ڪھڙي ڳالھھ ماڻھوءَ کي مذھبي بڻائي ٿي؟ ان جو جواب
اسان جان بيليءَ کان پڇون ٿا، جيڪو ايڊبرگ
يونيورسٽيءَ ۾ مذھب بابت ھڪ ناليوارو پروفيسر ھو.
ان جو چوڻ آھي تھ ڪنھن شخص جو فھم فراست سان ڪنھن
نظريي کي قبول ڪرڻ، انھن کي ڪنھن نظريي موجب يا ان
جي مطابقت يا ھڪجھڙائپ کيس مذھبي ٿيڻ تي مجبور
ڪانھ ٿي ڪري، پر ماڻھوءَ اندر لڪل ھڪڙو جذبو ھڪ
يقيني زندگي گذارڻ جي خواھش کيس ائين ڪرڻ تي مجبور
ڪندي آھي. پر اھا ڳالھھ صحيح آھي تھ ھينري پرائيس
ھڪ شريف ماڻھو آھي.
نئين نفسيات جو باني وليم جيمز پنھنجي دوست
پروفيسر ٿامسن ڊيوڊسن کي لکيو تھ: جيئن ئي سال
گذرندا ويا، کيس پاڻ کي خدا سان وابستھ ڪرڻ ۾
مشڪلون پيش اينديون ويون.
ان کان اڳ ۾ ھن پنھنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو ھو تھ جڏھن
پريشاني ۽ تڪليف جي موضوع تي لکيل سندس شاگردن جي
ڪھاڻين مان بھترين ڪھاڻي چونڊڻ چاھي تھ وڏي سوچ
ويچار کان پوءِ ٻھ ڪھاڻيون چونڊڻ ۾ ڪامياب ٿيوم پر
بھترين ڪھاڻي جي چونڊ ۾ وڏي ڏکيائي پيش آيس ۽
چونڊي ئي ڪونھ سگھيو. ان ڪري انعام جي رقم ٻنھي
ڪھاڻين ۾ اڌو اڌ ڪرڻي پيس. پھرين ڪھاڻيءَ جي باري
۾ اوھان پڙھي چڪا آھيو. ٻي ڪھاڻي ھڪ عورت جي نھ
وسرڻ جھڙي تجربي تي ٻڌل آھي، جنھن پاڻ کي خدا سان
لاڳاپڻ ڪاڻ ڪھڙي قسم جي مشڪلن مان گذرڻو پيو؟
اسان ان عورت کي ميري ڪشميتن ڪوٺينداسون تھ توڻي
جو سندس اصل نالو اھو ڪونھي. ھوءَ نھ رڳو ماءُ، پر
ڪيترن ٻارن جي ڏاڏي بھ آھي ۽ ٿي سگھي ٿو تھ ھيءَ
ڪھاڻي پڙھي شرم بھ محسوس ڪري، تنھن ڪري مون سندس
اصل نالو لڪائڻ جو وعدو ڪيو ھو. ڪھاڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
مايوسيءَ وارن ڏينھن ۾ منھنجي مڙس جي سراسري پگھار
18
ڊالر ھفتو ھوندي ھئي. جڏھن تھ
ھو بيماريءَ ڪري ڪم تي ڪونھ وڃي سگھندو ھو. کيس
مسلس زڪام جي شڪايت ھئي. ڪيترا ڀيرا ھو روڊ حادثن
جو شڪار بھ ٿيو. ان جو نتيجو اھو نڪتو جو اھو گھر
جيڪو اسان پنھنجن ھٿن سان بنايو ھو، اسان کان کسجي
ويو. اسان کي ھڪ جنرل اسٽور جو پنجاھ ڊالر قرض
ڏيڻو ھو. اسان کي پنج ٻار ھئا. اسان پاڙيوارن جا
ٿانو ملڻ ۽ ڪپڙا استري ڪرڻ شروع ڪيا. ان مان جيڪي
پئسا ملندا ھئا، تن مان سالويشن آرمي جي اسٽور تان
پنھنجن ٻارن ڪاڻ پراڻا ڪپڙا وٺندي ھئس. پريشانين
ڪري مان بيمار ٿي پيس. ھڪ ڏينھن جنرل اسٽور جي
مالڪ، جنھن جا اسان قرضي ھئاسون، منھنجي يارھن
سالن جي پٽ تي پينسلون چورائڻ جو الزام مڙھيو.
منھنجي پٽ مون کي روئيندي ٻڌايو. مون کي خبر ھئي
تھ منھنجو پٽ ايماندار ۽ حساس آھي. مون کي خبر ھئي
تھ کيس ڪيترن ماڻھن جي روبرو گھٽ وڌ چيو ويو
ھوندو. ان واقعي منھنجي چيلھھ ڀڃي ڇڏي. مون سمورين
تڪليفن جي باري ۾ سوچيو، جيڪي اسان ڀوڳي چڪا
ھئاسون ۽ ڀوڳيون پئي. مون کي ان وقت پنھنجي مستقبل
۾ انھن تڪليفن جي گھٽجڻ جا آثار بھ نظر ڪونھ پئي
آيا.
ٿي سگھيو پئي تھ مان پاڳل ٿي وڃان ھا. مون ڪپڙن
ڌوئڻ جي مشين بند ڪئي ۽ پنھنجي پنجن سالن جي ڇوڪري
کي کڻي بستري تي سمھي پيس. مون ڪمري جون دريون بند
ڪري ڇڏيون. منھنجيءَ ٻارڙيءَ مون کان پڇيو تھ
امان! تون ڇا پئي ڪرين؟ مون جوا ڏنو تھ ڌيءَ! ان ۾
ڪجھھ خرابي آھي. ان کان پوءِ مون ڪمري ۾ پيل گيس
ھيٽر کوليو، پر ان کي ٻاريو ڪونھ. مان پنھنجي ڌيءَ
سان ستل ھئس تھ ان مون کي چيو تھ امان! ھيءَ ڪھڙي
مذاق آھي؟ اسان ٿورو اڳ ۾ تھ ننڊ مان جاڳيا آھيون،
ھاڻي وري ٻيھر مون کي بستري تي ليٽايو اٿئي! مون
کيس ورندي ڏني تھ ڪا ڳالھھ ڪانھي. اسان ٿوري دير
لاءِ سمھنداسون، تڏھن مون پنھنجيون اکيون ٻوٽيون.
گيس تيزيءَ سان خارج پئي ٿيو. مون کي ان جو آواز
بھ آيو پئي. ان گيس جي ڌپ کي مان ڪڏھن ڪونھ وساري
سگھنديس.
اوچتو مون موسيقيءَ جو آواز ٻڌو. مون کي ياد آيو
تھ دالي ۾ ريڊيو کليل ڇڏيو آئي ھيس. ھاڻي ڪو فائدو
ڪونھ ھو، پر موسيقيءَ جو آواز آيو پئي. مون ٻڌو تھ
ڪنھن پراڻي دعا ھاءِ ماءِ
Hy My
پئي ڳائي، جنھن جو مطلب ھو تھ:
عيسيٰ جي صورت ۾ ھڪ اھڙو ھمدرد مليو اٿئون، جيڪو
اسان جي سمورن گناھن ۽ تڪليفن سھڻ جي سگھھ رکي ٿو.
ڪيڏي نھ سٺي ڳالھھ آھي جو اسان عبادت ڪندي سڀڪجھھ
خدا کي چئي ڇڏيون. ڪنھن طرح ڪڏھن ڪڏھن اسان اجايو
پريشان ٿي پنھنجو سڪون وڃائيندا آھيون. ان جو سبب
اھو آھي تھ اسان عبادت ڪندي خدا کي اھو سڀ ڪجھھ
ڪونھ ٿا چئون.
اھا دعا پوري ٿيڻ بعد محسوس ٿيو تھ ڄڻ مان ھڪ کليل
غلطي ڪئي آھي. مون اڃا تائين پنھنجي سمورين مصيبتن
۽ مشڪلن جو يڪي سر مقابلو پئي ڪيو. مون ڪڏھن خدا
کان دعا ڪونھ گھري ھئي. مان بستري تان اٿيس، ھيٽر
بند ڪيم، دروازو کولي ڇڏيم، درين جا تاڪ کولي
ڇڏيم.
باقي سڄو ڏينھن مون عبادت ڪندي ۽ روئندي گذاريو.
مون خدا پاڪ کان مدد لاءِ دعا ڪانھ گھري، پر سندس
رحمتن جا ٿورا مڃيا، جيڪي ان مون تي ڪيون ھيون.
پنج خوبصورت ۽ صحتمند ٻار ڏنائين. مون خدا سان
وعدو ڪيو تھ اڳتي ڪڏھن بي شڪري ڪانھ ڪنديس. مون
اھو وعدو نڀايو.
نيٺ اسان جو گھر بھ کسجي ويو ۽ اسان کي ھڪ اسڪول
ھائوس ۾ پنج ڊالر ماھوار مسواڙ تي رھڻو پيو. مون
ان تي بھ خدا جو شڪر ادا ڪيو تھ گھٽ ۾ گھٽ اسان تي
ڇت تھ آھي، جنھن ھيٺان رھون ٿا ۽ اسان کي اس،
بارش، سرديءَ، گرميءَ کان بچائي تھ رکندي. مون
ايمانداريءَ سان رب جو شڪر ڪيو تھ اسان جون حالتون
ايتريون بريون ڪونھ آھن. مون کي يقين ھو تھ خدا
پاڪ منھنجيون ڳالھيون ٻڌي پيو، ڇاڪاڻ تھ اسان جون
حالتون سڌرڻ شروع ٿيون. مون کي ھڪ وڏي ڪلب ۾ نوڪري
ملي وئي. پنھنجي پٽ کي ڪاليج ۾ داخلا کان سواءِ ھڪ
ٻنيءَ تي نوڪري بھ ملي وئي جتي ھو رات جو مينھون
ڏھندو ھو ۽ ان طرح ھو پنھنجي پڙھائيءَ جو خرچ بھ
پورو ڪرڻ لڳو. اڄ منھنجا ٻار شادي شده آھن. مون کي
ٽي سھڻا پوٽا آھن ۽ جڏھن ماضي جي ايذائيندڙ ڏينھن
ڏي ڏسندي آھيان، جڏھن مون ھيٽر کوليو ھو تھ مان
خدا پاڪ جو شڪر ادا ڪندي آھيان جو موسيقيءَ جي
آواز مون کي بروقت بيدار ڪيو ۽ مون ھيٽر کي بند
ڪري ڇڏيو. اڄ مان ڪنھن بابت ٻڌندي آھيان تھ ھو
پنھجي پريشانين جي ڪري زندگيءَ مان تنگ ٿي چڪو آھي
تھ مان رڙيون ڪرڻ لڳندي آھيان تھ ائين نھ ڪريو.
مشڪلن ۽ تڪليفن کان پوءِ ھڪ سٺو ۽ خوشگوار صبح بھ
ايندو.
ھن وقت سراسري طور آمريڪا جو ھڪ ماڻھو ھر
35
منٽن بعد آپگھات ڪندو آھي ۽ ھر
ٻن منٽن بعد ھڪ ماڻھو اڌ چريو ٿيندو آھي. آپگھات ۽
اڌ چريائپ جي انھن واقعن کي گھٽائي ۽ روڪي سگھجي
ٿو. جيڪڏھن اھي ماڻھو محرومين جو مداوو عبادتن ۽
مذھبن ۾ ڳولھن.
ھتي اسان ھڪ جڳ مشھور نفسياتدان ڊاڪٽر ڪارل جنگ جي
ڪتاب
Modern man in seach of a so eel
مان ڪجھھ اقتباس پيش ڪريون ٿا.
گذريل ٽن سالن دوران دنيا جي سمورن تھذيب يافتھ
ملڪن جا تمام گھڻا ماڻھو مون کان صلاحون وٺڻ آيا.
مون سوين مريضن کي ڏٺو. منھنجن مريضن ۾ گھڻا تڻا
ماڻھو اھڙا ھئا، جن جون عمرون
35
سالن کان مٿي ھيون ۽ انھن مان
ڪوبھ مريض اھڙو ڪونھ ھو، جنھن کي پنھنجين پريشانين
جو حل مذھب ۾ نھ مليو ھجي.
وليم جيمز بھ لڳ ڀڳ اھا ئي ڳالھھ ڪئي آھي. سندس
چوڻ آھي تھ: ”اعتقاد ھڪ اھڙي صقت آھي، جنھن وسيلي
انسان زنده رھي ٿو ۽ ان اعتقاد جي عدم موجودگيءَ
جو مطلب زندگيءَ جو خاتمو ھوندو آھي.“
گوتم ٻڌ کان پوءِ وڏي ڀارتي رھنما مھاتما گانڌي
مرحوم جلد ئي دنيا مان لڏي وڃي ھا، جيڪڏھن کيس
پنھنجي عبادتن مان ذھني ۽ روحاني تقويت نھ ملي ھا.
اسان کي اھا ڳالھھ ڪيئن معلوم ٿي؟ گانڌيءَ پاڻ ھڪ
ڀيري اھو چيو ھو تھ عبادتن کان سواءِ گھڻو اڳي مان
ھڪ ٽرانسليٽر (مترجم) ھجان ھا.
ھزارين ماڻھو اھڙي گواھي ڏئي سگھن ٿا. منھنجو
پنھنجو والد شايد پنھنجي حياتيءَ جو انت آڻي ھا،
جيڪڏھن منھنجي والده جو عبادتن ۽ مذھب تي مضبوط
اعتقاد نھ ھجي ھا. گھڻو ڪري اھڙن ھزارن ماڻھن کي،
جيڪي پنھنجي اندر ئي اندر پريشانين ۽ محرومين ڪري
ايذاءَ سھندا رھندا آھن، انھن کان کين ڇوٽڪارو
ڏياري سگھجي ٿو. جيڪڏھن اھي انھن پريشانين ۽
محرومين سان ھيکل وڙھڻ ڇڏي ڏين ۽ عبادتن وسيلي خدا
پاڪ کان مدد جون دعائون گھرندا رھن.
اسان جڏھن محرومين جي اٿاه گھرائين ۾ پھچندا آھيون
تھ اسان مان گھڻا تڻا خدا کان پري ٿي ويندا آھن.
پر اھو ڪونھ سوچيندا آھيون تھ گھڻو وپريشان ٿيڻ جي
ضرورت ڪانھي، ڇو تھ اسان روزانو پنھنجيون سموريون
سگھون گڏ ڪريون اسان آچر جو انتظار ڇو ڪريون تھ ان
ڏينھن گرجا ۾ وڃي عبادت ڪنداسون. ڪيترا سال مان بھ
ان آسري ۾ رھندو ھوس تھ چڱو آچر جي ڏينھن عبادت
وڃي ڪنداسون. مان جڏھن محسوس ڪريان ٿو تھ مان
روحاني ڳالھين ڪاڻ تڪڙ پيو ڪريان تھ پاڻ کي چوندو
آھيان تھ ڊيل ڪارنيگي! جھٽ ترس. ايڏي تيزي ڇو پيو
ڏيکارين؟ اھڙن موقعن تي رستي ۾ پھرين ايندڙ گرجا ۾
ھليو ويندو آھيان. ان ھوندي بھ تھ مان پروٽيسٽنٽ
آھيان، اندر وڃي پاڻ کي بانور ڪرائيندو آھيان تھ
ايندڙ ٽيھن سالن ۾ مري ويندس. پنھنجيون اکيون
پوريندو آھيان ۽ دعا گھرندو آھيان تھ مان اھو
محسوس ٿو ڪريان تھ ان طرح منھنجي بدن کي سڪون
ملندو آھي. منھنجو ذھن واضح ٿيندو آھي ۽ ان سان
پنھنجي قدرن جو اندازو لڳائڻ ۾ ملندي آھي. مان اھو
ئي عمل پنھنجي ڪاڻ چونڊيندو آھيان.
گذريل ڇھن سالن دوران ھي ڪتاب لکندي مون اھڙا سوين
مثال ۽ واقعا گڏ ڪيا تھ ڪھڙي نموني مردن ۽ عورتن
عبادتن ذريعي پنھنجي مشڪلاتن ۽ تڪليفن تي قابو
پاتو؟ منھنجي ڪٻٽ جا فائل ان ڪم جي واقعن سان ڀريا
پيا آھن. اچو تھ اسان ٽيڪساس ھوسٽن جي ھڪ دل شڪستھ
۽ دلگير سيلزمين جان آر انٿوني جا مثال وٺون. ھو
چوي ٿو تھ:
”ٻاويھھ ورھيھ اڳ مون پنھنجو قانون وارو پرائيويٽ
دفتر بند ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪا لا بڪ ڪمپنيءَ جو
سيلزمين بڻيس. منھنجو ڪم وڪيلن کي قانون جا ڪتاب
وڪڻڻ ھو، جيڪو ھڪ مشڪل ڪم ھو.“
مون کي ان ڪم جي ڀرپور نموني سکيا ڏني وئي. مون کي
ان ڏس ۾ ڳالھائڻ جو اندازو ٿي ويو تھ گرھاڪ کي
قائل ڪرڻ جي طريقن جي باري ۾ ٻڌايو ويو. مان جڏھن
بھ ڪنھن وڪيل وٽ ڪتاب وڪڻڻ ويندو ھوس تھ کيس
ٻڌائيندو ھوس تھ وڪالت ۾ سندس مھارت ۽ شھرت جي
تقاضا آھي تھ اوھان کي اٽارني جنرل ھجڻ گھرجي. مان
ان طريقي کي وڏيءَ ڪاريگريءَ سان استعمال ڪندو
ھوس، پر ڪاٿي نھ ڪاٿي ڪا خرابي ھئي. مون کان ڪتاب
ڪونھ وڪامندا ھئا.
مان اچاٽ ٿي پيس. جيئن جيئن ڏينھن ۽ ھفتا گذرندا
ويا، مون پنھنجي پاران وڌ ۾ وڌ ڪوشش شروع ڪئي، پر
ان ھوندي بھ پنھنجو خرچ وڏيءَ مشڪل سان پورو ڪندو
ھوس. اندر ۾ سدا خوف جو احساس ھوندو ھو. مان ماڻھن
سان ملندي ڊڄندو ھوس. ڪيترا ڀيرا ائين ٿيو تھ ڪنھن
وڪيل جي آفيس جون ڏاڪڻون چڙھڻ لڳندو ھوس تھ ڀؤ
ورائيندو ھو تھ ابتن پيرن سان لھي ايندو ھوس. پر
پوءِ بھ مان پنھنجي قوت اراديءَ کي يڪجا ڪري وري
مٿي چڙھندو ھوس. آفيس جي در تي اڌوري اميد سان
ھوريان ھوريان در کوليندو ھوس تھ اندر ڪوبھ ڪونھ
ھوندو.
منھنجي سيلز مئنيجر مون کي ڌمڪي ڏني تھ جيڪڏھن
ڪتابن جي وڪري بابت وڌيڪ آرڊر نھ مليا تھ ھو
منھنجو پگھار روڪيندو. گھر ۾ زال تنگ ڪندي ھئي تھ
کيس پئسا ڏيان جو ريزڪي دڪاندار جو بل چڪائڻو آھي.
ٽن ٻارن جي اسڪول جي فيس ڏيڻي آھي. مون کي
پريشانيون وڪوڙي ويون. سمجھھ ۾ ڪونھ پئي آيو تھ ڇا
ڪريان؟ جيئن اڳ ۾ ٻڌائي چڪو آھيان تھ منھنجي
پنھنجي ھڪ پرائيويٽ لا آفيس ھئي، جيڪا مون بند ڪري
ڇڏي ھئي. پر ھاڻي مون وٽ پي ھول جو بل ڏيڻ جا پئسا
ڪونھ ھئا. نھ تھ ايترا پئسا ھئا جو ريل جي ٽڪيٽ
وٺي واپس پنھنجي گھر موٽي وڃان ۽ نڪا ايتري جرت
ھئم تھ مان ھڪ ھارايل انسان جي حيثيت ۾ گھر موٽان.
ان طرح نيٺ ھڪ ٻيڻو ايذائيندڙ ڏينھن آخري ڀيرو
پنھنجي ھوٽل ۾ آيس. مان اندران ئي اندران پوري طرح
ٽٽي چڪو ھوس. سمجھھ ۾ نھ پيو اچي تھ ڪيان تھ ڇا
ڪيان؟ مون کي ان ڳالھھ جو فڪر بھ ڪونھ ھئو تھ مان
جيئرو رھان يا مري وڃان. مون کي افسوس پئي ٿيو تھ
مان ڄائس ئي ڇو؟ ان رات کاڌي لاءِ مون وٽ گرم کير
جو ڇڙو ھڪڙو گلاس ھو. ان وقت اھو ئي سمجھي سگھيس
تھ مايوس ماڻھو ھوٽل جي دريءَ کان ٻاھر ٽپو ڇو
ڏيندا آھن؟ مون کي زندگيءَ جو ڪو مقصد ئي سمجھھ ۾
ڪونھ پئي آيو.
مون خدا پاڪ ڏانھن رجوع ڪيو ۽ عبادت ڪرڻ شروع ڪيم.
مون التجا ڪئي تھ ڌڻي! مون کي صحيح روشني ڏيکار،
مون کي مايوسين جي اٿاھ گھرائين مان نڪرڻ جي واٽ
ڏيکار. مون دعا گھري تھ مون کي ڪتابن خريد ڪرڻ جا
آرڊر ملڻ شروع ٿين. مون ڌڻي کان مدد ڪرڻ جي دعا
گھري تھ مان زال ۽ ٻارن جي سنڀار ڪري سگھان. عبادت
بعد اکيون کوليم ۽ بائيبل پڙھڻ لڳس، جيڪا ڪمري ۾
پئي ھئي. انجيل ۾ مون عيسيٰ جي انھن لازوال دعوائن
جو ذڪر پڙھيو، جيڪو پاڻ پنھنجن دلگير پوئلڳن سان
ڪيون ھئائون.
جيئن جيئن جو بائيبل کي پڙھندو ويس، پنھنجي اندر ۾
تبديلي محسوس ڪندو ويس. منھنجيون سموريون
پريشانيون پوئتي ھليون ويون، خوف، پريشاني ۽
بيچيني اميد فتح ۽ ھمت ۾ بدلجي ويون.
جيتوڻيڪ ھاڻي بھ مون وٽ ھوٽل جو بل ڇڏائڻ ڪاڻ پئسو
ڪونھ ھيو، پر پوءِ بھ خوش ھئس. بستري تي سمھندي ئي
ننڊ اچي ويئي. ننڊ ۾ ايترو سڪون مليو، جيترو ڪيترن
سالن ۾ ڪونھ مليو ھو. ورندي صبح سمھي اٿيس تھ
مينھن جاري ھو. مون پروگرامموجب تياري ڪئي. نيرن
ڪرڻ کان پوءِ دستور موجب ڪتابن وڪڻڻ جي سلسلي ۾ ھڪ
وڪيل جي آفيس پھتس. مون وڏي اعتماد سان دروازو
کوليو ۽ جيئن ئي اندر گھڙيس تھ گرمجوشي ۽ وقار سان
پنھنجو تعارف ڪرايم. صبح بخير اسمت صاحب! مان
آمريڪن لاءِ بوڪ ڪمپنيءَ جو نمائندو جان آر انٿوني
آھيان. اڙي ھا! اسمت مرڪندي ڪرسيءَ تان اٿي ھٿ
وڌايو. اوھان سان ملي خوشي ٿي! تشريف رکو.
ان ڏينھن مون ڪيترا ئي ڪتاب وڪرو ڪيا. شام جو
فاتحاڻي ۽ فخر ڀريل انداز ۾ ھوٽل ڏانھن واپس آيس.
مون پاڻ کي واقعي ھڪ نئون شخص محسوس ڪيو، ڇاڪاڻ جو
ھاڻي منھنجو ذھني رويو فاتح وانگر ھيو. ان شام مون
گرم کير سان ڊنر ڪانھ ڪئي، پر عمدو ۽ لذيذ کاڌو
کاڌم. ان ڏينھن کان منھنجي ڪاميابيءَ جي شروعات ٿي
وئي.
ٻئي ڏينھن صبح جو اٿيس تھ پاڻ ۾ حيرت انگيز تبديلي
محسوس ڪيم. ائين لڳو ڄڻ خدا پاڪ ۽ منھنجي وچ ۾ ھڪ
تعلق موجود آھي ۽ ھيکلي ماڻھوءَ کي شڪست ڏئي سگھجي
ٿي. مگر اھڙي ماڻھوءَ کي ڪوبھ ھارائي ڪونھ ٿو
سگھي، جنھن رب سان ناتو جوڙيو ھجي. مون انھيءَ
واسطي ۽ ان جي فائدن کي سموري ڄمار محسوس ڪيو آھي.
ھينگ لينڊ جي مسز ايل جي برڊ سان ھڪ الميو ٿيو تھ
ھن رب کي ٻاڏائيندي دعائون گھريون: ”اي خدا!
منھنجو ڪوبھ ڪونھي. منھنجي مدد فرماءِ.“ ۽ ان کان
پوءِ کيس ايترو سڪون مليو، جو ان باري ۾ ٻڌائي ٿي
تھ:
”ھڪ شام جو منھنجي ٽيليفون جي گھنٽي وڳي. مون
ريسيور ڪونھ کنيو. چوڏھين ڀيري گھنٽي وڄڻ تي مون
ريسيور کڻڻ جي ھمٿ ڪئي. مان ڊڄي ويس تھ اھو فون
اسپتال کان آيو آھي، جتي منھنجو ٻار علاج ھيٺ آھي
۽ مرڻ وارو آھي. منھنجو ٻچو گردن ٽوڙ بخار ۾ مبتلا
ھو. کيس پينسلين جون سيون ھنيون ويون، مگر سندس
بخار وڌندو ويو ۽ ڊاڪٽرن کي انديشو ھو تھ بيماري
مٿي تي پئي چڙھي ۽ دماغ جي رسولي بنجي سگھي ٿي،
جنھن سان موت بھ ٿي سگھي ٿو. فون اسپتال کان ئي
آيو ھو ۽ ڊاڪٽر مون کي جلد از جلد اسپتال پھچڻ جو
چيو ھو.
ممڪن آھي تھ اوھان ان ڏک ۽ ڀيڙا جو ڪاٿو ڪٽي سگھو،
جيڪو ويٽنگ روم ۾ ويٺل منھنجي مڙس کي ھو. ھر ڪنھن
سان پنھنجو ٻار گڏ ھو ۽ اسان ھٿين خالي ويٺا
ھئاسون ۽ ويٺا پيا سوچيون تھ اسان ٻيھر پنھنجي ٻار
کي جھوليءَ جھلي سگھنداسون يا نھ؟
ٿوري وقت کان پوءِ ڊاڪٽر اسان کي پنھنجي ڪمري ۾
سڏايو. سندس منھن مان لڳي پيو تھ معاملو نازڪ آھي.
اسان زال مڙس ڌيڪ پريشان ٿي وياسون. خدايا! اسان
جي ٻچڙي جو خير ڪجانءِ ڊاڪٽر اسان کي ٻڌايو تھ ٻار
جي بچڻ جو چئن مان ھڪڙو امڪان آھي. ھن چيو تھ
سندس وس ۾ ڪونھي. جيڪڏھن اوھان ڪنھن سٺي ڊاڪٽر کي
سڃاڻو ٿا تھ ان کي گھرائي وٺو.
گھر موٽندي منھنجو مڙس بيحد مايوس ھو ۽ پاڻ جھلي
ڪونھ سگھيو ۽ اسٽيرنگ تي مٿو رکي ٻارن وانگر سڏڪا
ڀري روئڻ لڳو. ھن چيو تھ مان پنھنجو ٻچو ڇڏي ڪونھ
ٿو سگھان. ڇا اوھان ڪنھن مرد کي ائين روئيندي ڏٺو
آھي؟ اھو ڪو خوشگوار تجربو ڪونھ ھو. رستي تي اسان
ھڪ گرجا وٽ گاڏي روڪي ۽ اندر وڃي رب کي ٻاڏايوسون
تھ جيڪڏھن رب پنھنجي امانت ورائڻ ٿو چاھي تھ اسان
سندس امر مڃينداسون. ان دوران ڳوڙھا منھنجن ڳلن
تان پئي ٽميا.
جنھن لمحي مون اھي لفظ چيا تھ مون کي قلب ۾ سڪون
محسوس ٿيو. اھڙو سڪون، جيڪو گھڻي عرصي کان ڪونھ
مليو ھو. گرجا کان موٽي گھر ويندي سڄو رستو اھي ئي
اکر ورجائيندي رھيس: ”خدايا! اسان جو ٻچو تنھنجي
امانت آھي. جڏھن چاھين کيس ورائي وٺي سگھين ٿو.“
گھر پھچي آئون سمھي پيس ۽ پوري يقين سان چئي سگھان
ٿي تھ گذريل پوري ھفتي ۾ اھا بھترين ننڊ ھئي. ڪجھھ
ڏينھن کان پوءِ ڊاڪٽر آيو. اسان کي ٻڌايائين تھ
اسان جي پٽ جي بيماري گھٽ ٿي آھي ۽ ھاڻي اڳي کان
ڪجھھ بھتر آھي. مون فورا خدا جو شڪر ڪيو. ھاڻي اھو
چئن سالن جو گول مٽول ٻارڙو آھي.“
اسان اھڙن ماڻھن کي ڄاڻندا آھيون، جيڪي مذھب کي
رڳو عورتن ۽ ٻارن ۾ تبليغ ڪندڙن جو سر درد ڪوٺيندا
آھن. اھي ان ڳالھھ تي فخر ڪندا آھن تھ اھي يڪي سر
پنھنجي محرومين ۽ تڪليفن جو مقابلو ڪرڻ جي سگھھ
رکندا آھن.
پر اڄ اھڙن ماڻھن کي اھو ٻڌي گھڻي حيرت ٿيندي تھ
دنيا جا ڪي بيحد مشھور ماڻھو بھ روزانو عبادتون
ڪندا آھن. مثال طور: جيڪ ڊيمز مون کي ٻڌايو تھ ھو
ڪڏھن بھ عبادت ڪرڻ کان سواءِ ننڊ ڪونھ ڪندو آھي.
ھن ٻڌايو تھ ڪوبھ کاڌو کائيندي ھر وقت خدا جو شڪر
بجا آڻيندو آھي. ھن ٻڌايو تھ جڏھن ھن ھڪ مقابلي جي
تياري پئي ڪئي تھ روزانو عبادت ڪندو ھو. ان کان
پوءِ جڏھن منھنجو مقابلو شروع ٿيو تھ مان ھر ھڪ
رائونڊ ختم ٿيڻ تي دعائون گھرندو ھوس. ھن ٻڌايو تھ
ان طرح منجھس اڳ کان وڌيڪ اعتماد ۽ جرئت پيدا
ٿيندي ھئي. |