سيڪشن: ادب

ڪتاب: ادب ۽ تنقيد

باب:

صفحو:4 

نثر عاري مان ڪيتريون ادبي شاخون ڦٽن ٿيون، جھڙوڪ: مضمون نويسي، خطوط نويسي، ناٽڪ نويسي، افسانھ نويسي، حڪايت نويسي، تنقيد نگاري وغيرھ. مضمون نويسي بھ ھڪ مستقل فن آھي، جنھن جو ھيءُ مطلب آھي تھ پنھنجي ٻوليءَ ۾ علم ادب سان برابر پنھنجا خيال تحرير جي ذريعي پڌرا ڪجن، جنھن کي مضمون نويسي يا انشاپردازي چيو وڃي ٿو.

وقت جي محققن مضمون کي ٽن قسمن ۾ ورھايو آھي:

1.        تعريفي مصمون، جنھن ۾ خارجي شين جو بيان، پنجن حواسن جي ذريعي مشاھدي طور يا مناظري طور ڪيو وڃي ٿو، جھڙوڪ: ڳئون، انب جو وڻ، اٺ، لوھھ ۽ ٿامي وغيره جو بيان.

2.       بيانيھ مضمون، جنھن ۾ ڪنھن بھ انسان جي حياتيءَ جو ذڪر يا ڪنھن واقعي جو بيان ڪيو وڃي ٿو. مثلا قائداعظم يا چاڪيواڙي واري واقعي جو ذڪر.

3.       فڪريھ مضمون، جنھن ۾ ڪنھن بھ عنوان تي ڏٺل مضمون جي چٽائي ۽ وضاحت ڪرڻ کان پوءِ ان جا فائدا يا نقصان بيان ڪيا وڃن. مثلا محنت، پوک، ھمت، بنده ومدد خدا.

مضمون نويسي ۾ ھڪڙا ماڻھو ٻين کان وڌيڪ طاقت رکن ٿا، ڇاڪاڻ تھ ھڪڙن جي ذھني طاقت ۽ دماغي سمجھھ جي قوت، قدرتي طرح ٻين کان زياده ٿئي ٿي، پر مطالع ۽ مشق ڪرڻ کان پوءِ معمولي ذھن وارو بھ باقاعده پنھنجن خيالن کي ظاھر ڪرڻ جي طاقت پاڻ ۾ پيدا ڪري سگھي ٿو. ھيءُ ڄاڻڻ ضروري آھي تھ ھر ڪنھن مضمون جا ٽي ضروري ڀاڱا ٿين ٿا:

(١) خيالات (٢) حسن انتظام ۽ (٣) طرز ادا.

1.        ”خيالات“: جيئن ڀِت بنائڻ لاءِ سرن وغيرھ جي ضرورت ٿيندي آھي، تيئن ڪنھن بھ مضمون لکڻ لاءِ خيالن جو ھجڻ ضروري آھي. اھي خيال يا تھ مضمون لکندڙ جي ذھن ۾ اڳ ۾ ئي ھئڻ گھرجن، يا انھن بابت معلومات گڏ ڪري، اھا معلومات قابل مصنفن جي ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن جي مطالع ڪرڻ مان حاصل ڪري سگھجي ٿي ۽ حاصل ڪرڻ گھرجي. عالمن جي ليڪچر ٻڌڻ گھرجن، مشھور مشھور ماڻھن جون تقريرون ٻڌڻ بھ ان لاءِ مفيد آھي. ھيءُ ياد رکڻ گھرجي تھ جنھن بھ مضمون ۾ خيالن جو ڪافي ذخيرو ھوندو، پر ان ۾ زبان ڀڳل ٽٽل استعمال ڪئي ويئي ھوندي تھ بھ اھو گھڻن کي وڻندو. جيڪڏھن ٻولي ڪھڙي بھ اعليٰ درجي جي، صحيح ۽ فصيح ڇو نھ استعمال ڪيل ھجي، پر خيالن کان مضمون خالي ھوندو تھ اھو ڪنھن کي بھ پسند ڪين ايندو.

2.       ”حسن انتظام ۽ ترتيب“: مضمون کڻي ڪھڙو بھ سٺو ڇو نھ ھجي، پر جيڪڏھن ترتيب سھڻي رکيل نھ ھونديس تھ پکڙيل موتين وانگيان اڻوڻندڙ پيو لڳندو. اڃا بھ جيڪڏھن ھڪ ڌاڳي ۾ پوتل ۽ منظم ھوندا تھ ڏاڍا سھڻا پيا لڳندا. اھڙيءَ طرح مضمون بھ انتظام ۽ ترتيب جي سھڻائيءَ جي ڪري دل کي پيو وڻندو. ان لاءِ مناسب آھي تھ مضمون ۾ جيڪي خيال ظاھر ڪرڻا ھجن، لکڻ کان اڳ پھريائين انھن جا عنوان قائم ڪجن. پوءِ انھن عنوانن ھيٺ ڌار ڌار پيراگراف ۾ ھر ھڪ عنوان تي بحث ڪيو وڃي.

ھر ڪنھن پيراگرف ۾ ننڍا ننڍا پر مڪمل جملا ھجن ۽ اھي جملا زنجير جي ڪڙين وانگر ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل ھجن، جيئن خيالن جو سلسلو ناظرين کي ڪنھن خاص نتيجي تائين پھچائي. وڏن ۽ ڊگھن جملن آڻڻ سان گھڻو ڪري مضمون منجھيل ٿي پوندو آھي.

3.        ”عبارت ۽ طرز ادا“: جيتري قدر ٿي سگھي، اوتري قدر ٻولي نھايت سليس، صحيح ۽ بامحاوره استعمال ڪجي. مشڪل ۽ ڏکيا لفظ نھ لکڻ گھرجن. بيفائدي ۽ زوريءَ سان آندل محاورا عبارت جي خوبي وڃائي ڇڏين ٿا. ڪنھن ڳالھھ يا لفظ کي وري وري بيان ڪرڻ بھ زباندانيءَ جي اصول جي خلاف آھي.

ڪنھن خاص مطلب کي ادا ڪرڻ لاءِ جيڪڏھن ڪو شعر يا آکاڻي بيان ڪئي وڃي تھ ان کان بھ مضمون جو حسن وڌي وڃي ٿو.

ياد رکڻ گھرجي تھ مضمون نويسي بلڪل ڏکيو ۽ پيچدار فن آھي. مضمون لکڻ وقت خيال ھيڪاندا گڏ ٿي نٿا سگھن، تنھن ڪري پاڻ ۾ ھميشھ دنيا وارين شين ۽ ڳالھين تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي عادت پيدا ڪجي. ھرڪا شيءِ جاچي ڏسڻ گھرجي ۽ ھر ڪنھن ڳالھھ تي غور ۽ ويچار ڪرڻ کپي. اھڙيءَ طرح ننڍپڻ کان ئي پنھنجي ذھن ۾ معلومات جو ذخيرو ڪٺو ڪبو تھ مضمون لکڻ وقت دماغ جي خزاني مان اھي آبدار موتي نڪري ايندا، جيڪي اسان کي پوري وقت تي ڪم ڏيندا.

نثري عار جا مثال:

1.        شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائود پوٽھ صاحب: اسان جي ٻاجھاري ٻولي موجوده يورپ جي متمدن ٻولين کان بھ آڳاٽي آھي. اھي اڃا وجود ۾ ئي نھ آيون ھيون ۽ اردو جو تھ اڃا ايرڀير بھ معلوم ڪونھ ھو تھ سنڌي ٻولي ھڪ پاڪيزه نموني ۾ ڳالھائڻ ۽ لکڻ ۾ ايندي ھئي. جھر جھنگ ۾ سنڌ جا اھل الله سنڌي بيت ۽ ڏوھيڙا جھونگاريندا ھئا ۽ انھن ۾ ايترو سوز ۽ ساز ھوندو ھو جو ٻڌندڙ محو حيرت ٿي ويندا ھئا ۽ ڪيترا ئي ڪيفي ڪباب ٿي، جان فدا ڪندا ھئا.

ڇا مخدوم احمد ڀٽيءَ ھڪ سماع جو بيت ٻڌندي ساھ نھ ڏنو ھو؟ ڇا ھڪ سيلانيءَ، شاھ لطيف جو ھيٺيون بيت پڙھندي پنھنجي حقيقي محبوب جي سڪ ۾ پران نھ تياڳا؟

ھيڪليائي ھيل، پورينديس پرينءَ ڏي

آڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄن سيل

تھ ٻيلي آھن ٻيل، سور پريان جا سان مون

انھن قربتن جي وٽين ۾ اڃا بھ ماکيءَ جھڙو مد آھي، کرو ڪو انھيءَ جي چاشني چکي! جي چکيس تھ چريو ٿئين، ان ميخاني جو مند.

جيتري قدر مون کي معلوم آھي تھ بيان العارفين پھريون فارسي ڪتاب آھي، جنھن ۾ سنڌي اڳئين نموني ۾ لکيل نظر اچي ٿي.

2.       ڊاڪٽر ھوتچند گربخشاڻي: سنڌ ڏيھھ ۾ شاعرن جي ڪمي ڪانھي. گھڻي ئي درجن جا شاعر ٿي گذريا آھن ۽ اڃا تائين بھ پيدا ٿيندا. جيستائين حسن ۽ حق، عشق ۽ خوبي دنيا ۾ موجود آھن، تيستائين شعر جو ميدان پڻ گرم رھندو. شعر کي بھ لاھا چاڙھا آھن. بعضي سندس زمين آباد آھي تھ بعضي غير آباد.

جڏھن انساني سڀاءُ روحاني شين کان وڌيڪ جسماني شين ڏي مائل ٿيندو آھي، تڏھن شعر جي بازار بھ البتھ بي رونق ٿي ويندي آھي. پر وري نوان نوان روپ ڌاري، وڃي پنھنجي اصلوڪي اوج تي رسندو آھي. شعر نيڪ نيتن، پاڪ خيالن، عشق جي امنگن جو ترجمان آھي. ڪير ڄاڻي تھ ڪرھاڻ پڻ، ڪو وڏو شاعر فطرت جي ڪک ۾ سمايل ھجي، جنھن جي آجي ٿيڻ جو اڃا وقت نھ آيو آھي.

3.       حڪيم فتح محمد سيوستاني: انھيءَ وقت سڪار جي سھڻي ۽ دلپذير ھير لڳندڙ ھئي. ماڻھو ميا متارا ۽ ڀاڳيا ھئا. ڪفايت ۽ قناعت، ٿوري گھڻي تي راضي رھڻ، پنھنجي پالڻھار پرودگار کان ڊڄڻ ۽ کيس ياد ڪرڻ، صبر ۽ ھمت، محبت ۽ مروت، اھي ۽ اھڙا ٻيا نيڪ اخلاق ماڻھن ۾ موجود ھئا. انھيءَ ڪري منجھن نڪا ھئي ھوس نھ حسد، نھ حرص نھ ھٻڇ، نھ باھ نھ ساڙو. ٿورو کٽئي گھڻي برڪت ھئي. ڪو ڪنھن جو مٺ گھرو ڪونھ ھوندو ھو. سچ ماڻھن جو سير ھو. ڪوڙ گھڻي قدر ڪافور ھو. انصاف ۽ عدل سھانگو ھو. ظلم ۽ بي انصافي ٿيندي ھئي تھ جھٽ تدارڪ ٿي سگھندو ھو. حاڪم ويچارا سادا انسان ۽ راڄ ڌڻي ويچارا حال ڀائي ھوندا ھئا.

معنيٰ ۽ مفھوم جي اعتبار کان سھ نثر کي ورھائي سگھجي ٿو. معنوي اعتبار کان نثر جا ٻھ قسم آھن: (١) سليس (٢) دقيق.

انھن ٻنھي جا وري ٻھ قسم آھن. سليس جا (١) سليس سادو (٢) سليس رنگين. دقيق جا: (١) دقيق سادو (٢) دقيق رنگين.

1.        سليس سادي مان اھو نثر مراد آھي، جنھن جي معنيٰ آسانيءَ سان سمجھھ ۾ اچي سگھي ۽ مطلب ظاھر ڪرڻ ۾ لفظي ۽ معنوي رعايت کان ڪم نھ ورتو ويو ھجي. انھيءَ قسم جو نثر سنڌيءَ جي عام روزمره ۾ ڪتب ٿو اچي. اخبارون اڪثر انھيءَ نثر ۾ لکيون وينديون آھن:

1.        ”مھراڻ“ جي مختلف صفحن لاءِ مضمون موڪليندڙ صاحبن کي گذارش آھي تھ اھي مضمون پني جي ھڪڙي پاسي، صاف ۽ سھڻن اکرن ۾، ٿي سگھي تھ ھڪ ليڪ ڇڏي ٻيءَ ليڪ تي لکي موڪلين. پني جي ٻنھي پاسن تي لکيل مضمون رواجي طرح شايع نھ ڪيا ويندا آھن.

مٿيون لکيل مضمون سليس سادو آھي.

2.       سليس رنگين ان نثر کي چئجي ٿو، جنھن جي معنيٰ آسانيءَ سان تھ سمجھھ ۾ اچي ٿي، پر مطلب ادا ڪرڻ ۾ لفظي ۽ معنوي رعايتون ڪتب آڻجن ٿيون. مثلا:

”جنھن باغ ۾ خزان ھوندي اتي بھار بھ ھوندي آھي ۽ جتي گل ھوندو اتي ڪنڊو بھ ھوندو. بادام جي کل ۽ مغز کي ڏسو تھ نرمي ۽ سختي ھڪ ئي ھنڌ ظاھر آھي. برف کي ڏسي سوچيو تھ گرمي ۽ سردي ان سان گڏ ئي موجود آھن. سرخي ۽ نبردي گل رعنا جو دليل آھي. تقدير جيڪڏھن صبح کي خوشيءَ جو لباس پھرايو تھ شام جي لاءِ ماتمي ڪارو جامو ٺاھيو.“

ھيءُ مضمون بلڪل سمجھھ ۾ اچي ٿو، پر ان ۾ لفظي ۽ معنوي ڪتب آيل آھن.

3.       دقيق سادو اھو نثر آھي، جنھن جي معنيٰ ڪجھھ مشڪل سان سمجھھ ۾ اچي ٿي پر مطلب کي بنان لفظي ۽ معنوي رعايت جي ادا ڪيو وڃي ٿو.

”زندگي جي ھر ڪنڊ ۾ انسان جا فطري تقاضا آھن. فطرت فطري تقاضن جا فطري جواب ڏنا آھن ۽ ٻنھي جو دامن اھڙيءَ طرح ھڪ ٻئي سان گڏ ٻڌي ڇڏيو آھي، جو ھاڻي ان جو فيصلو ڪري نٿو سگھجي. ٻنھي مان ڪير پھرين ظھور ۾ آيو آھي؟ تقاضائون پھرين پيدا ٿيون ھيون يا انھن جي جوابن پھرين مٿو کنيو ھو؟ تنھن ڪري جڏھن اسين ڪا فطري تقاضا محسوس ڪريون ٿا تھ اسان کي پورو پورو يقين ٿئي ٿو تھ ھن جو فطري جواب بھ ضرور موجود ھوندو. ھن حقيقت ۾ اسان کي ڪڏھن شڪ نٿو ٿئي.“

4.       دقيق رنگين ان نثر کي چئبو آھي، جنھن جي معنيٰ مشڪل سان سمجھھ ۾ اچي ٿي ۽ مطلب پوري ڪرڻ ۾ لفظن جي مناسبت ۽ معنوي رعايت کان ڪم ورتو ويو ھجي. انھيءَ قسم جو نثر ھاڻي بلڪل متروڪ آھي.

”دنيا ۾ انشا جي آرائش، ستائش اڪاتب برحق آھي جو نھ طاقت قلم آھي ۽ نھ تابِ زبان ۽ عنوان املا جي نمائش حمد املاگر مطلق آھي جو نھ يارائي انسان آھي نھ زھره بيان. ھن نظم گاه زمانھ ۾ صانع ڇا ڇا صنائع وبدائع پنھنجي قدرت ڪاملھ سان ڏيکاريا ۽ ڪھرا ڪھڙا منشي بنايا.

ظھوري کي ظھور ڏنو ويو ۽ نظيري کي بي نظير ڪيو. جامي نامي ٿيو ۽ نظامي خداوند شيرين ڪلامي. غالب کي غلبھ شيوا بياني وھمھ داني وغدوبت معاني وشيرين زباني عطا فرمائي، ڪوس يڪتائي وڄرايو ۽ حلاوت ڪلام سان ھڪ عالم کي شيرين ڪام فرمايو.“

اسلوب، نثري اسلوب[1]

اسان نثر عاريءَ جي بيان ۾ عبارت ۽ طرز ادا بابت سرسري طرح ڪجھھ لکيو ھو، جو اڻپورو ھو. ھتي وڌيڪ ان بابت لکجي ٿو:

اسٽائل (Style) انگريزيءَ جو ھڪ لفظ آھي، جنھن کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ جيڪر اسلوب چئجي، جيڪو ھاڻي عام ٿيندو وڃي، آڳاٽي وقتن ۾ اسلوب جو اھو مفھوم موجود نھ ھو، پر ان جي عيوض ٻيا لفظ ڪم آڻبا ھئا. جھڙوڪ طرز، روش، انداز بيان، طرز ادا، طريق ادا، گفتار جو پيرايو يا نمونو وغيره. ايران ۾ جديد ٻوليءَ ۾ ان کي ”سبڪ“ چئبو آھي.

ڊاڪٽر سيد عبدالله پنھنجي ڪتاب ”اشارات تنقيد“ ۾ چوي ٿو تھ نئين حالتن مطابق ضرورت آھي تھ اسين اصطلاحن جي مختلف مفھومن کي متعين ڪري ڇڏيون. پوءِ اڳتي صلاح ٿو ڏئي تھ طرز يا اسلوب کي اختيار ڪرڻ گھرجي. طرز کي نظم ۽ نثر ٻنھي تي حاوي ڪري ڇڏي ۽ اسلوب بيان کي رڳو نثر جي لاءِ مخصوص ڪجي.

طرز جي مفھوم ۾ جامعيت جي علاوه خصوصيت ۽ ممتاز انفرادي شان کي بھ داخل سمجھڻ گھرجي. مثلا ”حڪيم فتح محمد سيوستاني“ صاحب کي طرز انشا پرداز ھو. يعني ھن جو اسلوب اھڙو ھو، جنھن جون خصوصيتون ۽ انفرادي شان ھن کي ٻين کان ممتاز ڪن ٿيون.

ساڳيءَ طرح چئي سگھجي ٿو تھ رئيس شمس الدين بلبل خاص طرز جو مالڪ ھو. ھيءُ ان چوڻ کان تھ خاص اسلوب جو مالڪ ھو، کان بھتر آھي.

جيسين انگريزيءَ جي لفظ اسٽائل جو لاڳاپو آھي، تنھن جو اطلاق نظم ۽ نثر ٻنھي تي ٿئي ٿو. البتھ امتياز جي لاءِ شاعرانھ طرز بيان Poetic Style ۽ نثري طرز بيان کي Prose style چون ٿا.

اسٽائل ڇا آھي؟

”والٽر پيٽر“ پنھنجي مضمون ۾ چوي ٿو: ”ڪنھن شيءِ کي ان جي شدت ۽ رنگ ۾ بيان ڪرڻ جو ھڪ يقيني، قطعي ۽ يگانو طريقو اسٽائل آھي.“

گويا اسٽائل:

1.        ڪنھن خيال يا معنيٰ جي اطھار جي طريقي جو نالو آھي.

2.       مگر ان طريقي سان جو اھو اظھار جو طريقو منفرد ھجي ۽ پنھنجي اندر ڪا خصوصيت ۽ انفراديت رکندو ھجي.

3.       ۽ ان جي اظھار جو نتيجو ھيءُ ٿيو ھجي، جو اصل ڳالھھ پنھنجي پوري شدت ۽ اثرات سان ادا ٿي وئي ھجي. يعني جيڪو مقتضائي حال ھو، سو پورو پورو ظاھر ٿي ويو ھجي.

انھيءَ لحاظ کان اسٽائل جا ٽي عناصر مقرر ٿيا:

(1)     پيرايھ بيان يعني افڪار وخيالات کي پيش ڪرڻ جو ڍنگ، جيڪو ڪنھن ملڪ ۾ مروج ھجي. (Technique of Expression)

(2)    ان ۾ اھي انفرادي خصوصيتون، جيڪي ھر شخص جي پيرايھ بيان کي ٻين کان الڳ ۽ ممتاز ڪن ٿيون. (Individuality)

(3)    پيرايھ بيان جا اھي عظيم الشان پھلو، جن کان مطلق امتياز قائم ٿئي ٿي. يعني اھڙيون خصوصيتون جن جو جواب ناممڪن آھي.

 (Absolutcness & Uniqueness)

اسٽائل جو لفظ عموما انھن ٽنھي مان ڪنھن ھڪ مفھوم ۾ استعمال ٿئي ٿو، پر في الحقيقت جيڪڏھن غور سان ڏٺو ويندو تھ اسٽائل ھڪ جامع لفظ آھي، جنھن ۾ بيان جا خارجي ۽ داخلي مظاھرا سڀ شامل ٿي وڃن ٿا.

مثلا خارجي مظاھر تھ ھي آھن: ٻولي، گرامي جي پابندي، ترتيب، آرائش وغيره.

پر اسٽائل انھيءَ جو نالو تھ نھ آھي. ان ۾ ھيءُ سوال بھ ٿئي ٿو تھ ھڪ شخص ٻئي کان بھتر لکي ٿو تھ ھيءُ امتياز انھيءَ سبب کان بھ آھي تھ ھڪڙي لکڻ واري جون داخلي خصوصيتون ٻئي کان جدا آھن. ھيءُ داخلي پھلو (يعني مصنف جو ذھن، ھن جو ڪئريڪٽر، ھن جو مزاج، ھن جو علم، رجحان، طبع) بيان جي خارجي مظاھر تي اثر وجھندو ۽ ٻوليءَ ۾ لفظن جو انتخاب، ترتيب جو ھڪ خاص ڍنگ، ھيءُ خالص داخلي محرڪ جو نتيجو ٿيندو.

ان مان ھيءُ نتيجو نڪتو تھ اسٽائل رڳو خارجي شيءِ نھ آھي، بلڪھ ھن جو ھڪ داخلي پھلو بھ آھي، جنھن ڪري ان ۾ انفراديت پيدا ٿئي ٿي ۽ جيڪڏھن مڪمل ٿي وڃي تھ ھڪ طرز خاص يا طرز مطلق ان کان وجود ۾ اچي ٿي، جيڪا رڳو انھيءَ خاص مصنف سان مخصوص ٿئي ٿي؛ ھرڪو ان جي تقليد نٿو ڪري سگھي. انھيءَ ڪري بعض ماڻھن اسٽائل جي تعريف ئي ھيءَ ڪئي آھي:

”اسٽائل اظھار جو ذاتي مخصوص جذبو آھي، جنھن کان اسين ھڪ لکندڙ کي ڄاڻون ٿا.“ (والٽر پيٽر)

ان کان اسٽائل جي ”انفرادي عنصر“ جي اھميت ڏيکارڻ مقصد آھي.

پر انفراديت رڳو خارجي ڳالھين جي ئي رھين منت نھ آھي، بلڪھ ان ۾ انشا پرداز يا اديب جي داخلي شخصيت بھ وڏو حصو وٺي ٿي، تنھن ڪري ڪن چيو آھي: “Style is the man him self” ساڳيءَ طرح نيومن چيو آھي تھ: ”اسٽائل رڳو خارجي تحرير جي خصوصيتن جو نالو نھ آھي، بلڪھ ان جو طرز احساس (بقول ”مدلٽن مري“) بلڪھ ان کان بھ اڳتي وڏي مصنف جي زماني ۽ ھن جي قوم، بلڪھ ھن جي پوري تھذيب جي نقش جو نالو آھي.“

نثر ۽ نثري اسلوب[2]

گذريل بيان مان واضح ٿي ويو ھوندو تھ اسلوب يا اسٽائل اصل ۾ تحرير (منظوم يا منشور) جي ڪنھن ھڪڙيءَ صفت جو نالو نھ آھي. اسلوب سان مطلب ڪنھن تحرير جي خارجي خصوصيت بھ نھ آھي، جيئن عموما سمجھيو ويندو آھي. انھيءَ طرح اسلوب لفظ ۽ معنيٰ جا ٻھ جدا جدا اجزا ۽ عناصر جو مجموعو بھ نھ آھي. اسلوب مرڪب شيءِ ھجڻ جي باوجود حقيقت ۾ ھڪ بسيط شيءِ آھي، جنھن ۾ اجزائي ترڪيبيءَ جي وجود کان تھ انڪار ڪري نٿو سگھجي، پر اھي سڀ اجزا ھڪ اھڙيءَ وحدت جا اجزا آھن، جن جي وحدت کي ڪنھن طرح بھ ٽڪرن ۾ بدلائي نٿو سگھجي.

اسلوب مصنف جي شخصيت جو عڪس آھي، جو لفظن جي صورت ۾ ظاھر ٿيو آھي. اسلوب مصنف جي ذھني ۽ جذباتي تجربي جو خارجي روپ آھي، جنھن ۾ مصنف جي باطن ۽ نفس جي دنيا جي پوري تصوير نمودار ٿي ويئي آھي ۽ مصنف جا تجربات الفاظ جي صورت ۾ جلوه گر ٿيا آھن. ھي لفظ انھن تجربات ۾ ائين جذب ٿي ظاھر ٿيا آھن، جيئن شراب ۾ مستي، گل ۾ رنگ ۽ خوشبو. انھن جو پاڻ ۾ اھو ئي لاڳاپو آھي، جيڪو رڳ ۽ چمڙيءَ کي شخص انساني سان ٿئي ٿو.

مطلب تھ اسلوب تحرير جي ڪنھن ھڪ صفت جو نالو ناھي، بلڪھ اسلوب حقيقت ۾ مصنف جي پوري ذات جو عڪس ۽ ان جو مطالعو آھي.

شعر ۽ نثر[3]

شاعر ۽ نثر نگار ٻئي پنھنجي پنھنجي اسلوب بيان جا مالڪ ھوندا آھن. شاعر پنھنجن تجربن کي منظوم شڪل ڏيندو آھي. نثر نگار پنھنجن تجربن کي نثر ۾ پلٽي ٿو. جيسين تخليقي بنيادن جو واسطو آھي، ٻنھي جي عمل جو سلسلو ھڪجھڙي نوعيت رکي ٿو. ٻئي پنھنجي پنھنجي رنگ ۾ تخليق جو ڪم سرانجام ڏين ٿا، پر ان جي باوجود ھيءُ سوال قدرتي آھي تھ ھڪ شاعر ۽ نثر نگار جون حدون ڪٿي پھچي جدا جدا ٿي وڃن ٿيون؟

جديد نقد ونظر جي فتويٰ تھ ھيءَ آھي تھ جنھن شيءَ کي اسين نثر چئون ٿا ۽ ان کي شعر جو ضد سمجھون ٿا، سو اصل ۾ شعر جو ضد نھ آھي، بلڪھ نظم جو ضد آھي. ڇاڪاڻ تھ شعر موزون انداز سان جذبات جي مصوريءَ جو نالو آھي ۽ نثر ۾ لکي سگھجي ٿو. شعر جي ھيءَ صفت نٿر ۾ پيدا ٿي سگھي ٿي. مغربي تنقيد نثر ۽ نظم کي ضد ٺھرائي ٿي، نثر ۽ شعر کـي ھڪ ٻئي جو ضد نٿي ٺھرائي.

اسان جن آڳاٽن فن جي عالمن نثر ۽ نظم کي جدا جدا صفتون ٺھرايون آھن، پر ھو شعر کي نظم جي اندر محدود ڪري ٿا ڇڏين ۽ چون ٿا تھ شعر بھترين منظوم ڪلام سان مطلب آھي. انھن وٽ نثر ۾ شريعت اچي سگھي ٿي، پر ان ۾ شعر سمائجي نٿو سگھي. نثر ۾ جيڪڏھن شاعرانھ عناصر زياده نمايان ٿي وڃن تھ ان کي ھو شاعرانھ نثر چوندا.

انھن بحثن جي باوجود ھيءُ مسلم آھي (خصوصا ھيستائين اسان جي روايتن ۽ اسان جي مذاق جو واسطو آھي) تھ نثر، نثر آھي ۽ شعر جو صحيح قالب نظم ئي آھي. انھيءَ بنياد تي شاعر جي اسلوب ۽ نثر نگار جي اسلوب جي وچ ۾ حد قائم ڪرڻ ڪجھھ وڌيڪ نامناسب نھ آھي. جيتري قدر نثر ۽ شعر، ٻنھي قسم جون تحريرون ڪيترن ئي معاملن ۾ مشترڪ اصولن جون پابند ھونديون آھن.

سڀ کان وڏو سوال ھيءُ آھي تھ نثر ۽ شعر جا قدرتي ميدان ڪھڙا آھن؟ جڏھن شعر يا نظم ادب ۾ نثر کان اڳي وجود ۾ آيو آھي تھ شعر جي موجودگيءَ ۾ انسان کي نثر جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ ھن جو سادو ۽ مختصر جواب ھيءُ آھي تھ شعر شديد ۽ ڀرپور جذبي جي اظھار لاءِ مناسب ترين سانچو آھي. انساني جذبات کي اپيل ڪري ٿو ۽ ان جو اظھار ضروري نھ آھي، جو عقل ۽ منطق جي روءِ کان صحيح ثابت ھجن. جذبو تخيل جي زبان سان گفتو ڪري ٿو ۽ تخيل جي منطق جي دنيا کان جدا بھ ھڪ بادشاھت آھي، جنھن جي اھـڙيءَ طرح حڪمراني آھي، جھـڙيءَ طرح معقولات ۽ منطق جي.

انساني تصورات جي دنيا جا ٻھ وڏا عظيم کنڊ آھن: ھڪڙو ھن جي دل جي اندر آھيو، ٻيو ھن جي اکين جي اڳيان، جنھن جو واسطو اندر جي دنيا سان آھي. ھو ڪڏھن ڪڏھن بلڪھ عموما ٻاھر جي دنيا جي ڳالھين کي بھ ھڪٻئي تائين پھچائڻ گھري ٿو ۽ وڏي تعين ۽ وضاحت سان پھچائڻ گھري ٿو ۽ اھڙي انداز سان پھچائڻ گھري ٿو، جو ٻڌڻ وارن تائين اھي ڳالھيون ٺيڪ ٺيڪ ۽ ھوبھو پوريءَ جزئيات سوڌو پھچي وڃنن. انھيءَ جي لاءِ ھو اھڙيءَ طرح پنھنجي مطلبن کي مرتب ڪري ٿو، جيڪو مخاطب جو عقل ۽ فھم ھوبھو انھن جو احاطو ڪري.

سھن غرض جي لاءِ شعر جو سانچو ھرگز موزون نھ آھي. انھيءَ قسم جي سچي ۽ خارجي ٺوس واقعيت جي لاءِ، جنھن ۾ ڪامل تعين ۽ وضاحت گھربل ھجي، نثر ئي حقيقي قالب آھي، جيڪو ان جي مشڪلات کان نڪري اچي.

”مڊلٽن مري“ جا لفظ آھن: ”شاعري ھڪ تمام شديد قسم جي جذبي جو ذريعو آھي. جتي قوت فيصلي کي اپيل آھي، تتي نثر ذريعو آھي.“

ان مان ھيءُ ثابت ٿو ٿئي تھ شعر جو سڄو دارومدار جذبي تي آھي. جيڪڏھن ڪنھن موزون ڪلام ۾ جذبو نھ آھي تھ اھو حقيقت ۾ شعر نھ ھوندو، پر نثر ۾ جذبي جو ھجڻ ضروري نھ آھي. نثر جو راڄ، شعر جي راڄ کان وسيع تر آھي. ان ۾ جذبي جو اظھار ممڪن آھي ۽ معقولات، معمولات، محسوسات، جذبات ۽ مجرد حقيقتن جو بيان بھ شعر جي گھرائي ۽ شدت جي مقابلي ۾ نثر جي ميدان ۾ وسيع آھي. شعر جيڪڏھن دل جي گھريڻ جو غماز آھي تھ نثر ذھني وسعتن جو امين آھي. انھيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو تھ شعر داخليت جي لاءِ موزون ترين اظھار بيان آھي ۽ نثر خارجيت لاءِ.

شعر ۽ نثر ۾ ھڪ ٻيو فرق ھيءُ بھ آھي تھ شاعر پنھنجي مواد کي تخليق ڪري ٿو، پر نثار جو مواد پھرين کان ئي موجود ھوندو آھي، جنھن کي ھو Plan ھيٺ تعمير ڪري ٿو.

نثر ۾ جذبو ٿئي ٿو ۽ ٿي سگھي ٿو، پر رڳو ان موقعي تي جتي عارضيءَ طرح تي مصنف جي منطقي گرفت، اقتصائي حال ومقام کان جذبي جي دٻاءَ ۽ مداخلت جي ھيٺ ڍري پئجي وڃي ٿي. نثر ۾ جذبو ڪڏھن ڪڏھن مھمان ھوندو آھي، پر شعر ۾ اھو صاحب خانھ آھي. تنھن ڪري نثر ۾ جذبي جي موجودگي ۽ عدم موجودگيءَ سان گڏوگڏ ھي بھ ڏسڻو پوندو تھ لکڻ واري جي منطقي گرفت ڪيتريءَ حد تائين ڪامياب آھي؟ سٺي نثر جي لاءِ لازم آھي تھ ان ۾ لفظن جو دروبست مضبوط ھجي، ٺوس واقعيت ھجي، لفظن ۽ ترڪيبن جي ترتيب ۾ ڪنھن خاص آھنگ جو خيال رکيو ويو ھجي، پيرايھ بيان منطقي ھجي، ان واقعيت ۽ اظھار ۾ جڏھن جذبي جي رنگ آميزي اجاگر ٿئي ٿي تھ اعليٰ ادبي نثر جنم وٺي ٿو. ليڪن غير ادبي نثر جي لاءِ بھ سليقي جي ڏاڍي ضرورت آھي، جيڪو منطقي ۽ جمالياتي لحاظ کان نثر جي قالب کي مڪمل رکي ۽ ھيءُ ڏسي تھ ڪلام مقتضائي حال ۽ موضوع وموقعي جي مطابق آھي يا نھ؟ تھ ھن ڳالھھ تي نظر رکي تھ:

1)        عبارتن ۽ فقرن جو تناسب ۽ پاڻ ۾ ربط ڪنھن حد تائين آھي؟

2)       معنوي ۽ لفظي اعتبار کان نثر ۾ خلا ۽ کانچا تھ نھ آھن؟

3)       لفظن جي انتخاب ۽ ترتيب جو ڇا حال آھي؟

4)       لفطن ۽ ترڪيبن جي وچ ۾ فاصل جو آھنگ ڇا آھي؟

انساني ذھن جا ٻھ ڀاڱا آھن: منطقي (Logical) ۽ تخيلي (Imaginative)، ھر شخص ۾ ان جو تناسب ھن جي طبع جي افتاد مطابق ھوندو آھي. انھن مان ادبي ۽ غير ادبي نثر جا چشما ڦٽن ٿا. غير ادبي نثر جي اپيل دماغ يا عقل کي ٿئي ٿي ۽ ان جو مقصد معلومات بھم پھچائڻ ھوندو آھي. ھن جي ابتڙ ادبي نثر جي اپيل جذبي ۽ تخيل کي ھوندي آھي ۽ ان جو مقصد تخيل کي تحريڪ ڏيڻ سان گڏوگڏ تفريح ومسرت جو سامان گڏ ڪرڻ ھوندو آھي.

ڪو نثر، جنھن کي ادبي ھجڻ جي دعويٰ اھي، جذبي جي ميلاپ کان خالي ٿي نٿو سگھي. اعليٰ درجي جي ادبي نثر ۾ منطق جي ڪامياب گرفت سان گڏ جذبي جي زبان بھ نھايت خوبصورت، رنگ آميزيون ڪندي ڏيکاري ڏئي ٿي. انھن ئي عنصرن جو جائزو ۽ انھن جي دريافت حقيقت ۾ ابد نثر جي تنقيدي ميدان جو پھريون قدم آھي.

عام نثر ۽ ادبي نثر ۾ فرق ھيءُ اھي تھ ادبي نثر ۾ تحريڪ بھ جذباتي ٿئي ٿي ۽ ان جو نصب العين بھ ھيءُ آھي تھ مخاطب ۽ قاريءَ جي جذبن کي اپيل ڪري، عام نثر ڪاملا عقل وفڪر سان خطاب ڪري ٿو. ھن جو مقصد ھيءُ ھوندو آھي تھ چند ڄاتل مطلبن کي قاريءَ تائين اھڙيءَ طرح پھچايو وڃي، جو مخاطب کي انھن جو يقين ٿي وڃي.

حقيقت ھيءَ آھي تھ نثر جو بنيادي مقصد تھ اھو ئي آھي تھ ان کان اھو ڪم ورتو وڃي، جيڪو شعر ۾ خوبيءَ سان ادا ٿي نٿو سگھي. پر انساني ذھن ۾ عمل انھيءَ قسم جي حدن ۽ قيدن جو متحمل ٿي نٿو سگھي. ھو نثر جي وسعتن مان فائدو کڻي، ان کي بھ پنھنجي جذبات جي اظھار جي جولانگاھ ٺاھي ٿو ڇڏي، مگر وري بھ ھيءُ فرق واضح ٿو رھي تھ جنھن حالت ۾ نثر جي بنيادي صفت (Calculation) آھي، انھيءَ ڪري جذبات وتجربات کان نڪتل فڪرن کي غور وفڪر سان مرتب ڪرڻ کان پوءِ، جڏھن انھن جو اظھار مقصد ھوندو آھي تھ نثر جو قالب اختيار ڪيو ويندو آھي.

حقيقي نثر يعني خالص منطقي نثر رياضي، سائنس، فلسفو ۽ عام ڪاروباري ڪتابن ۾ ملي ٿو، جتي مصنف پنھنجي ذھني تاثر کي پنھنجي مشاھدن ۽ خارجي تجربن ۾ حل ٿيڻ نٿو ڏئي. ڪوشش جي باوجود اڪثر وقتن تي ھو پنھنجي ذاتي تاثرات کي دانستھ ۽ نادانستھ انھن تحريرن ۾ بھ داخل ڪري ئي ٿو ڇڏي.

منطقي نثر جو ھڪ وڏو خاصو ھيءُ ٿئي ٿو تھ ان ۾ معلومات کي اھڙي طريقي سان مرتب ڪيو وڃي ٿو، ان جي ذريعي وضاحت، قطعيت ۽ تعين جون صفتون ڪاملا پيدا ٿي وڃن. ٻين لفظن ۾ عبارتن جو منطقي قالب وڏو مڪمل ھجي.

ادبي نثر جو وڏو خاصو ھيءُ ٿئي ٿو تھ جذباتي فضا جي باوجود عبارت جو منطقي رنگ قائم رھي.

ادبي نثر جو ھڪ امتياز ھي بھ آھي تھ ان جو موضوع ادب جي عام موضوعن مان (جيتوڻيڪ ان جو ڪو تحديد نھ آھي)، ساڳي٤ طرح ان جي تحريڪ ۽ ان جو نصب العين اھو ئي ھجي، جيڪو ادب جي لاءِ فن لطيف جي حيثيت ۾ مخصوص آھي. ان جو اصلي مقصد بي غرض خوشي ھجي، خواه ضمني طور تي ان مان ٻھ فائدا مرتب ٿين.

عام ڪاروباري نثر ۽ منطقي نثر ۾ بھ ادبي عنصر ٿي سگھي ٿو، پر ھر نثر ادبي تحرير ٿي نٿو سگھي، جيستائين ان ۾ ادب ھئڻ جون خصوصيتون نھ ملن.


[1]   اشارات تنقيدي مؤلف ڊاڪٽر سيد عبدالله، ص. ٣٦٩ (ماخذ)

[2]   اشارات تنقيدي مؤلف ڊاڪٽر سيد عبدالله، ص. ٣٦٩ (ماخذ)

[3]   اشارات تنقيدي مؤلف ڊاڪٽر سيد عبدالله، ص. ٣٦٩ (ماخذ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org