سيڪشن: ادب

ڪتاب: ڏکن کان ڏور

باب:

صفحو:15 

چويھون باب

اوھان ڪيئن ٿڪبا آھيو ۽ ٿڪ لاھڻ ڪاڻ ڇا ڇا ڪري سگھجي ٿو؟

ھڪ اوھان کي ھڪ حيران ڪندڙ حقيقت ٻڌايان ٿو. رڳو ذھني ڪم ئي اوھان کي ٿڪائي سگھي ٿو. ڏاڍي عجب جھڙي ڳالھھ پئي لڳي، پر ڪجھھ ورھيھ اڳي سائنسدانن اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي تھ انساني دماغ ٿڪاوٽ جو شڪار ٿيڻ کان سواءِ ڪيتري وقت تائين ڪم ڪري سگھي ٿو؟ وڏيءَ کوجنا کان پوءِ سائنسدان انھيءَ نتيجي تي پڳا تھ جڏھن ذھني ڪم دوران اسان جي دماغ مان گذرندڙ رت ۾ ٿڪاوٽ جو ڪوبھ آثار ڪونھي. جيڪڏھن ڏينھن جو ڪمائيندڙ ڪنھن مزور جي رڳن مان خون وٺو تھ اوھان ان ۾ ٿڪاوٽ جا چٽا آثار ڏسندؤ. مگر اوھان البرٽ آئين اسٽائن جي دماغ مان رت جو ھڪڙو ٽيپو وٺو ھا تھ ڏينھن جي پڄاڻيءَ تائين ڪم ڪندي بھ ان ۾ ٿڪ جا ڪي بھ اثر ڪونھ ملندؤ.

تنھن ڪري جيستائين ڪھ دماغ جو تعلق آھي تھ اٺن کان ٻارنھن ڪلاڪن تائين ڪم ڪندي رھڻ جي باوجود بھ ان مان ٿڪاوٽ جا آثار ڪونھ ٿا ملن.

ان لاءِ جتي دماغ اٺن کان ٻارنھن ڪلاڪن تائين ڦڙتائي سان ڪم ڪندو آھي. ھي پوري طرح ٿڪاوٽ کان عاري آھي تھ پوءِ اوھان ڪڄاڙي ڪاڻ ٿڪاوٽ جو شڪار ٿيندا آھيو؟ ھتي اسان کي ڏاڍو اھم سوال آڏو ٿو اچي.

نفسيات دان چون ٿا تھ گھڻي ٿڪاوٽ اسان جي ذھني ۽ جذباتي روين ڪري ٿيندي آھي. برطانيھ جي ھڪ مشھور نفسيات دان جي اي ھيڊ فيلڊ پنھنجي ڪتاب ”نفسيات جي سگھھ“ ۾ لکيو آھي تھ: ”اسان جي ٿڪاوٽ جو وڏو سبب اسان جو ذھن آھي، ڇو تھ خالص جسماني ٿڪاوٽ گھڻي گھٽ ٿيندي آھي.“

آمريڪا جي ھڪ وڏي نفسياتي ماھر ڊاڪٽر اي اي برل جو چوڻ آھي تھ ويھي ڪم ڪندڙ سٺن صحت مند ماڻھن جي ٿڪاوٽ سؤ سيڪڙو نفساتي عملن ڪري ھوندي آھي، جن مان اسان جي جذباتي رخن جو مطلب ڪڍندا آھيون.

ويھي ڪم ڪندر ماڻھن کي ڪنھن بھ قسم جي جذباتي ڪيفيت ڪري ٿڪ ٿيندو آھي. گھڻو وڌيڪ خوش قناعت، بوريت، ناراضي، تعريف نھ ٿيڻ جو احساس اھڙيون جذباتي ڪيفيتون آھن، جيڪي ويٺي ڪم ڪندڙ ماڻھن کي ٿڪائينديون آھن. اھي جذباتي ڪيفيتون اسان کي زڪام ۾ مبتلا ڪري اسان جي ڪارڪردگيءَ کي گھٽائي سگھن ٿيون. اسان کي مٿي جي شديد سور ۾ مبتلا ڪري گھر موٽڻ تي مجبور ڪري سگھن ٿيون. ھائو اسان انھيءَ ڪري ٿڪبا آھيون، ڇاڪاڻ جو اسان جا جذبا اسان جي بدن ۾ اعصابي بيچيني پيدا ڪندا آھن.

ميٽرو پوليٽن لائيف انشورنس ڪمپنيءَ ھڪ ڪتابڙو ڇاپيو، جنھن ۾ ٿڪاوٽ بابت لکيل ھو، ڪتاب موجب: ”سخت محنت اسان کي مشڪل سان ايتري قدر ٿڪائيندي آھي جو آرام ڪرڻ کان سواءِ يا سمھڻ کان سواءِ پنھنجو ٿڪ نھ لاھي سگھون. پريشاني، جذباتي ڌچڪا ۽ اضطراري ڪيفيت، ٿڪ جا اھي ٽي وڏا سبب آھن.“

جڏھن ذھني ۽ جسماني ڪم ڪري اسان ٿڪجون ٿا تھ پوءِ انھن ٽنھي مان ڪنھن ھڪ سبب تي ڏوھ ڏيندا آھيون. ياد رکو تھ جيڪڏھن اوھان کي لڳاتار ٿڪ آھي تھ آرام ڪيو ۽ پنھنجي توانائي ٻين ڪمن ڪاڻ باقي رکو.

ھن وقت جيڪو بھ ڪم ڪيو پيا، اھو روڪي ڇڏيو ۽ آرام ڪيو. جڏھن اوھان ھيءَ تحرير پيا پڙھو تھ ڇا اوھان جون نظرون ڪتاب تي کتل آھن؟ ڇا اوھان پنھنجين اکين جي وچ ۾ ڪو دٻاءُ يا ڇِڪ محسوس ڪريو ٿا؟ ڇا اوھان پنھنجي ڪرسيءَ تي صفا آرام واري موڊ ۾ ويٺا آھيو؟ ڇا اوھان جي منھن جون تنتون ڇڪيل آھن؟ جيستائين ڪھ اوھان جو سارو جسم مڪمل طرح آرام جي موڊ ۾ ڍروپڻ نھ ھوندو، اوھان جي بدن تي اعصابي دٻاءُ رھندو ۽ اوھان ٿڪاوٽ جو شڪار رھندؤ.

اسان ذھني ڪم ڪندي غير ضروري تناءُ ڇو محسوس ڪندا آھيون؟ ڊينيل ڊبليو جوزلين ان جو جواب ھيئن ٿو ڏئي: اسان وٽ سخت محنت جو مفھوم ھي آھي تھ اسان کي ان ڪاڻ گھڻي وڌيڪ ڪوشش ڪرڻي پوندي آھي، ڇاڪاڻ جو ان کان سواءِ اسان سخت محنت ڪونھ ڪري سگھندا آھيون. ان ڪري اسان ڪنھن معاملي تي سوچيندي اجايو سجايو ڪجھھ وڌيڪ ذھني ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيندا آھيون. اسان پنھنجا ڪلھا لوڏيندا آھيون ۽ پنھنجيون سلون (تنتون) وڌيڪ ڪم آڻيندا آھيون، جيڪي ڪنھن بھ نموني اسان جي ذھن جي ان ڪم ۾ ڪا مدد ڪانھ ڪنديون آھن.

اعصابي ٿڪاوٽ جو ڪھڙو جواب آھي؟ آرام، آرام، صرف آرام. ڪم ڪرڻ دوران آرام ڪرڻ سکو.

ھاڻي سوال اھو ٿو اٿي تھ ڇا ائين ڪرڻ آسان آھي؟ تھ ان جو جواب نفيءَ ۾ آھي. ان ڪري اوھان کي پنھنجيون پراڻيون عادتون بدلائڻيون پونديون ۽ ان ڪاڻ ڪوششون ضرور ڪيو. ممڪن آھي تھ ان سان اوھان جي زندگيءَ ۾ انقلاب اچي وڃي. وليم جيمز پنھنجي ھڪ مضمون The gospel of Relay atcion ۾ لکيو آھي تھ: ضرورت کان وڌيڪ ذھني دٻاءُ، اکڙيل ساھ ۽ ھر وقت جون مصروفيتون آمريڪين جون ٽي وڏيون بريون عادتون آھن. ذھني ڇڪتاڻ جيڪڏھن ھڪ عادت آھي تھ آرام ڪرڻ جي عادت سکو ۽ پوءِ ڏسو تھ بريون عادتون ڪيئن ختم ٿيون ٿين ۽ اوھان سٺيون عادتون اپنايو ٿا.

اوھان ڪھڙيءَ طرح آرام ڪندا آھيو؟ اوھان ذھني طور آرام ڪندا آھيو يا پنھنجي اعصابن کي آرام ڏيندا آھيو؟ اوھان انھن ٻنھي ڪمن مان ڪوبھ ڪم نھ ڪيو. اوھان سدائين تنتن کي آرام پڄائڻ جي ڪوشش ڪريو.

اچو تھ ان لاءِ ڪوشش ڪريون تھ اھو ڪيئن ٿيندو آھي؟ اھو ڏيکارڻ ڪاڻ اکين کان شروعات ڪيون ٿا. ھن پئرا گراف کي پڙھو ۽ جڏھن آخر تائين پھچو تھ پوئتي ٽيڪ ڏيو ۽ پنھنجيون اکيون پوري ڇڏيو ۽ آھستي آھستي پنھنجي تارن کي کاٻي پاسي گھمائيندا رھو. ھڪ منٽ ائين ڪندا رھو.

اوھان محسوس ڪندؤ تھ ٿورن سيڪنڊن بعد اکين جون تنتون بلڪل تروتازھ ٿي پيون آھن. اوھان سڪون ۽ قرار محسوس ڪندؤ. اوھان ھڪڙي منٽ ۾ اھو راز ڄاتو تھ آرام ڪرڻ جو ڪھڙو طريقو آھي؟ اوھان پنھنجي ڄاڙيءَ، ڳچيءَ، منھن جي عضون، ڪلھن ۽ سموري بدن کي ان طريقي سان آرام پڄائي سگھو ٿا، پر اسان جي بدن ۾ سڀني کان اھم حصو اکيون آھن. شڪاگو يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر ايڊ منڊ جيڪسن ان کان بھ وڌيڪ چوي ٿو تھ جيڪڏھن اسان پنھنجي اکين جي عضلات کي مڪمل طرح آرام پھچايون تھ پنھنجيون سموريون تڪليفون وساري سگھون ٿا. اعصابي دٻاءَ کي سڪون ڏين ڪاڻ اکين جي ايتري اھميت ڇو آھي؟ ان جو سبب اھو آھي تھ اسان جي جسم جي خرچ ٿيندڙ سموري اعصابي توانائيءَ جو چوٿون حصو اسان جون اکيون استعمال ڪنديون آھن.

مشھور ناول نگار وڪي بام ٻڌايو تھ ھوءَ جڏھن ٻارڙي ھئي تھ ھڪڙي ڪراڙي، جيڪو سرڪس جو مسخرو ھو، کيس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سبق ڏنو. ھوءَ ھڪڙي دفعي ھيٺ ڪري پئي ۽ سندس گوڏا ۽ ڪارائيون ڦٽجي پيون. ڪراڙي ماڻھوءَ کيس مٿي کنيو ۽ زخم صاف ڪندي چيائين تھ تنھنجي زخمي ٿيڻ جو ڪارڻ اھو آھي جو توکي پتو ڪونھي تھ آرام ڪيئن ڪرڻ گھرجي؟ تون بھانو ڪندينءَ تھ منڊڪائي ٿي ھلين، تڏھن ڪري پئين. اچ تھ ٻڌايانءِ ٿو تھ اھو ڪيئن ڪرڻ کپي؟

ڪراڙي ماڻھوءَ چيو تھ تون ڪنھن بھ جاءِ تي آرام ڪري سگھين ٿي. آرام سمورين ڪوششن ۽ ڇڪتاڻ جي نابري واريندو آھي. بس رڳو آرام ۽ اطمينان محسوس ڪريو. پنھنجي اکين جي رڳن کي آرام پھچائڻ محسوس ڪريو. ان کان پوءِ منھن کي اھو چوندي آرام پھچايو تھ ڇڏيو ڇڏيو، بس آرام ڪيو. ان کان پوءِ طاقت ۽ توانائي منھن جي رڳن جي مرڪز ڏانھن ويندي محسوس ڪيو. اوھان پاڻ کي ھڪ قسم جي ڇڪ کان آزاد محسوس ڪندؤ.

اھو ئي اھو طريقو ھوپ، جنھن کي عظيم Soparno گيلي ڪورس پنھنجو بڻايو. ھيلن جيپن مون کي ٻڌايو تھ ھن گليءَ کي ڪنھن پروگرام کي شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ھڪ ڪرسيءَ تي آرام ده موڊ ۾ ويٺو ڏٺو. ان سان کيس ٻھ فائدا ٿيندا ھئا. ھڪ تھ سندس ٿڪ ڪافور ٿي ويندو ھو ۽ ٻيو تھ اسٽيج تي ويندي نروس ڪانھ ٿيندي ھئي.

اسان ھتي اوھان لاءِ چار مشورا پيش ڪريون ٿا، جن تي عمل ڪرڻ سان اوھان آرام ڪرڻ جي صحيح طريقي کان آگاھ ٿي سگھو ٿا:

1.        ھر وقت، ھر جاءِ تي آرام ڪريو. پنھنجو بدن ڍرو ڪري ڇڏيو، جيئن پراڻو جورابو ھوندو آھي. مان ھرڪو ڪم ڪرڻ وقت ميز تي ھڪ پراڻو جورابو، سو بھ ڳاڙھي رنگ جو رکي ڇڏيندو آھيان، جيئن مون کي ياد رھي تھ آرام ڪرڻ وقت جسم کي ڪيئن ڍرو ڪري رکڻو آھي؟ جيڪڏھن اوھان وٽ ڪو پراڻو جورابو نھ ھجي تھ ھڪڙي ٻلڙي بھ اھو ڪم ڪري سگھي ٿي. ڇا اوھان ڪنھن ٻليءَ کي اس ۾ ستو ڏٺو آھي؟ ڀارت ۾ جوڳي چوندا آھن تھ جيڪڏھن آرام ڪرڻ جي طريقي تي عبور حاصل ڪرڻ چاھيو ٿا تھ ستل ٻليءَ کي غور سان ڏسو. مون ڪڏھن بھ ڪنھن ٻليءَ کي ٿڪل ڪونھ ڏٺو آھي. ڪنھن بھ ٻليءَ کي السر ڪري پريشان ڪونھ ڏٺو اٿم، نڪي پريشان حال ۽ اعصابي ڇڪتاڻ ۾ ڏٺو اٿم. اوھان بھ انھن بيمارين کان بچي سگھو ٿا، جيڪڏھن اوھان بھ ٻليءَ وانگر آرام ڪرڻ سکو.

2.       ڏينھن ۾ چار پنج ڀيرا پاڻ کي چئو تھ: ”ڇا مان آسان ڪم کي مشڪل تھ ڪونھ ٿو بنايان؟ ڇا مان پنھنجن رڳن کي بھ استعمال ڪريان جو، جن جو ان ڪم سان ڪوبھ واسطو ڪونھي؟“ انھيءَ سان اوھان کي آرام ڪرڻ واري عادت کي اپنائڻ ۾ مدد ملندي، جيئن ڊاڪٽر ڊيوڊ مارلڊ ھنڪ چوي ٿو تھ: ”انھن ۾ جيڪي نفسيات کي ڀليءَ ڀت پروڙين ٿا، اھا عادت ٻن مان ھڪ کي ضرور آھي.

پنجويھون باب

ٿڪ ختم ڪري، جوان ۽ تازو توانو ڪيئن ٿجي؟

گذريل سرءُ ۾ منھنجو مددگار ھڪ ڏينھن ميڊيڪل بابت ٿيندڙ ڪلاسن ۾ شريڪ ٿيڻ واسطي بوسٽن ويو. اھي ڪلاس ھر ھفتي ٿيندا آھن ۽ انھن ۾ جيڪي مريض ايندا آھن، تن جو اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ مڪمل طبي معائنو ڪيو ويندو آھي. پر اھي ڪلاس ھڪ طرح نفسياتي ڪلينڪ ھوندا آھن، جن کي نفسيات جي زبان ۾ اطلائي نفسيات ڪوٺبو آھي ۽ انھن جو اصل مقصد انھن ماڻھن جو علاج ڪرڻ ھوندو آھي، جيڪي پريشانين سببان بيمار ھجن ۽ انھن مان گھڻيون مريضائون جذباتي طور تي پريشان گھريلو عورتون ھونديون آھن.

پريشان ماڻھن ڪاڻ ھن قسم جا ڪلاس ڪيئن شروع ٿيا؟ سن 1930ع ۾ ڊاڪٽر جوزف ايڇ پراٽ جيڪو سر وليم وسلر جو شاگرد ھو، تنھن مشاھدو ڪيو تھ بوسٽن ڊسپينسريءَ ۾ ايندڙ گھڻا ٻاھريان مريض جسماني طور ٺيڪ ٺاڪ ھوندا آھن. ھڪ عورت جا ھٿ Arthritis سببان ايترا خراب ٿي چڪا ھئا جو ھوءَ انھن سان ڪوبھ ڪم ڪري ڪانھ پئي سگھي. ھڪ عورت پيٽ ۾ ڪينسر جھڙي ايذاءَ ۾ مبتلا ھئي. جڏھن تھ ٻين مريضن کي مٿي جي سور، چيلھھ جي سور ۽ شايد ٿڪاوٽ وغيرھ جي شڪايت ھئي. اوھان حيران ٿيندؤ تھ انھن سمورن مريضن کي اھي سموريون تڪليفون محسوس ٿينديون ھيون، مگر اوھان حيران ٿيندؤ تھ انھن سمورن مريضن جي مڪمل طبي معائني کان پوءِ پتو پيو تھ انھن مريضن کي ڪابھ جسماني تڪليف ناھي. ڊاڪٽرن جو خيال آھي تھ اھا سڀ مريضن جي ذھني ڪيفيت ھئي.

پر ڊاڪٽر پراٽ جو خيال ھو تھ اھا ڪا سٺي ڳالھھ نھ آھي، جو انھن سڀني مريضن کي ٺيڪ چئي موٽايو وڃي ۽ کين ٻڌايو وڃي تھ انھن کي ڪابھ بيماري ڪانھي. ھو ڄاڻن پيا تھ انھن مريضن مان ڪوبھ بيمار ٿيڻ ڪونھ ٿو چاھي. جيڪڏھن پنھنجي بيماري کي وسارڻ ايڏو سولو ھجي ھا تھ اھي پاڻ پنھنجي بيماري وساري ويھن ھا. کين ڪنھن مشوري جي ضرورت ڪانھ ھئي. تنھن ڪري ھن مريضن ڪاڻ ڪجھھ ڪجھھ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ھاڻي سندس سامھون ھڪڙي مشن ھئي تھ انھن مريضن ڪاڻ ڇا ڪرڻ کپي؟

ان مقصد ڪاڻ ڊاڪٽر پراٽ پنھنجي ڪلاس جي شروعات ڪئي ۽ ان جا حيران ڪندر نتيجا نڪتا. گذريل 59 ورھين ۾ ان ڪلاس ۾ ايندڙ ھزارن مريضن جو نھ رڳو باقاعدي ۽ مڪمل علاج ٿيو، پر کين فائديمند مشورن ڏيڻ کان پوءِ کل خوشيءَ سان رخصت ڪيو ويو آھي. يعني ماڻھو انھن ڪلاسن ۾ مشورن حاصل ڪرڻ ڪاڻ باقاعدي ايندا ھئا، جيئن گرجا ڏانھن ويندا آھن. منھنجي اسسٽنٽ ھڪ اھڙيءَ عورت جو انٽرويو ورتو، جيڪا گذريل نون سالن ۾ شايد ئي ڪنھن ڪلاس ۾ غير حاضر رھي ھجي. ان ٻڌايو تھ جڏھن پھريون ڀيرو ڪلينڪ ۾ وئي تھ کيس پورو يقين ھو تھ ھوءَ دل جي مريضھ آھي ۽ گردن ۾ تڪليف اٿس. ايڏي پريشان ۽ دٻاءَ جو شڪارآھي جو ڪڏھن ڪڏھن کيس ڪجھھ ڏسڻ ۾ ڪونھ ٿو اچي. پر انھن ڪلاسن ۾ وڃڻ کان پوءِ ھاڻي ڏاڍي خوش باش پئي ڏسجي ۽ سندس صحت ريس ڏياريندڙ پئي لڳي. ھوءَ چاليھن ورھين جي پئي نظر اچي، پر سندس ڪڇ ۾ سندس ڏھٽو ستل ھو. ھن منھنجي نائب کي ٻڌايو تھ مان پنھنجي خانداني مسئلن سبب گھڻو ڪري بيحد پريشان رھندي ھيس. سدائين سوچيندي ھيس تھ انھن تي ڪھڙي ريت ڪنٽرول ڪنديس؟ ۽ جڏھن انھن جو ڪو حل ڪونھ ملندو ھو تھ اھا دعا گھرندي ھئي تھ ھاڻي مون کي مري وڃڻ گھرجي. ان کان وڌيڪ منھنجي وس ۾ ڪونھ ھو، پر ھن ڪلينڪ ۾ اچڻ کان پوءِ مون ڄاتو تھ پريشانيءَ کان آجپو ڪين وٺبو آھي ۽ ايمانداريءَ سان چئي سگھان ٿي تھ منھنجي زندگي بيحد پرسڪون پئي گذري.

ڊاڪٽر روز ھفرڊنگ جيڪو ھن ڪلينڪ جو ميڊيڪل ايڊوائيز ھو، تنھن منھنجي نائب کي ٻڌايو تھ پنھنجين پريشانين کي ختم ۽ انھن جو ٻوجھھ ھلڪو ڪرڻ جو سڀ کان بھتر علاج اھو آھي تھ اسان پنھنجن دوستن مان جنھن تي وڌ ۾ وڌ ويساھ رکندا ھجون، ان کي سڀ ڪجھھ ٻڌائي ڇڏيون. ڊاڪٽر روز ٻڌايو تھ: ”مريض جڏھن ھتي ايندا آھن تھ پنھنجا مسئلا وڏي تفصيل سان ٻڌائيندا آھن ۽ پوءِ اسان کانئن سندن مسئلن بابت مختلف قسمن جا سوال پڇي، سندن مسئلن کي سندن ذھنن مان تقريبًا ختم ڪري ڇڏيندا آھيون.

پنھنجن ڏکن ۽ پريشانين تي ھيکلو ڪڙھندو رھڻ وڏي اعصابي دٻاءُ جو سبب بڻبو آھي. اسان سڀني کي حال ونڊڻ گھرجي. اندر اورڻ گھرجي. احساس ھجڻ کپي تھ دنيا ۾ ڪو تھ اھڙو آھي، جنھن سان پنھنجن مسئلن تي بحث ڪري سگھون ٿا ۽ جنھن کي اسان جي مسئلن ۽ پريشانين جي خاتمي سان دلچسپي آھي.

منھنجي نائب ان ڪلينڪ ۾ ايندڙ ھڪ ٻيءَ زائفان کان انٽرويو دوران سمجھو تھ پنھنجن ڏکن ۽ پريشانين کان ڇٽڻ بعد اھا ڪيتري نھ خوش باش آھي. ان کي ڪجھھ گھريلو مسئلا ھئا ۽ جڏھن ڪلينڪ ۾ پھتي تھ انھن مسئلن بابت ٻڌائيندي زارون زار روئڻ لڳي ۽ ھڏڪي پئجي ويس. ان کان پوءِ اٽڪي سٽڪي پنھنجا مسئلا ۽ پريشانيون ڳڻائڻ ۽ ٻڌائڻ شروع ڪيائين. ھوريان ھوريان پرسڪون ٿيندي ويئي ۽ انٽرويو جي پڄاڻيءَ تي مشڪندي پئي رھي. ان عورت جو مسئلو حل ٿي چڪو ھو ڇا؟ نھ اھو ايڏو سولو ڪونھ ھو. پر انٽرويو جي آخر ۾ ھوءَ ايڏي پرسڪون ڇو ھئي؟ ان ۾ تبديلي ڇو آئي ھئي؟ اھا عورت جنھن جي سڏڪي سڏڪي ھڏڪي لڳي ھئي وئي، ھاڻي ڇو پئي مسڪرائي؟ اصل ڳالھھ اھا ھئي تھ ھن پنھنجيون پريشانيون ڪنھن کي ٻڌائي اندر جو بار ھلڪو ڪيو ھو. کيس ٿوريءَ صلاح ۽ ڪجھھ ھمدرديءَ جي گھرج ھئي ۽ جنھن ڳالھھ کيس ايترو پرسڪون ڪيو ھو، اھي اسان جا لفظ ھئا، جيڪي جيڪڏھن مناسب طريقي ۽ احتياط سان استعمال ڪيا وڃن تھ نھ رڳو قيمتي، مگر پر اثر بھ ھوندا آھن.

ڪنھن بھ بيماريءَ جي نفسياتي علاج لاءِ سٺا سلوڻا لفظ مرھم جو ڪم ڏين ٿا. ڪنھن بيمار جي ٽھل ٽڪور ڪجي. کيس گلدستو ڏجي. کيس ٻڌايو تھ اوھان کي سندس بيماريءَ تي بيحد فڪرمندي آھي. رب پاڪ کيس صحتمند ڪري. پوءِ ڏسو تھ سندس ذھن تي انھن لفظن جو ڪيڏو نھ خوشگوار اثر ٿئي ٿو. مشھور نفسيات دان فرائيڊ جي وقت کان ئي تجزيو ڪندڙن جو خيال ھو تھ ھڪ مريض گفتگو ڪرڻ سان ئي پنھنجي اندر جي اڻتڻ وارين ڪيفيتن تي قابو پائيندو آھي، تنھن ڪري اسان کي سندس ڳالھيون ٻڌڻ کپن ۽ سمجھڻ کپن ۽ ساڻس ھمدردي ظاھر ڪرڻ کپي. اھو ضروري ڇو آھي؟ ان لاءِ تھ مريض پنھنجيون پريشانيون ٻڌائيندي اھو سمجھي تھ سندس اصلي پريشاني ڪھڙي آھي؟ ڪڏھن ڪڏھن انسان ھرون ڀرون پريشان ٿي پوندا آھن. ان جو پورو جواب ڪوبھ ڪونھ ٿو ڄاڻي، پر ھڪ ڳالھھ طئھ آھي تھ پنھنجا مسئلا ٻڌائي اسان سڪون ۽ اطمينان محسوس ڪندا آھيون.

ان ڪري جيڪڏھن اڳتي ڪو جذباتي مسئلو پيش اچي تھ اسان کي ڪنھن نھ ڪنھن سان ڳالھائڻ کپي. منھنجو اھو مطلب ناھي تھ جيڪو بھ ملي، ان کي پنھنجي پريشاني ٻڌائڻ کپي. ان ڏس ۾ پاڻ کي فيصلو ڪرڻو پوندو تھ پنھنجن يارن دوستن مان سڀني کان وڌيڪ اعتماد وارو ڪير آھي؟ جنھن کي جنھن وقت چاھيون پنھنجو مسئلو ٻڌائي ٿا سگھون. اھو اوھان جو دوست، مٽ مائٽ، ڊاڪٽر، وڪيل، پادري يا ڪو بھ ٻيو ماڻھو ٿي سگھي ٿو. پوءِ کيس پنھنجي پريشاني ٻڌائي بنان تڪلف چئي سگھو ٿا تھ: مون کي ھڪ مامرو پيش آيو آھي. منھنجي مرضي آھي تھ اوھان اھو غور سان ٻڌو ۽ مون کي پنھنجو سٺو رايو ڏيو. اوھان شايد صحيح صلاح ڏئي سگھو، پر جيڪڏھن اوھان صلاح نھ بھ ڏيو تھ بھ منھنجي ڳالھھ ھمدرديءَ سان ٻڌي منھنجي پريشاني گھٽائي سگھو ٿا.

بوسٽن ڊسپينسري جي ڪلاس ۾ سڀ کان پھريون اصول اھو آھي تھ پنھنجي پريشاني ٻڌائي پنھنجي دل جو ٻوجھھ ھلڪو ڪيو. پر انھن ڪلاسن ۾ حاضريون ڀري اسان ان کان سواءِ فائدي جون ڪجھھ ٻيون ڳالھيون، ٻيون صلاحون بھ نوٽ ڪيون آھن، جيڪي اوھان آڏو حاضر آھن:

1.        پاڻ وٽ ھڪ نوٽ بوڪ رکو، جنھن ۾ اھي سموريون دعائون، نظمون، عظيم انسانن جا فرمان وغيره رڪارڊ رکو تھ سموريون ڳالھيون اسان جي روز مره جي زندگيءَ جو رواج بڻجي وڃن ۽ ڪٿي نھ ڪٿي ضرور ڪم اينديون آھن، جنھن طرح ڪڏھن نھ ڪڏھن مينھن کان بچڻ ڪاڻ برساتي يا ڇٽيءَ جي گھرج پوندي آھي.

ڪلينڪ ۾ اچڻ وارن ڪيترن ئي مريضن وٽ اھڙا نوٽ بوڪ ھئا. سندن خيال ۾ اھا سندن روحاني غذا ھئي، جن جي ھر وقت کين ضرورت پوندي ھئي.

2.       ٻين جي ڪمزورين ۽ خامين تي تڪيو ڪري نھ ويھو.

ڪلينڪ ۾ اچڻ واريءَ ھڪ عورت، جنھن محسوس ڪيو تھ پاڻ ھاڻي گاريل ۽ جھيڙاڪر زال ٿيندي پئي وڃي. ان کان پڇيو ويو تھ خدا نھ ڪري، جيڪڏھن تنھنجو مڙس مري ويو تھ تون ڇا ڪندينءَ؟ اھو سوال ٻڌي عورت کي ايترو ڌچڪو لڳو جو فورا ڌرتيءَ تي ويھي رھي ۽ اھا جيڪا مڙس جون اوڻايون پئي ڳڻائي، سندس ڳڻ ڳائڻ لڳي. جيڪڏھن اوھان جي شادي ڪنھن اھڙي زائفان سان ٿئي تھ اوھان بھ ان تي اھو داءُ آزمايو. ٿي سگھي ٿو پنھنجي مڙس جون وصفون ڏسي محسوس ڪري تھ اھو ئي ماڻھو آھي، جنھن جي زال ٿيڻ کيس پسند آھي.

3.       ماڻھن، خاص طور تي اھڙن ماڻھن سان سٺا دوستانا ناتا رکو ۽ سٺو ورتاءُ ڪريو، جيڪي روزانو اوھان سان ملن ٿا. انھن کان خير عافيت پڇو، ٻارن ٻچن بابت پڇندا رھو، نوڪري، ڪاروبار، وڻج واپار بابت پڇندا رھو.

ھڪ بيمار عورت جيڪا پاڻ کي الڳ ٿلڳ رکندي ھئي ۽ ڪوبھ سندس دوست ڪونھ ھو، جڏھن کانئس پڇيو ويو تھ ڪنھن اھڙي ماڻھوءَ بابت ٻڌاءِ، جنھن سان ھاڻي ملي آھين. ھن چيو تھ بس ۾ ڪجھھ ماڻھو ويٺا ھئا. ان کان سواءِ ڪجھھ ٻڌائي نٿي سگھي. ان کان پوءِ جڏھن ڪلينڪ ۾ کيس ڪجھھ سٺيون صلاحون مليون تھ ھن ٻين ماڻھن ڪاڻ سوچڻ شروع ڪيو. اھي زندگي ڪيئن ٿا بسر ڪن؟ اھي روز مره جا ڪم ڪيئن ڪندا آھن؟ کين ڪو ڏک، ڪا پريشاني، ڪا تڪليف تھ ڪانھي؟ ھوريان ھوريان سندس ذھن ۾ ان ڳالھھ جنم ورتو تھ ھوءَ ڪھڙي ريت سندن ڪم اچي سگھي ٿي؟ اوھان کي خبر آھي تھ ٿوري وقت ۾ ھن ھر جڳھھ، ھر قسم جي ماڻھن سان ڳالھائڻ ٻولھائڻ شروع ڪيو ۽ ھاڻي اھا بيحد خوش، مگن زندگي گھاري پئي.

4.       رات جو سمھڻ مھل ايندڙ ڏينھن بابت پنھنجا پروگرام ترتيب ڏيندا ڪريو.

ڪلينڪ ۾ پتو پيو تھ گھڻا تڻا ماڻھو پنھنجي چؤگرد ماڻھن جو جھرمٽ لڳائيندا آھن. کين پتو ڪونھ ھوندو آھي تھ اڳ ۾ ڪھڙو ڪم ڪن؟ اھي ڏاڍا پريشان ھوندا آھن، ڇا لاءِ جو ڪڏھن ڪڏھن ڪو بيحد اھم ڪم ڪرڻ وساري ويھندا آھن، جنھن ڪري کين ڇيھو بھ رسندو آھي ۽ اڪثر فيصلو نھ ڪري سگھڻ جي صورت ۾ تھ ڪھڙو ڪم وڌيڪ اھم آھي؟ ھي پنھنجا ڪم مقرر وقتن تي پورا ڪري ڪونھ سگھندا آھن. ان پريشانيءَ کي ختم ڪرڻ ڪاڻ ڪلينڪ تي کين اھا صلاح ڏني ويئي تھ اھي روزانو سمھڻ کان اڳ ۾ ايندڙ ڏينھن جي پروگرام جو تفصيل پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکندا ڪن، پوءِ ترجيحن جو تعين ڪن. اوھان ڄاڻو ٿا تھ ان جو ڪھڙو نتيجو نڪتو؟ ڪم جلد پورا ٿيڻ لڳا، ٿڪاوٽ ٿوري ۽ خوشي ۽ فخر جو احساس بھ ٿيڻ لڳو. ھاڻي اسان وٽ تفريح توڙي آرام ڪرڻ ڪاڻ ڪيترو وقت بچي پيو آھي.

5.        انھن ماڻھن کي آخري صلاح اھا ڏني ويئي تھ اھي ٿڪ ۽ چڙ کان بچن ۽ آرام ڪن. کين ٻڌايو ويو تھ ٿڪ ۽ چڙ کان وڌيڪ ڪابھ شيءِ اوھان کي جلدي ڪراڙو ڪري ڪانھ ٿي سگھي ۽ اھي ٻئي شيون اوھان جي سک، سونھن، سوڀيا ۽ تازگي کي نقصان پڄائينديون آھن.

منھنجو نائب بوسٽن ٿاٽ ڪنٽرول ڪلاس ۾ ھڪ ڪلاڪ تائين ويٺو ڪلاس جي ڊائريڪٽر پروفيسر پال اي جانسن جو ليڪچر ٻڌندو رھيو. پروفيسر جانسن جون ڳالھيون اسان پھرين باب ۾ ”آرام ڪرڻ جون مشقون“ ۾ ٻڌائي آيا آھيون. ان آرام ڪرڻ وارين مشقن جا آخري ڏھ منٽ منھنجي نائب ڪلاس ۾ گذاريا. ڪجھھ گھڙين کان پوءِ ھو ڪرسي تي ويٺي ننڊ ۾ پئجي ويو. ائين ڇو ٿيو؟ اھو ان ڪري ٿيو جو جيڪڏھن اوھان ٻين جي ذھن تان پريشانيون کرچي ڇڏيو تھ اھي اطمينان محسوس ڪندا آھن. اھو ئي سبب بڻبو آھي.

ھائو، اوھان کي بھ آرام ڪرڻ کپي ۽ اوھان حيران تھ ضرور ٿيندؤ جو آرام ڪرڻ ڪاڻ آرامده بستري بدران سخت فرش تي وڌيڪ مناسب ٿيندو. ان سان اوھان جي بدن ۾ مدافعت ڪرڻ جي قوت وڌيڪ پيدا ٿيندي آھي ۽ اھو اوھان جي ڪرنگھي جي ھڏي جي مضبوطي لاءِ بھ فائديمند آھي.

اسان ھيءُ اوھان واسطي ڪجھھ مشقون پيش ڪيون، جيڪي اوھان وڏيءَ سولائيءَ سان ڪري سگھو ٿا. اوھان اھي رڳو ھڪ ھفتي تائين ڪيو ۽ پوءِ ڏسجو تھ اھي اوھان جي منھن، اکين ۽ شخصيت ۾ ڪيتري تبديلي آڻين ٿيون؟

الف:   جڏھن بھ اوھان ٿڪاوٽ محسوس ڪيو تھ فرش تي بلڪل سڌا سنوان ٿي سمھي پئو. ڄنگھن ۽ ٻانھن کي جيترو بھ ڪشادو ڪري سگھو ٿا، ڪيو. ھاڻي پنھنجي جسم کي ھڪ طرف گھمايو. ھيءَ مشق ڏينھن ۾ ٻھ ڀيرا ڪيو.

ب:  پنھنجيون اکيون پوريو ۽ پوءِ ھي لفظ ورجائڻ جي ڪوشش ڪريو: ”سج اسان جي مٿان پيو چمڪي، آسمان نيلو ۽ شفاف آھي، ھر طرف سانت آھي ۽ مان فطرت جو بچو ھئڻ ڪري ھن دنيا ۾ موجود آھيان.“

ٻ:  جيڪڏھن اوھان فرش تي ليٽي نٿا سگھو، ڇو تھ اوھان وٽ ايترو وقت نھ ھوندو آھي تھ اوھان ھڪ ڪرسيءَ تي ويھي بھ اھا مشق ڪري سگھو ٿا ۽ ان جا فائدا بھ فرش تي ليٺڻ واريءَ مشق برابر آھن. ھڪ سخت ۽ وڏي ڪرسي کڻو، ان تي مشق ڪرڻ بھتر آھي. ڪرسيءَ تي جسم کي مٿئين پاسي کڻندي مصري مجسمن وانگر ويھو ۽ ٻانھن کي ڍرو ڪري ڇڏيو. ھٿن جون تريون ھيٺئين پاسي اوھان جي سٿرن تي ھجن.

ڀ:  ھاڻي پنھنجي پيرن کي ھوريان ھوريان ڇڪي ڍرو ڇڏيو. ھاڻي پنھنجي ڄنگھن جي رڳن کي ڇڪيو، پوءِ ڍرو ڪري ڇڏيو. ائين ھوريان ھوريان ڪريو تھ اوھان جي جسم جون سڀ رڳون ھن مشق ۾ شامل ھجن.

ت:  پنھنجي اعصابن کي آھستي آھستي ۽ وڏا ساھ ڀريندي آرام ڏيو. ان کان پوءِ گھرا گھرا ساھ کڻو. ڀارت جي پراڻن جوڳين اعصابن کي سڪون بخشڻ ڪاڻ ساھ کڻڻ جون مشقون ڳولھي جديد سائنس جي وڏي خدمت ڪئي آھي.

ٿ:  پنھنجي منھن تي اڀريل شڪنن ۽ ريکائن جي باري ۾ خيال ڪريو ۽ پوءِ انھن کي پرسڪون ٿيڻ ڏيو. پنھنجيون ڀرون ۽ منھن جي پاسن کي ڍرو ڪيو. ھيءَ مشق ڏينھن ۾ ٻھ ڀيرا ڪريو. ان کان پوءِ اسان جي دعويٰ آھي تھ اوھان کي ڪنھن ھيلٿ ڪلب ۾ مشورن لاءِ وڃڻ جي ڪابھ ضرورت نھ ٿيندي.

ڇھويھون باب

سٺي ماحول ۾ ڪم ڪرڻ جي عادت ٿڪ ۽

ڳڻتيءَ کي ختم ڪندي آھي

”پنھنجي ميز کي صاف رکو ۽ ان تي رڳو اھي ڪاغذ ھجن، جيڪي اوھان جي ڪم جا ھجن.“

شڪاگو ۽ نارٿ ويسٽ ريلوي جي صدر ولينڊ ايل وليمينز ھڪ ڀيري چيو تھ: ”ھڪ اھڙو شخص، جنھن جي ميز تي ڪاغذن ۽ فائيلن جو انبار ھجي، پنھنجي ڪم ۾ سھوليت سمجھندو، جيڪڏھن اھو ميز تان سمورا ڪاغذ ھٽائي ڇڏي، سواءِ انھن جي جيڪي جلد توجھ ڏيڻ وارا ھجن.“ سٺي گر ھستي جي اھا ڳالھھ آھي ۽ ياد رکو تھ اھا اوھان جي ڪم جي رفتار ۾ بھتري پيدا ڪرڻ ۾ وڏي وک آھي.

جيڪڏھن اوھان واشنگٽن ڊي سي ۾ ڪانگريس جي لائبريريءَ ۾ ويندؤ تھ ڇت تي پنج لفظ پينٽ ٿيل ڏسندؤ. اھي لفظ شاعر پوپ جا لکيل آھن: Order is heavens first law يعني ترتيب ڪاميابي جو پھريون اصول آھي ۽ ڪنھن بھ ڌنڌي توڙي ڪم ڪرڻ جو پھريون اصول ترتيب ھجڻ گھرجي. پر ڇا ائين ٿيندو آھي؟ نھ اسان جي ميز تي ڪڏھن ڪڏھن اھڙا ڪاغذ ۽ فائيلون پڻ موجود ھونديون آھن، جن کي ھفتي کان وڌيڪ وقت ٿي ويندو آھي. نيو اورليز جي ھڪ اخبار جي پبلشر مون کي ٻڌايو تھ ھڪ ڀيري سندس سيڪريٽريءَ سندس ميز تي پيل فائلن جو انبار ھٽايو تھ کيس اتي ھڪ ٽائيپ رائيٽر مليو جيڪو ٻھ سال اڳ وڃائجي ويو ھو.

ان ميز تي اھڙن خطن جو انبار بھ ھو، جن کي فائيلن ۾ سجايو ويو ھو، پر مھينن بلڪھ سالن ۾ بھ انھن جا جواب ڪونھ ڏنا ويا ھئا. ان کان سواءِ آفيس ميمو ۽ مختلف قسمون جون رپورٽون پڻ ميز تي موجود ھيون، جن کي ڏسي ڪاوڙ سان گڏ پريشاني بھ ٿي ڇو تھ ان ۾ ڪجھھ اھم قسم جا خط ھئا. ان ۾ ھڪ اھڙو خط بھ ھو، جنھن ۾ ھڪ غير ملڪي فرم اسان جي شرطن تي اسان جي فرم سان گڏيل منصوبي کي شروع ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو ھو. ھاڻي تھ پڇتائڻ کان سواءِ ڇا پئي ٿي سگھيو؟ ان کان بھ وڏو نقصان اسان کي جسماني طرح ٿيندو آھي. لکن ھزارن کي لڳاتار ياد رکڻ نھ ڪرڻ ڪاڻ وقت نھ ھجڻ اسان کي نھ رڳو پريشان ڪندو آھي، ٿڪائيندو آھن، ذھن ۾ ڇڪ پيدا ڪندو آھي، پر ھائي بلڊ پريشر ۽ پيٽ جو السر بھ ٿي سگھندو آھي.

پينسيلونيا يونيورسٽي جي گريجويٽ اسڪول آف ميڊيسن جي پروفيسر ڊاڪٽر جان ايڇ اسٽوڪس ھڪڙي ڀيري آمريڪن ميڊيڪل ايوسيسيئيشن جي قومي ڪنوينشن ۾ ھڪ مقالو پڙھيو، جنھن ۾ ڊاڪٽر استوڪس انھن يارن ڪيفيتن جو ذڪر ڪيو، جيڪي گھڻو ڪري گھڻن ماڻھن ۾ ھونديون آھن، جيڪي پنھنجا ڪم ترتيب سان ڪونھ ڪندا آھن. اسان ھتي پورين ڪيفيتن جو ذڪر ڪريون ٿا.

ڪنھن جو ڪم فرض سمجھي ضرور ڪرڻ جو احساس ۽ انھيءَ سان گڏ ميز تي اھڙين شين جو انبار جن کي اڻپورو ڇڏيو ويو ھجي.

پر ھتي اھو سوال پيدا ٿئي ٿو تھ پنھنجي ميز کي فالتو ۽ غير اھم شيون صاف ڪرڻ جو شروعاتي طريقو ڪھڙيءَ طرح اسان کي ذھني دٻاءَ ۽ پريشانيءَ کان بچائي سگھي ٿو؟ مشھور نفسياتدان ڊاڪٽر وليم سيڊلر پنھنجي ھڪ مريض کي ھيءَ صلاح ڏني ۽ ان سادي سوديءَ صلاح تي ھلي ھن پنھنجو اعصابي سرشتو درست ڪري ورتو. ھي مريض شڪاگو جي ھڪ وڏي فرم ۾ ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ھو. ھو جڏھن ڊاڪٽر سيڊلر جي آفيس ۾ آيو ھو تھ زبردست بيچيني جو شڪار ھو ۽ سندس اعصاب جواب ڏئي چڪا ھئا. ھن سمجھيو پئي تھ کيس کوڙ سارا ڪم ڪرڻا آھن ۽ انھن ڪمن مان جند بھ ڇڏائي ڪونھ ٿو سگھي. کيس مدد ۽ مشوري جي ضرورت ھئي.

ڊاڪٽر سيڊلر ٻڌايو تھ ھن شخص جڏھن پنھنجي ڳالھھ يا ڪيفيت پئي ٻڌائي تھ منھنجي فون جي گھنٽي وڳي. اھا ڪال اسپتال پاران ھئي. پر بجاءِ ان جي جو مان ان معاملي کي التوا ۾ رکان ھا، مون انھيءَ وقت فيصلي تي پڄڻ جو ارادو ڪيو. اھڙن موقعن تي اڪثر ڪري مان پنھنجن مريضن کان مختلف سوال پڇندو ھوس ۽ مريض کي سمجھڻ جي ڪوشش پئي ڪئي تھ ٻيھر فون جي گھنٽي وڳي. ھي اسپتال پاران ھڪ ضروري پيغام ھو، پر مون پنھنجي مريض تي ڌيان رکيو. ٽئين ڀيري مون کي ھڪ بيحد ويجھي دوست ڊسٽرب ڪيو. ھڪ اھڙي مريض ڪاڻ، جنھن جي حالت بيحد خراب ھئي. منھنجي صلاح جو طلبگار ھو. مون پنھنجي دوست ڏانھن ڌيان ڏنو ۽ جڏھن واندو ٿيس تھ پنھنجي مريض کان معذرت ڪيم تھ ان کي انتظار جي تڪليف ٿي، پر سندس چھرو چمڪيو پئي ۽ ھو مڪمل طور بدليل شخص پئي لڳو.

 ان ماڻھوءَ ڊاڪٽر سيڊلر کي چيو تھ معافي وٺڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي، ڇاڪاڻ جو انھن ڏھن منٽن ۾ اوھان پنھنجي دوست سان رڌل رھيا تھ مون پنھنجو مسئلو سمجھي ورتو ۽ ھاڻي پنھنجي آفيس موٽيو ٿو وڃان ۽ مان پنھنجيون ڪم ڪرڻ واريون عادتون درست ڪندس. پر وڃڻ کان اڳ ۾ جيڪڏھن دل ۾ نھ ڪيو تھ توھان جو ھڪ ڪتاب کڻي وڃي سگھان ٿو. ڊاڪٽر سيڊلر پنھنجي ميز جو خانو کوليو جيڪو خالي پيو ھو. ھن شخص ڊاڪٽر کان پڇيو تھ اوھان ختم نھ ٿيڻ وارو ڪم ڪاٿي رکندا آھيو؟ ڊاڪٽر جواب ڏنو تھ منھنجو ڪوبھ ڪم رھيل ڪونھي، سمورا ڪم ختم ٿي چڪا آھن ۽ جن خطن جا جواب اوھان نھ ڏئي سگھيا آھيو، اھي ڪاٿي رکندا آھيو؟ ھن شخص ٻيھر پڇيو. مان فورا ئي سڀني خطن جا جواب ڏئي ڇڏيندو آھيان. منھنجو اصول آھي تھ خط پڙھڻ کان پوءِ پنھنجي سيڪريٽري کان جواب لکائيندو آھيان.

ڇھن ھفتن کان پوءِ ان ايگزيڪٽو ڊاڪٽر سيڊلر کي پنھنجي آفيس ۾ گھرايو. ھو بلڪل بدلجي چڪو ھو ۽ اھو حال سندس ميز جو ھيو. ھن پنھنجي ميز جو خانو کولي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو، جيڪو خالي ھو ۽ سندس ڪوبھ ڪم ترسيل ڪونھ ھو. ايگزيڪٽو ٻڌايو تھ ڇھھ ھفتا اڳ منھنجي ٻن مختلف آفيسن ۾ ٽي الماريون ھيون، جيڪي ھر وقت ڪاغذن ۽ فائيلن سان ٽمٽار رھنديون ھيون، جن کي مان ڪڏھن بھ کٽائي ڪونھ سگھان ھا. اوھان سان ملڻ کان پوءِ آفيس موٽي اچي پنھنجي ميز سمورن غير ضروري ڪاغذن ۽ فائيلن کان خالي ڪرائي ڇڏي. اھو سڀ ڪجھھ ھڪ ويگن ۾ ڀري کڻائي ڇڏيو. ھاڻي مان ھڪ ئي ميز تي آرام سان ڪم ڪندو آھيان. مون وٽ جيڪو بھ ڪم ايندو آھي، ان وقت ئي پورو ڪندو آھيان. اڳي جيان ھاڻي مون وٽ فائيلن جو انبار ڪونھي، جنھن کي ڏسي مون کي ڇڪ يا پريشاني ٿيندي ھجي. پر ھڪ وڏي اچرج ۾ وجھندڙ شيءِ جيڪا مون پوريءَ طرح حاصل ڪئي، اھا صحت آھي.

آمريڪي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس چارلس ايونز ھيوز ھڪ ڀيري ٻڌايو تھ: ”ماڻھو گھڻو ڪم ڪندي ڪونھ مرندا آھن. اھي رڳو پريشاني ۽ انتشار ۾ مرندا آھن. ان ڪري جو اھي آرام ڪونھ ڪندا آھن ۽ پريشان ان لاءِ رھندا آھن تھ پنھنجو ڪم ختم ڪرڻ ڪري پريشاني ۽ ذھني دٻاءَ ۾ ھوندا آھن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org