مھاڳ
ھي ڪتاب ڇو ۽ ڇاڪاڻ لکيو ويو؟
پنجويھھ سال پھريائين مان نيويارڪ جي وڌ ۾ وڌ
ڏکايل ڇوڪرن مان ھڪ ھوس. موٽرون، ٽرڪون وڪڻي گذارو
ڪندو ھوس. اھو بھ ڪونھ ڄاڻندو ھوس تھ موٽر ٽرڪ ڇا
کي چئبو آھي؟ اھو ئي نھ، اھو ڄاڻڻ بھ ڪونھ چاھيندو
ھوس. مان پنھنجي پيشي مان ڇو ڪڪ ٿي پيو ھوس. مان
ويسٽ
56
اسٽريٽ جي ھڪ معمولي سامان
واري ننڍي ڪمري ۾ رھندي تنگ ٿي پيو ھوس. ھي ڪمرو
جيتن جڻين سان ڀريو پيو رھندو ھو. اڄ تائين ياد
اٿم تھ ڀتين تي ٽايون لڙڪائي رکيون ھيم ۽ جڏھن صبح
جو نئين نيڪ ٽائي لاھڻ لاءِ اٿندو ھوس تھ جيتڙا
ديوار تان ڪري چوگرد پکڙبا ھئا. مان گندن ۽ خراب
ھوٽلن ۾ کاڌو کائيندو ھوس ۽ تنگ اچي چڪو ھوس.
پنھنجي ھڪ ڪمري واري گھر ۾ ٿڪو ٽٽو ايندو ھوس تھ
مٿو سور سان ڦاٽندو ھو. مايوسي، غم، بيزاري ۽
تڪليفون ان درد تي ويتر يلغارون ڪنديون ھيون. مان
جذباتي ٿي چڪو ھوس، ڇاڪاڻ جو ڪاليج جي زماني ۾ ڏٺل
سندر سپنا ڀوائتا خواب بنجي چڪا ھئا. ڇا اھا ئي
زندگي ھئي؟ ڇا اھا ئي مھم ھئي جنھن کي وڏي شوق سان
آئيندي ۾ ليئا پائيندو ھوس؟ ڇا مون لاءِ اھو ئي
زندگي جو مقصد ھو؟ ...... تھ مان اڻ وڻندڙ ڪم
ڪريان ....... جيئن تيئن سان رھان ....... گندو
کاڌو کاوان ....... ۽ آئيندي ڪا اميد نھ رکان
....... مون کي پڙھڻ ۽ ڪتاب لکڻ جو شوق ھو .......
مان ڪاليج جي زماني کان ڪتاب لکڻ جا خواب لھندو
ھوس.
مون سمجھيو پئي تھ اھو اڻوڻندڙ پراڻو ڪم ڇڏڻ سان
منھنجو ٽڪو نقصان بھ ڪونھ ٿيندو. وڌيڪ پئسن گڏ ڪرڻ
۾ منھنجي ڪابھ دلچسپي نھ ھئي، پر سٺي زندگي گذارڻ
جو خواھان ضرور ھوس. مختصر طور مون پنھنجو مستقبل
بدلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ ان ھيٺ منھنجي زندگي
پوريءَ ريت بدلجي وئي. ان فيصلي سان منھنجا ايندڙ
پنجٽيھھ ورھيھ خوشگوار ٿي ويا.
منھنجو فيصلو اھو ھيو تھ ھي بيزار ڪندڙ ڌنڌو ڇڏي
ڏيڻ کپي. پوءِ مون چار ورھيھ ٽيسٽ ٽيچر ڪاليج
ورنبرگ ۾ استاد ٿيڻ لاءِ تياري ڪرڻ ۾ صرف ڪري
ڇڏيا. مون سوچيو تھ نائيٽ اسڪولن جي وڏين ڪلاسن کي
پڙھائڻ کي روزيءَ جو ذريعو بنايان ۽ مون وٽ سڄو
ڏينھن ڪتابن پڙھڻ، ليڪچرون تيار ڪرڻ، ناول ۽
ننڍيون ڪھاڻيون لکڻ لاءِ وقت ئي وقت ھوندو ھو. سڌ
ھئم تھ جيئڻ لاءِ لکان ۽ لکڻ لاءِ جيئان.
مون کي رات جا ڪلاس پڙھائڻ گھرجن. جڏھن مون پنھنجي
ڪاليج جي تربيت ڏانھن پٺتي ڏٺو تھ مون کي ڪاروبار
ڪرڻ بدران پبلڪ اسپيڪنگ وڌيڪ فائديمند لڳي، ڇاڪاڻ
تھ جيڪي ڪجھھ ڪاليج ۾ پڙھيو، ان منھنجي ھٽڪ ۽ بي
اعتمادي ختم ڪري ڇڏي ھئي، ان مون ۾ ماڻھن سان
ڳالھائڻ جي جرئت پيدا ڪئي ھئي. مان اھو بھ واضح
ڄاڻندو ھوس تھ عام طرح ليڊري ھر ماڻھوءَ کي پاڻ
ڏانھن ڇڪيندي آھي، جيڪو بيھي اھـو ئـي ڪندو آھي
جيڪو سوچيندو آھي.
مون ڪولمبيا ۽ نيويارڪ يونيورسٽين ۾ ”پبلڪ
اسپيڪنگ“ پڙھائڻ جي درخواست ڏني، پر انھن
يونيورسٽين فيصلو ڏنو تھ اھي ڪنھن حد تائين منھنجي
مدد کان سواءِ بھ ڪوشش ڪري سگھن ٿيون.
مان مايوس ٿيس ....... پر ھاڻي شڪر ٿو ڪيان تھ
انھن مون کي نامنظور ڪري ڇڏيو، ڇو تھ مون .......
نائيٽ اسڪولن ۾ پڙھائڻ شروع ڪيو. ھتي ٺوس ۽ تڪڙا
نتيجا ڏيڻا ھئا. اھو بھ واه جو چتاءُ ھو. شاگرد
منھنجي ڪلاس ۾ ئي ڪونھ ايندا ھئا، جو نفس جي عزت
ماريندي ھئن تھ ھو رڳو ھڪ مقصد، ھڪ خاص سبب جي ڪري
پڙھڻ ايندا ھئا. اھي پنھنجن مسئلن جو حل چاھيندا
ھئا، پنھنجن پيرن تي بيھڻ چاھيندا ھئا ۽ بزنس
ميٽنگن ۾ ھٿن پيرن ٽوڪڻ کان سواءِ ڳالھائڻ چاھيندا
ھئا، پنھنجي اندر خود اعتمادي پيدا ڪرڻ چاھيندا
ھئا، ڌنڌي ۾ اڳتي وڌڻ چاھيندا ھئا، پنھنجن ڪٽنبن
ڪاڻ وڌ ۾ وڌ پئسو ڪمائڻ چاھيندا ھئا تھ جيئن ھو
پنھنجي ٽيوشن فيس قسطن ۾ پيا ڀرين. جيڪڏھن کين
بھتر نتيجا نھ ملن ھا تھ اھي فيس ڏيڻ بند ڪري ڇڏين
ھا ۽ جيئن تھ مون کي پگھار کان سواءِ نفعي جي
سراسري ملندي ھئي، تنھن ڪري زنده رھڻ ڪاڻ عملي طور
خبردار ۽ محطاط رھڻو پئي پيو.
ڪنھن وقت محسوس ڪندو ھوس تھ مون چڱيءَ طرح پڙھائي
ڪونھ پئي سگھيو. پر ھاڻي لڳو پئي مان بھترين تربيت
ڏيندو ھوس. مون کي پنھنجن شاگردن جي انھن مسئلن ۾
سندن مدد ڪرڻي پوندي ھئي. مون ھر ھڪ ويھڪ کي ايترو
دلچسپ بنايو جو شاگرد ليڪچر ٻڌڻ بنان رھي نھ سگھن.
اھو وڏو دلچسپ ڪم ھو. مان حيران ھوس تھ ڪاروباري
ماڻھن اندر مون ڪيتري جلدي خود اعتمادي پيدا ڪئي ۽
انھن مان گھڻن تڻن ترقي ڪئي ۽ ڪيترن جي پگھارن ۾
واڌارو آيو. ڪلاسن منھنجي اميدن کان بھ وڌيڪ ترقي
پئي ڪئي. ٽن سيزنن اندر
YMCA
جي جن عھديدارن مون کي ھڪ رات
جو
5
ڊالر ڏين کان انڪار ڪيو ھو،
ھاڻي اھي سراسري نفعي جي حساب سان
30
ڊالر پيا ڏين. منڍ ۾ مون رڳو
پبلڪ اسپيڪنگ بابت پڙھايو ھو. پر مون ڏٺو تھ انھن
جوانن کي دوستن جون دليون جيتڻ ۽ مٿن پنھنجي اثر
رسوخ وڌائڻ جي ضرورت بھ ھئي. مون کي انساني ناتن
تي ڪو مناسب ڪتاب ڪونھ پئي مليو، تنھن ڪري مون پاڻ
دوستن جون دليون جيتڻ ۽ دوستن ۾ اثر رسوخ وڌائڻ
بابت ھڪ ڪتاب لکي ورتو.
گذرندڙ وقت سان مون جوانن جي ھڪ ٻئي مسئلي کي
محسوس ڪيو. اھي پريشان رھندا ھئا. منھنجي ڪلاسن جا
اڪثر شاگرد، واپاري، سيلزمين، انجنيئر، اڪائونٽنٽ
۽ ھر قسم جي ڪاروبار سان تعلق رکندڙ ھئا ۽ انھن
سمورن کي مسئلا درپيش ھئا. مون کي غمن تي قابو
پائڻ ڪاڻ ڪو ڪتاب کپندو ھو. مون ھيڪر اھو حاصل ڪرڻ
چاھيو ۽ وري بھ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. مان نيويارڪ
جي گريٽ پبلڪ لائبريريءَ ۾ ويس ۽ اھو ڏسي حيران
ٿيس تھ اتي ”غم“ تي رڳو ويھھ ڪتاب ھئا ۽ ان تي بھ
حيرت لڳم تھ جيتن جڻين تي ھڪ سؤ نوانوي ڪتاب موجود
ھئا، جيڪي ”غم“ جي مقابلي ۾ ڏھوڻا ھئا. ڇا حيران
ٿيڻ جي ڳالھھ ڪانھي؟ جڏھن تھ انسان جي مسئلن ۾ غم
ھڪ تمام وڏو مسئلو آھي. پر ان زمين تي ڪنھن بھ
لاڪيج ۾ ان موضوع تي ڪوبھ مضمون ڪونھ رکيو ويو
آھي. ھائو البتھ ڊيوڊ سيري
David Seabury
پنھنجي ھڪ ڪتاب ۾ ”ڪاميابي سان
غم ڪيئن کاڌو وڃي؟“ تي ڪجھھ ضرور لکيو آھي.
نتيجو ڪھڙو نڪتو؟ اسان جي اسپتالن ۾ اڌ کان وڌيڪ
بيڊ اعصابي ۽ جذباتي مسئلن ۾ ڦاٿل ماڻھن سان ڀريا
پيا آھن. نيويارڪ لائبريري ۾ غم جي موضوع تي پيل
انھن ٻاويھن ڪتابن کي پڙھيم. ان کان سواءِ جيترو
بھ ٿي سگھيو، غم تي ڪتاب ڳولھيم پر انھن ۾ ڪوبھ
اھڙو ڪتاب ڪونھ ھو، جيڪو نصاب طور مقرر ڪري سگھجي،
تنھن ڪري مون پاڻ ھڪ ڪتاب لکڻ جو ارادو ڪيو.
اڄ کان ست سال اڳ مون ھي ڪتاب لکڻ شروع ڪيو. ڪيئن؟
اھو پڙھي تھ ھر دور جي ڏاھن ڏک بابت ڇا ڇا چيو
آھي؟ مون ڪنفيوشس
Confucious
کان چرچل تائين سڀني جون آتم
ڪھاڻيون پڙھيون. مون ڪيترين ئي شخصيتين جيڪ،
ڊيمپي، جنرل عمر، بريڊلي، جنرل مارڪ ڪلارڪ، ھنري
فورڊ، ايليز روز ويلٿ ۽ ڊوروبي ڊڪس جھڙن سون
ناميارن ماڻھن کان انٽرويو ورتا، پوءِ اھو سڀ ڪجھھ
شروعات تائين محدود ھيو.
انھن سڀني کان اھم ڪم مون اھو ڪيو جو غم تي قابو
پائڻ لاءِ پنج سال ھڪ ليبارٽريءَ ۾ ڪم ڪيو. ھڪ
ليبارٽري جيڪا اسان جي نوجوانن جا ڪلاس ڪنڊڪٽ ڪندي
ھئي، منھنجي علم موجب اھا دنيا جي واحد ليبارٽري
ھئي. اھو ڪم اسان ڪري ڏيکاريو. اسان شاگردن کي
اصولن جو ھڪ مرتب سيٽ فراھم ڪيو تھ غم تي ڪيئن
قابو آڻجي ۽ ان باري ۾ انھن کي چيو تھ اھو اصول
زندگيءَ ۾ ڪتب آڻين ۽ پوءِ ڪلاس کي ٻڌائين تھ انھن
ڪھڙا نتيجا ظاھر ڪيا؟
ھن تجربي جي نتيجي ۾ مون کي گھڻن ئي شاگردن ٻڌايو
تھ انھن غمن تي ڪيئن قابو پاتو؟ سوين ماڻھن ان
باري ۾ خط پڻ اماڻيا. اسان جي ڪلاس ۾ جن تقريرن تي
انعام مليا، اھي يونائيٽيڊ اسٽيٽ ۽ ڪينيڊا جي
1077
شھرن ۽
45
ٻاھرين ملڪن ۾ ڪنڊڪٽ ڪيا ويا.
مون ھن ڪتاب ۾ سون ماڻھن جون رپورٽون لکيون آھن،
جن ٻڌايو تھ انھن غم تي ڪيئن قابو پاتو؟ ھڪ ڳالھھ
يقيني آھي تھ ھي ھڪ عملي ڪتاب آھي، جنھن ۾ اوھان
پاڻ کي سيٽ ڪري سگھو ٿا.
اھو ٻڌائيندي خوشي ٿئي ٿي تھ ھن ۾ اوھان کي خالي
خيالي ڪھاڻيون ڪاٿي ڪونھ ملنديون ۽ ....... اھڙا
ڪردار جن کان ڪوبھ واقف ڪونھ، نظر ڪونھ ايندا.
تمام ٿورن واقعن کان سواءِ ھن ڪتاب ۾ ايڊريسين
سميت جيئرا جاڳندا ماڻھن جا نالا ڏنا آھن.
ھڪ فرانسيسي فلاسفر چيو آھي تھ سائنس ڪامياب نسخن
جو ھڪ مجموعو آھي. ھن ڪتاب ۾ بھ غم تي قابو پائڻ
ڪاڻ آزمايل ۽ ڪامياب نسخا آھن. اوھان کي ٻڌائي
ڇڏيان تھ ھن ۾ ڪا نئين ڳالھھ ڪانھي. سٺي زندگي
گذارڻ لاءِ اوھان اڳيئي گھڻو ڪجھھ ڄاڻو ٿا. پر
لاعلمي اسان جي وڏي مشڪل آھي. ھن ڪتاب جو مقصد بھ
شروعاتي حقيقتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انھن تي اوھان کان
عمل ڪرائڻ آھي.
اوھان ھي ڪتاب انھيءَ ڪاڻ ڪونھ پڙھو تھ ڪتاب ڪيئن
لکيو ويو آھي؟ پر عمل ڪرڻ ڪاڻ پڙھو. ھن جا پھريان
ٽيھھ ٻٽيھھ صفحا پڙھي ڏسو. جيڪڏھن اوھان پنھنجي
اندر نئون ولولو يا خوشي جي لھر محسوس نٿا ڪريو تھ
ھن کي چؤواٽي تي اڇلائي ڇڏيو، جو ھي ڪتاب اوھان جي
ڪم جو ڪونھي.
پھريون اکر
عمل ٿيندو تھ رد عمل بھ ايندو. انسان لوچ کان خالي
رھي سگھي ٿو، مگر دماغ سوچ کان خالي ڪونھ ٿيندو
آھي. ڊيل ڪارنيگي جو ھن ڪتاب جي لکڻ جو مک ڪارڻ
سوچ ۽ لوچ ۾ رابطو رکڻ آھي. اوھان جون سوچون،
اوھان جون شناختون آھن ۽ اوھان جون لوچون اوھان جا
اعمال آھن. نيڪ آھن يا بد، ٺيڪ آھن يا ٺيڪ ناھن،
مثبت يا منفي ڪھڙا آھن؟ ان جو دارومدار اوھان جي
سوچن سوچڻ تي آھي. اوھان اھو سوچيو ٿا، پر اھو ڇو
ٿا سوچيو؟ اھا ھڪ نھ مگر ٻھ ڳالھيون آھن. اوھان
ڪنھن سبب سان سوچيو ٿا؟ ان جو سبب بھ ھوندو، پر
اوھان لايعني سوچيو ٿا يا پھھ ٿا پچايو تھ ان جو
بھ ڪو نھ ڪو سبب ضرور ھوندو. پوءِ اھو سبب اوھان
جي محرومي ھجي يا اوھان جو حقيقين کان فرار ھجي.
مصنف ھڪ ئي نڪتي تي تڪرار ڪري ٿو تھ اسان جي
ناڪامين جو ڪارڻ اسان جا ڏک ۽ اسان جون پريشانيون
آھن. ڏک ڪنداسون تھ پريشان بھ ٿينداسون، پريشان
ٿيندا رھنداسون تھ ناڪام ۽ محروم بھ ٿيندا
رھنداسون. پر جڏھن ۽ جيڪڏھن ڪوبھ غم نھ ڪيون، ڪنھن
جو بھ غم نھ ڪريون، نھ عشق جو نھ روزگار جو تھ
ھوند نھ پريشان ٿيون نڪو محروم رھون.
ھن جو بنيادي نقطو تن کان اڳ ۾ من کي پروڙڻ آھي.
اوھان جيڪي چاھيو، اوھان کي ملي سگھي ٿو پر اھا
چاھت، اھا خواھش مٿاڇري ۽ وقتي نھ ھجي. اوھان جي
قوت ارادي مضبوط ۽ مستحڪم ھجڻ گھرجي ۽ خواھش ۾
بيپناھ شدت اچڻ گھرجي. اھا خواھش ڪنھن شيءِ جي ملڻ
جي ھجي يا ڪنھن بلا مان جند ڇڏائڻ جي ھجي. پر ھجي
شديد. مثلا بيماري مان تندرست ٿيڻ جي خواھش ۽ ان
تي مثبت عمل يعني حاذق سان تعاون ڪرڻ سان اڌ مرض
اڌ مان ئي موڪلائي وڃي ٿو.
سوچڻ سٺو ڪم آھي، پر لڳاتار سوچي پريشان ٿيڻ بيحد
خراب ڪم آھي. ڪارنيگيءَ جو ھي ڪتاب بنيادي طرح من
وديا يعني نفسيات سان تعلق رکي ٿو، پر موصوف ان کي
ڪٿائن جيڪي ڏندڪٿائون بھ لڳن ٿيون، جي انداز ۾
سھڻي ۽ سلوڻي زبان ۾ پيش ڪيو آھي، جنھن کي شروع
ڪرڻ کان پوءِ انت تائين ڇڏڻ محال ٿو لڳي. پر سندس
چوڻ آھي تھ ھن کي وري وري پڙھو، اميد تھ سنڌي ۾ بھ
وري وري پڙھندا. ھا! پنھنجي تنقيدي تاثرات کان نھ
وسارجو.
”مسڪين“ راشدي
احسان جو گھر
پير جو ڳوٺ
پھريون حصو
پھريون باب
غم جون بنيادي حقيقتون
سن
1871ع
۾ ھڪڙي نوجوان ھڪڙو ڪتاب کنيو ۽ ان جا صرف ايڪيھھ
لفظ پڙھيائين ۽ انھن ايڪيھن لفظن سندس مستقبل
بدلائي ڇڏيو.
مون ٽوريل جنرل اسپتالن جو ميڊيڪل جو ھڪ شاگرد
فائينل امتحان پاس ڪرڻ جي ڳڻتيءَ ۾ ھيو. ھو بيحد
پريشان ھو تھ ڪيئن ڪري، ڪاڏي وڃي، ڪنھن کي چئي،
اپريڪشن ڪيئن ڪري ۽ زندگي ڪھڙي ريت گذاري؟
ميڊيڪل جي انھيءَ شاگرد
1871ع
۾ جڏھن اھي ايڪيھھ لفظ پڙھيا تھ اھو پنھنجي وقت جو
انتھائي مشھور فزيشن بڻجي ويو. ھن دنيا جو مشھور
جان ھاپڪنز اسڪول آف ميڊيسنز منظم ڪيو. ھو آڪسفورڊ
۾ ميڊيسن جو ريجئس پروفيسر
Regis Professor
بڻيو.
برطانوي حڪومت ۾ ڪنھن بھ ميڊيڪل ماڻھوءَ ڪاڻ اھو
سڀ کان اتانھون عھدو ھيو. انگلستان جي بادشاھ
سلامت کيس نائيٽ
Knight
جي لقب سان نوازيو. جڏھن وفات
ڪيائين تھ ٻن وڏن جلدن تي ٻڌيل
1466
صفحن واري اتم ڪھاڻي، يعني
سوانح عمري لکي شايع ڪرائي وئي.
سندس نام نامي سر وليم آسلر ھو.
1871ع
جي بھار ۾ ھن ھيٺ ڏنل ڊيل ڪارلائل جا ايڪيھھ لفظ
پڙھيا، جن کيس فڪرن کان آزاد زندگي گذارڻ ۾ مدد
ڏني: ”اسان جو مقصد اھو ڪونھي تھ ٿورو پريان پيل
ڌنڌلي شيءِ کي تڪيندا رھون. پر اھو ڪيون جيڪي واضح
اسان جي مٺ ۾ موجود آھي.“ ٻائيتاليھھ سال پوءِ سرل
وليم آسلر (Yale)
ييل يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي خطاب ڪيو. ھن انھن
کي ٻڌايو تھ: ”ھن جھڙو شخص جيڪو چئن يونيورسٽين جو
پروفيسر رھي چڪو آھي ۽ ان جيڪو مشھور ڪتاب لکيو،
اھو اسپيشل ڪوالٽي مغز سمجھيو ويو.“ ھن چيو تھ اھو
غلط آھي. سندس ويجھا دوست ڄاڻندا ھئا تھ ھو ھڪ
معمولي ميڄالي جو مالڪ ھو، پوءِ سندس ڪاميابيءَ جو
ڪھڙو راز ھو؟ ھو ماضيءَ کي وساري ڇڏيندو ھو، سڀاڻي
جو فڪر ڪونھ ڪندو ھو پر اڄ کي ئي متاع سمجھندو ھو.
ڪئين سال اڳ ھڪ بيحد غريب فلسفي ھڪ اھڙي جابلو ملڪ
۾ ويو، جتي جي ماڻھن کي زندگيءَ ڪاٽڻ ۾ ڪيتريون ئي
ڏکايون ھونديون ھيون. گھمندي ڦرندي ھڪڙي ڏينھن ھڪ
ٽڪريءَ وٽ سندس چوگرد ماڻھن جو ميڙ ڪٺو ٿي ويو. ھن
اتي ھڪ بيحد شاندار تقرير ڪئي، تنھن ۾ صرف ڇويھھ
لفظ ھئا، پر صدين گذرڻ بعد بھ اھا تقرير تمام گھڻي
اھم ھلندي پئي اچي. ”سڀاڻي جو فڪر نھ ڪيو، سڀاڻ
پنھنجو فڪر پاڻ ڪندو. اھو ئي کوڙ آھي تھ اڄوڪي
ڏينھن جون خرابيون ختم ڪريو.“
اھي لفظ حضرت عيسيٰ جا ھئا. گھڻن ماڻھن انھن سان
اتفاق ڪونھ ڪيو تھ سڀاڻي جو فڪر نھ ڪيو. انھن چيو
تھ اسان کي سڀاڻي جو فڪر ڪرڻ گھرجي، اسان کي
پنھنجي ڪٽنب جي انشورنس ڪرائڻ گھرجي، ڪراڙپ ڪاڻ
ڪجھھ رقم گڏ ڪري رکڻ گھرجي، اڳتي وڌڻ جو پھريون
منصوبو تيار ڪرڻ گھرجي.
ٺيڪ آھي، اوھان کي ائين ئي ڪرڻ گھرجي. حقيقت تھ
اھا آھي تھ حضرت عيسيٰ جي انھن لفظن جو ٽي صديون
اڳ ۾ ترجمو ڪيو ويو ھو. ان طرح ڪونھ ھئا جيڪي
بادشاھ جيمز جي زماني ۾ سمجھيا ويندا ھئا. اڄ کان
ٽي سؤ سال اڳ ان اڄ جو مطلب تجسس ھو. ھر طرح سان
اھو ئي مطلب نڪري ٿو تھ سڀاڻي جو فڪر ڪريو. ھائو
منصوبا بندي ڪريو، رٿا رٿيو پر بيقراري ختم ڪريو.
جنگ ھلندي اسان جي ملٽريءَ جي ليڊرن ايندڙ صبح جو
منصوبو بنايو، مگر انھن اندر بي قراري ڪانھ ھئي.
ايڊ مرل ارنسٽ ھي ڪنگ جيڪو گڏيل رياستن سامونڊي
فوج جو اڳواڻ ھو، ان چيو تھ مون بھترين ماڻھن کي
بھترين ھٿيارن سان روانو ڪيو آھي ۽ انھن کي بھترين
منصوبو ٺاھي ڏنو آھي. مان تھ بس اھو ئي چئي سگھان
ٿو. ان چيو تھ: ”جيڪڏھن ڪو جھاز ٻڏي ٿو وڃي تھ مان
ان کي مٿي آڻي نٿو سگھان. جيڪڏھن اھو ٻڏڻو آھي تھ
مان ان کي ٻڏڻ کان روڪي نٿو سگھان. مان ڪالھھ جي
مسئلي تي پريشان ٿيڻ بدران ايندڙ ڏينھن واسطي
بھترين ڪم ۾ پنھنجو وقت لڳائيندس. انھيءَ کان
سواءِ جيڪڏھن حالتون مون تي حاوي ٿي وڃن تھ مان
گھڻي دير جيئرو ڪونھ رھندس.“
جنگ جو زمانو ھجي يا امن جو، سٺي ۽ خراب سوچ ۾ وڏو
فرق اھو آھي تھ سٺي سوچ جو واسطو اسبابن ۽ اثرن
سان ھوندو آھي، ان ڪري اھا ماڻھن جي تعميري ۽
منطقي منصوبن ڏانھن رھبري ڪندي آھر. بري سوچ بلڪل
جلدي بيقراري ۽ اعصابي ڇڪ ڏانھن ڇڪيندي آھي.
گذريل ٿورن ئي ڏينمھن ۾ مون کي آرٿر ھبس سلز برگر،
نيويارڪ ٽائمز جي پبلشر جو انٽرويو ڪرڻ جو موقعو
مليو. مسٽر سلز برگر مون کي ٻڌايو تھ جڏھن ٻي
مھاڀاريءَ لڙائيءَ يورپ کي باھ لڳائي ڇڏي تھ ھو
ششدر رھجي ويو. ھو مستقبل جي باري ۾ پريشان ھو.
ايڏو پريشان ھو جو راتين جون راتيون سمھي ڪونھ
سگھندو ھو. ھو آڌيءَ رات جو بستري تي اٿي ويھندو
ھو. ڪينوس ۽ ٽيوب پڪڙيندو ھو، شيشي ۾ ڏسندو ھو ۽
پنھنجي تصوير بنائڻ لڳندو ھو. ھو پينٽنگ بابت ڪجھھ
ڪونھ ڄاڻندو ھو، پر پنھنجو غم غلط ڪرڻ ڪاڻ ڪجھھ بھ
پينٽ ڪري وٺندو ھو. مسٽر سلز برگر مون کي ٻڌايو تھ
ھو ڪڏھن بھ پنھنجي غمن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪونھ ڪري
ھا ۽ نھ امن وٺي سگھي ھا، تانجو ھو گرجا ۾ لکيل ھي
نظم نھ پڙھي ھا:
مون لاءِ ھڪڙو قدم ئي ڪافي آھي
اي مھربان روشني منھنجي رھبري ڪر
منھنجا پير وٺ، ......... مان ڏسڻ نٿو چاھيان ڪجھھ
فاصلي تي نظارو ........ منھنجي ڪاڻ ھڪڙو قدم ئي
ڪافي آھي.
لڳ ڀڳ ساڳئي وقت ھڪڙو نوجوان ورديءَ ۾ ....... اھو
ئي سبق ياد پيو ڪري. سندس نالو ٽيڊ بينجر مينو ھو.
ھو
5716
نيو ھولم بالٽيمور، ميري لينڊ
جو رھواسي ھو.
مصنف ٽيڊ بينجر اپريل
1945ع
۾ لکي ٿو تھ مان پنھنجن پيرن تي بيھڻ کان اڳ
پريشان رھندو ھوس.......... ھيءَ ھڪ اھڙي حالت
ھئي، جنھن لڳاتار ڏک ڏنا. ان حالت ۾ جيڪڏھن جنگ
بند نھ ٿئي ھا تھ مون کي پڪ آھي تھ مان جسماني طور
بلڪل مفلوج ھجان ھا.
”آئون بري طرح ٿڪجي چڪو ھوس. مان چوريا نوين
انفنٽرين ۾ نان ڪميشنڊ آفيسر ھوس. منھنجو ڪم ايڪش
۾ مرندڙن ۽ ايڪشن ۾ گم ٿيندڙن ۽ اسپتال موڪليو
ويندڙن جو رڪارڊ ٺاھڻ ھو، ايليڊ
(Allied)
۽ دشمن جي سپاھين جي دٻيل لاشن کي بھ ٻاھر ڪڍڻ ۾
مدد ڪرڻ ھو. مون کي انھن ماڻھن جي ذاتي تاثراتن کي
سندن والدين ۽ ويجھن مائٽن تائين پھچائڻو ھو. مون
کي لڳاتار خوف رھندو ھو تھ اسان کان ڪا غلطي ٿي نھ
وڃي. مون کي انديشو ھو تھ شايد مان اھو ڪم تڪميل
تي نھ پڄائي سگھان. مون کي خوف ھو تھ شايد مان
پنھنجي سوا سال جي ٻار کي پنھنجي ٻانھن ۾ کڻي
کيڏائي سگھندس يا نھ.......؟ مون تھ کيس ڏٺو بھ
ڪونھ ھو. آئون ايترو پريشان ۽ ٿڪيل ھوس جو منھنجا
چوٽيھھ پائونڊ وڃائجي ويا. مان پنھنجو مٿو چڪرائي
ويٺس. مون پنھنجن ھٿن کي ڏٺو، منھنجن ھٿن تي ھڏين
بنان ڪجھھ ڪونھ ھو. اھڙيءَ ڦٽل حالت ۾ گھر موٽڻ تي
بھ خوف طاري ٿئي ٿو. مايوس ٿي ٻارن جيان سڏڪندو
رھيس. ھڪ وقت تھ ائين لڳو ڄڻ بلع
(Bulge)
جي جنگ کان فورن بعد عام طور
مان ايترو روئندو ھوس جو مان ٻيھر نارمل انسان ٿيڻ
کان مايوس ٿي پوندو ھئس.
مون اھو سڀ ڪجھھ فوجي دوا خاني ۾ ترڪ ڪري ڇڏيو.
فوجي ڊاڪٽر مون کي اھڙيون نصيحتون ڪيون، جن منھنجي
زندگيءَ کي پوري طرح بدلائي ڇڏيو. سٺي نموني
منھنجو طبي معائنو ڪرڻ بعد ان مون کي ٻڌايو تھ مان
ذھني ڀيڙا ۾ مبتلا ھوس. مون کي چيائين تھ: ”ٽيڊ!
مان چاھيان ٿو تھ تون پنھنجي زندگيءَ جي باري ۾
شيشي جي سنھي ڳچيءَ جيان سوچ. تون ڄاڻين ٿو تھ ان
شيشيءَ مٿان ھزارين ذرڙا ھوندا آھن، جيڪي بيحد سست
رفتاري سان، آھستگي ۽ تسلسل سان وچ واري تنگ گردن
مان گذرندا آھن. تون توڻي مان ان شيءِ کي ڇھڻ کان
سواءِ ان جي سوڙھي ڳچيءَ مان وڌيڪ ذرڙا ڪونھ ٿا
گذري سگھون. يعني ھڪ ھڪ ذري کان وڌيڪ گذاري ڪونھ
ٿا سگھون. جڏھن اسان صبح جو ڪم جي شروعات ڪندا
آھيون تھ اسان جي ڪرڻ جا انيڪ ڪم ھوندا آھن ۽
محسوس ڪندا آھيون تھ اسان کي اھي ڪم اڄ جو اڄ پورا
ڪري ڇڏڻ گھرجن، پر جيڪڏھن اسان ھڪ وقت ۾ ھڪ ڪم
ڪونھ ٿا ڪريون تھ واريءَ جي ذرن وانگر ان ۾ اھا
آھستگي ۽ تسلسل پيدا نٿا ڪريون تھ شيشي جي سوڙھي
ڳچيءَ وانگر ھڪ ھڪ ذرو گذارڻ سان اسان پنھنجو ذھني
۽ جسماني توازن برقرار رکي ڪونھ سگھنداسون.“
مون انھيءَ منطق تي عمل ڪيو..... ھڪ وقت ۾ واريءَ
جو ھڪڙو ذرو، ھڪڙي وقت ۾ ھڪڙو ڪم....... جنگ دوران
ان نصيحت مون کي ذھني توڙي جسماني طرح محفوظ رکيو.
ڪاروبار ۾ بھ مون اھڙا ئي مسئلا ڏٺا. مون کي يڪدم
گھڻا ڪم ڪرڻا ھئا ۽ اھي ڪم ڪرڻ ڪاڻ مون وٽ تمام
ٿورو وقت ھو. اسان وٽ ذخيرا ٿورا ھوندا ھئا ۽ نون
نون فارمن کي ھلائڻو ھوندو ھو نون اسٽاڪن کي ترتيب
ڏيڻو پوند ھو. اتن پتن جي ڦيرڦار، نوان نوان دفتر
کولڻ ۽ بند ڪرڻ وغيره وغيره. پريشان ٿيڻ بجاءِ مون
ڊاڪٽر جي لفظن کي ورجايو: ھڪڙي وقت ۾ واريءَ جو
ھڪڙو ذرو ........ ھڪڙي وقت ۾ ھڪڙو ڪم...... مون
پنھنجي من اندر ھربي ھربي اھي لفظ دھرايا، ورجايا،
مسلسل لڳاتار بي اختيار، پنھنجي ڪم کي پنھنجي ھر
ھڪ ڪم کي تمام سھڻي طريقي سان نڀايو. مان بلڪل
پريشان ڪونھ ٿيس ۽ جنگ جي زماني وانگر فڪرن کي پاڻ
وڪوڙڻ ڪونھ ڏنم.“
اسان جي ھاڻوڪي زندگيءَ جي رھڻي ڪھڻي ۾ ھڪ وڏي
خوفائتي ڳالھھ اھا آھي تھ اسان جي اسپتالن جا اڌ
کان وڌيڪ بستر اھڙن مريضن لاءِ مخصوص آھن، جيڪي
ذھني ۽ تنتي مشڪلاتن ۾ وڪويل آھن، جيڪي گذريل
ڏينھن جي ڪمن جي وزن ڪري دٻيل آھن ۽ ايندڙ ڏينھن
جي باري ۾ خوفزده آھن. پر ماڻھن جو ھڪ وڏو تعداد،
ھا اسان ماڻھن جو ھڪ وڏو تعداد اھڙو بھ آھي، جيڪو
گھٽين ۾ رلندو ۽ آواره گردي ڪندو رھندو آھي ۽ حضرت
عيسيٰ جي لفظن جي اوٽ وٺندي تھ سڀاڻي لاءِ بيچين
ڪونھ ٿيو يا سر وليم آسلر جي لفظن تي عمل ڪندي تھ
”اڄوڪو ڏينھن مصروف آھيون“ تھ اسان ھڪ بيحد
خوشگوار زندگي گذاريون ھا.
اوھان ۽ مان زندگيءَ جي ان ٻيءَ پچاڙيءَ سان ھڪ ٻھ
واٽي تي بيٺا آھيون...... ھڪ ڊگھو ماضي جنھن کي
اسان سدائين ڀوڳيو آھي ۽ مستقبل جيڪو گذريل زماني
جي رڪارڊ جو نتيجو آھي. اسان انھن ٻنھي انتھائن
مان ڪنھن بھ ھڪ سان گڏ رھي بھ ڪونھ ٿا
سگھون....... ھڪ گھڙي ھڪ کن پل ڪاڻ بھ ڪونھ.
جيڪڏھن ائين ڪنداسون تھ پنھنجو جسم، پنھنجو ذھن
ٻئي برباد ڪنداسون. ان ڪري اچو تھ اسان ان وقت سان
ٺاھ ڪريون، جنھن ۾ اسان کي ممڪن حد تائين رھڻو
آھي. ان وقت کان وٺي رات تائين ننڊ اچڻ تائين، ھر
ھڪ پنھنجو بار کڻي سگھي ٿو. کڻي اھو ڪم اڻانگو ڇو
نھ ھجي. ھرڪو ھڪ ڏينھن ڪاڻ اھنجو ڪم سرانجام ڏئي
سگھي ٿو.
روبرٽ لوئس اسٽيون سن چوي ٿو تھ: ”ھر ڪوئي ڀليءَ
ريت، صبر سان، سڪون سان، پيار سان، پاڪائيءَ سان
سج لٿي تائين ڪم ڪري سگھي ٿو ۽ زندگيءَ جو صحيح
مقصد بھ بلڪل اھو ئي آھي.“
ھائو سائين! زندگي اسان کان اھو ئي مطالبو ڪندي
آھي، پر مسز اي ڪي شيلڊز
815
ڪورٽ اسٽريٽ، ؟؟؟. تباھ ٿي
وئي. مسز شيلڊ مون کي پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائي: ”1937ع
۾ مڙس وڃائي ويٺس. مان ڏاڍي مايوس ٿيس.“
”مون وٽ ڪوبھ پئسو پائي ڪونھ ھو. مون پنھنجي اڳوڻي
آفيسر کي لکيو ۽ پنھنجي پراڻي نوڪريءَ تي ڪم ڪرڻ
لڳس. مان پھريائين ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن جي اسڪولن ۾
ڪتاب وڪڻي گذارو ڪندي ھيس. جڏھن منھنجو خاوند
بيمار ٿيو تھ ٻھ سال اڳ ۾ مون پنھنجي ڪار وڪڻي
ڇڏي، پر مون ڪجھھ پئسا گڏ ڪري ھڪ پراڻي ڪار قسطن
تي وٺي ٻيھر ڪتاب وڪڻڻ لڳس.“
مون سوچيو ھو تھ ٻيھر سڻڪن تي اچڻ سان منھنجيون
پريشانيون پوريون ٿي وينديون، پر اڪيلي سر گاڏي
ھلائڻ ۽ ھيکل ماني کائڻ منھنجي اداسي جو گھٽ سبب
ڪونھ ھو. ڪم ڪو گھڻو ڪونھ پئي مليو. منھنجي ڪار جي
قسط قليل ھئي، پر مان اھا ادا ڪرڻ کان قاصر ھئس.
1938ع
جي بھار جي مند ۾ مان ورسيليز (Versailles)
سيوري (Missouri)
کان ٻاھر ڪم پئي ڪيو. انھن ماڳن تي اسڪول غريب ۽
سڙڪون خراب ھيون. ھڪ وقت مان پاڻ کي ھيکلو ۽ ڏکايل
محسوس ڪرڻ لڳس تھ مان خودڪشيءَ کي فوقيت ڏيڻ لڳس.
لڳو پئي ڪاميابي ڄڻ ناممڪن آھي. مون وٽ رھڻ جي
جاءِ ڪانھ ھئي. مان روز روز زندگيءَ جو مقابلو ڪرڻ
کان ڊڄندي ھئس. مون پنھنجي ڪمري جي مسواڙ ڪانھ پئي
ڏئي سگھيس. مون وٽ کائڻ ڪاڻ ڪجھھ ڪونھ ھو. مون ھر
شيءِ کان خوف پئي کاڌو. منھنجي صحت ڪرندي پئي وئي
۽ مون وٽ ڊاڪٽر جي فيس بھ ڪانھ ھئي. مون خودڪشيءَ
کان پاڻ کي ان ڪري پئي بچايو تھ منھنجي ڀيڻ پريشان
ٿيندي. ٻيو تھ ٺھيو، مون وٽ ڪفن دفن لاءِ پئسو بھ
ڪونھ ھو.
پوءِ ھڪ ڏينھن مون ھڪ آرٽيڪل پڙھيو، جنھن مون کي
زندگي گذارڻ جو حوصلو بخشيو. ان ۾ لکيل ھڪ جملو تھ
مان ڪڏھن بھ ڪونھ وساري سگھندس. انھن ۾ لکيل ھو
تھ: ”عقلمند ماڻھوءَ واسطي ھر ھڪ ڏينھن نئين
زندگيءَ جو ڏينھن آھي.“ مون اھو جملو ٽائيپ ڪري
پنھنجي ڪار جي سامھون واري شيشي تي چسپان ڪري
ڇڏيو، جيڪو مان گاڏي ھلائيندي ھر گھڙي ڏسندي رھندي
ھئس. مون پنھنجو ماضي ياد ڪرڻ ۽ مستقبل جو اونو
ڪرڻ ڇڏي ڏنو. رڳو ھڪ ڏينھن جي زندگي گذارڻ مون کي
بلڪل بھ ڏکيو ڪونھ لڳو. مون ھر صبح جو پنھنجو پاڻ
کي چيو تھ: ”اڄ منھنجي زندگيءَ جو نئون ڏينھن
آھي.“
مان اڪيلائيءَ ۾ غم تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي
آھيان. مان ضرورت جي فڪر کان آزاد ٿي ويس. ھاڻي
مان ڪامياب، خوش ۽ مگن آھيان. مان زندگيءَ سان
پيار ڪندي آھيان. منھنجي اندر نئون جذبو، نئون
اتساه آھي. مون کي ايتري خبر آھي تھ مان ٻيھر ڪڏھن
بھ خوفزده ڪانھ ٿيندس، توڻي جو زندگي مون سان ڪجھھ
بھ ڪري، ڪھڙو بھ ورتاءُ ڇو نھ ڪري. مون کي ھاڻي
آئيندي جو اونو ڪونھي. مان ڄاڻان ٿي تھ مون کي ھڪ
ڏينھن ۽ ھڪ وقت لاءِ جيئڻو آھي.
Horace
۽ عقلمند ماڻھوءَ واسطي ھر ڏينھن سندس زندگيءَ جو
نئون ڏينھن آھي.
حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان ٽيھھ سال اڳ ۾ ھڪ رومن شاعر
لکي ٿو تھ:
صرف اھو انسان خوش آھي،
جو اڄ جو ڏينھن پنھنجو ڏينھن چئي ٿو
۽ جو ان کي اندر ۾ سمائي رکي
سڀاڻي ڀلي بري ۾ برو ڪم ڪيو
جو مون کي رڳو اڄ ئي جيڻو آھي
”مون انساني فطرت جو سڀ کان وڏو الميو اھو ڏٺو آھي
جو اسان محنت ڪونھ ٿا ڪريون. اسان سڀ افق ۾ ڪنھن
جادوئي گلاب جي باغن جا خواب ڏسندا آھيون. بجاءِ
ان جي جو اسان پنھنجي دريءَ جي ٻاھران کلندڙ گلاب
جي سچن گلن کي ڏسڻ سان حظ حاصل ڪريون.“
اسان ايڏا بيوقوف ڇو آھيون.......؟
ايڏا ڏک او بيوقوف؟
اسٽيفن ڪاڪ چئي ٿو: ”اسان جي ھيءَ مختصر حياتي
ڪيڏي عجيب وغريب آھي. ٻار چوي ٿو تھ مان ڇوڪرو
ڪڏھن ٿيندس؟ ڇوڪرو چوي ٿو مان جوان ڪڏھن ٿيندس؟ ۽
وري جوان چوي ٿو تھ منھنجي شادي ڪڏھن ٿيندي؟ پر
شاديءَ کان پوءِ ڇا آھي؟ سوچون بدلجي وڃن
ٿيون...... ھو چئي ٿو تھ مان رٽائر ڪڏھن ٿيندس ۽
رٽائرمنٽ ملندي آھي تھ اھو سھاڻين فضائن ڏانھن
موٽي ويندو آھي ۽ ٿڌيون ھوائون وھائي وينديون اٿس.
ھو سڀ ڪجھھ وڃائي ويھندو آھي. زندگي گذري ويندي
آھي. اسان سڀ ڪجھھ دير سان سکندا آھيون تھ زندگي
جيئڻ ۾ آھي ۽ ھر ڏينھن جي ھر پل ۾ ھوندي آھي،
لڀندي ۽ ملندي رھندي آھي.
مرحوم ايڊورڊ ايس ايونز آف ڊيٽروئٽ اھو سکڻ کان اڳ
۾ پنھنجو پاڻ کي ان غم ۾ ئي ماري ڇڏيو تھ: ”زندگي
ھر ڏينھن، ھر لمحي ۾ ھوندي آھي. ملندي ۽ لڀندي
آھي.“
ايڊورڊ ايونز غربت ۾ پليو ۽ وڏو ٿيو ۽ ان اخبارون
وڪڻي پئسا گڏ ڪيا. پوءِ واڻئي جي ڪلارڪ جي حيثيت ۾
ڪم ڪيائين. ان کان پوءِ جڏھن ست ماڻھو سندس ڪفالت
۾ ھئا، ھن اسسٽنٽ لائبريرين جي نوڪري ڪئي. پگھار
جيئن تھ گھٽ ھوس، تنھن ڪري کيس خوف ھو تھ ڇا ڪري؟
ان کي اھا ھمت ڪرڻ ۾ اٺ سال لڳي ويا تھ کيس ڪونھ
ڪو پر پنھنجو ڪم ڪرڻ گھرجي. پر جڏھن ھن پنھنجو ڪم
شروع ڪيو تھ پنجونجاھ ڊالر اڌارا وٺي پنھنجي
ڪاروبار ۾ وڌائين ۽ سال ۾ ويھھ ھزار ڊالر
ڪمايائين. پوءِ موڙيون آيون ........ ڳاٽي ڀڳا
نقصان........ ھن ھڪ دوست کي وڏي ھنڊي لکي ڏني ۽
دوست جو ڏيوالو نڪري ويو. ان کان جلد ئي پوءِ ھڪ
ٻيو طوفان آيو تھ جنھن بئنڪ ۾ ھن پئسا رکيا، ان جو
بھ ڏيوالو نڪري ويو. ھو نھ رڳو پائي پائي وڃائي
ويٺو، سورنھن ھزار ڊالرن جو قرضي بھ بنجي ويو. ھن
جا اعصاب اھو صدمو برداشت ڪرڻ کان قاصر ھئا. ھن
مون کي ٻڌايو تھ: ”مان نڪو سمھي پئي سگھيس ۽ نڪو
کائي پي پئي سگھيس.“ ھن مون کي ٻڌايو تھ: ”عجيب
غريب بيمار ٿي پيس. رڳو غم ئي ان بيماريءَ تائين
گھلي آيو. ھڪ ڏينھن ھلندي گھمندي گھٽيءَ ۾ بي ھوش
ٿي ڪري پيس. مان پنڌ ڪرڻ جھڙو ڪونھ رھيس. مون کي
بستري تي آڻي وڌو ويو. منھنجي جسم تي لڦون پئجي
ويون ھيون. بستري تي پئي پئي اھي لڦون اندر ۾
گھرنديون گھر ڪنديون ويون. مان ڏينھون ڏينھن نستو
۽ ڪمزور ٿيندو ويس. نيٺ منھنجي ڊاڪٽر ٻڌايو تھ مان
ٻن ھفتن اندر مري ويندس. مون کي ڏاڍو صدمو رسيو.
بيحد ڏک ٿيو. مون پنھنجي وصيت لکي ۽ بستري تي ليٽي
موت جو انتظار ڪندو رھيس. ھاڻي ڪوشش توڻي ڏک ڪرڻ
بيسود ھو. مون سوچڻ ڇڏي ڏنو. ذھن کي ڪجھھ سڪون ڏنو
۽ سمھي پيس. ٻن ھفتن ۾ ٻھ ڪلاڪ بھ سمھي ڪونھ سگھيو
ھوس، پر ھاڻي ڄڻ ڪ منھنجا دنيوي مسئلا ختم ٿي چڪا
ھئا. مان ھڪ ٻار جيان گھري گھور ننڊ سمھي پيس.
منھنجو وزن وڌي ويو.
ڪجھھ ھفتن کان پوءِ مان گھوڙين وسيلي ھلڻ جھڙو ٿي
پيس. مون سال ۾ ويھھ ھزار ڊالر ڪمايا ھئا، پر ھاڻي
ھڪ ھفتي ۾ ٽيھھ ڊالر ڪمائي خوش ھوس. ھاڻي مون ھڪ
سبق سکيو ھو. ھاڻي مون کي ڪابھ ڳڻتي ڪانھ ھئي. مون
کي اھا اون ڪانھ ھئي تھ ماضيءَ ۾ مون سان ڇا وھيو
واپرايو ھو؟ مون کي آئيندي جو اونو بھ ڪونھ ھو.
مون وقت سان ٺھراءُ ڪيو ھو. مون انھيءَ نوڪريءَ ۾
پنھنجي من اندر ۾ سگھھ ۽ اتساه محسوس ڪرڻ لڳس.
ايڊورڊ ايس ايونز ھڪ آٽو موبائل ڪمپنيءَ ۾ ملازم
ھو، پر ڪجھھ سالن بعد ھو ڪمپنيءَ جو صدر
ھيو......... دي ايونز پروڊڪٽس ڪمپني. ڪيترا سال
ان کي نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج جي فھرست ۾ ڳڻيو
ويندو ھو. جيڪڏھن اوھان گرين لينڊ جي مٿان اڏام
ڀريو تھ ايونز فيلڊ تي لھي سگھو ٿا..... اھا ان جي
اعزاز ۾ فلائينگ لينڊ آھي. جيڪڏھن ايونز مشڪلاتن ۾
نھ گذاري ھا، يعني ھر ڏينھن لگن ۽ چاھ، اتساھ سان
محنت نھ ڪري ھا تھ شايد ايڏي وڏي ڪاميابي ڪونھ
ماڻي سگھي ھا.
اوھان کي وائيٽ ڪوئين وارو اھو سبق ياد رکڻ گھرجي.
اصول اھو آھي تھ: ”گذريل ڏينھن ”جام“ ۽ ايندڙ
ڏينھن ”جام“ پر اڄ ڪڏھن بھ ”جام“ ڪونھي.“ اسان ۾
گھڻا تڻا ماڻھو اھڙو ئي سوچيندا آھن تھ ھو ماضي ۽
مستقبل جي ”جام“ جي ڳڻتي پيا ڪندا آھن. پر اڄ ۽
ھاڻي پنھنجي ڊبل روٽيءَ تي ”جام“ جو ڪوبھ تھھ ڪونھ
ٿا ڄمائين. ايتري قدر جو ھڪ عظيم فرانسيسي مفڪر
مونٽين
(Montaigne)
اھا وڏي غلطي ھئي. ھن چيو تھ:
”منھنجي حياتي ڪيترين ئي ڪڙين ۽ اڻوڻندڙ يادن سان
ڀري پئي آھي، جن مان ڪيتريون يادون تھ رونما ئي
ڪونھ ٿيون آھن. منھنجي زندگي اھڙي آھي، اوھان جي
زندگي بھ اھڙي آھي.“
ڊانٽي
(Donte)
چيو تھ: ”ائين سوچيون تھ ھي
ڏينھن ٻيھر موٽي ڪونھ ايندو. زندگي بيحد تيز
رفتاري سان پئي گذري، ان ۾ اسان
19
ميل
في سيڪنڊ جي رفتار سان پيا ڊوڙون پايون. ”اڄ“ اسان
جو بھترين ڏينھن آھي، اھو ئي يقيني ڪاميابيءَ جو
ڏينھن آھي.“
ھي نوول ٽامسن جو فلسفو آھي. مون گذريل ڏينھن ۾ ئي
ساڻس موڪل وارو ڏينھن گذاريو ۽ ويچار ڪيو تھ ان
مناجات
CX VIII
مان اھي لفظ پنھنجي براد ڪامسٽ
اسٽوڊيو جي ديوارين تي لڳايا ھئا، جن کي ھو اڪثر
ڪري تڪيندو ھو.
”اھو ئي اھو ڏينھن آھي جيڪو خدا تعاليٰ جوڙيو آھي.
اسان ان مان لطف وٺنداسون ۽ خوش ٿينداسون.“
جان رسڪن جي ڊيسڪ تي ھڪ سادڙو پٿر پيل ھو، جنھن تي
صرف ھڪڙو لفظ لکيل ھو ”اڄ“
(Today)
منھنجي ٽيبل تي پٿر تھ ڪونھي،
پر مون پنھنجي شيشي تي ھڪ نظم چسپان ڪري رکيو آھي،
جتان روزانو شيو ڪندي ان کي ڏسندو آھيان. ھي اھو
ئي نظم آھي جيڪو سر وليم آسلر سدائين پنھنجي ميز
تي رکندو ھو. اھو نظم ھندوستان جي ھڪ معروف
ڊرامانگار جو رچيل آھي.
صبح کي سلام
ھن ڏينھن کي ڏسون
ھي زندگي آھي، اھا ئي تھ زندگي آھي
۽ ان مختصر زندگيءَ ۾
سموريون رنگينيون ۽ حقيقتون پنھان آھن
وڌڻ جي امنگ
عمل جو نشان
۽ ڪاميابيءَ جي چمڪ
ماضي تھ رڳو ھڪ سپنو آھي
۽ آئيندو تھ رڳو تخيل آھي
پر اڄ جو سھڻو گذراو گذريل ھر ھڪ ڪالھھ جي خوشيءَ
جو سپنو آھي
۽ ھر ھڪ ايندڙ سڀاڻي اميد جو تخيل آھي
ان ڪري اڄ جو خوب خيال ڪريو
اھو ئي تھ صبح جو سلام آھي
----
ڪنين ماضي من ۾ ڪنين استقبال
حيف تنين جي حال، جن وساريو حال کي
(شاھ)
تنھن ڪري غم جي باري ۾ سڀ کان پھريائين جنھن شيءِ
جو ڄاڻڻ ضروري آھي، اھا ھيءَ آھي تھ اوھان ان کان
ڇوٽڪارو پائڻ چاھيو ٿا. اھو ئي ڪيو جيڪو سر وليم
آسلر ڪيو ھو.
1-
ماضي ۽ مستقبل کي آھني دروازن اندر بند ڪري ڇڏيو.
اڄوڪي ڏينھن خوب محنت ڪريو.
پاڻ کان اھڙا سوال ڪري انھن جا جواب لکي ڇو نٿا
ڇڏيو؟
1.
ڇا مان اڄوڪي حياتي سڀاڻ لاءِ سوچي پريشان ٿي
وڃان؟ يا اڀ واري گلن جي باغ کي ڏسڻ جا سھاڻا سپنا
پيو ڏسان.
2.
ڇا آئون ڪئين ڀيرا سوچي پريشان پيو ٿيان تھ ماضيءَ
۾ پريشان ٿيندو رھيو آھيان........ جيڪو ڪڏھوڪو
گذري چڪو آھي.
3.
ڇا مان اھو عزم ڪري اٿندو آھيان تھ اڄ نھ پوءِ
سھين ۽ چوويھھ ئي ڪلاڪ اجايا وڃائيندو آھيان؟
4.
ڇا آئون سڄو سارو ڏينھن ڪم ڪار ڪري زندگيءَ جو
صحيح استعمال ھٿ ڪري سگھندو آھيان؟
5.
آئون ان جي شروعات ڪڏھن ڪندس......؟ ايندڙ
ھفتي.......؟ سڀاڻي .........؟ اڄ ........ ؟ بلڪھ
......... ھاڻي جو ھاڻي،
پھريون ٻيو
غم تي قابو پائڻ جي جادوئي فارمولا
ڇا اوھان ڏک تي ڪنٽرول ڪرڻ جو نسخو ڄاڻڻ چاھيندؤ؟
تھ اچو تھ مان اوھان کي ھڪ نوجوان انجنيئر وليمز
ايڇ ڪيريئر جي باري ۾ ٻڌايان ٿو. اھو ايئر
ڪنڊيشننگ انڊسٽري ھلائيندو ھو. غم تي ضابطو آڻڻ جي
فارمولا ان کان سکي آھي.
ھو چوندو آھي تھ: ”جڏھن مان جوان ھوس تھ بيفلو
فورگر ڪمپني نيويارڪ ۾ ڪم جو جائزو وٺندو ھوس.
منھنجو ڪم پئسبرگ پليٽ گلاس ڪمپني جي پلانٽ تي گيس
جي صفائيءَ جو جائزو وٺڻ ھو. ان پلانٽ جي لاڳت
ڪئين لک ڊالر ھئي. ان جائزي جو مقصد گيس جي گندي
مواد کي ٻاھر ڪڍڻ ھو تھ اھو انجڻن جو نقصان ڪرڻ
کان سواءِ ٻرندو رھي. گيس کي صاف ڪرڻ جو اھو نئون
طريقھ ڪار ھو. منھنجي ھن ڪم ۾ ھڪڙي ڀيري اڻ ٿيڻيون
مشڪلاتون پيدا ٿي ويون. ڪم تھ ٿيندو رھيو، مگر
اھڙو ڪونھ، جنھن جي اسان اڳ ۾ گـارنٽي ڏيندا
ھئاسون.
مان پنھنجي ناڪاميءَ تي ششدر ٿي پيس. ائين لڳو ڄڻ
ڪنھن منھنجي مٿي تي ھٿوڙو ھڻي ڪڍيو ھجي. منھنجو من
بيقرار ٿي پيو، معدو سڙڻ لڳو. مان رھندو پريشان جو
منھنجي ننڊ بھ مون کان موڪلائي وئي. آخر منھنجي
ذھن مون کي سمجھايو تھ انھن مشڪلاتن جو حل پريشان
ٿيڻ ۾ ڪونھي، تنھن ڪري مون پريشان ٿيڻ کان سواءِ
پنھنجن مسئلن کي سمجھيو ۽ تمام سٺيءَ ڪاميابيءَ
سان ڪم ڪرڻ لڳس. ان ڳالھھ کي ٽيھھ سال گذري چڪا
آھن، مان ھر پريشانيءَ تي غلبو پائيندو آھيان.
ائين ڪرڻ گھڻو آسان آھي. ان جا ٽي قدم آھن، جن تي
عمل ڪرڻ سان ھرڪو ماڻھو پريشانين تي غلبو حاصل ڪري
سگھي ٿو.
1.
مون بنا ڊپ جي ايمانداريءَ سان حالتن جو تجزيو ڪيو
تھ ان ناڪاميءَ کان پوءِ مون لاءِ ڪھڙيون خراب ۾
خراب حالتون پيدا ٿي سگھن ٿيون......؟ اھا ڳالھھ
پڪي ھئي. منھنجي پوزيشن تي ڪھڙو اثر پئجي سگھي ٿو؟
ڪوئي مون کي جيل موڪليندو يا گولي نھ ھڻي
ڪڍندو..... اھا ڳالھھ پڪي پختي ھئي، البتھ منھنجي
پوزيشن تي اثر پئجي پئي سگھيا يا منھنجا آفيسر
صاحبان مشينري کي بدلائي، ويھھ ھزار ڊالر جيڪي
اسان ڪمايا ھئا، تن جو نقصان کڻي پئي سگھيا.
2.
اھو تجزيو ڪرڻ کان پوءِ تھ منھنجيون بدترين حالتون
ڪھڙيون ٿي سگھن ٿيون؟ مون پاڻ کي انھن حالتن جو
مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ورتو. مون پاڻ کي چيو تھ
اھا ناڪامي منھنجو رڪارڊ تباه ڪندي ۽ ٿي سگھي ٿو
تھ منھنجي نوڪري بھ ھلي وڃي. جيڪڏھن ائين ٿيو تھ
مان ڪو ٻيو ڪم ڪندس. حالتون ان کان بھ خراب ٿي
سگھن ٿيون. جيستائين منھنجي ڪم جو تعلق آھي، اھي
ڄاڻن ٿا تھ اسان گيس جي صفائي ڪري نوان تجربا عمل
پيا آڻيون ۽ جيڪڏھن کين اھو تجربو ويھھ ھزار ڊالرن
جو منافعو ڏئي تھ اھي پنھنجن پيرن تي بيھي سگھن
ٿا...... اھي ان کي ريسرچ طور خرچ ڪري سگھن ٿا،
ڇاڪاڻ تھ اھو ھڪ تجربو آھي.
مون پاڻ کي ھر قسم جي حالتن کي منھن ڏيڻ ڪاڻ تيار
ڪري ڇڏيو، جنھن سان ھڪ اھم ڳالھھ اھا ٿي جو مون کي
فورا سڪون محسوس ٿيڻ لڳو.
3.
ان وقت کان ھاڻي تائين مان پوري يڪسوئي سان زور
لڳائي ڪم ڪندو آھيان ۽ پنھنجي ذھن کي برين کان
برين حالتن واسطي تيار رکندو آھيان.
ھاڻي مون پوري ڪوشش ڪئي تھ ڪنھن نھ ڪنھن طرح ويھن
ھزارن ڊالرن جي نقصان کي گھٽ ۾ گھٽ ڪيو وڃي. مون
ڪيتريون ئي ٽيسٽون ڪيون ۽ نيٺ ان نتيجي تي پھتس تھ
جيڪڏھن اسان پنج ھزار وڌيڪ پرزن تي خرچ ڪيون تھ
مسئلي جو حل ڪڍي سگھجي ٿو. اسان اھو ئي ڪيو ۽ ويھن
ھزارن جي نقصان ڪرڻ بدران پندرھن ھزار ڊالر ڪمائي
ورتا.
جيڪڏھن مان غم ڀوڳيندو رھان ھا تھ ائين ڪونھ ڪري
سگھان ھا. ڇاڪاڻ تھ سڀ کان وڏو نقصان ھي آھي تھ
پريشاني اسان جي قابليت کي برباد ڪري ڇڏيندي
آھي..... اسان جو ذھني توازن خراب ٿي ويندو آھي.
جڏھن اسان سوچيندا آھيون تھ اسان جو ذھن راه تان
ڀٽڪي ڀٽڪي ويندو آھي ۽ اسان ڪوبھ فيصلو ڪرڻ جي
سگھھ وڃائي ويھندا آھيون. ان ھوندي بھ جڏھن اسان
پنھنجي ذھن کي برين کان برين حالتن واسطي تيار
ڪندا آھيون تھ اسان پنھنجي مسئلن جي حل لاءِ
يڪسانيت سان سوچڻ لڳندا آھيون.
ھي واقعو ڪئين سال اڳ ٿيو ھو، جڏھن کان مون پريشان
ٿيڻ ڇڏي ڏنو آھي، منھنجي ھر ڪنھن ڪم جو بھتر کان
بھتر نتيجو نڪرندو آھي.“
ويلز ايڇ ڪيريئر جي اھا جادوءَ ڀري فارمولا ايتري
عملي ڪيئن آھي؟ اھا ايتري نفساتي ڪيئن آھي؟ ڇاڪاڻ
جو اھا اسان کي غم جي اونداھن ڪڪرن مان ڪڍي ٿي، جن
جي گھيري ۾ اسان مفلوج ٿي ويندا آھيون. اھا اسان
جي قدمن کي سالم ۽ مضبوط ڪري ڌرتيءَ تي ڄمائي ٿي ۽
اسان کي سڌو بيھاري ٿي. اسان کي خبر ھوندي آھي تھ
اسان ڪاٿي آھيون؟ جيڪڏھن اسان ڪري ڪري پوندا ھجون
تھ اسان ڪنھن ڪم ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ڪھڙيءَ طرح
ڪجھھ بھ سوچي سگھون ٿا؟
ايلائيٽر سائيڪولا جي پروفيسر وليم جيمز اڄ کان
ڪئين سال اڳ ۾ پنھنجن شاگردن کي ٻڌايو تھ: ”انھن
حالتن کي قبول ڪري وٺو....... انھن ئي حالتن کي
قبول ڪريو، ڇالاءِ تھ حالتن کي قبول ڪرڻ ناڪامين ۽
پريشانين تي غلبي پائڻ جو پھريون قدم آھي.“
لن يوٽنگ پنھنجي تصنيف
The Importance of Living
۾ بھ اھو ئي خيال ظاھر ڪيو آھي. ھن ڪتاب جو تمام
گھڻن ماڻھن مطالعو ڪيو. اھو چيني مفڪر چوي ٿو تھ:
”ذھني سڪون برين ۾ برين حالتن کي قبول ڪرڻ ۽ انھن
سان سھمت ٿيڻ ۾ لڪل آھي. منھنجو خيال آھي تھ
نفسياتي طور ان جو مطلب قوت کي دٻائي ڇڏڻ آھي“
واقعي نفسياتي طور ان جو اھو ئي مطلب آھي تھ جڏھن
اسان برين کان برين حالتن کي قبول ڪندا آھيون تھ
اسان وٽ ان کان وڌيڪ وڃائڻ لاڻ باقي ڪجھھ ڪونھ
بچندو آھي. ھا تھ ان جو ٻيو مطلب اھو ٿيو تھ اسان
وٽ حاصل ڪرڻ ڪاڻ سڀ ڪجھھ آھي. خراب ترين حالتن کي
ڏسڻ کان پوءِ ويلز ڪيريئر چيو تھ: ”مون کي جلدي
افاقو ٿيو ۽ اھو سڪون مليو، جيڪو زندگيءَ ۾ اڳ ۾
ڪڏھن بھ ڪونھ مليو ھو. ان وقت کان ھن وقت تائين
مان سوچڻ جي لائق ٿي ويو آھيان.“
لکين ماڻھو پنھنجيون زندگيون ڪاوڙ ڪري وڃائيندا
آھن، تباھ ڪندا آھن. ڇاڪاڻ تھ خراب ترين حالتن کي
دل سان قبول ڪونھ ڪندا آھن. اھڙين حالتن ۾ وڌيڪ
اڳتي وڌڻ کان نابري واريندا آھن. اھي ٻيھر پنھنجي
تقدير بڻائڻ بجاءِ سموري حياتي ڏکن ۽ پريشانين ۾
گذاري ڇڏيندا آھن.
ڇا اوھان کي خبر آھي تھ ويلز ايڇ ڪيريئر جي
فارمولا کي ٻئي ڪنھن اپنايو؟ منھنجو نيويارڪ جو ھڪ
شاگرد، جيڪو آئل ڊيلر ھو، چوي ٿو تھ:
”مون کي بليڪ ميل ڪيو ويو. مان ائين سوچي بھ ڪونھ
پئي سگھيس. ھيئن ٿيو جو آئل ڪمپنيءَ ۾ مان ٽرڪن ۽
ٽرڪ ڊرائيورن جو ھيڊ ھوس. ان زماني ۾ او، پي، اي
ريگيوليشن جي ڏاڍي سختي ھئي ۽ اسان کي تيل جي وڪري
موجب راشن ملندو ھو. ان باري ۾ پتو ڪونھ ھو، پر
ڳالھھ پڪي ھئي تھ ڊرائيور اسان جي ريگيولر گراھڪن
کي تيل پھچائيندا ھئا ۽ ان کان پوءِ باقي تيل
پنھنجن گراھـڪن ھٿ وڪڻندا ھئا.
مون کي انھن ناجائز ڪمن جي پھريون ڀيرو ان وقت خبر
پئي، جڏھن ھڪ ڏينھن منھنجي آڏو گورنمينٽ جو ھڪ
انسپيڪٽر آيو ۽ ضبط ٿيل رقم جو مطالبو ڪرڻ لڳو.
جيڪي ڪجھھ ڊرائيورن پئي ڪيو، ان وٽ ان جا ثبوت
موجود ھئا ۽ ھن مون کي ڌمڪي ڏني تھ جيڪڏھن مون ان
ڳالھھ تي ڌيان ڪونھ ڏنو تھ ھو اھي ثابتيون ڊسٽرڪٽ
اٽارني جي آفيسر آڏو پيش ڪري ڇڏيندو. |