خود اعتمادي جي موضوع تي ايمرسن پنھنجي ھڪ مضمون
لکيو آھي تھ: ھر انسان جي تعليم ۾ ڪو اھڙو وقت
ايندو آھي، جڏھن ھو ان نتيجي تي پھچندو آھي تھ
حسد، نظراندازي ۽ نقل آپگھات ڪرڻ آھي، پاڻ مارڻ
آھي. انسان سوچيندو آھي تھ کيس بھتريءَ ڪاڻ ڪوشش
ڪرڻ گھرجي ۽ وسيع ڪائنات، چڱائين، اڇاين، ڳڻن سان
ڀرپور آھي. ھڪ ھاري محنت کان سواءِ ھڪ سلو پوکي
ڪونھ ٿو سگھي. سندس اندر ۾ محنت جي سگھھ ان ۾
احساس اڀاريندي آھي تھ اھو سڀني کان نرالو ۽ منفرد
آھي ۽ ان وانگر ڪوبھ ٻيو شخص غير آباد زمين ۾ مڪئي
پوکي ڪونھ ٿو سگھي، نھ اپائي ٿو سگھي.
سترھون باب
جيڪڏھن اوھان وٽ ھڪ ليمون آھي تھ ان مان شربت
ٺاھيو
ھن ڪتاب لکڻ دوران شڪاگو يونيورسٽي وائيس. چانسلر
رابرٽ ميزڊ ھچنز
(Robert Maynard Hutechins)
کان سوال ڪيم تھ ھو پريشانين
کان ڪيئن ڇوٽڪارو پائيندو آھي؟ ھن جواب ڏنو تھ
آئون ان سلسلي ۾ مرحوم جوليس روزن والڊ
(Julius Rosen Wald)
جي نصيحت کي نظر ۾ رکندو آھيان
تھ: ”جڏھن اوھان وٽ ھڪ ليمون ھجي تھ شربت ٺاھيو“
ھيءَ اھا نصيحت آھي جنھن تي ھڪ عظيم تعليمي ماھر
عمل ڪندو آھي. جڏھن تھ بيوقوف شخص ائين ڪڏھن ڪونھ
ڪندو آھي. جيڪڏھن ان کي اتفاق سان ھڪ ليمون ھٿ اچي
تھ ان کي اڇلائي ڇڏيندو آھي ۽ چوندو آھي تھ افسوس
صد افسوس! ھيءَ منھنجي قسمت آھي جڪو مون کي ڪابھ
سٺي شيءِ ڪانھ ٿي ملي ۽ پوءِ دنيا خلاف بڪ شڪ ڪندو
آھي ۽ پاڻ کي ھڪ رحم جوڳو شخص تصور ڪندو آھي. پر
جيڪڏھن ذھين ماڻھوءِ کي ھڪ ئي ليمون ملي وڃي تھ
بدقسمتيءَ سان ڪيئن نبرجي؟ صورتحال ڪيئن بھتر ڪجي
۽ ليمي مان شربت ڪيئن بنايو وڃي؟ عظيم نفسيات دان
الفريد ايدلر مختلف ماڻھن ۽ سندن اندر مخفي طاقتن
جي طويل اڀياس کان پوءِ اھو نتيجو ڪڍيو تھ انسان
جي حيران ڪندڙ خاصيتن ۾ اھا خاصيت پڻ شامل آھي تھ
ھڪ منفي ڳالھھ کي مثبت ڳالھھ ۾ ڪيئن ٿو بدلائي
سگھي؟
اوھان کي ھڪ عورت جي دلچسپ ۽ پرجوش ڪھاڻي ٻڌايان
ٿو، جيڪا واقعي ائين ڪري گذري. ان عورت جو نالو
ٿيلمان ٿامسن آھي ۽ نيويارڪ شھر جي علائقي
100
مارننگ اوينيو ۾ رھندي آھي. ھن
پنھنجي آتم ڪٿا ٻڌائيندي چيو تھ:
”جنگ دوران منھنجي مڙس جي مقرري ڪيلي فورنيا ويجھو
ھڪ تربيتي فوجي ڪيمپ ۾ ٿي. مان رڳو سندس قربت ڪاڻ
ان وٽ وئي ھيس. مون کي ان جاءِ کان نفرت ھئي. مون
کي اتان بيحد ڪراھت ايندي ھئي. مان اھڙي ڏکوئيندڙ
صورتحال ۾ ڪڏھن ڪانھ رھي ھيس. منھنجي مڙس کي ميجو
ڊيزرٽ
(Majav Desert)
جي ٻاھرين علائقي جي سروي ڪرڻ
جو حڪم مليو تھ مان ھڪ ننڍڙي تنبوءَ ۾ ھيکلي رھجي
ويس،
121
درجا گرمي مڪمل طرح برداشت کان
ٻاھر ھئي. آس پاس ڪو اھڙو ماڻھو بھ ڪونھ ھو، جنھن
سان ڳالھھ ٻولھھ ٿي سگھي. ميڪسيڪو ۽ ڀارت جا ماڻھو
ھئا، پر انگريزي ڳالھائڻ کان ڪورا ھئا. عام طور
اتي تيز ھوا جا جھوٽا ھلندا ھئا، جنھن ڪري جيڪي بھ
کائيندي ھيس، ان ۾ واري ئي واري ھوندي ھئي. مون ان
صورتحال کان تنگ ٿي پنھنجي والدين کي ھڪ خط لکيو،
جنھن ۾ ٻڌايو تھ مان ھتان تنگ ٿي وئي آھيان ۽ تمام
جلد واپس پئي اچان. ڇا لاءِ جو ھتي ھڪ منٽ بھ
گذاري نٿي سگھان. ھتان کان جيل ھزار وار سٺو اھي.
منھنجي والد منھنجي ان خط جي جواب ۾ ڇڙيون ٻھ سٽون
لکي موڪليون، جن منھنجي پوريءَ زندگيءَ کي ھوشيار
ڪري ڇڏيو.
”ٻن ماڻھن جيل جي شيخن مان ٻاھر ليئو پاتو. ھڪڙي
چڪڻ ڏٺي ۽ ٻئي ستارا ڏٺا.“
مون اھي ٻھ سٽون بار بار پڙھيون ۽ ان کان پوءِ
بيحد شرمندگي محسوس ڪيم. مون پڪو پھھ ڪيو تھ
پنھنجي موجوده صورتحال جي بھتر رخن تي غور ڪندس ۽
ستارا ڳوليندس. ان سلسلي ۾ مون مقامي ماڻھن کي
دوست بنائڻ شروع ڪيو ۽ سندن موٽ مان بيحد خوش ٿيس.
مون سندن دستڪارين ۾ دلچسپي ظاھر ڪئي تھ انھن
پنھنجيون پسند واريون شيون تحفا ڪري ڏئي ڇڏيون،
جيڪي سياحن کي مھانگي اگھھ تي بھ ڪونھ ڏيندا ھئا.
پوءِ مون اتي موجود وڻن ٽڻن جي مختلف قسمن تي غور
ڪيو. گاھ چرندڙ ڪتن بابت معلومات ورتم. ڪڏھن ڪڏھن
سج لھڻ جو نظارو بھ ڪندي ھئس. گھونگھن جو شڪار بھ
ڪندي ھئس، جيڪي ان وقت کان اتي موجود ھئا، جڏھن
لکين سال اڳي صحرا جي ھن واريءَ تي سمنڊ ڇوليون
ھڻندو ھو. منھنجي اندر ۾ حيران ڪندڙ تبديلي اچڻ
لڳي، جيڪا ميجو ڊيزرٽ ۾ ڪا تبديلي ڪانھ ھئي. نڪو
ڀارتي رھواسي بدليا. دراصل مان پاڻ بدلجي چڪي ھئس.
مون پنھنجي سوچ جو انداز بدلايو ھو ۽ اھڙي نموني
مون ڏکوئيندڙ حياتيءَ کي جوشيلي مھم ۾ مٽائي ڇڏيو
ھو ۽ مان ان نئين دريافت ڪيل دنيا جي لاءِ ايڏي
متحرڪ ۽ ايتري پرجوش ھئس جو مون ان بابت ھڪ ڪتاب
لکيو. ھي ھڪڙو ناول ھو جيڪو دوشن فصيل
Bright Rampart
جي عنوان سان ڇپيو ھو.......
حقيقت ۾ مون جيل جي شيخن جي ھن پار ستارا ڳولي لڌا
ھئا.“
ٿيلمان ٿامسن اوھان سچ پچ تھ ان سچائي کي پاتو ھو،
جنھن جو سبق حضرت عيسيٰ جي پيدا ٿيڻ کان پنج سؤ
سال اڳ يونانين ان انداز ۾ ڏنو ھو: ”بھترين شين
تائين پھچڻ ڪاڻ بدترين مشڪلاتن مان گذرڻو پوي ٿو.“
ھيري ايمرسن
(Harry Emerson)
پوءِ اھو ئي درس ويھينءَ صديءَ
۾ ورجايو. ھيري ايمرسن فاسڊڪ
(Harry Emerson Fasdick)
ويھين صديءَ ۾ ان حقيقت جو
ھيئن ورجاءُ ڪيو: ”خوشي رڳو مزي ماڻڻ جو نالو
ناھي، پر فتح جو احساس آھي.“ ھائو! ھڪ فتح جو
احساس جو مقصد ماڻڻ کان پوءِ ٿيندو آھي يا قطري
مان درياءُ ٺاھڻ کان پوءِ!
ھڪڙي ڀيري فلوريڊا ۾ منھنجي ملاقات ھڪ اھڙي کل مک
ھاريءَ سان ٿي، جنھن ھڪ زھريلي ليمي کي شربت ۾
بدلائي ڇڏيو. جڏھن ھڪ ٻني خريد ڪئي تھ بيحد مايوس
ٿيو جو سندس زمين ايتري بيڪار ھئي جو نھ تھ ان ۾
ميوا پوکي پيا سگھجن نڪو گاھ. ان ۾ رڳو ٻوڙا ۽
نانگ ھئا. اوچتو کيس ھڪ صلاح سمجھھ ۾ آئي ۽ ان
ارادو ڪيو تھ ھو ان زمين جي چرندڙ پرندڙ نانگن کي
ڪمائيتو بنايندو ۽ اھو ٻڌي سمورا ماڻھو حيران ٿيا
تھ ھن نانگن جو ماس دٻن ۾ بند ڪري وڪڻڻ شروع ڪيو.
ڪجھھ سال اڳ جڏھن منھنجي ساڻس ملاقات ٿي ھئي تھ
مون ڄاتو تھ ان جي نانگ فارم
(Snake Farm)
کي ھر سال ويھھ ھزار سياح ڏسڻ
ايندا ھئا. ھن جو ڪاروبار خوب چمڪي اٿيو. مون ڏٺو
تھ ھن جي نانگن جو زھر وڏي مقدار ۾ سامونڊي جھازن
وسيلي دوائن ٺاھڻ لاءِ برآمد پئي ڪيو ويو. نھ رڳو
اھو، پر عورتن جي جوتن ۽ پرسن ٺاھڻ لاءِ نانگن جون
کلون ڳرين قيمتن تي وڪرو پئي ٿيون. مون ڏٺو تھ
نانگن جو گوشت دٻن ۾ بند ڪري، سامونڊي جھازن وسيلي
سڄي دنيا جي ملڪن ڏانھن اماڻيو پئي ويو. مون ان
جاءِ وٽ ھڪ تصويري ڪارڊ خريد ڪيو ۽ ڳوٺ جي پوسٽ
آفيس ۾ پوسٽ ڪري ڇڏيم. ان ڪارڊ ھيٺان ھي لفظ لکيل
ھئا: ”انھيءَ ماڻھوءَ جي نانءِ، جنھن زھريلي ليمي
کي شربت ۾ بدلائي ڇڏيو.“
جيئن تھ مون کي پنھنجي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ گھمڻ جو
موقعو مليو آھي، ان ڪري مون کي درجنن اھڙن مردن
توڙي عورتن سان ملڻ جو موقعو مليو آھي، جن پنھنجي
اندر جي سگھھ کي اھڙي ڀرپور نموني سان ڪم آندو
آھي، جيڪو ڪنھن ناڪاريءَ کي ھاڪاريءَ ۾ مٽائي سگھي
ٿو.
Twelve Ageist the God
ھي ليکڪ مرحوم وليم بوليٿو
(William Bolitho)
اھا ڳالھھ ھن پيرائي ۾ ڪئي
آھي: ”زندگيءَ جي اھم ترين ڳالھھ اھا ناھي تھ
توھان پنھنجي منافعي تي لھي اچو. اھو تھ عام ماڻھو
بھ ڪري سگھي ٿو. اھم ڳالھھ اھا آھي تھ اوھان
پنھنجن نقصانن کي نفعو ڏيندڙ بنائي ڇڏيو. ان ڪاڻ
ذھانت جي ضرورت ھوندي آھي، جنھن سان سمجھو ماڻھو ۽
بي سمجھھ ۾ فرق جو اندازو لڳندو آھي.“
بوليٿو اھي لفظ ان وقت چيا، جڏھن ھو ريل جي ھڪ
حادثي ۾ ھڪ ڄنگھھ وڃائي ويٺو ھو، پر مان ھڪ اھڙي
ماڻھوءَ کي سڃاڻان ٿو، جنھن ٻنھي ڄنگھن کان وانجھو
ھوندي بھ ناڪاريءَ کي ھاڪاريءَ ۾ بدلائي ڇڏيو.
سندس نالو بيل فارسٽن
(Bell Foriston)
آھي. ھن سان منھنجي ملاقات جارجيا جي علائقي جي ھڪ
ھوٽل جي يمليءَ جي ڏاڪڻ تي ٿي. جيئن ئي بجلي جي
ڏاڪڻ ۾ داخل ٿيس، منھنجي نظر ان سھڻي جوان تي پئي،
جيڪو ٻنھي ڄنگھن کان وانجھو ھڪ وھيل چيئر تي ويٺو
ھو. لفٽ جڏھن گھربل فلور تي پھتي تھ ھن وڏي وڻندڙ
انداز ۾ مون کي چيو تھ تڪليف نھ سمجھو تھ ٿورو ھڪ
پاسي ٿيو تھ مان پنھنجي وھيل چيئر مان چڱي نموني
نڪري سگھان ۽ ان سان ئي پرجوش مسڪراھٽ سان ٻاھر
نڪري آيو. جڏھن مان لفٽ مان نڪري پنھنجي ڪمري
ڏانھن ويس تھ منھنجي ذھن تي انھيءَ کل مک معذور
نوجوان جو خيال حاوي ھيو، تنھن ڪري مان ان
نوجوانڙي کي مٿي پاڻ وٽ وٺي آيس ۽ کيس پنھنجي ڪٿا
ٻڌائڻ جو عرض ڪيم. ھن مرڪندي چوڻ شروع ڪيو: ”ھي
1929ع
جو واقعو آھي. مان پنھنجي گاڏيءَ تي آليون ڪاٺيون
کنيو پئي ويس تھ اوچتو ھڪڙو بند گاڏيءَ تان ترڪي
ڪري پيو ۽ عين ان وقت جڏھن مان ھڪ موڙ پئي مڙيس تھ
اسٽيرنگ جام ٿي ويو، جنھن ڪري مان ھڪ وڻ سان وڃي
ٽڪرايس ۽ ڪرنگھي جي ھڏي کان سواءِ منھنجون ڄنگھون
بھ مفلوج ٿي پيون. ان وقت منھنجي عمر
29
سال ھئي ۽ تڏھن کان اڄ تائين
ھڪ وک بھ ڪونھ ھليو آھيان.“ مون پڇيومانس تھ ھن
پنھنجي معذور پڻي کي ايڏي ھمت سان ڪيئن قبول ڪيو؟
ھن وراڻيو تھ مون ان کي قطعي ڪونھ قبوليو آھي، پر
مون ان خلاف بغاوت ڪئي آھي. پنھنجي نڀاڳ تي پريشان
تھ ٿيس، پر وقت گذرڻ سان محسوس ڪيم تھ اھا بغاوت
ڪاوڙ کان سواءِ ڪجھھ ڪونھ ٿي ڏئي. نيٺ مون محسوس
ڪيو تھ مون سان ماڻھن جو شفقت ۽ رحم دليءَ وارو
رويو آھي، تنھن ڪري مون بھ فيصلو ڪيو تھ بھر حال!
مون کي بھ ماڻھن سان وڻندڙ ۽ ٺھندڙ نموني برتاءُ
ڪرڻ کپي. مون کانئس پڇيو تھ ڇا اڃا تائين ان حادثي
کي پنھنجي خوفناڪ بدقسمتي سمجھي ٿو؟ تڏھن ھن امالڪ
ورندي ڏني تھ نھ، ھاڻي مان ڪافي حد تائين خوش
آھيان. ڇاڪاڻ جو ان ڪري مون کي مختلف ڍنگ سان
زندگي گذارڻ جو موقعو مليو آھي. ان سان مون کي
ويھي پڙھڻ جي عادت پئي آھي. گذريل چوڏھن سالن ۾ لڳ
ڀڳ چوڏھن سؤ ڪتاب پڙھيا اٿم، جن منھنجي آڏو
زندگيءَ جا نوان رخ اجاگر ڪيا ۽ منھنجي شعور کي
آگاھي ملي. منھنجي علم ۾ بيحد اضافو ٿيو. وڌيڪ
ٻڌايائين تھ انھيءَ واقعي ڪري کيس سٺي موسيقي ٻڌڻ
جو موقعو مليو. اڳ ۾ جيڪي ڌنون بور لڳنديون ھيون،
ھاڻي تن مان وڌيڪ مزو وٺندو آھيان ۽ سڀني کان وڏي
تبديلي، سوچڻ ڪاڻ وقت جو ملڻ ھو. ھن ٻڌايو تھ
حادثي ڪري پھريون ڀيرو مون کي دنياوي قدرن لاءِ
سوچڻ جو وجھھ مليو. مون محسوس ڪيو تھ ڪيتريون ئي
غير اھم لڳندڙ شيون بھ گھڻيون اھم لڳڻ لڳيون آھن.
مطالعي ڪري ھو سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ماڻھن جي
سوالن تي ويچاريندي ھو وھيل چيئر تي ويٺو تقريرون
ڪندو ھو. ھن ماڻھن کي ۽ ماڻھن کيس جاچڻ شروع ڪيو ۽
اڄ بيل فارسٽر معذور ھوندي بھ رياست جارجيا جو
سيڪريٽري آف اسٽيٽ آھي. ھن چيو تھ گذريل پنجٽيھن
سالن کان نيويارڪ ۾ بالغن جي تعليم جا ڪلاس وٺندو
آھيان ۽ مون کي اھو ڄاڻي ڏک ٿيو آھي تھ انيڪ بالغن
کي جيئن تھ ڪڏھن ڪاليج وڃڻ جو موقعو ڪونھ مليو
آھي، تنھن ڪري اھي سمجھن ٿا تھ ڪاليج کان سواءِ
علم پرائڻ ممڪن ڪونھي. منھنجي سمجھھ موجب اھا
ڳالھھ درست ناھي، پر مان ڪيترين اھڙين ڪامياب
شخصيتن کي سڃاڻان ٿو، جيڪي ڪڏھن بھ اسڪول کان اڳتي
ڪونھ وڃي سگھيون. تنھن ڪري عام طور پنھنجن شاگردن
کي اھڙي انسان جي آکاڻي ٻڌائيندو آھيان، جيڪو
پرائمري تائين بھ پڙھي ڪونھ سگھيو. اھو سخت افلاس
۾ پليو ۽ جڏھن والد گذاري ويس تھ سندس ڪفن دفن جو
انتظام سندس دوستن کي ڪرڻو پيو. سندس والد جي وفات
کان پوءِ سندس والده ڇٽين ٺاھڻ واري ھڪ ڪارخاني ۾
روزانو ڏھ ڪلاڪ ڪم ڪندي ھئي. ان ھوندي بھ جڏھن
زندگيءَ جون ضرورتون اڻ پوريون رھيون تھ ھوءَ ڪجھھ
ڪم گھر کڻي اچڻ لڳي، جيڪو رات يارھين وڳي تائين
ڪندي رھندي ھئي. انھن حالتن ۾ پلجڻ وارو ڇوڪرو ھڪ
ڏينھن پنھنجي گرجا واري ھڪ شوقيا ڊراما ڪلب ۾ شامل
ٿيو. اداڪاريءَ ۾ ايڏو مزو آيس جو ھن تقرير جي فن
کي اپنائڻ جو فيصلو ڪيو. ھتان سندن لاڙو سياست
ڏانھن ٿيو. جڏھن سندس عمر ٽيھن سالن تي پھتي تھ
اھو پنھنجي قابليت جي ٻل تي نيويارڪ جي قانون ساز
مجلس جو ميمبر چونڊجي ويو. جيتوڻيڪ ھو ان
ذميواريءَ ڪاڻ پوري طرح تيار ڪونھ ھو. حقيقت ۾ کيس
خبر ئي ڪانھ ھئي تھ کيس ڇا ڪرڻو آھي؟ ان ھوندي بھ
ھن گنجريل ۽ ڊگھن قانونن جو گھرو مطالعو ڪيو، جن
کي ھو چڱيءَ طرح ڪونھ سمجھي سگھيو. اھو ڏسي ھو
حيران ۽ پريشان ٿي پيو تھ کيس جھنگلات ڪميٽيءَ جو
رڪن ٿاڦيو ويو ھو. جيتوڻيڪ ان کان اڳ ھن جھنگ ۾
پير ئي ڪونھ پاتو ھو. ان کان گھڻي راڻتڻ جو شڪار
تڏھن ٿيو، جڏھن کيس بئنڪنگ ڪميشن جو رڪن بنايو
ويو، جڏھن تھ ھن ڪڏھن بئنڪ ۾ اڪائونٽ ئي ڪونھ
کوليو ھو. ھن مون کي پاڻ ٻڌايو تھ جيڪڏھن کيس
پنھنجي والده جي شرمساري جو احساس نھ ھجي ھا تھ پڪ
سان قانون ساز مجلس تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي ھا.
مايوسيءَ جي حالت ۾ روزانو سورنھن سورنھن ڪلاڪ
مطالعو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ان ڪري ھو مقامي
سياستدان کان قومي سطح جي شخصيت ۾ بدلجي ويو ۽ پاڻ
کي ايتري وڏي اھميت وارو ڪري ڇڏيو جو اخبار
”نيويارڪ ٽائيمز“ سندس باري ۾ لکيو تھ ھو نيويارڪ
۾ سڀني کان وڌيڪ محبت ڪندڙ باشندو آھي. اسان اسمٿ
جي ڳالھھ پيا ڪريون.
ان کان پوءِ اسمٿ سياسي تعليم ڏيڻ جي باري ۾
پنھنجو پروگرام شروع ڪيو. ھو رياست نيويارڪ ۾
حڪومت ٺاھڻ جي سلسلي ۾ حرف آخر سمجھيو ويندو ھو.
ھو چار ڀيرا نيويارڪ رياست جو گورنر چونڊيو ويو،
جيڪو ان وقت رڪارڊ ھو ۽ ڪوبھ شخص انھيءَ عھدي تي
ايترا ڀيرا ڪونھ چونڊيو ويو ھو.
1928ع
۾ ھو ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ پاران آمريڪا جي صدر جي
چونڊ لاءِ اميدوار ھو. ھاورڊ ۽ ڪولمبيا سميت
آمريڪا جي ڇھن يونيورسٽين ھن شخص کي اعزازي ڊگريون
ڏنيون، جيڪو ڪڏھن گريڊ اسڪول کان اڳتي ڪونھ وڌي
سگھيو ھو.
پاڻ، اسمٿ جو چوڻ آھي تھ جيڪڏھن ھو سورنھن ڪلاڪ
روزانو سخت محنت نھ ڪري ھا تھ ڪڏھن بھ اھي سموريون
ڪاميابيون ماڻي ڪونھ سگھي ھا. مون جيترو عظيم
تاريخي شخصيتن جي ڪارنامن جو مطالعو ڪيو، ان ڳالھھ
جو اوترو ئي يقين ٿيندو ويو تھ اھي سمورا ماڻھو
شروعات ۾ وڏين ڏکين حالتن جو مقابلو ڪري منزل
تائين پھتا. جھڙي طرح وليم جيمز جو چوڻ آھي تھ:
”اسان جون پنھنجيون ڪمزوريون ڪڏھن ڪڏھن بنان ڪنھن
توقع جي اسان جي مدد ڪنديون آھن.“ ملٽن جو مثال
وٺو. ھو انڌو ھيو، پر ان ھوندي بھ ھن سٺيون نظمون
لکيون ۽ اھڙيءَ طرح ميٿون پنھنجي وقت ۾ بھترين
موسيقي ترتيب ڏني، توڻي جو پاڻ ٻڌي ڪونھ سگھندو
ھو.
ھيلن ڪيلر جو مثال وٺو. سندس ڪم ايتري قدر تابناڪ
نھ ٿئي ھا، جيڪڏھن پاڻ گونگي ۽ انڌي نھ ھجي ھا.
چيڪو وسڪي جيڪڏھن شاديءَ جو ڏک نھ ڏسي ھا ۽
تقريبًا آپگھات ڪرڻ جھڙو نھ ٿئي ھا تھ ڪڏھن بھ
Symphonic Pathetigue
جھڙو لازوال شاھڪار ڪمپوز ڪونھ
ڪري سگھي ھا.
جيڪڏھن ٽالسٽاءِ ۽ ڊوسٽوسڪي جن پنھنجي زندگيءَ ۾
در در جون ٺوڪرون نھ کائن ھا ۽ سور نھ سھن ھا تھ
پنھنجا لازوال ناول لکڻ ۾ ڪڏھن بھ ڪامياب ڪونھ ٿي
سگھن ھا.
چارلس ڊارون، جنھن زندگيءَ بابت سائنسي نظريئي کي
بلڪل بدلائي ڇڏيو، پاڻ تسليم ٿو ڪري تھ سندس
ڪمزورين غير متوقع طور سندس مدد ڪئي ۽ ھو ھڪ وڏو
ڪارنامو انجام ڏئي سگھيو.
جنھن ڏينھن ڊارون انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو، انھيءَ
ڏينھن ڪيچو جي جھنگلن ۾ ھڪڙو ٻار ڪاٺين جي گودام ۾
پيدا ٿيو. ان ٻار جو نالو ابراھم لنڪن آھي، جنھن
جي محرومين ۽ ڪمزورين سندس مدد ڪئي ۽ ھو ھڪ
شاھوڪار خاندان ۾ پلندو رھيو. ھارورڊ مان قانون جي
ڊگري حاصل ڪري ۽ ھڪ خوش باش شادي شده زندگي گذاري
ھا تھ گيٽن برگ ۾ ڪڏھن بھ اھي لفظ ڪونھ چئي ھا،
جيڪي ھن دل جي اٿاھ گھرائين سان ادا ڪيا ھئا ۽ نڪي
اھڙو نظم لکي سگھي ھا، جنھن جا خوبصورت لفظ ڪنھن
بھ واڳ ڌڻيءَ واتان ڪونھ نڪتا ھئا. سندس لفظ آھن:
”ڪينو ڪنھن سان ڪونھ، دل جي نرمي سڀ ڪنھن ڪاڻ.“
ھيري ايمرسن فوسڊڪ پنھنجي ڪتاب
The Power to see it through
۾ چوي ٿو تھ: ”سيڪنڊ نيويا جي ملڪن ۾ پھاڪو آھي تھ
اتر وارين ھوائن وائيءَ ڪنگ بنايا.“ جڏھن بھ محفوظ
۽ خوشگوار زندگي گذارڻ جو خيال آيو تھ اسان مان
ھرڪو خوش ٿيو. ان جي ابتڙ اھڙا ماڻھو بھ آھن، جن
کي پاڻ تي رحم ڪرڻ جي عادت ھوندي آھي ۽ اھي آرام
ده نرم صوفي تي ليٽيا پنھنجي محرومين تي روئيندا
آھن. پر تاريخ ۾ سدائين عظيم ماڻھن جي حياتين ۾ ھر
قسم جون سٺيون ۽ بريون، موافق ۽ ناموافق حالتن
ھوندي بھ ڪردار جي پختگي نمايان رھي ۽ انھن خوشيون
سميٽيون، جڏھن انھن پنھنجيون ذميواريون نڀايون.
سمجھو تھ اسان ايتري ھمت ھاري ويٺا آھيون جو
سمجھون ٿا تھ اسان ڪڏھن بھ ڪاميابي ماڻي ڪونھ
سگھنداسون تھ ان وقت ٻن سببن ڪري اسان کي ڪوشش ڪرڻ
کپي. پھريون تھ متان اسان ڪامياب ٿي وڃون، ٻيو تھ
جيڪڏھن اسان ناڪام بھ ٿي وياسون تھ اسان جي ڪوشش
اسان کي پوئتان بدران اڳتي جو دڳ ڏيکاريندي. ان
سان ھاڪاري خيال ناڪاري سوچڻ جي جاءِ والاريندا.
اھي اندر ۾ نئين سگھھ اڀاري اسان کي ايترو مصروف
ڪري ڇڏيندا جو اسان وٽ ماضيءَ ۾ جيڪو وھيو واپريو،
ان تي سوچڻ جو وقت ئي ڪونھ ھوندو ۽ نڪي پنھنجين
ناڪامين تي ندامت ڪرڻ جو.
ھڪڙي ڀيري دنيا جو مشھور وائلن نواز او بي ھل،
پيرس ۾ ٿينڊڙ ھڪ ڪنسرٽ ۾ پنھنجي فن جو مظاھرو پئي
ڪيو تھ اوچتو وائلن جي ھڪ تار ٽٽي پيس. پر ھمت
ڪونھ ھاريائين ۽ رڳو ٽن تارن جي مدد سان وائلن
وڄائي ڪنسرٽ کي ڪامياب ڪيائين.
ايمرسن فوسڊڪ جي لفظن ۾: ”اھا ئي زندگي آھي ۽ اھا
صرف زندگي ناھي، پر ان کان بھ وڌيڪ آھي. اھا
زندگيءَ جي ڪاميابي آھي.“
جيڪڏھن مان ڪري سگھان تھ وليم بوليٿو جي انھن لفظن
کي ٽامي تي اڪرائي ھر اسڪول ۾ ٽنگي ڇڏيان تھ:
”زندگيءَ ۾ سڀني کان اھم اھا ڳالھھ آھي تھ اسان
پنھنجين ڪاميابين تي ڀاڙي نھ ويھون، جيڪو رڳو ڪوئي
بيوقوف ئي ڪندو آھي. اصل اھميت ان ڳالھھ جي آھي تھ
اسان پنھنجين ناڪامين مان لاڀ وٺون. ان لاءِ اھڙي
ذھانت جي ضرورت ھوندي آھي ۽ اھا ئي ڳالھھ ھڪ
ھوشمند ۽ بيوقوف ماڻھوءَ جو فرق ظاھر ڪندي آھي.“
ان ڪري ذھني طرح خوشيون ۽ سڪون حاصل ڪرڻ ڪاڻ اسان
کي قاعدي نمبر6
جي باري ۾ سوچڻ گھرجي، جيڪو ھي
آھي:
”جڏھن قسمت اسان کي ھڪڙو ليمون عطا ڪري تھ ان کي
بھ مڪمل طرح نپوڙي ڇڏڻ گھرجي.“
معنيٰ تھ جيڪڏھن قدرت اسان کي سمجھھ عطا ڪري تھ ان
مان ڀرپور فائدو وٺڻ گھرجي.
ارڙھون باب
چوڏھن ڏينھن اندر بيچينيءَ جو ڪيئن خاتمو ٿئي ٿو؟
جڏھن مون ھي ڪتاب لکڻ شروع ڪيو تھ مون ھڪ اھڙي
سچيءَ ۽ پر اثر ڪھاڻيءَ لاءِ ٻھ سؤ ڊالر نقد انعام
جي آڇ ڪئي، جنھن ۾ اھو ٻڌايو ويو ھجي تھ مون
پريشانين تي ڪيئن قابو پاتو؟
ان واسطي ئي جج مقرر ڪيا، جن مان ھڪڙو ايسٽرن ايئر
لائين جو صدر ايڊي رڪنبيلر لنڪن ميموريل
يونيورسٽيءَ جو صدر ڊاڪٽر اسٽورن ۽ ريڊيو جو ھڪ
تبصره نگار ايڇ وي ڪالٽن بورن ھئا. مون کي بيشمار
ڪھاڻيون مليون پر انھن ۾ ٻھ اھڙيون ڪھاڻيون ھيون،
جن بابت ٽيئي جج ڪنھن بھ فيصلي تي ڪونھ پھچي سگھيا
تھ انھن ۾ بھترين ڪھاڻي ڪھڙي ھئي؟ تنھن ڪري اسان
انعام کي ٽن حصن ۾ ورھائي ڇڏيو. ھتي انھن مان
اوھان آڏو ھڪ ڪھاڻي پيش ڪريان ٿو. ھيءَ ڪھاڻي اسان
کي ميسوري رياست ۾ موٽر ڪاريون وڪڻندڙ ھڪ شخص سي
آر برٽن موڪلي، جنھن جو تفصيل ھن طرح آھي:
منھنجي عمر جڏھن نو سال ھئي تھ منھنجي ماءُ وڃائجي
ويئي ۽ ٻارنھن سالن جي عمر ۾ والد جو انتقال ٿي
ويو. امان سودو سود وٺڻ گھران نڪتي ھئي. ان سان
منھنجيون ٻھ ننڍيون ڀينرون بھ ساڻ ھيون. اھو ڏينھن
۽ اڄوڪو ڏينھن، مون امڙ ۽ ڀيڻن کي ڪونھ ڏٺو آھي.
امان جي گھران وڃڻ کان ٽي سال پوءِ بابو ھڪ حادثي
۾ ھلاڪ ٿي ويو. منھنجي والد ھڪ ڀائيواري ڪري
ميسوريءَ ۾ ھڪڙو ھوٽل خريد ڪيو ھو. جڏھن منھنجو
پيءُ ڪاروباري دوري تي شھر کان ٻاھر ويل ھو تھ
پارٽنر ھوٽل وڪڻي گم ٿي ويو ھو. بابي جي ھڪ دوست
کيس تار موڪلي تھ جلدي موٽي اچ، پر رستي ۾ ئي سندس
ڪار کي حادثو پيش آيو ۽ ھو فوت ٿي ويو. منھنجي
پيءُ جون ٻھ ڀينرون جيڪي بيمار ۽ غريب ھيون، ٽن
ٻارن کي گھر ڏي وٺي ويون. مون کي ۽ منھنجي ڀاءُ کي
ڪنھن بھ سھارو ڪونھ ڏنو ۽ اسان ٻئي شھر وارن جي
رحم ڪرم تي رھجي وياسون. اسان سان يتيمن جھڙو
ورتاءُ ڪيو پئي ويو. ڪجھھ ڏينھن ھڪ غريب ڪٽنب سان
گڏ رھيس، پر ٿوري وقت ۾ ئي آڪھھ جي وڏي جي نوڪري
ويندي رھي. مون لاءِ اتي رھڻ مشڪل ٿي ويو. ان کان
پوءِ مسٽر ۽ مسز لوفٽن شھر کان يارنھن ميل پري
پنھنجي زرعي زمين تي وٺي ويا. ستر سالن جو مستڙ
لوفٽن بيماريءَ سببان بستري تي پيو ھوندو ھو. ھن
چيو تھ جيستائين مان ڪوڙ نھ ڳالھايان، چوري نھ
ڪريان ۽ سندس حڪم مڃيندو رھان تھ ساڻس گڏ رھي
سگھان ٿو. منھنجي لاءِ اھي ٽيئي حڪم انجيل مقدس جو
درجو حاصل ڪري ويا ۽ مون انھن تي سختيءَ سان عمل
ڪيو. مون اسڪول وڃڻ شروع ڪيو، پر اتان جي ٻارن
يتيم ڇوڪرو سمجھي چيڙائڻ شروع ڪيو. ڪوئي مون کي
ٿلھي نڪ وارو چئي چيڙائيندو ھو. پھرين ھفتي ۾ ٻارن
وانگر روئيندو رھيس ۽ پوءِ پنھنجي بي عزتي سھي
ڪونھ سگھيس ۽ انھن ٻارن سان وڙھي پيس. پوءِ مون کي
مسٽر لوفٽن سمجھايو تھ وڏا ماڻھو ويڙھھ جھيڙي کان
بچي ھلندا آھن. وڙھڻ جھڙن ننڍن ماڻھن جو ڪم آھي.
پر ھڪ ڏينھن تھ حد ٿي وئي. ھڪڙي ڇوڪري اسڪول ۾
منھنجي منھن تي گپ ملي ڇڏي. مون کيس ڏاڍو ڪٽيو. ان
کان پوءِ ڪجھھ ڇوڪرا منھنجا دوست بڻجي ويا.
مسٽر لوفٽن ھڪ ڏينھن مون لاءِ ھڪ نئون ٽوپلو وٺي
آيو، جيڪو مون کي ڏاڍو پسند آيو. ھڪ ڏينھن اھو
پائي اسڪول ويس. اتي مٿئين ڪلاس جي ھڪ ڇوڪريءَ
منھنجو ٽوپلو پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو.
مان اسڪول ۾ ڪڏھن ڪونھ رنس، پر گھر اچي ڏاڍو رنس.
مسٽر لوفٽن مون کي صلاح ڏني تھ پنھنجن دشمنن کي
دوست بنائڻ تي ڌيان ڏيان تھ منھنجيون سموريون
پريشانيون ۽ تڪليفون ختم ٿي وڃن. ھن چيو تھ جيڪڏھن
مان ان ۾ دلچسپي وٺان ۽ اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريان تھ
مان انھن ڪاڻ ڇا ٿو ڪري سگھان؟ تھ اھي مون کي ڪونھ
ستائيندا ۽ تپائيندا. مون اھا نصيحت ڳنڍ ۾ ٻڌي.
مون پڙھائيءَ ۾ دل لڳائي محنت ڪئي ۽ پنھنجي ڪلاس ۾
پھريون نمبر آيس ۽ مون پنھنجي جڏن دوستن جي
پڙھائيءَ ۾ مدد ڪرڻ شروع ڪئي.
مون پنھنجن ڪيترن دوستن کي مضمون لکڻ ۾ مدد ڪئي.
ڪن دوستن ڪاڻ سندن تقريرون لکيم. ھو مون کي عرض
ڪندا ھئا تھ ان باري ۾ ڪنھن کي نھ ٻڌايان تھ سندن
مدد ڪندو آھيان. ھڪ ڇوڪري ڪاڻ مون ڪتاب تي تبصرو
لکيو ۽ ھڪ ڇوڪريءَ جي حسابن ۾ مدد ڪئي.
ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ اسان جي پاڙي ۾ فوتي ٿي پئي.
ٻھ ڪراڙا ھاري گذاري ويا. ھاڻي اتي رھندڙ چئن
ڪٽنبن ۾ مان اڪيلو مرد ھوس. مان ٻن سالن تائين
انھن بيواھن جي مدد ڪندو رھيس. اسڪول کان موٽڻ کان
پوءِ سندن ٻنيءَ تي بيھندو ھوس. انھن ڪاڻ ڪاٺيون
ڪندو ھوس، ڍور ڏھندو ھوس، ڍورن کي گاھ ۽ پاڻي
ڏيندو ھوس. ھاڻي مان زحمت بدران رحمت بڻجي چڪو ھوس
۽ ھر ڪو مون کي دوست بنائڻ چاھيندو ھو. اسڪول کان
پوءِ بحريھ ھليو ويس. جڏھن موڪل تي موٽيس تھ ڳوٺ
جي ماڻھن کليل دلين سان آجيان ڪئي. لڳ ڀڳ ٻھ سؤ
ماڻھو ھئا، جن مان ڪي تھ اسي ميلن کان منھنجي اچڻ
جو ٻڌي آيا ھئا. مان ڏاڍو خوش ھوس. گذريل تيرنھن
سالن ۾ ھڪ ڀيرو بھ مون کي يتيم ڇوڪرو ڪونھ ڪوٺيو
ويو ھو. آفرين ھجي سي اين برٽن کي، ھو دوست بنائڻ
ڄاڻي ٿو ۽ اھو بھ سمجھي ٿو تھ پريشانين تي ڪيئن
ضابطو رکي؟ ڪيئن زندگيءَ مان لطف ورتو وڃي؟
واشنگٽن ۾ سيٽل ۾ رھندڙ ڊاڪٽر مرحوم فرينڪ لوب بھ
ائين ڪيو. ھو ٽيويھن ورھين جي ڄمار ۾ بلڪل بيڪار
ھيو، پر ان ھوندي بھ ”سيٽل اسٽار“ جي شاگرد وائيٽ
ھائوس مان مون کي لکيو تھ ھن ڪئين ڀيرا ڊاڪٽر لوپ
کان انٽرويو ورتا آھن ۽ کيس سدائين اھڙو انسان
٠ٺو، جيڪو بي لوث آھي ۽ جنھن زندگي کان گھڻو ڪجھھ
حاصل ڪيو آھي.
ھتي اھو سوال پيدا ٿو ٿئي تھ بستري تي ليٽيل ھڪ
معذور شخص ڪيئن ٿو زندگيءَ ۾ ايترو ڪجھھ حاصل ڪري
سگھي؟ اوھان اندازو لڳايو تھ ڇا ھو پنھنجي حالت
زار جي شڪايت ڪري ٿو ۽ قدرت تي نڪتھ چيني ڪري ٿو؟
يا وري ان ڳالھھ جي اميد رکي ٿو تھ جيڪر ڪنھن جي
نگاھن جو مرڪز ھجي يا نھ ھجي؟ بلڪل ڪونھ! ھن پرنس
آف ويلز جي مقولي تي ھلڻ گھرجي تھ: ”مون کي خدمت
ڪرڻي آھي“ ان ڪري پاڻ جھڙن بي شمار معذور ماڻھن
جون ايڊرسون معلوم ڪري انھن کي خط لکڻ شروع ڪري،
سندن حوصلھ افزائي ڪيائين. حقيقت ۾ ھن معذورن کي
خطن لکڻ جو ھڪ ڪلب بنايو ۽ نيٺ قومي سطح تي معذورن
جي ھڪ سوسائٽي بنائڻ ۾ سڦلو ٿيو.
ھو بستري تي ليٽيو سال ۾ لڳ ڀڳ چوڏھن سؤ خط لکندو
ھو ۽ ھزارن معذورن کي موئٽيءَ پاران سندن دل
وندرائڻ ڪاڻ ڪتاب، اخبارون ۽ ريڊيو سيٽ اماڻيندو
ھو. ڊاڪٽر لوب ۽ ان جھڙن بيشمار ماڻھن ۾ اھو ئي
فرق ھيو. ڊاڪٽر لوب اندر ڪجھھ ڪرڻ جو جذبو ۽ مقصد
ھو. کيس خبر ھئي تھ ھو انسانيت لاءِ جيڪي ڪجھھ ڪري
پيو، اھو سندس ذات کان بيحد بلند آھي ۽ ان پنھنجي
ذات کي پاڻ جھڙن ۾ خوشيون ورھائڻ ڪاڻ وقف ڪري
ڇڏيو.
ھتي ھڪ ڳالھھ نقل ڪريون ٿا، جيڪا گھڻي حيران ڪندڙ
آھي. عظيم نفسيات دان الفرڊ ايڊلر پنھنجي
ماليخوليا جي مريضن کي چوندو ھو تھ ڇڙن چوڏھن
ڏينھن ۾ اھي پنھنجي بيماريءَ تي قابو پائي سگھن
ٿا. جيڪڏھن اھي سندس ٻڌايل نسخي تي عمل ڪندا رھن.
سندس نسخو ھو تھ: ”روزانو اھو سوچڻ جي ڪوشش ڪريو
تھ ڪھڙيءَ طرح سان اوھان ٻين کي خوش رکي سگھو ٿا؟“
اھو بيان ايترو تھ ڀرپور آھي جو ھتي اسان الفرڊ
ايڊگر جي ڪتاب
What life sluovld mean to you?
جا اقتباس پيش ڪريون ٿا.
ماليخوليا ٻين جي خلاف ڏک ۽ ڪاوڙ جي ھڪ ڊگھي لڙھي
آھي، جنھن جو مقصد توجھ، ھمدردي ۽ حمايت حاصل ڪرڻ
ھوندو آھي. ان ۾ مريض پنھنجي ئي ڪنھن ڳالھھ سببان
افسوس ڪندو رھندو آھي. ماليخوليا جي مريضن جي ياد
داشت ۾ عام طور اھڙيون ڳالھيون ھونديون آھن تھ مان
صوفي تي سمھڻ چاھيان ٿو، پر اتي منھنجو ڀاءُ ستو
پيو آھي. مون زور زور سان رڙيون ڪيون تھ ان کي
اتان اٿڻو پيو. ماليخوليا جا مريض گھڻو ڪري پاڻ
کان پلاند ڪرڻ لاءِ آپگھات جي ڪوشش ڪندا آھن ۽
ڊاڪٽر جو پھريون ڪم اھو ھوندو آھي تھ کيس ريھي
ريبي ان کان باز رکي. سندس علاج ڪاڻ پھرين ڳالھھ
اھا آھي تھ اھو اھڙو ڪم ڪونھ ڪري، جيڪو اوھان کي
اڻ وڻندڙ ھجي. جيتوڻيڪ اھو معمولي پيو لڳي، پر پڪ
اٿئون تھ سڄي برائيءَ جي پاڙ آھي. جيڪڏھن
ماليخوليا جو مريض چاھي تھ اھو ڪجھھ ڪرڻ جھڙو آھي
تھ ڪنھن کي الزام ڏئي سگھجي ٿو تھ کيس پاڻ کان
بدلو وٺڻ سان ڇا حاصل ٿيندو؟
مون ماليخوليا جي ھڪ مريض کان پڇيو تھ ڇا تون ٿيٽر
ڏانھن وڃڻ چاھين ٿو؟ موڪل اٿئي ھليو وڃ. جيڪڏھن دڳ
ويندي تو محسوس ڪيو تھ تون ائين ڪونھ ٿو چاھين تھ
موٽي اچ. ان قسم جي صورتحال سان بھ منھن ڏيڻو
پوندو آھي. کڻي ڪير بھ ھجي. ان سان برتريءَ جي
احساس واريءَ ڪوشش جي تسڪين ٿيندي آھي. ھو خداوند
وانگر (نعوذ بالله) ھر ڪم ڪري سگھندو آھي، جيڪو
چاھيندو آھي. ان جي ابتڙ ھو وڏيءَ آسانيءَ سان
ائين ڪونھ ڪري سگھندو آھي، ھو برتري يا ڌاڪو پسند
ڪندو آھي ۽ ٻين تي الزام مڙھيندو آھي تھ جيڪڏھن
اھي ساڻس متفق آھن تھ پوءِ برتريءَ جو سوال باقي
نٿو رھي. اھو ئي ڏاڍو عمدو قاعدو آھي ۽ مان پنھنجن
مريضن مان ڪنھن کي بھ آپگھات ڪندي ڪونھ ٻڌو آھي.
چوڏھن ڏينھن جي علاج کان پوءِ اھي وڏي خوشي واري
زندگي گذاريندا آھن.
ماليخوليا جو مريض عام طور تي پڇندو آھي تھ ”مان
ڇا ڪريان؟“ مان ان ڪاڻ تيار ھوندو آھيان، ڇو تھ
سوين ڀيرا اھو ٻڌي چڪو آھيان. مان جواب ڏيندو
آھيان تھ ”ھو جيڪي نٿو چاھي، ان کان پري رھي.“
اڪثر موقعن تي مريض ورندي ڏيندو آھي تھ: ”مان سڄو
ڏينھن ھنڌ تي ستو پيو ھوندس.“ جيڪڏھن مان کيس ان
جي اجازت ڏئي ڇڏيان تھ ھو گھڻي دير بستري تي رھڻ
ڪونھ چاھيندو ۽ مان اھو بھ سمجھان ٿو تھ جيڪڏھن
سندس مخالفت ڪندس تھ ھو مون سان اٽڪي پوندو، ان
ڪري مان ساڻس سدائين اتفاق ڪندو آھيان.
اھو ھڪڙو اصول آھي. ڪيترا ئي مريض پنھنجي رھڻيءَ
ڪھڻيءَ تي سڌو سنئون حملو ڪندا آھن. مان کين
ٻڌائيندو آھيان تھ جيڪڏھن منھنجو چيو مڃن تھ چوڏھن
ڏينھن اندر اندر ٺيڪ ٿي ويندا. منھنجي نسخي تي عمل
ڪن ۽ روزانو اھو سوچڻ جي ڪوشش ڪن تھ ”اھي ٻين کي
ڪھڙيءَ طرح خوش رکي سگھن ٿا؟“ ان نسخي جو مٿن اھو
اثر ٿيندو آھي جو سوچن ۾ گم ٿي ويندا آھن. انھن
مان ڪي پڇندا آھن تھ اسان ڪنھن کي ڪيئن ٿا ناراض
ڪري سگھون؟ يا اسان تھ ڪنھن کي بھ ناراض ڪندا ئي
نھ آھيون. ڪيترا چوندا آھن تھ مون ڪاڻ اھو سولو ڪم
آھي. مان سموري زندگي ٻين کي خوش ڪندو رھندس.
جيتوڻيڪ ائين ڪڏھن ڪونھ ٿيندو آھي. مان کين چوندو
آھيان تھ ان تي ويچار ڪريو. اھي غور ڪونھ ڪندا
آھن. مان کين ٻڌائيندو آھيان تھ جيڪڏھن اوھان سمھڻ
چاھيو ۽ سمھي نھ سگھو تھ پنھنجو سمورو وقت اھو
سوچيندي گذاري ڇڏيو تھ اوھان ٻين کي ڪيئن ٿا خوش
رکي سگھو؟ ۽ اھو ئي اوھان جي صحت جي وڌيڪ بھتريءَ
ڏانھن ھڪ وڏو قدم ھوندو. مان جڏھن اھڙن مريضن کي
ٻيھر ڏسندو آھيان تھ انھن کان پڇندو آھيان تھ: ”ڇا
انھن اھو سڀ ڪجھھ سوچيو، جيڪو مان انھن لاءِ تجويز
ڪيو ھو؟“ اھي ورندي ڏيندا آھن تھ گذريل رات جيئن
ئي ھنڌ تي ليٽياسون، ننڊ کڻي ويئي. سڀ ڪجھھ پر
وقار نموني سان برتري جو احساس ڏيارڻ کان سواءِ
دوستاڻي انداز ۾ ڪرڻ گھرجي.
ڪو جواب ڏيندو آھي تھ مان ائين ڪري ڪونھ سگھيس.
مان ڏاڍو پريشان ھوس. مان جواب ڏيندو آھيان تھ
پريشان ٿيڻ ڇڏي ڏيو ۽ انھيءَ سان گڏ ٻين جي باري ۾
بھ سوچيو. ڪي پڇندا آھن تھ اسان ٻين کي ڇو خوش
ڪريون؟ ٻيا تھ اسان کي خوش ڪونھ رکندا آھن. مان
جواب ڏيندو آھيان تھ کين پنھنجي صحت جو خيال رکڻ
گھرجي نھ تھ ٻياپو ۽ نقصان ڀوڳيندا. ائين شايد ئي
ڪڏھن ٿيو ھجي جو ڪنھن مريض اھو چيو ھجي تھ ان
منھنجي صلاح جي باري ۾ سوچيو ھو. منھنجيون سموريون
ڪوششون مريضن جي سماجي دلچسپين کي وڌائڻ لاءِ وقف
ھونديون آھن. مان ڄاڻان ٿو تھ سندن بيزاريءَ جو
اصل سبب انھن اندر تعاون جي جذبي جي کوٽ آھي ۽ مان
کين صلاح ڏيندو آھيان تھ پنھنجي اندر اھو جذبو
پيدا ڪندا آھن تھ سندن علاج ٿي ويندو آھي. مذھب
اسان کي جيڪو اھم ڪم سونپي ٿو، اھو اھو ئي آھي تھ
پنھنجي پاڙيسرين جو خيال رکو. اھي اسان ئي ھوندا
آھيون، جيڪي ٻين جي مسئلن کي نھ سمجھڻ جي ڪوشش
ڪندا آھيون، بلڪھ انھن جي مشڪلن ۾ واڌاري جو ڪارڻ
بنجون ٿا ۽ اھي ئي ماڻھو ھوندا آھن، جن کان سمورين
انساني ناڪامين جي شروعات ٿيندي آھي. ڪنھن فرد کان
اسان اھو چاھيون ٿا ۽ وڌ ۾ وڌ تعريف جيڪا اسان ڪري
سگھون ٿا، اھا رڳو ھيءَ آھي تھ اھو ھڪ سٺو ھمدرد ۽
تعاون ڪندڙ ماڻھو ھجي، سڀني جو دوست ھجي ۽ محبت ۽
شادي ۾ مٺو ساٿي ثابت ٿئي.
ڊاڪٽر ايڊ لراسان تي زور ٿو ڏئي تھ ھر روز ھڪ نيڪ
ڪم ڪريون ۽ ھڪ نيڪ ڪم ڪھڙو آھي؟ پيغمبر ' فرمايو
آھي: ”ٻين جي مکڙن تي مسڪراھٽن جا گل ورکايو.“
روزانو ھڪڙو نيڪ ڪم ڪرڻ واري تي ھڪ حيران ڪندڙ اثر
ٿيندو آھي، ڇاڪاڻ تھ ٻين کي خوش رکڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ
کي وساري ويھندو ۽ اھڙيءَ طرح پنھنجين پريشانين ۽
خوفن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.
مسز وليم تي مون جيڪا نيويارڪ ۾ مون سان سيڪٽر
ھربل اسڪول ھلائيندي آھي، ٻن ھفتن کان وڌيڪ اھو
سوچڻ ۾ نھ لڳو تھ ھوءَ ماليخوليا کان نجات حاصل
ڪرڻ ڪاڻ ڪنھن کي ڪيئن خوش ڪري؟ ھن ماليخوليا مان
چوڏھن ڏينھن ۾ نھ پر ھڪڙي ڏينھن ۾ ڇوٽڪارو حاصل
ڪري ورتو جو ھوءَ ٻين کي ڪيئن خوش رکندي ۽ ھن
يتيمن جي باري ۾ سوچيو.
مسز مون ٻڌايو تھ پنج سال اڳ ھڪڙي ڀيري مون محسوس
ڪيو تھ افسوس ۽ پاڻ تي رحم ڪرڻ وارن جذبن ۾ وڪوڙجي
وئي آھيان. ڪيترن سالن جي خوشگوار ازدواجي زندگي
گذارڻ کان پوءِ منھنجو خاوند گذاري ويو. جڏھن
ڪرسمس جون موڪلون آيون تھ منھنجي اداسيءَ ۾ اضافو
اچي ويو. مون سڄي زندگي اڪيلي ڪرسمس ڪانھ ملھائي
ھئي. منھنجن دوستن مون کي پاڻ سان ڪرسمس ملھائڻ جي
دعوت ڏني، پر ان مان مون کي ڪائي خوشي ڪانھ ٿي.
مون کي اندازو ھو تھ ان قسم جي پارٽين ۾ مان بور
ڪندڙ عورت شمار ٿيندس. ان ڪري مون اھي خلوص ڀريون
دعوتون ٺڪرائي ڇڏيون. جڏھن ڪرسمس جو ڏھاڙو آيو تھ
مان وڌ ۾ وڌ محرومين ۾ وٺجي ويئي ھيس. پر اھو درست
آھي تھ اسان کي گھڻين شين ۽ ڳالھين جو سڪار ٿيڻ
گھرجي. ڪرسمس کان ھڪ ڏينھن اڳ ۾ منجھند جو ٽين وڳي
آخر مان ٻاھر نڪتس ۽ بنان مقصد ففٽ اوينيو ۾ گھمڻ
شروع ڪيم. مون کي اميد ھئي تھ مان پاڻ تي رحم کائڻ
واري جذبي ۽ ماليخوليا کان نجات وٺي سگھندس. ڪرسمس
جي تقريبن ڪري اوينيو تمام خوبصورت نموني سجايو
پيو ھو ۽ اتي چؤ طرف ٻرندڙ رنگين بلب ھئا، جتان
گذرندي پوين سالن جون ياديون تازيون ٿينديون ويون.
مان پنھنجي ھيکلي اپارٽمنٽ وڃڻ وساري ويٺس. مان
بلڪل حيران رھجي ويس. مون کي قطعي سمجھھ ڪانھ آئي
تھ مان ڇا ڪريان؟ مان پنھنجا لڙڪ روڪي ڪونھ پئي
سگھيس. تقريبًا ھڪ ڪلاڪ بنان مقصد مٽر گشت ڪرڻ کان
پوءِ ھڪ بس ٽرمينل وٽ وڃي پھتس. مون کي ياد آيو تھ
مڙس سان گڏجي ڪڏھن ڪنھن بس ۾ ائين ئي ويھندي ھيس ۽
آخري اسٽاپ تي لھي ويندي ھئس. مان سامھون بيٺل
پھرينءَ بس ۾ چڙھي ويٺس. ھڊسن ؟؟ ڪڏھن آئي؟ ڪڏھن
گذري وئي؟ مون کي ڪا سمڪ ڪانھ ھئي. مان رڳو پنھنجن
پورن ۾ مگن ھئس جو اوچتو بس ڪنڊيڪٽر جي آواز
منھنجي سوچن جو سلسلو ٽوڙي وڌو: ”خاتون! بس جو
آخري اسٽاپ اچي ويو آھي.“ مان بس مان لھي ويس. ان
جاءِ جو نالو بھ ڪونھ ايندو ھوم. پر ھڪ سڪون ڀري
جاءِ ھئي. ٻيءَ بس جو انتظار ڪندي مان رھائشي
علائقي ڏانھن نڪري ويس. ھڪ گرجا وٽان گذريس تھ ان
۾ اندر گھڙي ويس. گرجا ۾ آرگن وڄائيندڙ کان سواءِ
ڪوئي ڪونھ ھو. سندن ڌيان ڪرڻ کان سواءِ ھڪ بئنچ تي
وڃي ويٺس. گرجا کي اندران سھڻي نموني سجايو ويو
ھو. ڪرسمس جي وڻ تي لڳل ننڍا ننڍا بلب آسمان جي
تارن جو ڏيک پيا ڏين. مان ان خوبصورت منظر ۾ گم ٿي
وساري ويٺس تھ مون صبح کان ڪجھھ ڪونھ کاڌو ھو. ان
سان مون کي گھل اچي وئي ۽ سمھي پيس.
سمھي اٿيس تھ مون کي ڪا ڪل ڪانھ ھئي تھ ڪاٿي
آھيان؟ مون پنھنجي آڏو ٻن ٻارڙن کي ڏٺو جيڪي ڪرسمس
ٽري ڏسڻ آيا ھئا. انھن مان ھڪ ٻارڙيءَ مون ڏي آڱر
کڻي ڪجھھ چيو پئي. جڏھن مان جاڳيس تھ اھي ٻار
سھميل ھئا. مون ٻارن کي ٻڌايو تھ کين مون کان ڊڄڻ
جي ضرورت ناھي. ٻارن جا ڪپڙا خراب ھئا. مون
پڇيومان تھ انھن جا ماءُ پيءُ ڪاٿي آھن؟ انھن جواب
ڏنو تھ گذاري ويا آھن. منھنجي آڏو ٻھ اھڙا يتيم
ٻار بيٺا ھئا، جن جون محروميون مون کان گھڻيون
وڌيڪ ھيون. ھنن جي حالت زار مون کي شرمندو ڪري
وڌو. مون کين ڪرسمس جو وڻ ڏيکاريو ۽ پوءِ ڪجھھ
کاڌي پيتي جون شيون وٺي ڏنيون. مون انھن لاءِ
مٺائي ۽ ڪجھھ تحفا خريد ڪيا. ان بعد ڄڻ تھ منھنجي
ھيکلائپ ختم ٿي ويئي. انھن يتيمن مون کي ايتري
خوشي ۽ آٿت ڏنو، جھڙو مون کي مھينن ۾ ڪڏھن مس
ملندو ھو. مون ساڻن ڳالھيون ڳرھيون. محسوس ٿيم تھ
مان ڀاڳ واري آھيان. مون خدا پاڪ جو شڪر ڪيو تھ ھڪ
ٻار جي عمر ۾ منھنجي عمر ماءُ پيءُ سان گذرندي
ھئي، جيڪي مون سان محبت ڪندا ھئا. انھن ٻارن مون
کي جيڪي ڏنو، ان جو بدلو ڏئي ڪونھ پئي سگھيس.
ان تجربي مون کي ان ضرورت جو احساس ڏياريو تھ ٻين
۾ خوشيون ورھائڻ سان پاڻ بھ خوش رھبو آھي. محسوس
ٿيو تھ اھا خوشي اثرائتي آھي. ڪجھھ ڏئي ڪجھھ وٺي
سگھجي ٿو. ڪنھن جي مدد ڪري، کيس پيار ۽ توجھ ڏئي
مون پنھنجين محرومين ۽ پريشانين جي مداوا ڪئي ھئي.
ھاڻي مون پاڻ کي اڳ کان بھتر ۽ نئين عورت محسوس
پئي ڪيو. |