ھڪ ڏينھن ڪاليج ۾ ويٺي پنھنجي مشڪلن تي پريشان پئي
ٿيس. مون انھن مشڪلن کي ھڪ ھڪ ڪري لکڻ جو فيصلو
ڪيو. لڳو پئي تھ ڪو بھ ڪڏھن بھ ان قسم جي مشڪلن ۾
مبتلا ڪونھ ٿيو ھوندو. مون انھن مشڪلن جو مردانھ
وار مقابلو ڪرڻ پئي چاھيو، پر ائين پئي لڳو تھ اھي
مشڪلون حل ڪونھ ٿي سگھنديون. آئون انھن کي حل ڪرڻ
ڪاڻ ڪجھھ ڪونھ ڪري سگھيس، تنھن ڪري مون ٽائيپ ٿيل
مشڪلن کي ھڪ فائيل ۾ رکي ڇڏيو. اھو بھ وساري ڇڏيو
تھ مون پنھنجيون مشڪلون ھڪ ڪاغذ تي ٽائيپ ڪري
فائيل ۾ لڳايون ھيون. ڏيڍ سال کان پوءِ مون پراڻا
فائيل پئي ڏٺا تھ اھو فائيل بھ نظر کان گذريو،
جنھن تي مون پنھنجيون ڇھھ وڏيون مشڪلون لکيون
ھيون. مون اھي ڏاڍي دلچسپيءَ سان پڙھيون. نيٺ ڇو
نھ پڙھان ھا؟ ڏيڍ سال اڳ ۾ انھن مشڪلن مون کي ايڏو
پريشان ڪيو ھو جو منھنجي صحت بلڪل تباھ ٿي وئي
ھئي. پر انھن مشڪلن کي پڙھڻ کان پوءِ مون کي محسوس
ٿيو تھ ھروڀرون انھن جي باري ۾ پريشان ٿيو ھوس.
انھن مان ڪابھ مشڪل مون کي درپيش ڪانھ ھئي. مون
رڳو انھن ايندڙ مشڪلن کي دل ۽ دماغ ۾ جاءِ ڏئي نھ
رڳو پاڻ پريشان ٿيس، پر پنھنجي صحت بھ وڃايم.
ھتي اوھان کي ٻڌائيندو ھلان تھ انھن مشڪلن جن بابت
انومان ھيو تھ پيش اچڻ واريون آھن، تن جو ڇا ٿيو؟
1.
ڪاليج بند ٿيڻ بابت منھنجيون سموريون پريشانيون
اجايون ھيون، ڇاڪاڻ تھ حڪومت رٽائرڊ ماڻھن لاءِ
فوجي تربيت لازم ڪئي ھئي ۽ منھنجي ڪاليج ۾ ان جو
انتظام موجود ھيو. تنھن ڪري جلد ئي منھنجي ڪاليج
انھن ماڻھن سان ڀرجڻ لڳي ۽ منھنجي آمدنيءَ ۾
واڌارو ٿي ويو ۽ منھنجيون سموريون مالي مشڪلاتون
ختم ٿي ويون.
2.
منھنجو وڏو پٽ جيڪو محاذ تي ھو ۽ جنھن جي باري ۾
دل ڪڙھندي ھئي تھ خدا نھ ڪري جنگ ۾ ڪم اچي نھ وڃي،
اھو ٿورن مھينن کان پوءِ موٽي آيو ۽ کيس نھنڊ بھ
ڪانھ آئي ھئي ۽ ان باري ۾ تھ منھنجا سمورا انومان
غلط ھئا.
3.
حڪومت ھوائي اڏي جو منصوبو ترڪ ڪري ڇڏيو، ڇو تھ
جنھن جاءِ تي حڪومت اڏو ٺاھڻ پئي چاھيو، اتي
منھنجي فارم کان ھڪ ميل جي مفاصلي تي تيل نڪري
آيو. اھڙيءَ طرح مون کي گھر ۽ ٻنيءَ کسجڻ جو جيڪو
وسوسو ھيو، اھو بھ لھي ويو.
4.
جڏھن گھر ۽ ٻني کسجڻ جو خطرو لٿو تھ مون پنھنجي
ٻنيءَ وارو کوھ اڃا اونھو ڪرائي ڇڏيو ۽ انھيءَ طرح
ڍورن جي پاڻيءَ جو مسئلو بھ حل ٿي ويو.
5.
پنھنجن جن پراڻن ٽائرن بابت پريشان ھوس تھ اھي
ڦاٽي پيا تھ ڏھ ميل پري ڪاليج ڪيئن ويندس؟ تھ مون
گاڏي احتياط سان ھلائڻ شروع ڪئي ۽ خراب سڙڪ تي ڪار
کي ڏاڍو آھستي ھلائيندو ھوس تھ انھيءَ طرح اھي
ٽائر گھڻي وقت تائين ھلندا رھيا.
6.
منھنجي ڌيءُ جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا بابت بھ
منھنجا خدشا ڪوڙا نڪتا، ڇاڪاڻ تھ جيئن ئي مون کي
خبر پئي تھ منھنجو گھر ڪونھ وڪامندو تھ منھنجي ھڪ
پريشاني دور ٿي وئي ۽ پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا
کان رڳو ٻھ مھينا اڳ مون کي پارٽ ٽائم نوڪري ملي
وئي ۽ ان سان ان لائق ٿي ويس جو پنھنجي ڌيءَ جي
يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ڪرايان.
مون گھڻن ماڻھن کي چوندي ٻڌو ھو تھ جن ڳالھين تي
اسان فڪرمند ٿيندا آھيون، ڳڻتين ۾ ڳرندا آھيون، تن
مان نوانوي سيڪڙو خير خوبي سان گذري وينديون آھن ۽
اسان اجايو سجايو ڳڻتين ۾ ڳرندا آھيون. پر اھو مون
پوءِ پروڙيو، جڏھن منھنجي پنھنجيءَ حياتيءَ ۾
مشڪلن منھن ڪڍيو ۽ مان پاڻيءَ کان اڳ پاڇا ڪنجڻ
لڳس ۽ انھن کي ٽائيپ ڪري ھڪ فائيل ۾ رکي ڇڏيم. پر
ارڙھن مھينا پوءِ جڏھن فائيل کوليم تھ مون کي پروڙ
پئي تھ ڇھن مان پنجن مشڪلاتن بابت اجايو پريشان
ھوس.
مان قدرت جا ٿورا مڃيا، جنھن مون کي انھن شديد قسم
جي مشڪلن جي حل لاءِ فضول ڪوشش کان محفوظ رکيو. ان
تجربي مون کي اھڙو سبق ڏنو، جيڪو ڪڏھن ڪونھ
وساريندس. ان مان معلوم ٿيو تھ اسان جن مشڪلن ۽
مسئلن بابت وقت کان اڳ ۾ ھرو ڀرون ڳڻتين ۾ ڳرون ٿا
۽ جن مان نوانوي سيڪڙو مامرا اسان کي ڪنھن
ڏکيائيءَ ۾ وجھڻ کان سواءِ گذري ٿا وڃن ۽ اسان ھرو
ڀرون انھن کي حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا رھون ٿا.
سدائين ياد رکڻ کپي تھ جن معاملن بابت اسان ھرو
ڀرو ڳڻتي ڪيون ٿا، انھن بابت اسان کي ڪيئن پتو پئي
ٿو تھ اھي اسان کي پيش اچڻ وارا آھن؟ اسان جيڪڏھن
ان اھم نڪتي تي ويچار ڪريون تھ اسان کي پاڻ تي ئي
کل اچڻ لڳندي. ڇا لاءِ تھ اھا ڳالھھ واقعي سوچڻ
لائق آھي تھ اسان کي ڪيئن پتو پوندو آھي تھ الاڻي
فلاڻي مشڪل اچڻ واري آھي؟
ان ڪري مان اوھان کي مفت ۾ صلاح ڏيندس تھ اجايو
پنھنجي سگھھ کي اھڙين مشڪلن جي حل ڪرڻ ۾ ڪونھ
وڃايو، جيڪي اڃا پيش اچڻ واريون آھن ۽ جيڪي بزرگن
جي چواڻي تھ نوانوي سيڪڙو محض وھم ھوندا آھن ۽ وقت
اسان کي ڪنھن تڪليف ۾ وجھڻ کان سواءِ وھي ويندو
آھي.
آئون رڳو ھڪ ڪلاڪ اندر پنھنجي مايوسيءَ ۽
پريشانيءَ کي اميد ۽ خوش دليءَ ۾ بدلائي سگھندو
آھيان.
مشھور اقتصادي ماھر راجر ڊبليو يابن چوي ٿو تھ:
مان جڏھن بھ ڪنھن موجوده صورتحال بابت پريشان
ٿيندو آھيان تھ رڳو ھڪ ڪلاڪ ۾ پنھنجي پريشاني ۽ نا
اميدي کي خوش دلي ۽ اميد ۾ بدلائي وٺندو آھيان.
سوچيندا ھوندؤ تھ مان ڪھڙي طرح ائين ڪري سگھندو
آھيان؟ مان پنھنجي لائبريريءَ ۾ داخل ٿيندو آھيان.
اکيون ٻوٽي انھن خانن ڏانھن ويندو آھيان، جتي
تاريخ بابت ڪتاب ھوندا آھن. پنھنجي پوريل اکين سان
شيلف مان ھڪ ڪتاب ڪڍندو آھيان ۽ بند ٿيل اکين سان
ئي ڪتاب کي يڪدم کوليندو آھيان. پوءِ اکيون پٽيندو
آھيان ۽ پڙھڻ شروع ڪندو آھيان ۽ ايتريءَ تھ تيزيءَ
سان اھو سوچيندو آھيان تھ دنيا ھميشھ کان مشڪلن ۾
گھري رھي آھي، ھن دنيا ۾ مختلف تھذيبن جنم ورتو ۽
زوال پذير ٿيون. تاريخ جا ڪاغذ جنگين، ڏڪارن،
غريبي، انسان ھٿان انسان سان غير انساني سلوڪ ۽
وبائن سان ڀريا پيا ھوندا آھن. مان ھڪ ڪلاڪ تائين
تاريخ جا ڪاغذ پڙھڻ کان پوءِ محسوس ڪندو آھيان تھ
جيتريون اڄ بريون حالتون آھن، اھي انھن حالتن کان
گھڻي ڀاڱي بھتر آھن، جيڪي ماضيءَ ۾ ھونديون ھيون.
انھن احساسن مان مون کي پنھنجي ھاڻوڪين مشڪلن کي
انھن جي پس منظر ۾ ڏسڻ جو موقعو ملندو آھي. ان سان
گڏ ئي مون کي اھو احساس بھ ٿيندو آھي تھ مجموعي
طور ھن دنيا جون حالتون بھتر پيون ٿين.
ھتي ھڪڙو طريقو ٻڌايان ٿو، جنھن لاءِ ھڪ پورو باب
درڪار آھي. تاريخ جو اڀياس ڪيو ۽ ڏھ ھزار ورھيھ
اڳي جون حالتون ڄاڻڻ جي جستجو ڪريو. پوءِ ڏسو تھ
اوھان جون موجوده مشڪلون ڪيتريون نيچ ۽ ڪمتر آھن.
مون احساس ڪمتريءَ تي ڪيئن قابو پاتو؟
ھتي اوھان کي اوڪلوھاما آمريڪا جي ھڪ اڳوڻي وزير
ايلمر ٿامس جي ڪھاڻي ٻڌايان ٿو، جيڪو احساس
ڪمتريءَ جو شڪار ھو ۽ ان کان ڇوٽڪارو پائڻ چاھيندو
ھو. ھن انھيءَ احساس کان ڪيئن جند ڇڏائي؟ ان جي
پنھنجي زبان سان ٻڌو:
جڏھن مان پندرھن سالن جو ھوس، تڏھن پريشانين
خود شناسي ۽ خوف وچان گھڻو ڪري تڪليف ۾ ھوندو ھوس.
مان عمر جي لحاظ کان قد ۾ وڏو بانس جي لڪڙي جيان،
منھن جو ڊگھو آھيان. منھنجو قد ڇھھ فوٽ ٻھ انچ ۽
وزن رڳو ھڪ سؤ ارڙھن پونڊ ھو. ڊگھي قد ھوندي بھ
بيس بال ۽ ايٿليٽڪس جي مقابلن ۾ ھم عمر ڇوڪرن کان
گھڻو گھٽ ھوس. مون تي چٿرون ٿينديون ھيون.
”ميٽينگ“ ڪوٺي سڏ ڪندا ھئا. مان ڏاڍو پريشان،
آزرده حال رھندو ھوس. مان ڪنھن سان بھ ملڻ کان
ڪيٻائيندو ۽ گھٻرائيندو ھوس. شايد ڪنھن سان ملندو
ھجان. اسان جي ٻني ھونئن بھ شھر کان گھڻو پري ھئي
۽ چوڌاري وڻ ھئس، جن کي ڊگھي عرصي کان ڪاٽيو ئي
ڪونھ ويو ھو. اسان جو گھر وڏي روڊ کان ھٽيل، ميل
کن پري ھو ۽ مان سڄو ھفتو ابي امڙ، ڀائرن ڀيڻن کان
سواءِ ڪنھن سان ڪونھ ملندو ھوس.
مان پنھنجي ڄمار ۾ ھڪ ناڪام شخص ھجان ھا، جيڪڏھن
مان انھن انديشن ۽ پريشانين کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ
ڏيان ھا. ھر ڏينھن، ھر ڪلاڪ پنھنجي ڏٻري بدن تي
ڪڙھندو ھوس. ڪنھن ٻي ڳالھھ بابت مشڪل سان سوچيندو
ھوس. منھنجو ڀؤ، منھنجي پشيماني ايڏي وڌيڪ ھئي جو
چوڻ کان ٻاھر ھئي. امڙ کي منھنجن جذبن ۽ احساسن جي
پروڙ ھئي. ھوءَ ماسترياڻي ھئي. ھن ھڪڙي ڏينھن مون
کي سمجھايو: پٽ! توکي پڙھڻ گھرجي، توکي پنھنجي ذھن
۽ دماغ سان زندگي ٺاھڻي آھي، ڇو تھ تنھنجو جسم
تنھنجي لاءِ سدائين ھڪ مسئلو بڻيو رھندو.
منھنجو والد پنھنجي ٿوري آمدني ڪري مون کي ڪاليج ۾
داخل ڪرائڻ کان قاصر ھو، ان ڪري مون ڄاتو پئي تھ
مون کي پنھنجو دڳ پاڻ ڳولھڻو آھي، تنھن ڪري مون
شڪار ڪرڻ شروع ڪيو. شڪار ڪيل جانورن جون کلون وڪڻڻ
لڳس. منڍ ۾ ھڪ جانور شڪار ڪيم ۽ کل چئن ڊالرن ۾
وڪيم. ان کان پوءِ ٻھ ننڍا سوئر خريد ڪيم. انھن
سوئرن کي پالي چاليھن ڊالرن ۾ وڪرو ڪيم. ان رقم
مان انڊيانا رياست جي شھر بيمنول جي سينٽرل ڪاليج
۾ داخل ورتم، جتي بورڊنگ ۾ رھڻ لاءِ ٻھ ڊالر ھفتو
ڏيڻا پوندا ھئا. مان ڀوري رنگ واري قميص، جيڪا
منھنجي ڪاڻ امان پاڻ ٺاھي ھئي، مان ڪاليج ۾ اھو
سوٽ بھ پائي ويندو ھوس، جيڪو بابو پنھنجي جوانيءَ
۾ پائيندو ھو. بابي جا ڪپڙا مون کي پورا ڪونھ
ايندا ھئا ۽ نڪي سندس بوٽ، جيڪو پرآڻو ٿي چڪو ھو،
پيرن ۾ پورو ٿيندو ھو. اھو ايترو گھرگھلو ٿي پيو
ھو جو ھلڻ مھل کڙيون ٻاھر نڪريون اينديون ھيون.
مان اھي ڪپڙا ۽ بوٽ پائڻ ڪري باقي شاگردن کان الڳ
ٿلڳ ھوندو ھوس ۽ ڪلاس کان پوءِ لائبريريءَ ۾ ويٺو
پڙھندو ھوس. ان وقت منھنجي شديد ترين خواھش اھا
ھوندي ھئي تھ مان اھڙا ڪپڙا ۽ بوٽ وٺان، جيڪي مون
کي پورا اچن.
ڪاليج ۾ داخلا کان ٿورا ڏينھن پوءِ چار واقعا
رونما ٿيا، جيڪي منھنجي پريشانين ۽ احساس ڪمتريءَ
کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ٿيا. انھن مان ھڪڙي واقعي مون
کي برداشت، اميد ۽ اعتماد ڏنو، جنھن منھنجي باقي
رھيل زندگي کي مڪمل طرح بدلائي ڇڏيو. ھتي مختصرا
اھي واقعا پيش ڪريان ٿو:
پھريون واقعو
ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ کان رڳو ٻھ مھينا پوءِ مون ھڪ
امتحان پاس ڪيو، جنھن کان پوءِ مون کي ڪنھن بھ
اسڪول ۾ پڙھائڻ ڪاڻ ”بي سرٽيفڪيٽ“ ملي ويو. ھي
سرٽيفڪيٽ ڇھن مھينن ڪاڻ ڪارگر ھو ۽ مون کي ان وچ ۾
پنھنجي لاءِ ڪنھن پبلڪ اسڪول ۾ ملازمت ڳولھڻي ھئي.
پر ان ھوندي بھ مان ايترو پراعتماد ھوس جو ھي
سرٽيفڪيٽ ملڻ جو اھو ئي مطلب ھو تھ مون تي ڪنھن کي
بلڪل اھڙو ئي اعتماد آھي، جھڙو مون تي امڙ ڪندي
آھي. ان ڪري مون کي ويساھ ھو تھ مان نوڪري وٺڻ ۾
بھ سوڀارو ٿيندس.
ٻيون واقعو
سرٽيفڪيٽ ملڻ کان ٿورن ڏينھن ۾ مون کي ھيني ھالو
نالي ھڪ بورڊنگ اسڪول ۾ نوڪري ملي ويئي. منھنجو
پگھار ٻھ ڊالر روزانو مقرر ٿيو. اسڪول ۾ وڃي مون
محسوس ڪيو تھ ھتي منھنجي صلاحيتن تي اعتماد ڪرڻ
وارا کوڙ سارا ماڻھو آھن.
ٽيون واقعو
جيئن ئي مون کي پھرين پگھار ملي، مون ھڪدم ڪجھھ
سٺا ڪپڙا ورتا جن کي پھري شرمندگيءَ جو احساس نھ
ٿي سگھي ھا. منھنجي خوشيءَ جي حد نھ رھي. جيڪڏھن
مون کي ڏھھ لک ڊالر بھ ھجن ھا تھ بھ ايتري خوشي نھ
ٿئي ھا، جيڪا اسڪول مان پھرين پگھار ملڻ تي ٿي ھئي
۽ مون ڪجھھ عمدا ڪپڙا ورتا ھئا.
چوٿون واقعو
پر ھڪ واقعو جنھن منھنجي زندگيءَ مان شرمندگي ۽
احساس ڪمتريءَ خلاف جدوجھد ۾ مون کي ڪاميابي
ڏياري، رياست انڊيانا جي شھر مين برج ۾ اھو واقعو
واقع ٿيو، جتي مون پٽنام ڪائونٽيءَ ۾ شرڪت ڪئي،
جيڪا ھر سال ٿيندي ھئي. امڙ تاڪيد ڪيو ھو تھ ان
ميلي جي تقريري مقابلي ۾ ضرور شرڪت ڪريان. مون کي
بھ تقريري مقابلي ۾ شرڪت جو خيال شاندار لڳو پئي،
پر مون لاءِ ڪنھن آڏو تقرير ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ھو.
ڪاڏي ھڪ وڏي ميڙاڪي آڏو تقرير ڪريان؟ پر امڙ کي
مون تي وڏو ڀروسو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن تھ مٿس ڪھل ايندي
ھئم تھ جيڪڏھن مان سندس اعتماد تي پورو نھ لٿيس تھ
کيس ڏاڍو ڏک ٿيندو. اھو ئي سوچي پريشان ھئس. امڙ
منھنجي آئيندي جا سندر سندر سپنا پئي ڏٺا. ھن
منھنجي مستقبل سنوارڻ ڪاڻ، دوشن ڪرڻ ڪاڻ پنھنجي
حياتي داؤ تي لڳائي ھئي. ھن جي انھيءَ اعتماد مون
کي تقريري مقابلي ۾ شريڪ ٿيڻ جي ھمت ڏني. مون
وڏيءَ مشڪل ۽ گھڻيءَ سوچ ويچار کان پوءِ پنھنجي
لاءِ جيڪو عنوان چونڊيو، اھو ”َائين ۽ لبرل آرٽس
آف آمريڪا“ ھيو. مان پوري ايمانداريءَ سان ٻڌايان
ٿو تھ جڏھن مون تقرير جي تياري شروع ڪئي تھ مون کي
لبرل آرٽس بابت ڪجھھ معلوم ڪونھ ھو، پر ان سان
ايڏو وڏو فرق ڪونھ پيو، ڇاڪاڻ تھ ٻڌندڙ بھ ان بابت
گھڻو ڪونھ ڄاڻندا ھئا. مون جيڪا تقرير تيار ڪئي،
ان کي سٺي نموني ياد ڪيم ۽ وڻن ڍورن، ڍڳن آڏو پورا
ھڪ سؤ ڀيرا تقرير ڪيم. امان ڪاڻ ايڏو جذباتي پئي
ٿيس، جو شديد خواھش ھيم تھ مقابلي ۾ منھنجي
ڪارڪردگي سڀني کان وڌيڪ سٺي ھجي. مون سوچيو تھ
پوري جوش ۽ جذبي سان مقابلي ۾ شريڪ ٿي. اھو ڄاڻي
اوھان حيران ٿيندؤ تھ جڏھن پنھنجي واري اچڻ تي
تقرير ڪرڻ ڪاڻ اٿيس تھ مان ذرو بھ گھٻرايل ڪونھ
ھوس. پر ان بجاءِ منھنجو لھجو بيحد پر اعتماد ھو،
جذبن ڀريو ھو. مون کي پھريون انعام مليو. مان
پنھنجي ڪارڪردگيءَ تي حيران ھوس. ٻڌندڙن کان داد
پئي ورتم. ڇوڪرا، جيڪي ڪاليج ۾ مون تي چٿرون ڪندا
ھئا ۽مون کي مليٽنگ چئي چيڙائيندا ھئا، اھي ئي مون
کي شاباسيون پيا ڏين، پٺي پيا ٺپن ۽ چوندا پيا رھن
تھ کين ويساھ ئي ڪونھ ھو تھ مان ائين بھ ڪري سگھان
ٿو.
ڇوڪرن مان واندو ٿي امڙ ڏانھن وڌيس، جنھن ٻانھون
پکيڙي منھنجي پيشاني چمي ۽ خوشيءَ وچان روئي
ڏنائين. مان سندس اعتبار تي پورو آيو ھوس. سندس
مھڪندڙ ٻھڪندڙ منھن تي سڪون ان جو دليل ھو تھ کيس
مون تي فخر ھو. امڙ جو اعتماد ۽ مقابلي ۾ اول اچڻ
منھنجي زندگيءَ ۾ ھڪ اھم ۽ فيصلائتو موڙ ثابت ٿيو،
جنھن منھنجي باقي زندگي ھڪدم بدلائي ڇڏي.
مقامي اخبارن ۾ ٻاھرين صفحن تي مون بابت مضمون
ڇپيا، جن ۾ منھنجي سجھندي آئيندي جون پيشين گوئيون
ھيون. انھن سمورين ڳالھين منھنجي اعتماد ۾ سؤڻو
اضافو ڪيو ۽ اھو مون لاءِ بيحد اھم ھو، ڇو تھ اھو
ئي اعتماد پوءِ منھنجي زندگيءَ ۾ وک وک تي منھنجي
رھبري ڪندو رھيو.
اڄ سوچيندو آھيان تھ جيڪڏھن تقريري مقابلو کٽي نھ
سگھان ھا تھ ڪڏھن بھ آمريڪي ڪانگريس جو رڪن بنجي
ڪونھ سگھان ٿا، ڇو تھ ان منھنجي ذھن جون دريون
کولي ڇڏيون ۽ منھنجي بصيرت ۾ واڌ آئي. ان احساس
ڏنو تھ مون ۾ اھي سموريون صلاحيتون آھن، جن جا رڳو
خواب ڏسندو ھوم. ان سان گڏ اھا ڳالھھ وڌيڪ اھم ھئي
تھ مون کي ڪاليج مان پڙھڻ لاءِ ھڪ سال جو وظيفو بھ
مليو.
ھاڻي مون ۾ وڌ ۾ وڌ تعليم پرائڻ جو شوق ۽ جذبو
جاڳيو، ان ڪري ايندڙ چند سالن
1896ع
کان
1900ع
تائين مون پنھنجو سمورو وقت پڙھڻ، پڙھائڻ لاءِ وقف
ڪري ڇڏيو. وقت جي ورھاست ڪري ڇڏيم. يونيورسٽيءَ ۾
داخلا لاءِ مون سخت محنت ڪئي. ھوٽلن ۾ بھ ڪمايم ۽
ھڪ روڊ ٺھڻ ۾ مٽي ۽ بجري ڍوئيم.
1896ع
۾ منھنجي عمر صرف اوڻيھھ سال ھئي. مون آمريڪا جي
صدارتي اميدوار وليم جيننگ برائن جي اليڪشن ورڪ
دوران اٺاويھھ تقريرون ڪيون. ان وچ ۾ منھنجي من ۾
سياست ۾ اچڻ جا اڌمان ٿيڻ لڳا. مون جڏھن
يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي تھ قانون ۽ سياست جا
مضمون چونڊيم.
1899ع
۾ انڊيانا پولس ۾ ٿيندڙ ھڪ تقريري مقابلي ۾ مون
مشھور بٽلر ڪاليج جي بھترين مقرر جي مقابل تقرير
ڪندي پھريون انعام کٽيو ۽ بھترين ڪارڪردگي ڪري
1900ع
يونيورسٽي جي مئگزين جو ايڊيٽر ان چيف مقرر ڪيو
ويس.
يونيورسٽيءَ مان ڊگري وٺڻ کان پوءِ مان رياست
اوڪلاھاما ويس، جتي قانوني مشورن جي آفيس کوليم.
مون رياست اوڪلاھاما جي سينيٽ ۾ تيرھن ۽ ھيٺئين
ايوان ۾ چئن سالن تائين پنھنجي علائقي جي نمائندگي
ڪئي ۽ پنجاھ سالن جي عمر ۾ منھنجون زندگيءَ ڀر جون
خواھشون پوريون ٿيون ۽ مان رياست اوڪلاھاما مان
آمريڪي سينيٽ جو رڪن چونڊجي ويس.
مون اھا ڪھاڻي ڊاڙ خاطر ڪانھ ٻڌائي آھي تھ ڪيئن
مان پنھنجي اعتماد ۽ ارادي جي سگھھ سان وڏيءَ
تيزيءَ سان ترقي حاصل ڪئي؟ مون اھو سڀ ڪجھھ ان ڪري
ٻڌايو آھي تھ ڪوئي غريب ڇوڪرو منھنجيءَ ھن ڪھاڻيءَ
کان متاثر ٿي اندر ۾ جرئت ۽ اعتماد پيدا ڪري، جوش
۽ جذبو جاڳائي ۽ ان طرح پنھنجي پريشانين، شرميلي
پڻ ۽ احساس ڪمتري جي ڪن مان نڪري پنھنجي حياتي
حرام ٿيڻ کان بچائي.
ايڊيٽر جو نوٽ:
اھا ڳالھھ حيرت ۽ دلچسپيءَ کان خالي نھ ھوندي تھ
ايلمر ٿامس جيڪو نوجوانيءَ ۾ بيڍنگن ڪپڙن پائڻ ڪري
شرمندگي ۽ احساس ڪمتري ۾ ڦاٿل ھوندو ھو، پوءِ
امريڪي سينيٽ جو سڀ کان خوش لباس سينيٽر قرار ڏنو
ويو.
”مان خدا پاڪ جي باغ ۾ رھندو ھوس“
”صحرا ۾ ھوا“، ”پيغامبر“ ۽ چوڏھن ٻين ڪتابن جو
مصنف جوبڊ مين لائبريري آڪسفورڊ جو بانيڪار آر ڊي
سي بڊلي پنھنجي ماضيءَ بابت ٻڌائي ٿو تھ ھو
1918ع
۾ اتر اولھھ آفريڪا ھليو ويو، جتي مان صحارا يعني
الله جي باغ ۾ عربن سان ست سال گذاريا ۽ ان عرصي ۾
خانھ بدوشن جي ٻولي بھ سکي ورتي. انھن وارا ڪپڙا
بھ پاتا، انھن سان کاڌو بھ کاڌو ۽ انھن جي رھڻي
ڪھڻي اختيار ڪئي، جيڪا گذريل ويھن سالن ۾ بھ گھٽ
بدلي آھي. مون اتان ڪجھھ رڍون بھ خريد ڪيون ۽ ھڪ
تنبوءَ ۾ سمھندو ھوس. مون سندن مذھب جو بھ غور سان
مطالعو ڪيو ۽ پوءِ مون ”محمد“ (') جي باري ۾ ھڪ
ڪتاب لکيو، جنھن جو نالو مون ”پيغامبر“ رکيو.
اھي ست سال جيڪي مون خانھ بدوشن وٽ گذاريا، منھنجي
زندگيءَ جا بيحد پرسڪون ۽ ڏاڍا قناعت وارا سال
ھئا. مون کي ڪڏھن بھ اھڙو تجربو ڪونھ ٿيو ھو. مان
پئرس ۾ پنھنجي ماءُ پيءُ جي گھر ڄائو ھئس، جيڪي
انگريز ھئا. نون سالن تائين فرانس ۾ رھيس. پوءِ
سنڊ ھزسٽ جي رائل ملٽري ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي.
ان کان پوءِ ڀارت ۾ برطانوي فوجي آفيسر جي حيثيت
سان ڇھھ سال رھيس، جتي پولو کيڏندو ھوس ۽ شڪار
ڪندي ھماليا جي جھنگلن ۾ ڦرندو رھندو ھوس. مون
پھرينءَ وڏيءَ لڙائيءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو ھو. جنگ
کان پوءِ مون کي پئرامن ڪانفرنس ۾ نائب ملٽري
اتاشي ڪري اماڻيو ويو ھو. اتي حقيقتون ڄاڻي مون کي
ڏاڍو ڏک ٿيو تھ چئن ورھين تائين اولاھين محاذ تي
ٿيندڙ جنگ ۾ ايتري قدر انساني رت وھيو. ان کان اڳ
مون کي يقين ھو تھ اھا جنگ پراڻين تھذيبن کي بچائڻ
ڪاڻ وڙھي پئي ويئي، مگر پيرس امن ڪانفرنس ۾ مون
خود غرض سياستدانن کي ٻي وڏي جنگ جون تياريون ڪندي
ڏٺو. اھي بنان ارادي پنھنجي ڳالھين کي ايترو
اينگھائيندا ھئا، جو سندن وچ ۾ ڪو ٺھراءُ ٿيندو
مشڪل پئي لڳو. مون کي ائين محسوس ٿيندو ھو تھ
جيڪڏھن اھي ڪنھن معاھدي تي پھچي بھ ويا، تھ بھ اھو
معاھدو گھڻو وقت ڪونھ ھلندو. اھي سياست دان صرف
پنھنجي قوميت جو پرچار ڪندا ھئا. کين انسانيت جي
ايتري پرواه ڪانھ ھئي.
مون کي جنگ کان نفرت ھئي. فوج کان چڙندو ھوس ۽
معاشري کان ڪرنڀ ايندي ھئي. زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو
ڪئين راتيون سمھي ڪونھ سگھيس. منھنجي ھڪ دوست
لائيڊ جارج صلاح ڏني تھ سياست ۾ اچان، جتي مان
پنھنجي نظرين موجب گھڻو ڪامياب ٿي پئي سگھيس. اڃا
ان صلاح کي مڃڻ جو سوچيم پئي تھ ھڪ عيجب واقعو ٿي
پيو. اھڙو واقعو، جنھن ايندڙ ستن سالن لاءِ منھنجي
زندگيءَ جو رخ موڙي ڇڏيو ۽ اھو سڀ ڪجھھ رڳو ٽن
منٽن ويھن سيڪنڊن جي گفتگوءَ ۾ ٿيو، جيڪا مون
”لارنس آف عربيا“ جي ھڪ ڪردار ٽيڊ لارنس سان ڪئي.
ٽيڊ لارنس پھرين عالمي جنگ جو ھڪ سدا بھار ۽
رومانوي ڪردار ھو. ھو صحرا ۾ عربن سان گڏ رھيو ۽
انھيءَ مون کي صلاح ڏني تھ عربن سان گڏ وڃي رھان.
منڍ ۾ مون کي اھا صلاح ڏاڍي وڻي، پر فوج جي نوڪري
ڇڏڻ پئي گھري، پر فوجي حڪم مون جھڙي ماڻھوءَ کي ڪا
ٻي نوڪري ڏيڻ ڪونھ پئي چاھيو. ان ڪري مون اھو ئي
ڪيو، جنھن جو ٽيڊ لارنس مشورو ڏنو ھو. مان عربن جي
وچ ۾ ڪيئن وڃي رھيس؟ صحارا ۾ ڪيئن رھيس؟ اڄ مون کي
خوشي ٿيندي آھي تھ پري آھن. پر سڀني مسلمانن وانگر
اھي بھ قضا ۽ قدر جا قائل ھئا. سندن عقيدو ھو تھ
”محمد '“ تي رب پاڪ طرفان ايندڙ وحي کي قرآن شريف
۾ گڏ ڪيو ويو آھي.
”اوھان کي الله پاڪ پيدا ڪيو آھي“ ۽ اھو عرب بلڪل
صحيح مڃيندا آھن، ان ڪري اھي پنھنجي زندگيءَ کي
سڪون سان وٺندا آھن ۽ جيڪڏھن کين ڪا پريشاني ٿيندي
آھي تھ اجايو چڙ ۽ ڪاوڙ ڪانھ ڪندا آھن. سندن ايمان
آھي تھ مقدر جو لکيو ٽري ڪونھ سگھندو آھي ۽ مقدر
جو لکيو رڳو رب العالمين ئي ڦيرائيندو آھي.
پر ان جو اھو مطلب بھ ڪونھي تھ مصيبت وقت عرب ھٿ
ھٿ تي رکيون ويٺا ھوندا آھن. ان کي گھڻو چٽو ڪرڻ
ڪاڻ اوھان کي ھڪ خوفناڪ طوفان جو حال ٻڌايان ٿو،
جيڪو ٽن ڏينھن تائين ھلندو رھيو. اھو ايڏو تھ شديد
ھيو جو صحرا جي گرم واريءَ کي فرانس تائين
اڏائيندو ويو. ھوا ايتري ڪوسي ھئي جو مون کي
پنھنجي مٿي جا وار بھ سڙندا لڳا. اڃ ڪري نڙي سڪي
ويئي، اکيون سڙنديون رھيون، ڏند لٽ ۾ لٽجي اٽجي
ويا. لڳو پئي تھ ڪنھن گلاس فيڪٽريءَ جي بٺيءَ آڏو
بيٺو آھيان. ايڏو بدحواس ھوس، جيڏو ڪو صبر ڪندڙ
ھوندو آھي، پر مون عربن جي مکڙن تي ڪا پريشاني، ڪو
خوف ڪونھ ڏٺو. انھن ڪلھا لوڏيندي ”مڪتوب“ قسمت جو
لکيو چيو.
طوفان ختم ٿيڻ کان پوءِ انھن عربن سموريون رڍون
ذبح ڪري ڇڏيون ۽ رڳو سايون رڍون ڪونھ ڪٺائون،
ڇاڪاڻ تھ کين خبر ھئي تھ جيڪڏھن انھن کي ذبح نھ
ڪيائون تھ سموريون مري وينديون. رڍن کي ذبح ڪري
ھڪدم پاڻيءَ ۾ اڇلايائون. ھنن اھو سڀ ڪجھھ ماٺ ميٺ
۾ ڪيو ۽ پنھنجي نقصان تي ڪنھن شڪايت ڪانھ ڪئي ۽
نڪو پريشان ٿيو. قبيلي جي سردار مون کي ٻڌايو تھ
اھو ڪو وڏو نقصان ڪونھي. اسان پنھنجو سڀ ڪجھھ ان
طوفان ۾ گنوائي سگھون ٿا، پر الله جو شڪر آھي جو
اسان وٽ وري بھ چاليھھ سيڪڙو رڍون بچيون آھن، جن
سان اسان پنھنجي گذران جو سلسلو وري بھ شروع ڪري
سگھون ٿا.
ھتي مون کي ٻيو واقعو بھ ياد پيو اچي. اسان صحرا ۾
وياسون پئي تھ اسان جي ڪار جو ھڪ ٽائر ڦاٽي پيو.
شوفر شائر جي مرمت ڪرڻ جو سامان وساري ويٺو ھو ۽
ھاڻي اسان وٽ رڳا ٽي ٽائر صحيح سلامت ھئا. مون کي
ڏاڍي مٺيان لڳي. مون پنھنجي ھمسفر عربن کان پڇيو
تھ ھاڻي ڇا ڪجي؟ ھنن مون کي چيو تھ ڪاوڙ مان ڪي
ڪين ورندو. ٽائر جي ڦاٽڻ ۾ رب جي رضا شامل ھئي ۽
سندس مرضيءَ ۾ دخل نٿو ڏئي سگھجي. ان کان پوءِ
انھن ڊرائيور کي ڪار ھلائڻ جو چيو ۽ گاڏي ٽن ڦيٿن
تي ٿيڙکائيندي ھلڻ لڳي. ٿورو اڳتي ھلي، وري جھٽڪو
کائي بيھي رھي ۽ ھاڻي سندس پئٽرول کٽي ويو ھو.
انھن عربن مان صرف ھڪڙي چيو تھ ”الله جي مرضي“ ۽
ھڪ ڀيرو وري ڊرائيور کي ڦٺ جٺ ڪرڻ بدران تھ ھن ھلڻ
کان اڳ ٽانڪي ڇو نھ ڀري؟ اھي سمورا پوريءَ طرح
پرسڪون ھئا ۽ گانو ڳائيندا، پيرين پيادا منزل
ڏانھن ڪاھيندا ويا.
ست سال انھن عربن سان رھندي مان ان ڳالھھ جو قائل
ٿي ويس تھ يورپ ۽ آمريڪا جا رھواسي رڳو پنھنجي
تڪڙ، جلد بازي، پريشان حال زندگيءَ سبب شراب نوشي،
اعصابي دباءَ جو شڪار ٿيندا آھن.
جيستائين ڪھ صحرا ۾ رھيس، مون کي ڪائي پريشاني
ڪانھ ٿي. اتي ھر طرف سڪون ۽ اطمينان جي فضا نظر
آئي.
گھڻا ماڻھو قضا ۽ قدر جي نظريي تي ٺٺوليون ڪندا
آھن. ٿي سگھي ٿو تھ اھي صحيح ھجن. ڪير ٿو ڄاڻي؟ پر
اسان مان سڀ اھو ڏسن ٿا تھ ڪنھن طرح اسان ڪاڻ قسمت
کي تعين ڪيو ويو آھي. مثال طور: جيڪڏھن آگسٽ
1919ع
جي ھڪ گرم ترين ڏينھن ٻيپھريءَ جو لارنس آف عربيا
سان ٽي منٽ گفتگو نھ ڪئي ھجي ھا تھ ان وقت کان ھن
وقت تائين گذرڻ وارا سمورا سال انتھائي ڪچا ڦڪا ۽
بي مزه گذرن ھا ۽ منھنجي زندگيءَ ۾ حيرت انگيز
تبديلي رونما نھ ٿئي ھا.
ھاڻي جڏھن پنھنجي گذريءَ تي نظر ڦيرايان ٿو تھ لڳي
ٿو تھ مختلف وقتن ۾ مون ڪھڙيءَ ريت حالتن کي
پنھنجي حق ۾ ھموار ڪيو آھي؟ ۽ پوءِ ڪيئن وقت بوقت
ڪجھھ واقعا رونما ٿيا جن سببان اڻ موافق حالتون بھ
منھنجي حق ۾ پلٽو کائڻ لڳيون. عرب ان کي رب جي رضا
يعني قسمت چوندا آھن. اوھان ان کي ڪوبھ نالو ڏيو.
اوھان لاءِ اھا حيرت جھڙيون تبديليون آڻيندي آھي.
اڄ صحارا کان موٽندي مون کي سترھن ورھ وري ويا
آھن، پر اڃا بھ اتان جون ڳالھيون، اتان جا واقعا،
عربن جا پرسڪون چھرا منھنجي ذھن ۾ بلڪل تازا آھن.
اھي ست سال جيڪي مون صحارا ۾ گذاريا، انھن منھنجي
اعصابن کي رواجي رکڻ ۾ ڪنھن مسڪن دوا کان وڌيڪ
فائدو پھچايو آھي.
پريشانيون دور ڪرڻ جا پنج طريقا
پروفيسر ليون فلپس آف پيل سان ھڪ شام گذارڻ جو
موقعو مليو. سندس وفات کان ڪجھھ ھفتا اڳ جي ڳالھھ
آھي. مون سندس انٽرويو ورتو. ان انٽرويو مان ڪجھھ
ٽڪرا پيش ڪريان ٿو، جن ۾ ھن ٻڌايو آھي تھ
پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ ڪھڙا پنج طريقا استعمال
ڪندو ھو؟ ــــــــ ڊيل ڪارنيگي
جڏھن منھنجي عمر چوويھھ ورھيھ ٿي تھ منھنجيون
اکيون خراب ٿي پيون. ٽن چئن منٽن جي پڙھڻ سان
محسوس پئي ٿيو تھ ڄڻ ڪو منھنجي اکين ۾ سيون پيو
چڀيندو رھي. تانجو مان نھ بھ پڙھندو ھجان، تڏھن بھ
تيز روشنيءَ ۾ ڏسي ڪونھ پيو سگھان. مون نيويارڪ جي
نيو ھيون جي بھترين ڊاڪٽر کي ڏيکاريو، پر ڪوبھ
فائدو ڪونھ ٿيو. مان روزانو شام جو چئين وڳين کان
پوءِ پنھنجي ڪمري جي اونداھيءَ ڪنڊ ۾ ھڪ ڪرسيءَ تي
ويھي سمھڻ جي وقت جو انتظار ڪندو ھوس. مان ڏاڍو
ڊڄندو ھوس تھ مون کي پنھنجي ھاڻوڪي نوڪري ڇڏڻي نھ
پئي ۽ ڪنھن پرانھين علائقي ۾ وڃي مزوري ڪرڻي پئي،
ڪاٺيون وڍڻيون پون. ھڪ ڏينھن ساڳيءَ طرح پنھنجي
ڪمري ۾ ويٺو ھوس تھ ھڪ ڏاڍو عجيب واقعو ٿيو، جنھن
سان جسماني تڪليف جي ذھن تي اثر پوڻ جو پتو پئي
ٿو. سرديءَ ۾ جڏھن منھنجيون اکيون وڌيڪ تڪليف واري
حالت ۾ ھيون، مون ڪاليج جي شاگردن پاران ھڪ فنڪشن
۾ تقرير ڪرڻ جي دعوت قبول ڪري ورتي.
جنھن ھال ۾ فنڪشن ترتيب ڏني وئي ھئي، ھر طرف کان
تيز روشنين سان جرڪيو پئي. ان وقت منھنجي اکين ۾
ايڏو شديد سور پيو جو پنھنجي ڪرسيءَ تي ويھڻ کان
ڪجھھ گھڙيون اڳ پنھنجيون اکيون پورڻيون پيون. پر
پنھنجي اڌ ڪلاڪ جي تقرير ۾ سور بلڪل ڪونھ ٿيو ۽
مان اکين ڇپڪائڻ کان سواءِ سڌو سنئون تيز روشنين ۾
ڏسي پئي سگھيس. ان کان پوءِ جڏھن فنڪشن ختم ٿي تھ
وري منھنجي اکين ۾ سور شروع ٿي ويو.
انھيءَ کان پوءِ مون کي خيال آيو تھ مان پنھنجي
ذھن کي پوريءَ طرح ڪنھن شيءِ تي ٽڪيل رکان تھ مان
پنھنجو علاج پاڻ ئي ڪري ٿو سگھان ۽ منھنجي اکين جي
تڪليف ختم ٿي سگھي ٿي.
مون فيصلو ڪيو تھ رڳو ٽيھن منٽن لاءِ ڪنھن بھ شيءِ
کي غور سان ڏسي سگھان تھ اھڙو حيرت جھڙو نتيجو
نڪري ٿو تھ ڇو نھ ھڪ ھفتي تائين مسلس ائين ڪندو
رھان ۽ روزانو ڪنھن شيءِ کي ائين تڪيندو رھان. مان
ڪافي حد تائين بھتر ٿي ويس ۽ مون کي پنھنجي عمل
سان وڏو اطمينان رسيو تھ مان پنھنجي ذھن سان
پنھنجي جسماني مرض تي قابو پاتو ھو.
ھڪ ڀيري مون کي اھڙو تجربو بحر الڪاھل ايندي ٿيو.
منھنجي چيلھھ ۾ شديد سور پيو جو ھلي بھ ڪونھ پئي
سگھيس. سڌو ٿي بيھڻ ۾ بھ سخت تڪليف پئي محسوس ٿي.
ان حالت ۾ مون کي بحري جھاز تي آفيسرن ۽ عملي وارن
کي ھڪ ليڪچر ڏيڻ جي دعوت ملي. جيئن جو مان ليڪچر
ڏيڻ بيٺس تھ سڄي تڪليف ۽ چيلھھ جو سور ڪافور ٿي
ويو. بلڪل سڌو ٿي بيٺس ۽ بلڪل درست لچڪ سان ھيڏي
ھوڏي گھمندو رھيس. ان کان پوءِ وڏي سولائيءَ سان
وکون ڀريندو ڪمري تائين پھتس. ھڪ لمحي لاءِ سوچيم
تھ مان ٺيڪ ٿي ويو آھيان، پر جلدي محسوس ٿيو تھ
اھو سڀ ڪجھھ عارضي آھي ۽ ٻيھر چيلھھ ۾ سور شروع ٿي
ويو.
انھن تجربن سيکاريو تھ ڪنھن بيماري جي علاج ڪاڻ
ذھن ڏاڍو ھاڪاري ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪندو آھي. ان
سان مون کي مايوسيءَ ۾ بھ زندگي کي پرلطف بنائڻ جو
ڍنگ آيو ۽ ھاڻي مان پنھنجي ”اڄ“ کي اھڙي طرح شروع
ڪندو آھيان، جيئن اھو منھنجو پھريون ۽ آخري ڏھاڙو
آھي.
جيون مٺڙا ھل ھل آھي
جيڪو آھي ھڪ پل آھي
(مسڪين)
يعني اڄ ئي دنيا ۾ آيو آھيان ۽ اڄ ئي مون کي مرڻو
آھي. ھاڻي روزانو پنھنجي وقت کي پرلطف ڪندو آھيان
۽ ڪوبھ ماڻھو مسرت جي لمحن کي پريشانين بابت سوچي
خراب ڪونھ ڪندو آھي. مان پنھنجي ڪم سان پيار ڪريان
ٿو. مان ھڪ ڪاليج ۾ پروفيسر آھيان. مون ھڪ ڪتاب
لکيو، جنھن جو نالو
The enactment of tea chug
آھي. پاڙھڻ مون لاءِ ھڪ ڌنڌي بدران ھڪ فن آھي. مان
پاڙھڻ سان اھڙي طرح پيار ڪندو آھيان، جھڙي طرح ڪو
آرٽسٽ پنھنجي تصوير سان ڪندو ھجي يا ڪو ڳائڻو گانو
پسند ڪندو آھي ۽ صبح جو سوير ھنڌ مان اٿڻ کان اڳ ۾
پنھنجن شاگردن بابت سوچيندو آھيان، جن کي ليڪچر
ڏيڻو ھوندو آھي. انھن تجربن کان پوءِ مون محسوس
ڪيو آھي تھ زندگيءَ ۾ سوڀارو ٿيڻ ڪاڻ سڀ کان وڌيڪ
جذبو ھئڻ ضروري آھي.
2.
مون محسوس ڪيو تھ جيڪڏھن ڪو ٿڪائيندڙ ڪم ڪندس يا
ڪنھن دلچسپ ڪتاب جو مطالعو ڪندس تھ مان پنھنجي
پريشانيءَ تي قابو پائيندس. منھنجي عمر اٺھٺ سال
ٿي تھ منھنجو اعصابي نظام ھڪ ڊگھي عرصي لاءِ بگڙجي
ويو. ان عرصي ۾ مون کي ڊيوڊ ايلڪ ولسن جو شاھڪار
ڪتاب
Life of cailyle
پڙھڻ دوران ايترو مزو آيو جو
چوگرد جي ماحول کان بيخبر ٿي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڙھندو
رھيس ۽ ان دوران ھڪ لمحي لاءِ بھ پنھنجي پريشانين
جو خيال بھ ڪونھ آيو.
3.
ھڪ وقت اھڙو ھو، جڏھن مان بيحد مايوس ھوس تھ مان
روزانو پاڻ کي جسماني طور مصروف رکڻ لڳس. مان صبح
جو روزانو ٽينس جا ڇھھ سيٽ کيڏندو ھوس. ان کان
پوءِ وھنجندو ھوس ۽ نيرن ڪرڻ کان پوءِ ڪمن ۾ مصروف
ٿي ويندو ھوس. منجھند جي ماني کائي گولف کيڏندو
ھوس. جمعي رات جو دير تائين ڊانس ڪلب ۾ ڊانس ڪندو
ھوس. مان راند روند ۾ بھ ان ڳالھھ جو قائل آھيان
تھ پگھر ۾ وھنجي وڃان ۽ اھي پگھر منھنجي مايوسيءَ
۽ پريشانيءَ کي بلڪل ڌڪاري اندر کان ٻاھر ڪري
ڇڏين.
4.
مون گھڻو وقت اڳ ۾ سجھي ورتو ھو تھ ڪوبھ ڪم تڙ تڪڙ
۾ نھ ڪجي ۽ ان لاءِ اھو بھ ضروري آھي تھ ذھن تي
ڪنھن بھ قسم جو ڪو دٻاءُ ڪونھ ھجي. ڪم ڪندي مون
سدائين ولبر ڪراس جي فلسفي کي سامھون رکيو تھ ھو
جڏھن آمريڪا جي ھڪ رياست جو گورنر ھو تھ ان مون کي
ٻڌايو تھ: ”ڪڏھن ڪڏھن، جڏھن مون کي ھڪ ئي وقت ۾
ڪيترا ڪم ڪرڻا ھوندا آھن تھ مان آرام سان ويھي
رھندو ھوس. پائيپ رکائيندو ھوس ۽ ھڪ ڪلاڪ تائين ڪو
ڪم ڪونھ ڪندو ھوس.“
5.
مون اھو بھ سمجھيو آھي تھ صبر ۽ وقت اسان جي
مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آھن. مان
جڏھن بھ ڪنھن سبب ڪري پريشان ٿيندو آھيان تھ
پنھنجي پريشانيءَ کي انھيءَ جي صحيح پس منظر ۾ ڏسڻ
جي ڪوشش ڪندو آھيان. پاڻ کي چوندو آھيان تھ اڄ کان
ٺيڪ ٻھ مھينا پوءِ مون کي اھا پريشاني ڪانھ ھوندي
تھ مان اڄ کان ئي ڇو نھ سمجھان تھ مون کي ڪا
پريشاني ڪانھي؟ ڇاڪاڻ تھ ٺيڪ ٻن مھينن کان پوءِ
جڏھن مون کي ڪابھ پريشاني ڪونھ ھوندي تھ منھنجو
اھو ئي رويو ھوندو.
مختصر طور اوھان کي اھي پنج ئي طريقا ٻڌايون ٿا،
جن جي مدد سان پروفيسر فليس پنھنجي پريشانين تي
قابو پاتو.
1.
زندگي جوش جذبي سان گذاريو. ھر صبح جڏھن پنھنجي
ڏينھن جي شروعات ڪريو تھ اھو خيال ڪيو تھ ھي اوھان
جي زندگيءَ جو پھريون ڏينھن آھي ۽ وري اھو ڏسي
ڪونھ سگھندؤ.
2.
ڪنھن دلچسپ ڪتاب جو مطالعو ڪيو. جڏھن منھنجو
اعصابي دٻاءُ وڌي وڏي عرصي تائين بگڙجي ويو تھ مون
ھڪ وڏي دلچسپ ڪتاب جو مطالعو شروع ڪيو. اھو پڙھندي
پنھنجي سموري تڪليف ۽ پريشاني وساري ويٺس.
3.
ڪا راند روند ڪريو. جڏھن وڌ ۾ وڌ مايوس ھوندو
آھيان تھ پنھنجي بدن کي ڪنھن نھ ڪنھن راند ۾ مشغول
رکڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان.
4.
ڪم ڪندي ٿوري دير آرام ڪري وٺڻ. گھڻو وقت اڳ ۾ مون
ٻڌو ھو تھ ڪوبھ ڪم تڙ تڪڙ ۽ اٻھرائي سان نھ ڪجي.
نڪي غفلت ۽ ڇڪ جي حالت ۾ ڪجي.
5.
پنھنجي پريشانين کي انھن جي درس پس منظر ۾ ڏسو.
مان پاڻ کي چوندو آھيان تھ ڪجھھ ڏينھن ۾ جڏھن
منھنجيون پريشانيون ختم ٿي وينديون تھ ڏاڍو سڪون ۽
اطمينان ملندم تھ ڇو نھ اڄ ئي اھو سمجھي ڇڏيان تھ
اھي ڪجھھ ڏينھن ختم ٿي چڪا آھن ۽ مون کي ڪابھ
پريشاني ڪانھي ۽ مان بيحد پرسڪون آھيان.
مون ڪالھھ بھ مشڪلن جو مقابلو ڪيو، اڄ بھ انھن سان
مھاڏو اٽڪائي سگھان ٿو
ڊورٿي ڊڪس پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائيندي چوي ٿو تھ: ”مون
غربت ۽ بيماريءَ ۾ زندگي گذاري آھي ۽ مون کان جڏھن
ڪو پڇندو آھي تھ مون انھن مشڪلن ھوندي بھ پنھنجي
زندگي ڪھڙيءَ طرح گذاري تھ سدائين جواب ڏيندو
آھيان تھ: ”مون ڪالھھ بھ مشڪلن کي منھن ڏنو ۽ اڄ
بھ انھن سان ويڙھاند ڪري ٿو سگھان“ ۽ پاڻ کي اھو
سوچڻ ڪونھ ڏيندس تھ سڀاڻي ڇا ٿي سگھندو؟
مون کي جدوجھد، اضطراب، مايوسي ۽ محرومي جو تمام
گھڻو علم آھي ۽ سدائين وڌ کان وڌيڪ ڪم ڪرڻو پيو
آھي. ھاڻي گذريءَ تي نظر ڪيان ٿو تھ مون کي اھڙو
جنگ جو ميدان لڳي ٿو، جتي سوين سھاڻن سپنن، ٽٽل
اميدون ۽ سھڻن خيالن جو ڪوس ٿيو ھو. ھي ھڪ اھڙو
ميدان ھو، جتي انيڪ مشڪلون، گھڻيون ڏکيون حالتون
ھيون، جن جو مقابلو ڪندي وقت کان اڳ پوڙھو ٿيو
آھيان.
ان ھوندي بھ مون کي پاڻ تي جھٻو ڪونھ ايندو آھي،
گذريءَ تي ڪونھ پڇتائيندو آھيان، نھ ئي ڪنھن جي
شڪايت ڪندو آھيان، جڏھن تھ ٻين زندگيءَ جو مزو
چکيو آھي. مان زندگيءَ بابت اھو ڪجھھ ڄاڻان ٿو،
جنھن جو کين پتو ئي ناھي. نڪي ڪڏھن ڄاڻي سگھندا.
مان زندگيءَ جون اھڙيون حقيقتون ڏسان ٿو، جيڪي ٻيا
اکيون پٽي بھ ڏسي ڪونھ ٿا سگھن.
مون پنھنجو ھر ھڪ ڏينھن چين ۽ اطمينان سان گذاريو
آھي ۽ ان خيال کان ڪڏھن پريشان ڪونھ ٿيو آھيان تھ
سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ اھا ئي پريشاني اسان لاءِ اونداھي
خطري وانگر آھي، جيڪا اسان کي گدي بنائي ٿي. تجربن
مون کي سمجھايو آھي تھ وقت جو انتظار ڪجي ۽ پوءِ
ان وقت پٽاندڙ پنھنجي نيتن کي جوڙجي. ان ڪري
منھنجو اھو ئي منطق آھي تھ سڀاڻي ايندي تھ ڏٺو
ويندو. مان پنھنجي فھم فراست سان ان جو مقابلو ڪري
سگھندس.
مون تجربن مان اھو پرايو آھي تھ ماڻھن مان وڌيڪ
اميدون نھ رکجن، پر ان ھوندي بھ مون کي پنھنجن
يارن دوستن وٽان خوشيون ملنديون آھن ۽ ڪڏھن ڪڏھن
تھ اھڙن ماڻھن وٽان بھ فائدو ٿيندو آھي، جيڪي
منھنجا سچا دوست نھ ھوندا آھن. بھرحال! مون پنھنجي
اندر مزاح جو مادو پيدا ڪيو آھي، ڇاڪاڻ جو ھن دنيا
۾ گھڻا تڻا واقعا ٿيندا آھن، جن تي افسوس ڪندا
آھيون ۽ ڪن تي خوشي ظاھر ڪندا آھيون. آئون پنھنجي
مشڪلن کان ڪونھ گھٻرائيندو آھيان، ڇا لاءِ جو انھن
جو سدائين مقابلو ڪندو آھيان ۽ انھن مشڪلن سان
مقابلو ڪري گھڻو پرايو اٿم.
مون سويروپڻ ڪاڻ جيئڻ جي اميد ڪونھ ڪئي آھي
13
اپريل
1903ع
تي جي سي جانسن نيويارڪ ۾ ھڪ جنرل اسٽور کوليو. ان
وقت سندس اسٽور ۾ صرف پنج سؤ ڊالرن جو مال ھيو،
جيڪو ان علائقي جي ضرورتن جي پورت ڪار اڻ پورو ھو،
جاتي اھو اسٽور کليل ھو.
پر جانسن جا ارادا اٽل ھئا. ھو پنھنجي زال سان ان
اسٽور مٿان رھندو ھو، جتي ھڪ وڏي کوکي کي ميز ڪري
سجايو ويو ھو ۽ ننڍا ننڍا دٻا، ڪرسيون ڪري رکيا
ويا ھئا. فرش تي ھنڌ پٿاري سمھندا ھئا. سندن ٻار
بھ ساڻن فرش تي سمھندو ھو.
ڏينھن جو جانسن اسٽور تي مصروف ھوندو ھو تھ سندس
زال ڪيرولين پنھنجي ٻار کي سمھارڻ جي ڪوشش ۾ رڌل
ھوندي ھئي. جڏھن ٻار ننڊ ڪندو ھو تھ پاڻ ھيٺ اسٽور
۾ اچي جانسن جو ھٿ ونڊائيندي ھئي. اڄ دنيا جي سڀني
کان وڏن ڊپارٽمينٽل اسٽورن جا نالا جانسن ۽
ڪيرولين جي پٽ چيني، جي سي پيني اسٽورز جا نانوتي
آھن. آمريڪا جي لڳ ڀڳ سمورين رياستن ۾ اھي اسٽور
آھن ۽ سندن ڳاڻيٽو سورھن سون کان وڌيڪ آھي. تازو
ئي مون جانسن سان ملاقات ڪئي ۽ ھن مون کي پنھنجي
ڊرامائي ڪھاڻي ٻڌائي.
ڪئين سال اڳ مان سخت مشڪل حالتن جو شڪار ھوس. ھر
وقت مايوس ۽ پريشان رھندو ھوس. منھنجي پريشانين جو
منھنجي ڌنڌي سان ڪوبھ واھپو واسطو ڪونھ ھو، ڇاڪاڻ
تھ منھنجو ڪاروبار ڪافي مستحڪم ھو ۽ وڌندو پئي
ويو. پر مون ذاتي طور
1929ع
کان اڳ ڪجھھ ڪاروباري ادارن سان ڪي نامعقول قسمن
جا سودا ڪيا ھئا. ٻين جيان مان بھ حالتن جو شڪار
ھوس، جنھن جو ذميوار بھ مان پاڻ ئي ھوس. مان
پنھنجين پريشانين مان ايترو تنگ ھوس جو سڄي رات
ننڊ ئي ڪانھ ايندي ھئي. ان وچ ۾ ھڪ بيماري بھ اچي
لڳي. منھنجي بدن تي ڳاڙھا ڳاڙھا داغ پئجي ويا، جن
۾ ڏاڍي خارش ھوندي ھئي ۽ جيڪڏھن کنھندو ھوس تھ
سڙندا ھئا. مان پنھنجي اسڪول جي زماني ۾ ھڪ دوست،
جيڪو تڏھن ميسوري رياست جي شھر ھملٽن ۾ ھوندو ھو ۽
اتي ھڪ سينٽيوريم ۾ ڪم ڪندو ھو، سندس نالو ڊاڪٽر
ايليگٽن ھو، ان مون کي بستري تي سمھاري معانئو
ڪيو. ان کان پوءِ ٻڌايو تھ مون کي ھر حالت ۾ آرام
ڪرڻ گھرجي. ھن مون لاءِ ڏاڍو سخت قسم جو علاج
تجويز ڪيو، پر ڪوبھ فائدو ڪونھ ٿيو. مان ڏينھون
ڏينھن ڪمزور ٿيندو ويس.
مان جسماني ۽ اعصابي طرح ٽٽي چڪو ھوس ۽ ايتري تھ
مايوسي طاري ٿي وئي ھئي جو ڪٿان بھ اميد جو ڪو دڻو
بھ نظر ڪونھ پئي آيو. پوءِ اھڙي ڪيفيت ٿي وئي جو
زندگي ۾ بھ ڪا ڪشش ڪانھ پئي لڳي. مون محسوس ڪيو تھ
دنيا ۾ منھنجو ڪوبھ دوست ڪونھي، تانجو منھنجي آڪھھ
بھ منھنجي خلاف ٿي پئي آھي. ھڪ رات ڊاڪٽر ايليگٽن
مون کي سڪون جي ڪا دوا ڏني، پر جلد ئي ان جو اثر
زائل ٿي ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ پنڪي آئي ۽ وري
اک کلي وئي. محسوس ٿيو تھ منھنجي زندگيءَ جي آخري
رات آھي. پنھنجي بستري تان اٿي، ميز تي پيل ڪاغذ
کنيم ۽ پنھنجن عزيزن ۽ دوستن کي الوداعي خط لکڻ
شروع ڪيم. مون پنھنجيءَ زال ۽ پٽ کي خط لکيا. کين
ٻڌايو تھ مون کي ڪا اميد ڪانھي تھ صبح جو اجالو
ڏسي سگھندس. مون کي مرڻ جو ايترو يقين ھو جو سوچيم
تھ جيڪڏھن مرڻو ھجي تھ ڇو نھ زندگيءَ ۾ ٿوري دير
مزو وٺان ۽ انھن خيالن جا ڄارا اڻندو سمھي پيس.
ٻئي ڏينھن جڏھن ننڊ مان جاڳيس تھ حيران ٿيس. مان
تھ جيئرو ھوس. ڏاڪڻ تان لٿس ۽ ويجھي گرجا ۾ ماڻھن
جي عبادت ڪرڻ جو آواز ٻڌم. اڄ بھ چڱيءَ طرح ياد
آھي تھ اھي ڪھڙي دعا پيا گھرن؟ ”نھ گھٻرايو، نھ
ڳڻتي ڪريو، خدا پاڪ اوھان جي مدد ڪندو.“ گھران
نڪتس ۽ گرجا اندر ماڻھن سان گڏجي عبادت ۾ مصروف ٿي
ويس ۽ پوءِ اوچتو ھڪ واقعو ٿي پيو، جنھن کي معجزو
ئي چوندس. منھنجي بيان کان ٻاھر آھي. محسوس ڪيم تھ
ڪنھن اونداھي ۽ سوڙھي قلعي کان ٻاھر نڪتو آھيان.
چوڌاري روشني ئي روشني آھي. لڳو تھ ڪنھن دوزخ مان
ڪڍي جنت ۾ موڪليو ويو آھي. اڳي رب جي طاقت جو
اندازو ڪونھ ھيم. محسوس ڪيم تھ پنھنجين غلطين جو
پاڻ ذميوار آھيان. سمجھھ ۾ آيو تھ رب پاڪ جي
منھنجي لاءِ مدد موجود آھي. مون تي شفقت ڪري
منھنجي مدد ڪندو. اھي ڏينھن اھي شينھن، منھنجي
”سڀاڻي“ ھر پريشانيءَ کان پاڪ آھي. ھن وقت منھنجي
عمر ايڪھتر ورھيھ آھي. مان پنھنجي زندگيءَ جا
بھترين ڏھاڙا ان گرجا ۾ گذاريا، جتي مون ويھن منٽن
۾ ماڻھن کي عاجزي ۽ انڪساريءَ سان دعائون گھرندي
ٻڌو ھو تھ ”خدا اوھان جي مدد ڪندو.“
آئون جمنازيم ۾ وڃي باڪسنگ ڪندو آھيان يا ڊگھي چھل
قدمي
نيويارڪ اسٽيٽ اينليٽڪ ڪميشن جي اڳوڻي چئرمين ۽ ھڪ
اڳوڻي اولمپڪ ۽ لائٽ ھيوي ويٽ جي عالمي چيمپئن
ايڊي ايگن پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائيندي چوي ٿو تھ: جڏھن
بھ مان ڪائي پريشاني محسوس ڪندو آھيان تھ ڪوئي
جسماني ڪم مون کي ان کان ڇڏائڻ ۾ مددگار ٿيندو
آھي. ڪڏھن ڪڏھن تيز ڊورون ڀريندو آھيان يا ڊگھو
چڪر ھڻندو آھيان تھ ڪڏھن جنازيم ۾ وڃي باڪسنگ ڪندو
آھيان ۽ باڪسنگ بيگ تي لڳاتار اا ڪلاڪ ٺونشا
وسائيندو آھيان يا اتي ئي اسڪواش يا ٽينس کيڏندو
آھيان.
بھرحال! ڪوبھ جسماني ڪم ڪندو آھيان تھ پريشاني دور
ٿي ويندي آھي. منھنجو ذھن بلڪل صاف ٿي ويندو آھي.
ھر ھفتي جي پڇاڙيءَ ۾ گھڻو وڌيڪ جسماني ڪم ڪندو
آھيان. ڪنھن بھ راند ۾ تمام گھڻو بھرو وٺندو
آھيان. گولف ڪورس جي چؤگرد ڊوڙندو آھيان. جسماني
طور ٿڪجي پوندو آھيان تھ منھنجو ذھن آرام ڪندو آھي
۽ مان قانوني الجھنين ۾ ڪونھ الجھندو آھيان. جڏھن
آرام ڪرڻ کان پوءِ نئين صبح جي شروعات ڪندو آھيان
تھ مان پوري لڳن ۽ تازگيءَ سان پنھنجو ڪم شروع
ڪندو آھيان.
نيويارڪ ۾ جاتي ڪم ڪندو آھيان تھ مون کي ييل ڪلب
جمنازيم ۾ ھڪ ڪلاڪ گذارڻ جو موقعو ملي ويندو آھي.
ڪوبھ شخص مون کي ٽينس، اسڪواش يا ھاڪي کيڏندي
پريشان ڪونھ ٿيندو آھيان، ڇاڪان تھ راند ۾ بيحد
مصروف رھندو آھيان۽ ذھني توڻي جسماني طور ان ۾
شامل ھوندو آھيان.
مون پريشانيءَ جو بھترين حل ورزش ۾ ڳولھي لڌو آھي.
پنھنجي ٻنڌين کي گھڻو استعمال ڪريو ۽ پريشانيءَ
وقت دماغ گھٽ کپايو. پوءِ ڏسو تھ ڪھڙو نتيجو نڪري
ٿو؟ اوھان پڪ سان حيران ٿيندؤ. مون سان اھو مامرو
آھي تھ جيئن جو وزرش شروع ڪندو آھيان، پريشانيون
ڀڄي وينديون آھن.
ڪاليج ۾ مون کي پريشان جم ڪوٺيندا ھئا
سترنھن سال اڳ جڏھن مان ورجينا رياست جي بليڪبرگ
جي ملٽري ڪاليج ۾ پڙھندو ھوس تھ مان ھڪ اھڙو شخص
ھوس، جيڪو سدائين پنھنجي ئي پريشانين ۾ ٻڏل ھوندو
ھوس. اڪثر بيمار ٿيندو ھوس ۽ منھنجي لاءِ ڪاليج جي
ننڍي اسپتال ۾ ھڪ بسترو مخصوص رھندو ھو. جڏھن بھ
نرس مون کي اسپتال ايندو ڏسندي ھئي تھ ھڪدم منھنجي
خاص دوا تيار ڪري رکندي ھئي. اوھان سوچيندا ھوندؤ
تھ مون کي ڪھڙي پريشاني ھوندي ھئي؟ مون کي ھر
ڳالھھ تي پريشاني ھوندي ھئي. ڪڏھن تھ اھو بھ وسري
ويندو ھو تھ مون کي ڪھڙي پريشاني آھي؟ تڏھن بھ
پريشان ھوندو ھوس. مون کي اھو خوف بھ پريشان ڪندو
ھو تھ گھٽ گريڊ اچڻ تي ڪاليج مان ڪڍيو ويندس. فزڪس
۽ ٻين مضمونن ۾ پاس ڪونھ ٿي سگھيو ھوس. مون کي خبر
ھئي تھ پنھنجي گريڊ کي بھتر بڻائڻو اٿم. مون کي
پنھنجي صحت جي باري ۾ بھ پريشاني ھوندي ھئي.
گھڙيءَ گھڙي ھاضمي جي تڪليف ٿيندي ھئي. اوجاڳن جي
شڪايت ھوندي ھئي. مالي پريشاني بھ لاڳو ھئي. مان
ٻين دوستن جيان پنھنجيءَ دوست کي آئيس ڪريم کارائڻ
وٺي ڪونھ وڃي سگھندو ھوس. ڪلب ۾ وڃي ڊانس ڪرڻ تھ
پرانھين ڳالھھ ھئي. مون کي اھا پريشاني بھ ھئي تھ
ڪٿي ھوءَ مون بجاءِ ڪنھن ٻئي ڪيڊٽ سان شادي نھ ڪري
ڇڏي.
رات ڏينھن انھن پريشانين بابت سوچيندو ھوس تھ انھن
کي ڪيئن ختم ڪندس؟ يا اھي ختم ٿينديون يا نھ
ٿينديون؟ سخت مايوسيءَ جي ڪيفيت ۾ ھڪ ڏنھن مون
پروفيسر ڊيوڪ بيرڊ کي پنھنجي سمورين پريشانين کان
آگاھ ڪري ڇڏيو.
مون پروفيسر ڊيوڪ بيرڊ سان پندرھن منٽ گذاريا ۽
انھن پندرھن منٽن انھن چئن ورھين جي مقابلي ۾ جيڪي
مون ڪاليج ۾ گذريا ھئا، منھنجي صحت کي بحال ڪرڻ ۽
منھنجي حوصلي کي وڌائڻ ۾ حد کان وڌيڪ مدد ڪئي.
پروفيسر بيرڊ چيو تھ: ”جم! تون ھڪ جاءِ تي آرام ۽
سڪون سان ويھي رھ. حقيقتن جو مقابلو ڪر. جيترو
عرصو پنھنجي مشڪلن تي پريشان رھين ٿو، ان جو اڌ
وقت تون انھن تي قابو پائڻ ۾ گذار تھ تنھنجي ڪابھ
پريشاني باقي ڪانھ رھندي. پريشاني ھڪ بري عادت
آھي، جيڪا تون سکي آھي.“
پروفيسر بيرڊ مون کي پريشاني ختم ڪرڻ ڪاڻ ٽي اصول
ٻڌايا:
1.
پھريون ان ڳالھھ جو غور سان جائزو وٺو تھ ڪھڙي
پريشاني آھي، جيڪا اوھان کي پريشان پئي ڪري؟
2.
ٻيو تھ ان پريشانيءَ جو سبب معلوم ڪريو.
3.
جيڪڏھن سبب سمجھھ ۾ اچي تھ تعميري رويي سان فورا
ئي ان کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
پروفيسر بيرڊ سان ملاقات کان پوءِ مون پنھنجي ڀلين
صلاحيتن موجب رٿائون رٿيون ۽ ان ڳالھھ تي پريشان
ٿيڻ بجاءِ تھ فزڪس ۾ فيل ٿيو آھيان، اھو ڄاڻڻ جي
ڪوشش ڪيم تھ فزڪس ۾ ڇو فيل ٿيو آھيان؟ مان فزڪس ۾
ڪمزور ڪونھ ھوس. نيٺ تھ مان دي ورجينا جو ايڊيٽر
ھوس.
مون محسوس ڪيو تھ فزڪس ۾ منھنجي ناڪاميءَ جو سبب
مضمون ۾ منھنجي عدم دلچسپي آھي. پر ھاڻي مون ان ۾
دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. مون پاڻ کي چيو تھ جيڪڏھن
ڪاليج جا حاڪم اھو چاھين ٿا تھ ڊگري وٺڻ ڪاڻ فزڪس
۾ ڪامياب ٿيڻ ضروري آھي تھ مان سندن ان شرط کي
چئلينج ڪرڻ وارو ڪير ٿيندو آھيان؟ ان کان پوءِ مون
ٻيھر فزڪس جو امتحان ڏنو ۽ ھن دفعي سٺين مارڪن سان
ڪامياب ٿيس. ڇاڪجاڻ تھ مون نھ رڳو ان ۾ دلچسپي
ورتي، پر محنت بھ ڪئي ھئي.
مون ھڪ جز وقتي نوڪري ڳولھي لڌي. منھنجي مالي
پريشانين ۾ ڪجھھ ڪمي آئي. ھاڻي پنھنجن دوستن ۾
ويھي لڄارو ڪونھ لڳندو ھوس. ھر ھفتي پنھنجيءَ دوست
کي آئس ڪريم کارائڻ ۽ ڪلب ۾ ڊانس ڪرڻ واسطي وٺي
ويندو ھوس. ٿورن مھينن ۾ مون ان دوست کي شاديءَ جي
آڇ ڪئي ۽ اڄ اھا منھنجي زال آھي.
ھاڻي جڏھن بھ پوئتي پنھنجي گذريل زندگيءَ کي ڏسندو
آھيان تھ پتو پوندو آھي تھ منھنجي پريشانيءَ جو ھڪ
ڪارڻ منھنجي الجھن ھئي جو آئون پنھنجي پريشانين جو
سبب معلوم ڪونھ ڪندو ھوس.
جم برڊ سل پنھنجي مشڪلاتن جو تجزيو ڪري پنھنجي
پريشانين تي قابو پائڻ سکي ورتو آھي. |