندس ۽ نھ متاثر ٿيندس، ڇو تھ مان ڄاڻان ٿو تھ
دنيا انھن ماڻھن کان پاڪ ڪونھي.“
ڇا اھو درست ناھي تھ جيڪڏھن اوھان ۽ اسان احسان
فراموشن کي گھٽ وڌ ڳالھائينداسون تھ الزام ڪنھن تي
مڙھينداسون؟ ڇا اھا ئي انساني فطرت آھي؟ يا اسان
ان کان بي علم آھيون؟ اچو تھ شڪر گذاريءَ جي اميد
ئي ڪونھ رکون. جيڪڏھن، ڪڏھن ڪڏھن ان ڳالھھ سان
پاند پيو تھ حيران ٿينداسون. جيڪڏھن پاند نھ اٽڪي
تھ متاثر ٿيڻ کان بچي پونداسون.
ھن سبق مان اھا ڳالھھ ٻڌائڻ چاھيان ٿو تھ ماڻھن جي
فطرت آھي تھ اھي ڪنھن جو ٿورو مڃڻ وساري ڇڏيندا
آھن. جيڪڏھن اسان توقع رکون تھ ڪوئي اسان جو شڪر
گذار ٿئي تھ دل ۾ ھزارين سور سمايون، ڪنڌ مٿي ڪيو
پيا گھمون.
مان نيويارڪ جي ھڪ عورت کي سڃاڻان ٿو، جيڪا سدائين
پنھنجي ھيکلائپ جي شڪايت ڪندي آھي. ڪوبھ مٽ مائٽ
کيس ويجھو اچڻ ڪاڻ تيار ڪونھي.......... ۽ حيران
ٿيڻ جي تھ ڪا ڳالھھ ئي ناھي. جيڪڏھن ساڻس ملڻ
ويندؤ تھ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اوھان سان ويٺي ھوندي ۽
ٻڌائيندي تھ رھندي تھ ھن ننڍپڻ ۾ پنھنجن ڀاڻيجن کي
ڪيئن سنڀاليو؟ ڪيئن بيماريءَ ۾ سندن خدمت ڪيائين ۽
ڪئين سال پاڻ وٽ پاليائين. ھڪ کي بزنس اسڪول
موڪليو، ٻيءَ جي شادي ٿيڻ تائين سندس گھر ٺاھيو.
ڇا سندس ڀاڻيجون ساڻس ملڻ اينديون آھن؟ جي ھا،
ڪڏھن وقت ڪڍي....... پر اھي ساڻس ملڻ کان
ڪٿائيندون، ڪيٻائينديون آھن. اھي ڄاڻن ٿيون تھ کين
ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان جون اھي گٺل ڀيٺل ڳالھيون ٻڌڻيون
پونديون. سندس ڏوراپا ٻڌي ھمدردي ڪرڻي پوندي. جڏھن
ان عورت جون پنھنجيون ڀاڻيجيون ئي ساڻس ملڻ کان
خوف کائينديون آھن تھ ٻيا ڪڄاڙو ڪونھ ڊڄندا. ھاڻي
اھا دل جي مريض آھي.
ڇا اھا سچ پچ مريضھ آھي؟ ھائو، ڊاڪٽر چون ٿا تھ
سندس دل اعصابي آھي ۽ زور زور سان ڌڙڪڻ لڳندي آھي،
پر ڊاڪٽر ان ڪاڻ ڪجھھ ڪري ڪونھ ٿا سگھن
........... سندس تڪليف صرف جذباتي آھي.
انھيءَ عورت جو علاج پيار ۽ توجھھ ڏين آھي. ان کي
اھا ”احسانمند“ ھئڻ جو نالو ڏئي ٿو. ان کي پيار ۽
ڌيان ڪڏھن ڪونھ ملندو، ڇاڪاڻ جو اھا ان جي طالبو
آھي ۽ ان کي پنھنجو حق سمجھي ٿي.
ان جھڙيون ھزارين عورتون جيڪي احسان وسارڻ،
ھيکلائپ ۽ بيحد نظر انداز ٿيڻ ڪري، اھا پيار جي
تلاشڻ آھي. ھن دنيا ۾ پيار حاصل ڪرڻ جو واحد رستو
اھو آھي تھ ان جي سڌ نھ رکي ۽ ٻين تي پيار نڇاور
ڪندو رھجي.
ڇا اھا ڳالھھ رڳو خام خيالي آھي؟ نھ، اسان جنھن
خوشيءِ جا ڳولائو آھيون، ان کي حاصل ڪرڻ جو اھو ئي
طريقو سٺو آھي. مون پنھنجي گھر ۾ اھو ئي ڏٺو آھي.
منھنجي ماءُ پيءُ ٻين کي خوشيون ڏنيون آھن. اسان
غريب ھئاسون، قرضن ۾ ڪارا ھئاسون، تنھن ھوندي بھ
ھر سال يتيم خاني ڏي چندو موڪليندا ھئاسون.
جيتوڻيڪ انھن پاڻ يتيم خانو ڏٺو ئي ڪونھ ھو. انھن
جو ڪڏھن بھ شڪريو ادا ڪونھ ڪيو ھو، پر انھن کي
ننڍن ٻارن جي مدد ڪري ھڪ اڻڄاتل خوشي نصيب ٿيندي
ھئي. انھن ڪڏھن بھ احسان جتائڻ جي خواھش ڪانھ ڪئي
ھئي.
گھر کان نڪرڻ کان پوءِ مان ھر سال پيءُ ماءُ ڏانھن
ڪرسمس جي موقعي تي چيڪ موڪليندو ھوس ۽ منھنجي
خواھش ھوندي ھئي تھ اھي ان ڪري خوش ٿين، انھن کي
ڪجھھ آسائشون ملن. پر کين تمام ٿوريون سھولتون
ملنديون ھيون. جڏھن مان ڪرسمس کان ٿورا ڏينھن اڳ ۾
گھر ايندو ھوس، منھنجو بابو ٻڌائيندو ھو تھ منھنجي
موڪليل پئسن مان ٻارن ٻچن وارين بيواھن واسطي
ڪوئلا ۽ ريزڪي سامان ورتو آھي. ان جا گھڻا ٻار ھئا
۽ وٽس خوراڪ ۽ ٻارڻ خريد ڪرڻ لاءِ پئسو ڪونھ ھوندو
ھيو. ان کي اھو تحفو موڪلي ڪيڏي نھ خوشي ٿيندي
ھئي........ اھي ڪنھن شيءِ جو اجر گھرڻ کان سواءِ
ائين ڪندا ھئا.
منھنجو خيال آھي تھ بابي ۾ اھي سڀ خوبيون ھونديون
ھيون، جيڪي ڪنھن مثالي شخص ۾ موجود ھئڻ
گھرجن....... خوش رھڻ جو سڀ کان وڌيڪ اھل
شخص....... ارسطوءَ چيو تھ ”آئيڊل ماڻھو اھو آھي
جيڪو ٻين جي مدد ڪري خوش ٿيندو آھي، پر ٻين کان
مدد وٺڻ ۾ شرمندگي محسوس ڪندو آھي.“ اھا برتريءَ
جي نشاني آھي تھ ٻين سان نرميءَ سان پيش اچجي، پـر
ٻـين ۾ اھا اميد رکڻ ڪمتر ھئڻ جي برابر آھي.
ٻي ڳالھھ اھا ٻڌائيندو ٿو ھلان تھ اسان خوشي ڳولھڻ
ٿا چاھيون تھ اسان کي احسان فراموشي ۽ نافراموشيءَ
وارا اکر يڪسر وسارڻ گھرجن ۽ سچي خوشيءَ ڪاڻ ٻين
کي ڪجھھ ارپيندو رھڻ گھرجي.
ھزارين سال اڳ ماءُ پيءُ ٻارن کي احسان فراموشيءَ
تحت مار ڪٽ ڪندا پيا اچن. شيڪسپيئر ڪاڪنگ ليئر رڙ
ڪئي: ”احسان فراموش ٻار جو ھئڻ واسينگ جي ڏند کان
وڌيڪ زھريلو ھوندو آھي.
پر جيستائين ٻارن کي اھڙي تربيت نھ ملندي تھ ٻار
ھروڀرو ڪيئن احسان فراموش ٿيندا........؟ احسان
فراموشي فطري عمل آھي...... گاھ پٺي وانگر........
احسان مند ٿيڻ گلاب جي گل جھڙو آھي. ان جي آبياري
ڪرڻ کپي........ پوکڻ کپي......... پيار محبت ڪرڻ
کپي ۽ ان جي ھر طرح حفاظت ڪرڻ کپي.
جيڪڏھن اسان جا ٻار احسان فراموش آھن تھ ان ۾ دوش
ڪنھن جو آھي؟ شايد اسان جو ئي آھي. جيڪڏھن اسان
کين اھو ڪڏھن بھ نھ سيکاريون تھ ٻين سان سٺو سلوڪ
ڪن. اسان کي ذھن ۾ رکڻ گھرجي تھ اسان جا ٻار اھي
ڪونھ ٿيندا، جيڪي اسان انھن کي ڪرڻ چاھينداسون.
مثال طور: مون پنھنجي ماسيءَ ديولا ايلنگزيڊر کي
ڪڏھن پنھنجي ٻارن جي نافرمانيءَ جو ڏک ڪندي ڪونھ
ڏٺو آھي. مان جڏھن ٻار ھوس تھ مون ڏٺو ھو تھ ماسي
ديولا مناسب سار سنڀال ڪاڻ پنھنجي پوڙھيءَ ماءُ کي
پاڻ وٽ وٺي آئي ۽ بلڪل ساڳيءَ طرح پنھنجي سس جي
خدمت ۽ نگھباني ڪيائين. مون کي ھاڻي بھ ياد ايندو
آھي تھ ماسيءَ جي ماءُ ۽ سندس سس ٻئي گڏجي ويھي ھٿ
سيڪيندي مزي مزي سان ڪچھريون ڪنديون ھيون. اوھان
جو ڪھڙو خيال آھي تھ انھن ٻنھي پوڙھين عورتن جي
خدمت ۾ ماسيءَ کي ڪنھن ڏکيائي کي ڏسڻو پيو ھوندو؟
يقينا پيو ھوندو، پر ھن پنھنجي روش مان اھو ڪڏھن
بھ ظاھر ڪونھ ڪيو ھو. کيس ٻنھي سان بيحد پيار
ھوندو ھو، ان ڪري اھا سندن خدمت ڪندي ھئي تھ کين
ڪنھن تڪليف جو احساس نھ ٿئي. ماسي ديولا کي پنھنجا
ڇھھ ٻار ھئا، ان ھوندي بھ ان ڪڏھن بھ محسوس ڪونھ
ڪرايو تھ ماءُ ۽ سس جي خدمت ڪري ڪو ڪارنامو پئي
ڪري ۽ نھ وري ان ڪاڻ ڪنھن تعريف جي ڪاڻياري ھئي.
ھن وٽ اھا ھڪ فطري ڳالھھ ھئي. ھڪ اھڙي ڳالھھ جيڪا
کيس ذاتي طور پسند ھئي. ماسي ديولا اڄڪلھھ ڪاٿي
آھي؟ ھاڻي گذريل ٻاويھن سالن کان رن زال جھڙي
حياتي پئي گذاري ۽ سندس پنج جوان ٻار آھن، جيڪي
پنھنجن گھرن ۾ آباد آھن ۽ اھي پنج ئي ماءُ کي پاڻ
وٽ رکڻ تي وڙھندا رھندا آھن ۽ واري وٽيءَ تي کيس
پنھنجي گھر ۾ ترسائيندا آھن ۽ سندس خدمت ڪندا
رھندا آھن، پر سندن ڪڏھن بھ دل نٿي ڀرجي. ڇا انھن
جو رويو احسانمندي سببان آھي؟ نھ، بلڪل نھ، اھو
ماءُ سان سندن پيار آھي. انھن ٻارن جي انساني
ٻاجھپڻ ۽ فطري خلوص جي ڇانو ۾ پالنا ٿي آھي. ان جي
بدلي ۾ اھڙا آھن.
ياد رکو تھ شڪر گذار اولاد ڪاڻ اسان کي پاڻ بھ شڪر
گذار ٿي رھڻو پوندو ۽ ھر وقت اھا ڳالھھ نظر ۾ رکڻي
پوندي تھ ننڍڙن ٻارن جا ڪن بيحد تکا ھوندا آھن ۽
سندن نظرون اسان جي روش تي رھنديون آھن، ان ڪري
اولاد ۾ شڪر گذاريءَ جو رويو پيدا ڪرڻ ڪاڻ اسان کي
پنھنجن ٻارن آڏو ٻين جي مھربانين جو ذڪر مناسب
لفظن ۽ انداز ۾ بيان ڪرڻ کپي ٿو.
مثال طور: ھن جملي کي ھن انداز ۾ چوڻ قطعي مناسب
ڪونھ ٿيندو تھ: ”ڏس ھي ڪپڙا تنھنجي ڀيڻ ڪرسمس لاءِ
موڪليا آھن. اھي انھيءَ پاڻ تيار ڪيا آھن ۽ انھن
تي سندس ٽڪو بھ خرچ ڪونھ آيو آھي.“ اھو جملو اسان
لاءِ تھ اثر وارو ٿيندو، پر ٻارن ڪاڻ ڪونھ ٿيندو.
انھن آڏو اھو ئي جملو ھن طرح چيو وڃي تھ بھتر
ٿيندو: ”اندازو ڪر تھ تنھنجي ڀيڻ ڪرسمس جي موقعي
تي تنھنجي پائڻ ڪاڻ موڪليل انھن ڪپڙن جي تياريءَ ۾
ڪيترو وقت صرف ڪيو ھوندو؟ ڇو نھ کيس ھڪدم شڪر
گذاريءَ جو ھڪ خط لکون؟“ اھڙيءَ طرح اسان جي ٻارن
۾ پاڻ مرادو ئي تعريف توصيف جون عادتون پيدا
ٿينديون.
ڪنھن جي بھ بي شڪريءَ تي پريشان ٿيڻ کان بچڻ جو
ٽيون نقطو اھو آھي تھ ان تي پريشان ٿيڻ بجاءِ
سدائين اھا اميد رکجي تھ غور ڪريو تھ حضرت عيسيٰ
جي ڏھن ڪوڙھين جي صحتمند ڪرڻ تي صرف ھڪ سندس ٿورو
مڃيو، تنھن ڪري اسان کي بھ وڌيڪ اميد نھ رکڻ
گھرجي.
ٻيو تھ ياد رکو تھ خوشيءَ جو راز شڪرگذاري جي اميد
ڪرڻ ۾ ڪونھي، پر عطا براءِ لطف عطا ۾ آھي.
ٽيون تھ شڪر گذاري ھڪ پيوند ٻوٽو آھي. جيڪڏھن
اوھان چاھيو ٿا تھ اوھان جا ٻچا اوھان جا ٿورائتا
رھن تھ انھن کي ٿورائتو رھڻ جي تربيت ڏيندا رھو.
پندرھون باب
پريشانين کان ڪيئن ڇوٽڪارو وٺجي؟
آئون ھيرالڊ ايبٽ کي سالن کان سڃاڻندو آھيان. ھو
620
سائوٿ ڊي سن اوينيو ب شھر ۾
رھندو آھي. ھو منھنجو ليڪچر منيجر ھو. ھڪ ڏينھن
منھنجي ۽ ان جي شھر ڪناس ۾ ملاقات ٿي. ھو ھيلٽن
واري منھنجي فارم ۾ مون کي وٺي ويو. رستي ۾ گاڏي
ھلائيندي مون کائنس پيو تھ ھو پريشانين کان
ڇوٽڪارو ڪيئن حاصل ڪندو آھي؟ تھ ان مون کي ھڪ
زبردست ڪھاڻي ٻڌائي، جيڪا ڪڏھن بھ ڪونھ وسرندي.
ھن چيو تھ: مان ڏاڍو پريشان رھندو ھوس، پر
1939ع
جي بھار جي ھڪ ڏينھن مان دب شھر ۾ ويسٽ ڊنٽرل
اسٽريٽ ڏانھن پئي ويس تھ مون ھڪ اھڙو منظر ڏٺو،
جنھن منھنجي سمورين پريشانين جو خاتمو ڪري ڇڏيو ۽
اھو واقعو ڇڙن ڏھن سيڪنڊن اندر ٿي ويو. پر انھن
ڏھن سيڪنڊن اندر مون پنھنجي اڳوڻن ڏھن ورھين جي
تجربن کان وڌيڪ واضح شعور حاصل ڪيو تھ زندگي
ڪھڙيءَ طرح گذارڻ گھرجي؟ ھيرالڊ ايبٽ ٻڌايو تھ ھن
ٻن ورھين کان شھر ۾ سيڌي جو دڪان پئي ھلايو. اھو
اسٽور منھنجي سموريءَ بچت جو زيان ثابت ٿيو، جڏھن
تھ مان اڳيئي ايترو قرضي ٿي چڪو ھوس جو قرض
لاھيندي لاھيندي ست ورھيھ لڳي ويا. گذريل ھفتي
منھنجو ريزڪي دڪان بند ٿي ويو ۽ ھاڻي مان بئنڪ کان
رقم قرض وٺڻ پئي ويس تھ ڪنساس شھر ۾ وڃي ڪا نوڪري
ڳولھيان. مان ھڪ ھارايل، ناڪام ماڻھوءَ وانگر پئي
ھليس. مان پنھنجو سمورو عزم، سموري ھمت وڃائي ويٺو
ھوس تھ اوچتو مون ھڪڙو اھڙو ماڻھو ايندو ڏٺو، جنھن
کي ٻئي ٽنگون ڪونھ ھيون. اھو ماڻھو ھڪ ننڍڙي تختي
تي ويٺو پئي آيو، جنھن کي ھيٺان ننڍا ننڍا ڦيٿا
لڳل ھئا. سندس ٻنھي ھٿن ۾ ڪاٺيءَ جا ڳٽڪا ھئا، جن
جي مدد سان پاڻ کي اڳتي ڌڪيندو پئي آيو. جنھن وقت
مون کيس ڏٺو تھ سڙڪ ٽپي چڪو ھو ۽ فوٽ پاٿ تي چڙھڻ
ڪاڻ پاڻ کي اوچو پئي ڪيائين. ان مقصد سان ھن جيئن
جو پنھنجي ھيٺان موجود ننڍڙي تختي کي ٿورو ڦڏو ڪيو
تھ سندس اکيون مون سان چار ٿيون ۽ وسيع القلبي سان
مشڪي چيائين: ”السلام عليڪم! سائين ڪيڏو نھ سھڻو
ڏينھن آھي؟ آھي نھ!“ جڏھن مون بيھي ان ڏانھن ڏٺو
تھ مون محسوس ڪيو تھ ھو ڪيڏو نھ امير ماڻھو ھو جو
مون وٽ ٻھ ڄنگھون ھيون، ھلي پئي سگھيس. مون کي
پنھنجي پھرين احساس تي بيحد شرمساري محسوس ٿي. مون
پاڻ کي چيو تھ ھي ماڻھو ٻنھي ڄنگھن کان سواءِ
ايترو خوش خرم ۽ پراعتماد رھي سگھي ٿو تھ يقينا
مان بھ ائين محسوس ڪري سگھان ٿو. منھنجيون تھ
ڄنگھون بھ سلامت آھن. مون محسوس ڪيو تھ منھنجو
سينو تڻجي ويو. مان بئنڪ کان ڇڙو ھڪ ڊالر قرض پئي
ورتو، پر ھاڻي مون ۾ ايتري جرئت پيدا ٿي جو مون
بئنڪ کان ٻھ سؤ ڊالرن جو مطالبو ڪيو. مون بئنڪ
وارن کي اھو چوڻ جو ارادو پئي ڪيو تھ نوڪريءَ جي
ڳولھا ۾ ڪناس پئي ويس پر ھاڻي مون بيحد پراعتماد
نموني ۾ اھو چيو تھ مان نوڪري ڪرڻ ڪاڻ ڪينساس پيو
وڃان. مون قرض ورتو ۽ نوڪري بھ ملي وئي. ھاڻي مون
پنھنجي غسل خاني جي آئيني تي ھيءَ عبارت چنبڙائي
ڇڏي آھي ۽ ڏاڙھي ٺاھيندي پڙھندو آھيان:
”بوٽ نھ ھئڻ ڪري منھنجا پير اگھاڙا ھئا، جيستائين
ڪھ مون گھٽيءَ ۾ ھڪڙو ماڻھو ڏٺو جنھن کي پير ئي
ڪونھ ھئا.“
ھڪ ڀيري مون ايڊي رڪن بيڪر کان پڇيو تھ اوھان
پينيڪ ۾ گذرڻ وارن زندگيءَ جي ايڪٽيھن سالن دوران
ڪھڙو سبق پرايو؟ ھن چيو تھ مون ان تجربي مان سڀ
کان وڏو سبق جيڪو پرايو، اھو ھي آھي تھ جيڪڏھن
ڪنھن وٽ اڃ اجھائڻ ڪاڻ تازو پاڻي ۽ بک مٽائڻ ڪاڻ
ڀورو کاڌو موجود آھي تھ ان کي ڪنھن قسم جي شڪايت
ڪين ڪرڻ کپي.
اتفاق سان ھڪ سارجنٽ کي شھھ رڳ تي زخم آيو. بم جو
ھڪ ٽڪرو سندس ڳچيءَ کي لڳو ھو، جنھن ڪري کيس ست
ڀيرا رت مٽائڻ واري عمل مان گذرڻو پيو. ھن مختصر
تحرير وسيلي پنھنجي ڊاڪٽر کان پڇيو تھ ”ڇا مان بچي
ويندس؟“ ڊاڪٽر جواب ڏنو تھ ”جي ھا!“ ھن ٻيھر پڇيو:
”ڇا مان ڳالھائي سگھندس؟“ وري جواب ھاڪار ۾ مليو.
ھن وري لکي پڇيو تھ: ”پوءِ مان پريشان ڇو آھيان؟“
اوھان بھ ٿوريءَ دير لاءِ پاڻ کان اھو ڇو نٿا پڇو
تھ: ”نيٺ مون کي ڪھڙي پريشاني آھي؟“ اوھان محسوس
ڪندؤ تھ پريشاني بيحد ڪمتر ۽ ڪم حيثيت آھي.
اسان جي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ سو مان نوي واقعا
درست ھوندا آھن، ڪڏھن تھ صرف ڏھ سيڪڙو غلط ھوندا
آھن. جيڪڏھن اسان خوش رھڻ چاھيو ٿا تھ ان لاءِ
اسان کي نوي سيڪڙو واقعن تي ڌيان مرڪوز ڪرڻ گھرجي،
جيڪي ٺيڪ ٺاڪ آھن ۽ باقي ڏھ سيڪڙو کي درگذر ڪرڻو
پوندو. جيڪڏھن ان ھوندي بھ اسان کي پريشان ٿي معدي
جي السر پيدا ڪرڻ جو شوق آھي تھ اسان کي نوي سيڪڙو
درست ڳالھين کي وساري، صرف ڏھ سيڪڙو غلط ڳالھين
بابت سوچڻ کپي.
”سوچيو ۽ شڪر ڪريو.“ اھي لفظ لنڊن جي انيڪ گرجائن
۾ لکل آھن، پر اھي لفظ اسان جي دلين تي لکيل ھئڻ
گھرجن. ”سوچيو ۽ شڪر ڪريو“ انھن سمورن انسانن جي
باري ۾ سوچيو، جن جا احسانمند آھيون ۽ شڪر ڪريو ان
رب پاڪ جو جنھن اسان کي بيشمار نعمتون عطا ڪيون
آھن.
Culliverctraveli
جو ليکڪ جوناٿن سوفٽ انگريزيءَ
جو سڀ کان وڏو نرگسبت پسند شخص ھو. ھو پنھنجي
پيدائش بابت ڏکايل ھو. پنھنجي جنم ڏينھن تي ڪارا
ڪپڙا پائيندو ۽ روزو رکندو ھو. انھن مايوساڻن
خيالن ھوندي بھ انگريزي ادب جو سڀ کان وڏو نرگسبت
پسند اديب، مسرت ۽ شادمانيءَ جي صحت بخش قوت جي
تعريف ڪندو ھو. ھن موجب دنيا جا بھترين ڊاڪٽر، گھٽ
خوراڪ ڊاڪٽر، ڊاڪٽر خاموش ۽ ڊاڪٽر مسرت آھن. |