اعتراض ڪيا آھن. جنھن حالت ۾ اعتراضن کان موقعو
ملي ٿو تھ غلطين کي صحيح ڪري وٺجي، بشرطيڪھ اعتراض
صحيح ھجن. تنھن ڪري محترم شاھ صاحب جو شڪر گذار
رھڻ گھرجي تھ مون کي پنھنجا عيب ڏيکاريا ويا آھن.
عيبن کان مشڪل سان انسان آجو ھوندو آھي.
اڳتي ھلي ڏيکاريو ويندو تھ اصل غلطي ڊاڪٽر
گربخشاڻي جي آھي، نھ ڪنھن ٻئي جي ۽ پروفيسر شام
صاحب جا اعتراض صحيح معلومات نھ ھجڻ ڪري ۽ ڊاڪٽر
گربخشاڻي جي لکڻين کي صحيح سمجھي، ھن جي پٺيان ھلڻ
تي مبني آھن. ڊاڪٽر دائود پوٽي تي شام صاحب جون
تنقيدون بھ گھڻين ڳالھين جي اڻ واقفيت کان آھن،
ڇاڪاڻ تھ ان وقت جي ڪاليج جي فضا معلوم نھ ھيس ۽
نھ تنقيدن جو پس منظر ۽ ماحول ۽ نھ ان زماني جون
اخبارون ڏٺيون ھوندائين، جن ۾ تنقيدون ۽ ان جا
جواب ايندا ھئا، ڇاڪاڻ تھ پاڻ ڄاڻو ئي ڪين ھوندو.
بعد ۾ انھن اخباري تنقيدن ۽ ٻين ڳالھين بابت جيڪو
احوال آيل آھي، سو گھڻي زماني گذري وڃڻ کان پوءِ
مٽيل صورت ۾ آھي ۽ ڪي ڳالھيون پنھنجي مطلب لاءِ
صفا آندل ئي نھ آھن. اھو ان ڪري ٿو چئجي تھ اسان
جون اھي سڀئي اخبارون پڙھيل ھيون ۽ مٽائي لکيل
ڳالھيون بھ نظر مان نڪتل ھيون. محترم ڊاڪٽر
عبدالجبار صاحب جون مٽائي لکيل ڳالھيون پڙھيل آھن،
نھ اصل تنقيدون. تنھن ڪري پورو اندازو نھ ڪري
سگھيو آھي. تنقيد جي معاملي ۾ سڀ ڳالھيون اڳيان
رکڻ کپن نھ تھ غلط بياني جو احتمال آھي.
اسان تي تنقيد ڪندي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي جو پاسو
وٺندي ڊاڪٽر شام صاحب تڪليف ئي نھ ورتي آھي تھ
اسان ڪٿي ڪٿي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي تعريف ڪئي ۽ ڪٿي
تنقيد ۽ ڇو؟ تعريف جا حوالا ھيٺ ڏجن ٿا.
1)
ڊاڪٽر صاحب ڏاڍي محنت ۽ قابليت سان شاھ ڀٽائي جو
رسالو گڏ ڪري ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ بيتن جو شرح
ڏئي ڇپايو آھي. ڊاڪٽر جي اھا محنت قابل قدر
آھي.(١)
2)
مقدمھ لطيفي ۾ شاھ صاحب مرحوم جي حياتي جو احوال
تفصيل وار ڏنل آھي. ان ۾ ڊاھ صاحب جي تعليم، مذھب،
سير وسياحت، شاعري ۽ تصوف بابت چڱو بحث ڪيو
اٿس.(٢)
3)
مگر تذڪره لطيفي انھن کان بچيل آھي. ڊاڪٽر صاحب ھر
ھڪ ڳالھھ کولي لکي آھي ۽ ان ۾ زبان بھ سليس ۽ سھڻي
ڪتب آندي اٿس، جنھن کي پڙھڻ سان دل کي فرحت اچي
ٿي. اسلوب بيان دلنشين ۽ وڻندڙ آھي، جنھن ڪري قبول
ڪرڻو ٿو پوي تھ ڊاڪٽر صاحب پنھنجي ادبي مقصد ۾
ڪامياب ٿيو آھي.
4)
ڏسجي ٿو تھ ڊاڪٽر صاحب گھڻي دماغ سوزيءَ ۽ ورق
گرداني کان پوءِ پنھنجو ”مقدمھ لطيفي“ تيار ڪيو
آھي.
5)
ڊاڪٽر صاحب شاھ جي رسالي ۾ ڪم آيل ڏکين لفظن جي
معنيٰ ڏيئي، بيشڪ ھڪ اعليٰ درجي جو ڪم ڪيو آھي،
جنھن جي ڪري شاھ جي بيتن جو مطلب ۽ معنيٰ سمجھڻ
ھاڻي گھڻي قدر آسان ٿي پيو آھي. ڊاڪٽر صاحب جو اھو
سنڌي زبان تي وڏو ٿورو آھي ۽ سندس ھيءَ تصنيف جڏھن
ڪوبھ ٻيو فاصل، شاھ جي رسالي جو شرح لکڻ ويھندو،
تڏھن ان لاءِ ھڪ واقفڪار رھنما ثابت ٿيندي.
6)
مقدمھ لطيفي ڪاغذ ۽ ڇپائيءَ جي ڪري عمدو آھي ۽
پنھنجي طاقت سارو گھٽايو ڪونھ آھي. ھيءَ ٻي ڳالھھ
آھي تھ ان ۾ ڪاميابي بلڪل ٿوري حاصل ڪئي اٿس. تڏھن
بھ سندس محنت کان انڪار ڪري نٿو سگھجي.
اسان مناسب تعريف مٿي لکي آھي، پر ڊاڪٽر شام ڪنز
اللطيف ۾ لکيو آھي تھ: ”اسان جي دوستن کي چوڪون
نظر اچن ٿيون تھ رڳو ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ سورلي جي
پورھئي ۾.
جيڪڏھن غلطين تي نڪتھ چيني ٿي آھي تھ ڪھڙو عيب
آھي؟ پاڻ قبول ٿو ڪري تھ: ”ھنن مان ڪن کان چوڪون
ٿيون آھن. مٿي ڪٿي سڄو رسالو ڪنھن بھ صحيح ڪونھ
لکيو آھي. انسان کان ئي غلطيون ٿين ٿيون نھ فرشتن
کان.“(١) ٻئي ھنڌ لکيو اٿس: ”برابر ڪي ڳالھيون
اھڙيون آھن جيڪي اختلاف واريون آھن. اھي خاميون
ايتريون آھن، جيڪي خوبين جي اڳيان ٿڇ آھن.“(٢)
ٽئين ھنڌ لکي ٿو: ”برابر آھي تھ ڪي بيت ڊاڪٽر صاحب
خارج ڪري ويو آھي، پر اھو رڳو انھيءَ ڪري ٿيو جو
قلمي نسخن سندس غلط رھبري ڪئي.“
عجيب منطق آھي. جيڪڏھن غلطيون آھن ۽ ڏيکاريون ويون
تھ پوءِ ڇاجي شڪايت؟ مصنف ۽ پڙھندڙن کي ڪيئن خبر
پوي ھا؟ ڪيئن درستيون ٿي سگھن ھا؟ ۽ ڪيئن فن تنقيد
ترقي ڪري سگھندو؟
ڊاڪٽر گربخشاڻي تي ھندن جي تنقيد:
ڊاڪٽر شام صاحب کي خبر ھئي تھ پھريائين سخت تنقيد
ڊاڪٽر گربخشاڻي تي ھندن ڪئي ھئي نھ مسلمانن. جڏھن
پھريون جلد ڇپيو تھ سخت تنقيل جيٺ مل پرسرام
گلراجاڻي ڪئي.
ڊاڪٽر شام صاحب لکي ٿو تھ ”برابر آھي تھ ڪي بيت
ڊاڪٽر صاحب خارج ڪري ويو آھي.“ پاڻ تعداد ڪٿي ٿو
لکي؟ پر ڄيٺ مل ٿو چوي: ”رسالي مان ھڪ ھزار بيتن
جو خون“ يعني ھڪ ھزار بيت ڪڍيا ويا.
سنڌو اپريل ١٩٣٨ع واري مضمون ۾ ڀيرومل لکيو آھي
تھ: ”مسٽر ڄيٺمل جي پھرئين ئي ليک ۾ منھنجي دل ۾
ھي خوف جاڳيو تھ رسالي تي رڳو مٿاڇري نظر گھمائي
ڪھڙو زبردست ليک لکيو اٿس. سو جنھن مھل سڄو رسالو
پڙھي پورو ڪندو، تنھن مھل تھ الاجي ڇا ڪندو.“
مٿئين تنقيد ڊاڪٽر گربخشاڻي تي نھايت اھم ھئي،
جنھن کي چٽي طرح ظاھر ڪرڻ کپندو ھو. پر ڊاڪٽر شام
صاحب ان کي لڪائي ڇڏيو ۽ پنھنجي ڪتاب ۾ ڪو ذڪر نھ
ڪيائين. ھن تنقيد کي خود ڪاڪي ڀيرومل ”زبردست“
سڏيو آھي. ان مان ڊاڪٽر شام صاحب جي جانبداري ظاھر
ٿي پئي آھي. کيس خبر ھئي تھ پھريائين زبردست
تنقيدون ھندن ئي ڊاڪٽر گربخشاڻي تي ڪيون ھيون، پر
مسلمانن ڊاڪٽر صاحب جو پاسو ورتو ۽ انھن تنقيدن جو
جواب ڏنو. ڪنز اللطيف جي مؤلف ھندئن جي خلاف ھڪ
اکر بھ نھ لکيو، بلڪھ بعد ۾ جڏھن مسلمانن ڏٺو تھ
ڊاڪٽر گربخشاڻي ڏاڍا قھر ڪيا آھن تھ مٿس تنقيد
ڪيائون تھ ڊاڪٽر شام ڏاڍي ڏک سان اعتراف ٿو ڪري تھ
ڊاڪٽر گربخشاڻي تي تمام گھڻا اعتراض ڪيا آھن، ڄڻ
تھ ھن کان غلطي سرزد نھ ٿي آھي جو چوي ٿو تھ:
”ڊاڪٽر صاحب (ڊاڪٽر گربخشاڻي، خليل) جي محنت تي
صحتمند تنقيد ڪاڪي ڀيرومل کان سواءِ ڪنھن بھ نھ
ڪئي آھي. اسان جن نقادن ۾ اھڙا بزرگ تمام ٿورا
آھن. پر في سبيل الله فساد
ڪرڻ وارن ۾ مذھب جي بنياد تي ابتو قلم وھائڻ وارن
جو تعداد گھڻو آھي.“
ھاڻي ڏسو ھندن جي مقابلن ۾ ڇوه ڇنڊيا اٿس ويچارن
مسلمانن تي. جيڪڏھن ھندو اسلامي عقيدن ۽ اخلاقيات
کان واقف ھجن ھا تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي کي اتي بھ نھ
ڇڏين ھا، جتي بيتن ڪڍڻ ۽ غلط معنائون ڪرڻ تي تنقيد
ڪئي ھئائون. پر ڄيٺمل صاحب چئي ڏنو: ”ھن تھ روحاني
رازن جو بھ خون ڪيو آھي.“
مسلمانن جي ڊاڪٽر گربخشاڻي تي تنقيد:
شاھ صاحب جي پوري رسالي جو موضوع تصوف ۽ اسلامي
اخلاقيات آھي، تنھن ڪري مسلمان عالم ۽ تصوف کان
واقف ئي تنقيد ڪري سگھن ٿا، جيڪي اسلامي عقيدن ۽
تصوف کان واقف آھن، نھ اھي ماڻھو جيڪي انھن کان اڻ
واقف آھن، تنھن ڪري انھن اعتراضن ۽ تنقيدن کي ”کار
ملا في سبيل الله فساد“ چئي ريٽي نٿو سگھجي. ڇاڪاڻ
تھ اھو حقيقتن جي ھم آھنگ نھ ٿيندو. خود ڊاڪٽر شام
صاحب جي تحريرن جي مھن ۾ فساد مضمر آھي، جنھن کي
اڳتي واضح ڪندا وينداسين. ڪاڪي ڀيرومل جي ناجائز
تعريف سان گڏ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي مسلمان ناقدن کي
خواه مخواه حقارت ۽ خلاف تھذيب انداز ۾ پيش ڪرن
ڊاڪٽر شام صاحب جي شان وٽان نھ ھو، ڇاڪاڻ تھ انھن
۾ وڏا ذي علم ۽ صحيح النظر ناقدين بھ موجود آھن.
باقي رھجي ويو مذھب جي بنياد تي ابتو قلم وھائڻ جو
سلسلو تھ اسان کي سخت شڪايت آھي ڊاڪٽر شام سان تھ
ھن شاھ جي رسالي جو موضوع نھ سمجھيو آھي ۽ مذھب جو
طعنو ڏنو آھي. سواءِ اھل مذھب ۽ تصوف کان واقف جي
ڇا ڊاڪٽر گربخشاڻي يا ڊاڪٽر شام صاحب انھيءَ مسئلي
کي سمجھي سگھي ٿو؟ انھيءَ ڳالھھ ئي تھ ڊاڪٽر شام
صاحب جو ڀيد کولي ڇڏيو آھي ۽ سوال پڇي سگھجي ٿو تھ
ڊاڪٽر شام صاحب جي تصور ۾ مسلم معاشري يا مذھب
اسلام جو ڪھڙو نقشو آھي؟ اسان کي اميد آھي تھ ٿڌي
دل سان انھيءَ تي غور فرمائيندو.
اڄ اسين پروفيسر ڊاڪٽر شام صاحب کان ھڪ عجيب وغريب
طريقو تنقيد ڪرڻ جو ٻڌون پيا ۽ حيران آھيون تھ ان
کي تنقيد جو ڪھڙو نمونو سڏجي؟ سواءِ ان جي اسان کي
ٻيو ڪو نالو نٿو سجھي تھ ان کي ادبي بدديانتداري
جي تنقيد سڏجي ۽ تنقيد جي قسمن ۾ داخل ڪجي. ڊاڪٽر
شام صاحب مٿي لکي آيو آھي تھ اسان جن مذھب ۽ تصوف
کان واقف نقاد بزرگن جي مقابلي ۾ ڪاڪي ڀيرومل
صحتمند تنقيد ڪئي آھي. ھن کي ڪيئن خبر پئي تھ اھا
تنقيد صحتمند ھئي؟
ڀيرومل جي تنقيد جو جائزو:
ڊاڪٽر شام صاحب کي ڀيرومل جي تنقيد جا نمونا ڏيڻ
کپندا ھئا ۽ ٻين نمونن سان ڀيٽ ڪري ڏيکارڻ کپندو
ھو تھ پوءِ سندس چوڻ مڃڻ جي قابل ٿئي ھا.
پھريون جلد ڇپندي ئي ڊاڪٽر گربخشاڻي تي تنقيدون
شروع ٿي ويون، جن جي ابتدا ھندئن ڪئي. ١- جيٺ مل
پرسرام گلراجاڻي، ٢- ليلا رام وطڻ مل رٽائرڊ جج،
٣- ڀيرومل مھرچند آڏواڻي.
اھي تنقيدون ھندو اخبارن ڀارت واسي، پرڪاش، سنڌ
آبزرور وغيرھ ۾ پي آيون ۽ مسلمان اخبارن الوحيد ۽
الاصلاح ۾ بھ. ڪاڪي ڀيرومل ھندو اخبارن جو اختصار
سنڌو رسالي ۾ سنھ١٩٣٨ع ۾ قسطوار مارچ کان سيپٽمبر
تائين ڏنو آھي. پر ڊاڪٽر دائود پوٽھ ۽ حڪيم فتح
محمد صاحب جا جواب ڪنھن بھ اخبارن مان نھ ڏنا اٿس،
پر مولانا دين محمد وفائي پنھنجي ڪتاب ”شاھ جي
رسالي جو مطالعو“ ۾ ائين ٿو ڏئي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي جي گڏ ڪيل رسالي تي ڪي اصولي
اعتراض ڪيا. (ڄيٺمل ڪيا- خليل) ھن جو چوڻ ھو تھ
ڊاڪٽر گربخشاڻي اٽڪل ھڪ ھزار بيت رسالي مان ڪڍيا
آھن، جنھن ڪري سنڌي ادب کي ھڪ وڏو ڌڪ لڳي رھيو
آھي. آخر اھي بيت ڇو ڪڍيا ويا آھن ۽ ان لاءِ ڪو
قوي سبب ھجڻ گھرجي.“
مولانا وفائي جي ڪتاب جي صفحھ ١١٠ مان معلوم ٿو
ٿئي تھ پھريائين ھندئن ڊاڪٽر گربخشاڻي تي تنقيدون
ڪيون، جن جو مسلمانن جواب ڏنو. اخبارن ۾ رد ڪد
مھينن جا مھينا ھلندو رھيو ۽ اھي تنقيدون اھميت
واريون ھيون. ڪاڪي ڀيرومل مسلمانن جي تنقيدن جو
بيان انھيءَ ڪري نھ ڪيو آھي، جو جھڳڙي کي بند
ڪرائڻ جي پڳ پاڻ ٿو ٻڌڻ گھري، حالانڪھ مولانا دين
محمد جي چوڻ مطابق مولانا قاضي عبدالله شاھ ٽکڙائي
جي لکڻ کان پوءِ نبيرو ٿيو.
ڀيرومل جا سنڌو رسالي مان ڪجھھ اقتباس:
1)
”مقدمھ جي خوبين سان ان جي خامين يا اوڻاين جو ذڪر
ڪيو اٿم.“
ھن مان معلوم ٿيو تھ مقدمھ ۾ اوڻايون بھ آھن.
2)
”منڍ واري صفحھ ب ۾ ھي لفظ لکيل ڏٺم........ ڪيترن
لفظن جون معنائون ڌڪي بازي يا اوٽ تي پئي ڪيون
ويون آھي.
]ھي
ڊاڪٽر گربخشاڻي جا پنھنجا لفظ ڀيرو مل لکيا آھن[
”......... چي ڊڪشنرين جو جوڙيندڙ ۽ رسالي جي لغت
نويس علم لغات جو ڪوبھ سماءُ ڪونھ لڌو آھي. تنھن
سبب ڪري سندن لغتون اڌوريون ۽ خام رھجي ويون آھن.
رڳو ڌڪي بازيءَ تي زور رکيو اٿن ۽ معنائن ۾ ڏاڍا
ھاڃا ھنيا اٿن.
]ھي
ڊاڪٽر گربخشاڻي لکيو آھي[.......
سندس ھي لکڻ جو نمونو مون کي نھ وڻيو، بلڪھ ان مان
بانور جي بوءِ آيم. سند لکڻ موجب سنڌ ۾ اوندھ آھي،
تنھن ڪري چيم تھ ڏسان تھ پاڻ ڪھڙو سوجھرو ڪيو اٿس
۽ رسالي جي صحيح پڙھڻين ۽ صحيح معنائن ڏيڻ ۾ ڪيتري
قدر سوڀارو ٿيو آھي؟ جنھن سرڌا سان سندس رسالو
پڙھڻ ٿي چاھيم، سا سرڌا ھھڙي جبري جلھھ ڪري ھٽجي
ويم بلڪھ مٽجي ويم.“(١)
]ڊاڪٽر
صاحب رسالي جي معنيٰ لکندڙن تي جلھھ ڪئي آھي، تنھن
تي ڪاڪي جي تنقيد آھي- خليل[
3)
ھن ڪتاب
]رسالي
جي پھرين جلد[
پڙھندي معنيٰ ۽ شرح واري ڀاڱي
ڏي بھ وقت نھاريندو ويس. جيڪي نيون يا ڦريل
پڙھڻيون نظر آيم ۽ معنائن واري ڀاڱي ۾ جيڪي تفاوت
يا خاميون ڏٺم، سي بر وقت نشان ڪيم.“
4)
”ان وقت جيڪو اثر دل تي ويٺم، سو ھي آھي تھ جيڪو
بانور ڪتاب جي منڍ ۾ ڪيو اٿس، سو اجايو آھي.
اوڻاين کان آجو ھڪڙو ايشور آھي. باقي ايترو چئبو
تھ رسالي تي پورھيو بيشڪ ڪيو اٿس ۽ ڪيتري قدر نئين
روشني بھ وڌي اٿس.“
5)
ڄيٺمل جي تنقيد لاءِ چوي ٿو: ”تنھن ۾
]ڀارت
واسي ۾[
ھڪ لنبو ليک ڏٺم، جنھن جي مٿان
پروفيسر گربخشاڻي جو نالو ٿلھن اکرن ۾ ڇپيل
ھو....... سڄي رسالي تان ڊاڪٽر گربخشاڻي کي وٺي
سڱن تي کنيو اٿس. سندس رسالي جي جلد پھرين کي نڪمو
۽ ناڪام ٺھرايو اٿس، پر باقي ٽي جلد جي اڃا نڪرڻا
ھئا، تن کي بھ اڳواٽ ئي بنھھ ردي بنائي رکيو اٿس.“
]ڄيٺمل
جي تنقيد ڏانھن اشارو آھي[
6)
ڄيٺمل جو چوڻ ھو تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي ٽي خون ڪيا
آھن: ١- سنڌي ٻوليءَ جو خون ٢- روحاني رازن جو خون
٣- رسالي جي ھڪ ھزار بيتن جو خون.
ڳرا ڳرا عربي ۽ فارسي لفظ ڪم آيل آھن، جن مان ڪن
لاءِ نج سنڌي لفظ بھ موجود آھن تھ بھ انھن کي ڇڏي
عربي ۽ فارسي لفطن ڪم آڻڻ تي زور رکيو اٿس.“
]ھندن
جي اھا ذھنيت انھن ڏينھن کان ھلندڙ ھئي-خليل[
ماڻڪ منڌ ھٿان، پيتي ۾ پرزا ٿيو،
سڄو تان سيد چوي، لھي لک سوا،
ڀڳي پڄاڻان، پد مان ئي پري ٿيو.
ھن بيت جي معنيٰ، جيٺمل چوي ٿو تھ گربخشاڻي غلط
ڪئي آھي (سمجھاڻي اڳتي ايندي- خليل) ”جو ماڻھو پاڻ
رسالو سمجھي نٿو سگھي، سو ٻين کي ڇا سمجھائيندو؟
اھو اجھو ھيئن روحاني رازن جو خون ڪندو. (سمجھاڻي
اڳتي ايندي)
”پھرين جلد منجھان ئي ڪيترا بيت گم آھن، جي
جوابدارن ارادتون قتل ڪيا آھن. جيڪڏھن ھينئر ڇيڪ
ڇڏي ڏبس تھ پوءِ وڻ گھوڙو ڪين ٻڌندو ۽ رسالي جي
باقي رھيل ٽن جلدن ۾ اڃا گھڻا حلم ٻاريندو ۽ ھن
ريت سڄي رسالي مان ھڪ ھزار کن بيتن جو خون ٿي
ويندو.“
(ڪاڪي ڀيرومل جي انھن اقتباسن مان ڄيٺمل جو چوڻ
درست آھي. فيصلي تي ڳالھھ آئي تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي
ھارائي ويندو)
7)
ڀيرومل پاڻ ٿو چوي تھ: ”وچ ۾ پئي، سندس بچاءَ جو
شاھد ٿيان ۽ جيڪڏھن صفا ڇٽي نھ سگھي تھ بھ حال
ضامن پئي. ڪجھھ وقت لاءِ ڇڏائي اچانس، يعني عام
خلق جي ڪورٽ ۾ پلوءَ پائي وينتي ڪريان تھ پھريون
جلد خريد ڪري، ايترو ھمٿايوس تھ ٻئي ڀاڱي تي
ھيڪاري وڌيڪ محنت ڪندو.“(١) (ان مان گربخشاڻي غلط
ثابت ٿو ٿئي- خليل)
8)
مسٽر ڄيٺمل کي خانگي خط بھ لکيم تھ منھنجو ھي جواب
بنان دير ڀارت واسي ۾ ڇپي پڌرو ڪجو ۽ پروفيسر
گربخشاڻي جي برخلاف ھڪ اکر بھ وڌيڪ نھ لکجو.“(٢)
(ڪاڪي جون ڊاڪٽر گربخشاڻي جي طرفداري ۾ ڪوششون-
خليل)
9)
مسٽر ڄيٺمل منھنجو جواب يڪدم ڇپي پڌرو ڪيو. پر
اخبار جي ساڳي پرچي ۾ وري ھڪ زبردست ليک رسالي جي
برخلاف لکيائين.“(٣)
10)
”تنھن ۾ (يعني پرڪاش اخبار ۾- خليل) عليحدي عليحدي
نموني رسالي بابت ليک لکيم..... مون جيڪي ليک
لکيا، تن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي بچاءَ جو شاھد ٿي
بيٺس.“(٤) (ڪاڪو قبول ٿو ڪري تھ طرفدار ھو- خليل)
11)
پھرين جلد ۾ عربي لفظ ۽ صوفيانھ اصطلاحون آھن.
انھن اصطلاحن جي بدلائڻ جي ڪنھن کي اختياري نھ
آھي. ڪي ڳرا عربي لفظ ۽ فارسي ۽ عربي جملا ڪم آندا
اٿس، جنھن جي مٿس ميار ڪانھي جو فارسيءَ جو
پروفيسر ھجڻ ڪري فارسيءَ جو گھڻو اڀياس ھوندس.“(٥)
(ڪاڪي جو جواب صحيح نھ آھي. ڇا ٿيو جو فارسي پاڙھي
ٿو. مادري ٻولي تھ سنڌي اٿس)
12)
انھيءَ ھوندي بھ منڍ وارن صفحن ۾ ڪيترن ھنڌ سنڌي
نھايت چيدي لکي اٿس ۽ منجھس رواني بھ آھي.“ (٦)
(ھي صحيح آھي- خليل)
13)
”مقدمھ“ لفظ خود جيڪڏھن ڳرو آھي تھ بھ انھيءَ
”مقدمھ“ ۾ ڪيتريون ئي ڪارائتيون ڳالھيون نج سنڌي ۾
بھ لکيل آھن.“ (١)
(مقدمھ لفظ ڳرو چوڻ ئي اعتراض کي قبول ڪرڻو ٿيو.
مقدمھ جي اندر نج سنڌي لفظ آڻڻ جو مقدمھ سان ڪھڙو
واسطو؟ ھڪڙي لفظ جون ٻيون معنائون بھ ٿين ٿيون.
ڪورٽ ۾ ڪيس ھجڻ کي ڪورٽ ۾ مقدمو چئبو آھي. اھو لفظ
ڳرو تھ نھ آھي. ٻي معنيٰ مھاڳ جي بھ آھي ۽ انھيءَ
معنيٰ ۾ بھ ڪتب آڻبو آھي. سنڌي ٻوليءَ جي خصوصيتن
۽ ٻوليءَ ۾ وسعت ۽ لفظن کي جذب ڪرڻ جي قوت آھي-
خليل)
14)
ھر ھڪ ڳالھھ تنقيد جي تارازيءَ ۾ توري، بلڪل
باترتيب بيھاري اٿس، جنھن ۾ ظاھر آھي تھ تنقيد جي
اصولن جو بھ چڱو ڄاڻو آھي، پر اسان کي انھيءَ کان
بھ وڌيڪ ھيءُ ڏسڻو آھي تھ رسالي جي صحيح پڙھڻين ۽
صحيح معنائن ڏيڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي اٿس يا نھ؟ ڪتاب
جي ھر ھڪ صفحن جي ھيٺان ٻيون ٻيون پڙھڻيون ڏنيون
اٿس، جي خود ڏيکارين ٿيون تھ رسالي جي جدا جدا
نسخن ڀيٽڻ تي پورھيو بھ پورھئي جھڙو ڪيو اٿس.“(٢)
(چوڻ درست آھي)
15)
سڄو رسالو ويھي سوڌبو اٿس تھ سندس انھيءَ محنت جو
لاڀ اسان کي ضرور وٺڻ گھرجي. رسالي جي معنيٰ سان
گڏ ڪيترن لفظن جو اشتقاق يا ڌاتو ڄاڻايو اٿس. اھو
نمونو رسالي جي ڪنھن بھ لغت نويس اڳي اختيار ڪونھ
ڪيو آھي.(٣) (اھو چوڻ صحيح آھي)
16)
ڊاڪٽر گربخشاڻي پھريون سنڌي عالم آھي، جنھن ڳري
خرچ جي بھ پرواه نھ ڪري، سڄو رسالو معنائن سميت
ڪڍڻو ڪيو آھي ۽ پھرين جلد جي بيھڪ ۽ بناوت بھ اھڙي
آھي، جو ھھڙي عمدي ريت تيار ٿيل سنڌي ڪتاب مون
پنھنجي سڄي ڄمار ۾ ڪونھ ڏٺو آھي.(١) (ڪاڪي جي
انھيءَ دليل سان ھرڪو ذي شامل ٿيندو)
17)
معنيٰ ۾ ڦير فقط ھن ڪري پيو آھي جو پروفيسر
گربخشاڻي ”پد“ ۽ ”مان“ ٻھ ڌار لفظ ڪري ڄاڻايا آھن
۽ مسٽر ڄيٺمل ”پدمان“ ھڪ يڪو لفظ ڪري پڙھي ٿو.
تفاوت رڳو پڙھڻ جي نموني ۾ آھي ۽ اھا ڪا وڏي ڳالھھ
ڪانھي.“(٢) (ڪاڪي ڀيرومل جي اره زورائي آھي، ڏسو
نڪتھ٦)
ڊاڪٽر صاحب ٿو چوي تھ اصل ماڻڪ يعني سنڌ يعني زال
(انسان) جي ھٿان پيتي يا صندوق (جسم) جي اندر پرزا
ٿيو! شاھ صاحب جن فرمائين ٿا تھ ھيءُ روح جيستائين
سڄو ۽ سالم آھي، يعني جيستائين حرصن ۽ ھوسن جي
چپيٽ نھ آئي اٿس، تيستائين امل ماڻڪ وانگر لک بلڪھ
سوا لک لھي. يعني بي بھا آھي. پر جڏھن نفساني
خواھشن جي ٺوڪر لڳڻ ڪري ڀڄي پوي ٿو، تڏھن ”پد“
يعني درجي يا مرتبي کان پري ٿيو پوي، جنھن جي
معنيٰ تھ پوءِ ان جو ڪوبھ ملھھ يا مان نٿو ٿئي.(٣)
ڄيٺمل چوي ٿو: ”اھا غلط معنيٰ آھي. بيت جو صحيح
مطلب ھيءُ آھي تھ اصل ماڻڪ جيسين تائين سڄو ۽ سالم
آھي، تيسين تائين ان جو ملھھ لک سوا لک آھي. پر
ڀڄي ٽڪر ٿيڻ کان پوءِ ان جو ”پد“ يعني لکھا ڪروڙن
کان بھ وڌيڪ ٿو ٿئي. ھن ڳالھھ ۾ ھڪ روحاني راز
رکيل آھي، جنھن جو پروفيسر گربخشاڻي (ھاڻ ڊاڪٽر)
ڏٺو وائٺو خون ڪيو آھي.(٤)
ھن مثال ۽ معنيٰ جي سند ۾ ڄيٺمل ٻيو بيت شاھ جو
ڏنو آھي، جيڪو مرزا قليچ بيگ بمبئي واري سالي ۾ ۽
محمد صديق مسافر بھ ڏين ٿا، جنھن ۾ مسافر(١) ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ جو ۽ مرزا صاحبھ(٢) ڄيٺمل جو پاسو وٺن
ٿا. اھو بيت آھي: ”ڀڳو ميلائين مٿي ٿيو سڄو تان
سئو لکن“(٣)
ڄيٺمل چوي ٿو تھ ”ڀڳي پڄاڻان ملھھ ھيڪاري وڌيو
وڃي“ ۽ ڪاڪو اختلاف ڪندي لکي ٿو: ”شاھ صاحب جي وقت
۾ مفاصلن ڄاڻائڻ لاءِ نڪي رستن تي مئلن
(Miles)
جون دڙيون لڳل ھيون، نڪي ھن
مصراع ۾ انگريزي لفظ
(Miles)
ڪم آيل آھي. ھيءُ نج سنسڪرت
لفظ آھي. ميل معنيٰ ڳنڍ. ميل ميلاپ گڏي بھ چئبو
آھي. سڄي سٽ جي معنيٰ ھيءَ آھي تھ امل ماڻڪ جيسين
تائين سڄو آھي، تيسين تائين سوا لک لھي. يعني بلڪل
بي بھا آھي، پر جيڪڏھن ڀڳو تھ پوءِ ”ميل کان مٿي
(پري) ٿيو يعني پوءِ ڳنڍجڻ کان ئي ڇٽو.“(٤)
ڪاڪو ڀيرومل ڀلجي ٿو جو ھڪ لفظ گھڻيون معنائون ٿو
رکي. شاھ جي وقت ۾ فارسيءَ جو زور ھو تھ سنسڪرت جو
بھ. فارسيءَ ۾ پنڌ کي ميلن تي ڳڻبو ھو. ميل ھتي
فارسي لفظ آھي تھ سنسڪرت يا انگريزي. شاھ صاحب
جھڙو بلند پايھ شاعر ھڪ معمولي ڳالھھ ڪڏھن ڪين
ڪندو، ڇاڪاڻ تھ ھڪ قيمتي شيءِ ٽٽڻ کان پوءِ پنھنجو
ملھھ گھٽائي ڇڏيندي. معمولي معمولي شاعر بھ اھا
ڳالھھ ڪري ٿو سگھي، پر جيڪڏھن چئجي ٿو تھ ٽٽڻ کان
پوءِ اگھھ وڌي ٿو تھ ٻڌڻ وارو اچرج ۾ پئجي ويندو ۽
وڏي شاعرانھ ڳالھھ ٿي پوندي. شاھ صاحب جو اشارو
آھي تھ جڏھن آدم پيدا ئي نھ ٿيو ھو تھ رڳو خدا ئي
خدا ھو. يعني احديت ھئي. پر آدم جي پيدا ٿيڻ شرط
ڪثرت ئي ڪثرت نظر اچڻ لڳي. انسان جو شرف وڌي ويو ۽
ھو اشرف المخلوقات سڏجڻ ۾ آيو. وحدت مان پوءِ ڪثرت
ٿي پيئي. ھي تصوف جو مسئلو آھي، جنھن کي شاھ بيان
ڪرڻ فرمايو آھي.
18)
ڪاڪو وڌيڪ لکي ٿو: ”ڪتاب آھي جنسي سون جو ٽڪر، پر
ڊاڪٽر گربخشاڻي منجھس مٺ جو ڳوڙھو ڳنڍي ڇڏيو آھي،
جنھن سندس سڄي رسالي جو قدر گھٽائي ڇڏيو آھي.“(١)
اسان ڪاڪي جو طوالت کان بچڻ لاءِ ٿورو اختصار ڏنو
آھي. اخبارن جي اھم تنقيدن کي ضايع ٿيڻ کان ڀيرومل
ٻيھر سنڌو رسالي ۾ آڻي بچائي ڇڏيو آھي، پر ڊاڪٽر
شام صاحب فقط ڪاڪي ڀيرومل جي تنقيدن کي صحتمند چئي
ماڻھن جي اکين کان لڪائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تھ ڪيترن جا
وکر پڌرا ٿي پون ھا. سندس روش مان صاف آھي آھي تھ:
١- انھن تنقيدن مان ڊاڪٽر شام صاحب واقف ھو پر ٢-
ڄاڻي ٻجھي لڪايون اٿس. ڇاڪاڻ تھ اھي ڊاڪٽر
گربخشاڻي جي برخلاف ھيون. ٣- جنھن جي فائدي ۾ گھڻو
ڪجھھ ڪنز اللطيف ۾ لکيو اٿس. ٤- جنھن مان سندس
ديانتداري شڪي ٿي پيئي آھي، ٥- اھڙين اھم تنقيدن
کي لڪائي سنڌي ادب ۾ تنقيد جي اضافي کي روڪيو اٿس.
٦- سنڌي اديب سنڌي نقادن جھڙوڪ ڄيٺمل پرسرام، ليلا
رام، وطن مل ۽ ڀيرومل مھرچند جي تنقيدي ڪارنامن کي
ڄاڻائڻ کان رھجي ويا.
ڪاڪي انھيءَ تنقيد جي اھميت کي سمجھندي لکيو آھي
تھ: ”ڪاليجن ۾ علمي تدقيق سان اڀياس يعني مرمڃي
اڀياس
(CRITICAL STUDY)
ڪرڻو آھي، تنھن ڪري انھيءَ
مقدمه جي خوبين سان ان جي خامين يا اوڻاين جو ذڪر
ڪيو اٿس.“(١)
ڊاڪٽر عبدالجبار شام ۽ ڪاڪو ڀيرو مل:
ڊاڪٽر شام ڪاڪي ڀيرومل جي تنقيد کي صحتمند ٿو سڏي،
ڇاڪاڻ تھ ھو ڪٿي ڪٿي گربخشاڻي جي ھڪ نرالي نموني
سان طرفداري ٿو ڪري، جيڪا حقيقت ۾ تنقيد جي اصولن
جي برخلاف آھي. ڪن ھنڌن تي ھن جي تنقيد مان تعصب
جي بوءِ ٿي اچي لفظن بابت جھڙوڪ ميل جنھن کي ھو
سنسڪرت ٿو سڏي، حالانڪ ان وقت فارسي رائج ھئي ۽
سنسڪرت ھڪ مرده زبان ھئي.
اخبارن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي فائدي ۾ مسلمانن جھڙوڪ
ڊاڪٽر دائود پوٽھ، حڪيم فتح محمد ۽ مولانا قاضي
سيد اسد الله شاھ ٽکڙائي جيڪي لکيو آھي، تنھن جو
اشارو بھ نھ ڪيو اٿس، جنھن مان سندس تعصب ظاھر
آھي. (اھي اخبارون ڊاڪٽر شام جون ڏٺل نھ ھيون،
ڇاڪاڻ تھ ھو ڄاڻو ئي ڪين ھوندو. پر اسان جون ڏٺل
ھيون، تنھن ڪري اھو لکون پيا- خليل)
رسالي سنڌو ۾ انھن تنقيدن جو ذڪر ڪرندي ڪاڪو لکي
ٿو تھ شاھ جي بيتن سان گڏ سامي جا سلوڪ بھ ڏئي ھا
تھ مضمون کي کلي بيھن ھا. ڪٿي سامي جا ويدانتي
خيال ۽ ڪٿي شاھ جا صوفيانھ خيال! ڪاڪو ٻنھي کي
ساڳي ڳالھھ سمجھي ٿو، جو غلط آھي. (ڏسو سنڌو جا
مضمون انھيءَ سلسلي ۾)
ڀيرومل ڄيٺمل تي تنقيد ڪندي لکيو آھي تھ ”سمجھو تھ
ڪي بيت شاھ جا ڇپيل آھن، پر ڊاڪٽر گربخشاڻي ڪڍي
ڇڏيا آھن تھ ڇا ٿيو؟ اھي دنيا مان ئي عدم موجود ٿي
ويندا ڇا؟“(١)
اڳتي لکي ٿو تھ ”گھڻو مٿو تھ اسين کڻي سمجھنداسين
تھ سمورو رسالو ڪونھ ڪڍيو اٿس، پر رسالي جو منتخب
ڪڍيو اٿس. پوءِ ڇا؟“(٢)
]ساڳيو
خيال آھي، جھڙو مولانا اسد الله شاه سنھ١٩٢٤ع ۾
چيو ھو ۽ ھاڻي ڀيرومل ٿو چوي[(٣)
انھيءَ قسم جي تنقيد کي ڪنھن بھ حلت ۾ صحتمند چئي
نٿو سگھجي. جيڪڏھن ڪو اھڙن بيتن کي سانڍي نھ رکندو
تھ معدوم ٿيڻ جو امڪان آھي. ڪاڪي جو عجيب منطق
آھي. ڪاڪي رسالي جي نفس مضمون تي تنقيد گھٽ ڪئي
آھي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تعريف گھڻي ڪئي آھي. پر
ڪاڪي ڀيرومل جي تحرير ۾ ٻھ نڪتا اھڙا ملن ٿا، جنھن
۾ فن تنقيد مجروح ٿي وڃي ٿو:
1)
باوجود شاھ جي بيتن ڪڍڻ ۾ ۽ ڪن بيتن جي معنيٰ
پنھنجي نموني تي ڪرڻ جي، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي
انھيءَ ڪري تحريف جو مستحق سمجھيو ويو آھي، جو
ائين ڪرڻ سان شاھ صاحب بابت گھڻيون ئي نيون نيون
ڳالھيون معلوم ٿين ٿيون ۽ ان مان سنڌي ادب جي
اشاعت بھ ٿئي ٿي.
2)
ڊاڪٽر صاحب جي تعريف مان غلط يا صحيح ھن جا سڀ
ڪتاب ڇپجي وڃن، وڪامجي وڃن ۽ ھن کي ڪو مالي نقصان
نھ پھچي.
اھي ٻئي غرض اھڙا آھن جو فن تنقيد انھن کي برداشت
نٿو ڪري سگھي.
ڪنھن ڪتاب يا مصنف جي فقط انھيءَ لاءِ تعريف ڪرڻ
پوءِ صحيح ھجي يا نھ، ادب کي فائدو پھچندو، تنقيد
ڪرڻ لاءِ ڪو سٺو اصول نھ آھي. انھيءَ جانبداريءَ
کان ادب کي نقصان بھ پھچي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ تھ
گھڻيون غير صحيح ڳالھيون بھ عوام تائين پھچي
وينديون ۽ عوام انھن کي صحيح سمجھڻ لڳندا. ان مان
عوام کي فائدي بدران نقصان پھچڻ جو انديسو آھي.
ھيءَ ڳالھھ کڻي ڪريل قسم جي آھي تھ مصنف کي مالي
نقصان کان بچائڻ جي خيال سان ھن ڪتاب جي تعريف ڪئي
وڃي.
اھي ٻئي نڪتھ اھڙا آھن جي تاويل سان نھ، بلڪھ ڪاڪي
جي لفطن سان ئي ماخوذ آھن. ڇا ان کي صحتمند تنقيد
سڏجي؟ ڪاڪي ڀيرومل جي سڄي تنقيد جو بنياد ئي انھن
ٻن نڪتن تي آھي، جيڪي اسان پيش ڪيا آھن، جن کي اھل
فن ضرور پروڙي ويندا. انھيءَ ھوندي بھ ڪاڪي ڀيرومل
جا مضمون تنقيدي لحاظ کان بلڪل قيمتي آھن ۽
معلومات سان پر آھن ۽ ڊاڪٽر شام صاحب جي اھا ڪوشش
رھي آھي تھ اھي اھم مضمون عام نظرن کان لڪا رھن ۽
ڊاڪٽر گربخشاڻي جون اھي اوڻايون ظاھر نھ ٿين.
ھي
جملو علامھ اقبال جو چيل آھي.
شاھ
جي رسالي جو مطالعو، مؤلف وفائي ١١٠
|