ڪم ڪرڻ
جي ٻي سٺي عادت
مختلف ڪمن کي سندن اھميت موجب ترتيب ڏئي رکو، پوءِ
سڀ کان اڳ ۾ اھم ۽ ضروري ڪم اڪلايو. شھرن جي وچ ۾
قومي رابطي جي ھڪ سروس ڪمپنيءَ جي بانيڪار ھينري
ايل ڍورٽيءَ جو چوڻ آھي تھ ان ڳالھھ جي قطع نظر تھ
ھو ڪيترو ڪم ڪري ٿو؟ ھن ٻھ اصول بنايا آھن، جيڪي
ھن ڏاڍي مشڪل سان ڳولھي لڌا آھن. انھن مان ھڪ اصول
سوچڻ ۽ ٻيو مختلف ڪمن کي اھميت موجب ترتيب ڏئي
پورو ڪرڻ آھي.
چارلس ليوڪمين جيڪو ھڪ معمولي گھراڻي جو ٻار ھو،
ٻالڪپڻ ۽ ننڍپڻ ۾ ٽي ميل پنڌ ڪري اسڪول ويندو ھو.
ٻارھن سالن جي سخت محنت کان پوءِ آمريڪا جي ھڪ وڏي
پيسوجنٽ ڪمپنيءَ جو صدر ٿيو. سندس پگھار ھڪ لک
ڊالر ساليانو ھو، جڏھن تھ ان کان سواءِ بھ ھن لکين
ڊالر ڪمايا ھئا.
چارلس ليموڪمين جو چوڻ آھي تھ سندس ڪاميابيءَ ۾
ھينري ايل ڍورٽي جي ٻن اصولن جو وڏو ھٿ آھي. ھن
ٻڌايو تھ جيستائين ڪھ مون کي ياد پئي ٿو تھ مان
صبح پنجين وڳين اٿندو ھوس. ڇاڪاڻ جو ان وقت ڪنھن
ٻئي وقت جي بنسبت وڌيڪ بھتر انداز سان سوچي سگھندو
ھوس. ان وقت پنھنجي روزاني ڪمن جون ترجيحون ترتيب
ڏيندو ھوس، پوءِ انھن کي سندن اھميت مطابق پورو
ڪندو ھوس.
آمريڪا ۾ انشورنس جي ھڪ ڏاڍي ڪامياب انشورنس ايجنٽ
فرينڪ بيٽگر جو چوڻ آھي تھ ھو پنھنجي روز جي ڪمن
کي ترتيب ڏيڻ ڪاڻ پنجين وڳين صبح جو انتظار ڪونھ
ڪندو ھو. ھو انھن کي ھڪ رات اڳيئي ترتيب ڏئي طئھ
ڪري ڇڏيندو ھو. ھو پنھنجي آڏو ھڪ مقصد رکندو ھو تھ
صبح جو مون کي گھٽ ۾ گھٽ ھيتريون انشورنس پاليسيون
وڪڻڻيون آھن ۽ جيڪڏھن ھو ايتريون پاليسيون وڪڻڻ ۾
ڪامياب نھ ٿيو تھ باقي ٻئي ڏينھن جي حساب ۾ رکندو
ھو.
جيڪڏھن مشھور ڊرامھ نگار جارج برناڊ شا پھرين ڪم
کي پھريائين ڪرڻ جو اصول نھ بنائي ھا تھ ھڪ مصنف
طور ناڪام ٿي وڃي ھا ۽ سموري زندگي ھڪ بئنڪ ۾
ڪيشيئر جي نوڪري ڪندي گذاري ھا. سندس اھو اصول ھيو
تھ ھو روزانو پنج صفحا لکندو ھو ۽ مسلسل نون سالن
تائين لکندو رھيو. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ھن نون
سالن جي لکڻين مان رڳو ٽيھھ ڊالر ڪمايا، جيڪي ھڪ
پني روز جي حساب سان ٺھن ٿا.
ڪم ڪرڻ جي ٽئين سٺي عادت
اوھان کي جڏھن بھ ڪوئي مسئلو درپيش ھجي تھ ان کي
ان وقت حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، جڏھن ان معاملي بابت
سموريون ضروري حقيقتون معلوم ھجن تھ فيصلو ڪرڻ ۾
قطعا ڪا دير نھ ڪريو.
منھنجي اڳوڻن شاگردن مان مرحوم ايڇ پي ھوول ھڪ
ڀيري مون کي ٻڌايو تھ جڏھن ھو يو ايس اسٽيل جي
ڊائريڪٽرن جي بورڊ جو ھڪ رڪن ھو تھ بورڊ جا اجلاس
ڏاڍا ڊگھا ٿيندا ھئا ۽ اسان کي گھڻن ئي معاملن تي
ڳوڙھي سوچ ويچار کان پوءِ ان باري ۾ اھم نوعيت جا
فيصلا ڪرڻا ھوندا ھئا. ان جو اھو نتيجو نڪرندو ھو
تھ بورڊ جو ھر ھڪ رڪن ھر اجلاس کان پوءِ رپورٽن جا
بنڊل پڙھڻ ڪاڻ گھر کڻي ويندو ھو.
نيٺ مسٽر ھوول بورڊ جي ڊائريڪٽرن کي قائل ڪيو تھ
اھي ھڪ وقت ۾ ھڪ معاملي بابت سوچ ويچار ڪرڻ کان
پوءِ ان تي فيصلو صادر ڪن. اھي فيصلا ان طرح بھ ٿي
سگھن ٿا تھ فلاڻي پروجيڪٽ بابت وڌيڪ معلومات ۽
حقيقتون گڏ ڪيون وڃن، ھي ڪم ڪيو وڃي يا ھو ڪم ڪيو
وڃي. پر ان جو اھو فائدو ٿيو تھ ھر معاملي تي
فيصلو ٿيندو ھو ۽ ان کان پوءِ ٻئي معاملي تي ويچار
ڪيو ويندو ھو. مسٽر ھوول مون کي ٻڌايو تھ ان طريقي
جا حوصلو ڏيندڙ ۽ دل خوش ڪندڙ نتيجا نڪرندا ھئا ۽
اسان جا اجلاس جيڪي ايڏا ڊگھا ٿيندا ھئا، اھي جلدي
ختم ٿيڻ لڳا ۽ ميمبر کي رپورٽن جا بنڊل پڙھڻ ڪاڻ
کڻي وڃڻا ڪونھ پوندا ھئا ۽ نھ ئي اسان مان ڪوبھ
پريشاني يا ڇڪ جو شڪار ٿيندو ھو.
ھي سٺو اصول يو ايس اسٽيل جي بورد آف ڊائريڪٽر
سميت اسان سڀني مان ھر ھڪ ڪاڻ فائديمند آھي.
ڪم ڪرڻ جي چوٿين سٺي عادت
ترتيب ڏيڻ، ذميواري سونپڻ ۽ نگراني ڪرڻ سکو. ڪيترا
ڪاروباري ماڻھو پاڻ کي تمام گھڻن مامرن ۾ الجھائي
ڇڏيندا آھن، ڇو تھ انھن ڪڏھن ڪنھن کي ڪا ذميواري
ڪانھ سونپي آھي ۽ اھي ھر ڪم پاڻ ڪرڻ تي زور ڏيندا
آھن. اھي ماڻھو حد کان وڌيڪ خود اعتمادي جو شڪار
ھوندا آھن. ان جو نتيجو اھو نڪرندو آھي جو ھر وقت
تفصيلن ۽ انگن اکرن ۾ اڙيل ھوندا آھن ۽ الجھنن جو
شڪار رھندا آھن. انھن کي ھر ڪم جي تڪڙ ھوندي آھي.
اھي ڇڪ، پريشاني ۽ بيچيني جا شڪار ھوندا آھن. ڪنھن
کي ذميواري ڏيڻ بھ ھڪ مشڪل ڪم آھي. مان سمجھان ٿو
تھ اھا مون لاءِ بھ ڏکي جوکم ڀري ڳالھھ آھي تھ ڪٿي
ڪنھن غلط ماڻھوءَ کي تھ ذميواري ڪونھ پيو ڏيان. ڇا
ھو منھنجي اعتبار کي دوکو تھ ڪونھ ڏيندو؟ اھو ان
جوابداريءَ جو اھل بھ آھي يا نھ؟ اھڙا ۽ ان قسم جا
اڻ ڳڻيا خدشا مون کي پريشان ڪندا آھن، پر اھا
ڳالھھ حقيقت پسندي جي خلاف آھي تھ اوھان سمورين
ذميوارين اختيار ڪرڻ تي دنگو ڪري ويھي رھو ۽ ان
خدشي تحت ٻين کي نھ سونپيو تھ جيڪڏھن اھي اھا
ذميواري پوري ڪري ويا تھ منھنجي افاديت ختم ٿي
ويندي. اھا ناڪاري سوچ آھي.
ڪيترا ئي ماڻھو جيڪي پنھنجو ڪاروبار وڌيڪ پکيڙيندا
آھن، پنھنجي ڪم کي ترتيب ڏيڻ، ان جي نگراني ڪرڻ ۽
پنھنجن ملازمن کي ذميواريون سونپڻ بابت ڪجھھ ڪونھ
ڄاڻندا آھن ۽ اھڙي طرح پنھنجي ڪم جي زيادتي سببان
عمر جي پنجاھين يا سٺھين سال ۾ دل جي بيمارين ۾
مبتلا ٿي ويندا آھن، جيڪي پريشانين ۽ تناءَ سببان
ٿينديون آھن، ڇاڪاڻ تھ گھڻو ڪري اھم ڪمن ختم نھ
ٿيڻ ڪري اھي پريشان رھندا آھن ۽ چڙڻ، جھنجھلاھٽ جو
شڪار ٿي ويندا آھن.
ستاويھون باب
بوريت ڪيئن ختم ڪجي؟ جيڪا ٿڪ،
پريشاني ۽ ڪاوڙ جو ڪارڻ بنجي ٿي
ٿڪاوٽ جو وڏو سبب بوريت ھوندي آھي. ان کي وڌيڪ
وضاحت سان چوڻ ڪاڻ ھڪڙي ايگزيڪٽو ايلس جو تذڪرو
ڪيون ٿا. ھڪر ات جو ايلس ٿڪجي چور ٿي گھر واپس
آئي. ھوءَ ايتري تھ ٿڪل ھئي جو بنان ماني کائڻ جي
بستري ۾ گھري ويئي. مٿو سور سان ڏکيس پئي. ماءُ جي
زور ڀرڻ تي ماني کائڻ ويٺي تھ اوچتو فون جي گھنٽي
وڄڻ لڳي. سندس ھڪ دوست جو فون ھو، جنھن پاڻ سان
ڊانس پارٽيءَ ۾ وڃن ڪاڻ دعوت ڏنس. اوھان سمجھندا
ھوندؤ تھ ھن انڪار ڪندي چيو ھوندو تھ: ”مان ڏاڍي
ٿڪجي ٽٽي پئي آھيان. منھنجي مٿي ۾ ڏاڍو سور آھي.“
نھ نھ! بلڪل نھ، ايلس اھو جواب ڪونھ ڏنو. ڊانس
پارٽيءَ جي دعوت ملندي ئي اکيون چمڪي پيس. جلدي
ڊوڙي مٿي پنھنجي ڪمري ۾ ويئي. ڪپڙن جي الماڙي کولي
ڊانسنگ گون پاتائين ۽ پارٽيءَ ۾ ھلي ويئي. اوھان
اچرج ۾ ايندؤ تھ ھو ٽين وڳين تائين ڊانس ڪندي رھي.
ڊانس ختم ٿيڻ کان پوءِ گھر پھتي تھ ٿڪاوٽ جو احساس
ئي ڪونھ ھوس. ايتري مگن ھئي جو سمھي بھ ڪونھ سگھي.
اوھان جي ذھن ۾ سوال اڀريو ھوندو تھ ڪجھھ ڪلاڪ اڳ
۾ جڏھن ايلس سڄو ڏينھن آفيس ۾ ڪم ڪري گھر موٽي تھ
ڇا ھوءَ واقعي ٿڪاوٽ کان چور ھئي؟ ھائو! پڪ سان
ٿڪل ھئي. ھن دنيا ۾ ايلس وانگر لکين ڪروڙين اھڙا
ماڻھو ھوندا، جيڪي ڪم جي زيادتي سبب ٿڪجن ٿا تھ
اھي پنھنجي پسند جي ميوزڪ ٻڌي تازا توانا ٿيندا
ھوندا.
اھا ھڪ عام حقيقت آھي تھ اسان جي سموري جذباتي
ڪيفيت ئي ٿڪاوٽ جو ڪارڻ بڻبي آھي. ڪجھھ سال اڳ
ڊاڪٽر جوزف اي ھار سيڪ پنھنجا ڪجھھ تجربا شايع
ڪرايا آھن تھ بوريت ٿڪ جو ڪارڻ ڪيئن بڻبي آھي؟
ڊاڪٽر ھار سيڪ شاگردن جي ھڪ گروپ جون مختلف قسمن
جون ٽيسٽيون ورتيون، جن مان پتو پيو تھ اھي شاگرد
ٿڪاوٽ محسوس ڪندي گھيرٽ ۾ پئي آيا. انھن مٿي جي
سور، اکين تي ٻوجھھ ۽ سڙڻ جي شڪايت پئي ڪئي. ڪن
پيت جي سور جي دانھن بھ ڪئي. ڇا اھا سڀ خام خيالي
ھئي؟ نھ! شاگردن جون جيڪي ٽيسٽيون ورتيون ويون، تن
مان پتو پيو تھ سندن جسم جو بلڊ پريشر ۽ جسم ۾
آڪسيجن جو مقدار ان وقت واقعي گھٽجي وڃي ٿو، جڏھن
بوريت محسوس ڪن ٿا ۽ جيئن ئي ڪنھن نظاري يا معاملي
۾ دلچسپي وٺڻ لڳن ٿا تھ سندن بلڊ پريشر نارمل ٿئي
ٿو ۽ بدن ۾ آڪسيجن جو مقدار پڻ وڌي وڃي ٿو.
اسان جڏھن ڪو دلچسپ يا پرجوش قسم جو ڪم ڪندا آھيون
تھ تمام گھٽ ٿڪاوٽ محسوس ڪندا آھيون. مثال طور:
مان پنھنجي ٻئي ڪورل سان گڏجي ڪينيڊا ۾ نومي ڍنڍ
وٽ ڪجھھ موڪلون گذاريون. اسان اتي ٽرائوٽ مڇين جو
شڪار ڪندا رھياسون. ھڪ ڏينھن تمام گھڻيون مڇيون
پڪڙيون سون. اسان اٺ ڪلاڪ مڇيون ڦاسائيندا رھياسون
پر ٿڪ جو احساس ئي نھ ٿيو. ان ڪري جو پرجوش
ھئاسون، ڇو تـھ اسان ڪافي وڏي تعداد ۾ مڇيون
ڦاسائيون ھيون.
جبلن تي چڙھڻ ھڪ ڏکيو ڪم آھي، پر جيڪڏھن ان ۾
اوھان دلچسپي وٺو ٿا تھ اوھان بور ڪونھ ٿيندؤ ۽ نھ
وٺو تھ بيشڪ بوريت محسوس ڪندؤ ۽ جلد ئي ٿڪجي
پوندؤ. ھڪ دفعي مون کي ھڪڙي دوست ھڪ واقعو ٻڌايو،
جيڪو سندس بيان جي صحيح عڪاسي ڪري ٿو.
جولاءِ
1953ع
۾ ڪينيڊا جي فوج ڪينيڊا جي الپائي ڪلب کي درخواست
ڪئي تھ فوجين کي جبل سر ڪرڻ جي سکيا لاءِ ڪجھھ
رھبر ڏنا وڃن. منھنجو دوست انھن گائيڊن مان ھڪ ھو.
ھن ٻڌايو تھ اسان گائيڊن جون عمرون ٻائيتاليھن ۽
اڻونجاھ ورھين جي وچ ۾ ھيون، پر انھن نوجوانن کي
تربيت ڏيڻ ۾ ڏاڍي دقت پيش آئي. رڳو چاليھھ فوٽ
اوچيءَ چوٽيءَ تي چڙھڻ ڪاڻ ڇا ڇا نھ ڪرڻو پيو.
پندرھن ڪلاڪن جي ڪوھ پيمائيءَ کان پوءِ اھي جوان
جيڪي ڀرپور صحتمند ۽ تازا توانا پئي لڳيا، پوري
ريت ٿڪجي چڪا ھئا، جيتوڻيڪ اھي سڀ ڪجھھ ڏينھن اڳي
ٿانڊو جو ڇھن ھفتن جو ڪورس ڪري چڪا ھئا.
ڇا اھي نوجوان فوجي ڪوھ پيمائي دوران ٻنڌين جي
لڳاتار استعمال ڪرڻ سان ٿڪجي پيا. جيڪي ڪمانڊو
تربيت دوران سخت ڪونھ ٿيون ھيون. ڪوبھ اھڙو شخص
جيڪو ڪمانڊو ٽريننگ جو حال ڄاڻندو ھجي، ان کل
جھڙيءَ ڳالھھ تي ڪونھ کلندو. اھي فوجي جوان ان ڪري
ٿڪجي پيا جو ڪوھ پيمائي انھن ڪاڻ سخت بوريت وارو
ڪم ھو. انھن مان ڪيترا اھڙا ھئا، جيڪي کائڻ پيئڻ
کان سواءِ ئي بسترن ۾ گھڙي ويا پر اھي رھنما جيڪي
عمر ۾ کانئن ٻيڻا وڏا ھئا، ٿڪا تھ ھئا پر ايترا بھ
ڪونھ جو کاڌو کائڻ ئي وساري ڇڏين ھا. انھن اطمينان
سان ماني کاڌي، پوءِ ڪي ڪلاڪ سڄي ڏينھن جي
مصروفيتن بابت ھڪ ٻئي سان ڳالھائيندا رھيا.
ڪولمبيا يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر ايڊورڊ جڏھن ٿڪ بابت
تجربا پئي ڪيا تھ ان نوجوانن اندر ڪنھن شيءِ جي
باري ۾ دلچسپي پيدا ڪري انھن کي لڳ ڀڳ ھڪ ھفتو
جاڳائي رکيو. گھڻي کوجنا کان پوءِ ڊاڪٽر ارڊورڊ جا
رپورٽ ڏني، ان ۾ چيائين تھ بوريت ڪم جي کوٽ جو وڏو
سبب آھي.
جيڪڏھن اوھان ذھني ڪم پيا ڪريو تھ شايد ڪم جي
گھڻائي اوھان کي ٿڪائيندي. اوھان ان ڪري ٿڪ محسوس
ڪندؤ تھ ھاڻي گھڻو ڪم ڪرڻ ڪاڻ آھي. مثال طور گذريل
ھفتي جو اھو ڏينھن ياد ڪيو، جڏھن ڪم ھلندي اوھان
کي مسلسل ڊسٽرب ڪيو ويو. اوھان ڪنھن جي جواب جو
ڊرافٽ تيار ڪري ڪونھ سگھيا. اھو ڏينھن ڏاڍو خراب
گذريو ۽ سڄو ڏينھن مصروف رھندي بھ ڪو ڪم ڪري ڪونھ
سگھيو پر گھر پھتؤ تھ اوھان تمام گھڻو ٿڪجي چڪا
ھئا ۽ مٿي ۾ بھ سخت سور محسوس پئي ڪيو.
پر ان جي ابتڙ ٻئي ڏينھن اوھان وڏي دلچسپيءَ سان
پنھنجي آفيس ۾ ويٺا ڪم ڪندا رھندا. گذريل ڏينھن جي
ڀيٽ ۾ اوھان گھڻو ڪم ڪيو، پر جڏھن شام جو ڪم پورو
ڪري اٿيو ۽ پنھنجي گھر موٽي پھتؤ تھ بلڪل تازا
توانا ھئا. اوھان جي منھن تي ٿڪاوٽ جا آٿار بھ
ڪونھ ھئا. مون اھو تجربو توڙي مشاھدو انيڪ وار
ڪيو. پڪ سان اوھان کي بھ اھڙو تجربو ٿيو ھوندو.
انھيءَ مان اسان کي ڪھڙو سبق مليو؟ صرف اھو تھ
اسان جي ٿڪاوٽ جو سبب ڪم ڪرڻ ڪونھي، پر پريشاني،
چڙ ۽ ڪاوڙ آھي ۽ اھا جذباتي ڪيفيت رڳو ڪن اھم ڪمن
جي پورائي نھ ٿيڻ ڪري ٿيندي آھي ۽ اسان اھي اھم ڪم
ڇو نھ ڪري سگھندا آھيون؟ ڇا لاءِ جو اسان کان انھن
جي ترتيب ۽ ترجيح طئھ ڪونھ ٿيندي آھي.
ھي باب لکڻ دوران مان جرمي ڪيرن جو مزاحيھ پروگرام
”شو بوٽ“ ڏسڻ ھليو ويس. ان شو جي ھڪڙي حصي ۾ ڪاٽن
بلوسم جو ڪيپٽن ايندي پنھنجي خاص فلسفي ڍند سان
چوي ٿو تھ: ”خوش قسمت آھن اھي انسان، جيڪي ڪوبھ ڪم
پورو ڪرڻ مان لطف وٺندا آھن. اھڙا انسان ان ڪري
خوش قسمت آھن جو اھي وڌيڪ خوش ٿيندا آھن ۽ ڪم ۾
دلچسپي وٺندا آھن، پريشان ڪونھ ٿيندا آھن تھ ڪم
ڪيئن ختم ٿيندو؟ جيڪڏھن کانئن پڇيو وڃي تھ ڪم ڪڏھن
پورو ٿيندو؟ جواب ڏيندا تھ بس اجھو ٿو پورو ٿئي.
اھڙن ماڻھن کي گھڻو ڪم ڪري بھ ٿڪاوٽ ڪانھ ٿيندي
آھي.“
ھاڻي اھو سوچڻ تھ اوھان جو ڪم آھي تھ ڪھڙو ڪم ڪرڻ
۾ اوھان جي دلچسپي آھي ۽ ڪھڙي ڪم ۾ اوھان جي وڌيڪ
سگھھ ڪم آڻڻي پوندي؟ اسان سان گھڻو ڪري اھو مسئلو
بھ ھوندو آھي تھ اسان توب سان مک مارڻ جي ڪوشش
ڪندا آھيون. يعني جيڪو ڪم اسان آساني سان ڪري
سگھون ٿا، ان کي ڪرڻ ڪاڻ گھڻي ۽ وڌيڪ سگھھ استعمال
ڪرڻي پوندي اٿئون. زال مڙس خوشگوار موڊ ۾ ڳالھيون
ڪندي ڏھ ميل پنڌ بھ ڪري سگھن ٿا، پر ڪاوڙ ۽ خفگي ۾
ٻئي ڄڻا ڏھ وکون بھ ڪونھ ھلي سگھندا آھن.
ھاڻي سوال اھو آھي تھ ان ڏس ۾ اوھان کي ڇا ڪرڻ
گھرجي؟ اتي اوھان کي ٻڌايون ٿا تھ ھڪ اسٽينو گرافر
ان سلسلي ۾ ڇا ڪيو؟ ھيءَ اسٽينو گرافر اوڪلوھاما
رياست جي شھر تلسا جي ھڪ تيل ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪندي
ھئي. ھر مھيني ۾ ڪيترا ئي ڏينھن کيس بيحد بور ڪم
ڪرڻا پوندا ھئا، جھڙوڪ: آئل ليز جي ڇپيل ڪاغذن کي
فائلن ۾ لڳائڻ، انھن جا تفصيل ۽ انگ اکر ٽائيپ
ڪرڻ. اھو ڪم ڏاڍو بور ھو. پر ھن ان کي دلچسپ بنائڻ
جو فيصلو ڪيو. ڪيئن؟ اھو اوھان کي ٻڌايون ٿا.
ھوءَ روزانو پاڻ سان مقابلو ڪندي ھئي. روزانو فارم
ڳڻيندي ھئي، جن کي صبح جو ٽائيپ ڪرڻو ھوندو ھوس.
ان کان پوءِ منجھند جو فارمن وڌائڻ جي ڪوشش ڪندي
ھئي. روزانو شام جو ڪم ختم ڪرڻ وقت فارمن جو جوڙ
ڪندي ھئي تھ ڪيترا فارم ٽائيپ ٿيا آھن؟ ھاڻي ٻئي
ڏينھن صبح ۽ ٻن پھرن جو گذريل ڏينھن کان وڌيڪ فارم
ٽائيپ ڪرڻ جي ڪڪوشش ڪندي ھئي. ڄاڻو ٿا تھ ان جو
ڪھڙو نتيجو نڪتو؟
اھو نڪتو جو ھوءَ پنھنجي فرم ۾ ڪم ڪندڙ ٻين اسٽينو
گرافرن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ لڳي ۽ ڇا تھ ان جي ھر طرف
کان تعريف ٿيڻ لڳي. سندس شڪر گذاريون ٿيڻ لڳيون.
سندس ترقي ٿي، پگھار وڌيس. ان جو اھو نتيجو نڪتو
تھ کيس بور کان بور ڪم ڪندي بھ ٿڪاوٽ ڪانھ ٿيندي
ھئي. ان سان سندس ذھن ۾ ھڪ تحريڪ اڀري تھ مون کي
ھر ڪو ڪم آسان بنائڻو آھي. ھوءَ ھڪ بيحد بور ڪم کي
دلچسپ بنائي چڪي ھئي. ھاڻي سندس اندر وڌيڪ سگھھ،
وڌيڪ امنگ، گھڻي خوشي ھئي. ان کان سواءِ آرام توڻي
تفريح ڪرڻ ڪاڻ ھن وٽ وقت وڌيڪ ھوندو ھو.
اھا ڪھاڻي بلڪل سچي آھي ۽ مان ان جو شاھد آھيان،
ڇاڪاڻ تھ ان اسٽينو گرافر سان منھنجي شادي ٿي ۽
ھاڻي منھنجي زال آھي.
ھاڻي اوھان کي ھڪڙي ٻيءَ اسٽينو گرافر جي ڳالھھ
ٻڌايان ٿو، جنھن پنھنجي بور ڪم کي دلچسپ بنايو ھو.
اھا بھ منھنجي زال وانگر ڪم کي وٺندي ھئي تھ پورو
ڪري ساھ پٽيندي ھئي. ان ڇوڪريءَ جو نالو مس ويلي
گولڊن ھو. اھا ايلينوز ۾ رھندي ھئي. ان مون کي
پنھنجي ڪھاڻي لکي موڪلي، جيڪا ھن طرح ھئي:
”اسان جي آفيس ۾ چار اسٽينو گرافر آھن ۽ اسان سڀني
جو ڪم مختلف ماڻھن کان خط وصول ڪرڻ ھوندو آھي. ڪم
ھلندي اسان ھڪ ٻھ ڀيرا الجھندا آھيون. ھڪ ڏينھن
جڏھن اسان جي آفيس جي نائب سربراھ مون کي ھڪ ڪافي
ڊگھو خط ٽائيپ ڪرڻ ڪاڻ چيو تھ مون مزاحمت ڪئي ۽
کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي تھ ھن خط ۾ رڳيون ٻھ
غلطيون آھن ۽ اھي ٽائيپ ڪرڻ کان سواءِ بھ درست ڪري
سگھجن ٿيون، پر ھن مون کي ڌمڪي ڏني تھ جيڪڏھن اھو
خط ٻيھر ٽائيپ نھ ڪندينءَ تھ ھو ڪنھن ٻيءَ اسٽينو
گرافر کان اھو خط ٽائيپ ڪرائيندو.
مون کي ڪاوڙ تھ ڏاڍي لڳي، پر مان ان خط کي ٻيھر
ٽائيپ ڪرڻ شروع ڪيو. ان وچ ۾ مون کي خيال آيو تھ
ڪيترا ئي ٻيا ماڻھو آھن، جيڪي منھنجي جاءِ والارڻ
ڪان فورا تيار ٿيندا. مان پنھنجي ڪمپني ڪاڻ اڻٽر
ڪانھ ھئس ۽ وري مون کي ڪم ڪرڻ ڪاڻ پگھار ملندو ھو.
ان خيال سان گڏ مون پاڻ کي قدري پرسڪون محسوس ڪيو
۽ مون فورا فيصلو ڪيو تھ جيتوڻيڪ مون کي ان ڪم کان
سخت نفرت آھي، پر مون کي ان ۾ دلچسپي وٺڻ گھرجي.
ان کان پوءِ مون تي کليو تھ ڪنھن بھ ڪم کي انھيءَ
سوچ سان ڪريان تھ ھي ڪم ھڪ دلچسپ ڪم آھي تھ مان
ڪيتري قدر ان ۾ دلچسپي وٺي سگھان ٿي. مون اھو بھ
محسوس ڪيو تھ اگر مان ڪنھن ڪم کي ان ۾ دلچسپي
وٺندي ڪريان تھ نھ رڳو منھنجي ڪم جي رفتار تکي
ٿيندي، پر منھنجي ڪارڪردگيءَ ۾ بھ نکار ايندو.
ھاڻي اھا ئي حالت آھي تھ شايد ئي ڪو اھڙو ڏينھن
ايندو ھجي، جنھن ڏينھن مان پنھنجو ڪم مقرر وقت کان
پھريون پورو ڪري نھ وٺان. منھنجي ڪم ڪرڻ جي طريقي
سان آفس ۾ منھنجي شھرت ۾ واڌائي ٿي تھ مان ھڪ سٺي
ڪارڪن آھيان ۽ جڏھن آفيس جي ھڪ اعليٰ عھديدار کي
ھڪ پرائيويٽ سيڪريٽريءَ جي گھرج پئي تھ ان مون کي
اھا آڇ ڪئي، ڇاڪاڻ جو کيس منھنجي ڪم تي ۽ مون تي
ويساھ ھيو تھ مان ڪم ڪرڻ کان ڪڏھن ڪونھ گھٻرائيندي
آھيان ۽ واڌو ڪم اچڻ جي صورت ۾ بھ بوريت يا ٿڪاوٽ
جي شڪايت ڪرڻ کان سواءِ ڪم جلدي اڪلائڻ جي ڪوشش
ڪندي آھيان. مس گولڊن مون کي لکيو تھ منھنجي ذھن ۽
سوچ جي تبديلي مون لاءِ ھڪ اھم انڪشاف ھئي ۽ ان جا
حيرت ۾ وجھندڙ نتيجا نڪتا آھن.
مس گولڊن ”حيرت ۾ وجھندڙ نتيجن“ جا جيڪي لفظ ڪم
آندا آھن، اھي فلسفي جي ھڪ مشھور پروفيسر ھنز ونگر
جي نظرين سان ملندڙ آھن. ھن جو چوڻ آھي تھ جيڪڏھن
اسان ھشاش بشاش آھيون تھ پنھنجو ڪوئي اڌورو ڪم
فورا شروع ڪريون. وڌيڪ چئي ٿو تھ جيڪڏھن رڳو
اداڪاري ڪيون تھ اسان کي پنھنجي ڪم سان دلچسپي آھي
تھ اھا ٿورڙي اداڪاري ۾ اوھان جي نقلي دلچسپيءَ کي
بھ دلچسپيءَ کي اصلي بنائي سگھي ٿي. ان سان اوھان
جو ٿڪ، ذھني دٻاءُ ۽ پريشان گھٽجي سگھي ٿي.
ڪجھھ ورھيھ اڳ ۾ ھارلن اي ھارورڊ ھڪ فيصلو ڪيو،
جنھن سندس زندگيءَ کي يڪسر بدلائي ڇڏيو آھي. ھن ھڪ
بور ڪم کي دلچسپ بنائڻ جو فيصلو ڪيو. ان جو ڪم
واقعي ڏاڍو بور ڪندڙ ھو. بورچي خاني جون ٿالھيون
ڌوئڻ، ڪائونٽر صاف ڪرڻ ۽ اسڪول جي ميزن تي آئس
ڪريم سجائي رکڻ، تڏھن جڏھن ڇوڪرا راند ڪندا ھجن يا
ڇوڪرين سان
Kidding
ڪندا ھجن.
ھارورڊ کي پنھنجي نوڪري ڪانھ وڻندي ھئي، پر جيئن
تھ اھا سندس ضرورت ھئي ۽ ھو اھا نوڪري ڇڏي ڪونھ
پئي سگھيو. ھن ان ڳالھھ جو اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو تھ
آئيس ڪريم ڪيئن ٺاھبي آھي ۽ ان ۾ ڪم ايندڙ جزا
ڪھڙا آھن ۽ آئس ڪريم جا ڪي ذائقا ھڪ ٻئي کان جدارا
ڇو ٿيندا آھن؟ ھن ايتري دلچسپي ظاھر ڪئي جو پوءِ
ميسا پوٽس ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ ”فوڊ
ٽيڪنالاجي“ ۾ ايم اي ڪيائين ۽ جڏھن نيويارڪ جي ھڪ
ڪافي ساز ڪمپنيءَ ڪافي ۽ چاڪليٽ تي بھترين مقالا
لکڻ جو مقابلو ڪرايو ۽ ان تي ھڪ سؤ ڊالر انعام
رکيو تھ خبر اٿو تھ ڪاليج جي ڪھڙي شاگرد اھو انعام
کٽيو؟ اھو شاگرد ھارورڊ ھيو. ڪاليج کان نڪري جڏھن
نوڪري تلاش ڪرڻ ڏکيو لڳيس تھ ھن گھر جي تھھ خاني ۾
ھڪ ليبارٽري کولي. ٿورن ڏينھن ۾ اھو قانون ٺھيو تھ
کير جي ليبارٽري ٽيسٽ ڪرائي وڃي، ڇاڪاڻ تھ ان ۾
بيڪٽيريا ۽ ٻين جرثومن ھجڻ جو امڪان آھي. جلد ئي
کير جي چوڏھن ڪمپنين ھارورڊ سان کير ٽيسٽ ڪرائڻ جا
معاھدا ڪيا ۽ ڪم جي واڌ سببان ھن کي بھ وڌيڪ ملازم
رکڻا پيا.
ذرا سوچيو تھ اڄ کان پنجويھ سال پوءِ ھارورڊ ڪٿي
ھوندو؟ اھي ماڻھو جيڪي ھاڻي فوڊ ٽيڪنالاجي جو ڌنڌو
پيا ھلائين، ان وقت رٽائرڊ ٿي چڪا ھوندا ۽ سندن
اولاد سندن جاءِ ولاري ھوندي. اڄ کان پنجويھھ سال
پوءِ ھارورڊ شايد پنھنجي پيشي ۾ پھريون نمبر حاصل
ڪري چڪندو ۽ سندس اھي ڪلاسي جن کي آئس ڪريم وڪڻندو
ھو، شايد بيروزگاريءَ تي حڪومت کي پٽيندا ھوندا ۽
اھا شڪايت ڪندا ھوندا تھ کين موقعو ڪونھ مليو،
ورنھ ھارورڊ کي بھ موقعو نھ ملي ھا تھ اھو بھ ھڪ
بور قسم جي ملازمت کي دلچسپ بنائڻ جو فيصلو نھ ڪري
ھا.
ڪيترا سال اڳ ھڪڙي ٻئي نوجوان سام، جنھن کي پنھنجي
ڪمپنيءَ جي نوڪري پسند ڪانھ ھئي ۽ نوڪري ڇڏڻ پئي
چاھيائين، پر ڀؤ ھيس تھ متان ٻي نوڪري نھ ملي.
ڪيترن ھفتن جي غور ويچار کان پوءِ سام پنھنجي
فيڪٽري جي نوڪريءَ کي دلچسپ بنائڻ جو فيصلو ڪيو ۽
ان ۾ ايترو سوڀارو ويو جو ٽيھن ورھين کان پوءِ پاڻ
ھالڊو لوڪو موٽيو ورڪس جو صدر ھيو. اگر سام پنھنجي
ملازمت کي دلچسپ ڪرڻ جو فيصلو نھ ڪري ھا تھ ھاڻي
ڪنھن ڪارخاني ۾ معمولي قسم جو مڪينڪ ھجي ھا.
ريڊيو جي ھڪ مشھور مبصور ايڇ وي ڪيلٽن بورن ھڪ
ڀيري مون کي ٻڌايو تھ ھن پنھنجي ملازمت کي ڪھڙيءَ
طرح دلچسپ بنايو؟ ھن ٻڌايو تھ جڏھن ٻاويھن ورھين
جو ھيو تھ سائيڪل تي چڙھي انگلينڊ جي دوري تي
نڪتو. جڏھن پئرس پھتو تھ شديد بک سببان ڦٽل ٽٽل
پئي لڳو. ھن کي پنھنجي ڪئميرا رڳو پنجن ڊالرن ۾
وڪڻڻي پئي. ھن نيويارڪ جي پيرس ايڊيشن ۾ ملازمت
لاءِ اشتھاد ڏنو. ھن کي نوڪري ملي وئي. سندس ڪم
مشينيون وڪڻڻ ھيو.
ڪيلٽن بورن پئرس ۾ مشينيون وڪڻڻ شروع ڪيون. کيس
وڏي ڏکيائي اھا ھئي جو فرينچ ٻولي ڳالھائي ڪونھ
سگھندو ھو. تنھن ھوندي بھ ھن ھڪ سال ۾ پنج ھزار
ڊالر ڪمائي ورتا. ان سال ھو فرانس ۾ سڀني کان وڌيڪ
معاوضو وٺڻ وارو سيلز مين ھو. ڪيلٽن بورن ھڪ دفعي
مون کي ٻڌايو تھ سندس تجربي سندس اندر ۾ اھڙيون
صلاحيتون اجاگر ڪيون ھيون، جيڪي ڪاميابيءَ ڪاڻ
بيحد ضروري ھيون. اھي ڪھڙيون صلاحيتون ھيون؟
”اعتماد!“ ھن مون کي ٻڌايو تھ ان تجربي کان پوءِ
ھن محسوس ڪيو تھ ھو فرانس جي گھريلو عورتن ۾
ڪانگريس جو رڪارڊ بھ وڪڻي پئي سگھيو.
ھن ملازمت مان کيس فرانسيسي طرز حيات بابت ايتري
قدر معلومات حاصل ٿي جو بعد ۾ جڏھن ريڊيو تي يورپي
طرز زندگي بابت پروگرام ڪندو ھو تھ اھا معلومات ھڪ
وڏي وٿ ٿابت ٿيندي ھئس.
پڪ سان اوھان سوچيندا ھوندؤ تھ فرانسيسي زبان تي
عبور نھ ھوندي بھ ڪيلٽن بورن ڪھڙيءَ طرح ھڪ ماھر ۽
ڪامياب سيلزمين بنجي ويو؟ ڪيلٽن بورن پنھنجيون
شيون وڪرو ڪرڻ بابت سمورا دليل سادي ۽ سولي فرينج
زبان ۾ لکي بر زبان ياد ڪري ڇڏيا ھئا. ھو ھڪ در تي
ويندو ھو، گھنٽي وڄائيندو ھو. گھريلو عورت جي ٻاھر
اچڻ تي ھو فرانسي ٻوليءَ ۾ رٽيل لفظ ورجائڻ شروع
ڪندو ھو. سندس اچار اھڙو تھ کل جھڙو ھوندو ھو جو
ٽھڪ نڪري ويندا ھئا. گھريلو عورت جڏھن کانئس ڪو
سوال پڇندي ھئي تھ ڪلھا لوڏيندي چوندو ھو تھ مان
تھ آمريڪن آھيان. ان کان پوءِ پنھنجو ٽوپلو لاھي
اھو ڪاغذ ان گھريلو عورت کي ڏيکاريندو ھو، جنھن ۾
سندس مشينن ۽ انھن جي افاديت لکيل ھوندي ھئي. اھو
ڪاغذ سندس ٽوپلي ۾ لڪل ھوندو ھو. ان حرڪت تي
گھريلو عورت وڏا ٽھڪ ڏيئي کلندي ھئي ۽ ھو پنھنجيون
شيون وڪڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو ھو.
ڪيلٽن بورن مون کي ٻڌايو تھ اھو ڪم ايڏو سولو بھ
ڪونھ ھو. ھن ٻڌايو تھ رڳو ھڪ ڳالھھ اھڙي ھئي، جنھن
ان جي ڪم کي ڪامياب ڪيو. اھا ھئي سندس پنھنجي ڪم
کي دلچسپ بنائڻ وارو عزم. ھر صبح جو گھران ٻاھر
نڪرڻ کان اڳ آئيني آڏو بيھي پاڻ کان ھيئن
ڳالھائيندو ھو:
”ڪيلٽن بورن! توکي بھرحال ھي ڪم ڪرڻو آھي، ڇو تھ
تو وٽ پنھنجي پيت پالڻ ڪاڻ ٻيو ڪجھھ ڪونھي ۽ جيئن
تھ توکي اھو ڪرڻو آھي تھ ڇو نھ اھو سھڻي سليقي سان
ڪيو وڃي؟ ڇو نھ ڪنھن گھر جي گھنٽي وڄائڻ کان اڳ ۾
سمجھي وٺ تھ تون ھڪ ايڪٽر آھين ۽ توکي اڻکٽ ماڻھن
آڏو اداڪاري ڪرڻي آھي تھ ڇو نھ ان کي جوش، جذبي ۽
اتساھ سان ڪيو وڃي تھ ان ۾ ساھ پئجي وڃي.“
مون ڪيلٽن بورن کان جڏھن پڇيو تھ ھو انھن آمريڪي
نوجوانن ڪان، جيڪي زندگيءَ ۾ سوڀارو ٿيڻ چاھين ٿا،
ڪوئي پيغام ڏيڻ چاھي ٿو؟ ھن چيو تھ گھڻن ئي ماڻھن
جو خيال آھي تھ صبح جو سوير اٿي تازي تواني ٿيڻ
لاءِ ھلڪي ڦلڪي ورزش ڪرڻ گھرجي، پر مان اھو چوان
ٿو تھ اسان کي ان کان سواءِ روحاني ۽ ذھني ورزش جي
ضرورت آھي ۽ ان لاءِ اسان کي روزانو آئيني آڏو
بيھي پاڻ سان ڳالھائڻ گھرجي.
ڇا ھر صبح جو آئيني آڏو بيھي پاڻ سان ڳالھائڻ ھڪ
ٻاراڻي حرڪت ۽ بيھودي ڳالھھ ڪانھي؟ بلڪل ڪونھ! ان
جي برعڪس اھا اسان جي فائدي جي ڳالھھ آھي. اسان
آئيني آڏو بيھي پنھنجي انداز ۽ مسئلن تي سرسر نظر
وجھي سگھون ٿا ۽ ان کي وڌيڪ بھتر بنائڻ جي ڪوشش
ڪري سگھون ٿا. اسان ڳالھائڻ مھل پنھنجي منھن جي
تاثرات کي اڀارڻ ۽ واضح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون ٿا،
جيڪي روبرو ڳالھائڻ لاءِ گھڻا ضروري آھن. اھي اسان
جي زندگي جي خيالن جي عڪاسي ڪندا آھن. اھي لفظ اڄ
بھ اوترا ئي سچا آھن، جيترا ارڙھن سؤ ورھيھ اڳ ۾
ھئا. جڏھن مارڪس بيلٽس پنھنجي ڪتاب
Me dilation
۾ اھي لفظ ھيئن لکيا ھئا:
”روزانو پاڻ سان گفتگو ڪريو، ان سان پاڻ ۾ جرئت ۽
خوشي جي سوچ اڀاري سگھون ٿا. ان ڳالھھ جو ٿورو مڃي
سگھون ٿا، جيڪا حاصل ٿي آھي. اسان پنھنجي ڪوري ۽
خالي ذھن کي مقصد، خيالن ۽ نظرين سان ڀري سگھون
ٿا.“
صحيح خيالن جي باري ۾ سوچي اسان ڪنھن بھ ڪم کي گھٽ
کان گھٽ بور ڪري سگھون ٿا. اوھان جو آفيسر اوھان
کان ڇو ٿو بھترين ڪم جي تقاضا ڪري؟ ڇا لاءِ تھ
اوھان جي بھتر ڪم سان ان کي وڌيڪ آمدني ٿي سگھي
ٿي. پر اسان ان ڳالھھ کي وساريون تھ اسان جو باس
ڇا پيو چاھي؟ اسان کي صرف اھو سوچڻ گھرجي تھ
پنھنجي ڪم ۾ دلچسپي وٺڻ سان اسان کي ڪھڙو لاڀ
ملندو؟ ياد رکون تھ ان سان اسان کي ٻھ خوشيون ملي
سگھن ٿيون: ھڪ تھ اسان جي ڪارڪردگي سٺي ٿي سگھي
ٿي، ٻيو تھ آفيسر اسان جي ڪم مان خوش ٿي اسان کي
ترقي ڏئي ٿو سگھي. اسان لڳ ڀڳ اڌ ڏينھن ڪم ۾ صرف
ڪندا آھيون. جيڪڏھن اسان ان مان خوشي نٿا حاصل ڪري
سگھون تھ پوءِ ڪٿان بھ خوشي حاصل ڪري نٿا سگھون.
اٺاويھون باب
ننڊ نھ اچڻ جي پريشانيءَ کان ڪيئن بچجي؟
ڇا اوھان سمھي نٿا سگھو تھ پريشان ٿيو ٿا؟ يا
اوھان کي سٺي ننڊ نھ اچي تھ پريشاني ٿيندي اٿو؟
اھو ٻڌي اوھان کي حيرت ٿيندي تھ دنيا جو مشھور
وڪيل سميول پنھنجي سموري ڄمار ۾ ڪڏھن بھ سک سڪون
واري ننڊ جو مزو ماڻي ڪونھ سگھيو.
سميول ڪاليج ۾ ھو تھ ٻھ بيماريون ٿيس. انھن ۾ ھڪ
بيخوابي ۽ ٻي دم ڪشيءِ جي بيماري ھئي. ھن انھن
بيمارين جي علاج جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رھيو.
ان تي ھن اھو فيصلو ڪيو تھ ھو پنھنجي بي خوابيءَ
مان ڀرپور ۽ بھتر انداز ۾ لاڀ وٺندو ۽ پنھنجي
بيماريءَ تي ڳرڻ بدران اھو وقت مطالعي ۾ گذاريندو.
ان جو اھو نتيجو نڪتو تھ ھن ھر امتحان ۾ امتيازي
پوزيشن کڻڻ شروع ڪئي ۽ نيويارڪ شھر جي سٽي ڪاليج
جو سڀني کان نمايان شاگرد بنجي ويو.
ڪاليج مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ جڏھن ھن قانون جي
پريڪٽس شروع ڪئي، تڏھن بھ سندس بيخوابي جاري رھي،
پر بلڪل ڪونھ گھٻرايائين. ھن گھر وارن کي ٻڌايو تھ
گھٻرائڻ ۽ فڪر ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي. قدرت پاڻ
منھنجو فڪر ڪندي ۽ پوءِ سڀني ڏٺو تھ قدرت واقعي
سندس فڪر ڪيو ۽ بيخوابي جي مرض ھوندي بھ سندس صحت
رشڪ جھڙي رھي ۽ ھو نيويارڪ بار جي ڪنھن بھ نوجوان
وڪيل جي مقابلي ۾ سخت محنت ڪندو ھو. تانجو ٻيا
وڪيل ستا پيا ھوندا ھئا، تڏھن ھو مقدمن جون
تياريون ڪندو ھو.
ايڪيھن سالن جي عمر ۾ سميول جي سالياني آمدني
پنجھتر ھزار ڊالر ھئي ۽ ٻيا وڪيل ساڻس ريسون ڪندا
ھئا. اھي اھو ڄاڻڻ ڪاڻ بيتاب ھوندا ھئا تھ ھو ڪيس
ڪيئن ٿو کٽي وڃي؟ اھي عدالت ۾ وڃي سميول کي دليل
ڏيندي ڏسندا ھئا.
1931ع
۾ کيس رڳو ھڪڙي ڪيس ۾ آمريڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي
فيس ڏني وئي، جيڪا ڏھ لک ڊالر ھئي.
ان ھوندي بھ ننڊ ڦٽن جي شڪايت ھئي. ھو گذريءَ آڌي
رات تائين ويٺو پڙھندو ھو ۽ صبح جو پنجين وڳي اٿي
وري ڪيسن جي تياري شروع ڪندو ھو.
جڏھن ٻيا وڪيل ننڊ مان جاڳي ضرورتن مان واندا ٿي
ڪم شروع ڪندا ھئا تھ سميول پنھنجي اڌ ڪم کي اڪلائي
چڪندو ھو. سميول ايڪياسي سالن تائين جيئرو رھيو ۽
سموري عمر بيخوابيءَ جو شڪار رھيو، پر ھن ھمت ڪانھ
ھاري ۽ پنھنجي بيماريءَ جي ڳاراني ۾ ڳرڻ ۽ پريشان
ٿيڻ بدران ان سان مھاڏو اٽڪائيندو رھيو ۽ ھڪ بيحد
ڪامياب زندگي گذاريائين. جيڪڏھن ھو پنھنجي
بيماريءَ جي جھوريءَ ۾ جھرندو رھي ھا تھ ايڏي
ڪامياب زندگي گذاري نھ سگھي ھا، پر پنھنجي حياتي
حرام ڪري ھا.
اسان زندگيءَ جو ٽيون حصو سمھي گذاريندا آھيون. ان
ھوندي بھ پتو ڪونھ اٿئون تھ اصل ننڊ ڇا آھي؟ اسان
سمجھون ٿا تھ اھا ھڪ قسم جي عادت آھي، جنھن ۾ ڪجھھ
وقت آرام ڪرڻ جو موقعو ملندو آھي. پر اھو ڪونھ ٿا
ڄاڻي سگھون تھ اسان کي ننڊ واسطي ڪيترا ڪلاڪ ڪافي
آھن؟ اھا خبر بھ ڪانھي تھ ڇا اسان کي ھر حالت ۾
سمھڻو آھي؟
ٻي مھا ڀاري لڙائي ھلندي. ھنگريءَ جو ھڪ فوجي پال
ڪيرن زخمي ٿي پيو. ان کي دماغ جي سامھين حصي ۾
گولي لڳي ھئي. ھو ڪجھھ ھفتن کان پوءِ ٺيڪ تھ ٿي
ويو، پر کيس بيخوابيءَ جو عارضو ٿي پيو. ڊاڪٽرن
کيس بيخوابيءَ جي مرض کان جان ڇڏائڻ جا ڪھڙا ڪھڙا
جتن ڪيا، ھر قسم جون خواب آور دوائون ڏنائونس. ان
سان گڏ انيڪ نشيدار دوائون ڏنائونس. کيس ننڊ تھ
پري رھي، پنڪي بھ ڪانھ ڏياري سگھيا.
ڊاڪٽرن جو خيال ھو تھ ھو گھڻو قوت جيئرو ڪونھ
رھندو، پر پال ڪيرن ڊاڪٽرن جي دعوائن کي ٿڏي ڇڏيو.
جنگ کان پوءِ کيس ھڪ نوڪري ملي ۽ ھو ڪئين سال زنده
رھيو. ان دوران کيس بيخوابيءَ کان سواءِ ڪو مرض
ڪونھ لڳو. ھو بستري تي سمھي رڳو اکيون پوريندو ھو.
ان سان کيس آرام ملندو ھو. سمھي بلڪل ڪونھ سگھندو
ھو. سندس معاملو ميڊيڪل سائنس ڪاڻ ھڪ پراسرار
ڳجھارت ھئي، جنھن ننڊ بابت اسان جي نظرين ۽ خيالن
کي الجھائي ڇڏيو.
ڪيترن ماڻھن کي ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ ننڊ جي گھرج
ھوندي آھي. سڪنافي ڏينھن ۾ رڳو پنج ڪلاڪ سمھندو
ھو، جڏھن تھ سندس مقابلي ۾ ڪيلون ڪونج کي ڏھن
ڪلاڪن کان وڌيڪ ننڊ اچي ٿي. ھو چوويھن ڪلاڪن ۾
يارنھن ڪلاڪن کان وڌيڪ سمھندو ھو. سڪنافي پنھنجي
عمر جو پنجون حصو ننڊ ۾ گذاريو. ان جي ابتڙ ڪونج
اڌ حياتي ننڊ ۾ ڪاٽي.
بيخوابي بابت پريشاني اوھان کي اوجاڳي جي مرض کان
وڌيڪ ڇيھو پھچائي سگھي ٿي. مثال طور: منھنجو ھڪ
شاگرد سينڊنر، جنھن جو تعلق نيوجرسيءَ سان ھو،
اوجاڳي جي بيماري کان ايڏو پريشان ھو جو آپگھات
ڪرڻ بابت سوچيندو ھو. بس ڪرڻ تي ھو. ھڪ ڀيري مون
کي ٻڌايائين تھ: ”مون اھو سمجھيو ھو تھ چريو پيو
ٿيان. منڍ ۾ ڏاڍو گھڻو سمھندو ھوس، تانجو گھڙيال
جي گھنٽي وڄڻ تي بھ ڪونھ جاڳندو ھوس. نتيجو اھو
نڪتو جو روزانو ڪاليج وڃڻ کان دير ٿيندي ھئي. ان
ڪري ڏاڍو پريشان رھندو ھوس. ان کان پوءِ جڏھن
نوڪري ڪيم، تڏھن بھ منھنجي ساڳي حالت رھي. ھڪ
ڏينھن منھنجي آفيسر چتاءُ ڏنو تھ مون کي پنھنجو ڪم
وقت سر ڪرڻ گھرجي. مون کي خبر ھئي تھ اگر مون ان
خراب عادت کي نھ ڇڏيو تھ نوڪري کان ھٿ ڌوئڻا
پوندم.
ان باري ۾ مون پنھنجن دوستن کي ٻڌايو تھ ھڪ دوست
صلاح ڏني تھ سمھڻ کان اڳ ۾ گھڙيءَ جي الارم تي خاص
ڌيان ڏيان. ان گھڙيءَ جي ٽڪ ٽڪ منھنجي دل ۽ دماغ ۾
وسي ويئي. اھا ئي ٽڪ ٽڪ مون کي جاڳائي رکندي ھئي ۽
مان ساري رات پاسا ورائيندو ھوس ۽ صبح ٿيڻ تي
تقريبًا بيمار ھوندو ھوس. سڄو بدن ٽٽندو ھو. اھو
سلسلو اٺ ھفتا جاري رھيو. انھن اٺن ھفتن ۾ مون کي
پڪ لڳي تھ پاڳل ٿي ويو آھيان. ڪلاڪن جا ڪلاڪ فرش
تي گھمندو ھوس ۽ ايمان سان سوچيندو ھوس تھ دريءَ
مان ٽپو ڏئي پاڻ کي ماري ڇڏيان تھ ھر قسم جي اذيت
۽ پريشانيءَ مان جند ڇٽي.
نيٺ ھڪ ڊاڪٽر وٽ ويس، جنھن کي گھڻي عرصي کان
سڃاڻندو ھوس. ان وڏو مايوس ڪندڙ جواب ڏنو. ھن
ٻڌايو تھ ڪوبھ منھنجي مدد نٿو ڪري سگھي، ڇو تھ پاڻ
پنھنجو اھو حال ڪيو آھي. دستور موجب رات جو بستري
تي سمھھ، ننڊ نھ اچي تھ ننڊ بابت سوچڻ ڇڏي ڏي. پاڻ
کي مخاطب ڪري ھي لفظ ورجاءِ: مون کي ان جي ذرو
پرواه ڪانھ ھئي. جيڪڏھن مون کي ننڊ نھ اچي، جيڪڏھن
صبح تائين ھنڌ تي ليٽيو رھان تھ مون کي ڪي ڪين
ٿيندو. اکيون کليون رک ۽ اھي لفظ ورجاءِ، جيستائين
ڪھ بستري تي ليٽيل آھيان تھ ڇا ٿيو؟ ننڊ ڪانھ ٿي
اچي تھ ڇا آھي؟ مون کي سڄي ڏينھن جي ٿڪاوٽ کان
آرام تھ ملندو رھي ٿو.
سينڊنر مون کي ٻڌايو تھ ھن بلڪل ائين ئي ڪيو ۽ رڳو
ٻن ھفتن ۾ ننڊ اچڻ لڳي. ھڪ مھيني کان بھ گھٽ مدت ۾
مون کي اٺ ڪلاڪ روزانو ننڊ اچڻ لڳي ۽ منھنجا اعصاب
رواج تي موٽي آيا. بيخوابي بابت سيڊنر جي اھا
پريشاني ھئي، جنھن کيس ختم پئي ڪيو پر ھن پنھنجي
ارادي جي قوت سان ان کي ضابطي ھيٺ آندو.
شڪاگو يونيورسٽيءَ جي ھڪ پروفيسر ڊاڪٽر ڪيلٽ مين
ڪنھن ٻئي جيئري انسان بجاءِ وڌ ۾ وڌ رڳو ننڊ بابت
کوجنائون ڪيون. ان کي ننڊ جو ايڪسپرٽ سمجھيو ويندو
ھو. ان ٻڌايو تھ بيخوابيءَ ڪري ھن ڪنھن کي مرندو
ڪونھ ڏٺو آھي نڪو ٻڌو آھي. ھن ٻڌايو تھ اھا ڳالھھ
درست آھي تھ ڪوبھ شخص ننڊ نھ اچڻ ڪري پريشان ٿيندو
آھي ۽ انھيءَ پريشانيءَ ڪري ھو زندگي برقرار رکڻ
جي گھٽ سگھھ رکندو آھي، پر اھا پريشاني ئي کيس
خودڪشيءَ ڏانھن مائل ڪندي آھي، نڪي اوجاڳي جو مرض.
ڊاڪٽر ڪيلٽ مين اھو بھ ٻڌايو تھ جيڪي ماڻھو اوجاڳن
جي شڪايت ڪندا آھن، انھن کي اھو احساس ڪونھ ھوندو
آھي. جيڪو شخص اھو قسم کڻي ٿو تھ اھو گذريل رات ھڪ
پل لاءِ ڪونھ ستو آھي، اھو ڪئين ڪلاڪ سمھندو آھي،
جنھن جي کيس ڪابھ ڪل ڪانھ پوندي آھي. ھتي اسان
اوڻيھين صديءَ جي نامياري فلسفيءَ جو مثال ڏيون
ٿا، جنھن جو نالو ھربرٽ اسپينسر آھي، جنھن ساري
ڄمار شادي ڪانھ ڪئي، جيڪو بورڊنگ ھائوس ۾ رھندو ھو
۽ سڀ ڪنھن کي پنھنجي بيخوابيءَ جون ڳالھيون ٻڌائي
بور ڪندو ھو. ھن ننڊ پوري ڪرڻ ڪاڻ ڪيتريون ڪوششون
ڪيون. سندس خيال ھو تھ شايد شور سبب کيس ننڊ نٿي
اچي ۽ ھو پنھنجي ڪنن ۾ ڪا شيءِ گھيري سمھندو ھو تھ
ٻاھرين شور سان سندس اعصاب متاثر ڪونھ ٿين. ڪڏھن
ڪڏھن تھ آفيم بھ کائيندو ھو تھ ننڊ اچي. ھڪ ڀيري
ھن آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر مائٽر کي
ٻڌايو تھ ھو رات پل لاءِ بھ سمھي ڪونھ سگھيو آھي.
ان تي ڊاڪٽر مائٽ کيس ٻڌايو تھ دراصل تنھنجي تکن
گھوگھرن ڪري ساري رات سمھي ڪونھ سگھيس.
رات جو ھڪ سٺي ننڊ لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڳالھھ بچاءَ
جو احساس آھي. اسان کي ان حفاظت جي ضرورت محسوس
ٿيندي آھي. ھڪ وڏي طاقت ننڊ ۾ صبح ٿيڻ تائين اسان
جي حفاظت ڪندي آھي. ڊاڪٽر ٿامس برٽس ميڊيڪل ايسوسي
ايشن جي ھڪ سيمينار ۾ تقرير ڪندي ٻڌايو تھ ننڊ آڻڻ
واسطي سڀ کان سٺي ڳالھھ آھي رات جو سمھڻ کان اڳ
دعا گھرڻ. مان اھو ھڪ خالص ڊاڪٽر ۽ ميڊيڪل سائنس
جي شاگرد جي حيثيت سان پيو چوان. اھي ماڻھو، جن کي
رات جو سمھڻ کان اڳ دعا گھرڻ جي عادت ھوندي آھي،
تن جي سٺي ننڊ واسطي دعا سندن ذھنن ۽ اعصابن کي
پرسڪون رکندي آھي.
جينٽي ميڪنالڊ ھڪ ڀيري مون کي ٻڌايو تھ جڏھن کيس
ننڊ نھ اچڻ ڪري مايوسي، پريشاني ۽ ڏکيائي محسوس
ٿيندي آھي تھ ھوءَ سدائين انجيل جون ڪجھھ دعائون
پڙھڻ لڳندي آھي، جنھن مان کيس نھ رڳو سڪون محسوس
ٿيندو آھي ۽ اھو ئي احساس ۽ سڪون ننڊ آڻڻ ۾ مددگار
ٿيندا آھن.
پر اوھان جيڪڏھن مذھب کي ڪونھ ٿا مڃيو تھ اوھان
جسماني طور ڪو سخت ڪم ڪيو، جنھن سان ٿڪاوٽ محسوس
ٿئي ۽ پوءِ اوھان کي جسماني آرام ڪاڻ ننڊ اچي وڃي.
ڊاڪٽر ڊيوڊ ھارولڊ فنڪ پنھنجي مشھور ڪتاب ”اعصابي
دٻاءُ کان نجات“ ۾ لکيو آھي تھ: ”ان کان ڀلو طريقو
اھو آھي تھ اوھان پنھنجي بدن سان ڳالھيون ڪريو.“
ڊاڪٽر فنڪ جو خيال آھي تھ لفظ ھر قسم جي پريشاني ۽
مايوسيءَ ۾ امرت جو حڪم رکن ٿا. اسان کي بدن ڍرو
ڪري ڇڏڻ کپي تھ جيئن سنڌن ۾ جيڪا ڇڪ آھي، سا لھي
وڃي. ڇڪ ھوندي تھ اسان جي ذھن ۽ اعصابن کي سڪون
ڪونھ ملندو ۽ جيڪڏھن اسان ننڊ جو مزو وٺڻ چاھيون
ٿا تھ پنھنجي لڱن کي، سنڌن کي ڍرو ڍرو ڇڏڻ گھرجي،
تھ جيئن انھن کي آرام ملي.
ڊاڪٽر فنڪ مشق ڪرڻ جو جديد طريقو ٻڌايو آھي تھ
پنھنجي ڄنگھن جي ڇڪ ۽ ٿڪ گھٽائڻ ڪاڻ پنھنجي گوڏن
ھيٺان ھڪ ويھاڻو رکو ۽ ان طرح ٻانھن کي آرام ڏيڻ
لاءِ ٺوٺين ھيٺان ويھاڻا رکي ڇڏيو ۽ ٻانھن کي آرام
پھچايو. ان کان پوءِ پنھنجي ڄاڙين کي ڍرو ڇڏي ڏيو.
پوءِ اکين کي آرام ڏيو ۽ سمھڻ لڳو تھ ذھن ۾ رکو تھ
اوھان سٺي ۽ ڀرپور ننڊ جي تياري ڪري چڪا آھيو.
بيخوابيءَ کان بچڻ جو ھڪ ڀلو طريقو اھو بھ آھي تھ
اسان جسماني طرح اھڙا ڪم ڪريون، جن سان ٿڪجي پئون.
مثلا باغباني، ٽينس يا گولف کيڏڻ، ترڻ يا ڪوبھ
اھڙو ڪم، جنھن مان بدني طرح ٿڪجي پئون. ٿيوڊو
ڊيزير ائين ئي ڪندو ھو. جڏھن نوجوانيءَ جي ڏينھن ۾
ھن ھڪ مشھور مصنف بڻجڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ھو اوجاڳي
جي پنھنجي ڪيفيت کان پريشان ھو. ان کي نيويارڪ
سينٽرل ريلوي جي ھڪ شعبي ۾ نوڪري ملي وئي ۽ صرف ھڪ
ڏينھن جي ڪم کان ايترو ٿڪجي پيو جو رات جي ماني
کائڻ کان سواءِ ئي سمھي پيو.
جيڪڏھن اسان بيحد ٿڪل آھيون تھ قدرتي طور ننڊ
ايندي آھي. تانجو ھلندي گھمندي ننڊ جي کيپن ۾ ٿيڙ
کائيندا آھيون. مثلا جڏھن منھنجي عمر تيرھن سال
ھئي، منھنجو پيءُ ٿلھين متارين مينھن کي ريل رستي
ميسوري ڪاھي ويندو ھو. ھڪ ڀيري جڏھن ڪيترن سون
ميلن جو سفر ڪري سينٽ جويا پھتو تھ منھنجي خوشيءَ
جي ڪا حد نھ رھي. اتي مون پھريون ڀيرو ايڏيون
وڏيون وڏيون عمارتون ڏٺيون. مون مختلف ۽ عجيب شيون
ڏٺيون. مون ھڪ رستي تي ڪار ھلندي ڏٺي، جيڪا مون کي
ڏاڍي سٺي لڳي. ھاني تھ مان اکيون ٻوٽي ڪار جو آواز
ٻڌندو آھيان. پر جلد ئي اھي خوبصورت منظر، وڏيون
وڏيون عمارتون اکين کان ڏور ٿي ويون، ڇاڪاڻ جو ٻئي
ڏينھن بابي سان ميسوريءَ کان موٽي آيس. اسان
ميسوريءَ رات جو ٻين وڳين پھتا ھئاسون ۽ پوءِ
پنھنجي ٻنيءَ تي پھچڻ ڪاڻ چار ميل پنڌ ڪرڻو پيو.
اھو ئي منھنجي ڪھاڻي جو شروعاتي نقطو آھي. مان
ايترو تھ ٿڪو ھوس جو ھڪدم سمھي پيس. مون خواب ۾
ڏٺو تھ ڄڻ شھر جي سڙڪن تي پيون ھلان. گھوڙي سواري
ڪندي ڪيترا ڀيرا سمھي چڪو آھيان ۽ اھا ڳالھھ ٻڌائڻ
ڪاڻ اوھان آڏو جيئرو جاڳندو ويٺو آھيان.
جڏھن اسان ڏاڍا ٿڪجي پوندا آھيون تھ ڪنھن بھ قسم
جي طوفان، خطري يا جنگ جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ
سمھي پوندا آھيون. دماغي مرضن جي ھڪ مشھور ڊاڪٽر
فوسٽر ڪينڊيءَ مون کي ٻڌايو تھ
1918ع
۾ مون فنٿ برٽش آرمي کي ھارائي موٽڻ مھل ايترو تھ
ٿڪل ۽ ٽٽل ڏٺم جو اھي زمينن تي اتي جو اتي ڪري
پيا، جتي بيٺا ھئا. اھي گھري ننڊ سمھي پيا. ڊاڪٽر
فوسٽر ٻڌايو تھ ھن انھن فوجين کي جاڳائڻ جي ڏاڍي
ڪوشش ڪئي ۽ پنھنجي آڱرين سان سندن چپرن کي ٽٽوليم،
پر اھي مدھوش پيا ھئا ۽ مون ڏٺو تھ سندن اکيون مٿي
کتل ھيون.
ڊاڪٽر فوسٽر ٻڌايو تھ ان مشاھدي کان پوءِ جڏھن بھ
ھن ننڊ اچڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪئي تھ پنھنجيون اکيون
ڇت ۾ کوڙي ڇڏيون تھ ڪجھھ ئي گھڙين بعد اوٻاسيون
اچڻ لڳيون ۽ ننڊ اچي ويندي ھئي. ھي ھڪ پاڻمرادو
طريقو ھو، جنھن تي منھنجو ڪوبھ اختيار ڪونھ ھو.
ننڊ نھ اچڻ ڪري اڄ تائين ڪنھن بھ آپگھات ڪونھ ڪيو
آھي ۽ نڪي ڪو ڪندو. قدرت انسان جي سموري قوت ارادي
ھوندي بھ سمھڻ تي مجبور ڪندي آھي. قدرت کاڌي پيتي
کان سواءِ جيئرو رکندي آھي، مگر ننڊ کان سواءِ
ڪونھ رکندي آھي.
خودڪشيءَ بابت ڳالھائيندي ھن چيو تھ مون کي ھڪ
واقعو ياد ٿو اچي، جيڪو ڊاڪٽر ھنري سي لنڪ پنھنجي
ڪتاب ”انسان جي ٻيھر دريافت“ ۾ لکيو آھي. ڊاڪٽر
لنڪ نيويارڪ جي سائيڪولاجيڪل ڪارپوريشن جو نائب
صدر ھو ۽ بيشمار ماڻھن جا انٽرويو ڪيا ھئائين،
جيڪي پريشان ۽ مايوس ھئا. ڪتاب جي ھڪ باب ”پريشاني
۽ خوف کان نجات“ ۾ ڊاڪٽر لنڪ ھڪ اھڙي مريض بابت
ٻڌايو ھو، جنھن خودڪشي ڪرڻ پئي چاھي. ڊاڪٽر لنڪ کي
خبر ھئي تھ جيڪڏھن مريض کي دليلن سان مڃائڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي تھ اھو وڌيڪ خطرناڪ ٿيندو. ان تي ھن
مريض کي چيو تھ: ”جيڪڏھن تون آپگھات ڪرڻ چاھين ٿو
تھ اھڙي بھادراڻي نموني سان ڪر. ھن عمارت جي چوگرد
ڊوڙندو رھ تانجو مري وڃين.“
مريض، ڊاڪٽر لنڪ جي ڳالھھ تي عمل ڪيو ۽ ان روزانو
عمارت جي چوڌاري ڊوڙڻ لڳو. ھر چڪر کان پوءِ ھو پاڻ
کي ذھني طرح بھتر کان بھتر پيو محسوس ڪري. ٽئين
ڏينھن مريض اھو سڀ ڪجھھ سمجھي ورتو، جيڪو ڊاڪٽر
پھرين مرحلي تي ٻڌائڻ پئي چاھيو. ھو جسماني طور
ايڏو ٿڪجي چڪو ھو جو جلد ئي تمام گھري ننڊ پئجي
رھيو. ان کان پوءِ ھڪ ايٿليٽ ڪلب جو ميمبر بڻيو.
تمام سگھوئي اھو ايترو صحتمند ۽ خوش ٿيو جو ھاڻي
ھميشھ لاءِ زندھ رھڻ پئي چاھيائين تھ بيخوابي کان
بچڻ لاءِ اوھان کي پنج اصول ٻڌايون ٿا:
1.
جيڪڏھن اوھان سمھي نٿا سگھو تھ اھو ئي ڪيو، جيڪو
سميول ڪيو. فورا اٿو ۽ ڪوبھ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو يا
پڙھڻ لڳو، تانجو اوھان کي ننڊ اچي وڃي.
2.
ياد رکو تھ ڪوبھ ماڻھو اوجاڳي جي ڪري ڪونھ مئو
آھي. اوجاڳي جي ڪري پريشان ٿيڻ، اوجاڳي کان وڌيڪ
نقصانڪار آھي.
3.
جيڪي دعائون ياد اٿو، پڙھڻ شروع ڪيو.
4.
پنھنجي بدن کي ڍرو ڍرو ڪري ڇڏيو.
5.
مشقون، جسماني طرح پاڻ کي ايترو ٿڪايو جو اوھان کي
اوٻاسيون اچڻ لڳن ۽ نيٺ ننڊ اچي وڃيو.
ستون حصو مختصر طور
ٿڪاوٽ ۽ پريشانيءَ کان بچڻ ۽ طاقت ۽ توانائي کي
برقرار رکڻ جا ڇھھ طريقا:
1.
ان کان اڳ جو ڪم ڪندي ٿڪجي پئو، ٿورو آرام ڪندا
ڪيو.
2.
ڪم ڪندي، جاتي آھيو، اتي ئي ٿورو وقت آرام ڪندا
ڪريو.
3.
گھر ۾ ڪم ڪندي بھ ٿڪجڻ کان اڳ، ٿڪ پٽڻ لاءِ آرام
ڪريو.
4.
ڪم ڪرڻ وقت ھيٺين چئن ڳالھين تي ڌيان رکو:
الف: ڪم ڪندي اوھان جي ميز تي رڳو اھي ڪاغذ ھجڻ
کپن، جن بابت ڪم ڪريو ٿا.
ب: پنھنجن ڪمن کي سندن اھميت موجب مرتب ڪريو.
ٻ: جڏھن ڪابھ مشڪل اچي تھ ان کي انھيءَ وقت ۽ اتي
جو اتي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
ڀ: ڪم ورھايو. انھن کي ترتيب ڏيو ۽ نگراني ڪرڻ
سکو.
5.
ٿڪ ۽ پريشاني کان بچڻ لاءِ پنھنجي ڪم کي دلچسپي ۽
جوش جذبي سان ڪريو.
6.
ياد رکو تھ ڪوبھ ڪڏھن بھ ننڊ جي ڪميءَ ڪري ڪونھ
مئو آھي. اھا اوجاڳي بابت اسان جي پريشاني آھي،
جيڪا نقصان ڏئي ٿي نھ ڪھ اوجاڳو.
اوڻٽيھون باب
مون پريشانين کان ڇوٽڪارو ڪيئن ورتو؟
ايڪيھھ سچيون ڪھاڻيون
ڇھھ وڏيون مشڪلون جن مون کي ھڪدم وڪوڙيو
سي آءِ بليڪ ووڊ
1934ع
جي گرمين جي ڳالھھ آھي جو مون کي گھڻين مشڪلن اچي
وڪوڙيو ھو. سمجھھ ۾ ڪونھ پئي آيو تھ دنيا جون
سموريون مشڪلاتون ۽ پريشانيون مون تي ڇو اچي ٽٽيون
آھن؟ مون چاليھن ورھين کان وڏو عرصو دستور موجب
آزاديءَ سان زندگي پئي گذاري. مون کي رڳو ٿورڙيون
مشڪلون آڏو ھيون، جيڪي ھڪ مڙس، پيءُ ۽ واپاريءَ کي
عام طور آڏو رھنديون آھن، جن کي مان وڏي سولائيءَ
سان حل ڪري وٺندو ھوس. پر اوچتو ئي اوچتو
1934ع
جي گرمين ۾ ڪٺيون ڇھھ مشڪلون ۽ مسئلا مون کي وڪوڙي
ويا. مان ساري رات ھنڌ تي پاسا ورائيندو رھيس ۽
فجر اچڻ جي احساس ڪندي رنم پئي، ڇاڪاڻ تھ صبح جو
مون کي ڇھن مسئلن ۽ مشڪلن کي منھن ڏيڻو ھو. اھي
ڇھھ مسئلا ھي آھن:
1.
منھنجي بزنس جي معاملن جي تعليم ڏيندڙ ڪاليج شديد
مالي گھوٽالي جو شڪار ھئي، ڇاڪاڻ تھ سمورا شاگرد
جنگ ڪاڻ ھليا ويا ھئا ۽ ڇوڪريون تربيت حاصل ڪرڻ
کان سواءِ جنگي پلانٽن تي ڪم ڪرڻ ۾ ايترا پئسا
ڪمائين پيون، جيڪي اسان جا ڇوڪرا تربيت وٺڻ کان
پوءِ مختلف ڪاروباري ڪمن ۽ آفيسن ۾ ايترا پئسا
ڪونھ پئي ڪمائي سگھيا.
2.
منھنجو وڏي ۾ وڏو پٽ جنگ جي محاذ تي ھو ۽ دل کي
ھردم ڌڙڪو لڳل ھو تھ ڪاٿي ڪا بري خبر نھ اچي. اھو
ڀؤ ان وقت جي سمورن والدين کي ھوندو ھو، جن جي پٽن
جنگي خدمتون پئي ڪيون.
3.
اوڪلاھاما شھر کي وسعت پئي ملي ۽ ھڪ وڏو ھوائي اڏو
ٺاھيو پئي ويو تھ ضرورت پٽاندر وڏا وڏا جنگي جھاز
لھي سگھن ۽ ان مقصد لاءِ زمين چونڊجي وئي ھئي ۽ ان
زمين تي ٺھيل گھرن ڊاھڻ جو حڪم جاري ٿي چڪو ھو ۽
بابي جو گھر، جيڪو مون کي ورثي ۾ مليو ھو، اتي ھو
۽ حڪومت اھي گھر ڊاھڻ جو جيڪو معاوضو پئي ڏنو، اھو
اصل قيمت جو ڏھون حصو مس ھو. نھ رڳو زيادتي ھئي،
پر ان رقم مان اسان ڪنھن ٻئي رھائشي علائقي ۾
مناسب گھر بھ ڪونھ پئي ٺاھي سگھياسون ۽ نڪي خريد
ڪري پئي سگھياسون، پر ان کان بھ وڌيڪ پريشانيءَ جي
اھا ڳالھھ ھئي تھ ابي ڏاڏي جو گھر مون کان کسيو
پئي ويو. مون کي اھا پريشاني پڻ ھئي تھ ان کان
پوءِ مان پنھنجي ۽ پنھنجن ڇھن ڀاتين جي مٿي لڪائڻ
جو ٺڪاڻو ڪاٿي ڳولھيندس؟ لڳي پيو تھ اسان کي ڪنھن
تنبوءَ ۾ مٿو لڪائڻو پوندو ۽ اھا پريشاني بھ ھئي
تھ اھو تنبو ڪٿان ملندو؟
4.
منھنجي گھر جو کوھ سڪي چڪو ھو، ڇاڪاڻ تھ منھنجي
گھر جي ويجھو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو نالو بنايو ويو ھو
۽ فورا ڪنھن نئين کوھ کوٽائڻ تي پنج سؤ ڊالر خرچ
پئي آيو. پر ان تي اھا بھ مشڪل ھئي تھ منھنجي
ملڪيت جنھن تي کوھ کوٽائي پئي سگھيس، حڪومت ھوائي
اڏو ٺاھڻ لاءِ مون کان موٽائي پئي وٺي. مون کي
پنھنجن ڍورن لاءِ پخالون ڀري پاڻي آڻڻو پئي پيو ۽
اھو ڪم ٻن مھينن کان پئي ڪيم ۽ انديشو ھوم تھ
جيستائين ڪھ جنگ ختم نٿي ٿئي، مون کي ائين ئي ڪرڻو
پوندو.
5.
منھنجو گھر ڪاليج کان ڏھھ ميل پري ھو. مون وٽ ھڪ
پراڻي ڪار ھئي، جنھن جا ٽائر ايترا ئي پراڻا ھئا ۽
مان ٽائر خريد ڪري ڪنھ پئي سگھيس. ان جو مطلب اھو
بھ ھو تھ مون کي اھا پريشاني بھ ھئي تھ ڪاليج ڪيئن
ويندس؟
6.
منھنجي سڀ کان وڏي ڌيءَ ھڪ سال کان گريجويشن ڪيون
ويٺي ھئي. ھاڻي ان يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ جو
پروگرام پئي ٺاھيو ۽ مون وٽ ايترا پئسا ڪونھ ھئا
جو کيس داخلا ڏياري سگھان ھا. جڏھن تھ مون کي اھا
خبر ھئي تھ پئسا نھ مليس تھ کيس ڏاڍو ڏک ٿيندو. |