آئون
ھڪڙي جملي جي آڌار تي جيئرو رھيس
نيو برونسوڪ ٿيولو جيڪل سيمينار نيوجرسي جي صدر
ڊاڪٽر جوزف آرسيرو پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائيندي چوي ٿو
تھ ڪئين سال اڳ ۾ ھڪ ڏينھن جڏھن مان تمام وڌيڪ غير
يقيني واري ڪيفيت ۽ شديد مايوسيءَ جو شڪار ھوس ۽
منھنجي زندگي اھڙين مشڪلن ۾ وڪوڙجي چڪي ھئي، جن جو
حل منھنجي اختيار کان ٻاھر ھو. ھڪ صبح ھميشھ جيان
مون بائيبل کولي ۽ منھنجي نظرن ۾ ان ۾ لکيل ھڪ
جملو کپي ويو: ”جنھن مون کي ھن دنيا ۾ موڪليو، اھو
مون سان گڏ آھي. بابي مون کي ھن دنيا ۾ ڪڏھن ھيکلو
ڪونھ ڇڏيو آھي.“ (تثليث عيسائين جو عقيدو آھي)
انھيءَ ڏينھن کان پوءِ اوچتو ئي اوچتو منھنجي
زندگيءَ ۾ تبديلي آئي ۽ مون لاءِ ھر شيءِ بدلجي
ويئي. اھڙو ڪو ڏينھن ڪونھ ھوندو ھو، جڏھن مان
بائيبل جي ھن جملي کي نھ ورجائيندو ھجان. ان وچ ۾
ڪيترا ئي ماڻھو مون وٽ صلاح مشوري واسطي آيا ۽ مان
سدائين کين اھا صلاح ڏني تھ روزانو اھو جملو
ورجائيندا ڪن.
جڏھن کان اھو جملو پڙھيو اٿم، اھو منھنجي جيئڻ جو
سرمايو بڻجي چڪو آھي. ھلندي گھمندي اھو جملو
دھرائيندو رھندو آھيان. مون ان جملي مان سڪون ۽
سگھھ حاصل ڪئي آھي. اھو جملو مون تي مذھب جو وڏو
احسان آھي.
مون پنھنجي سپلائي لائن سدائين کليل رکي آھي
دنيا جي مشھور ترين ڪائو بواءِ ڳائڻي جين الٽري
مون کي ٻڌايو تھ منھنجي پريشانين جو وڏو تعلق
منھنجي گھراڻي ۽ سندس مالي مشڪلن سان ھو. رياست
اوڪلوھاما جي ھڪ واھڻ ۾ ھڪ سندري سان مون شادي
ڪئي. ان جو خانداني پس منظر مون کان گھڻو مختلف
ڪونھ ھو. اسان ٻنھي ھڪ سونھري اصول جي پيروي ڪئي ۽
اسان ٻنھي کي زندگيءَ ۾ گھٽ ۾ گھٽ مشڪلون آيون.
مون ٻئي ڪم احتياط سان ڪيا. پنھنجي مالي پريشانين
کي تمام گھٽ اوڏو اچڻ ڏنم. پھرين ڳالھھ اھا تھ مون
ھر ڳالھھ ۾ ايمانداري ۽ سچائي جا اصول اپنايا.
جڏھن بھ ڪو قرض ورتو، پائي پائي جو حساب چڪايو. بي
ايمانيءَ کان سواءِ تمام گھٽ اھڙيون عادتون آھن،
جيڪي اسان جي پريشانين ۾ واڌارو ڪن ٿيون.
فوجي ماھرن جو چوڻ آھي تھ ڪنھن بھ جنگ وڙھڻ جو
پھريون اصول اھو آھي تھ اسان جي سپلائيءَ جو سلسلو
نھ رڪجي، نھ ڪٽجي. مان مشڪلاتن خلاف جنگ ۾ بھ اھو
اصول استعمال ڪندو آھيان. مثال طور مون ننڍپڻ ۾
رياست ٽيڪساس، اوڪلوھاما ۾ ڏاڍا ڏينھن غريبيءَ ۾
گذاريا. ھي اھو وقت ھو، جڏھن ملڪ ۾ ڏڪار پيو ھو.
ڪڏھن ڪڏھن ٻن ويلن جي مانيءَ ڪاڻ ڪيترا جتن ڪرڻا
پوندا ھئا. مان ڪو مستقل ڪم ڪرڻ پئي چاھيو. ٿورن
ڏينھن کان پوءِ مون کي ھڪ ملازمت ملي وئي. ڪم
ريلوي اسٽيشن جو ھو. واندڪائي ۾ ٽيلي گرافي جو ڪم
سکندو ھوس. پوءِ مون کي فرسڪو ريلويز ۾ رليف
آپريٽر جي نوڪري ملي وئي ۽ منھنجي رياستن جي ڪيترن
واھڻن ۽ شھرن ۾ بدلي ٿيندي رھي. مون کي اھڙين جاين
تي اماڻيو ويندو ھو، جتان ڪو اسٽيشن ماستر موڪل تي
ويندو ھو. مون کي ماھوار ڏيڍ سؤ ڊالر ملندا ھئا.
پوءِ جڏھن منھنجي مالي حالت بھتر ٿيندي وئي تھ مون
ايمانداريءَ سان قبول ڪيو تھ ريلوي جي نوڪريءَ مون
کي مالي طور ڏاڍو تحفظ ڏنو، تنھن ڪري مون ذھن ۾
رکيو ھو تھ جيڪڏھن ٻيھر بھ ريلوي جي نوڪري ڪرڻي
پئي تھ ضرور ڪندس. ھيءَ نوڪري منھنجي جدوجھد دوران
سپلائي پڄائڻ جو ذريعو ھئي. مون تيستائين اھا
نوڪري ڪونھ ڇڏي، جيستائين ڪھ مون پنھنجو ڪاروبار
مستحڪم نھ ڪري ورتو.
مثال طور
1926ع
۾ جڏھن مون فرانسڪو ريلويز جي رياست اوڪلوھاما جي
واھڻ چيليسا ۾ رليف آپريٽر طور ڪم پئي ڪيو تھ ھڪ
اجنبي شام جي وقت تار ڏيڻ لاءِ آيو. ھن مون کي
ڪائو بواءِ جي گٽار وڄائيندي ۽ گانو ڳائيندي ٻڌو.
ھن منھنجي واکاڻ ڪئي ۽ صلاح ڏني تھ نيويارڪ وڃي
ريڊيو ۽ اسٽيج تي قسمت آزمائڻ گھرجي. قدرتي طور دل
چاھيو تھ نيويارڪ ھليو وڃان ۽ جڏھن تار تي نالو
ڏٺو تھ منھنجو ڄڻ تھ ساھ ئي بيھي رھيو. ھن جو نالو
ول روجرز ھو ۽ اھو پنھنجي وقت جو مشھور ترين ڳائڻو
ھو.
ھڪدم نيويارڪ وڃڻ بدران مون ان صلاح تي نون مھينن
تائين ڳوڙھو ويچار ڪري نيٺ انھيءَ نتيجي تي پھتس
تھ نيويارڪ وڃڻ مان مون کي ڪو نقصان ڪونھ آھي، پر
ان مان ڪجھھ نھ ڪجھھ لاڀ ئي ورندو. مون وٽ ريلوي
جي پاس ھئي. بلڪل مفت سفر ڪري سگھندو ھوس. مون کي
نيويارڪ اچڻ وڃڻ لاءِ صرف کاڌي پيتي جو خرچ ڪرڻو
ھو.
مان ھليو ويس ۽ جڏھن نيويارڪ پھتس تھ پنج ڊالر
مھيني واري ھڪ ڪمري ۾ رھيس.
ھڪ معمولي ھوٽل ۾ ماني کائيندو ۽ ڏھن ھفتن تائين
نيويارڪ جي سڙڪن تي گھمندو رھيس. پر ڪجھھ ڪونھ
سريو. جيڪڏھن ان وقت مون وٽ نوڪري نھ ھجي ھا تھ
ايتري پريشاني ٿئي ھا جو اوھان اندازو لڳائي ڪونھ
ٿا سگھو. مون کي نيويارڪ جون سڙڪون ماپيندي گھٽ ۾
گھٽ اھو الڪو تھ ڪونھ ھيو تھ جيڪڏھن مون کي ڪا ڍنگ
جي نوڪري نھ ملي تھ گذارو ڪيئن ٿيندو؟ ان وقت
ريلوي ۾ نوڪري ڪندي پنج سال ٿي چڪا ھئا ۽ ترقيءَ
جو وقت بھ قريب ھو، جيڪا منھنجو حق ھئي. پر نوي
ڏينھن کان وڌيڪ موڪل ڪانھ پئي وٺي سگھيس. ڇاڪاڻ جو
ٻيءَ صورت ۾ منھنجو اھو حق ختم ٿي پئي سگھيو.
اڃا تائين مون کي نيويارڪ ۾ ستر ڏينھن گذريا ھئا،
ان ڪري مان فورا ڊيوٽي تي حاضر ٿيس تھ منھنجي
روزگار جو سلسلو ٻيھر شروع ٿي سگھي ۽ منھنجو ترقي
جو حق ختم نھ ٿئي. مون ڪجھھ مھينا وڌيڪ نوڪري ڪئي
۽ پوءِ ڪجھھ ھفتن جي موڪل وٺي نيويارڪ موٽي وڃي
قسمت آزمائڻ لڳس. ھن ڀيري منھنجو ڀاڳ کلي پيو.
ھڪڙي ڏينھن جڏھن مان ريڊيو جي رڪارڊنگ روم ۾ ويٺو،
انٽرويو لاءِ پنھنجي واري جو منتظر ھوس تھ مون
رسيپشن تي ويٺل ڇوڪريءَ آڏو گٽار تي ڳائڻ شروع
ڪيو. جڏھن گانو پئي ڳايم تھ ان گاني جو ليکڪ شيلڊ
ڪراوٽ بھ رڪارڊنگ روم ۾ موجود ھيو. ھو منھنجو آواز
ٻڌي ٻاھر آيو ۽ مون کي ڏسي ڏاڍو سرھو ٿيو ۽ چيائين
تھ مان ڏاڍو سٺو ڳائڻو بنجي سگھان ٿو. ھن مون کي
وڪٽر رڪارڊنگ ڪمپنيءَ ڏانھن خط ڏنو ۽ چيائين تھ
مون کي پنھنجي رياست اوڪلوھاما جي ريڊيو اسٽيشن تي
وڃڻ کپي تھ اتي ريلوي ۾ پنھنجي وڪري بھ جاري رکي
سگھان ۽ ريڊيو تي ڳائڻ وارو شوق پڻ پورو ٿيندو
رھي.
مون کي سندس صلاح بيحد پسند آئي، ڇاڪاڻ تھ ان طرح
ريلوي جي نوڪري ڇڏڻ کان سواءِ ريڊيو تي ڳائي پئي
سگھيس ۽ منھنجي آمدنيءَ ۾ واڌ اچي پئي سگھي ۽
منھنجي مالي حالت بھتر بڻجي پئي سگھي. ان ڪري
ملازمت تي موٽي آيس ۽ ريڊيو تي ڳائڻ شروع ڪيم.
مون نون مھينن تائين ريڊيو تي ڳايو. ان دوران
ريڊيو تي منھنجي ساٿي جمي لونگ ۽ ۽ مون ھڪ گانو
لکيو، جيڪو ايتري قدر مشھور ٿيو جو رڪارڊنگ
ڪمپنيءَ جي سربراھ آرٿر مون کي ان گاني جي رڪارڊنگ
جي آڇ ڪئي، جيڪا مون قبول ڪئي ۽ ان لاءِ مون کي
ڪافي معاوضو مليو. ان کان پوءِ مون کي گھڻن ئي
گانن جون آڇون ملنديون رھيون ۽ مان رڪارڊنگ جا
پنجاھ ڊالر وٺندو ھوس. نيٺ مون کي ۽ جميءَ کي
شڪاگو ريڊيو اسٽيشن تي ڪائو بواءِ گانو ڳائڻ جي آڇ
ٿي ۽ اسان جو پگھار چاليھھ ڊالر ھفتو مقرر ٿيو. ٽن
چئن سالن ۾ منھنجو معاوضو وڌي نوي ڊالر ھفتو ٿي
ويو. ان کان سواءِ بھ رات جو ٿيٽر تي ڳائيندي
پنھنجي اپت ۾ جوڳو واڌارو ڪندو رھيس.
1934ع
۾ تھ منھنجو ڀاڳ جاڳي پيو ۽ بيشمار موقعا مليا.
آمريڪا ۾ فلمن کي صاف سٿرو بنائن تي زور لڳڻ لڳو ۽
فلمن ٺاھيندڙن ڪائو بواءِ فلمون ٺاھڻ شروع ڪيون.
پر انھن فلمن ڪاڻ اھڙن ڪائو بوائز جي ضرورت ھئي،
جيڪي گانو بھ ڳائي سگھندا ھجن. منھنجو نصيب ھيو جو
آمريڪن ريڪارڊنگ ڪمپنيءَ جو مالڪ ھالي ووڊ جي
پيراڊائز پڪچرز جو حصيدار بھ ھيو. ھن پنھنجي
ڀائيوار کي ٻڌايو تھ جيڪڏھن تون سچ پچ ڪائو بواءِ
ڳائڻو پنھنجي فلم ۾ آڻڻ چاھين ٿو تھ مان توکي اھڙو
ڪائو بواءِ لھي ڏئي سگھان ٿو، ڇاڪاڻ جو ان منھنجي
ڪمپنيءَ ڪاڻ بيشمار ڪامياب ۽ مشھور گانا ڳايا آھن.
آمريڪن ريڪارڊنگ ڪمپنيءَ جي مالڪ مون سان رابطو
ڪيو ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. مون لاءِ اھو ھڪ
سھاڻي سپني کان گھٽ ڪونھ ھو. مونکي ان آڇ تي ويساھ
ڪونھ پئي آيو. ھن ٻڌايو تھ فلم ۾ ڪم ڪرڻ دوران ھڪ
ھفتي ھڪ سؤ ڊالر ملندا. کاڌو ۽ رھائش مفت ھوندي،
پر ان مان مون کي ڀؤ بھ ٿيو. سوچيم پئي تھ فلمن ۾
ڪامياب ويندس الائي نھ؟ پر مون کي ڪا پريشاني ڪانھ
ھئي، ڇاڪاڻ تھ ناڪاميءَ جي صورت ۾ مون وٽ ريلوي جي
نوڪري ھر وقت موجود ھئي. يعني آمدنيءَ جو ھڪ مستقل
ذريعو حاصل ھو.
پنھنجي اميدن جي ابتڙ فلمن ۾ بيحد ڪاميابي نصيب
ٿي. ھاڻي منھنجي سالياني ڪمائي ھڪ لک ڊالر ھئي ۽
مان ھڪ خوشحال شخص ھوس. ان کان سواءِ مون کي فلمن
مان ٿيندڙ آمدنيءَ جو اڌ پروڊيوسر وٽان بھ ملندو
ھو، مگر ان ھوندي بھ سدائين اھو سوچيندو ھوس تھ
اھو سلسلو ڪيسين ھلندو؟ پر ھاڻي مون کي ڪائي
پريشاني ڪانھ ھئي تھ خدا نھ ڪري مون وٽ ھڪ ڊالر بھ
نھ بچي، تڏھن بھ فريسڪو ريلويز جي نوڪريءَ تي وڃي
پئي سگھيس. اھڙيءَ طرح مون پنھنجي روزگار جي ذريعي
کي ڪڏھن بھ بند ٿيڻ ڪونھ ڏنو.
ڀارت ۾ مون ھڪڙو آواز ٻڌو
آمريڪي تاريخ جو ناميارو مقرر ۽ پنھنجي ٽھيءَ جي
سڀ کان مشھور مبلغ اسٽيلني پنھنجي ڪھاڻي ھيٺين
لفظن ۾ ٻڌائي:
مون چاليھن سالن تائين ڀارت ۾ تبليغي ڪم ڪيو. منڍ
۾ سخت گرميءَ ڪري ڪم ڏاڍو ڏکيو لڳندو ھو. اٺ سال
تبليغ ڪرڻ کان پوءِ مان ذھني طرح شديد ٿڪاوٽ جو
شڪار ھوس ۽ منھنجا اعصاب جواب ڏئي چڪا ھئا. ڪيترا
ڀيرا بيھوشيءَ جا دورا پيا. مون کي حڪم مليو تھ ھڪ
سال جي ڊگھي موڪل تي آمريڪا ھليو وڃان. موٽ جي سفر
۾ ھڪڙي صبح جو جھاز جي مسافرن کي مذھبي درس ڏيندي
بيھوش ٿي ويس ۽ مون کي باقي سفر دوران ڊاڪٽرن مڪمل
آرام ڪرڻ جي صلاح ڏني، بلڪھ حڪم ڏنو.
آمريڪا ۾ ھڪ سال آرام ڪرن بعد مان واپس ڀارت ڏانھن
روانو ٿيس. موٽ تي منيلا يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي
مذھبي درس ڏنو. ان دوران بھ بيھوش ٿي ويس. ڊاڪٽرن
چتاءُ ڏنو تھ ڀارت ويس تھ مري ويندس. پر ان دڙڪي
ھوندي ڀارت ڏانھن سفر جاري رکيم. ممبئي پھتس تھ
سڌو سنئون ويجھن پھاڙين تي ھليو ويس ۽ اتي ڪيترا
مھينا آرام ڪيم. ان کان پوءِ ڀٽن توڙي ميداني
علائقن ۾ ٻيھر تبليغ ڪرڻ ھليو ويس، پر تڪڙو ئي
محسوس ڪيم تھ اھو ڪم ھلائي ڪونھ سگھندس. ھڪ ڀيرو
ٻيھر دورا پوڻ لڳا ۽ مدافت جي سگھھ نھ ھئڻ برابر
رھي ھئي. مون کي ڀؤ ٿيو تھ ھاڻي رھي سھي حياتي
مفلوج ماڻھوءَ جيان گذاريندس.
جيڪڏھن ان وچ ۾ ڪنھن جي مدد نھ ملي ھا تھ مان
پنھنجو تبليغ وارو ڪم ڇڏي آمريڪا موٽي وڃان ھا ۽
اتي پوکن ۾ ڪم ڪندو رھان ھا ۽ پنھنجي صحت تي ڌيان
ڏيان ھا. اھو منھنجي زندگيءَ جو سڀ کان مشڪل دور
ھيو. ان وقت مون لکنؤ ۾ مذھبي درس ڏيڻ شروع ڪيو
ھو. ھڪ رات اتي عبادت ڪندي ھڪ عجيب واقعو تونما
ٿيو، جنھن منھنجي زندگيءَ کي بدلائي ڇڏيو. عبادت
دوران ذھن ۾ رڳو خدا پاڪ جو تصور رکندو ھوس. ان
دوران بيماريءَ يا تڪليف جو ذرو بھ احساس ڪونھ
ٿيندو ھو. ان رات عبادت ڪندي مون کي لڳو تھ ڪنھن
چيو پئي تھ ڇا تون پاڻ ان ڪم ڪاڻ راضي آھين، جنھن
ڪاڻ مون توکي ڪوٺايو آھي؟ منھنجو جواب ھو تھ نھ!
منھنجي صحت ڏاڍي خراب ٿي چڪي آھي.
ٻيھر آواز آيو تھ جيڪڏھن تون پنھنجي بيماري منھنجي
سپرد ڪرين ۽ ان جي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏئين تھ مان ان
بيماريءَ مان تنھنجي جند ڇڏائي ڇڏيان.
مون فورا جواب ڏنو تھ ھائو مون کي قبول آھي. پوءِ
مان اندر ۾ اطمينان محسوس ڪيو، جيڪو منھنجي ساري
وجود ۾ پکڙجي ويو. مان بي فڪر ٿي پيس، ڇا لاءِ جو
دنيا ۾ مون کي موڪلڻ واري منھنجي مرضن جو ذمو پاڻ
تي کنيو ھو. ھاڻي مون کي ڪابھ تڪليف يا ڪابھ
پريشاني ٿيڻ جو سوال ئي ڪونھ ھو. مون پاڻ کي ايترو
ھلڪو ڦلڪو محسوس پئي ڪيو جو ھوريان ھوريان پير
ڀريندو ان رات جو گھر پھتس. واٽ جو چپو چپو مقدس
پئي لڳو.
ڪئين ڏينھن تھ محسوس ئي ڪونھ ٿيو تھ منھنجو وجود
جي ڪا وٿ آھي. مون ٻيھر پنھنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪري
ڏنو ۽ رات جو ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ جڏھن ھنڌ تي
ليٽندو ھوس تھ سوچيندو ھوس تھ نيٺ مون کي سمھڻ جي
ڪھڙي ضرورت آھي؟ ڇا لاءِ جو مون کي ذرو بھ ٿڪاوٽ
محسوس ڪانھ پئي ٿئي. منھنجي حفاظت جو ذمو تھ عيسيٰ
(نعوذ بالله) کنيو ھو. ان ڪري آرام نھ ڪرڻ ڪري بھ
منھنجي صحت تي مضر اثر ڪونھ ٿو پئجي سگھي.
ھاڻي منھنجي آڏو اھو سوال آيو تھ مون کي پاڻ سان
پيش ايندڙ واقعو ٻين کي ٻڌائڻ گھرجي يا نھ؟ اھو
سوچيندي ئي ڏڪي ويس. پر فيصلو ڪيم تھ ٻين کي ضرور
ٻڌائيندس ۽ مون سڀني کي ٻڌائي ڇڏيو. ان کان پوءِ
اھو ٻين جو ڪم ھو تھ اھي ان مان فائدو وٺن ٿا يا
نٿا وٺن؟ مان پوءِ بھ پنھنجو ڪم ڪندو رھيس. ڀارت
جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويس، پر منھنجي پراڻي بيماريءَ وري
تنگ ڪونھ ڪيو. منھنجي صحت ريس ڏيندڙ ھئي. لڳو پئي
تھ مون کي نئون بدن، نئون ذھن ۽ نئون روح مليو
آھي. پوءِ تھ مون حياتيءَ جو صحيح مزو ورتو.
ھاڻي مون دنيا ڀر ۾ تبليغ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو
۽ ڪئين ڀيرا روزانو ٽي ٽي ليڪچر ڏيندو رھيس. ان
کان پوءِ بھ مون وٽ ايترو وقت بچندو ھو جو مون
The Christ of the Indian road
۽ ان کان سواءِ يارنھن ٻيا ڪتاب پورا ڪيا ۽ ان
دوران ھڪ بھ مذھبي درس ملتوي ڪونھ ڪيو، نڪي ھڪ
ڀيرو بھ درس واسطي دير سان پھتس. جن پريشانين ھڪ
عرصي کان پريشان رکيو ھو، سي صفا ختم ٿي چڪيون
ھيون. ورنھ ٽيھٺ ورھين جي ڄمار ۾ بھ ڪو شخص ڪنھن
جانٺي جوان جيان زندگيءَ مان لطف وٺندو رھي ۽
انسانيت جي خدمت ڪري پنھنجي عاقبت موچاري ڪندو
رھي.
منھنجو خيال آھي تھ جسماني ۽ دماغي جيڪا تبديلي
مون پنھنجي اندر محسوس ڪئي، ان کي نفسياتي طور
مرحلي وار حاصل ڪري سگھجي ٿو ۽ ان مان لاڀ بھ
پرائي سگھجي ٿو.
مان ھڪڙي رات ڄاڻان ٿو تھ ان رات لکنؤ ۾ عبادت
ڪندي منھنجي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آئي. جڏھن
مايوسين جي اٿاھ گھرائين ۾ ٻڏل ھڪ شخص اھو آواز
ٻڌو تھ ”اگر تون پنھنجي پريشاني منھنجي حوالي
ڪندين تھ مان ان جي خبر گيري ڪندس“ ۽ مون جواب ڏنو
تھ ھائو مون کي قبول آھي.
سڀئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم
ٿي تحقيق سليم سان لاھي غم وھم
تھ قادر ساڻ ڪرم، حاصل ڪري حاج تو
”لطيف“
جڏھن شھر جو لارڊ ميئر منھنجي در تي ھلي آيو
ھو مرڪورائي مون کي پنھنجي ڪھاڻي ھنن لفظن ۾ ٻڌائي
ٿو: ”منھنجي زندگيءَ جو ڪڙي ۾ ڪڙو واقعو
1933ع
۾ پيش آيو. جڏھن ھڪڙي ڏينھن شھر جو شيرف منھنجي
گھر جي مھڙين در تي آيو ۽ مان پونئين دروازي کان
ٻاھر نڪري ويس. منھنجو گھر مون کان کسجي ويو، جاتي
مان ارڙھن سالن کان سڄي آڪھھ سميت رھندو ھوس. ھتي
منھنجا ٻار ڄاوا، مون ڀلجي بھ اھو ڪونھ سوچيو ھو
تھ مون کي اھو چنڊو ڏھاڙو بھ ڏسڻو پوندو. ڇڙا
ٻارھن سال اڳ
1921ع
۾ منھنجي مالي حالت ايتري سٺي ھئي جو مان پاڻ کي
بيحد خوش قسمت ترين ماڻھو سمجھندو ھوس. مون پنھنجي
ناول
West of the Water Tower
کي فلمائڻ لاءِ ان جا حق واسطا
ھالي ووڊ جي ھڪ فلمساز اداري کي وڪرو ڪيا ھئا ۽
مون کي ان جي بدلي ۾ ھالي ووڊ جي تاريخ جو سڀ کان
وڏو معاوضو مليو ھو. مان ڪئين ڀيرا پنھنجي ڪٽنب
سميت سوئيزر لينڊ، انگلينڊ، فرانس ۽ جرمنيءَ گھمڻ
ويو ھوس ۽ اتي ھڪ رئيس وانگر شاھاڻو خرچ ڪيو ھو.
مون پيرس ۾ ڇھھ مھينا گذاريا ۽ ان وچ ۾ مون ”انھن
کي پئرس ڏسڻي پئي“ نالي خوبصورت ناول لکيو. ان تي
ايترو ئي خوبصورت فلم بنايو، جنھن ۾ وليم راجرز ڪم
ڪيو. اھو سندس پھريون فلم ھو. ان کان پوءِ مون کي
ڪيترن ئي فلم سازن پاران سندن فلمن لاءِ ڪھاڻيون
لکڻ بدلي وڏيون ڪشش واريون آڇون ٿيون، جن کي مون
قبول ڪونھ ڪيو ۽ نيويارڪ موٽي آيس. ھتان ئي منھنجي
مشڪلاتن جي ابتدا ٿي.
ھوريان ھوريان مون تي ظاھر ٿيو تھ مون ۾ اڻ کٽ
صلاحيتون لڪل آھن، جن مان مون ڪڏھن بھ لاڀ نھ ورتو
آھي. مون پاڻ کي ھڪ ھوشيار قسم جو واپاري سمجھڻ
شروع ڪيو. ڪنھن ٻڌايو تھ شھر جي لارڊ ميئر جان بيڪ
آسٽر زمين جي ڪاروبار مان لکين ڊالر ڪمايا آھن.
آسٽر رڳو ھڪڙو تارڪ الوطن ھو، جڏھن تھ مان نيويارڪ
جو باشندو آھيان. جيڪڏھن آسٽر اھو ڪم ڪري ٿو سگھي
تھ مان ڇو نٿو ڪري سگھان؟ مان بھ امير ترين ٿي
سگھان ٿو.
مون کي پراپرٽي وٺڻ ۽ وڪڻڻ جي ڪاروبار جو تر جيترو
پتو ڪونھ ھو. ھاڻي ھن ڪاروبار کي شروع ڪرڻ ڪاڻ
ڪافي سرمايو کپندو ھو. ڪجھھ رقم مون وٽ ھئي ۽ باقي
مون گھر گروي رکي ڪري پوري ڪئي ۽ مون شھر جي ھڪ
خوبصورت علائقي ۾ ڪجھھ سٺيون عمارتون خريد ڪيون.
مان ان جائداد کي ان وقت تائين پاڻ وٽ رکڻ پئي
چاھيو، جيستائين ڪھ انھن جي گھڻي وڌيڪ قيمت نٿي
ملي. مون کي اھڙن ماڻھن تي سدائين ترس ايندو ھو،
جيڪي معمولي پگھار تي آفيسن ۾ ڪم ڪندا ھئا.
پر ٿوري ئي عرصي کان پوءِ انھيءَ اوسيئڙي ۾ تھ
جائداد سٺيءَ قيمت تي وڪامندي، منھنجي پنھنجي حالت
ڪمزور ٿيڻ لڳي. مون سمورو سرمايو جائداد وٺڻ ۾
لڳائي ڇڏيو ھو ۽ منھنجي اميد موجب قيمتن ۾ چڱو
خاصو واڌارو بھ نھ آيو ۽ مون کي ٻھ سؤ ويھھ ڊالر
ماھوار بئنڪ کان ورتل رقم جو وياج ڀرڻو پئي پيو.
مون لاءِ اھو سخت مشڪل ترين وقت ھو. مان سخت
پريشان ھوس. مان ھڪ ميگزين ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا،
پر ماڻھن انھن تي چٿرون ڪيون. جيڪي ناول لکيم، اھي
بھ ڪونھ وڪاڻا. مان سخت مالي بحران جو شڪار ھوس.
مون وٽ ھاڻي اوڌر کڻڻ کان سواءِ ڪو رستو ڪونھ ھو،
ڇاڪاڻ تھ گھر جون سڀ شيون وڪڻڻ کان پوءِ ھڪ ٽائيپ
رائٽر ۽ ڏندن ۾ ڀريل سون رھيو ھو. کير واري کير
ڏيڻ بند ڪيو ڇو تھ ڪيترن مھينن جو بل مون ڏي رھتو
ھوس. گيس ڪمپنيءَ گيس جي رسد روڪي ڇڏي ۽ مون گھر ۾
ماني بچائڻ لاءِ ھڪ پراڻو اسٽوو ورتو.
ٿورن ڏينھن کان پوءِ اھو بھ وڪڻڻو پيو. ھاڻي رڳو
ڪوئلي واري سگري بچي ھئي، جنھن لاءِ ٽيجر مارڪيٽ
مان رات جو دڪانن جي ٻاھران پيل ڪاٺيون ميڙي ايندو
ھوس. مون امير ترين بنجڻ جي ڪوشس ڪئي ھئي. ايڏو
پريشان رھندو ھوس جو رات جو ننڊ ڪانھ ايندي ھئي.
ڪلاڪن جا ڪلاڪ گھمندو ھوس تھ جيئن ٿڪجي پوان ۽ ننڊ
اچي وڃي.
منھنجي ملڪيت، جيڪا مون وڏن ارمانن مان ورتي ھئي،
اوڻي پوڻي وڪڻڻي پئي. تڏھن بھ بئنڪ جو قرض ڪونھ
لٿو، جنھن تي بئنڪ منھنجو گھر وڪڻڻ جو حڪم ٻڌايو ۽
مان پنھنجي گھر مان پنھنجي ڪٽنب سميت ڪڍيو ويس.
ڪنھن نھ ڪنھن طرح ڪجھھ رقم گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي
ويس، جنھن مان مون ھڪ ننڍڙو فليٽ خريد ڪيو. اسان
1933ع
جي آخري ڏينھن ۾ ان ۾ رھڻ لڳاسون. مان ھڪ ڪمري ۾
پنھنجي صندوق تي ويھي ھيڏانھن ھوڏانھن جائزو ورتو
۽ پنھنجي ذھن ۾ امڙ جي ٻڌايل ھڪ نصيحت ياد اچي وئي
تھ: ”گذريءَ تي پڇتائڻ ڇا جو؟“
پر ھي اھو دور ڪونھ ھو. ھيءَ ڪا پوک پلاھ ڪانھ
ھئي. ان ۾ منھنجا جذبا شامل ھئا. ڪجھھ دير صندوق
تي ويٺو رھيس ۽ پاڻ کي چيم تھ امير ترين بڻجڻ جي
ڪوشش ڪئي ھئي، پر مسڪين ترين بنجي ويس. ان کان
وڌيڪ ڪنگال ڪونھ ٿيندس، پر ان کان بھتر ٿي سگھان
ٿو.
مون انھن ڳالھين بابت سوچڻ شروع ڪيو، جيڪي مون کان
کسجي ڪونھ پئي سگھيون. مون وٽ سٺي صحت ھئي، منھنجا
ڪجھھ سٺا دوست ھئا، مان نئين سري سان زندگي شروع
ڪري پئي سگھيس ۽ مون نئين سري سان زندگي شروع ڪرڻ
جو فيصلو ڪري ورتو. مون فيصلو ڪيو تھ گذريءَ تي
ڪونھ روئبو. روزانو اھي لفظ ورجائيندس تھ گذريءَ
تي پڇتائڻ ڇا جو؟
مان پريشان ٿيڻ تي جيڪا توانائي کپائيندو ھوس،
ھاڻي اھا ئي سگھھ پنھنجي ڪم ۾ ڪتب آڻڻ لڳس. ھوريان
ھوريان مالي حالتون سڌرڻ لڳيون. اڄ مان ان اذيت جو
بيحد ٿورائتو آھيان. مون کي اذيت ۽ مشڪل جا اھي
ڏينھن ياد اھن، جن کي ڏسڻ سان مون کي صبر مليو،
سگھھ ملي ۽ اعتماد حاصل ٿيو. مون کي پتو پيو تھ
پاتال ۾ پوڻ ڇا کي چئبو آھي؟ پر ان ۾ دل شڪستو ٿي
آپگھات ڏي مائل ڪونھ ٿبو آھي. مون تجربن مان سکيو
تھ اسان توقعات کان وڌيڪ گھڻو وڌيڪ مشڪلبن سان
منھن مقابل ٿي سگھون ٿا. اڄ جڏھن مون کي ننڍيون
ننڍيون پريشانيون پريشان ڪنديون آھن تھ فورا ئي
ماضيءَ جيان مشڪلن سان مقابلو ڪري انھن کان
ڇوٽڪارو وٺندو آھيان.
ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪھڙو اصول آھي، جنھن تي عمل ڪرڻ
گھرجي؟ ٻوريءَ تي ڪڏھن بھ آرو ڪونھ ھلائڻ گھرجي.
اڻٽر کي قبوليو ۽ ياد رکو تھ جيڪڏھن اوھان ھيٺ ڪري
سگھو ٿا تھ اٿي مٿي بھ چڙھي سگھو ٿا.
سخت ترين دشمن منھنجي پريشاني، جنھن سان جنگ جوٽيم
باڪسنگ جي ھڪ مشھور عالمي چيمپئن جيڪ ڊيمنري مون
کي پنھنجي ڪھاڻي ھيٺين لفظن ۾ ٻڌائي تھ:
”مون پنھنجي باڪسنگ واري ڪيريئر دوران رنگ ۾ عالمي
اھميت جي وڏن وڏن باڪسرن سان مقابلو ڪيو ۽ سکيو تھ
ھيوي ويٽ باڪسرن سان مقابلو ڪرڻ گھڻو مشڪل ڪونھي.
پر پريشانيءَ سان مقابلو ڪرڻ سخت ڪٺن آھي. مون
فيصلو ڪيو تھ مون کي ھاڻي پريشانيءَ سان لڙائي
لڙڻي آھي، نھ تھ پريشاني منھنجي صلاحيتن ۽ طاقت کي
اڏوھي جيان چٽي کائي ويندي. ان لاءِ آھستي آھستي
مون پنھنجي لاءِ ھڪ حڪمت عملي جوڙي. ھتي مان اوھان
کي ٻڌايان ٿو تھ مون پنھنجي پريشانيءَ تي ڪھڙيءَ
طرح قابو پاتو؟
1-
رنگ ۾ پنھنجي حريف باڪسر سان وڙھندي ان تي سدائين
پنھنجي طاقت جو رعب ڄمائيندو ھوس. کيس چوندو ھوس
تھ توکي منھنجي طاقت ھٿان شڪست کائڻ کان ڪوبھ روڪي
ڪونھ ٿو سگھي. تون ڪنھن بھ طرح مون کي پنھنجي مڪن
سان زخمي نٿو ڪري سگھين. منھنجا زبردست مڪا تنھنجو
ٿوٻڙو بگاڙي رکندا ۽ پنھنجو ٻوٿ ڏسي پيو روئندين.
اھڙيون ڳالھيون ڪري مان ٻھ فائدا وٺندو ھوس: ھڪ تھ
منھنجو پنھنجي طاقت مٿان اعتماد بحال رھندو ھو،
ٻيو تھ منھنجي مخالف جو اعتماد زائل ٿي ويندو ھو.
ان سان منھنجو ذھن ايترو مصروف رھندو ھو جو مون کي
پاڻ تي وسندڙ مڪن جي شدت جو اندازو ئي ڪونھ ٿيندو
ھو. منھنجي باڪسنگ ڪيريئر ۾ ڪيترا ئي ڀيرا مخالف
جي مڪن سان منھنجا چپ ڪپجي پيا، اکين تي زخم آيا،
پاسيرين تي شديد ضربون لڳيون. ھڪ مقابلي ۾ تھ
فريپوءَ مون کي رنگ مان کڻي ٻاھر اڇلائي ڇڏيو ۽
مان رنگ کان ٻاھر ھڪ رپورٽر جي ٽائيپ رائيٽر مٿان
وڃي ڪريس جيڪو ٽٽي پيو. ان ھوندي بھ مون کي
فريپوءَ جي مڪن جو احساس ئي ڪونھ ٿيندو ھو. منھنجي
پاڪنگ ڪيريئر ۾ رڳو ھڪڙو مڪو اھڙو ھو، جيڪو اڃا
ياد آھي. ان جي شدت اڄ بھ محسوس ڪندو آھيان.
منھنجو مقابلو ليٽر جانسن سان ھو، جيڪو ھڪ طاقتور
باڪسر ھو. ان سان مقابلو شروع ٿيندي ئي مون پنھنجي
خاص انداز ۾ ساڳيا روايتي قسم جا جملا ورجائڻ شروع
ڪيا، جيڪي مقابلو ڪندي رنگ ۾ دھرائيندو ھوس.
چوٿئين رائونڊ ۾ جانسن ھڪ زبردست مڪو منھنجي کاٻي
طرف پاسيرين تي ڄمائي ڇڏيو، جنھن ڪري منھنجيون ٽي
پاسراٽيون ڀڄي پيون. ان سان زخمي تھ ڪونھ ٿيس، پر
منھنجو ساھ متاثر ٿيو. مان پوريءَ ايمانداريءَ سان
چوان ٿو تھ ان کان وڌيڪ طاقت وارو مڪو مون سموري
ڪيريئر ۾ برداشت ڪونھ ڪيو ھو.
2-
ھڪ ٻي ڳالھھ جيڪا مان رنگ ۾ ڪندو ھوس تھ مان پاڻ
کي پريشانين جي فضول پڻي کان آگاھ ڪندو رھندو ھوس.
منھنجيون اڪثر پريشانيون ڪنھن وڏي مقابلي لاءِ
تيارين ڪندي شروع ٿينديون ھيون ۽ اڪثر ڪري ھنڌ تي
ليٽي پوندو ھوس. سمھڻ جي ڪوشش ڪندي پاسا ورائيندو
ھوس ۽ مون کي ننڊ ڪانھ ايندي ھئي. مون کي اھا ئي
پريشاني ھوندي ھئي تھ ٿي سگھي ٿو تھ پھرين ئي
رائونڊ ۾ اک زخمي ٿئي، ھٿ ڀڄي پئي ۽ منھنجي پير ۾
موڙو پئجي وڃي ۽ مان پنھنجي مخالف باڪسر تي مڪا
وسائي نھ سگھان!
جڏھن بھ اھڙي حالت ٿيندي ھئم تھ ھنڌ تان اٿي آئيني
۾ ڏسڻ لڳندو ھوس. پاڻ سان ڳالھائڻ شروع ڪندو ھوس
تھ تون ڪيڏو نھ بيوقوف آھين جو ان ڳالھھ تي پريشان
ٿو ٿئين، جيڪا اڃا ڪانھ ٿي آھي ۽ شايد ٿي بھ ڪونھ
سگھي. زندگي ڏاڍي ٿوري آھي. مون کي ڪجھھ ورھيھ
وڌيڪ جيئڻو آھي، ان ڪري زندگيءَ جو مزو وٺڻ گھرجي.
مان پاڻ سان ڳالھائيندو ھوس تھ منھنجي صحت کان
وڌيڪ ڪنھن شيءِ جي ڪا اھميت ڪانھي. منھنجي صحت کان
وڌيڪ ڪنھن شيءِ جي ڪا اھميت ڪانھي.
پاڻ کي اھو بانور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس تھ ننڊ
نھ ڪرڻ ۽ پريشان رھڻ سان منھنجي صحت متاثر ٿيندي.
مون ڏٺو تھ انھن ڳالھين کي وري وري ورجائڻ سان نيٺ
مان ھفتن يا مھينن ۾ انھن تي قابو پائڻ ۾ سڦلو
ٿيندو ھوس.
3-
ٽئين بھترين ڳالھھ جيڪا مون ڪئي، اھا عبادت ھئي.
مون باقاعدي عبادت ڪرڻ شروع ڪئي. جڏھن بھ ڪنھن
مقابلي جي تياري ڪندو ھوس تھ رنگ ۾ لھڻ کان اڳ دعا
ضرور گھرندو ھوس ۽ پوءِ ھر ھڪ رائونڊ کان پوءِ
بيھر گھنٽي وڄڻ تائين دعائون گھرندو رھندو ھوس. ان
مان مون کي اعتماد ۽ جرئت سان گڏ وڙھڻ ۾ مدد ملندي
ھئي. انھيءَ کان پوءِ مان ڪڏھن بھ عبادت ڪرڻ کان
سواءِ ننڊ ڪونھ ڪندو ھوس. مون پنھنجي زندگيءَ ۾
ڪوبھ اھڙو کاڌو ڪونھ کاڌو آھي، جنھن کان اڳ ۾ رب
پاڪ جو شڪر نھ ڪندو ھجان. ڇا منھنجي انھن عبادتن
مان مون کي ڪو فائدو پھتو؟ تھ منھنجو جواب اھو آھي
تھ منھنجي عبادت ڪرڻ مون کي ھزارين وار فائدو
رسايو.
مون رب پاڪ کان دعا گھري تھ: ”مون کي يتيم خاني
کان پري رکي“
ڪيٿرائن برائون پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائيندي چئي ٿي تھ:
”ھڪ ٻار جي حيثيت ۾ ڏاڍي خوفزده رھندي ھئس. امڙ کي
دل جي تڪليف ھئي ۽ کيس اڪثر ڪري دورا پوندا ھئا ۽
ڌرتيءَ تي ڪري پوندي ھئي. اسان سمورن کي الڪو
ھوندو ھو تھ متان گذاري نھ وڃي ۽ مون کي پڪ ھئي تھ
تمام ننڍڙيون ٻارڙيون، جن جون مائون مري وينديون
آھن، انھن کي ميسوريءَ جي يتيم خاني اماڻيو ويندو
آھي. مون کي اوڏانھن وڃڻ جي احساس کان ئي خوف
ٿيندو ھو ۽ جڏھن منھنجي عمر ڇھھ ورھيھ ٿي تھ
لڳاتار ڌڻيءَ کان اھا دعا گھرندي ھئس تھ: ”امڙ کي
ان وقت تائين جيئرو رک، جيستائين مان وڏي نھ ٿي
وڃان. ڇو تھ وڏي ڄمار وارن ٻارن کي يتيم خاني ڪونھ
موڪليو ويندو آھي.“
ويھن ورھين ۾ منھنجي ڀاءُ ٽيڊ ڊليڪٽر کي ڳوڙھو
نڪتو. ايڏو سور ٿيندو ھوس جو اٿي ويھي ڪونھ سگھندو
ھو تھ ھٿ منھن ڌوئي يا کائي پي سگھو. پاسو ورائڻ ۾
بھ تڪليف ٿيندي ھئس. سندس سور گھٽائڻ ڪاڻ مان ٽن
ٽن ڪلاڪن کان پوءِ دوا ڏيندي ھئي مانس. ٻن سالن
تائين اھو ڪم ڪندي رھيس. انھن ڏينھن ۾ مان
ميسوريءَ جي ھڪ ڪاليج ۾ موسيقيءَ جي تعليم ڏيندي
ھئس. جڏھن ڪاليج ويندي ھئس تھ سندس تڪليف وڌي
ويندي ھئي تھ منھنجا پاڙيسري ٽيليفون ڪري ٻڌائيندا
ھئا ۽ مان جلدي موٽي اچي کيس دوا پيئاريندي ھئس.
رات جو جڏھن سمھندي ھئس تھ گھڙيءَ جو الارم ٽن
ڪلاڪن تي لڳائيندي ھئس تھ پوري وقت تي ڀاءُ کي دوا
ڏيان. چڱيءَ طرح ياد اٿم تھ سياري جي راتين ۾ بوتل
۾ کير وجھي دريءَ ۾ رکندي ھئس ۽ اھا صبح تائين ڄمي
آئسڪريم ٿي ويندي ھئي تھ وڏي چس چاھ سان کائيندي
ھئس. ھاڻي مون کي الارم جي آواز جو ڀاءُ جي کير
سان گڏ آئس ڪريم کائڻ ڪاڻ بھ انتظار رھندو ھو، پر
ٻن سالن کان پوءِ گذاري ويو.
ڀاءُ جو موت مون لاءِ ھڪ دکدائڪ صدمو ھيو. مان کيس
ٽن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ دوا پيئارڻ تي ھري وئي ھئس
جو سندس وفات کان ڪيترا ھفتا پوءِ بھ کيس دوا
پيئارڻ ڪاڻ سندس ڪمري ۾ ھلي ويندي ھئس. مون لاءِ
وقت ڪاٽڻ ڏکيو ٿي پيو ھو. مان پريشان رھڻ لڳس. مون
گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ پنھنجي مشڪلن ۽ پريشانين
جو حل ڳولھي لڌو. مون ٻھ ڪم ڪيا: ھڪ تھ ڏينھن جا
چوڏھن ڪلاڪ ڪاليج ۾ موسيقي سيکارڻ ۾ گذارڻ لڳس. ان
طرح مون وٽ پريشانين ۽ مشڪلاتن تي ڪڙھڻ ڪاڻ تمام
ٿورو وقت بچندو ھو. ٻيو ڪم اھو ڪيم جو جڏھن بھ مون
کي پنھنجي زندگيءَ تي ڏک ٿيندو ھو تھ پاڻ سان
ڳالھائيندي ھئس ۽ چوندي ھئس تھ: ”ٻڌ! جيسين ھلي ٿي
سگھين، ھلندي رھ. پنھنجي گذران ڪاڻ ڪمائين ٿي ۽
ڪنھن بھ قسم جي جسماني تڪليف کان آجي آھين. ان وقت
تائين توکي دنيا جو سڀاڳو انسان ھئڻ گھرجي. ٿيڻي
تھ ٿي چڇڪي، ان جي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏي.“
مون پاڻ مرادو اھڙن ڪمن ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو، جن
سان خوش خرم رھان ۽ تازي تواني لڳان. سڀني سان رلي
ملي وڃان. روز صبح جو اٿي رب ڪريم جو شڪر ڪندي ھئس
جو ان مون کي ايتري سگھھ عطا ڪئي آھي جو ھنڌ تان
اٿي ھٿ منھن ڌوئي، نيرن ڪري سگھان ٿي. مون نيٺ
فيصلو ڪيو تھ واھڻ جي سڀني کان وڌيڪ خوش ڇوڪري
لڳنديس. ڪا ڳالھھ ڪانھي، جيڪڏھن شھر جي سڀ کان
وڌيڪ خوش ڇوڪري ڪانھ ٿيس. تڏھن بھ پنھنجي علائقي
جي خوش ڇوڪري بنجڻ ۾ ڪامياب آھيان.
ميسوريءَ جي ميوزڪ ٽيچر پنھنجي پريشانين کان
ڇوٽڪاري ڪاڻ ٻھ ڪم ڪيا: ھڪ تھ ھن پاڻ کي ڪم ۾ رڌل
رکيو ۽ ٻيو تھ ھن پاڻ کي مڃايو تھ اھا پنھنجي شھر
جي سڀني کان وڌيڪ خوش ڇوڪري بنجي سگھي ٿي. پاڻ بھ
اھي ئي اصول پنھنجا بنائي، پنھنجيون پريشانيون
پاڻا پري ڪري سگھون ٿا.
مون پنھنجي زال کي ٿانو ڌوئيندو ڏسي پريشان ٿيڻ
ڇڏي ڏنو
ڊيوڊ وليم پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائيندي چيو تھ: ڪجھھ
ورھيھ اڳ مون مون کي پيٽ ۾ سخت سور پوندو ھو. مان
رات جو ٻھ ٽي ڀيرا ننڊ مان اٿندو ھوس ۽ پوءِ سخت
سور سببان سمھي ڪونھ سگھندو ھوس. بابي جي وفات
ڪينسر ڪري ٿي ھئي ۽ مان ڀؤ ڪندو ھوس تھ مون کي
معدي جو ڪينسر آھي يا السر جي شڪايت آھي. مان ھڪ
ڪلينڪ ۾ تپاس لاءِ ويس. معدي جي مشھور ڊاڪٽر
منھنجو معائنو ڪيو ۽ معدي جا ڪجھھ ايڪسرا ڪڍيا. ھن
مون کي کائڻ لاءِ دوا ڏني ۽ يقين ڏياريو تھ مون کي
نڪو ڪينسر نڪو السر آھي. منھنجي سور جو سبب جذباتي
الجھن سان آھي. مان شديد دٻاءَ ۾ ڪم ڪندو ھوس. ھر
آچر تي چرچ ۾ مآڻھن کان دعائون گھرائيندو ھوس.
پنھنجي شھر جي ريڊ ڪراس سوسائٽيءَ جو صدر بھ ھوس.
ان کان سواءِ ٻيون بھ انيڪ سرگرميون ھونديون ھئم،
جن سببان آڌي رات تائين رڌل رھندو ھوس ۽ آرام ڪرڻ
ڪاڻ قدري گھٽ وقت ملندو ھوم. مان ھر وقت اڻتڻ ۽ ڇڪ
جو شڪار رھندو ھوس. اھڙي ھنڌ پڳو ھوس جو ھر ڳالھھ
تي فڪرمند رھندو ھوس. ھڪ لڳاتار دٻاءَ ۾ زندگي
ڪاٽيندو ھوس. مون ڊاڪٽر جي صلاح تي عمل ڪيو ۽
پنھنجي ذميوارين کي گھٽائڻ شروع ڪيم.
ھڪ ڏينھن مون کي پنھنجي ميز صاف ڪندي خيال آيو،
جيڪو پوءِ ڏاڍو مددگار ثابت ٿيو. مون ڪجھھ ڪاغذ
اٿلايا پٿلايا پئي، جن جي ھاڻي اھميت ڪونھ رھي
ھئي. مون سمورن ڪاغذن کي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾
اڇلائي ڇڏيو. اوچتو رڪجي ويس ۽ پاڻ کي چيم تھ:
”ڊيوڊ! تون پنھنجيون پريشانيون بھ ائين اڇلائي ڇو
نٿو ڇڏين؟“ ان خيال مون تي تڪڙو اثر ڪيو ۽ مون
محسوس ڪيو تھ ڄڻ ڪلھن تان بار ئي لھي ويو. اھو
ڏينھن، اڄوڪو ڏينھن، منھنجو اصول آھي تھ ڪنھن
پريشاني کي اوڏو اچڻ ڪونھ ڏيندو آھيان.
ان کان پوءِ زال کي ٿانو ماڃيندو ڏسي ھڪ ٻيو خيال
آيو. منھنجي زال ٿانو ڌوئيندي ڪجھھ جھونگاريندي
پئي رھي. مون پاڻ کي چيو تھ: ”ڊيوڊ! تنھنجي زال
ڪيتري نھ خوش آھي. ارڙھن سال اڳ اسان جي شادي ٿي
ھئي ۽ تڏھن کان ائين ٿانو مليندي پئي اچي جو سندس
منھن ۾ گھنج بھ ڪونھ ٿو پئي ۽ سڄو ڪم کل خوشيءَ
سان پئي ڪري.“
مون پاڻ کي چيو تھ منھنجي زال ٿانو ڌائيندي رنج
ڪونھ ٿيندي آھي، جو کيس ھڪ وقت رڳو ھڪ ڏينھن جا
ٿانو ڌوئيندي آھي. مون پنھنجي مسئلي جو جائزو
ورتو. اڄوڪا ٿانو، ڪالھوڪا ٿانو، تان جو اھي ٿانو
بھ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان، جيڪي ميرا بھ ڪونھن.
مون سوچيو تھ مان ڪيترو بيوقوف آھيان. مون ھڪ آچر
جي صبح جو گرجا ۾ دعا گھرڻ کان اڳ ۾ ماڻھن کي
ٻڌايو تھ ڪيئن ھڪ پرسڪون زندگي گذارڻ کپي ۽ ان جي
ابتڙ منھنجي پنھنجي زندگي بي اطميناني، پريشاني ۽
تڪڙ واري ھئي. اھو خيال ايندي ئي مون کي ڦڪائي
لڳي. ھاڻي مون کي فڪرات پريشان ڪونھ ڪندا آھن.
معدي ۾ سور بھ ڪونھي. ھاڻي مان ڪالھوڪن پريشانين
کي جھٽڪي ڇڏيو آھي ۽ سڀاڻي ڌوپڻ وارا ٿانو بھ اڄ
ئي ڌوئيندو آھيان.
ياد رک تھ ڪالھوڪو ۽ سڀاڻڪو ٻوجھھ گڏ ڪيو وڃي ۽ ان
ٻوجھھ کي اڄوڪي ٻوجھھ سان گڏي کڻڻ جي ڪوشش ڪجي تھ
بيحد طاقتور ماڻھو بھ ناڪام ٿيندو آھي، ان ڪري
ائين ڪرڻ جي ڪوشش ئي ڇو ڪجي؟
مون جواب ڳولھي لڌو
ڊيل ھيوز
1943ع
۾ ھڪڙي ڀيري نيو ميڪسيڪو جي ھڪ اسپتال ۾ داخل ٿيو.
اھو پنھنجي ڪھاڻي بيان ڪري ٿو: منھنجيون ٽي
پاسريون ڀڄي پيون ھيون ۽ ھڪ ڦڦڙ ۾ بھ خرابي ھئي.
اھو ان وقت ٿيو، جڏھن مون ھوائي ٻيٽ تي پاڻيءَ مان
ٽپو ڏئي ھڻ جي ڪوشس ۾ واريءَ تي ڪري پيس. ايڏو زور
سان ھيٺ ڪريس جو ھڪ پاسري ڀڄي ڦڦڙ ۾ گھري وئي ھئي.
ٽي مھينا اسپتال ۾ گذارڻ کان پوءِ مون کي پنھنجي
زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو صدمو سھڻو پيو. جڏھن ڊاڪٽرن
ٻڌايو تھ منھنجي صحت ۾ بھتريءَ جا آثار بلڪل
ڪونھن. ٿوري دير ڳنڀيرتا مان سوچڻ کان پوءِ مون
اھو نتيجو ڪڍيو تھ بيماري بابت منھنجي پريشاني ئي
منھنجي صحت ۾ وڏي رنڊڪ آھي. مون ڏاڍي سرگرم زندگي
گذاري آھي، جنھن جو عادي بنجي چڪو آھيان ۽ ھنن ٽن
مھينن ۾ چوويھھ ئي ڪلاڪ سڌو سنئون بستري تي پيو
ھوندو آھيان ۽ مون کي سوچڻ کان سواءِ ڪو ڪم ڪونھي.
جيترو سوچيان ٿو، اوترو پريشان ٿيان ٿو. مان اھو
سوچي پريشان آھيان تھ ھڪ ڀيرو ٻيھر سرگرم زندگي
گذاري سگھندس؟ مان سوچيندو ھوس تھ ڪيئن ھڪ مفلوج
ماڻھوءَ جي زندگي گذاري سگھندس؟ يا وري ڪڏھن شادي
لائق ٿيندس؟
مون پنھنجي ڊاڪٽر کي چيو تھ مون کي ٻئي وارڊ ۾
موڪليو وڃي، ڇا لاءِ تھ اتي جا مريض ڪجھھ نھ ڪجھھ
ڪرڻ ۾ مصروف رھندا آھن. ڊاڪٽر منھنجي ڳالھھ مڃي ۽
ٻئي ڏينھن ئي منھنجي خواھش موجب ھڪڙي ٻئي وارڊ
ڏانھن موڪلي ڇڏيو. نئين وارڊ ۾ اچي مون برج سکڻ
شروع ڪئي. مون صرف ڇھن ھفتن ۾ برج کيڏڻ سکي ورتي ۽
ان کان پوءِ تقريبًا ھر شام وارڊ جي بين مريضن سان
برج کيڏڻ ۽ اڪثر ڪئين بازيون کٽي ويندو ھوس. برج
کيڏڻ جو اھو سلسلو منھنجي اسپتال ۾ ھجڻ تائين جاري
رھيو. مون آئل پئڪنگ ۾ بھ دلچسپي وٺڻ شروع ڪي ۽
روزانو ٽين کان پنجين تائين ھڪ انسٽرڪٽر کان آرٽ
بابت سکيا وٺندو ھوس. ان کان پوءِ تصويرون ٺاھڻ
شروع ڪيم ۽ ان مان ڪجھھ پسند بھ ڪيون ويون.
اسپتال ۾ رھندي مون پاڻ کي ايترو مصروف رکيو جو
مون کي پنھنجي صحت بابت ڪائي پريشاني ڪانھ ھوندي
ھئي. ٽن مھينن کان پوءِ منھنجي وارڊ جو سمورو عملو
مون وٽ آيو ۽ مون کي حيرت انگريز نموني ۾ صحت ياب
ٿيڻ تي مبارڪون ڏنائون. اھي منھنجي ھاڻي تائين
سموري زندگيءَ جا وڌ ۾ وڌ سٺا لفظ ھئا، جيڪي مون
ٻڌا ۽ خوشيءَ مان شور ڪرڻ لڳس.
ھتي اوھان کي ھڪ ڀيرو وري ٻڌائڻ چاھيان ٿو تھ جڏھن
مان بلڪل ڪجھھ ڪونھ ڪندو ھوس ۽ سنئون نئون ھنڌ تي
پيو ھوندو ھوس تھ منھنجي صحت ۾ سڌاري جا آٿار بلڪل
ڪونھ ھئا. پريشانين ۽ فڪرن مان منھنجي صحت کي
نقصان پئي رسيو. تانجو ٽٽل پاسريون بھ درست ڪونھ
پئي ٿيون. پر جيئن ئي پنھنجو ذھن ٻين مشغلن ۾
لڳايم تھ حيرت انگريز نموني ۾ منھنجي صحت سڌري
درست ٿيندي وئي.
ھاڻي رواجي طرح سحت مند زندگي پيو گذاريان ۽
منھنجا ڦڦڙ بھ اوھان جن جيان درست آھن.
جارج برناڊ شا جي لفظن ۾ ياد رکو تھ: ڏک ۽ تڪليف
جو راز اھو آھي جو اسان ان جي باري ۾ پريشان رھون
ٿا تھ اسان خوش اھيون يا نھ؟ پاڻ کي سرگرميءَ سان
مصروف رکو.
وقت ھر شيءِ جو مداوو آھي
جيف ٿامسن نالي ھڪ شخص مون کي ٻڌايو تھ: پريشانيءَ
منھنجي عمر جا ڏھ سال گھٽائي ڇڏيا. اھي ئي ڏھ سال
ڪنھن نوجوان جي ڄمار جا سڀني کان وڌيڪ پرلطف ۽
دلچسپ ھوندا آھن. مان ارڙھن کان اٺاويھن سالن جي
وچ جو ذڪر پيو ڪريان.
اڄ محسوس پيو ڪيان تھ انھن ڏھن ورھين کي ضايع ڪرڻ
جو ذميوار ڪو ٻيو نھ، پر مان پاڻ ئي آھيان.
مان پنھنجي ملازمت، صحت، خاندان ۽ ڪمتري جي اھساس
سميت ھر شيءِ بابت پريشان رھندو ھوس. مان ايترو
خوفزده ھوندو ھوس جو گھٽيءَ مان گذرندي اڪثر
منھنجي اھا ڪوشش ھوندي ھئي تھ ڪوئي ڄاڻو سڃاڻو ملي
نھ وڃي، ڇو تھ مان ملڻ وارن کان ڪترائيندو ھوس.
گھٽيءَ مان گذرندي اھو ظاھر ڪندو ھوس تھ ڄڻڪ مون
ڏٺو ئي ڪونھي.
مان اجنبي ماڻھن سان ملڻ کان بھ ڊجندو ھوس. اوھان
منھنجي ڊپ جو اندازو ان ڳالھھ مان لڳائي سگھو ٿا
تھ رڳو ٻن ھفتن ۾ مون کي اھا جاءِ ۽ نوڪري ڇڏڻي
پئي، ڇو تھ اتي مون لاءِ سڀ ڌاريا ھئا ۽ انھن کان
مون کي ڀؤ ڪونھ ٿيندو ھو. مون ۾ انھن سان منھن ڏيڻ
جو، اکيون ملائڻ جو حوصلو ڪونھ ھو، ھمت ڪانھ ھئي.
اٺ سال اڳ ھڪ منجھند جو مون پنھنجين پريشانين تي
قابو پاتو ۽ ان وقت کان ھن وقت تائين ورلي ئي ڪڏھن
پريشان ٿيو ھجان. ان منجھند جو مون ھڪ اھڙي دفتر ۾
ڪم پئي ڪيو، جنھن جو مالڪ پاڻ مون وانگر، بلڪھ مون
کان بھ وڌيڪ پريشانين ۾ مبتلا ھيو. پر ان ھوندي بھ
ھو ھڪ زنده دل ۽ کل مک ماڻھو ھو. مان پنھنجي
زندگيءَ ۾ اھڙن ٿورن ئي ماڻھن سان مليو ھوس. |