مان ايترو تھ ڄاڻندو ھوس تھ مون کي ڪوئي غم ڪرڻ نھ
کپي. گھٽ ۾ گھٽ ذاتي طور تھ پريشان ٿيڻ نھ گھرجي.
مون اھو بھ ڄاتو پئي تھ قانون اھو ئي چئي ٿو تھ
پنھنجي ملازمن جي عمل در آمد جي ذميوار صرف فرم
آھي. مون کي خبر ھئي تھ جيڪڏھن ڪيس ڪورٽ ۾ ويو تھ
ان کي اخبارن وارا ويتر ھوا ڏيندا ۽ بدنامي منھنجي
ڪاروبار کي برباد ڪري ڇڏيندي. مون کي پنھنجي
ڪاروبار تي ڏاڍو بانور ھو. ان جو بنياد منھنجي
والد صاحب چوويھھ ورھيھ اڳ رکيو ھو.
آئون ايترو پريشان ٿيس جو بيمار پئجي رھيس. مان ٽي
ڏينھن ٽي راتيون سمھي نھ سگھيس ۽ ڪجھھ بھ کائي نھ
سگھيس. مان سوچيندو رھيس تھ ڇا مون کي اھا پنج
ھزار ڊالرن جي رقم ادا ڪرڻ گھرجي يا ان ماڻھوءَ کي
چئي ڇڏڻ گھرجي تھ ھو پنھنجو پورو زور لڳائي. مون
ڪنھن نتيجي تي پھچڻ پئي چاھيو. آئون اڪثر ھڪ
ڀوائتي خواب مان ڇرڪ ڀري اٿندو ھوس.
ھڪ رات مون کي ھڪ ڪتاب
How to stop worsening
پڙھڻ جو اتفاق ٿيو. اھو ڪتاب
مون کي ڪاريگي ڪلاس پبلڪ اسپيڪنگ وٽان مليو ھو.
مون اھو پڙھڻ شروع ڪيو ۽ ان ۾ ويلز ايڇ ڪيريئر جي
ڪھاڻيءَ تي پڳس. ھن لکيو ھو تھ خراب ترين حالتن
سان منھن ڌيو، تنھن ڪري مون پاڻ کان پڇيو تھ
جيڪڏھن مان ادائيگي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيان ۽
بليڪ ميلر رڪارڊن کي ڊسٽرڪٽ اٽارنيءَ آڏو پيش ڪري
تھ خراب ترين حالتون ڪھڙيون ٿي سگھن ٿيون؟
جواب اھو ھو تھ منھنجو ڪاروبار تباھ ٿي
ويندو.......... وڌ ۾ وڌ اھو ئي ٿي پئي سگھيو. مان
جيل ۾ تھ ڪونھ ويندس، وڌ ۾ وڌ اھو ئي ٿي پئي سگھيو
تھ منھنجي ساک خراب ٿي ويندي. پوءِ مون پاڻ کي چيو
ٺيڪ آھي........ بزنس تباھ ٿيڻ ڏي، مان ان ڳالھھ
کي ذھن سان قبول ٿو ڪريان. اڳتي ڇا ٿيندو؟
جڏھن منھنجي بزنس برباد ٿي ويندي تھ مان ڪو ٻيو ڪم
ڳولھي لھندس. مون کي تيل جي باري ۾ ڏاڍي معلومات
آھي. مون کي ڪئي فرمون ڪم ڏيڻ تي خوشيءَ سان راضي
ٿي وينديون...... مون بھتر محسوس ڪرڻ شروع ڪيو.
منھنجي احساسن کي سڪون ملڻ لڳو. حيران ٿيڻ جھڙي
ڳالھھ آھي جو مان سوچڻ جي لائق ٿي پيس.
مان ھاڻي ٽئين رخ سان منھن ڏيڻ لاءِ تيار
ھوس....... بيحد خراب حالت ۾ بھتر جي
جستجو.......... جڏھن مون حل سوچي ورتو تھ منھنجي
اندر ھڪ نئين خيال جنم ورتو....... جيڪڏھن مان
اٽارني کي سموري صورتحال کان واقف ڪري ڇڏيان تھ ھو
پڪ پڪائي اھڙو رستو ڳوليندو، جنھن جي باري ۾ مون
سوچيو بھ ڪونھ ھوندو....... اڃا تھ ڪوئي واقعو
واقع کي ڪونھ ٿيو ھو........ پر مون سوچيو ڪڏھن
پئي؟ مان تھ پريشان پئي ٿيس. مون فورا ارادو ڪيو
تھ ايندڙ صبح تي اٽارنيءَ سان ملندس ۽ مان پنھنجي
ھنڌ تي پرسڪون ٿي سمھي پيس.
ٻئي ڏينھن منھنجي وڪيل مون کي ڊسٽرڪٽ اٽارنيءَ سان
ملڻ جي صلاح ڏني ۽ چيو تھ آئون کيس سڀ ڪجھھ سربستو
سچ سچ ٻڌايان. مون ائين ئي ڪيو. جڏھن مون پنھنجي
ڳالھھ پوري ڪئي تھ ڊي اي کان اھو ٻڌي حيران ٿي ويس
تھ اھو شخص ڪيترا مھينا اڳ ۾ بھ پاڻ کي گورنمينٽ
ايجنٽ ڪوٺيندو ھو. پوليس ان ملزم جي ڳولھا ۾ آھي.
اھو ڄاڻي مون کي ڏاڍو سڪون مليو. گذريل ٽي ڏينھن ۽
ٽي راتيون انھن اڻتڻين ۾ رھيس تھ پنج ھزار ڊالر
ڏئي پنھنجي جان ڇڏايان.
ان تجربي مون کي ھڪ ٻيو سبق سيکاريو. ھاڻي جڏھن بھ
ڪنھن دٻاءَ واري مسئلي سان دوچار ٿيندو آھيان ۽
ڪوئي بھ ڌمڪي ڏيندو آھي تھ مان ويلز ايڇ ڪيريئر جي
پراڻيءَ فارمولا تي عمل ڪندو آھيان.“
اوھان جيڪڏھن سمجھو ٿا تھ ويلز ايڇ ڪيريئر مشڪلاتن
۾ ڦاٿل ھو تھ ٻڌو تھ ھن وقت تائين ڪجھھ ٻڌو ئي
ڪونھ اٿو. اچو تھ اوھان کي ارلي ھينس جي آکاڻي
ٻڌايان، جيڪا مون
17
نومبر
1998ع
تي ھوٽل سيٽلر بوسٽن ۾ خود سندس زباني ٻڌي ھئي.
انھيءَ ٻڌايو تھ: ”آئون ايترو پريشان ھوس جو السر
منھنجي پيٽ جا آنڊا کائڻ شروع ڪيا. ھڪ رات جو مون
کي سخت تڪليف ٿي. مان اسپتال ڏانھن ڊوڙيس. منھنجو
وزن
175
پائونڊن مان
90
پائونڊ رھجي ويو. مان ايترو
بيمار ھوس جو پنھنجو ھٿ بھ مٿي ڪري ڪونھ پئي
سگھيس. السر اسپيشلسٽ سميت ٽنھي ڊاڪٽرن اھو چيو تھ
ھي ڪيس لاعلاج آھي. ھر ڪلاڪ ۾ مون الڪاٽن پونڊر ۽
ھڪ چمچي کير تي گذر پئي ڪيو. ھر صبح، ھر شام جو
نرس منھنجي پيٽ ۾ نلڪي وجھي صفائي ڪندي ھئي.
ڪئين مھينا اھو ئي ٿيندو رھيو. نيٺ مون پاڻ کي
چيو: ارل ھيني! ڏس، جيڪڏھن توکي موت بنان ڪجھھ نظر
ڪونھ ٿو اچي تھ توکي پنھنجي بقايا قيمتي وقت ۾ ڪو
نھ ڪو ڀلو ڪم ڪرڻ گھرجي. تون ھميشھ موت کان اڳ
دنيا جي سفر جي خواھش ڪئي آھي. جيڪڏھن ائين ڪرڻ
چاھين ٿو تھ ھاڻي جو ھاڻي ڪر.
جڏھن مون پنھنجي معالجن کي ٻڌايو تھ مان دنيا جو
سفر ڪرڻ وارو آھيان ۽ پنھنجي معدي جي صفائي روزانو
پاڻ ئي ڪندس تھ اھي حيران رھجي ويا. انھن اھو ڪڏھن
ڏٺو ۽ نھ ٻڌو ھو. ھنن مون کي سٽ ڪڍي، ڏاٻيو تھ
جيڪڏھن مان دنيا جو سفر ڪندس تھ ماڻھو مون کي سمنڊ
۾ ئي دفنائي ڇڏيندا. مون کين جواب ڏنو تھ ائين
ڪونھ ٿيندو. مون پنھنجن مٽن مائٽن سان واعدو ڪيو
آھي تھ مون کي فيملي پلاٽ ۾ دفن ڪيو ويندو، ان ڪري
مان پنھنجو ڪيسيٽ ساڻ کنيو پيو وڃان.
مون ھڪ ڪيسيٽ جو بندوبست ڪيو ۽ اھو جھاز جي پويان
رکي ڇڏيو. پوءِ مون ھڪ اسٽيم شپ ڪمپنيءَ جو انتظام
ڪيو....... جيڪا منھنجي موت وقت منھنجي لاش کي
فريزنگ ڪمپارٽمنٽ ۾ رکي ڇڏي ۽ مون کي واپس پنھنجي
گھر پھچائي ڇڏي. مان سفر ڪاڻ تيار ٿي ويس.
جيئن ئي مان ايس ايس پريزيڊنٽ ايڊمزلاس اينجلز ۾
چڙھي مشرق ڏانھن ھليس تھ پاڻ کي بھتر محسوس ڪرڻ
لڳس. ھوريان ھوريان مون ايڪلاٽن پونڊر ۽ معدي کي
پمپ ڪرڻ ڇڏي ڏنو. جلد ئي ھر قسم جو کاڌو کائڻ لڳس.
بلڪھ اھي شيون بھ کائڻ لڳس جن لاءِ چيو ھئائون تھ
مون کي ماري رکنديون. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو،
مون سگريٽ ۽ جام پيئڻ بھ شروع ڪري ڏنو. مون ڪيترن
سالن جي ڀيٽ ۾ ان ٿوري وقت ۾ گھڻو مزو ماڻيو ھو.
مون ڪيتريون ئي بازيون لڳايون، گانا ڳايا، نوان
دوست بڻايا. اسان جڏھن انڊيا ۽ پائينا پھتاسون تھ
مون محسوس ڪيو تھ منھنجي گھر جي ڀيٽ ۾ مشرق ۾
غريبي ۽ بک گھڻي وڌيل آھي. مون فورا غم ڪرڻ ڇڏي
ڏنو ۽ بھتر محسوس ڪرڻ لڳس. جڏھن آمريڪا موٽي پھتس
تھ منھنجو وزن نوي پائونڊ وڌي چڪو ھو ۽ السر جي
بيماريءَ کي لڳ ڀڳ وساري ويٺو ھوس. مان پنھنجي
ڪاروبار ڏانھن موٽي ويس. اھي ڏينھن اھي شينھن، مان
وري ڪڏھن بھ بيمار ڪونھ ٿيو آھيان.“
ارل پي ھينيءَ
(Earl P.Haney)
مون کي ٻڌايو تھ: ”ھو محسوس
ڪري ٿو تھ ھاڻي لاشعوري طور ھو اھو ئي اصول اپنايو
پيو اچي، جيڪو ويلز ايڇ ڪيريئر غم تي ضابطو آڻڻ
ڪاڻ اپنائيندو ھو.“
سڀ کان اڳ مون پاڻ کان پڇيو تھ وڌ ۾ وڌ ڪھڙو سنگين
واقعو رونما ٿي سگھي ٿو؟ جواب مليو ”موت!“
ٻيو تھ مون پاڻ کي موت آڏو پيش ڪرڻ لاءِ تيار ڪري
ورتو. مون کي اھو ئي ڪرڻو ھو. ان کان سواءِ ڪنھن
ڳالھھ جي گنجائش نھ ھئي. ڊاڪٽرن ٻڌايو ھو تھ
منھنجي بچڻ جي ڪابھ اميد ڪانھ ھئي.
ٽيون تھ مون حياتيءَ جا باقي بچيل ڏھاڙا وڌ ۾ وڌ
سھڻي نموني گذارڻ جو پڪو پھھ ڪيو......
ھو چوي ٿو تھ جيڪڏھن مان جھاز ۾ غم ڪرڻ لڳان ھا تھ
بيشڪ ڪفن ۾ ويڙھجي موٽان ھا. مگر مون پاڻ کي سڪون
ڏنو ۽ پنھنجيون سموريون مشڪلاتون وساري ڇڏيم ۽ اھو
ئي ذھني سڪون ھيو، جنھن دراصل مون کي وري جيئڻ جي
سگھھ ارپي.
ٻيو اصول اھو آھي تھ جيڪڏھن اوھان سان ڪو ڏک ڏيندڙ
مسئلو آھي تھ ھيٺين ٽن ڳالھين کي اپنائيندي، ويلز
ايڇ ڪيريئر جي جادوءَ ڀري فارمولا آزمايو......
1.
پاڻ کان پڇو تھ ....... پنھنجي زندگيءَ ۾ بدترين
شيءِ ڪھڙي ٿي سگھي ٿي؟
2.
جيڪڏھن بدترين شيءِ آڏو اچي تھ ان کي قبول ڪرڻ ڪاڻ
پاڻ کي تيار رکو.
3.
پوءِ سڪون سان خراب ترين حالتن کان ڇوٽڪارو حاصل
ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
پھريون ٽيون
اوھان کي ڪھڙي پريشاني آھي؟
ڪجھھ عرصو اڳ ۾ ھڪڙيءَ رات منھنجي پاڙيسريءَ
منھنجي دروازي جي گھنٽي وڄائي ۽ منھنجي ڪٽنب کي
ماتا جا ٽڪا لڳائڻ جي آڇ ڪئي. اھو ھڪ اڪيلو شخص
ھو، جيڪو نيويارڪ جي گھرن جون گھنٽيون وڄائيندو
ھو. خوفزده ماڻھو ٽڪن لڳائڻ ڪاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ
قطارن ۾ بيٺا ھوندا ھئا. ٽڪن لڳرائڻ جون اسٽيشنون
نھ رڳو سمورين اسپتالن ۾ بنايون ويون ھيون، بلڪھ
فائر ھائوس، پوليس جي احاطن ۽ وڏن وڏن صنعتي
پلانٽن ۾ بھ نصب ڪيا ويا ھئا، جن ۾ ٻن ھزارن کان
وڌيڪ ڊاڪٽر توڙي نرسون رات ڏينھن ڪم ڪنديون ھيون ۽
سندن گرداگرد ٽڪن لڳائڻ وارن جا ھشام ڪٺا ھوندا
ھئا. ان سموري تجسس جو سبب اھو ھيو جو نيويارڪ شھر
جي اٺن ماڻھن کي ماتا لڳي ھئي، جن مان ٻھ ڄڻا وفات
ڪري ويا ھئا، صرف ٻھ.
مان ستٽيھن سالن کان نيويارڪ ۾ رھندو آھيان. ڪنھن
ھڪ ماڻھوءَ بھ غم جي جذباتي مرض ڪري منھنجو ڪڙو
ڪونھ کڙڪايو آھي. غم جنھن ماتا کان ڏھھ ھزار ڀيرا
وڏا نقصان پھچايا آھن.
ڪنھن در کڙڪائيندڙ مون کي اھو ڪونھ ٻڌايو آھي تھ
ڏھن منجھان ھڪ شخص جي يونائيٽيڊ ٽيسٽ ۾ نروس بريڪ
ڊائون ٿي ويندو.
تنھن ڪري اوھان جي اطلاع خاطر دروازن جون گھنٽيون
وڄائڻ ڪاڻ ھي باب پيو لکان.
ڊاڪٽر ايليڪس ڪيرل جنھن دوائن جو نوبل انعام کٽيو،
چوي ٿو تھ: ”ڪاروباري ماڻھو جيڪي غم جي خلاف وڙھڻ
ڪونھ ٿا ڄاڻن، جوانيءَ ۾ ئي مري ويندا آھن. اھڙيءَ
طرح گھريلو ڪراڙيون، جانورن جا ڊاڪٽر ۽ رازا بھ.“
ڊاڪٽر او ايف گوبر
O.F.Gober
چوي ٿو تھ سمورن مريضن ۾ ستر
سيڪڙو اھڙا ھوندا آھن، جيڪي جيڪڏھن ڊڄڻ ۽ ڏک ڪرڻ
ڇڏي ڏين تھ صحتمند ٿي سگھن ٿا. منھنجو اھو مقصد
ڪونھي تھ سندن بيماريون خيالي آھن. ھن چيو سندن
بيماريون ڏاٺ جي سور ۽ ڪڏھن تھ ان کان بھ سوين
ڀيرا وڌيڪ سنگين ھونديون آھن. اھڙين بيمارين کي
مان اعصابي بدھضمي سڏيندو آھيان. ڪن کي معدي جو
السر، دل جي بيقراري، ڪجھھ مٿي جو سور ۽ ڪن کي
فالج يا لقوي جي نانءِ ڪندو آھيان.
اھي حقيقي بيماريون آھن. ڊاڪٽر گوبر چيو تھ: ”مان
ڄاڻان ٿو تھ مان ڇا ٿو چوان؟ ڇاڪاڻ تھ مان پاڻ
ٻارنھن ورھيھ السر جو مريض رھيا آھيان.“
خوف، غم جي ڪري ٿيندو آھي. غم اوھان کي اعصابي
دباءَ ۾ جڪڙيندو آھي ۽ اوھان جي معدي جي اعصابن تي
اثر وجھندو آھي ۽ اوھان جي معدي جي پارسل گيسٽڪ
جوس جي انبار ۾ بدلائيندو آھي ۽ اھڙيءَ طرح اڪثر
ڪري معدي جو السر ٿيندو آھي.
ڊاڪٽر جوزف اين مونشينگ
(Nervous Stomach Trouble)
جو ليکڪ بھ لڳ ڀڳ اھا ئي ڳالھھ
ڪري ٿو تھ: ”معدي جو السر ڪنھن شيءِ جي کائڻ سببان
ڪونھ ٿيندو آھي. پر تڏھن ٿيندو آھي، جڏھن ڪا شيءِ
اوھان کي پئي کائي. اھو فيصلو پندرھن ھزارن مريضن
جي معدي جي باري ۾ ڪلينڪ ۾ معائنو ڪرڻ بعد ڪيو ويو
ھو. غم، خوف، نفرت، بي انتھا خود غرضي ۽ دنياوي
حقيقتن سان مقابل ٿيڻ جي نااھلي جي ڪري ماڻھو معدي
جي بيمارين ۽ معدي جي السر جو شڪار ٿيندا آھن.
معدي جو السر اوھان کي موت ڏانھن ڌڪيندو آھي.“
ميو ڪلينڪ جي ڊاڪٽر ھيرلڊ سي ھيلين
(DR.Harold C Halen)
ھڪ سؤ ڇاھتر ڪاروباري ماڻھن
(ايگزيڪٽيوز) جو معائنو ڪيو، جن جي سراسري عمر
43
سال ھئي، جن ۾ گھڻا تڻا دل جي
مرض، السر ۽ ھاڻي بلڊ پريشر ۾ مبتلا ھئا. انھن جي
ڪاميابي ڪھڙي ڪم جي؟ جيڪي
45
سالن تائين پھچندي پھچندي صحت
برباد ڪري ويندا آھن. ڇا ان شخص کي ڪامياب ڪوٺبو
جيڪو ڪاروبار جي ترقيءَ جي عوض معدي ۽ السر ۽ دل
جي تڪليف جو مريض بڻجي ويو ھجي.........؟ ان شخص
کي ڪھڙو فائدو ٿيو، جيڪو ساري دنيا حاصل ڪري، مگر
پنھنجي صحت برباد ڪري ڇڏي؟ جيڪڏھن ھو ساري دنيا بھ
حاصل ڪري وٺي، تڏھن بھ ھڪ وقت تي بستري تي سمھندو
۽ سڄي ڏينھن ۾ ٽي ٽي وقت ئي ماني کائيندو. اھو تھ
عام معمولي ماڻھو بھ ڪري ٿو سگھي. بلڪھ وڌيڪ سڪون
سانت سان ڪري ٿو سگھي ۽ مضبوط قسم جي ايگزيڪٽو کان
وڌيڪ پر تڪلف طعام واپرائي سگھي ٿو.
۽ سگريٽن جي باري ۾ ڳالھائيندي........ دنيا جو
مڃيل سگريٽ ٺاھيندڙ دل بيھڻ ڪري دنيا مان ھليو
ويو. ان جي عمر
61
سال ھئي. پنھنجي ڪاروباري
زندگيءَ جو ھو ھڪ ڪامياب واپاري ھو.
منھنجي اندازي موجب اھو سگريٽ ايڪزيڪٽو منھنجي
پيءُ جھڙو سڀاڳو ڪونھ ھو. ايگزيڪٽو ڪروڙ پتي ھو،
جڏھن تھ پنھنجي پيءُ وٽ مرڻ وقت ڪوڏي بھ ڪانھ ھئي.
ايگزيڪٽو ايڪھٺ ورھين جي عمر ۾ دل بيھڻ ڪري مري
ويو، جڏھن تھ ابي جي عمر اڻيانوي سال ھئي ۽ کيس
ڪوبھ غم، ڪابھ بيماري ڪانھ ھئي.
مشھور ميو برادرز ٻڌائين ٿا تھ اسان جي اسپتال جا
اڌ کان وڌيڪ مريض اعصابي بيمارين ۾ مبتلا ٿيندا
آھن ۽ جڏھن پوسٽ مارٽم ۾ انھن ماڻھن جي اعصابن جو
معائنو ڪيو ويندو آھي تھ پتو اھو پوندو آھي تھ
سندن اعصابي تڪليف سندن جسمن ۾ ڪنھن خرابيءَ کان
پيدا ڪانھ ٿي ٿئي، پر پريشاني، ٿڪاوٽ، ڏک، خوف،
ڪاميابي ۽ مايوسيءَ ڪري ٿيندي آھي. افلاطون چوندو
ھيو تھ: ”ڊاڪٽرن جي سڀ کان وڏي غلطي اھا ھوندي آھي
جو جسم جي علاج جي ڪوشش ۾ لڳا پيا ھوندا آھن ۽
دماغ طرف ڪوبھ ڌيان ڪونھ ڏيندا آھن.“ اسان ھڪ نئين
دوا تجويز ڪرڻ وارا آھيون، جنھن کي سائڪوزر ميٽڪ
ميڊيسن چوندا آھن. ھيءَ دوا جسم ۽ دماغ ٻنھي جو
علاج ڪندي آھي.
ڊاڪٽرن اندازو لڳايو آھي تھ ٻارھن مان ھڪڙو آمريڪي
ذھني طور بيمار آھي. ٻي مھا ڀاريءَ لڙائيءَ ۾ ڇھن
مان ھڪ فوجيءَ کي ذھني بيماريءَ ڪري رد ڪيو ويندو
ھو.
ذھني بيماري ڇو لڳندي آھي؟ ڪنھن ھڪ کي بھ پورو پتو
ڪونھي، پر عام طور پريشاني ۽ خوف ان بيماريءَ جو
سبب بڻجن ٿا. جيڪو شخص زندگيءَ جي انھن تلخ حقيقتن
کي منھن نٿو ڏئي سگھي، ساري ماحول ۽ حالتن کان
منھن موڙي ويھي ٿو ۽ پنھنجن ئي خوابن ڀري حياتيءَ
۾ بند ٿي ويھي رھي ٿو ۽ اھا زندگي سندس پنھنجي
بنايل ھوندي آھي ۽ اھا ئي سندس دک درد جو علاج
ڪندي آھي.
غم دل تي جيئن اثر انداز ٿيندو آھي؟ ھائي بلڊ
پريشر غم جي ھٿن ۾ پلندو آھي. سنڌن جو سور بھ غم
جي پيدا ڪيل بيماري آھي. پنھنجي معدي خاطر ٿورو غم
کائو. اوھان غم ۾ ورقھ (غدودن) ۽ غم ۽ ذيابيطيس جي
مرض کان ڪيئن ڇوٽڪارو پائي سگھو ٿا؟
ڊاڪٽر ڪارل نينگز جيڪو ميو برادرز آف سائيڪيٽري
(Psychiatry)
مان ھڪ آھي، غم جي باري ۾
”انسان پاڻ پنھنجي برخلاف“ جي عنوان سان ھڪ نھايت
ڪامياب ڪتاب لکيو آھي. ھي ڪتاب اوھان کي غم کان
ڇوٽڪارو پائڻ جو ڪوئي اصول ڪونھ ٻڌائيندو، پر
حيران ڪندڙ ڳالھيون ٻڌائيندو تھ اسان بي قراري، بي
چيني، نفرت، انتقام ۽ خوف کان ڪھڙيءَ طرح پنھنجو
جسم ۽ ذھن تباھ برباد ڪندا رھندا آھيون.
غم چڱي ڀلي ماڻھوءَ کي بيمار ڪري ڇڏيندو آھي.
ھينري مارگنٿا روسويلٽ جي ڪابينا ۾ خزاني جو
جونيئر وزير چوي ٿو تھ کيس غم گھڻو بيمار ڪري وڌو.
سندس ڊائري ۾ رڪارڊ ڪيو ويو آھي تھ جڏھن کان صدر
ڪڻڪ جي قيمت وڌائڻ ڪاڻ ھڪ ئي ڏينھن ۾
4400,000
بيٺل اناج خريد ڪري ورتو ۽ جڏھن اھو ٿيو پئي،
انھيءَ وچ ۾ سندس طبيعت خراب ٿيڻ لڳي. ھو گھر ويو
۽ لنچ ڪرڻ کان پوءِ بھ ڪلاڪ بستري تي پيو رھيو.
جيڪڏھن مان اھو ڄاڻڻ چاھيان تھ غم ماڻھن جو ڪھڙو
حال ڪندو آھي؟ تھ ڪنھن لائبريري جي ڪتاب يا معالج
ڏي وڃڻ جي ڪابھ ضرورت ڪانھي. مان پنھنجي گھر جي ان
دريءَ مان ٻاھر جھاتي پائي سگھان ٿو، جتي ويھي مان
ھيءُ ڪتاب پيو لکان ۽ مان ھڪ ئي بلاڪ، ھڪ ئي گھر ۾
ڏسي سگھان ٿو، جتي غم، نروس بريڪ ڊائون جو سبب
بڻيو. ٻئي گھر ۾ غم ھڪ شخص کي ذيابيطس جي مرض م
مبتلا ڪري ڇڏيو. جڏھن اسٽاڪ مارڪيٽ ھيٺ ڪريو تھ ان
کي رت ۽ پيشاب ۾ شوگر اچڻ لڳي.
ھڪ فرانسيسي فلسفي مونٽيگني
(Montaigne)
جڏھن پنھنجي شھر جو ميئر ٿيو
تھ ھن پنھنجي شھرين کي خطاب ڪندي چيو: ”مان اوھان
جا معاملا پنھنجن ھٿن ۾ وٺڻ ڪاڻ تيار آھان، پر کين
پنھنجي جگر ۽ ڦڦڙن ۾ سموھي ڪونھ ٿو سگھان.“ پر
منھنجي ھن پاڙيسريءَ اسٽاڪ مارڪيٽ جي معاملن کي
پنھنجي رت ۾ داخل ڪري، پاڻ پنھنجي موت کي دعوت ڏني
آھي. جيڪڏھن مان ڄاڻان تھ غم ماڻھن جو ڪھڙو حال
ڪيو آھي؟ تھ مون کي دريءَ مان جھاتي پائڻ جي ڪابھ
ضرورت ڪانھ آھي. مان پنھنجي انھيءَ ڪمري ۾ نظر
ڊوڙائي سگھان ٿو جتي ويٺو ھي ڪتاب پيو لکان ۽
پراڻين يادن کي ورجائي سگھان ٿو تھ ھن ڪمري جو
اڳيون مالڪ ايترو غمگين ٿيو جو نيٺ وڃي قبر ڀيڙو
ٿيو.
ڪارنل يونيورسٽي ميڊيڪل اسڪول جو ڊاڪٽر رسل ايل
سيل سنڌن سڙڻ جي بيماري واسطي دنيا جو مڃيل ڊاڪٽر
آھي تھ غم اوھان کي سنڌن جي سور جي بيماريءَ ۾
مبتلا ڪري وھيل چيئر تي ويھاري سگھي ٿو. ھڳ چوي ٿو
تھ: سنڌن جي سوزش بيماري لڳڻ ۾ ھيٺين چئن شين جو
ھٿ آھي:
1.
ازدواجي زندگيءَ جي تباھي
2.
معاشي تباھي ۽ ڏک
3.
ھيکلائپ ۽ غم
4.
پيار ۾ آزردگي
ظاھر آھي تھ رڳو اھي چار جذباتي صورتون سنڌن جي
ساڙي ۾ مبتلا ڪونھ ٿيون ڪن. ان جا انيڪ قسم ۽ سبب
آھن ۽ ان جا سبب بھ ڪيترا ئي ھوندا آھن، پر عام
سبب دھرائڻ ۾ جن جي فھرست ڊاڪٽر رسل ڏني آھي، اھي
سوزش جو سبب بڻجن ٿا. مثال طور منھنجي ھڪ دوست کي
معاشي بدحالي آڏو ھئي، جنھن ڪري سندس زال تي اوچتو
جوڙن جي سوزش حملو ڪيو ۽ دوائون ۽ خوراڪ ڏيڻ جي
باوجود اھا بيماري وڌندي وئي. ايستائين جو جيئن
جيئن منھنجي دوست جي معاشي حالت بھتر ٿيندي وئي،
تيئن تيئن سندس زال جي بيماري بھ دفع رفع ٿيندي
وئي.
غم انسان جي ڏندن تي بھ اثر وجھندو آھي. ڊاڪٽر
وليم آئي ايل ميڪ گونيگل امريڪي ڊينٽل ايوسي ايشن
کي خطاب ڪندي چيو تھ: اڻوڻندڙ قسم جا جذبا جيڪي ڏک
۽ غم مان اڀرندا آھن، جسم ۾ موجود ڪيلشيم جي توازن
۾ خرابي پيدا ڪري سگھن ٿا ۽ پوءِ ڏندن جي ڪرڻ جو
ڪارڻ بڻجن ٿا. ھن ڊاڪٽر پنھنجي ھڪ مريض جي باري ۾
ٻڌايو، جنھن جي ڏندن جو سيٽ مڪمل طور ٺيڪ ھو. پر
ھن پنھنجي زال جي اوچتي موت جو غم کائڻ شروع ڪيو.
سندس زال ٽي ھفتا اسپتال ۾ رھي ۽ ان وچ ۾ سندس
ڏندن ۾ کوڙيون پئجي ويون ۽ کوڙيون غم جي سبب کان
پيون.
ڇا اوھان ڪنھن اھڙي شخص کي ڏٺو آھي جيڪو
Thyroid
جھڙي خطرناڪ بيماريءَ ۾ مبتلا
ھجي؟ مون ڏٺو آھي. اھي مريض ڪنبندا ۽ لرزندا آھن.
تقريبًا مرڻ ھارکا ھوندا آھن ۽ اھو ڪيئن ٿيندو
آھي؟
Thyroid Gland
(محرابي غدود) جيڪي جسم جو توازن برقرار رکن ٿا،
چيلھھ کان لڏي وڃي ٿو ۽ تيزيءَ سان دل ڏانھن نڪري
وڃي ٿو ۽ سمورو جسم ٿڙڻ ٿڙڪڻ لڳي ٿو. جيڪڏھن ان جو
علاج نھ ڪيو وڃي تھ مريض مري بھ سگھي ٿو، بيڪار بھ
ٿي سگھي ٿو.
ڪجھھ وقت اڳ مان پنھنجي ھڪ دوست سان فلا ڊيلفيا
ويس جيڪو انھيءَ مرض جو شڪار ھو. اسان ڊاڪٽر
اسرائيل بدام کان
1633
ھيروس اسٽريٽ ۾ رجوع ڪيو. ھن
ڊاڪٽر گذريل اٺٽيھن سالن کان ھن مھلڪ مرض جو علاج
پئي ڪيو. ھو انھيءَ بيماريءَ جو اسپيشلسٽ ھو. ھن
پنھنجي ويٽنگ روم ۾ ڀت تي ھيءَ نصيحت لکي چنبڙائي
ڇڏي ھئي....... مون اھا ھڪ لفافي جي پويان نوٽ ڪري
ورتي.
سڪون ۽ تفريح
سڀ کان وڌيڪ پرسڪون تفريح مذھب، ننڊ، موسيقي ۽
ٽھڪن ۾ لڪيل آھي.
خدا تي ڀروسو رکو..... ڀرپور ننڊ ڪريو...... سٺي
موسيقيءَ سان پيار ڪريو...... زندگيءَ جو روشن رخ
ڏسو، تھ پوءِ صحت ۽ خوشيون اوھان وٽ ھونديون.
ھن منھنجي دوست کان سڀ کان پھريون سوال اھو ڪيو تھ
ان کي ڪھڙي بيچين جذباتي حالت ان حالت تائين
پھچايو؟ ھن منھنجي دوست کي تنبيھھ ڪئي تھ جيڪڏھن
ھن غم کائڻ ڪونھ ڇڏيو تھ وڌيڪ پيچيدگيون گھيري
وٺندس. ھو دل جي بيماري، معدي جي السر يا ذيابيطس
۾ مبتلا ٿي سگھي ٿو. ھن نامور ڊاڪٽر چيو تھ اھي
سموريون بيماريون پاڻ ۾ ڀينر آھن ۽ اھي سموريون
بيماريون غم ڪرڻ ڪري ٿينديون آھن.
جڏھن مون مري آھيرن
(Merle Oheron)
کان انٽرويو ورتو تھ ان ٻڌايو
تھ ھن غم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو ھن
ڄاتو پئي تھ غم سندس بھترين سرمائي، سندس سونھن کي
ناس ڪري ڇڏيندو.
ھن مون کي ٻڌايو تھ پھريون ڀيرو جڏھن ھوءَ فلم ۾
آئي تھ پريشان ھئي. مان تازو ئي ھندستان کان آئي
ھئس ۽ منھنجي لنڊن ۾ ڪنھن سان واقفيت ڪانھ ھئي ۽
ھتي مان ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ھيس. مان ڪجھھ پروڊيوسرن
سان مليس، مگر ڪنھن بھ مون کي ڪم ڪونھ ڏنو. مون وٽ
جيڪا بھ ٿوري گھڻي رقم ھئي، کپي ويئي. مون ٻھ ھفتا
سڪن ٽڪرن ۽ پاڻيءَ تي گذارو ڪيو. مون کي ھاڻي نھ
رڳو غم ھو، پر بک بھ مٿان پئي. مون پاڻ کي چيو تھ
شايد مان فلمن ۾ نھ اچي سگھان. تنھنجو ان ۾ ڪوبھ
تجربو ڪونھي. اڳ ۾ بھ تو ڪڏھن ڪا اداڪاري ڪانھ ڪئي
آھي. تو وٽ سھڻي صورت کان سواءِ پيش ڪرڻ ڪاڻ ٻيو
ڇا آھي؟“
مان آئيني آڏو ويس. مون ڏٺو تھ منھنجي مک تي غم جا
تاثرات نمايان ھئا. منھن تي ليڪون پوڻ لڳيون ھيون.
انھن تاثرات مون کي گھڻو متاثر ڪيو، تنھن ڪري مون
پاڻ کي چيو: ”ان کي ھڪدم ترڪ ڪر. غم توکي موافق نھ
ايندو. تو وٽ صرف سونھن سوڀيا ئي آھي ۽ غم ان کي
برباد ڪري ڇڏيندو.“
ڪجھھ ڳالھيون عورت جي خوبصورتيءَ کي غم جھڙي تيز
رفتاري سان تباه ڪري ڇڏينديون آھن. غم چھري کي
وڪوڙيندو آھي. ڳٽا اندر دٻجي ويندا آھن، منھن ۾
گھنج پوندا آھن ۽ مٿن ھميشھ لاءِ نشان پئجي ويندا
آھن. وار اڇا ٿي ويندا آھن ۽ ڪڏھن ڪڏھن تھ وار
تيزيءَ سان ڪرندا آھن. اھو غم ساري شڪل شباھت
برباد ڪندو آھي. منھن جو رنگ بي نور ٿي ويندو آھي،
منھن تي جھريون، ڇائون ۽ ڪارا تر نڪرڻ لڳندا آھن.
اڄڪلھھ آمريڪا ۾ دل جي تڪليف ؟؟؟ موذي مرض آھي. ٻي
عظيم جنگ دوران لڳ ڀڳ ساڍا ٽي لک فوجي ماريا ويا،
پر ان زماني ۾ دل جي مرض ويھھ لک شھري
(Civilians)
ماري ڇڏيا ۽ ڏھ لک ماڻھو غم
سببان دل جي مرض جو شڪار ٿيا. ڊاڪٽر ايليڪس ڪيرل
چوي ٿو تھ اھي ڪاروباري ماڻھو جيڪي غم خلاف لڙڻ
ڪونھ ٿا ڄاڻن، جوانيءَ ۾ ئي مري وڃن ٿا. جنوبي
نيگرو ۽ چيني ماڻھو ھيڪڙ ٻيڪڙ غم سببان دل جي مرض
جو شڪار ٿيندا آھن، ڇاڪاڻ تھ اھي ماڻھو واقعن کان
گھڻا پريشان ڪونھ ٿيندا آھن. وليم جيمز چيو تھ:
”خدا پاڪ اسان کي گناھن جي معافي ڏئي ٿو سگھي پر
اعصابي نظام ڪڏھن بھ ائين ڪونھ ٿو ڪري.“
گھڻا تڻا آمريڪي ھر سال فطري موت جي نسبت ۾ خودڪشي
جو موت مرندا آھن. ڇو؟ رڳو غم سبب! جڏھن چيني ظالم
لارڊ پنھنجن قيدين کي ايذائيندا ھئا تھ سندن ھٿ
پير ٻڌي پاڻيءَ جي ھڪڙي ٿيلھي ۾ وجھندا ھئا، جنھن
مان راتو ڏينھان ڦڙو ڦڙو لڳاتار سندن مٿن تي پيو
ٽمندو آھي ۽ اھو کين سرسام ۾ مبتلا ڪندو آھي ۽
پاڻيءَ جو اھو ڦڙو ڦڙو سندن مٿن تي ھٿوڙن جيان
لڳندو آھي، جنھن سان اھي پاڳل ٿي ويندا آھن.
ايزائڻ جو اھوئي طريقو ھٽلر بھ استعمال ڪيو ھو.
غم، پاڻيءَ جي انھن لڳاتار ڦڙن وانگر آھي ۽ غم جي
لڳاتار وسڪار ماڻھن جو مٿو ڦيرائي چريو ڪري ڇڏيندي
آھي.
مان جڏھن ميسوريءَ جو ھڪ ڳوٺاڻو ڇوڪرو ھوندو ھوس
تھ مان ھلي سنڊي
(Hilly Sunday)
تي ايندڙ جھان ۾ دوزخ جي باھ
بابت ٻڌندو ھوس ۽ مرڻ ھارکو ٿي ويندو ھوس. مگر ھن
انھيءَ جسماني ايذاءَ جو ڪڏھن بھ ذڪر ڪونھ ڪيو ھو،
ڇاڪاڻ تھ غمگين ماڻھو ھن ئي جھان ۾ ڀوڳيندا رھن
ٿا. مثال طور: جيڪڏھن غم اوھان جي اندر ۾ ناسور
بڻجي چڪو آھي تھ اوھان کي دل ۾ اھڙو درد اٿندو،
جيڪو اوھان جي برداشت کان ٻاھر ھوندو.
جيڪڏھن اوھان سان ڪڏھن ائين ٿئي تھ اوھان درديليون
دانھون ڪندا، پوءِ پاڻ کي چوندؤ تھ اف خدايا!
جيڪڏھن ھڪڙو ڀيرو ھن ايذاءَ کان ڇٽان تھ وري ڪڏھن
بھ ڪنھن بھ ڳالھھ جو غم ڪونھ ڪندس. جيڪڏھن اوھان
سمجھو ٿا تھ آئون مبالغو پيو ڪريان تھ پنھنجي
خانداني ڊاڪٽر کان پڇي ڏسو.
ڇا اوھان کي زندگيءَ سان پيار آھي؟ ڇا اوھان
پنھنجي ڄمار وڌائڻ چاھيو ٿا؟ ڇا اوھان صحتمند
زندگي گذارڻ چاھيو ٿا؟ تھ مان وري بھ ڊاڪٽر ايليڪن
ڪيرل جو حوالو ڏيان ٿو. ان چيو ھو تھ: ”جيڪي ماڻھو
پنھنجي من کي سڪون ڏين ٿا، اھي اعصابي بيمارين کان
بچيل رھن ٿا.“
ڇا اوھان ھڪ جديد شھر جي نفسا نفسيءَ ۾ پاڻ کي
سڪون ڏئي سگھو ٿا؟ جيڪڏھن اوھان نارمل ماڻھو آھيو
تھ ”ھائو“ ۾ جواب ڏيندا. ڪي ماڻھو اسان جي سوچڻ
کان بھ وڌيڪ مضبوط ھوندا آھن. اسان گھڻو ڪري
پنھنجي لڪل صلاحيتن کي ڪم ڪونھ آڻيندا آھيون. جيئن
ٿوريو
(Thorean)
پنھنجي ڪتاب والڊن ۾ چوي ٿو
تھ: ”مان انسان جي ان بيمثال صلاحيت کان وڌيڪ ڪجھھ
ڪونھ ٿو ڄاڻان تھ جيڪا باشعور ڪوشش سان سندس زندگي
سنواريندي آھي. جيڪڏھن ڪوبھ شخص خود اعتمادي سان
پنھنجن خوابن طرف وڌندو رھي تھ انھن جي تعبير حاصل
ڪري وٺندو ۽ اھو عام زندگيءَ ۾ اوچتو ئي اوچتو
ڪاميابين سان ھمڪنار ٿي ويندو.“
پڪ سان منھنجا ڪيترا ئي پڙھندڙ اولڳا جي ڄاري
وانگر مضبوط قوت ارادي جا مالڪ ھوندا. ھوءَ ٻڌائي
ٿي تھ اھا بدترين حالتن ۾ غمزده ڪانھ ٿيندي آھي.
مون کي يقين آھي تھ اوھان ۽ مان بھ ائين ڪري سگھون
ٿا. اولڳا ٻارو مون کي ھڪ ڪھاڻي لکي موڪلي تھ:
”ساڍا اٺ سال اڳ مان مرڻ جي قريب ھئس. سست رفتار ۽
درديلي موت کي ويجھو....... ڪينسر ملڪ جي بھترين
ڊاڪٽرن، ھيو برادرز ثابت ڪري ڏيکاريو تھ موت جي
منھن ۾ ويٺي آھيان. مان نوجوان ھيس. مون مرڻ ڪونھ
پئي چاھيو. مون پريشانيءَ جي حالت ۾ ڊاڪٽرن کي فون
ڪيو ۽ ان کي پنھنجي دل جي پريشاني ٻڌائي. ھن
بيچينيءَ مان پڇيو تھ معاملو ڇا آھي؟ اولڳا! ڇا
تون پنھنجي اندر ۾ لڙڻ جي صلاحيت ڪونھ ٿي رکين؟
تون جيڪڏھن ائين دانھون ڪوڪون ڪندينءَ تھ پڪ سان
مري ويندينءَ. بدترين حالتون تو تي حاوي ٿيون آھن.
او ڪي حقيقتن سان منھن ڏي، غم ڪرڻ ڇڏي ڏي. پوءِ ان
کي رفع ڪرڻ جو سوچ. مون اتي جو اتي انھيءَ ئي وقت
قسم کنيو. اھو قسم ايترو پڪو پختو ھيو جو منھنجا
ننھن منھنجي ھٿن جي ترين ۾ گھڙي ويا. ھاڻي مان غم
ڪونھ ڪندس، غمگين ڪونھ ٿيندس، دانھون ڪونھ ڪندس،
ڪونھ ڪوڪاريندس ۽ جيڪڏھن ڪا اھڙي صورتحال ٿي تھ
مقابلو ڪري، مھاڏو اٽڪائي کٽنديس. مون کي جيئڻو
آھي، زندھ رھڻو آھي.
اھڙين سنگين حالتن ۾ عام طور ايڪسري تي ھڪ ڏينھن
جي ٽيھن ڏينھن لاءِ
10
½
منٽ امائونٽ ٿيندو آھي، جتي
اھي ريڊ بم کي استعمال ۾ ڪونھ آڻيندا آھن. انھن
مون کي ھڪ ڏينھن تي
14
½
منٽ لاءِ
49
ڏينھن جو ايڪسرو ڏئي ڇڏيو،
جيتوڻيڪ منھنجيون ھڏيون منھنجي بدن ۾ ٽڪرين جان
سخت ٿي ويون ھيون ۽ منھنجن پيرن ۾ اٿي بيھڻ جي سڪت
بھ ڪانھ ھئي. پر مون غم ڪونھ ڪيو. ھڪ ڀيرو بھ
دانھن ڪونھ ڪيم. مرڪندي رھيس. دراصل مون پاڻ کي
مسڪرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ھو.
مان ايتري چري ڪانھ ھيس جو سمجھان ھا تھ محض
مسڪرائڻ سان ڪينسر جھڙي مرض جو علاج ٿي ويندو. پر
منھنجو خيال ھو تھ ذھني طور خوشگوار رويو منھنجي
بدن کي بيماري جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. مان
گذريل ڪجھھ سالن کان ڪڏھن ايتري صحتمند ڪانھ پئي
نظر آيس. مان انھن چتائيندڙن ۽ وڙھندڙ لفظن جي
ٿورائتي آھيان: حقيقتن کي منھن ڏيو، غم ڪرڻ ڇڏي
ڏيو ۽ پوءِ ان جو بندوبست ڪريو.“
مان ڊاڪٽر ايليڪس ڪيرل جي لفظن سان ھن باب کي ختم
ڪريان ٿو تھ: ”ڪاروباري ماڻھو جيڪي غم سان وڙھڻ
ڪونھ ٿا ڄاڻن، اھي جوانيءَ ۾ ئي مري وڃن ٿا.“
پھرين باب جو اختصار
غم بابت ڄاڻڻ لاءِ بنيادي حقيقتون
رول نمبر1:
اوھان جيڪڏھن غم کان ڇوٽڪارو چاھيو ٿا تھ اھو ئي
ڪيو جيڪو سر وليم آسلر ڪيو ھو. سارو ڏينھن ڪم ڪريو
۽ آئيندي جو اونو نھ ڪيو. ھر روز سمھڻ وقت زنده
رھو.
رول نمبر2:
ويلز ايڇ ڪيريئر جي جادوئي فارمولا آزمايو.
الف-پاڻ کان پڇو تھ جيڪڏھن مان ان مسئلي جو حل نھ
ڳولي سگھان ھا تھ بدترين حالتون ڪھڙيون ٿي سگھن
ٿيون؟
ب- جيڪڏھن ڪوبھ چارو نھ چلي تھ پاڻ کي ذھني طرح
انھن بدترين حالتن لاءِ تيار رکو.
ت- ۽ پوءِ سڪون سان انھن حالتن کان ڇوٽڪارو پائڻ
جون ڪوششون ڪيو، جن کي اوھان قبول ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي
ذھني طور تيار آھيو.
رول نمبر3:
ياد ڪيو تھ غم جي بدلي ۾ اوھان کي پنھنجي بيپناھ
صحت جي قرباني ڏيڻي پوندي. ”اھڙا ڪاروباري ماڻھو
جيڪي غم خلاف وڙھڻ ڪونھ ٿا ڄاڻن، اھي جوانيءَ ۾ ئي
مري ويندا آھن.“
ٻيون حصو
چوٿون باب
مسئلن جو تجزيو ڪري انھن جو حل ڳولھيو
منھنجا ڇھھ ايماندار نوڪر آھن.
(انھن جيڪي مون کي سيکاريو، اھو مان اڳ ۾ ئي
ڄاڻندو ھوس)
انھن جا نالا، ڇا چوان، ڪڏھن، ڪيئن، ڪاٿي ۽ ڪير
آھن؟ ”روڊبارڊ ڪيلنگ.“
ڇا ويلز ايچ ڪيريئر جي پھرين ۽ ھاڻي ٻئي واري
جادوگر فارمولا اوھان جا سمورا مسئلا حل ڪندي؟ نھ
بلڪل ڪونھ.
تھ پوءِ ڪھڙو جواب آھي؟ جواب اھو آھي تھ مختلف
قسمن جي غمن سان نبيرڻ ۽ انھن جي مسئلن جي تجزئي
ڪرڻ ڪاڻ ئي بنيادي اقدام ڄاڻڻ ضروري آھي.
1.
حقيقتون تلاش ڪريو.
2.
انھن حقيقتن جو تجزيو ڪريو.
3.
ڪنھن فيصلي تي پھچو......... ۽ پوءِ ان فيصلي تي
عمل ڪريو.
ارسطو اھو ئي سيکاريندو ھو ۽ انھيءَ تي عمل ڪندو
ھو. اوھان کي ۽ مون کي اھو ڄاڻڻ گھرجي، اسان کي
ڏينھن رات جھنم ۾ وجھڻ وارن غمن کان ڇوٽڪارو پائڻ
ڪاڻ مسئلن جو حل ڳولھڻ گھرجي. اچو تھ سڀ کان اڳ ۾
اصول جو تجزيو ڪريون......... حقيقتون ڳوليون.
حقيقتن کي ڄاڻڻ ايترو ضروري ڇو آھي؟ ڇاڪاڻ جو جڏھن
اسان ممڪن حد تائين عقلمنداڻي طريقي سان پنھنجن
مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نھ ڪنداسون ۽ حقيقتن کي
نھ ڄاڻنداسون تھ مونجھاري ۽ تذبذب ۾ پيا ھونداسون.
اھو مرحوم ھربرٽ اي ھاڪرز ڊين آف ڪولمبيا
يونيورسٽي جو خيال ھو. ھن ٻن لکن شاگردن جي غمن جو
حل ڳولي لڌو ۽ مون کي ٻڌايو تھ: ”الجھن غم جو وڏو
ڪارڻ آھي.“ ھن چيو تھ: ”دنيا ۾ اڌ غم ماڻھن کي ان
ڪري آھن جو اھي سنا سب علم رکڻ کان سواءِ ان ڳالھھ
جو فيصلو ڪندا آھن تھ فيصلي جو محور ڇا ھجڻ گھرجي؟
مثال طور جيڪڏھن مون کي ايندڙ اڱاري تي
3
وڳي ڪنھن مسئلي سان منھن ڏيڻو
آھي تھ مان ايندڙ اڱاري اچڻ تائين ڪنھن بھ نتيجي
تي پڄڻ کان انڪار ڪندو آھيان ۽ ان وچ ۾ اھي
سموريون حقيقتون ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان، جيڪي ان
مسئلي سان لاڳاپيل آھن.“ ھو چوي ٿو تھ مان غم ڪونھ
ڪندو آھيان. مان پنھنجي مسئلي تي پاڻ کي ڪونھ
ڏکوئيندو آھيان. مان پنھنجي ننڊ بھ ڪونھ وڃائيندو
آھيان. مان رڳو حقيقتون گڏ ڪندو آھيان ۽ اڱاري جو
ڏينھن اچڻ تائين جيڪڏھن حقيقتون ڄاڻي وٺندو آھيان
تھ مسئلو پاڻمرادو حل ٿي ويندو آھي.
مون ڊين کان پڇيو تھ ڇا ان جو مطلب اھو ٿيو تھ اھي
غم کي پوريءَ طرح چٽي ويندا آھن؟ ”جي ھائو“ ھن
جواب ڏنو. ”مان ايمانداريءَ سان چوان ٿو تھ ھاڻي
منھنجي زندگي غمن کان بلڪل آزاد آھي. جيڪڏھن ڪوبھ
شخص حقيقتن کي ڄاڻڻ ۾ وقت صرف ڪري ۽ ان ۾ غير
جانبداريءَ کان ڪم وٺي تھ سندس غم، علم جي روشنيءَ
۾ پاڻ مرادو اڏامي ويندا.“
اچو تھ ان ڳالھھ کي ورجايون. ”جيڪڏھن ڪوئي شخص
حقيقتن کي ڄاڻڻ ۾ وقت ڪتب آڻي ۽ ان ۾ اڻ ڌريائيءَ
کان ڪم وٺي تھ علم جي روشنيءَ ۾ سندس غم پاڻ مرادو
اڏامي ويندا.“
پر اسان مان گھڻا تڻا ماڻھو ڇا ڪندا آھن؟ ٿامس
ايڊيسن وڏي سنجيدگيءَ سان چوي ٿو تھ: ”جيڪڏھن اسان
رڳو حقيقتن ڄاڻڻ ۾ ئي لڳا رھون تھ سوچ کان ڇوٽڪارو
ڪونھ پائينداسون. جيڪڏھن حقيقتن ڄاڻڻ ۾ ئي لڳا
رھنداسون تھ تھ اسان پوين وانگر انھيءَ سوچ ۾ ٻڏا
رھنداسون..... باقي سمورين ڳالھين کي نظرانداز ڪري
ڇڏينداسون. اسان کي رڳو انھن حقيقتن جي ضرورت آھي،
جيڪي اسان جي عملن سان انصاف ڪن....... حقيقتون
جيڪي اسان جي خواھش پٽاندر آسانيءَ سان فٽ ٿي سگھن
۽ اسان جي پھرين جھڙي ٺٺ ٺانگر کي برقرار رکن.
اينڊري مروئس
Andre Mavrois
چوي ٿو تھ: ”ھر اھا شيءِ جيڪا
اسان جي ذاتي خواھشن جي عين مطابق ھجي، اھا درست
لڳندي ھجي ۽ ھر اھا ڳالھھ جيڪا اسان جي ذاتي
خواھشن موجب ھجي، ڪاوڙ ڏياريندي آھي.“
ڇا اھا حيران ٿيڻ جي ڳالھھ ڪانھي تھ اسان پنھنجن
مسئلن جو حل تلاش ڪرڻ ۾ ايتري ڏکيائي محسوس ڪندا
آھيون؟ اسان مان گھڻا سارا ماڻھو پاڻ پنھنجي توڻي
ٻين جي زندگيءَ کي جھنم بنائيندا آھيون ۽ ٻھ واڌو
ٻھ کي پنج ڪوٺڻ جو ضد ڪندا آھيون.
ان باري ۾ اسان ڇا ٿا ڪري سگھون؟ اسان کي پنھنجي
سوچ مان جذبن کي خارج ڪرڻ گھرجي..... اسان کي غير
جانبداري ۽ بامقصد طريقي سان حقيقتن جي حفاظت ڪرڻ
گھرجي. جڏھن پريشان ٿيون تھ ائين ڪرڻ سولو ڪونھي.
اسان جا جذبا گھڻو اتانھا ويندا آھن، پر حقيقتن کي
واضح نموني ڏيڻ واسطي مان پنھنجن مسئلن جا ٻھ
مددگار قدم ڳولھيندو آھيان.
1.
حقيقتن کي ڳولھيندي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان
تھ مان پنھنجي لاءِ نھ پر ٻئي لاءِ ائين پيو
ڪريان. ان سان پنھنجي اڻ ڌريائپ محسوس ڪندو آھيان
۽ منھنجن جذبن ۾ توازن ايندو آھي.
2.
پنھنجن غمن جون حقيقتون ڳولھيندي اڪثر ڪري مان پاڻ
کي وڪيل محسوس ڪندو آھيان، جيڪو مخالف پارٽيءَ جا
دليل گڏ ڪندو آھي. ٻين لفظن ۾ مان سموريون حقيقتون
پنھنجي خلاف ڪندو آھيان...... اھي سموريون حقيقتون
جيڪي منھنجن خواھشن کي نقصان پھچائينديون ھجن ۽ جن
کي منھن ڏيڻ پسند نھ ڪندو ھجان.
مان اھو دليل ڏيڻ ٿو چاھيان تھ اوھان، مان،
آئنسٽائن يا سپريم ڪورٽ، ڪوئي بھ ايترو ذھين ڪونھ
آھي، جيڪو حقيقتون گڏ ڪرڻ کان سواءِ ڪنھن نتيجي يا
ڪنھن فيصلي تي پھچي سگھي؟ ٽامس ايڊيسن ان ڳالھھ
کان آگاھ ڪيو ھو تھ مرندي وقت ان وٽ ٻھ ھزار پنج
سؤ نوٽ بوڪ ھئا، جيڪي کيس پيش ايندڙ حقيقتن سان
ٽمٽار ھئا. تنھن ڪري رول نمبر١ جيڪو اسان جي مسئلن
جو حل آھي، اھو ھي آھي تھ ....... حقيقتون ڳولھجن.
اچو اسان بھ اھو ئي ڪيون جيڪو ڊين ھاڪس ڪندو ھو.
پر غير جانبردار رھڻ کان سواءِ ڪنھن مسئلي جو حل
تلاش نھ ڪريون. سڄيءَ دنيا جون حقيقتون ان وقت
تائين اسان کي لاڀ ڪونھ ڏينديون، جيستائين ڪھ اسان
انھن جو جائزو نھ وٺنداسون.
منھنجو ھڪ تجربو آھي تھ حقيقتون نوٽ ڪرڻ بعد انھن
جو تجزيو ڪرڻ گھڻو سولو آھي. چارلس ڪيٽرنگ چوي ٿو
تھ لکيل مسئلو اڌو اڌ حل ٿي ويندو آھي. اچو تھ مان
اوھان کي عملي طور ڪري ڏيکاريان. چيني چوندا آھن
تھ ڏھن ھزارن لفظن بدران ھڪ تصوير بھتر اثر ڪندي
آھي. سمجھو تھ مان اوھان کي تصوير ڏيکاريان تھ
جنھن شخص جي باري ۾ اسان ڳالھايون ٿا، اھو عملي
طور ھو بھو اسان جي روبرو ڇا پيو ڪري؟ مثال طور
گيلن لڇفيلڊ کي وٺون. ھن شخص کي مان ڪيترن سالن
کان سڃاڻندو آھيان. ھي ڏور اوڀر جي بيحد ڪامياب
آمريڪي واپارين مان آھي. جناب لڇفيلڊ
1942ع
۾ چين ۾ ھو، جڏھن جاپانين شنگھائيءَ تي حملو ڪري
وڌو. جڏھن ھو مون وٽ مھمان ٿي آيو ھو تھ حملي بابت
ھيءَ ڪھاڻي ٻڌايائين:
جاپانين جڏھن پرل ھاربر تي بم ڪيرايو تھ اھي ٽولن
جا ٽولا شنگھائي ۾ داخل ٿيڻ لڳا. آئون شينگھائيءَ
۾ ايشيا لائين انشورنس ڪمپنيءَ جو مئنيجر ھوس. ھنن
اسان ڏي ھڪڙو آرمي ليڪوڊيٽر موڪليو..... اھو واقعي
ھڪ ايڊمرل جون لياقتون رکندو ھو........ ھن مون کي
حڪم ڏنو تھ پنھنجن اثاثن جي حفاظت لاءِ مان سندس
مدد ڪريان. مون وٽ ان کان سواءِ ڪو چارو ڪونھ ھو.
مون کي ساڻس تعاون ڪرڻو ھو....... يا موت يقيني
ھو. مون اھو ئي ڪيو، جنھن جو مون کي حڪم مليو ھو،
ڇا لاءِ جو ان جو ڪو متبادل ڪونھ ھو. اتي
سيڪيورٽيءَ جو ھڪ بلاڪ ھو.
ست لک پنجاھ ھزار ڊالر مان ڇڏي آيو ھوس ۽ ان جي
لسٽ مون ايڊمرل کي ڏئي ڇڏي. مون سيڪيورٽيءَ جو ھي
بلاڪ لسٽ کان ؟؟ ان ڪري ڇڏيو ھو جو اھي سڀ اسان جي
ھانگ ڪانگ جي تنظيم سان واسطو رکندا ھئا ۽ شنگھائي
جي ھن خزاني کي ڪوبھ نقصان رسائي ڪونھ پئي سگھيا.
پوءِ بھ مون کي خوف ھو تھ جيڪڏھن جاپانين کي
انھيءَ راز جو پتو پيو تھ منھنجو ڪھڙو حشر ٿيندو؟
۽ انھن کي پتو پئجي ويو.
انھن کي جڏھن ان راز جو پتو پيو تھ مان آفيس ۾
ڪونھ ھئس، پر منھنجو ھيڊ اڪائونٽنٽ اتي موجود ھو.
ان مون کي ٻڌايو تھ جاپاني ڪاوڙ ۾ ھئا. انھن ٺپو
ھنيو ۽ قسم کنيو ۽ مون کي چور ۽ غدار چوڻ لڳا. مون
جاپاني آرميءَ کي تحفظ ڏنو ھو. مون ڄاتو پئي تھ ان
جو ڪھڙو مطلب ھو؟ مون کي برج ھائوس ۾ اڇلايو
ويندو. برج ھائوس جاپانين جو سزا ڏيڻ وارو چيمبر
ھو. منھنجا ڪجھھ گھرا دوست ھئا، جن برج ھائوس جي
سزا تي موت کي فوقيت ڏني ھئي. منھنجا اھڙا دوست بھ
ھئا، جيڪي ان قيد جي ڏھن ڏينھن کان پوءِ ھميشھ
لاءِ موڪلائي ويا. اڄ مان پاڻ انھيءَ برج ھائوس ۾
ھيکل وياڪل بيٺو ھوس. مون ڇا ڪيو؟ مون آچر ڏينھن
ٽيپھري تي اھا خبر ٻڌي. پوءِ مون وٽ ان مسئلي جي
اٽڪل نھ ھجي ھا تھ گھڻو خوفزدھ ھجان ھا. ڪيترن
سالن تائين پريشان ھجان ھا. سو ائين پنھنجي ٽائيپ
رائيٽر وٽ وڃان ھا ۽ ٻھ سوال لکان ھا........ ۽
انھن ٻنھي سوالن جو جواب ڏيان ھا.
1.
مان ڇا لاءِ پريشان آھيان؟
2.
ڇا مان ان پريشانيءَ جو ڪو سد باب ڪري سگھان ٿو؟
مان لکڻ کان سواءِ انھن ٻنھي سوالن جا جواب ڏئي
ڇڏيان ھا. مگر ڪيترا سال اڳ مون ائين ڪرڻ ڇڏي ڏنو
ھو. مون ڏٺو تھ اھي سوال لکڻ ۽ انھن جي جوابن ڏيڻ
کان پوءِ منھنجو ذھن صاف ٿي وڃي ھا. ان ڪري ان آچر
جي ڏينھن سڌو پنھنجي ڪمري ۾ ويس، جيڪو شنگھائيءَ ۾
ھو. پنھنجو ٽائيپ رائيٽر کنيم ۽ لکيم:
1.
آئون ڇاڪاڻ پريشان آھيان؟
مون کي خوف آھي تھ سڀاڻي صبح جو مون کي برج ھائوس
۾ اڇلايو ويندو.
پوءِ مون ٻيو سوال لکيو:
2.
ان پريشانيءَ جو مان ڪھڙو حل ڪڍي سگھان ٿو؟
ان تي سوچڻ ۾ مون ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳائي ڇڏيا. ھر ھڪ
عمل جو ممڪن حد تائين ڪھڙو نتيجو نڪري پئي سگھيو؟
1.
مون کي جاپاني ايڊمرل تي چٽو ڪرڻ گھرجي، ليڪن اھو
انگريزي نٿو ڄاڻي. جيڪڏھن ڪنھن ترجمان وسيلي کيس
ٻڌايان ٿو تھ مان ھڪ ڀيرو ان کي جھنجھوڙي رکندس.
ان جو مطلب يقيني موت بھ ٿي سگھي ٿو، ڇا لاءِ جو
ھو وڏو ظالم آھي. ھو موضوع تي ڳالھائڻ بجاءِ مون
کي برج ھائوس ۾ اڇلائي ڇڏيندو.
2.
مان بچڻ جي ڪوشش ڪري سگھان ٿو. ناممڪن، ھو ھردم
منھنجي پويان آھي. مون کي پنھنجي ڪمري ۾ ۽ ٻاھر
چيڪ ڪيو پيو وڃي. جيڪڏھن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو تھ
مون کي پڪڙي فورا گولي لڳائي ويندي.
3.
پنھنجي ڪمري ۾ بند ٿي ويھي ٿو رھان ۽ وري ڪڏھن بھ
پنھنجي آفيس جي ويجھو ڪونھ ويندس. ائين ڪندس تھ
جاپاني ايڊمرل مون تي شڪ ڪندو. اھو مون کي پڪڙڻ
ڪاڻ سپاھي موڪليندو ۽ ھڪ لفظ چوڻ جو موقعو ڏيڻ کان
سواءِ برج ھائوس ۾ اڇلارائي ڇڏيندو.
4.
مان سومر جي ڏينھن صبح جو دستور موجب پنھنجي آفيس
وڃان تھ ٿي سگھي ٿو تھ جاپاني ايڊمرل ايترو مصروف
ھجي جو کيس ياد ئي نھ رھي تھ مون ڇا ڪيو آھي؟
جيڪڏھن اھو ان باري ۾ سوچي بھ وٺي تھ ٿي سگھي ٿو
تھ سندس ڪاوڙ ٿڌي ٿي ھجي ۽ مون کي ڪجھھ ڪونھ چوي.
جيڪڏھن ائين ٿئي تھ مون کي ڪو ڀؤ ڀولو ڪونھي ۽
جيڪڏھن کيس ياد اچي تھ پوءِ بھ مون کي پنھنجي
وضاحت ڪرڻ جو ڪو نھ ڪو وجھھ ملي سگھي ٿو، تنھن ڪري
ٻئي ڏينھن صبح جو دستور موجب آفيس وڃڻ تي برج
ھائوس کان بچڻ جا ٻھ موقعا ملي پئي سگھيا.
انھيءَ ڪري مون چوٿين نقطي تي عمل ڪرڻ جو منصوبو
بنايو...... دستور موجب سومر جي صبح جو آفيس وڃان.
ان نتيجي تي پھچي مون کي ٿورو آٿت آيو. ٻئي ڏينھن
صبح جو مان آفيس ۾ گھڙيس تھ ايڊمرل ويٺي سگريٽ جا
ڪش پئي لڳايا. ھن ھميشھ وانگر مون کي ڏٺو پر ڪجھھ
ڪونھ چيائين. ان ڳالھھ کي ڇھھ ھفتا لنگھي ويا. ان
کان پوءِ ھو ٽوڪيو روانو ٿي ويو ۽ مون پنھنجي غم
کان ھميشھ لاءِ ڇوٽڪارو پاتو ۽ خدا پاڪ جو شڪرانو
بجا آندو.
جيئن تھ اڳ ۾ ٻڌائي چڪو آھيان تھ آچر جي رات جو
مختلف پوائنٽون لکي مان سوچ ويچار ڪندو رھيس ۽
آخري نتيجي تي پھچي ويس. جيڪڏھن ائين نھ ڪيان ھا
تھ گھٻراھٽ ۽ مونجھاري جي حالت ۾ ڪو اھڙو قدم کڻي
ويھان ھا، جيڪو غلط ھجي ھا ۽ مون کي موت جي وات ۾
ڌڪي ھا ۽ مان پنھنجي مسئلي تي سوچي ڪو نتيجو اخذ
نھ ڪريان ھا تھ مان آچر جي ٽيپھريءَ تائين پريشان
ئي رھان ھا ۽ رات جو گھري ننڊ ڪانھ اچي ھا ۽ سومر
جي صبح جي وقت جڏھن مان آفيس وڃان ھا تھ منھنجو
منھن ٿڪل ٿڪل ۽ پريشان ڏسجي ھا، جيڪو شايد جاپاني
ايڊمرل کي شڪ ۾ وجھي ڇڏي ھا ۽ ھو منھنجي خلاف ڪوبھ
قدم کڻي ھا.
مون کي تجربي ثابت ڪري ڏيکاريو تھ فيصلو وڏي اھميت
رکي ٿو. ان کان سواءِ انسان زندگيءَ ۾ ناڪام رھي
ٿو ۽ نااھلي سندس چوگرد گھيرو ڪري وٺي ٿي ۽ کيس
پاڳل ڪري ڇڏي ٿي، جنھن مان سندس زندگي جھنم بڻجي
ويندي آھي. سندس نروس بريڪ ڊائون ٿي ويندو آھي.
جڏھن مان ڪنھن نتيجي تي پھچندو آھيان تھ منھنجون
اڌو اڌ پريشانيون ھڪدم گم ٿي وينديون آھن، تنھن
ڪري مان انھن چئن عدد قدمن کي ڪتب آڻي پنھنجن نوي
سيڪرو پريشانين کان ڇوٽڪارو پائيندو آھيان.
1.
مان ڪھڙيءَ ڳالھھ تي پريشان آھيان؟
2.
مان ان جو ڪھڙو تدارڪ ڪري ٿو سگھان؟
3.
ڪنھن نتيجي تي پھچان تھ ڇا ڪجي؟
4.
فورا ئي ان نتيجي تي عمل شروع ڪريان.
جيئن تھ اڳ ۾ ٻڌائي آيو آھيان تھ گيلن لڇفيلڊ ھاڻي
ايشيا ۾ آمريڪا جو مصروف واپاري آھي ۽ اھو ٻڌائي
ٿو تھ سندس ڪاروبار جي ڪاميابيءَ جو اھو ئي راز
آھي تھ ھو پنھنجي پريشانين جو تجزيو ڪري، انھن جو
پورو پورو حل ڳولھي وٺندو آھي. اھو طريقو ايڏو
اثرائتو و آھي؟ ڇا لاءِ جو اھو ھڪ سٺو، چٽو آھي.
مسئلي جي پاڙ کي پڪڙي ٿو. ان کان بھ وڌيڪ ٽيون
نقطو سڀ کان وڌيڪ بي مثال آھي..... جيستائين ڪھ
اوھان ڪوئي عملي قدم نٿا کڻو، ان نقطي تي
ويچاريندا رھو.
وليم جيمز چوي ٿو تھ اسان جڏھن ڪنھن نتيجي تي پھچي
وڃون تھ فورا عمل ڪرڻ گھرجي ۽ پوءِ نتيجي کان بي
خبر ٿي وڃجي. ان جو اھو مطلب ھو تھ ھڪ ڀيرو اوھان
وڏي احتياط سان حقيقتن تي مبني ڪو فيصلو ڪريو تھ
ان تي فورا عمل ڪريو..... ان تي ٻيھر غور ويچار
ڪرڻ ڪاڻ ڪونھ ترسو. پنھنجي قدمن تي پس وپيش نھ
ڪريو...... پنھنجي اندر شڪ وشبھا پيدا ڪري وڌيڪ
پريشانين کي جنم نھ ڏيو، نڪي پاڻ کي برباد ڪيو، نھ
پوئتي مڙي ڏسو.
ھڪ ڀيري مون ويٽ فلپس اوڪلاھوما
(Oklahoma)
جي سڀني کان وڌيڪ آئل مينن مان
ھڪ کان پڇيو تھ اھو ڪنھن نتيجي تي پھچڻ لاءِ ڪھڙو
طريقو ڪم آڻيندو آھي تھ انھيءَ وراڻيو تھ: ”مان
الجھن ۽ غم کان پري رھڻ بابت سوچيندو آھيان ۽ پوءِ
ھڪ اھڙو لمحو ايندو آھي، جڏھن وڌيڪ تحقيق يا سوچ
ويچار نقصانڪار ثابت ٿيندي آھي. اھو ئي لمحو آھي
جڏھن اسان کي پٺتي ڏسڻ کان سواءِ فيصلو ڪري پنھنجي
مسئلي کي عملي جامو پھرائي ڇڏڻ گھرجي.“
اوھان گيلن لچفيلڊ جي غم تي قابو پائڻ واري طريقي
کي ھاڻي جو ھاڻي ڇو نھ ٿا اپنايو؟
1.
مان ڇا لاءِ پريشان آھيان؟ (اھو سوال لکي ڇڏيو)
2.
اوھان ان جو ڪھڙو تدارڪ ڪري ٿا سگھو؟ (مٿئين سوال
جو جواب لکو)
3.
مان ان جو تدارڪ ڪري سگھان ٿو.
4.
مان ان کي عملي جامو ڪڏھن پھرايان؟
ھاڻي جو ھاڻي! |