ھر ڏينھن ڏکڻ ۾ گذرندو ھو. لڳندو ھو تھ دنيا ۾ ھر
ڪنھن مون کي تباه ڪيو آھي، تانجو خدا بھ (نعوذ
بالله) دل پئي چئي تھ درياءَ ۾ ٽپو ڏيان ۽ پنھنجي
حياتي پوري ڪيان.
مون ٽرپ سان گڏ فلوريڊا وڃڻ جو ارادو ڪيو. شايد
منظر جي مٽجڻ سان منھنجي اندر ۾ ڪا تبديلي اچي.
مان فلوريڊا پھتس. مون کي ھوٽل ڪونھ ملي سگھيو،
تنھن ڪري سمھڻ لاءِ ھڪ گيراج ڪرائي تي ورتم. مون
ميامي
Miami
کان ٻاھر ٽرانپ ۾ نوڪري ڪرڻ
چاھي پر ڀاڳ ڪونھ ڀرايو. ان ڪري مون سمنڊ ڪناري
وقت گذاري ڪئي.
فلوريڊا ۾ رھي مان گھر کان بھ وڌيڪ پريشان ٿيس تھ
ابي طرفان لکيل خط کولي پڙھڻ لڳس. لکيو ھئائون تھ:
”پٽ! گھر کان پندرھن سؤ ميل پري آھين پر پاڻ ۾
تبديلي نٿو سمجھين؟ ڇا ائين ناھي؟ مون ڄاتو پئي تھ
ائين ڪونھ ڪري سگھندؤ، ڇاڪاڻ جو پاڻ سان ھڪ شيءِ
آندي اٿو ۽ اھا ئي پريشاني جي وجھ آھي..... اھا
شيءِ توھان پاڻ آھيو. اوھان جي جسم يا ذھن ۾ ڪوئي
خلل ڪونھي. اھو خلل پنھنجو جوڙيل اٿو. اوھان جي
سوچن اوھان کي اھڙو بنايو آھي. ڪو شخص جيڪي دل ۾
سوچندو آھي، اھڙو ئي بڻجي ويندو آھي. پٽ! جڏھن
اوھان کي احساس ٿي وڃي تھ گھر ھليا اچو...... علاج
پاڻ مرادو ٿي ويندو.“
والد صاحب جي چٺيءَ مون کي ڪاوڙ ڏياري. مون کي
ھدايت جي نھ، ھمدرديءَ جي تلاش ھئي. مان ايترو
پڳلو ھوس جو مون فيصلو ڪيو تھ ڪڏھن گھر ڪونھ
موٽندس. ھڪ ڀيري جڏھن مياميءَ جي گھٽين ۾ ھڪ ڪناري
سان ھليس پئي، رستي ۾ گرجا آئي. واعظ پئي ھليو.
گھٽيءَ رش ھجڻ ڪري مون ٻاھران ئي انجيل پاڪ تي ھي
سبق ٻڌو: ”ڪنھن شھر جي کٽڻ واري شخص کان اھو بھتر
۽ بھادر آھي، جيڪو پنھنجي روح تي غلبو پائي ٿو.“
منھنجي والد بھ خط ۾ مون کي اھا ئي ڳالھھ لکي
ھئي........ اھو سمورو مواد منھنجي ذھن ۾ گڏ ٿي
ويو. زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو آئون ڪا واضح سوچ سوچڻ
جھڙو ٿيس. مون سوچيو تھ مان بھ ڪيڏو نھ پڳلو ھوس.
مون کي روشني ملي چڪي ھئي. ھاڻي مان ساري دنيا ۽
ان ۾ رھندڙ سڀني ماڻھن کي بدلائڻ پئي چاھيو. ضرورت
رڳو منھنجي ذھن جي ڪيمري جي فوڪس ۽ لينس کي بدلائڻ
جي ھئي.
ٻئي صبح تي مان سامان ٻڌو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿي
ويس. ھڪ ھفتي کان پوءِ نوڪريءَ تي موٽي آيس. چئن
مھينن کان پوءِ انھيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪيم، جنھن
بابت خوفزده ھوس تھ شايد منھنجي مقدر ۾ ئي ڪانھي.
اسان ھاڻي پنجن ٻارن سميت خوشگوار زندگي پيا
گذاريون. خدا پاڪ مون سان مادي ۽ ذھني لحاظ کان
بيحر مھربان آھي. بريڪ ڊائون وقت مان ھڪ
18
فردن تي مشتمل ھڪ ننڍڙي فرم ۾
نائيٽ فورمين ھوس. ھاڻي لڳ ڀڳ
450
کان وڌيڪ ماڻھن جي چارج ۾
ھلندڙ ھڪ ڪارٽن مينو فيڪچر جو سپريٽينڊينٽ آھيان.
ھاڻي زندگي وڌيڪ پر لطف ۽ پر سڪون آھي. منھنجو
خيال آھي تھ ھاڻي مان زندگيءَ جي قدرن کي
ساراھيندو آھيان. جڏھن ڪي ڏکيون گھڙيون اچڻ جي
ڪوشش ڪنديون آھن تھ پاڻ کي ڪيمره فوڪس ۾ آڻڻ جو
چوندو آھيان ۽ ھر شيءِ درست ٿي ويندي آھي.
مان ايمان سان چئي سگھان ٿو تھ چڱو ٿيو جو منھنجو
بريڪ ڊائون ٿي ويو. ڇاڪاڻ تھ مشڪل وقت ۾ مون سکيو
تھ سوچون اسان جي جسمن توڙي ذھنن تي ڪيتري قدر
گھرو اثر ڇڏن ٿيون. ھاڻي مان پنھنجين سوچن کي
برخلاف ڪرڻ بدران انھن کان ڪم وٺندو آھيان. مان
ڏسي ٿو سگھان تھ منھنجو والد صاحب درست ئي چوندو
ھو ۽ جڏھن مون کي ٻڌايائين تھ ٻاھرين اثر نھ پر
مون کي منھنجين سوچن اھڙو بنايو آھي. جيئن ئي مون
کي اھو احساس ٿيو، مان ٺيڪ ٿي ويس ۽ ھميشھ ٺيڪ
رھيس.
تھ ھيءُ ھو منھنجي شاگرد جي زندگيءَ جو تجربو.
مان دل جي گھرائين سان ان ڳالھھ جو قائل آھيان تھ
اسان جي خوشين ۽ دل جي سڪون جو دارومدار ان تي
ناھي تھ اسان ڪاٿي آھيون؟ اسان وٽ ڇا آھي؟ اسان
ڪير آھيون؟ پر ان ڳالھھ تي آھي تھ اسان جو ذھن ڇا
آھي؟ ٻاھرين اثرن جو ان ۾ گھٽ دخل آھي. مثال طور
اچو تھ مان اوھان کي بزرگ جان برائون جي باري ۾
ٻڌايان، جنھن کي ھار پرفيري جي جاءِ تي يونائيٽد
اسٽيشن جي قيدين کي برغلائڻ ڪري دار جو سينگار ڪيو
ويو ھو. ھو پنھنجي ڪفن تي ويھي سوري ڏانھن وڌيو.
سندس پوئتان جيلر ڏاڍو نروس ۽ پريشان پيو ڏسجي، پر
پوڙھو برائون ڏاڍو پرسڪون ھو. ورچينيا جي نيرن
پھاڙن کي ڏسندي ھن چيو تھ ڪيترو نھ سھڻو ملڪ آھي.
ھن کان اڳ مون کي ان کي ڏسڻ جو ڪڏھن موقعو نھ مليو
ھو.
يا وري رابرٽ فالڪن اسڪاٽ ۽ سندس ساٿين کي ئي وٺو.
ڏکڻ قطب تي پھچندڙ ھي پھريون انگريز ھو. سندس موٽ
جو سفر دنيا جو سخت ترين سفر ھو. سندس کاڌو ۽ ٻارڻ
سڀ ڪجھھ ختم ٿي چڪو ھو. ھاڻي اھي ھلي بھ ڪونھ پئي
سگھيا، ڇاڪاڻ جو راتو ڏينھان لڳارات آنڌيون، طوفان
پئي آيا ۽ اھي ايتريقدر تيز ھئا جو برف جون ڇپون
ڪٽبيون ۽ ڪرنديون پئي رھيون. اسڪاٽ ۽ سندس ساٿين
سوچيو تھ ھاڻي موت يقيني آھي. اھي اھڙيءَ ئي اوچتي
حالت ڪاڻ پوست جون ڏوڏيون کنيون آيا ھئا. ھو سڄي
پوست ھڪدم وٺي ڊگھي ۽ مٺي ننڊ سمھي پئي سگھيا،
بلڪھ سولائيءَ سان ھن زندگيءَ کان ڇوٽڪارو وٺي پيا
سگھن. پر انھن نشو ڪونھ ڪيو ۽ خوشيءَ جا گيت
ڳائيندا دنيا کان موڪلائي ويا. اسان کي ان ڳالھھ
جو پتو ان طرح پئي ٿو جو اھي پنھنجن برف جھڙن لاشن
وٽ ھڪ الودائي خط ڇڏي ويا، جيڪو اٺن مھينن کان
پوءَ سراغ رسان پارٽيءَ ڏنو. جي ھا! اسان جيڪڏھن
تعميري جرئت وارين ۽ پرسڪون سوچن جي خواھش ڪريون
تھ ڪفن پائي بھ نظارن مان لطف وٺي سگھون ٿا. خيمن
کي خوشيءَ جي گيتن سان سجائي سگھون ٿا ۽ اھو بھ
اھڙي وقت جڏھن بک، اڃ ۽ موت جي منھن ۾ ڌڪيندڙ ٿڌ
سان دوچار ھجون.
ملٽن پنھنجي انڌي پڻ جي حقيقت کي ٽي سؤ سال اڳ ۾
ئي پاتو ھو ۽ ذھن جو پنھنجو مقام آھي. ان ۾ جنت کي
دوزخ ۽ دوزخ کي جنت بنائي سگھجي ٿو.
نپولين ۽ ھيلن ڪيلر ملٽن جي تقليد ھيئن ڪئي:
نپولين وٽ دنيا جي ھر اھا شيءِ ھئي جنھن جي انسان
خواھش ڪري ٿو سگھي...... شان شوڪت، قوت، دولت.
پوءِ بھ ھن سينٽ ھيلينا جي مقام تي چيو: مون
پنھنجي زندگيءَ ۾ ڇھھ ڏينھن بھ خوشيءَ جي شڪل ڪانھ
ڏٺي، جڏھن تھ ھيلن ڪيلر........ انڌي، ٻوڙي ۽
گونگي چيو تھ مون زندگيءَ کي بيحد خوشگوار لڌو
آھي.
جيڪڏھن پنجاھ سال زندگيءَ مون کي ڪجھھ سيکاريو آھي
تھ اھو ھي آھي تھ اوھان کان سواءِ زندگيءَ ۾ ڪائي
شيءِ اوھان کي سڪون ڏيئي نٿي سگھي.
مان رڳو ايمرسن جي مضمون
Self Reliance
جا آخري لفظ ورجائڻ جي ڪوشش
ڪرڻ چاھيان ٿو: سياسي سوڀ ڀاڙي ۾ واڌ، اوھان جي
صحت جي بحالي يا وڇڙيل دوست جي واپسي يا ڪو
ٻاھريون واقعو اوھان جي خوشين کي اڀاري ٿو ۽ اوھان
سوچيو ٿا تھ اوھان جون خوشيون قريب پيون اچن. ان
تي يقين نھ ڪريو. ائين بھ ڪونھ ٿيندو. اوھان کان
سواءِ زندگيءَ جي ڪابھ شيءِ اوھان کي سڪون نٿي ڏئي
سگھي.
ايپڪٽنس
Apictetns
ھڪ عظيم فلسفي تنبيھھ ڪئي تھ:
اسان کي پنھنجي جسم جي رسولي يا ڳوڙھو ڪڍڻ بدران
پنھنجي ذھن جي غلط سوچن کي ٻاھر ڪڍڻ گھرجي.
ايپڪٽنس ھي لفظ اوڻيھھ سؤ سال اڳ ادا ڪيا. ڊاڪٽر
جي ڪينبي رانسن ٻڌايو تھ جان ھابڪنس اسپتال ۾ پنجن
مان چار مريض ذھني دٻاءُ جو شڪار ھوندا آھن.
موٽيگني ھڪ عظيم فرانسسي فلسفي انھن سترھن لفظن کي
زندگيءَ جو اصول بنايو ھو: ”انسان ان سان مجروح
ڪونھ ٿيندو آھي، پر سندس رايو کيس ڪجھھ بنائيندو
آھي“ ۽ اسان جي راءِ اھا آھي تھ ان جو مدار اسان
جي پنھنجي شخصيت تي آھي. پنھنجي سوچ ۽ عمل ۾
ھڪجھڙائي پيدا ڪرڻ گھڻو مشڪل ڪونھي. پاڻ عمل ڪري
ڏسو. پنھنجي مک تي ڪشادگي ۽ مرڪ آڻيو، ڪلھا پوئتي
ڪريو ۽ ڪوبھ گانو ڳايو. ڳائي نٿا سگھو تھ سيٽيءَ ۾
وڄايو. سيٽي نٿا وڄائي سگھو تھ جھونگاريو. خوشيءَ
جون اھي علامتون اسان جي زندگيءَ تي خوشگوار اثر
ڇڏينديون آھن.
اھا ھڪ مسلم حقيقت آھي. مان ڪيليفورنيا ۾ ھڪ عورت
کي سڃاڻان ٿو، جنھن کي ھن راز جو پتو پئي ھا تھ
پنھنجي ھر ھڪ پريشاني کي چوويھن ڪلاڪن اندر ختم
ڪري پئي سگھي. ھوءَ پوڙھي آھي، رن زال آھي. افسوس
جو مقام آھي پر مان ڄاڻان ٿو. پر ڇا اھا خوش رھڻ
جي ڪوشش بھ ڪري ٿي؟ نھ جيڪڏھن اوھان ان کان پڇندؤ
تھ اھا ڪيئن آھي؟ تھ چوندي تھ ادا! ڪجھھ ٺيڪ ٿي
آھيان پر ان جي چھري ۽ آواز مان ائين لڳي ٿو ڄڻ تھ
الله تعاليٰ صرف کيس ئي ڪنھن مصيبت ۾ ڦاسايو آھي.
ھوءَ ظاھر ڪندي تھ ڄڻ وڏين وڏين مصيبتن ھوندي بھ
ماڻھن ۾ خوش نظر پئي اچي. دنيا ۾ سوين عورتون ان
کان بھ بدتر حالتن ۾ پيون، جيئن: سندس مڙس ايتري
انشورنس پويان ڇڏي ويو آھي جو باقي سموري حياتي
آرام سان گذاري سگھي. ٻار پرڻائي چڪي آھي، مگر مون
ان جي مک تي ڪڏھن مرڪ ڪانھ ڏٺي آھي. شڪايت ڪندي
آھي تھ سندس ٽئي داماد ڏاڍا ظالم ۽ خود غرض
آھن..... توڻي جو ھڪ ھڪ وٽ مھينن جا مھينا
گذاريندي آھي. چوندي آھي تھ سندس ڌيئون ڪڏھن تحفا
ڪونھ ڏينديون آھن....... توڻي جو پنھنجي دولت وڏي
احتياط سان گڏ ڪيون رکندي آھي ۽ چوندي آھي تھ ھي
پنھنجي ڪراڙپ ڪاڻ آھي...... ڇا کيس ائين ئي ڪرڻ
گھرجي؟ ھوءَ پاڻ کي بدلائي سگھي ھا. ھن مسڪين ۽
تکي مٺي لھجي کي پيار ۾ بدلائي سگھي ھا......
بشرطيڪھ پاڻ کي بدلائڻ گھري ھا.
مون کي ھڪ شخص ايڇ جي اينگلريٽ راز جي ڳالھھ ٻڌائي
تھ ڏھ سال اڳ ھو ڳاڙھي بخار ۾ مبتلا ٿيو. گھڻي
علاج کان پوءِ جڏھن ٺيڪ ٿيو تھ پتو پيس تھ گردي جي
تڪليف ۾ ڦاسي پيو آھي. ھر قسم جي ڊاڪٽرن کان علاج
ڪرايو ويو، تانجو شاٽون بھ ڏياريون ويون، پر افاقو
ڪونھ ٿيو.
پوءِ ڪجھھ عرصو اڳ ۾ سندس جسم ۾ وڌيڪ پيچيدگيون
پيدا ٿيون. بلڊ پريشر
214
تائين وڃي پھتو. کيس ٻڌايو ويو
تھ اھو خطرناڪ آھي ۽ پريشر وڌندو پيو وڃي. بھتر
آھي تھ ھو پنھنجا معاملا نبيري وٺي.
ھو چوي ٿو تھ مان گھر ويس ۽ تسلي ڪيم تھ مون ساري
انشورنس ادا ڪري ڇڏي آھي يا نھ؟ پوءِ مون خدا
تعاليٰ کان سمورن گناھن جي معافي گھري ۽ فڪرات ۾
پئجي ويس. مون سڀني کي اداس ڪري ڇڏيو. منھنجي زال
۽ ٻارن جي حالت رحم جوڳي ھئي ۽ مان پاڻ بھ بيحد
مايوس ھيس. ان ھوندي بھ انھيءَ حالت ۾ ھڪ ھفتو
گذرڻ بعد مون پاڻ کي چيو تھ ڇا تون بھ پاڳلن جھڙي
اداڪاري پيو ڪرين؟ تون ھڪ سال اڳ ۾ ڪونھ ٿو مري
سگھين. ان ڪري جيسين ھن جڳ ۾ آھين...... زندگي
کلندي کلندي ڇو نٿو گذاري ڇڏين؟
مون ڪلھا پوئتي جھٽڪيا، مک تي مرڪ آندي ۽ ھر شيءِ
نارمل محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. مان مڃان ٿو تھ
منھنجي اھا ڪوشش ھئي، مگر مون پاڻ کي خوش رھڻ تي
مجبور ڪري وڌو. ان مان نھ رڳو منھنجي ڪٽنب کي
فائدو رسيو، پر مون کي بھ.
سڀ کان پھرين ڳالھھ جيڪا مون کي ياد آھي، مون بھتر
محسوس ڪرڻ شروع ڪيو. منھنجي حالت بھتر ٿيندي وئي ۽
اڄ مھينن کان پوءِ مون کي قبر ۾ ھجڻ کپي ھا. مان
نھ رڳو خوش آھيان، پر بھتر ۽ جان ۾ آھيان. منھنجو
بلڊ پريشر گھٽجي ويو آھي. ھڪ ڳالھھ يقيني ڄاڻان ٿو
تھ مان موت جي باري ۾ ائين ئي سوچيندو رھان ھا تھ
ڊاڪٽر جو الھام واقعي صحيح ثابت ٿي وڃي ھا. صرف
ذھني لاڙو مٽائڻ سان منھنجو جسم پاڻمرادو ٺيڪ ٿي
ويو.
مان اوھان کان ھڪ سوال ٿو پڇان تھ جيڪڏھن محض خوش
رھڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ مثبت سوچڻ سان صحت ۽ جرئت بحال
ٿي سگھي ٿي تھ اسان ھڪ منٽ لاءِ بھ اداس ڇو ٿيون؟
پاڻ کي ۽ ارد گرد سڀني کي ڇو پريشان ڪيون؟ ڪئين
سال اڳ مون ھڪ ڪتاب پڙھيو، جنھن جو اڄ تائين اثر
باقي آھي.
جيمز ايلن ھي ڪتاب
Asamanthinketh
لکيو، جنھن ۾ درج ھو: ھڪ انسان
ھي سوچيندو تھ جيئن ئي سندس خيال ڳالھيون ماڻھن
طرف بدلجڻ شروع ٿين ٿيون...... اچو تھ اسان ان کي
سندس سوچون بدلائڻ ڏيون ۽ اھو ڄاڻي حيران ٿي ويندو
تھ اھا تبديلي ھن جي مادي حالت کي ڪھڙيءَ طرح
بدلائي رکي ٿي. ماڻھو ٻين جو ڌيان پاڻ وانگر
انھيءَ طرح ڇڪائي نٿا سگھن تھ اھي ڇا ٿا چاھين؟ پر
ان طرح ڇڪيون تھ اھي ڇا آھن.......؟ تبديلي اسان
جي اندر لڀندي آھي....... مڪمل طور اسان جي
اندر........ انسان کي جيڪي ڪجھھ ملي ٿو، اھو سندس
پنھنجين سوچن جو نتيجو ھوندو آھي...... انسان
پنھنجي سوچن کي بلند ڪري پاڻ کي بلند ڪري سگھي
ٿو........ فتح حاصل ڪري سگھي ٿو ۽ ھر شيءِ حاصل
ڪري سگھي ٿو. اھو ڪمزور ۽ رحم جوڳيءَ حالت ۾ رڳو
تڏھن ھوندو، جڏھن ھو پنھنجي سوچڻ کي بلند ڪرڻ کان
نابري واريندو.
جينيسر جي ڪتاب موجب خدا پاڪ انسان کي مخلوقن ۾
افضل ڪري بنايو آھي. پر مون کي ڪا دلچسپي ڪانھي تھ
مان پاڻ کي سڀني کان وڌيڪ سمجھان........ مان
پنھنجي من کي بلند ڪرڻ جي خواھش ڪريان ٿو. خواھش
رکان ٿو........ پنھنجي خوف تي ضابطو آڻڻ گھران
ٿو، پنھنجي ذھن ۽ روح کي اوچو ڪرڻ چاھيان ٿو ۽
حيران ٿيڻ جي اھا ڳالھھ آھي تھ مان اھو سڀ ڪجھھ
آسانيءَ سان ڪري سگھان ٿو........ رڳو پنھنجن عملن
تي قابو رکي. جيڪي موٽ ۾ منھنجي رد عمل کي قابو
ڪري ان کي بدلائي سگھن ٿا.
اچو تھ اسان وليم جيمز جي انھن لفظن کي ياد ڪري
ڇڏيون: ”برائيءَ جو گھڻو حصو........ ٿوريءَ
تبديليءَ سان چڱائيءَ طرف موڙي سگھجي ٿو ۽ اھا
تبديلي خوف کي جنگ ڏانھن موڙي پيدا ڪري سگھجي ٿي.
اچو تھ اسان پنھنجي خوشيءَ ڪاڻ جنگ جوٽيون. خوش
رھڻ ڪاڻ روز ھڪ پروگرام ٺاھيون. ان جو عنوان ”رڳو
اڄ لاءِ“ رکون. مون ان پروگرام کي بيحد مؤثر ڏٺو
آھي. سيل ايف پيٽرج ھي پروگرام اڄ کان ڇٽيھھ ورھيھ
اڳ ۾ مرتب ڪيو ھو. جيڪڏھن اوھان ۽ مان ان جي پيروي
ڪيون تھ گھڻين ئي پريشانين کان ڇوٽڪارو پائي،
مطمئن زندگي گذاري سگھون ٿا.
رڳو اڄ واسطي
1.
مان رڳو اڄوڪو ڏينينھن خوش رھبندس. ابراھيم لنڪن
ٺيڪ ئي چيو ھو: ”گھڻا تڻا ڳوٺاڻا ايتري قدر خوش
ھوندا آھن، جيتري قدر خوش رھڻ جو اھي پنھنجي ذھن ۾
ارادو ڪندا آھن. خوشي پنھنجي اندر آھي، ٻاھر سان
سندس ڪو واسطو ڪونھي.
2.
ڪھڙيون بھ حالتون ھجن، مان رڳو اڄوڪي ڏينھن ڪاڻ
پاڻ کي ان موجب ھلائيندس. ھر شيءِ جي طلب پنھنجي
خواھش پٽاندڙ ڪونھ ڪندس. منھنجي خاندان، ڪاروبار،
نصيب جھڙو بھ آھي، قبول ڪري پاڻ کي ان ۾ فٽ ڪندس.
3.
صرف اڄ ڪاڻ مان پنھنجي صحت جو خيال رکندس. ورزش
ڪندس، احتياط ڪندس، ان جي واڌ ويجھھ ڪندس، پاڻ سان
زيادتي ڪونھ ڪندس، پاڻ کي نظرانداز بھ ڪونھ ڪندس ۽
ھر ڪم ڪاڻ منھنجو بدن ھڪ مڪمل ۽ فٽ مشين بڻجي
وينـدو.
4.
رڳو ”اڄ ڪاڻ“ پنھنجي اندر قوت ارادي پيدا ڪندس، ڪا
فائديمند ڳالھھ سکندس، ذھني پريشانين جو شڪار ڪونھ
ٿيندس، ڪو اھڙو مطالعو ڪونھ ڪندس جنھن ۾ ڪوشش، سوچ
۽ يڪسوئيءَ جو مطالبو ڪيو ويو ھجي.
5.
رڳو ”اڄ ڪاڻ“ مان ٽن طريقن سان روح جي مشق ڪندس.
ڪو اھڙو ڪم ڪندس، جيڪو سٺو ھجي ۽ ان مان ڪنھن
اجوري وٺڻ جي باري ۾ ڪونھ سوچيندس. گھٽ ۾ گھٽ ٻھ
ڪم اھڙا ڪندس جيڪي مرضي جي خلاف ھجن، وليم جيمز
رڳو مشق ڪرڻ جو مشورو ڏنو آھي.
6.
صرف اڄ واسطي حالتن سان متفق رھندس. سٺي ۾ سٺيون
راھون ڳولھيندس، ممڪن حد تائين خوش پوش
رھندس...... ڌيمي پڻ سان ڪم ڪندس............ خوش
اخلاق رھندس......ٻين جي ساراھ دل کولي ڪندس، ڪنھن
بھ شيءِ مان وڏ ڪونھ ڪندس، ضد سان ڪنھن کي ٺيڪ ڪرڻ
جي ڪوشش نھ ڪڍندس.
7.
اڄوڪو ڏينھن رڳو اج لاءِ گذاريندس، سڄي زندگيءَ جي
مسئلن تي اڄ ھڪدم ڪونھ سوچيندس. جيڪڏھن مون کي اھو
خوف آھي تھ ڪجھھ شيون ساري حياتي ساڻ ڪونھ ھونديون
تھ مان انھن کي ٻارنھن ڪلاڪن ۾ درست ڪري سگھان ٿو.
8.
رڳو اڄ ڪاڻ ھڪ پروگرام جوڙيندس جنھن ڪم جي بار بار
ڪرڻ جي توقع ھجي، اھي لکي ڇڏيندس جيتوڻيڪ ان تي
پوري ريت عمل ڪري نھ سگھان پر ڪندس ضرور. مان ٻن
خرابين کي ترڪ ڪندس......... جلدي بازي اڻتڻ.
9.
رڳو اڄ ڪاڻ گھٽ ۾ گھٽ اڌ ڪلاڪ پنھنجي ڪاڻ رکندس ۽
آرام ڪندس. ان اڌ ڪلاڪ ۾ ڪجھھ خدا پاڪ جي باري ۾
سوچيندس تھ پنھنجي زندگيءَ ۾ وڌيڪ مناسبت پيدا ڪري
سگھان.
10.
صرف اڄوڪو ڏينھن بي خوف رھندس.مان خوش رھڻ جي باري
۾ خوفزدھ ڪونھ ٿيندس. اھو خوف ڪونھ ھوندو تھ مان
سھڻين شين مان مزو ماڻيان...... پيار ڪريان ۽ اھو
سوچيان تھ جن سان پيار اٿم انھن کي پيارو آھيان يا
نھ؟
جيڪڏھن اسان پنھنجو ذھني رويو بھتر بڻائڻ چاھيون
ٿا تھ .......... جيڪو اسان کي سڪون ۽ خوشي بخشي
ٿو تھ پھريون رويو ھي آھي: خوشگوار سوچون خوشيءَ
سان عمل ۾ آڻيون. خوشي محسوس ڪندؤ.
تيرھون باب
مستقل مزاجي
ڪئين سال اڳ ھڪ رات جڏھن مان بيلواسٽون پارڪ وٽان
گذريس پئي تھ مون سان گڏ بيچلرز تي منھنجا ٻيا
ساٿي انناس ۽ صنوبر جا جھڳٽا پئي ڏٺا. اوچتو ئي
اسان آڏو ھڪ رڇ اچي ويو ۽ پارڪ جي ڪچن مان ٻاھر
اڇلايل ڪچري تي منھن مارڻ لڳو. ھڪ فاريسٽ رينجريجر
مارٽن ڊيل ھڪ گھوڙي تي ويٺي سياحن کي رڇ بابت
ٻڌائڻ لڳو. ھن اسان کي ٻڌايو تھ ڀوري رنگ وارو ھي
رڇ ڪنھن نھ ڪنھن جانور کي بريءَ طرح دسي ٿو سگھي،
سواءِ ڳئون ۽ ڪوڊيڪ رڇ جي. مون ان رات نوٽ ڪيو تھ
ھن رڇ جھنگ جي رڳو ھڪ جانور کي ان ڍير مان کائڻ
ڏنو. اھو جانور سڪنگ ھيڊ (آمريڪا جو بيحد بدبودار
جانور) ھو. رڇ ھڪڙي منٽ ۾ ان جانور کي پيرن ۾
چيڀاٽي پئي سگھيو. ان ائين ڪونھ ڪيو........ پاڻ
ان تجربي مان سکيو ھو تھ ھو ان کي ڪجھھ ڪري ڪونھ
سگھندو.
مون بھ تجربن مان اھو سکيو آھي. فارم ۾ ڪم ڪندي
مون ميسوليني ۾ سڪنگ کي واڙي ۾ اندر قيد ڪيو، پر
افسوسناڪ تجربو اھو ٿيو جو ان جو ڪو فائدو ڪونھ
ٿيو.
پنھنجن دشمنن کان نفرت ڪري اسان سندن طاقت وڌائي
ويندا آھيون. اھي اسان جي ننڊ، بک، بلڊ پريشر، صحت
۽ خوشيءَ تي مسلط ٿي ويندا آھن. جيڪڏھن انھن کي
خبر پئي تھ اسان ڪيترا پريشان آھيون تھ اھي خوشيءَ
وچان نچڻ لڳن. اسان جي نفرت سندن ڪوبھ نقصان ڪونھ
ڪندي. اھا نفرت اسان جي پنھنجي حياتي نرک اماڻيندي
آھي. جيڪڏھن خود غرض ماڻھو اوھان مان فائدو وٺڻ جي
ڪوشش ڪندا آھن تھ کين پنھنجي لسٽ مان خارج ڪيو.
پوءِ رنجيده رھڻ جي ڪوشش نھ ڪريو. جڏھن اوھان اھا
ڪوشش ڪندا تھ ٻين کي ڇيھو پڄائڻ بدران پنھنجو زيان
ڪندا آھيو. مٿان لفظ ملواڪي
Milwauvee
جي پوليس کاتي جي بيٽن چيا.
رنج رھڻ سان اوھان جو ڪھڙو نقصان ٿيندو آھي؟ ڪيترن
قسمن جا نقصان ھوندا آھن. ”لائيف ميگزين“ مطابق ھي
اوھان جي صحت برباد ڪري سگھي ٿو. اداسي جڏھن عادت
بڻجي وڃي تھ بلڊ پريشر ۽ دل جي تڪليف ٿي پئي ٿي.
حضرت عيسيٰ فرمايو تھ: ”دشمن سان محبت ڪريو.“ ھو
نھ رڳو اخلاق جو سبق پيا ڏين، پر ويھين صدي لاءِ
دوا بھ تجويز پيا ڪن. ھو اوھان ۽ اسان کي ٻڌائن
پيا تھ ھاڻي بلڊ پريشر، دل جي مرض، معدي جي السر ۽
ٻين انيڪ تڪليفن کان ڪيئن پري رھي سگھجي ٿو؟
تازو ئي منھنجي ھڪ دوست کي ڏاڍو سخت دل جو دورو
پيو. ڊاڪٽر کيس آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ چيو تھ
کڻي ڇا بھ ٿئي، ڪاوڙ کي آڏو اچڻ نھ ڏي. معالج ڄاڻن
ٿا تھ جيڪڏھن اوھان جي دل ڪمزور آھي تھ ڪاوڙ اوھان
کي موت ڏانھن ڌڪيندي. ڪجھھ سال اڳ ھڪ ھوٽل جي مالڪ
سان اھڙو ئي حادثو ٿيو. سندس بورچيءَ کيس پنھنجي
پرچ مان ڪافي پيئڻ جو زور ڀريو. مالڪ کي چڙ آئي تھ
کيس مارڻ ڪاڻ ريوالور ڀري سندس پويان پيو. ان وچ ۾
دل بيھي ويس ۽ زمين تي ڍير ٿي ويو...... ڊاڪٽر
رپورٽ ۾ ڄاڻايو تھ ھو ڪاوڙ وگھي فوت ٿيو آھي.
جڏھن حضرت عيسيٰ فرمايو تھ: ”پنھنجي دشمن سان محبت
ڪريو“ تھ اھي اسان کي اھو بھ سمجھائن پيا تھ
پنھنجو مک مرڪندو رکو. اوھان ۽ مان انھن عورتن کي
ڄاڻون ٿا، جن جي چھرن تي گھنج ھوندا آھن ۽ اھي
نفرت سان چھرن تي سختي ۽ چڙ پيدا ڪنديون آھن.
شڪليون بگاڙينديون آھن، تان جو سندن دلين مان
ڪدورت نڪري نھ وڃي. انھن ۾ محبت ۽ نرمي نھ اچي تھ
دنيا جو ڪوبھ ميڪ اپ سندن چھرن کي خوبصورت ڪري
ڪونھ ٿو سگھي.
نفرت اسان جون صلاحيتون نيست ونابود ڪندي آھي.
تانجو کاڌو وھ ٿي ويندو آھي. انجيل ۾ ھڪ جاءِ تي
لکيل آھي تھ: ”نفرت جي حالت ۾ ڀڳل گوشت بجاءِ پيار
سان پچايل دال ساڳ کائڻ بھتر آھي.“
جيڪڏھن اسان جي دشمنن کي خبر پئجي وڃي تھ اسان جي
نفرت اسان کي پئي پريشان ڪري ۽ اسان جي ئي اعصابن
تي حاوي آھي. اسان جي مکڙن جي تازگي پئي کسي، اسان
کي دل جي مرض ۾ مبتلا پئي ڪري، اسان جي زندگيءَ جو
سڪون وڃايو ويٺي آھي تھ اھي خوشيءَ وچان نچڻ
لڳندا.
جيڪڏھن اسان پنھنجن دشمنن سان پيار نٿا ڪري سگھون
تھ گھٽ ۾ گھٽ پاڻ سان تھ پيار ڪريون. اچو تھ پاڻ
سان ايترو پيار ڪريون جو پنھنجي خوشي، پنھنجي صحت
۽ پنھنجي مک جي تازگي کي دشمنن جي ور چڙھڻ نھ
ڏيون. بقول شيڪسپيئر:
”بٺيءَ کي دشمن ڪاڻ ايڏو نھ تپايو جو اھا اوھان کي
ئي ساڙڻ شروع ڪري.“
اسان کي پنھنجن دشمنن کي معاف ڪري ڇڏڻ گھرجي. مثلا
منھنجي ھڪ دوست جارج روفا کي ٻي وڏي جنگ دوران
وينا کان سوئيڊن وڃڻو پيو. ھو ڪوڏيءَ ڪوڏيءَ ڪاڻ
محتاج ھو. کيس ڪم جي سخت ضرورت ھئي. جيئن تھ کيس
ڪيترين ئي ٻولين ڳالھائڻ تي عبور حاصل ھو ۽ لکڻ بھ
ڄاڻندو ھو، ان ڪري کيس اميد ھئي تھ کيس ڪنھن
اسپورٽ ايڪسپورٽ فرم ۾ اثر رسوخ ملي ويندو. جنگ
سبب سمورين فرمن کيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽
سندس نالو ۽ پتو لکي کيس ھلندو ڪيو. ھن کي ھڪ شخص
جو خط مليو. لکيو ھو تھ: ”جيڪي تون منھنجي بزنيس
جي باري ۾ سوچين ٿو، اھو درست ڪونھي...... تون
غلطيءَ تي آھين ۽ بيوقوف بھ. مون کي ڪنھن
ڪارسيونڊس جي گھرج ڪانھي. جيڪڏھن آھي پر مان توکي
ڪڏھن ڪونھ رکندس، ڇاڪاڻ تھ سويڊش بھ صحيح طور لکي
ڪونھ ٿو سگھين. تنھنجو خط غلطين سان ڀريو پيو
آھي.“
اھو شخص خط پڙھي ڀاڳل ٿي پيو. ھن سويڊش تي اھو لکڻ
جو ڪھڙو مطلب ھو؟ ھن جو تھ پنھنجو ئي خط غلطين سان
ڀريو پيو ھو. پر ھو ترسيو ۽ پاڻ کي چوڻ لڳو: ”ھڪ
منٽ مان ڪيئن ٿو سمجھان تھ اھو ماڻھو ٺيڪ ناھي؟
مون سويڊش پڙھي آھي، اھا منھنجي مادري ٻولي ڪانھي.
ممڪن آھي تھ مان غلطيءَ تي ھجان. جن ڳالھين بابت
مون کي خبر ڪانھي، متان انھن ۾ غلطي ٿي ھجي.
جيڪڏھن مان نوڪري پيو ڳوليان تھ مون کي ٻوليءَ جو
وڌيڪ اڀياس رکڻ کپي. ان ماڻھوءَ ڪنھن حد تائين
منھنجو ئي فائدو سوچيو آھي، جيتوڻيڪ سندس اھا نيت
ڪانھي. حقيقت ۾ ان اھو اظھار اڻوڻندڙ نموني ڪيو
آھي. ان سان منھنجو نقصان تھ ڪونھ ٿيو آھي، ان ڪري
ائين ڪرڻ ڪري مان کيس شڪر گذاريءَ جو خط پيو
لکان.“
جارج رونا خط لکيس: ”مون کي خط لکڻ جي تڪليف ڪرڻ
جي وڏي مھرباني! خاص ڪري تڏھن جڏھن اوھان کي ڪنھن
ڪار سويڊش جي ڪا گھرج بھ ڪونھ آھي. اوھان جي فرم
کي سمجھڻ ۾ واقعي مون کان غلطي سرزد ٿي ويئي. خط
لکڻ جو سبب اھو ھو تھ اوھان جو نالو مون لاءِ فخر
لائق ھو. مون ڪونھ ٿي ڄاتو تھ خط ۾ مون کان گرامر
جون غلطيون ٿيون آھن. مان پاڻ کان شرمندو آھيان.
اڳتي سويڊش زبان تي عبور حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽
پنھنجيون غلطيون درست ڪندس. اوھان جو ٿورائتو
آھيان جو اوھان بھتر رستي تي منھنجي رھنمائي ڪئي.“
ٿورن ئي ڏينھن ۾ جارج وانا کي ان ماڻھوءَ طرفان خط
مليو، جنھن ۾ لکيائين تھ: ”مون سان اچي ملو.“ ھو
ويو ۽ کيس نوڪري ملي وئي. ان اھو نتيجو ڪڍيو تھ
نرم لھجي سان ڪاوڙ ڪافور ٿي ويندي آھي.
اسان اھڙا فرشتا بھ ڪونھ آھيون جو دشمنن سان محبت
ڪرڻ لڳون، پر پنھنجيءَ خوشيءَ ڪاڻ پنھنجي صحت
واسطي کين معاف ڪري ڇڏيون ۽ وساري ڇڏيون، اھا ئي
چڱي ڳالھھ آھي.
پراڻو پھاڪو آھي تھ جنھن کي ڪاوڙ نھ اچي اھو ڪھڙو
ماڻھو، مگر سياڻو ماڻھو اھو آھي جنھن کي ڪاوڙ نھ
اچي.
نيويارڪ جي اڳوڻي ميٽر وليم جي ڪينز جي اھا ئي
پاليسي ھئي. ھن کي ييلو پريس ۾ ڪنھن گولي ھڻي ڇڏي.
ھو لڳ ڀڳ مرڻو ھارکو ھو. اسپتال جي بستري تي موت ۽
زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ مبتلا ھو، پر روزانو چوندو ھو
تھ: ”مان ھر شيءِ، ھر فرد کي معاف ٿو ڪريان.“ ڇا
اھا بھترين سوچ ڪانھي؟ ڇا اھو انسان سڀني کي پيارو
ڪونھ لڳندو؟
ھڪڙي ڀيري مون برنارڊ باروچ....... جيڪو ڇھن صدرن
صدر ولن، صدر ھارڊنگ، صدر ڪولج، صدر روز ويلٽ، صدر
ھور ۽ صدر ٽرومين جو با اعتماد مشير ھو....
جيتوڻيڪ دشمن جي حملن کان متاثر رھندو ھو. ان چيو
تھ: ڪوئي شخص منھنجي بي عزتي ڪري نٿو سگھي ۽ نڪي
مون کي متاثر ڪري سگھي ٿو. مان ان کي ائين ڪرڻ ئي
ڪونھ ڏيندس. جيستائين غمن کي اجازت نھ ڏينداسون،
ڪوبھ ماڻھو اوھان کي يا مون کي متاثر ڪري نٿو
سگھي.
ڏنڊا ۽ پٿر منھنجيون ھڏيون ڀڃي سگھن ٿا، مگر لفظ
مون کي ڪڏھن بھ ڦٽي ڪونھ ٿا سگھن.
دشمنن کي معاف ڪرڻ ۽ وسارڻ جو بھترين طريقو اھو
آھي تھ دشمني کي مناسب حد تائين برداشت ۽ جذب ڪيو
وڃي. مثال طور ميسيسپي ۾ ھڪ حبشي استاد ۽ راھب
لارنس جان رھندو ھو. سندس زماني ۾ ٻي وڏي جنگ جا
جذبا شديد ھئا. سينٽرل ميسيسپي ۾ افواه پکڙيو تھ
جرمن حبشين کي بغاوت تي اڪسائين ٿا. ھي شخص لارنس
بھ پوري طرح ان تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ھو.
گورن جي ھڪڙي گروه گرجا کان ٻاھر لارنس کي نعرا
ھڻندي ٻڌو: ”زندگي ھڪ جنگ آھي، جنھن ۾ ھر ھڪ
حبشيءَ کي تلوار لھرائي، ڪاميابيءَ ڪاڻ وڙھڻ کپي.“
جنگ لاءِ ھٿيار ڪافي آھن. اھي لفظ ٻڌي جوان جوش ۾
اچي ويا ۽ انھن راھب جي ڳچيءَ ۾ رسو وجھي ھڪ ميل
تائين کيس گھليندا رھيا. اھي ڪاٺين جي ھڪ ڍڳ تي
بيھي رھيا. اھي کيس ڦاسو ڏئي ساڙڻ وارا ھئا تھ پري
کان ڪنھن شخص رڙيون ڪيون: ”ھن کي مارڻ کان اڳ ۾
ڪجھھ ڳالھائڻ جو موقعو ڏيو. ڳالھاءِ! ڳالھاءِ!“
ڳٺي تي بيٺل لارنس جان، جنھن جي ڳچيءَ ۾ رسو ھيو.
ھن پنھنجي زندگي جي باري ۾ ڳالھايو. ھن
1907ع
۾ يونيورسٽي آف لووا مان بي اي ڪئي ھئي. شاندار
رڪارڊ ۽ ڪردار ھن کي اسڪالر شپ ۽ سندس موسيقيءَ جي
صلاحيت کيس شاگردن، توڙي شھرين ۾ ھردلعزيز بنايو
ھو. ان تعليم سبب ھڪ ھوٽل واري کيس پاڻ سان گڏ
بزنس ڪرڻ ڪاڻ آڇ ڪئي. پنھنجي موسيقي جي تعليم
پکيڙڻ سبب ھن دولتمند ماڻھوءَ جي آڇ رد ڪري ڇڏي،
ڇاڪاڻ تھ بوگر ئي واشنگٽر جي زندگيءَ جي ڪھاڻي
پڙھڻ بعد ھو ايترو متاثر ٿيو جو ھن پنھنجي زندگي
غريب ۽ اڻ پڙھيل ماڻھن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
تنھن ڪري ھن ميسيسپي جھڙي علائقي ۾ رھڻ قبول ڪيو.
ھن پنھنجي گھڙي
1740
ڊالرب ۾ ڳھھ رکي ھڪ ننڍڙو
اسڪول کوليو. لارنس انھن ناراض ماڻھن کي ٻڌايو تھ
سندس ڳوٺ جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻي آھي ۽
انھن کي سٺا ڪڙمي، سٺا مستري، بورچي، ھائوس ڪيپرس
جي سکيا ڏيڻي آھي........ گورن کيس زمين، ڍور ڍڳا،
رقم ڏني ھئي تھ پنھنجو تعليمي ڪم جاري رکي.
جڏھن لارنس کان پڇيو ويو تھ انھن ماڻھن کان نفرت
تھ ڪونھ ڪندين، جن تنھنجي ڳچيءَ ۾ رسو وجھي
گھليندي گھليندي توکي ساڙڻ تي سنبريا بيٺا ھئا؟ ھن
وراڻيو تھ مون وٽ نفرت ڪرڻ لاءِ ڪو وقت ئي
ڪونھي....... مان بيحد مصروف آھيان. مون وٽ وڙھڻ
ڪاڻ ڪوئي وقت ڪونھي......... مون وٽ تھ افسوس ڪرڻ
جو بھ وقت ڪونھي. ڪوبھ شخص مون کي ايترو حقير ڪري
نٿو سگھي جو مان ڪنھن کان نفرت ڪريان......
جڏھن لارنس اھا پر خلوص ۽ ڏڪائيندر تقرير ڪئي تھ
اھو پنھنجي لاءِ ماڻھن کي قاتل ڪونھ ٿو ڪوٺي، پر
سندن لھجن ۾ نرمي پيدا ڪيائين. پڇاڙيءَ ۾ اھو شخص
جيڪو ڀڄندو پئي آيو ۽ رڙيون پئي ڪيائين تھ لارنس
جي ڳالھھ ٻڌي وڃي، چوڻ لڳو تھ: مون کي ويساھ آھي
تھ اھو ڇوڪرو سچ پيو چئي. جن گورن جا ھن نالا ورتا
آھن، مان انھن سمورن کي سڃاڻان ٿو. ھي ڏاڍيءَ
نيڪيءَ جو ڪم پيو ڪري. اسان کان غلطي ٿي وئي. ڦاسي
ڏيڻ بدران سندس مدد ڪرڻ گھرجي. ھن لارنس جو ٽوپلو
ماڻھن ڏانھن وڌايو ۽ تحفي طور ھر شخص وٽان
52
ڊالر
60
سيٽ گڏ ڪري ورتائين........
اھو انھيءَ شخص ڪري ٿيو، جنھن چيو ھو تھ مون وٽ
لڙائيءَ واسطي ڪوئي وقت ڪونھي. افسوس ڪرڻ جو وقت
ڪونھي ۽ ڪوئي شخص مون کي ايترو ڪرڻ تي مجبور نٿو
ڪري سگھي تھ مان ان کان نفرت ڪرڻ لڳان.
اوڻيھھ سؤ سال اڳ اپڪٽيٽس
(Apictetus)
چيو ھو تھ اسان اھو ئي لڻندا
آھيون، جيڪي پوکيندا آھيون ۽ مقدر گھڻيءَ حد تائين
اسان جي ئي عملن جو نتيجو ھوندو آھي. ھن چيو تھ
نيٺ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي پنھنجي ڪئي جو صلو ملندو
آھي. جيڪو ماڻھو انھن لفظن کي ياد ڪري وٺي، اھو
ڪڏھن بھ ڪنھن کان ناراض ڪونھ ٿيندو....... ڪنھن
کان خفا ڪونھ ٿيندو، ڪنھن تي بھتان ڪونھ مڙھيندو،
ڪنھن کان بھ نفرت ڪونھ ڪندو.
آمريڪا جي تاريخ ۾ لنڪن کان وڌيڪ ڪنھن بھ شخص تي
ملامت ڪانھ ٿي آھي ۽ ڪنھن شخص کان نفرت نھ ٿي آھي.
پر برنڊ جي سوانح عمريءَ موجب لنڪن ڪنھن بھ شخص جي
پرکا پنھنجي پسند يا ناپسند تي ڪونھ ڪندو ھو. اھو
ڪوبھ موقعو ايندو ھو تھ سندس دشمن ھجي يا ڪوبھ
شخص، مڃيندو ھو تھ ھن انصاف ئي ڪيو آھي. جيڪڏھن ڪو
شخص پنھنجي ذاتي غلطيءَ سبب پريشان ٿيندو ھو ۽
ڪنھن مقام جو اھل ھوندو ھو تھ لنڪن کيس اھو ئي
مقام ارپيندو ھو...... منھنجو خيال آھي تھ ھن ڪڏھن
ڪنھن شخص سان دشمني يا ذاتي رنجش سببان ان کان اھو
مقام ڪونھ کسيو ھو.
ھڪ ڀيري انھن ئي ماڻھن لنڪن جي سخت بي عزتي ڪري
ڇڏي، جن کي ھن پاڻ اعليٰ عھدن تي فائز ڪري وڏا
اختيار ڏنا ھئا...... اھي ماڻھو ميڪملين، سيوارڊ،
اسٽين ۽ چيز ھئا. ھرنڊن موجب لنڪن جو خيال ھو تھ
ڪنھن شخص جو پردو فاش نھ ڪجي ۽ نڪي ان کي غلط چوڻ
گھرجي، ڇاڪاڻ جو اسان سمورا پنھنجي صورتحال،
حالتون، ماحول، تعليم، ننڍپڻ جي عادتن ۽ ورثي ۾
مليل شين جا ٻار آھيون ۽ اھي شيون ھميشھ اسان سان
گڏ ھلنديون.
شايد لنڪن ٺيڪ ئي چوندو ھو تھ جيڪڏھن اسان جي ھڪ
ئي قسم جي بدني بناوت، ذھني ۽ جذباتي خاصيتن جا
مالڪ ھجون جيڪي اسان جي دشمنن جون آھن ۽ جيڪڏھن
زندگي اسان سان اھو ئي ڪري، جيڪي اسان جي دشمنن
سان پئي ڪري تھ اسان جو عمل بھ ھوبھو انھن جھڙو
ھوندو. ان کان سواءِ ڪجھھ ڪونھ ڪنداسون. اچو تھ
سيرڪس انڊين جي دعا ورجايون ٿا:
اي سڀ کان عظيم ھستي! اسان کي توفيق ڏي تھ ڪنھن
شخص جي باري ۾ ان وقت تائين تقرير يا فيصلو نھ
ڪريون، جيستائين ڪھ ان جي ڪمينٽس جي باري ۾ ٻھ
ھفتا نھ ھلون. تنھن ڪري پنھنجن دشمنن کان نفرت ڪرڻ
بجاءِ اسان مٿن رحم ڪيون ۽ رب جو شڪر ڪريون تھ
حياتي ۾ اسان کي انھن جھڙو ڪونھ بنايائين. پنھنجي
دشمنن جي چؤڦير نفرتن ۽ انتقامن جا انبار لڳائڻ
بدران اچو تھ اسان انھن سان شناسائي پيدا ڪريون،
کين پنھنجيون ھمدرديون، پنھنجيون مددون ڏيون، کين
معاف ڪريون ۽ انھن ڪاڻ نيڪيءَ جون دعائون گھرون.
منھنجي پالنا ھڪ اھڙي گھراڻي ۾ ٿي، جنھن ۾ سمورا
ماڻھو ھر ھڪ رات انجيل جي ھڪ ھڪ آيت پڙھندا ۽
جھڪندي گڏجي دعا گھرندا ھئا. مان اڄ بھ پنھنجي ابي
کي ميسوري فارم ھائوس ۾ اھي لفظ ورجائيندي ٻڌندو
آھيان تھ: ”پنھنجي دشمن سان پيا ڪريو. اھي گاريون
ڏين تھ انھن الءِ دعائون گھرو. جيڪي نفرت ڪن تن
سان نيڪ سلوڪ ڪريو، جيڪي وير رکن ۽ اوھان کي
ايذائين.“ بابي سائين يسوع مسيح جي انھن لفظن کي
تروتازه رکڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو ۽ انھن لفظن کيس
اھڙو ئي ذھني سڪون بخشيو جيڪو دنيا ۾ بادشاھن کي
بھ ڪونھ ملندو آھي.
ذھني رغبتن جي پرورش لاءِ جيڪا اوھان کي سڪون عطا
ڪري، ان لاءِ رول نمبر
2
اھو آھي تھ:
اچو تھ دشمن جو مقابلو نھ ڪريون، ڇاڪاڻ تھ اسان
جيڪڏھن ائين ڪنداسون تھ دشمنن کان وڌيڪ تڪليف پاڻ
کي ڏينداسون. اچو تھ اسان اھو ئي ڪريون جيڪو جرنل
آئرن ھوور ڪيو ھو. اچو تھ اسان سڀني اڻوڻندڙ ماڻھن
جي باري ۾ سوچي پنھنجو ھڪ منٽ بھ ضايع نھ ڪريون. |