ستون باب
پنھنجي گرد ڪنن کي ڪٺو ٿيڻ ڪونھ ڏيو
ھاڻي مان اوھان کي ھڪ اھڙو ڊرامائي داستان ٻڌائڻ
ٿو وڃان، جنھن کي آئون زندگي ڀر وساري ڪونھ
سگھندس. ھيءَ ڳالھھ مون کي رابرٽ مور
14
ھائي لينڊ اوينيوسيل وڊ
نيوجرسي جي رھواسيءَ ٻڌائي ھئي.
ھن ٻڌايو تھ: مون
25
مارچ
1945ع
تي پنھنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سبق سکيو. اسان
انڊوچائنا جي ڪناري کان پري
276
فوٽ گھري پاڻيءَ ۾ ھئاسون.
اسان
88
ماڻھو بايا ايس ايس
318
آبدوز ۾ سوار ھئاسون. اسان ريڊار ۾ ڏٺو تھ ھڪ ننڍي
جاپاني ڪشتي اسان ڏانھن وڌندي پئي اچي. جيئن ئي
صبح ٿيو، اسان ان مٿان حملو ڪري ڏنو. مون ليئر
اسڪوپ مان ھڪ جاپاني حفاظتي دستي، ھڪ ٽئنڪر ۽ ھڪ
مائين ليئر کي ڏٺو. اسان حفاظتي دستي تي ٽارپيڊو
ڇوڙيو، مگر نشانو خطا ٿي ويو. ھر ٽارپيڊو جي مشين
۾ ڪانھ ڪا خراب پيدا ٿي پئي. حفاظتي دستو اھو ڄاڻڻ
کان بي خبر تھ مٿس حملا پيا ٿين، لڳاتار اڳتي
وڌندو رھيو. اسان آخري جھاز مائين ليئر تي حملو
ڪرڻ وارا ھئاسون تھ اھو دستو (ڪشتي) اوچتو مڙي ۽
سڌو اسان ڏانھن وڌي. ان جاپاني جھاز اسان کي سٺ
ميل اندر پاڻيءَ ۾ غرق ڪري ڇڏيو ۽ اسان جي پوزيشن
کان مائين ليئر کي آگاھ ڪري ڇڏيو. اسان ڏيڍ سؤ فوٽ
ھيٺ ھليا وياسون تھ اھي اسان جو سرآغ نھ لڳائي
سگھن. اسان سموريون فالتون ھڙڪيون لڳائي ڇڏيون ۽
مڪمل سانت پيدا ڪرڻ ڪاڻ پکا، ڪولنگ سسٽم ۽ سمورا
بجلي وارا گيئر بند ڪري ڇڏيا.
ٽن منٽن کان پوءِ ساري مشڪل رفع دفع ٿي وئي. ھنن
اسان جي چوڌاري ڇھھ گھرا غوطا لڳايا. ھڪ غوطو
276
فوٽ گھرو ھو. اسان ھيسيل
ھئاسون. ھڪ ھزار فوٽ کان گھٽ گھرائيءَ تي حملو
خطرناڪ ھوندو آھي ۽ پنج سؤ فوٽن کان گھٽ گھرائي
ھميشھ تباه ڪندڙ ھوندي آھي. اسان تي ان کان بھ اڌ
گھرائيءَ ۾ حملو ڪيو پئي ويو. جاپاني مائين ليئر
لڳ ڀڳ پندرھن ڪلاڪ غوطا کائيندي رھي. اگر اھي
آبدوزن کان سترھن فوٽن جي مفاصلي تي اچن ھا تھ ان
۾ سوراخ پئجي وڃي ھا. اسان جي ويجھو لڳ ڀڳ پنجاھ
فوٽن جي مفاصلي تان ٻارنھن ڀيرا حملا ڪيا ويا.
اسان کي پنھنجي حفاظت ڪرڻ جو حڪم ملي چڪو ھو. اسان
کي مڪمل طور خاموش رھڻ جو چيو ويو ھو. ڀو کان
منھنجو ساھ رڪجڻ لڳو. مان گھڙيءَ گھڙيءَ پاڻ کي
چوڻ لڳس: ”ھاڻي تنھنجو موت قريب آھي.“ پکن ۽ ڪولنگ
سسٽم بند ڪرڻ ڪري ھاڻي آبدوز اندر ھوا جو داٻ سؤ
ڊگريءَ تي ھيو پر مان خوف وچان ايترو ٿڌو ٿي ويس
جو سويٽر ۽ فرواري جيڪٽ بھ پائي ڇڏيم. پوءِ بھ
سردي ڪري ڏڪيس پئي. منھنجي ڄاڙي کڙ کڙ ڪرڻ لڳي،
ٿڌا پگھر اچي لٿا. پندرھن ڪلاڪن تائين حملا ٿيندا
رھيا. پوءِ اوچتو رڪجي ويا. شايد جاپاني ليئر غوطا
کائي ڪم ڪونھ پئي ڪيو ۽ ھاڻي سندس اسٽيم بھ ختم ٿي
چڪي ھئي. پندرھن ڪلاڪ لکن ورھين برابر ھئا. مون
پنھنجي زندگيءَ کي پنھنجي آڏو پئي دھرايو. مون کي
ماضي ۾ ڪيل سمورا برا ڪم ياد پئي آيا. مان ننڍي
ننڍي بي ضرر چو چو تي بھ پريشان پئي ٿيس. نيويءَ ۾
اچڻ کان اڳ ۾ بئنڪ ۾ ڪلارڪ ھوس. مون کي معمولي
پگھار عيوض ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو ھو.
ترقيءَ جا امڪان بھ گھٽ ھئا. مان پريشان ھوس تھ
پنھنجو گھر بھ ٺاھي ڪونھ سگھندس، نئين ڪار بھ ڪونھ
خريد ڪري سگھندس، زال ڪاڻ عمدا ڪپڙا بھ ڪونھ وٺي
سگھندس. مان پنھنجي پراڻي باس کان نفرت ڪندو ھوس،
ڇاڪاڻ جو اھو مون کي ھر وقت ڏاٻيندو رھندو ھو. مون
کي ياد پئي آيو تھ مان ڪيئن ٿڪو ٽٽو گھر موٽندو
ھوس ۽ ٿوري ٿوري ڳالھھ تي زال سان وڙھندو ھوس. مان
پنھنجي نرڙ تي ايڪسيڊنٽ جي نشان ڪري سخت پريشان
ھوس.
ڪيترا سال اڳ مون کي اھي ننڍيون ننڍيون پريشانيون
بيحد بريون لڳنديون ھيون. مگر مائن ليئر جي غوطن
آڏو اھي پريشانيون ڪجھھ ڪونھ ھيون. دل پئي چيو تھ
مان موٽي پنھنجي بادشاھيءَ ۾ وڃان. مون دل ۾ عھد
ڪيو تھ جيڪڏھن ھڪڙو ڀيرو سج چنڊ ستارا ڏسندس تھ
ڪڏھن بھ پريشان ڪونھ ٿيندس، ڪڏھن بھ ڪونھ، ڪڏھن بھ
ڪونھ، ڪڏھن بھ ڪونھ. انھن شديد پندرھن ڪلاڪن ۾ مون
جياپي جو ڍنگ سکي ورتو.
زندگيءَ ۾ گھڻو ڪري وڏين وڏين مشڪلاتن کي بھادريءَ
سان سھي ويندا آھيون ۽ ٿورين ٿورين ڳالھين تي بھ
اداس ٿي پوندا آھيون. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ايڊ مرل
برڊ بنان شڪايت ڪرڻ جي خطرن، مشڪلن ۽ ٻڙي کان اسي
ڊگري گھٽ مردي کي بھ سھي ويو. پر ھو چوي ٿو تھ مون
اھڙن ماڻھن کي بھ ڏٺو آھي، جيڪي ميس ھال ۾ ان وقت
تائين کاڌو ڪونھ کائيندا آھن، جيستائين کين انھن
ماڻھن کان پري جاءِ نٿي ملي، جيڪي اٺاويھھ چاٻا
ڪري کاڌو کائيندا آھن.
ھو چوي ٿو تھ گھريلو زندگيءَ ۾ ٿورڙي غلطي بھ
ماڻھن کي پاڳل ڪري ڇڏيندي آھي. وڏا عقلمند بھ ان
کان گھڻو متاثر ٿيندا آھن ۽ دنيا جو اڌو اڌ مٿي جو
اور انھيءَ خرابيءَ مان پيدا ٿيندو آھي.
شڪاگو جو جج جوزف ميٿ خلاباز جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ
بعد جيڪو چاليھن ھزارن ناخوشگوار شادين کان وڌيڪ
تڪليف ده آھي، چوي ٿو تھ گھڻيون تڻيون گھريلو
تلخيون ٿورين ٿورين اڻ وڻندڙ ڳالھين ڪري جنم
وٺنديون آھن. نيويارڪ جو ڊسٽرڪٽ اٽارني فرينڪ ايس
ھوگن چوي ٿو تھ ڪورٽ ۾ اڌ کان وڌيڪ ڪيس تمام
معمولي ڳالھين کان جھڳڙن تائين پھچندا آھن. گھريلو
پريشاني، ھڪ ٻئي جي بي عزتي، گار گند، گٿن لفظن جو
وھنوار، اھي ننڍڙين ننڍڙيون ڳالھيون اسان کي ڏوھن
۽ قتلن ڏانھن وٺي وينديون آھن. اسان مان تمام ٿورا
ماڻھو ظالم ۽ غلط ڪار ھوندا آھن. اھي ئي معمولي
ڳالھيون اسان جي عزت نفس کي ڇيھو ۽ چوٽ پڄائين
ٿيون ۽ آخرڪار اسان ڪاڻ سور بڻبيون آھن.
جڏھن ايلينز روز ويلٽ
Eleanor Roosevelt
جي پھريون ڀيرو شادي ٿي تھ
ڪجھھ ڏينھن اھا پريشان رھي. ڇاڪاڻ تھ سندس نئين
بورچيءَ لذيذ کاڌو پيش ڪونھ ڪيو ھو. مگر ھاڻي ائين
ٿئي ھا تھ روز ويلٽ چوڻ لڳي پنھنجا سنڌ سنڌ وساري
ويھان ھا. بس اھا تھ جوانيءَ جي ھڪ ڳالھھ ھئي.
مسز ڪارني ۽ مان شڪاگوءَ ۾ ھڪ دوست وٽ ڊنر لاءِ
وياسون. گوشت ڪاٽيندي ھو ھڪ چوڪ ڪري ويو. مون تھ
ڌيان ڪونھ ڏنو. جيڪڏھن ڌيان ڏيان ھا، تڏھن بھ
محسوس ڪونھ ڪريان ھا، پر سندس زال ڏسي ورتو. ڇرڪ
ڀري چيائين: جان! ڏس نھ تون ڇا پيو ڪرين؟ ڇا توکي
ڪنھن شيءِ جي پيش ڪرڻ جو سليقو بھ ڪونھي؟ پوءِ جم
کي چوڻ لڳي ھي سدائين غلطيون ڪندو آھي ۽ ڪجھھ سکڻ
جي ڪوشش بھ ڪونھ ڪندو آھي. ھن شايد گوشت ڪٽڻ بھ
ڪونھ سکيو آھي.
ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ اسان ڪجھھ دوستن کي پنھنجي
گھر دعوت ڏني. انھن جي پھچڻ کان اڳ ۾ مسز ڪاري ڏٺو
تھ ميزپوش سان ٽي نيپڪن ميچ ڪونھ پيون ڪن. ھن مون
کي پوءِ ٻڌايو. مان ڊوڙندي ڊوڙندي بورچيءَ وٽ پھتس
تھ پيو پيو تھ ٽي نيپڪنون ڌوپڻ ويون آھن. مھمان
دروازي تائين پھچي چڪا ھئا. نيپڪن بدلائڻ جو ڪو
وقت ڪونھ ھو. مان تھ بس رئڻ ھارکي ٿي ويس. سوچڻ
لڳس تھ ان ٿوريءَ غلطيءَ ڪري منھنجو موڊ تباھ ٿي
ويو. پوءِ بھ مون سوچيو تھ مان موڊ خراب ڇو ڪريان؟
ڇو پريشان ٿيان؟ مون ڊنر ڪاڻ موڊ سٺو ڪرڻ جو
سوچيو. منھنجي دوست ۽ مون پاڻ کي مثالي خانھ دار
سمجھنديون ھيوسون. ھن وقت پنھنجي غلطي ڪري سخت
نروس پئي ٿيس. جيستائين ڪھ منھنجو خيال آھي تھ ان
معمولي غلطيءَ تي ڪنھن بھ ڌيان ڪونھ ڏنو.
ھڪ سٺو پھاڪو آھي تھ: ”ننڍين ننڍين ڳالھين سان
قانون جو ڪو واسطو ڪونھي.“ ان ھوندي بھ غم ڪرڻ
وارو اگر ذھني سڪون چاھي ٿو تھ ڪنھن جو ڪو واسطو
نھ ھجڻ کپي. اسان کي کپي تھ ڪاوڙ تي ڪنٽرول رکون،
ننڍين ننڍين ڳالھين تي ذھني سڪون برباد نھ ڪريون.
اھي اسان جي جذبن کي مجروح ڪنديون آھن. منھنجو ھڪ
دوست ھو مرڪرو، جنھن درجنين ڪتاب لکيا آھن. اھو
ٻڌائي ٿو تھ اھو ڪيئن ٿي سگھي ٿو تھ ڪتاب لکندي
ڪمري ۾ ڪم ڪندڙ ريڊي ايٽر جر کڙڪي کان تنگ نھ
اچجي؟ ٻاڦ ۾ ٻاھران ايندڙ سون سون جو آواز نڪري ٿو
۽ ان گرميءَ سان گڏ پنھنجي ڊيسڪ تي ويٺي محسوس
ڪندو آھيان.
ھڪ ڏينھن ھو پنھنجن دوستن سان سرحد تي مشقون ڏسڻ
ويو. ھن محسوس ڪيو تھ فائرن جي گجڪندڙ آوازن ۾
سندس عضوا بھ پئي وڳا ۽ اھو بھ محسوس ڪيو تھ اھا
گونج بھ بلڪل ريڊي ايٽر جي سون سون وانگر ھئي. ھن
سوچيو تھ ائين ڇو آھي؟ مان ھڪ آواز کي گھڻو پسند
ڪريان ٿو ۽ ٻئي کي ناپسند.
پوءِ گھر موٽي آيو تھ فائرن مان نڪرندڙ آوازن سان
پنھنجن عضون جو وڄڻ بھ ڏاڍو سٺو پئي لڳو. ريڊي
ايٽر جو آواز بھ تھ بلڪل اھڙو محسوس ٿيندو آھي، ان
ڪري اڄ رات سمھڻ کان اڳ ان آواز جي باري ۾ بلڪل
پريشان ڪونھ ٿيندس. ان ڪري مون ائين ئي ڪيو ۽ ڪجھھ
ڏينھن کان پوءِ ريڊي ايٽر جو آواز ئي ذھن کان محو
ٿي ويو.
اھڙي طرح ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون ڳالھيون ٿي
وينديون آھن، جن کي اسان ناپسند ڪندا آھيون. تنھن
ڪري غمگين ٿيندا آھيون ۽ انھن کي پنھنجن اعصابن
مٿان سوار ڪري ڇڏيندا آھيون ۽ مبالغھ کان ڪم وٺندا
آھيون.
ڊسراليءَ چيو تھ: ”مختصر ڪرڻ ڪاڻ زندگي ڏاڍي مختصر
آھي.“ ھڪ شخص ڪنھن ھفتيوار ۾ لکي ٿو تھ منھنجي درد
ڀريل تجربي ۾ انھن لفظن مرھم جو ڪم ڪيو، جن ننڍين
ننڍين ڳالھين کي نظر انداز ڪرڻ ۽ وساري ڇڏڻ گھرجي.
انھن کي پنھنجي سر تي سوار نھ ڪجي. ائين جيئڻ دنيا
۾ تمام ٿورو جيئڻ آھي ۽ اسان تلافي نھ ڪري سگھڻ
جھڙيون گھڙيون غم ۽ غصي جو کاڄ ڪري ڇڏيندا آھيون.
اھي سموريون ڳالھيون وساري اسان کي چڱيءَ ريت سوچي
ويچاري سچي پيار ۽ سھپ جي سگھھ کي جنم ڏيڻ گھرجي،
ڇاڪاڻ جو زندگيءَ کي مختصر ڪرڻ ڪاڻ ڏاڍي مختصر
آھي.
رڊيارڊ ڪپلنگ اھا ڳالھھ وساري ويٺو تھ زندگي مختصر
ڪرڻ ڪاڻ ڏاڍي مختصر آھي. نتيجو اھو نڪتو جو پاڻ ۽
سندس قانوني ڀاءُ پاڻ ۾ وڙھي پيا. جھڳڙو ڪورٽ ۾
پھتو ۽ ايترو مشھور ٿيو جو ان تي ڪتاب لکيو ويو.
ڳالھھ ڪجھھ ھن طرح آھي تھ ڪپلنگ، ورمنٽ جي ڌيءُ
ڪيرولن بليسٽؤ سان شادي رچائي ۽ سموري زندگي رھڻ
واسطي گھر ٺھرائي ڇڏيو. سندس قانوني ڀاءُ بيٽي
بليسٽؤ
Beatty Balestiev
ڪپلنگ جو سٺو دوست بنجي ويو ۽
ٻئي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ رھڻ لڳا.
ڪپلنگ بليسٽؤ کان ڪجھھ زمين ورتي. ٻنھي ۾ معاھدو
اھو ٿيو تھ بليسٽؤ کي ھر موسم ۾ فصل لڻڻ جي موڪل
ھوندي. ھڪ ڏينھن بليسٽؤ کي خبر پئي تھ ڪپلنگ فصل
جي ان پوک ۾ گلن جو باغ پيو لڳائي. سندس رت ٿڙڪڻ
لڳو. ھن گولي ھلائي، ڪپلنگ بھ موٽ ڏني.
ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ جڏھن ڪپلنگ سائيڪل پئي ھلائي
تھ سندس قانوني ڀاءُ کي لڳي ۽ اوچتو گذرندي ھن
ڪپلنگ کي ڪيري وڌو. ڪپلنگ کي حياتي وڃائڻي پئي پر
ويندي ويندي کيس گرفتار ڪرائڻ جو قسم کڻي ويو.
مقدمھ بازي شروع ٿي وئي. وڏن وڏن شھرن کان رپورٽر
ان شھر ۾ اچي گڏيا. سڄيءَ دنيا ۾ خبرون پکڙجي
ويون. ڳالھھ بنان ڪنھن فيصلي جي ختم ٿي وئي. ان
جھڳڙي جو نتيجو اھو نڪتو جو ڪپلنگ ۽ سندس زال جو
آمريڪا وارو گھر ھميشھ لاءِ اجڙي ويو. فساد جي جڙ
رڳو ھڪ پوک ھئي.
پرڪلز
Paricles
اڄ کان چوويھھ سال اڳ ۾ چيو ھو
تھ اسان معمولي ڳالھين ۾ گھڻي وقت تائين الجھيا
رھندا آھيون.
ڊاڪٽر ھيري ايمرسن فاسڊڪ ھڪ دلچسپ ڪھاڻي ٻڌائي.
ڪولوراڊو
Colorado
۾ لانگ جي چوٽي جي ھيٺاھينءَ تي ھڪ ديوزاد درخت جا
پراڻا آثار (کنڊر) آھن. ماڻھو ٻڌائن ٿا تھ ھن وڻ
چار سؤ سال عمر پاتي. جڏھن ڪولمبس سلو ريڊر جي
زمين تي لٿو تھ ان جون شاخون ڦٽيون پئي ۽ جڏھن
زيارتي جماعت پلي مائونٽ پھتي تھ اڌ جيترو وڌي چڪو
ھو. ان ڊگھي عرصي دوران ان تي چوڏھن ڀيرا کنوڻ ڪري
۽ ڪيترا ئي ڀيرا وڏن وڏن طوفانن جي لپيٽ ۾ آيا.
چئن سون سالن تائين انھن طوفانن جو ڪو اثر ڪونھ
ٿيس. سڀ ڪجھھ سھي ويو، سھيتي ويو. نيٺ ڀؤنرن جي
وڏي فوج آئي ۽ ان کي ڪيرائي پٽ وجھي وئي. انھن
کيڙن پاڙن رستي کيس پنھنجي کاڌ خوراڪ بنايو ۽
ھوريان ھوريان اندرينءَ سگھھ کي تباھ برباد ڪري
ڇڏيائونس. اھي معمولي ڪيڙا ھئا، جيتڙا ھئا، پر
انھن جي لڳاتار حملن ھڪ ديو درخت کي نيست ونابود
ڪري ڇڏيو. ھي وڻ جنھن کي کنوڻيون توڙي طوفان
ڪيرائي نھ سگھيا، آخرڪار ننڍڙن ننڍڙن جيتڙ جن کي
انسان آڱر ۽ آڱوٺي جي وچ ۾ چيڀاٽي ڇڏيندو آھي،
انھن ان کي ڪيرائي ڇڏيو.
ڇا اسان جھنگ جي ان ديوزاد درخت وانگر ڪونھ آھيون؟
ڇا اسان وڏيون وڏيون ڳالھيون برداشت ڪري ننڍين
ننڍين ڳالھين کي دل ۾ ڪونھ ڪندا آھيون ۽ غم جا
ننڍڙا ننڍڙا جيتڙا اسان کي ڪونھ ٿا کائي وڃن؟ جن
کي اسان آڱر ۽ آڱوٺي سان مھٽي ڇڏيندا آھيون.
ڪجھھ سال اڳ مون چارلس سيفريڊ ۽ سندس دوستن سان
سفر ڪيو. اسان قدرتي نظاري جو سير ڪندا پئي
وياسون. جنھن ڪار ۾ سفر پئي ڪيوسون، اھا رستي تان
ڀٽڪي وئي، ان ڪري اسان ھڪ ڪلاڪ دير سان مقرر ڪيل
ماڳ تي پھتاسون. خانگي دروازو کولڻ واري چاٻي مسٽر
سيفريڊ وٽ ھئي، تنھن ڪري اسان جي پھچڻ تائين انھن
کي گرمي ۽ مڇرن جي فوجن ۾ انتظار ڪرڻو پيو.
انھن کي پاڳل ڪرڻ ڪاڻ مڇر ئي کوڙ ھئا، پر چارلس
سيفريڊ تي فتح حاصل ڪونھ ڪري سگھيا. اسان جي
انتظار دوران انھن بيد جي ھڪ ٽاري ڀڳي ۽ ان جي وسل
ٺاھي. جڏھن اسان پھتاسون تھ مڇرن جو مقابلو ڪونھ
پئي ڪيائون ۽ نڪي انھن کان تنگ ٿيا ھئا. پر انھن
وصل پئي وڄائي. مون اھا وسل ان انسان جي نشانيءَ
طور سانڍي رکي آھي، جيڪو ڄاڻندو ھو تھ معمولي شين
کي سندن اصل جاءِ تي ڪيئن رکبو آھي؟
غم ڪرڻ جي عادت ٽوڙيو، ان کان اڳ ۾ جو اھا اوھان
کي ٽوڙي ڇڏي. اسان اوھان کي ٻيو نمبر قاعدو پيا
ٻڌايون.
ننڍيون ننڍيون ڳالھيون اوھان کي متاثر ٿيڻ ڪونھ
ٿيون ڏين. انھن کي وساري اسان کي ياد رکڻ گھرجي:
”زندگي مختصر ڪرڻ ڪاڻ ڏاڍي مختصر آھي.“
اٺون باب
ھڪڙو قانون جيڪو توھان جي انيڪ
غمن جو علاج آھي
مون ننڍپڻ ميسوري فارم ۾ گذاريو. ھڪ ڏينھن مان امڙ
کي ڪم ۾ مدد ڪندي روئڻ لڳس. امڙ پڇيو تھ ڊيل! تون
ڇو پيو روئين؟ آئون ڦاٽي پيس. مان ڊڄان ٿو تھ مان
جيئري قبر ۾ ڪرندس.
انھن ڏينھن ۾ مان بيحد پريشان رھندو ھوس. جڏھن
طوفاني برسات پوندي ھئي تھ لڳندو ھو تھ کنوڻ چمڪي
۽ گوڙ گجي ڪري مون کي ماري وجھندي. جڏھن ڏکيا
ڏينھن ايندا ھئا تھ مون کي غم لڳندو ھو تھ مان بکن
۾ پاھ ٿي مري ويندس. مان پريشان رھندو ھوس تھ مرڻ
کان پوءِ دوزخ ۾ ويندس. مان وڏي عمر واري ڇوڪري
سيم وائيٽ
Same White
کان خوفزده رھندو ھوس تھ اھو
منھنجا ڪن پيئندو. مان ڇوڪرين کان ڊڄندو ھوس تھ
جيڪڏھن مان پنھنجو ٽوپلو لاھي ساڻن آڏو جھڪندس تھ
مون تي کلنديون. مون کي خوف ھو تھ ڪابھ ڇوڪري مون
سان شادي ڪرڻ ڪاڻ تيار ڪانھ ٿيندي. مان سوچيندو
ھوس تھ منھنجي شادي ڪنھن ڳوٺاڻي گرجا ۾ ٿيندي.
گرجا کان موٽي فارم تي ايندي گھوڙي تي سوار اسان
ڪھڙيون ڳالھيون ڪنداسون؟ مان ڪيئن ڳالھائيندس؟ ھر
لمحي، ھر گھڙيءَ، ھلندي گھمندي مان ڪنھن نھ ڪنھن
ڳالھھ تي پريشان ئي رھندو ھوس.
وقت جيئن جيئن گذرندو ويو، مون آھستي آھستي محسوس
ڪيو تھ جن ڳالھين لاءِ مان ننڍپڻ ۾ پريشان ھوندو
ھوس، اھي ڪنھن حد تائين منھنجي زندگيءَ ۾ آيون ئي
ڪونھ ھيون. مثال طور جيئن تھ مان پھريائين ٻڌائي
چڪو آھيان تھ ڪڏھن مان کنوڻ جي ڪڙڪي کان ڊڄنسو
ھوس. مگر مان ڄاڻان ٿو تھ منھنجي حياتيءَ ۾ ڪو بھ
شخص کنوڻ جي ڪڙڪي ڪري ڪونھ مئو آھي. نيشنل سينٽي
ڪائونسل مطابق اھڙو چانس پنجاھ ھزار ٽي سؤ سالن ۾
رڳو ھڪڙو ڀيرو ٿيو آھي.
منھنجو خوف تھ مان زندھ درگور ٿي ويندس، ڪجھھ وڌيڪ
ئي بيوقوفاڻو ھيو. ھڪ سؤ لک ماڻھن مان رڳو ھڪ شخص
ئي زندھ درگور ٿيو ھو.
ھر اٺن ماڻھن مان ھڪ ڪينسر جھڙي مھلڪ مرض وگھي ختم
ٿي ويندو آھي. جيڪڏھن مان ڪنھن شيءِ مان غمزدھ ھوس
تھ مون کي کنوڻ جي چمڪڻ سان مرڻ يا جيئري قبر ۾
پوڻ بدران ڪينسر جي باري ۾ پريشان ٿيڻ کپندو ھو.
اھا ڳالھھ يقيني آھي تھ مان پنھنجي ٻالڪپڻ ۽ ننڍپڻ
جي زماني جون ڳالھيون پيو ٻڌايان. پر اسان مان
ڪيترن ئي دوستن جا بلوغت جي ڏينھن جا ڏک بھ ايترا
ئي بيوقوفاڻا ھوندا آھن. جيڪڏھن اسان کي پتو پئي
تھ جن ڳالھين تي اسان پريشان آھيون، ڇا انھن لاءِ
پريشان ٿيڻ ٺيڪ آھي؟ تھ اسان جي پريشانين جو وڏو
حصو دور ٿي سگھي ٿو.
دنيا جي سڀني کان وڌيڪ شھرت واري انشورنس ڪمپني
لوئڊز آف لنڊن
Lloyds of London
ماڻھن جي زندگيءَ ۾ تمام گھٽ
پيش ايندڙ حادثن کان ڊيڄاري بي انداز پئسھ ڪمايا.
ھيءَ ڪمپني ماڻھن سان شرطون رکندي آھي تھ جنھن
حادثي بابت اھي پريشان آھي، اھو ڪڏھن بھ پيش ڪونھ
ايندو. اھي ان کي ڪڏھن بھ شرط جو نالو ڪونھ ڏيندا
آھن. اھي ان کي انشورنس جو نالو ڏيندا آھن. ھيءَ
انشورنس ڪمپني گذريل ٻھ سؤ سالن کان خوب وڌندي
ويجھندي رھي آھي ۽ جيستائين انساني فطرت بدلجي نٿي
وڃي، ھيءَ ڪمپني پنجاھ صديون بھ اتاھين کان اتاھين
ترقي ڪندي رھندي ۽ ماڻھو پنھنجن جوتن تائين بھ
انشورنس ڪرائيندا رھندا ۽ ھر انھيءَ ڳالھھ تي
پريشان رھندا، جيڪا ايتري قدر خوفائتي ناھي، جيتري
قدر اھي سمجھن ٿا.
اھا سراسري جنھن جي ڪمپني گارنٽي ڏئي ٿي، جيڪڏھن
ان لفظ جو تجزيو ڪيو وڃي تھ اسان حيران رھجي
وينداسون. مثال طور جيڪڏھن مون کي خبر ھجي تھ پنجن
سالن ۾ مون کي گئيبرگ جھڙي خوفائتي جنگ ۾ وڃي
وڙھڻو آھي تھ مون کي ڏڪڻي وٺي ويندي. ان صورتحال ۾
مان وڌ ۾ وڌ لائيف انشورنس ڪرائيندس. مان پنھنجي
وصيت لکي ويندس ۽ سموري دنياوي حالت سيٽ ڪري
ويندس. مان پاڻ کي چوندس تھ شايد ان جنگ ۾ جان
گنوايان، تنھن ڪري مون کي ھن مختصر زندگيءَ مان وڌ
۾ وڌ فائدو وٺڻ گھرجي. حقيقت اھا آھي تھ سراسري جي
قاعدي موجب ھي ايتري ئي ھلاڪ ڪندڙ ۽ خطرناڪ آھي،
جيترو پنجاھ پنجونجاھ سالن تائين امن جي زندگي
گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻي آھي. ڇالاءِ تھ ان کي گئيبرگ
جي جنگ ۾ وڙھڻو آھي. مان اھو سمجھائڻ جي ڪوشش پيو
ڪريان تھ امن جي زماني ۾ عام طرح ھڪ ھزار ماڻھن
مان تمام گھڻا ماڻھو پنجاھ پنجونجاھ سالن جي عمر ۾
مري وڃن ٿا، جڏھن تھ گئيبرگ جي جنگ ۾
163000
سپاھين مان صرف ھڪ ھزار جي
عيوض بھ ايترا ئي سپاھي ماريا ويا.
مان فرانسڪو ۾ ھڪ عورت مسز سيلنگر مون کي تاثر ڏنو
تھ ھوءَ سڄي زندگيءَ ۾ ڪڏھن بھ پريشان ڪونھي رھي
آھي. ھڪ شام جو باھ تي آڏو ويٺي مون ان کان پڇيو
تھ ڇا غم ڪڏھن کيس پريشان ڪيو آھي؟ ”پريشان“ ھن
چيو: ان تھ منھنجي حياتي حرام ڪري ڇڏي آھي. ان تي
سوڀ پائڻ جا طريقا سکڻ کان اڳ ۾ مون يارھن ورھيھ
ھٿرادو دوزخ ۾ گذاريا. مون کي جلدي ڪاوڙ ايندي
ھئي، مان ھر وقت الجھن جو شڪار رھندي ھئس، مان ھر
ھفتي مان ميٽيبو کان فانسڪو ۾ شاپنگ دوران بيحد
وحساب پريشان رھندي ھئس. شايد مون استريءَ جو سوئچ
بند ڪونھ ڪيو آھي، شايد منھنجو گھر باھ ۾ وڪوڙجي
وڃي، متان نوڪرياڻي ٻارن کي ڇڏي ڀڄي وڃي، متان ٻار
سائيڪل کڻي ٻاھر نڪتا ھجن ۽ سڙڪ تي ڪنھن ڪار سان
ٽڪرايا ھجن. شاپنگ ڪندي بيچينيءَ ۾ مون کي ٿڌا ٿڌا
پگھر اچڻ لڳندا ھئا ۽ مان دڪان مان نڪري جلد ئي
گھر پھچڻ ڪاڻ بس ۾ چڙھي ويندي ھئس تھ ڏسان تھ سڀ
ڪجھھ ٺيڪ ٺاڪ آھي؟ انھيءَ بيچينيءَ ۾ منھنجي پھرين
گھريلو زندگي انجام کي پھتي.
منھنجو ٻيو مڙس، ماٺيڻو ماڻھو ھو، جيڪو ڪڏھن بھ
ڪنھن شيءِ ڪاڻ پريشان ڪونھ ٿيندو ھو. جڏھن مان
بيچين ۽ پريشان ٿيندي ھيس تھ مون کي چوندو ھو تھ
پاڻ کي سڪون ڏي. اچ! اسان ان مسئلي تي گڏجي ويچار
ٿا ڪريون تھ تون ڇا لاءِ پريشان آھين؟ اچو تھ ان
کي قانون جي اعتبار سان ڏسون تھ ائين ٿي سگھي ٿو
يا نھ؟
مثال طور: ھڪ ڀيري اسان ڪار تي سفر پئي ڪيو. رستو
ڌڌڙ سان اٽيو پيو ھو جو اسان کي شديد طوفان اچي
ورايو. اسان ڪار تي ڪنٽرول ڪري نھ سگھياسون. اسان
گپ ۽ ڄلھھ ۾ ڦاسي پئي سگھياسون پر منھنجو مڙس بار
بار مون کي چوندو رھيو تھ مان گاڏي تمام آھستي پيو
ھلايان، ڪوبھ وڏو حادثو ٿي نٿو سگھي. جيڪڏھن ڪاٿي
ڪار ڦاسي بھ پئي ٿي تھ قانون موجب اسان کي ڪو
نقصان ڪونھ ٿيندو. سندس خود اعتمادي ۽ سنجيدگيءَ
مون کي ماٺ ڪرائي ڇڏي.
ھڪڙي ڀيري گرميءَ جي مند ۾ اسان ڪيمپنگ ٽوپ ٽوڪوئن
ويلي آف دي ڪينيڊين روڪيز وياسون. اسان سمنڊ جي
سطح کان ست ھزار فوٽن جي بلنديءَ تي ڪئمپ لڳائي
پئي تھ طوفان اچي ويو، جنھن مان لڳو پئي تھ ڪئمپ
اکڙي ويندي. تنبن کي مضبوط رسين سان تختن سان ٻڌيو
ويو آھي. ٻاھرين ٽينٽ لڏندي ۽ طوفاني ھوا جي آواز
سان وڄڻ لڳي. مون پل پل اھو ئي گمان پئي ڪيو تھ
تنبو ڍرو ٿي ڪري پوندو. مان گھٻرائيندي رھيس، پر
منھنجي مڙس مون کي چيو پئي ڏس مٺڙي، اسان گائيڊ
سان گڏ سفر پيا ڪريون. اھي سمجھن ٿا تھ اھي ڇا پيا
ڪن؟ اھي سٺ سالن کان انھن پھاڙين تي تنبو ھڻندا
پيا اچن. اھي تنبو ڪيترين موسمن کان اتي ئي آھن.
اڃا تائين تھ طوفان ۾ ڪونھ ڪريا آھن، ان ڪري اھي
اڄ رات بھ ڪونھ ڪرندا. ان ڪري سڪون رک. مون کي آٿت
مليو ۽ مان ساري رات سڪون سان سمھي گذاري ڇڏي.
ڪجھھ سال اڳ ڪيليفورنيا ۾ ٻارن جي فالج جي وبا
پکڙجڻ لڳي. جيڪڏھن گذريل ڏينھن ۾ ائين ٿئي ھا تھ
مون کي دورا پوڻ لڳن ھا، پر منھنجي مڙس مون کي
سڪون سان رھڻ جي تنبيھھ ڪئي. اسان ھر ممڪن احتياط
ڪيو. اسان ٻارن کي ڀيڙ ڀاڙ کان پري رکيو، اسڪول ۽
فلمن کان روڪيو. صحت جي بورڊ سان رابطو ڪرڻ ڪري
پتو پيو تھ ساري ڪيليفورنيا ۾ وڌ ۾ وڌ
1835
ٻار فالج کان متاثر ٿيا ھئا،
جڏھن تھ رواجي طرح ھر سال ٻھ يا ٽي سؤ ٻار ان جي
لپيٽ ۾ ايندا ھئا. ان سراسريءَ موجب ھاڻي سمورا
ٻار خطري کان آجا آھن.
منھنجي مڙس جي ان مقولي تھ: ”قانون موجب ائين ڪونھ
ٿيندو.“ منھنجو نوي سيڪڙو خوف ڪڍي ڇڏيو ۽ گذريل
ويھن ورھين کان منھنجي زندگي منھنجي اميدن کان بھ
وڌيڪ خوبصورت ۽ خوشگوار پئي گذري.
جنرل جارج ڪروڪ جيڪو آمريڪن تاريخ ۾ انڊيا جو سڀني
کان وڌيڪ جنگجو آھي، پنھنجي آتم ڪھاڻي جي
77ھين
صفحي تي لکي ٿو تھ ھندستان جون تقريبًا سموريون
ڳڻتيون ۽ اداسيون حقيقت مان نھ پر خيالن مان جنم
وٺن ٿيون.
مان جڏھن پنھنجين اڳين ناڪاميابين تي نظر ڊوڙايان
ٿو تھ محسوس ڪيان ٿو تھ منھنجين پريشانين بھ ائين
ئي جنم ورتو ھو. جم گرانٽ مون کي ٻڌايو تھ سندس
تجربو بھ اھو ئي ٻڌائي ٿو. ھو جيمز اي گرانٽ
ڊسٽريبيوٽنگ ڪمپني
204
فرينڪلن اسٽريٽ نيويارڪ سٽيءَ
جو مالڪ آھي. ھڪ ئي وقت ڏھن کان پندرھن ڪار لوڊز
جو آرڊر ڏيندو آھي، جن ۾ اورينج ۽ گريپ فروٽ لوڊ
ڪرائيندو آھي. ھن مون کي ٻڌايو تھ ھو مختلف سوچن
سان پاڻ کي تباھ ڪندو رھندو ھو. مثلا جيڪڏھن گاڏي
تباھ ٿي وئي تھ ڇا ٿيندو؟ جيڪڏھن سمورو فروٽ رستي
۾ ڪري ٽڙي پکڙي ويو تھ ڇا ٿيندو؟ جڏھن منھنجيون
ڪاريون پل تان گذرنديون ۽ پل ڪري پوندي تھ ڇا
ٿيندو؟ فروٽ جي تھ انشورنس ڪرائي ڇڏي آھي، پر خوف
رھندو ھو تھ فروٽ بروقت مارڪيٽ نھ پھتو تھ نقصان
ٿي پوندو. ھو ھر وقت ايترو پريشان رھندو ھو جو کيس
معدي جو السر ٿي پيو ۽ ڊاڪٽر وٽ ويو. ڊاڪٽر ٻڌايو
تھ کيس اعصابي ڇڪ کان علاوھ ٻي ڪابھ تڪليف ڪانھي.
ھن ٻڌايو تھ مون کي رستو ڏيکاري ڏيندو رھيو. مون
پاڻ کان ڪيترا ئي سوال ڪيا. مون پاڻ کي چيو تھ جم
گرانٽ ڏس! اڄ تائين تو ڪيتريون ڪاريون فروٽ جون
ھينڊل ڪيون آھن؟ جواب مليو تھ لڳ ڀڳ پنجويھھ ھزار.
پوءِ مون پاڻ کان پڇيو تھ انھن مان ڪيتريون تباھ
ٿيون؟ جواب مليو تھ شايد پنج. پوءِ مون پاڻ کي چيو
تھ رڳو پنج! پنجويھن ھزارن مان؟ ڇا تون سمجھين ٿو
تھ ان جو مطلب ڇا آھي؟ پنجن ھزارن مان رڳو ھڪ. ٻين
لفظن ۾ پنجن ھزارن مان رڳو ھڪ خراب ٿي تھ پوءِ تون
پريشان ڇا لاءِ پيو ٿئين؟
پوءِ مون پاڻ کي چيو تھ ھائو پل ٽٽي سگھي ٿي. تڏھن
مون پاڻ کان پڇيو تھ پل ٽٽڻ ڪري تنھنجيون ڪيتريون
ڪاريون تباھ ٿيون؟ جواب مليو تھ ھڪ بھ ڪونھ. پوءِ
مون پاڻ کي چيو تھ ڇا تون بيوقوف ناھين تھ پل ٽٽڻ
جو غم ٿو ڪرين جيڪا ڪڏھن ڪانھ ٽٽي آھي ۽ معدي جي
السر واري مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آھين!
جڏھن مان انھيءَ انداز سان سوچيو تھ پاڻ کي چڱو
خاصو بيوقوف محسوس ڪيو ۽ پريشان رھڻ ڇڏي ڏنم. تڏھن
کان اڄ تائين وري السر ۾ ڪونھ ڦاٿو آھيان.
اسمٿ جڏھن نيويارڪ جو گورنر ھيو تھ مون ٻڌو ھو تھ
ھو پنھنجي سياسي دشمنن جي حملي تي سدائين اھو جواب
ڏيندو ھو تھ: ”اچو تھ ڪارڊ جو معائنو ڪريون.“
پوءِ دليل ڏيڻ لڳندو ھو تھ آئندھ جڏھن اوھان ۽ مان
پريشان ٿيون تھ اسمٿ جي عاقلاڻي نصيحت تي عمل ڪندي
ڳالھھ جي تھھ تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪريون. فريڊرڪ جي
مالسٽيڊ
Frederick.J.Mahlstedt
بھ ائين ئي ڪيو. ھن کي خوف رھندو ھو تھ ھو قبر
ڏانھن ڇڪبو پيو وڃي. ھن نيويارڪ ۾ اسان جي ڪلاس کي
ھيءَ آکاڻي ٻڌائي ھئي:
جون
1949ع
۾ آئون اوھاما بيج جي ويجھو واري ھڪ کاھيءَ ۾
ليٽيو پيو ھوس. مان
999
سگنل سرور ڪمپنيءَ سان گڏ ھوس
۽ ان کاھيءَ کي نور سينڊي ۾ کوٽيو ھو. مون ان
وارياسي کاھيءَ کي نظر ڀري ڏٺو ھو. ڌرتيءَ ۾
مستطيل سوراخ تھ مون پاڻ کي چيو تھ صفا قبر وانگر
آھي. جڏھن مان ان ۾ ليٽيس ۽ سمھڻ جي ڪوشش ڪئي تھ
مون کي اھو محسوس ٿيو تھ ڄڻ تھ قبر اندر ليٽيو
آھيان. مان پاڻ کي اھو چوڻ کان روڪي نھ سگھيس تھ
متان اھا ئي منھنجي قبر ھجي.
جڏھن رات يارھين وڳي جرمني جا بم وسڻ لڳا تھ مان
ڪرونڊڙو ٿي پيس. ٻھ ٽي راتيون بلڪل ڪونھ سمھي
سگھيس. چوٿينءَ ۽ پنجينءَ رات منھنجا اعصاب جواب
ڏئي ويا. مون ڄاتو پئي تھ ھاڻ ڪوبھ ڪم ڪري ڪونھ
سگھندس. مون پاڻ کي چيو تھ مون کي چار پنج راتيون
ھتي گذريون آھن ۽ اڃا تائين جيئرو آھيان ۽ باقي
منھنجا سمورا ساٿي مون سان گڏ آھن. ڇڙا ٻھ ماڻھو
زخمي ٿيا آھن. اھي بھ جرمن بمن سان نھ، مگر پنھنجي
اينٽي ايئر ڪرافٽ گن جي ڪرڻ ڪري. مون ڪوبھ تعميري
ڪم ڪندي پنھنجي پريشانيءَ کي ترڪ ڪرڻ جو پڪو پھھ
ڪري ڇڏيو. ان ڪري مون پنھنجي مٿان ٿلھيءَ ڪاٺيءَ
جي ڇت ٺاھي تھ جيئن بم ڪرڻ کان بچي سگھان. مون
پنھنجي چوڌاري پري پري تائين پکڙيل فوج جي باري ۾
سوچيو. مون پاڻ کي ٻڌايو تھ مان رڳو ھڪڙي صورت ۾
مري سگھان ٿو جو مون کي اڻسڌي گولي لڳي ۽ ڏھن
ھزارن ۾ ھڪ چانس بھ اھڙو ڪونھ ھيو. ٻھ راتيون ان
طرح سوچڻ کان پوءِ مان گولين جي وسڪاري ۾ بھ
پرسڪون سمھندو ھئس.
اقوام متحده نيويءَ پنھنجي فوج جي جرئت وڌائڻ لاءِ
اصول بڻايو. ڪنھن اڳوڻي ملاح مون کي ٻڌايو تھ جڏھن
کيس ۽ سندس ساٿي ملاحن کي ھائي آڪيٽن ٽينڪر لاءِ
ڪم سنڀالڻو ھو تھ اھي ڏاڍا پريشان ھئا. انھن سڀني
جو خيال ھو تھ جيڪڏھن ڪوئي آڪيٽن گئولين ٽارپيڊو
سان ٽڪرائجي ويو تھ سڀڪجھھ تباھ ڪري رکندو. پر
اقوام متحده نيويءَ جو اندازو ڪجھھ مختلف ھو، ان
ڪري نيوي عين درست اعداد ٻڌايا جن ۾ ھڪ سؤ ٽئنڪرن
مان چاليھھ ٽئنڪر ٽارپيڊو سان ٽڪريل ٻڌايا ھئا، جن
مان صرف پنج عدد ڏھن منٽن ۾ ٻڌندا نظر آيا. جنھن
جو مطلب جھاز جي ٻڏڻ جو وقت ظاھر ڪرڻو ھو. ان جو
مطلب اھو بھ ھيو تھ اتفاق تمام گھٽ ٿيندا آھن. ان
ڳالھھ جرئت وڌائڻ ۾ مدد ڪئي. ڪليڊ ڊبليو ماس
Clyde-W-Mass
1969ع
۾ اھا ڪھاڻي ٻڌائي. سمورا ڪم وارا بھتر طرح محسوس
ڪرڻ لڳا. اسان ڄاڻون پيا تھ اسان کي موقعو ملي چڪو
آھي تھ قاعدي موجب اسان شايد بلڪل ڪونھ مرنداسون.
ان کان اڳ ۾ ئي غم ڪرڻ جي عادت ٽوڙي ڇڏيو. ان کي
ٽوڙڻ ڪاڻ ھيٺيان ٽي قاعدا آھن.
اچو تھ رڪارڊ جو جائزو وٺون. اھي پاڻ کان پڇن تھ
قانون موجب ڪھڙا موقعا آھن؟ ڇا جنھن حادثي بابت
پريشان آھيون، اھو ڪڏھن رونما بھ ٿيندو؟
نائون باب
اڻٽر حالتن سان ٺاھھ ڪريو
مان جڏھن ننڍو ٻار ھوس تھ ڪجھھ دوستن سان گڏجي اتر
اولھھ ميوسري ۾ ھڪ پراڻي گھر جي ڇپري مٿان کيڏنديس
پئي. مان جڏھن ڇپري تان ھيٺ لٿس ۽ ھڪ لمحي لاءِ
مون دري جي ڪانس تي پنھنجو پير رکيو ۽ پوءِ ٽپو
ڏنو. مون کاٻي ھٿ جي ڏسڻي آڱر ۾ منڊي پاتي ھئي.
جيئن جو ٽپو ڏنم، منڊي آڱوٺي ۾ ڦاسي پئي ۽ منھنجي
آڱر ڪٽجي پئي. مون کان دانھن نڪري وئي. مان
گھٻرائجي ويس. مون کي لڳو مان مرڻ لڳو آھيان، پر
زخم ڇٽڻ کان پوءِ مون کي ھڪ لمحي ڪاڻ بھ ڏک نھ
ٿيو. ڏک مان ڪو فائدو بھ ڪونھ ھيو. مون اڻٽر حالتن
کي قبول ڪري ورتو.
ھاڻي مون ٽن آڱرين سان چوٿين آڱوٺي کي قبول ڪري
ورتو آھي.
ڪجھھ ورھيھ اڳ مان ھڪ اھڙي ماڻھوءَ سان مليس، جيڪو
نيويارڪ ۾ جھاز ڪرائي بابت ھڪ آفيس ۾ ڪم ڪندو ھو.
مون ڏٺو تھ سندس کاٻو ھٿ ڪارائي کان ڪٽيل ھو. مون
کائنس پڇيو تھ سندس ھٿ ڪٽجڻ ڪري ڪوئي فرق پيو آھي
يا نھ؟ ”مون ڪڏھن سوچيو ئي ڪونھي. ھا البتھ مان
ڪنوارو آھيان. ڪڏھن سئيءَ ۾ ڌاڳو وجھڻو پئي ٿو تھ
محسوس ڪندو آھيان.“
حيران ٿيڻ جي ڳالھھ اھا آھي تھ اسان ڪيترو جلد
حالتن کي قبول ڪري پاڻ کي انھن موجب ھيرائيندا
آھيون.
اوھان ۽ اسان جيئن جيئن وقت گذاريون ٿا، اسان کي
انيڪ اڻوڻندڙ حالتن سان منھن ڏيڻو پوي ٿو. ان کان
سواءِ ڪجھھ ٿيڻو ڪونھي جو اسان جي پنھنجي چونڊ
آھي. اسان ان کي ناگزير طور قبول ڪريون ٿا ۽ ان
موجب پاڻ کي ھلايون يا ڪاوڙ ڪري پاڻ کي برباد
ڪريون ۽ نيٺ نروس بريڪ ڊائون ٿي وڃي. منھنجي ھڪ
فلسفي دوست وليم جيمز جي خلوص ڀري نصيحت آھي تھ
جيڪي ملي، خوشيءَ سان قبول ڪري وٺو. ڪنھن مشڪلات
تي قابو پائڻ ڪاڻ پھريون قدم اھو ئي آھي: جيڪي ھجي
قبولجي.
جيڪي ڏنائون سر ڏئي سھھ جندڙي
م چئو ڇنائون، اي پڻ ڳنڍيون سڄڻين
(شاھ)
ايلزبيٿ ڪوٽلي
2840
اين اي
49
اوينيو پورٽ لينڊ آرگن مشڪل
وقت ۾ ائين ڪيو. ھن مون کي خط لکيو: جڏھن آمريڪا
پھرين ڏينھن شمالي آفريڪا ۾ ھٿيار بند فوجن جو
ڏينھن پئي ملھايو تھ مون کي وارڊ ڊيپارٽمنٽ مان
تار ملي تھ منھنجو پسنديده ڀائيٽيو غائب آھي. جھٽ
کان پوءِ ٻي تار ملي تھ مري ويو آھي.
مان غم ۾ بي سڌ ٿي پيس. ان کان اڳ منھنجي زندگي
ڏاڍي خوشگوار ھئي. پنھنجي نوڪري ڪندي ھئي. مون
انھيءَ ڀائيٽي کي زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪئي
ھئي. ھن پنھنجي پاڻ ۾ اھي سموريون خوبيون پيدا
ڪيون، جيڪي مان پسند ڪندي ھئس. زندگي نھايت
خوشگوار ھئي. پوءِ اھا تار ملي تھ منھنجي سڄي دنيا
ٽٽي ڦٽي ويئي. مون محسوس ڪيو تھ ھاڻي جيئڻ ڪاڻ
ڪجھھ ڪونھي. مون ڪم ڇڏي ڏنو، دوستن سان ملڻ ڇڏي
ڏنو، مون تي سانت طاري ٿي وئي. مان اداس ۽ غمگين
ھئس تھ منھنجو ڀائيٽيو ڇو ھليو ويو؟ ڇو ماريو ويو؟
مون کي ويساھ ڪونھ پئي آيو. غم ايڏو شديد ھو جو
مون سڀ ڪم تياڳي ڇڏيا ۽ منھن ويڙھي روئندي رھيس.
مون پنھنجي ڊيسڪ تان ڪتاب پئي کنيا تھ منھنجي نظر
مان ھڪ خط گذريو، جيڪو مان بنھھ وساري ويٺي ھئس.
ھي انھيءَ ڀائيٽي جو خط ھو جيڪو ھاڻي مارجي چڪو
ھو. اھو خط ھن منھنجي والده جي وفات تي ڪجھھ ورھيھ
اڳ لکيو ھو: ”بيشڪ اسان سڀ کيس ياد ڪنداسون ۽ خاص
ڪري توھان. پر مان ڄاڻان ٿو تھ اوھان کي ھمٿ ھارڻ
نھ کپي. اوھان کي پنھنجو فلسفو بھ اھو ئي ڪرڻ
سيکاريندو. مان اوھان جي خوبصورت حقيقتن کي ھميشھ
ياد رکندس، جتي ھوندس ۽ توڻي اسان جتي بھ
ھونداسون، ڪيڏو بھ پري ھونداسون، مان ھميشھ ياد
رکندس تھ اوھان مون کي مسڪرائڻ سيکاريو ۽ اھو بھ
ٻڌايو تھ جيڪي بھ وھي واپري، مردن وانگر سھي
وڃان.“
مون بار بار اھو خط پڙھيو. ائين لڳو ڄڻ ھو منھنجي
آڏو بيٺو مون سان ڳالھيون پيو ڪري ۽ چوي پيو تھ
پاڻ اھو ڇو نٿي ڪيان جيڪو کيس سمجھائيندي ھئس؟
ھليا ھلو. جيڪي بھ ٿئي تھ بھ پرواھ نھ ڪريو.
پنھنجي ڏک کي مسڪراھٽ ھيٺان لڪايون اڳتي اڳتي
وڌندا رھو.
ان ڪري مان پنھنجي ڪم ڏانھن موٽيس. پوءِ مان
پريشانيءَ ۾ رڪجي ويس. پاڻ کي چيم تھ ڪم تھ ٿي
چڪو. مان ان کي بدلائي نٿي سگھان، پر جاري تھ رکي
سگھان ٿي ۽ رکنديس. جيڪي ھو مون کان ڪرائڻ جي
خواھش رکي ٿو، مون ان ۾ پنھنجو سمورو ذھن ۽ ساري
قوت ڪم تي کوڙي ڇڏي. مون سپاھين کي خط لکيا، ٻين
جي ڇوڪرن کي خط لکيا، مون نائيٽ ڪلاس ۾ داخلا
ورتي، مون پاڻ ۾ نيون دلچسپيون پيدا ڪيون، نوان
دوست بنايا ۽ ھاڻي بلڪل ٺيڪ آھيان. مون ماضيءَ تي
افسوس ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي. گذشتھ را صلواة، ڇاڪاڻ تھ
اھو گذري چڪو آھي. ھاڻي ھر ڏينھن خوشيءَ جو آھي.
بلڪل ان طرح جنھن طرح منھنجي ڀائٽي چاھيو پئي. مان
زندگي سان سڪون ڳنڍي ڇڏيو آھي. پنھنجي قسمت کي
قبولڻ گھرجي. ھاڻي مان اڳي کان وڌيڪ ڀرپور ۽ مڪمل
زندگي پئي گذاريان.
ايلزبيٿ ڪوٽلي اھو سکي ورتو، جيڪو اسان سڀني کي
جلدي يا دير سان ضرور سکڻ گھرجي. يعني اڻٽر حآلتن
کي قبول ڪري انھن سان ٺاھ ڪرڻ گھرجي. اھو ئي ٿي
سگھي ٿو. ان کان سواءِ ڪجھھ بھ ڪونھ ٿو ٿي سگھي.
اھو ڪرڻ ڪو سولو ڪم ڪونھي، تانجو بادشاھن کي تخت
تي ويھي بھ ان شيءِ کي ياد رکڻو آھي. جارج پنجون
مرحوم بڪنگھم ھائوس ۾ لائبريري جي ديوار تي فريم
ڪري اھي لفظ ٽنگرايا ھئا تھ: ”مون کي سيکاريو تھ
اڻٿيئي جي سڌ نھ ڪريان ۽ ٿيڻ کان پوءِ نھ
پڇتايان.“ شوپنھار
(Shopenhauer)
بھ اھو ئي خيال ھنن لفظن ۾ بيان ڪيو آھي:
”رڳو حالتون ئي اسان کي راضي يا ناراض ڪونھ ٿيون
ڪن، پر اسان جو رد عمل حالتن موجب آھي. حضرت عيسيٰ
فرمايو تھ جنت جي حاڪميت اوھان جي من ۾ لڪل آھي ۽
دوزخ جي بھ.
اسان تباھي، الميي تي سوڀ حاصل ڪري سگھون ٿا،
جيڪڏھن اسان چاھيون تھ، جيڪڏھن اسان پنھنجي اندر
سھپ جي سگھھ پيدا ڪريون تھ اسان حالتن سان سٺي
نموني منھن ڏئي سگھون ٿا. اسان پنھنجي سوچ کان بھ
گھڻو وڌيڪ مضبوط آھيون.
بوٿ تارنگٽن سدائين چوندو ھو تھ: ”مان ھڪ شيءِ کان
سواءِ دنيا جي ڏنل ھر ستم کي سھي پئي سگھيس.
انڌوپڻ ان کي مان ڪڏھن بھ برداشت ڪونھ ٿو ڪري
سگھان.“
پوءِ ھڪڙي ڏينھن جڏھن تارنگٽن پنجاھ ۽ سٺ ورھين جي
وچينءَ ڄمار تي ٿيو تھ ان فرش تي پيل غاليچي تي
نظر ڊوڙائي. ان جا رنگ چمڪندڙ ھئا. ان جي ڊيزائين
کيس سمجھھ ۾ ڪانھ آئي. ھو اسپيشلسٽ وٽ ويو. کيس
پتو پيو تھ سندس نظر ڪمزور پئي ٿئي. ھڪ اک تھ
تقريبًا بيڪار ٿي چڪي آھي ۽ ٻي بھ ٿيندي پئي وڃي.
جنھن شيءِ جو خوف ھئس اھا ئي ٿي.
تارنگٽن جو رد عمل ڪھڙو ھو؟ سندس زندگيءَ جو وڏي ۾
وڏو ڏک. ھن محسوس ڪيو تھ اھو منھنجي حياتيءَ جو
انت آھي تھ ھو ڏاڍو خوش ھو. ھن جو ھر صبح خوشگوار
ھو.
قسمت ان شخت تي ڪيئن ڪنٽرول ڪري سگھي ٿي. جڏھن ھو
پوري طرح انڌو ٿيو تھ چيائين: ”مون محسوس ڪيو تھ
مان وڃايل بينائي کي سھي سگھان ٿو. بلڪل عام وڃايل
شيءِ وانگر. جيڪڏھن مان پنج ئي حواس وڃايان تھ
منھنجو خيال آھي تھ مان پنھنجي ذھن سان گڏ زندھ
رھي سگھان ٿو ڇاڪاڻ تھ اسان دماغ سان ڏسندا آھيون،
جيتوڻيڪ اسان ڪنھن شيءِ کي ڏسي يا نھ ڏسي سگھون.“
بينائي بحال ٿيڻ جي آسري تي تارنگٽن کي ھڪ سال ۾
ٻارنھن آپريشنيون ڪرائڻيون پيون. ھن ڄاتو پئي تھ
ائين ئي ڪرڻو پوندو ۽ ان کان بچي ڪونھ سگھندو،
تنھن ڪري تڪليف کي گھٽ محسوس ڪرڻ ڪاڻ کيس ھمت کان
ڪم وٺڻو پوندو. ھن اسپتال جي خانگي ڪمري کي ڇڏي
وارڊ ۾ داخلا ورتي، جنھن ۾ ھن جھڙيءَ تڪليف وارا
گھڻا ماڻھو موجود ھئا. ھن انھن کي بھ خوش رکڻ جي
ڪوشش ڪئي ۽ جڏھن کيس بار بار آپريشن ڪرائڻي پوندي
ھئي تھ پوري ھوش حواس ۾ رھندو ھو تھ ساڻس ڇا پيو
ٿئي؟ ھن سوچيو تھ ھو ماضيءَ بنسبت ھاڻي ڪيتري قدر
خوش قسمت رھيو آھي. ڪيتري حيرانگيءَ جھڙي ڳالھھ
آھي تھ سائنس انساني اک جھڙي نازڪ شيءِ تي آپريشن
جي اھليت پيدا ڪئي آھي. |