سيڪشن: ادب

ڪتاب: ادب ۽ تنقيد

باب:

صفحو:12

سائنس ۾ شخصيت جو ڪوبھ لحاظ نٿو رکيو وڃي. حق ۽ باطل جا جلوا، جذبن جي طاقت، وجداني ڪيفيتون ۽ ذوقياتي ڪرامتون، سائنس جي محدود ڪائنات کان ٻاھر آھن. ان جي برخلاف ادب جي نگاھ ۾ ڪائنات جا سمورا جلوا ٿيندا آھن. عالم محسوس ۽ غير محسوس جي ڪابھ شيءِ اھڙي نھ آھي، جيڪا ھن جي نظر کان لڪي سگھي.

جڏھن اھڙيون ڇوليون ھڻندر دريا سان واسطو پوي تھ فقط ان جي ڪناري تان بيھي موجن جي رفتار ۽ سندس لاھ چاڙھ جي ترتيب کي جاچن تي صبر ڪرڻ، پڌري جھالت ٿيندي. ھتي سمنڊ ۽ ان جي اونھي گھرائين تائين پھچڻو پوندو، جنھن جي ھر ڪنھن موج جي دام ۾ ڪئين واڳون لڪل رھن ٿا.

ھڪ ادبي نقاد ھن ڳالھھ تي مجبور آھي تھ ھو ڪنھن ادبي ڪارنامي جي سائنٽيفڪ تجزئي ۽ تشريح سان گڏ، خاص ادبي اصول ڏي مھڙ ڪري، نھ تھ سندس ساري ڪوشش بيڪار ثابت ٿيندي. طبيعات ۽ ارضيات جي ماھر وانگيان ھن کي ھر ھڪ شيءِ کي جدا جدا اھميت ڏيئي ۽ پنھنجي پنھنجي جاءِ تي شاندار سمجھڻو نٿو پوي، بلڪھ ھڪ قطعي فيصلو بھ پيش ڪرڻو پوي ٿو تھ آيا بحث ھيٺ آيل ڪارنامي کي ادبيات ۾ ڪو درجو بھ ڏيئي سگھجي ٿو يا نھ؟ پڻ ھيءُ بھ تھ ٻين ڪارنامن تي ھن کي ڪھڙي قسم جي فضيلت حاصل ھوندي ۽ ڇو؟

اھڙي قسم جي اصول جي پابندي جي لاءِ جڏھن ھو اڳتي وڌندو تھ ادب جا اھي اصول ۽ مقصد ھن جي مدد ۽ رھبري ڪندا، جن جو اسان گذريل صفھن ۾ مختصر ذڪر ڪيو آھي ۽ انھن جي مدد کان سواءِ اھڙي وڏي شان واري مھم ۾ ھرگز سوڀارو ٿي ڪين سگھندو.

پڇاڙيءَ ۾ اسين انھن دوستن جي لاءِ، جيڪي تنقيد لکڻ تي مائل ٿيڻ گھرن ٿا، ڪي ٿورا اصول مقرر ڪريون ٿا، جن جو اسان جي ٻوليءَ جي سڀني ڪارنامن تي آساني سان اطلاق ٿي سگھي ٿو.

1)        جڏھن ڪنھن ڪتاب تي اوھان کي تنقيد ڪرڻ جي ضرورت آھي تھ سڀ کان اڳي جنھن طرف ڌيان ڏيڻو آھي، سا ڪتاب جي ظاھري شڪل ھوندي. پھريون ڪم ھي ٿيندو تھ ڏسجي تھ ڪتاب جي ظاھري شڪل ادب جي جنھن صنف سان واسطو رکي ٿي، سا ان جي سڀني خصوصيتن تي حاوي آھي يا نھ؟ تنھن جو اندازو ڪريو. مثلا ڪنھن مسدس جي شڪل ۾ ڪو نظم لکيو آھي تھ ڏسڻو آھي تھ شاعر مسدس لکڻ جا فرض پورا ڪيا آھن يا نھ؟ يا ڪنھن مختصر افسانو لکيو آھي تھ اھو افسانن جي ظاھر خصوصيتن تي حاوي آھي يا نھ؟ جيڪڏھن ڪنھن کي ڊرامو لکڻو آھي تھ ان جي پلاٽ، شخصيتن، حرڪتن ۽ خاتمي وغيرھ جي پاڻ ۾ نازڪ لاڳاپن تي نگاھ رکڻ ضروري آھي ۽ جيڪڏھن رزميھ لکندڙ آھي تھ ھن کي شان ۽ شوڪت، چونڊيل لفظن جي جامعيت ۽ خاص خاص بحرن جي التزام تي، جيڪي روم لکڻ جي لاءِ مخصوص ڪيا آھن، مجبور ٿيڻو پوي ٿو. انھن سڀني ڳالھين جي جانچ جوچ ڪرڻ تنقيد نگار جو ڪم آھي.

2)       ڪتاب معنائن ۽ مطلبن جي لھاظ کان پنھنجي موضوع جي سڀني خوبين سان موصوف آھي يا نھ؟ انھن جي تحقيق ڪرڻ گويا تنقيد لکڻ جي ٻئي اصول تي عمل ڪرڻو آھي.

ورق ورق آھي ھر فرد ڪائنات ڪتاب

قدرت جي ھر ڪنھن شيءِ ۾ اھڙيءَ قسم جي قابليت امانت رکيل آھي، جيڪا وڏي ۾ وڏو عنوان ٿي سگھي ٿي. اھو ئي سبب آھي جو دنيا جي ادبيات ۽ معلومات جو ذخيرو ڪنھن مقرر ڪيل نقطي تي نٿو بيھي، بلڪھ اڳتي وڌندو ٿو رھي. ھڪڙو مصنف ڪو مضمون لکي ٿو ۽ خيال ڪري ٿو تھ آءٌ ھن تي اھڙي روشني وجھي چڪو آھيان جو آئنده لاءِ نئين خيال لکڻ جو دروازو بند ٿي چڪو آھي، پر اڳتي ھلي ھن کي عجيب لڳندو تھ سندس مضمون ٻئي مضمون نگار لاءِ ٻج جو ڪم ڏنو آھي، جنھن مان ھن اھڙو عظيم الشان ميوه دار وڻ پيدا ڪيو آھي، جنھن جو کيس وھم وگمان بھ ڪونھ ھو. ھن بابت ڪنھن فارسي شاعر چيو آھي:

در بند آن مباش کھ مضمون نمـانده است

صد سال مي توان سخن از زلف يار گفت

”وڪٽر ھيوگو“ جو چوڻ آھي تھ: ”ھر ڪا شيءِ ھڪ عنوان آھي، جيڪا ڪنھن صاحب ڪمال جي انتظار ۾ آھي. اھي پراڻيون ڳالھيون جن تي قلم کڻڻ ڪنھن زماني ۾ علميت جي خلاف سمجھيو ويندو ھو، اڄ علمي ۽ ادبي دنيا ۾ عظمت ڀريل نگاھن سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ انھن تي روشني وجھڻ پنھنجي معراج ڪمال جو ثبوت ڏيڻو آھي. انھيءَ ڪري ”ھربرٽ ايلس“ چوي ٿو تھ: ”جيڪي ڪي دنيا ۾ ٿي سگھي ٿو، سو بيان ڪري سگھجي ٿو، پر ضرورت رڳو اھڙي ماڻھو جي آھي، جيڪو ان کي بيان ڪرڻ ڄاڻندو ھجي.“

ڪيترا مضمون نگار اھڙا آھن، جيڪي معمولي کان معمولي عنوانن تي سليس ۽ سادن لفظن ۾ اھڙيون پتي جون ڳالھيون لکيو وڃن ٿا، جن کي ڪو وڏو فيلسوف ۽ حڪيم پنھنجن مقالن ۾ متعلق لفطن جي لباس ۾ بھ دقت سان ظاھر ڪري سگھي. ھي چوڻ تھ فلاڻي عنوان تي ڪامياب مضمون لکي سگھجي ٿو ۽ فلاڻي عنوان تي نھ، اھو بلڪل غلط آھي. .وڪٽر ھيوگو“ جي چوڻ موجب: ”شاعريءَ جي لاءِ ڪو مضمون چڱو ۽ ڪو خراب نٿو ٿئي. بلڪھ خود ھڪ شاعر چڱو يا خراب ٿئي ٿو. ھيءَ ڳالھھ ڌيان جي قابل نھ آھي تھ اسين ڇا چئي رھيا آھيون؟ بلڪھ ھي تھ اسان کي ڇا چوڻ کپي؟“

انھيءَ لحاظ کان ”علامھ ابن خلدون“ لفظن کي پيالو ۽ معنائن کي پاڻي مقرر ڪيو آھي. پاني کي کپي تھ سوني پيالي ۾ ڀرجي، کپي مٽي جي ٿانو ۾ پر سوني پيالي ۾ ان جو قدر وڌي وڃي ٿو. ھن جو ھي مطلب نھ آھي تھ ٿانون جي مٽا سٽا جي ڪري پاڻي جي ماھيت ۾ ڪو فرق ايندو. مثلا سون ھي پيالي ۾ زھر ۽ مٽيءَ جي پيالي ۾ آب حيات ھوندو تھ ھو ماريندڙ ۽ نقصان وارو ۽ ھي صحت بخش ۽ خوشگوار ھوندو. جيڪڏھن مٺو پاڻي سوني يا مٽيءَ جي پيالي ۾ ھوندو تھ ٻنھي حالتن ۾ مٺو رھندو. البتھ ظاھري ڏيک ۽ خوش نمائيءَ ۾ تفاوت رھندو ۽ معنيٰ جو فائدو تھ پنھنجي جاءِ تي آھي. ڪنھن شخص جي نلائي سٺن لفظن ۾ ھجي يا بڇڙن لفظن ۾، ھر حال ۾ نلائي آھي. ساڳي طرح توصيف بڇڙن يا چڱن لفظن ۾ ھوندي، تھ بھ ھر حال ۾ توصيف آھي. چڱن ۽ بڇڙن لفظن جو اثر ظاھري صورت جي ڏيکاءَ سان ٻڌل آھي، نھ ماھيت جي مٽجڻ سان. البتھ ھي ضرور آھي تھ معنائون ۽ لفظ ٻئي بھتر ھوندا تھ اھو اجتماع مفيد ۽ دل آويز ٿيندو. ”مولانا حالي“ جي خيال موجب انشا پردازي جو مدار جيترو لفظن تي آھي، اوترو معنيٰ تي نھ آھي. معنيٰ ۽ مطلب رڳپو لفظن جا تابع آھن ۽ ھر ھڪ شخص جي ذھن ۾ موجود آھن. ضرورت رڳو ھن ڳالھھ جي آھي تھ انھن مطلبن کي بھترين نموني سان ادا ڪري سگھجي ۽ جيترو ٿي سگھي، ھن ڳالھھ جي ڪوشش ڪجي تھ معنائن، لفظن ۽ لفظن جي آوازن ۾ ھم آھنگي رھي.

پوءِ جنھن ڪتاب ۾ معنائن ۽ مطلبن جون خوبيون گھڻيون ڏٺيون وينديون تھ اھو ڪتاب بھتر سمجھيو ويندو. مثلا جنھن ناول ۾ اخلاقيات جو سبق جابجا ڏنو ويو ھوندو يا شريف جذبن کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ھوندي تھ اھو غير فطري ۽ عشقيھ قصن کان وڌيڪ قابل قدر ھوندو.

ان کان سواءِ ھن اصول ۽ ڳالھھ کي کي بھ مدنظر رکڻو پوي ٿو تھ تصنيف ۾ ڪنھن موضوع تي جيڪو بحث ڪيو ويو آھي، سو مڪمل آھي يا نھ؟ ٻيو ھي تھ ھر ھڪ پھلو تي ڪافي روشني وجھڻ گھرجي.

3)       ڪنھن ادبي ڪارنامي جي زبان ۽ اسلوب بيان جي نظرداري بھ سخت ضروري آھي.

”آئرلينڊ“ جو مشھور مصور فطرت ”ڊبليو، بي، ايٽس“ لکي ٿو تھ ”ادب ۾ ٻوليءَ کي ٻوليءَ جي حيثيت سان ملحوظ نھ رکڻ گھرجي، بلڪھ فن لطيف جي حيثيت سان. اھو لطيف فن، جنھن جي ظاھر ڪرڻ جو ذريعو ٻولي ھجي، ادب يا لٽريچر سڏجي ٿو.“

جيئن تھ مٿي چئي آيا آھيون تھ معنائن، لفظن ۽ لفظن جي آوازن جي ھم آھنگي ادب جي ڪاميابي آھي. لفظن ۽ لفظن جا آواز گڏجي پڙھندڙ ۽ سڻندڙ کي متاثر ڪن ٿا. جيڪڏھن ان جو پاڻ ۾ ميلاپ نھ ھوندو تھ عقل ۽ سڻڻ تي واحد اثر وجھڻ جي بدران ٻھ جدا اثر وجھندا، جو ادبي ناڪاميءَ جو سڀ کان وڏو ثبوت آھي. ان جي برخلاف جيڪڏھن اھي ٻئي ھڪجھڙي قوت عمل سان پيوست ۽ ضم ٿي، واحد اثر پيدا ڪن تھ ٻوليءَ ۾ فصاحت جي لحاظ کان ھڪ خاص اسلوب پيدا ٿي ويندو ۽ جنھن تحرير ۾ ڪو خاص اسلوب نھ ھوندو تھ اھا ادبي تحرير نھ ٿي سگھندي.

”ايٽس“ بھ اھو ئي چوي ٿو. ”ادبي تحرير ۽ عام علمي تحرير ۾ وڏو فرق آھي. انھيءَ ڪري جو ادبي تحرير ڪنھن لڪل خيالن يا تحريڪ کي اھڙي طرح پوشاڪ پھرائي ٿي، جھڙي طرح جسم لڪل روح کي لباس پھرائي ٿو.“

جيسين تائين خيالن ۽ لفظن جو پاڻ ۾ ميلاپ نھ ھوندو، تيسين تائين ڪلام جا ٻھ جدا اثر جيڪي عقل ۽ سڻڻ تي پوڻ گھرجن، سي ھڪ گڏيل اثر پيدا ڪرڻ بدران ھڪ ٻئي کان مخالف کان مخالف اثر پيدا ڪندا. انھيءَ ڪري ڪلام جي تاڃي پيٽي ۽ معنائن، لفظن ۽ لفظن جي آوازن جو ھڪ خاص انداز ھئڻ ضروري آھي. ڪلام جو اھو اثر جيڪو ٻڌڻ واري سان واسطو رکي ٿو، سو فصاحت جو بنياد آھي ۽ ڪلام جي خوبي ڪنھن ٻي شيءِ جي بدران گھڻو ڪري انھيءَ تي موقوف آھي. ھن باب ۾ مصنف کي نظم جي بدران نثر ۾ ھڪ خاص انداز سڻندڙ جي مطابق ٺاھي ڏيڻ گھڻو ڏکيو نھ آھي. ان کان پوءِ فقط ايترو ڪم باقي رھي ٿو تھ مصنف لطف تنوع کان ڪم وٺي، تڪرار ۽ وري وري لفظن آڻڻ کان جيترو ٿي سگھي، پاسو ڪري.

جڏھن اسين ڪا عبارت پڙھون ٿا، تڏھن گھڻو ڪري چئي ڏيون ٿا تھ: ”اھا فلاڻي مصنف جي عبارت ھوندي.“ ”بلبل“ جي عبادت پڙھڻ کان پوءِ ان کي ”مسافر“ جي عبارت ھرگز نھ سمجھنداسون. ڪنھن عبارت جو مطلب ۽ معنيٰ پنھنجي مصنف تي چغلي ڪانھ ٿا ھڻن، بلڪھ مصنف جو اسلوب بيان پڪاري چوي ٿو تھ: ”منھنجو لکڻ وارو فلاڻو آھي.“ جھڙي طرح ڪنھن ماڻھو جو آواز ٻڌندي ئي اسين سڃاڻي وٺون ٿا تھ فلاڻو آھي، تنھن طرح ڪنھن طرز بيان جي مطالعي مان ئي اسين ان جي مصنف کي معلوم ڪري وٺون ٿا. لفظن جو انتخاب، محاورن جي ترتيب، جملن جي بندش، عبارت جي رواني ۽ مدو جزر لکڻ واري جي شخصيت جا وفادار ترجمان آھن. مطلب تھ اصولي طرح طرز بيان ھڪ ذاتي خصوصيت آھي.

”پوپ“ اسلوب بيان کي ”خيالن جو لباس“ ٺھرايو آھي، پر ھو حقيقت حال کي پڌري ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو آھي. ڇاڪاڻ تھ طرز بيان کي انسان جي ذات کان جدا ڪري ڇڏيو آھي. اسلوب بيان جيئن ”ڪارلائل“ ڪنھن رسالي ۾ لکيو ھو تھ ”انشا پرداز جو ڪوٽ نھ پر چمڙي ٿئي ٿي.“ ڪي مصنف اھڙا بھ گذريا آھن جن وڏن وڏن انشا پردازن جي تقليد ۾ پنھنجي ٻوليءَ جي نموني ۽ اسلوب بيان کي خاص خاص سانچن ۾ پلٽايو آھي. انھن کان سواءِ ٻيا اونچي شان وارا ۽ آزاد طبيعت اديب بھ آھن، جيڪي ٻين کان متاثر ٿين ٿا ۽ جن جي اسلوب بيان ۾ تاثر جا بيگانھ نقش جابجا پڌرا آھن. پر جھڙي طرح اصليت ھر ھڪ حقيقي اديب جو بنيادي اصول آھي، تھڙي طرح ھر ڪنھن طرز بيان جو بھ آھي. اھو ماڻھو جيڪو اصل ۾ ڪا ذاتي ڳالھھ چوڻ گھري ٿو، تنھن جي ظاھر ڪرڻ جو ذاتي طريقو بھ ضرور حاصل ڪري سگھي ٿو. اھو خيال جيڪو حقيقت ۾ ھن جو ذاتي خيال آھي، ڪڏھن بھ نھ گھرندو تھ ڪنھن ٻئي جي بيان جي طريقي ۾ ظاھر ٿئي. ”شمس الدين بلبل“ کي جڏھن اخبار جي ايڊيٽري جو موقعو ھٿ آيو، تڏھن ھن ان وقت جي عام طرز کي ڇڏي (ڇا مقفيٰ ۽ مسجع عبارتن تي مشتمل ھئي)، پنھنجي لاءِ بلڪل سادي بيان جو اسلوب اختيار ڪيو، جيڪو اڄ ڪلھھ رائج آھي.

ھڪ اھڙو انگريز فاضل جيڪو پاڻ بھ بھترين اسلوب بيان جو مالڪ آھي، سو چوي ٿو تھ: ”ٻولي٤ جي ذاتي استعمال يا مشق کي ادب چئجي ٿو. ان جو ثبوت ھي آھي تھ ھڪڙو مصنف ٻئي مصنف کان بلڪل جدا طريقي تي ان تي عمل ڪري ٿو. عوام ٻوليءَ کي بلڪل اھڙيءَ طرح استعمال ڪن ٿا، جھڙي طرح ان کي ھاصل ڪن ٿا.“ ھڪ غير معمولي قلب ۽ دماغ رکڻ وارو ماڻھو بھ ٻوليءَ کي استعمال ڪري ٿو، پر ان جي تابع نھ رھي، بلڪھ قابض ٿي ھو ان کي جيئن وڻيس ٿو، تيئن موڙي ٿو ۽ جابجا پنھنجن خصوصيتن کي نروار ڪندو رھي ٿو. خيالن، اعتقادن، احساسن ۽ وھمن جون فوجون صفون ٻڌيو ھن جي تخيل جي فضا ۾ لھن ٿيون. تميز، تقابل، تعلق ۽ تعمق جون جيڪي قوتون ھن جي فطرت ۾ امانت رکيل آھن، سي ظاھري شين سان گڏ ھن جي ھلت، رسم ورواج ۽ تاريخ تي ان جو فيصلو عقلمندي، طبيعت جي تيزي، تيز فھمي، ظرافت ۽ سنجيدگي جي جلوھ گري، مطلب تھ اھا لاتعداد ۽ مسلسل تخليق، جيڪا ھن جي غير معمولي صناعي جي احسانمند آھي، ھڪ انوکي ۽ مخصوص ٻوليءَ جي ذريعي ظاھر ٿئي ٿي ۽ ساڻس اھي سڀئي شيون ھميشھ پاڇولي وانگر گڏ رھن ٿيون. جيڪڏھن اسين ڪنھن خاص شخص جي پاڇولي کي ڪنھن ٻئي شخص جو پاڇولو ٺھرائينداسون تھ ھڪ خاص مصنف جي اسلوب بيان کي ٻئي مصنف جو اسلوب بھ ضرور سمجھنداسون. جھڙي طرح ڪنھن ماڻھو جا خيال ۽ احساس ذاتي ٿين ٿا، تھڙي طرح ھن جي ٻولي بھ انھيءَ جي ٿئي ٿي.[1]

”نيومن“ جو ھي خيال بھ بلڪل صحيح آھي تھ عوام زبان کي اھڙي طرح استعمال ڪندا آھن، جھڙي طرح ان کي حاصل ڪندا آھن، برخلاف ان جي ھڪ غير معمولي ھستي ان کي پنھنجي مقصدن جي ماتحت وٺي ھلي ٿي ۽ پنھنجن خصوصيتن جي ذريعي ان جي تشڪيل ڪري ٿي. زبان تي ھميشھ زبردست ۽ غير معمولي شخصيتن جي ھٿان ھڪ نئون تازيانو لڳي ٿو. ھڪ غير معمولي ھستيءَ ۾ جيتري وڌيڪ انفراديت ھوندي، اوتري ئي انفراديت ھن جي قوم جي ٻوليءَ ۾ ھوندي، جيڪا ھو استعمال ڪري ٿو. اھڙيءَ طرح ھن جي انفرادي اثر کان ھن جي زماني جي ٻولي قوم جي عام زبان کان بلڪل مختلف ٿي وڃي ٿي ۽ اختلاف بعضي ايترو شاندار ٿي وڃي ٿو، جو اسين معمولي ۽ روز مـره جي ٻولي تھ سمجھي وٺون ٿـا، پر ان زماني جي وڏن مصنفن جي ٻولي سمجھڻ کان قاصر رھون ٿا.

ھڪ ڪامياب انشا پرداز بنجڻ جي لاءِ نھايت ضروري آھي تھ سليل ۽ فطري ٻولي اختيار ڪجي. ھي يقين ڪرڻ تھ عجيب ٻولي ۽ انوکو اسلوب بيان اختيار ڪرڻ شھرت جو سبب آھي يا ھي تھ روزمره جي ڳالھھ ٻولھھ ۽ جاھلن جي ٻوليءَ ۾ ادبي ڪتاب تصنيف ڪرڻ مقبوليت جو ذريعو آھي، سخت غلطي آھي. ھر ھڪ موضوع ۽ ھـر ھـڪ بحـث جـي لاءِ ھڪ خاص طرز بيان جي ضرورت ٿئي ٿي.

زبان جي نموني جو بھترين اسلوب ھي آھي تھ جنھن ۾ نھ رڳو حسن بيان قائم رھي، بلڪھ ترقي ڪري حسن خيال کي حسن بيان جي جان ۽ رنگا رنگي ۽ تنوع کي ان ترقيءَ ۾ شامل سمجھيو وڃي. جڏھن مرصح ۽ پرتڪلف تحرير لکڻ گھرون، تڏھن ھيءَ ڳالھھ نظر ھيٺ رکون تھ لفظ رڳو خيالن جا حامل نھ ھجن، بلڪھ اسان جا خيال ٻين لاءِ اھڙو ئي ٻج پوئين، جن ۾ اڳتي ھلي ميوه دار وڻ ٿيڻ جي طاقت ھجي.

اھو ئي اسلوب بھترين خيال ڪيو وڃي ٿو، جنھن ۾ رنگينين جي ڪثرت ۽ گونا گونيون، پڙھندڙن کي خوشي ۽ حيرت جي سمنڊ ۾ وجھي ڇڏي. جيڪڏھن ڪو جملو ڊگھو ھجي تھ ڪو بلڪل ڇوٽو، ڪنھن ۾ استعارو ھجي تھ ڪنھن ۾ تشبيھھ، ڪڏھن فصاحت جلوا ڏيکاري رھي ھجي تھ ڪٿي فطرت رونما ھجي. غرض تھ تحرير ھڪ طوفان خيز سمنڊ ھجي، جنھن جي مضطرب موجن تي لاھ چاڙھ جي پوري ڪيفيت طاري ھجي، جنھن جي سطھ ڪجھھ اھڙن عجيب وغريب شين جو پينگھو بڻيل ھجي، جو ان جون دلچسپيون ساحل وارن کي محو حيرت بنائي ڇڏين، بلڪھ ھن ڳالھھ تي بھ مجبور ڪن تھ اھي پڻ سمنڊ جي اونھائيءَ ۾ ٽپي پون ۽ قيمتي موتي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.

4)       تنقيد جو چوٿون اصول ھي آھي تھ مصنف جي ذات، ھن جي ماحول ۽ تصنيفن جي ماخذن جو ڳوڙھو مطالعو ڪيو وڃي.

ادب انساني حياتيءَ جو تفسير آھي. پر عظمت زندگين جا حالات ۽ حياتيءَ جا واقعا اڪثر انھن جي سوانح عمرين مان ئي معلوم ٿين ٿا، پر خود مصنف جو قلم سندس تصنيفن ۾ حواس جو ڪامل مرقعو ڪڍي ٿو، جيڪو حقيقي ۽ اصلي ٿئي ٿو. ٻين جا قلم فقط ھن جي ظاھري خط وخال جو خاڪو ڇڪي ٿا سگھن، پر قلب جي اونھائين ۾ جيڪي رمزون ۽ اسرار لڪل رھن ٿا، تن جي تصوير ڇڪڻ لاءِ جيڪو رنگ گھرجي، سو ٻين کي ميسر ٿيڻ ڏکيو آھي.

ڪنھن ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ مان اوھان کي معلوم ٿي ويندو تھ نھ رڳو مصنف جي ذاتيات اڻ لڪل طرح ان ۾ پنھنجا جلوا ڏيکاري رھي آھي، بلڪھ ان جي قلمي، روحاني ۽ فني ارتقا جو عڪس بھ جابجا ان ۾ نروار ٿي رھيو آھي ۽ پڪاري پڪاري چوندي تھ منھنجي اخلاق جي تعليمي حالت ھن درجي جي آھي. ھن جي فطرت کي بنائڻ ۽ مقرر ڪرڻ ۾ انھن اثرات ڪم ڪيا آھن، فن جي ھھڙن استادن جي اڳيان ھن زانوئي ادب تھھ ڪيو ھو، جن ھن کي انھيءَ قابل بنايو جو ھو پاڻ کي قابل سمجھي سگھي. ھنن ڪتابن جي فضا ۾ ھن ھيسين تائين حياتي گذاري آھي. ھو ماڻھن سان ھن طرح گفتگو ڪندو رھيو آھي. ھن جي تخيلات ۾ ھن طرح سنجيدگي ۽ پختگي ايندي ويئي. ڪائنات ۽ ان جي مضمون تي ھن انھن انھن طريقن سان نظر وڌي آھي. ھن جي طبيعت ۾ ھن طرح ھيءَ خاص ڳالھھ پيدا ٿي ويئي ۽ ھن جي ڪاريگريءَ جي تڪميل ھھڙين ھھڙين حالتن مان ٿي گذري آھي. گويا تصنيف ھڪ آئينو ھوندو آھي، جنھن ۾ مصنف پنھنجي قلبي گھرائين سان نظر اچي ويندو ۽ اھا ئي تصنيف وڌيڪ مقبول ۽ محمود ھوندي آھي، جنھن ۾ مصنف پنھنجي نفس جون چوريون قلبي نفاستون کولي کولي بيان ڪندو ھجي. اھو ئي سبب آھي تھ جڏھن ھو ڪجھھ چئي وڃي ٿو تھ ٻين کي ائين معلوم ٿو ٿئي تھ گويا سندن ئي راز پڌرا ڪري رھيو آھي. ”لارڊ مئڪالي“ جي چوڻي آھي تھ:

”مصنف فقط ٻاھرين شين جو صھيح نقشو ڪڍي سگھي ٿو. انسان جو اندر جتي ڪو مصور پھچي نٿو سگھي، اٿي فقط شاعر جو ئي راڄ آھي. انسان جي نفس جي سنھي، گھري ۽ رنگا رنگ ڪيفيتون رڳو لفظن جي ذريعي ئي ظاھر ٿي سگھن ٿيون. شاعري ڪائنات جي سڀني ذھني ۽ خارجي شين جو نقشو ڪڍي سگھي ٿي. محسوسات جو عالم، دولت جا انقلاب، انساني سيرت، سڀئي شيون جيڪي حقيقت ۾ موجود آھن ۽ اھي سڀئي شيون جن جو تصور مختلف جزن جي شين کي ھڪ ٻئي سان ملائي ڪري سگھجي ٿو، سڀ شاعريءَ جي بادشاھت ۾ قيد آھن.“ [2]

پوءِ مصنف ۽ نقاد ٻئي جيڪڏھن محدود نظري کان ڪم وٺندا تھ پنھنجن مقصدن ۾ ناڪام رھجي ويندا ۽ ”ڪارلائل“ جي قول موجب خلوص، بي غرضي ۽ خيال جي وسعت کان سواءِ ڪوبھ شخص شاعر ٿي ئي نٿو سگھي. جيڪڏھن ڪنھن ۾ ڪا برائي يا ڀلائي ملندي، سا ھن جي ظاھري ۽ معنوي ٻنھي قسمن جي اولاد ۾ ظاھر ٿيڻ بنان نھ رھندي.

”ٽيني سن“ جي حب وطن جو جذبو سندس نظمن سان پڌري طرح ڏيکاري ٿو تھ ھو بلڪل تنگ نظر ھو ۽ تنگ نظري جي اھا بدنما شڪل سندس نظمن مان ڏينھن وانگيان روشن آھي. ”شيڪسپيئر“ جي بلند ۽ وسيع نظري جتي غير قومن جو ذڪر ڪري ٿي، اتي فياضي کان ڪم وٺي ٿي.

”شاھ ڀٽائي“ جو خلوص ۽ معرفت سندس ڪلام ۾ لڪائڻ سان بھ لڪي نٿا سگھن.

ڪمري جي روشندان ۾ جيڪڏھن جدا جدا رنگ جا شيشا لڳايا ويندا تھ جيتوڻيڪ سج جا ڪرڻا سڀني تي ھڪجھڙا پوندا، تھ بھ ھرڪو شيشو ڪمري ۾ پنھنجو ڌار ڌار رنگ منعڪس ڪندو. اھڙيءَ طرح ھڪ ئي مضمون تي جدا جدا مضمون لکندڙ پنھنجي ذاتيات ۽ خاص تجلي جي اثر کان مختلف روشني وجھندا.

”ائڊ گرايان پو“ مشھور افسانھ نگار چوي ٿو تھ:

”روح جي پردي ۾ احساسن کي جيڪي ڪي محسوس ٿئي ٿو، تنھن جي تشريح کي فن لطيف چون ٿا.“

مصنف جي شخصيت تي بحث ڪرڻ کان پوءِ تنقيد لکندڙ ھن جي ماحول ڏي متوجھھ ٿئي ٿو. جھڙي طرح ڪا تحرير پنھنجي مصنف تي چغلي ھڻي ٿي، تھڙي طرح زمان ومڪان بابت بھ شاھدي ڏئي ٿي. ”اڪبر“ جي زماني جي تصنيفن جي خصوصيت ”اورنگزيب“ جي زماني جي تصنيفن جي خصوصيتن کان بلڪل جدا آھي. ”خليفي گل محمد“ جو ماحول ”گدا“ ۽ ”سانگي“ جي ماحول سان ڪوبھ ميل نٿو رکي. ”گل“ جي زماني جي ڪنھن شاعر جو ڪلام جھٽ ظاھر ڪندو تھ منھنجو مصنف ”گل“ جو ھم عصر ھو ۽ نھ ”گدا“ ۽ ”سانگي“ جو.

ماحول کان پوءِ مصنف جي ماخذ تي نظر وجھڻي پوي ٿي. دنيا ۾ شايد اھڙو ڪو موضوع ھجي، جنھن تي ڪنھن نھ ڪنھن بحث نھ ڪيو ھجي. ھڪ مغربي انشا پرداز سچ چيو آھي تھ: ”جيڪڏھن سڄي دنيا جي ڪتابن مان مشترڪ جزن ۽ لفطن جي تڪرار ۽ خيالن کي ڇانٽيو وڃي تھ باقي بچيل حصو ڏھھ جلد مس ٿيندو.“ پوءِ ھر ھڪ مصنف پنھنجن اڳين ادبي صناعن جو ٿورائتو ٿئي ٿو. ھيءُ ممڪن آھي تھ ھن جي زبان ٻي ھجي ۽ ھن جي پيرايھ بيان بھ جدا ھجي، پر خيالات تھ ھڪ ئي ھوندا آھن. ”يونان“ جيترا خيالات پيش ڪيا، سي اوترا جامع ھئا جو انھن تي اڄ تائين ڪو نئون اضافو نھ ٿيو آھي. اڄ جيڪي نيون نيون ڳالھيون معلوم ٿين ٿيون، سي يا تھ يونانين جو جنسي نقل آھن، يا انھن جي تجربي جا مشترڪ نتيجا. انھيءَ خيال ۾ ڪيتري سچائي آھي ۽ ڪيتري غلطي؟ ھن ڳالھھ جو فيصلو ڪرڻ ھن وقت اسان جو مقصد نھ آھي. تنھن ھوندي بھ ايترو چوڻ ضروري آھي تھ متاثرين جي اڪثر پيداوار جيڪڏھن متقدمين جي خدمتن جي صھيح خوش چيني نھ آھي تھ ھيءَ ڳالھھ ضرور آھي تھ قديم ٻجن مان ئي متاثرين وڏا وڏا وڻ پيدا ڪري ورتا ۽ انھن وڻن کي پنھنجي طرف ئي منسوب ڪري ورتو.

ھڪ نقاد جو فرض اھي تھ ھر ھڪ تصنيف جا ماخذ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. ممڪن آھي تھ ڪن ڪتابن جي ماخذن معلوم ڪرڻ ۾ کيس تڪليف سھڻي پوي، پر گل چونڊيندڙ کي ڪنڊن جو خوف ڪونھ ٿيندو آھي. مثلا ھن خاڪسار خليل جي مثنوي ”تقدير“ بابت ممڪن ھجي تھ آکاڻي ڪنھن فارسي يا اردو قصي تان ورتل ھجي. اھڙي ڳولا ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ فارسي ۽ اردو جو وسيع ادبي دفتر اٿلائڻو پوندو. ھي بھ ممڪن آھي تھ مون جنھن فارسي يا اردو قصي تي پنھنجي مثنوي جو دارومدار رکيو آھي، سو ٻين ڪتابن وانگر زماني جي دستبرد کان پامال ٿي ويو ھجي، پر جيڪڏھن ائين ھجي بھ کڻي، تڏھن بھ سڄي مثنوي کي غور ۽ گھري نظر سان جانچڻ کان پوءِ ھيءَ ڳالھھ وڌري ٿي پوندي تھ مثنوي جي آکاڻي طبعي خيال آھي يا اردو زبان مان ورتل ٿي ڏسجي.

ڪنھن ڪتاب جي ماخذ معلوم ڪرڻ جو پھريون طريقو ھي ھئڻ گھرجي تھ مصنف جي علمي زندگيءَ جو مطالعو ڪيو وڃي تھ ھن ڪھڙن ڪھڙن ڪتابن جو مطالعو ڪيو آھي ۽ ڪھڙن ڪھڙن مصنفن يا صاحب ذوق بزرگن جي صحبت نصيب ٿي اٿس؟ پر جيڪڏھن ائين اندازو ڪرڻ بھ ڏکيو ٿئي تھ پوءِ خود مصنف جي تحرير مان نتيجي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ جيڪڏھن معنوي شاھديءَ مان بھ ڪنھن ڪتاب جو ماخذ آسانيءَ سان نٿو معلوم ٿئي تھ سخن جي جنھن قسم ۾ بحث ھيٺ آيل تصنيف داخل ھجي، ان جي خصوصيتن کي پيش نظر رکندي، سندس تشريح ۽ تقسيم ڪئي وڃي. تنھن کان پوءِ گھٽ ۾ گھٽ ھن نتيجي تي پھچي سگھبو تھ جيڪڏھن مصنف جنسي ترجمو تھ نھ ڪيو آھي، مگر يقيني طرح قديم تقنيفن جي متفرق ۽ بھترين جزن کي ملائي، ھڪ نئين پيداوار پيش ڪئي اٿس.

5)       تنقيد لکڻ جو پنجون ۽ پويون اصول ھي آھي تھ تصنيف جي ادبي تڪميل تي نظر ڪئي وڃي. صناع جي ڪاميابي جو سڄو دارومدار انھيءَ تي آھي تھ ادبي تڪميل ڪيترين ضروري ڳالھين تي حاوي ٿيندي آھي؟ سڀ کان اڳي ان ۾ ھن ڳالھھ جي ضرورت آھي تھ ھستي ۽ فطرت جا اھي پھلو انتخاب ڪيا وڃن، جيڪي صداقت ۽ حسن ٻنھي جي لحاظ کان دماغ کي متاثر ڪندا ھجن. تخليقي ادب جي خوبي داخلي ھيثيت سان تھ ھيءَ آھي تھ پنھنجي مطلبن ۽ معنائن جي ذريعي دماغ جي دامن کي خوشيءَ ۽ سرور جي گلن سان ڀري ڇڏي ۽ خارجي حيثيت سان ھي تھ اسان جن اکين اڳيان تصنيف جي ظاھري شڪل کي مجموعي طور تي ۽ وري ھن جي خاص خاص حصن کي انفرادي طرح نھايت ئي سھڻي شڪل ۾ پيش ڪري.

انھيءَ اصول جي ھيٺ مصنف کي مضمون جي انتخاب ۽ اظھار جي ذريعي ٻنھي قسم جي پابندين ۾ رھي ڪم ڪرڻ ضروري ٿئي ٿو. مضمون جي انتخاب ۾ ھن ڳالھھ جو لحاظ رکڻو پوي ٿو تھ جيڪا شيءِ ظاھري طرح بدنما ۽ بي ڍنگي ٿئي ٿي، سا بلند ادب جو موضوع ھرگز نٿي بنجي سگھي. پر مصنف کي گھرجي تھ فقط حسن جي اظھار جي لاءِ صداقت کي ناس نھ ڪري ڇڏي. بلند مصنوعات رڳو انھن شين تي مبني ھونديون آھن، جيڪي حقيقت ۾ سھڻيون ھونديون آھن ۽ ناقص ادب اھو آھي، جيڪو انھن شين کي جيڪي اصل سھڻيون نـھ آھن، تـن کي سھڻيون چوائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

 موضوع کان پوءِ تناسب جي طرف ڌيان ڏيڻو پوي ٿو. ادبي تنقيد بھ ساھ واري شيءِ جھڙي ٿئي ٿي، جنھن ۾ مٿو، پير، نڪ، ڪن وغيره سڀ پنھنجي پنھنجي جاءِ تي موجود ھوندا آھن. جيڪڏھن ڪن، ھٿ کان وڏا ٿي وڃن ۽ اکيون پيٽ تي ھجن تھ سونھن باقي نھ رھندي.

مصنف کي ھميشھ ھن ڳالھھ جو ڪحاظ رکڻو ٿو پوي تھ جھڙي طرح معنوي سونھن جي سنڀال لازمي آھي، تيئن ظاھر تناسب جي خاطرداري بھ ضروري آھي، نھ تھ ھن جي تصنيف ھڪ مجذوب جي بڪ ٿيندي، جنھن ۾ ڪا ترتيب ۽ تناسب نھ ھوندو آھي.

جن پھلوئن تي وڌيڪ زور ڏيڻ ضروري آھي، تن تي وڌيڪ روشني وجھڻ گھرجي ۽ جن پھلوئن کي پيش ڪرڻ مقصد نھ آھي، تن کان ائين گذري وڃڻ گھرجي، جيئن پڙھندر کي خبر ئي نھ پوي تھ مصنف دامن بچائي نڪري ويو آھي. ڪنھن بھ ڳالھھ جو اجايو تفصيل ۽ ڊيگھھ پڙھندڙ کي ڪڪ ڪري ڇڏي. تفصيل پيش ڪرڻ ھڪ مصور يا نقاش يا مؤرخ جو ڪم آھي. تحقيقي انشا پرداز کي گھرجي تھ فقط اشارا ۽ ذھني مرقعا پيش ڪري ڇڏي، جن جي لفظن ۾ ايتري قدرت ھوندي آھي جو ٿوري اشاري ۾ دماغ جي صفحھ تي سوين مرقا ۽ تصويرون پيش ڪريو ڇڏين.

انھيءَ اصول جي ماتحت نقاد کي ھيءُ بھ ڏسن گھرجي تھ تصنيف ۾ تناقض تھ نھ آھي؟ انشا پرداز جي ھيءَ ڪمزوري آھي تھ ھو ڪتاب جي شروعات ۾ ڪجھھ چئي، وچ ۾ ڪجھھ لکي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪجھھ بيان ڪري. اھو انھيءَ وقت ٿئي ٿو، جيڪو سڀ کان پھرين ھڪ ٻج پيش ڪري ٿو ڇڏي. ان کان پوءِ ان مان وڻ پيدا ڪرڻ شروع ٿو ڪري ۽ درجي بدرجي خوش رنگ گل ۽ خوش ذائقھ ميون سان پاڻ متڪيف ۽ لطف اندوز ٿيڻ جو موقعو ڏيندو آھي.

ھڪ زبردست انشا پرداز خارجي معاملن ۽ قلبي ڳالھين ٻنھي کي ظاھر ڪرڻ جي پوري مھارت رکندو آھي ۽ نقاد جو ڪم ھي ھوندو آھي تھ انشا پرداز جي انھن ٻنھي قسمن جي بيانن کي قدرت ۽ انساني فطرت جي حقيقي واقعن سان مقابلو ۽ موازنو ڪري ان جي ادبي خوبين کي جلوه گر ڪري.

تنقيد لکڻ وقت ھن ڳالھھ جو لحاظ بھ ضروري آھي تھ ھر ھڪ تخليقي ادب جي پڇاڙي رڳو حزنيھ کي ڇڏي ايتري قدر دل خوش ڪندڙ ھئڻ گھرجي، جو اھا رجائيت جي ان عالمگير ۽ مستقل جذبي کي اطمينان بخشي سگھي، جيڪو ان اعتقاد جو نتيجو آھي تھ ”دنيا ھڪ عقلمند ۽ منصف ھستي جي حڪومت ھيٺ آھي.“

انھيءَ اصولن جي ڪامياب مطابق جيئن اسان اڳي بھ آگاه ڪري ڇڏيو آھي تھ ڏکي ڳالھھ آھي. ان جي لاءِ نھ رڳو ھڪ قوم جي سموري ادبيات، بلڪھ دنيا جي مختلف قومن جي علوم ادب بابت ڪافي معلومات حاصل ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ تنقيد ھيٺ آيل مصنفن مان انھن جي ماحول جي زماني ۽ انھن جي انفرادي شخصيتن سان گھري واقفيت بھ پيدا ڪرڻ لازمي آھي، نھ تھ تنقيدي ڪارنامي جي اھا ئي حالت ٿيندي جيڪا ھن اعرابي جي پاڻي جي ٿي ھئي، جنھن کي ھن ھارون الرشيد جي درٻار ۾ سوغات جي طرح پيش ڪيو ھو. ”ولڪنسن“ بلڪل ٺيڪ چيو آھي تھ: ”نقاد جي تحصيل ۾ نھ رڳو ان جي مضمون، بلڪھ لاڳاپي رڪندڙ مضمون جي بھ عام معلومات ھئڻ گھرجي. ھمدردانھ وصف ۽ راءِ زني ڪري جو ھڪ خاص معيار ھن جي شخصي ڪامياب جا مددگار آھن.“

سنڌي ٻوليءَ ۾ تنقيد

تمھيد: قديم ھندستان ۾ تنقيد، عربن ۾ تنقيد ۽ مغرب ۾ تنقيد بابت جڏھن ڪجھھ لکي آيا آھيون تھ مناسب ٿيندو تھ پنھنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ بھ تنقيد بابت ڪجھھ لکجي. ادب کي ترقي ڏيڻ ۽ چمڪائڻ خاطر تنقيد جو ھجڻ نھايت ضروري ڳالھھ آھي ۽ ادب ھڪ اھڙي شيءِ آھي، جيڪا ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ موجود آھي.

سنڌي اديبن ۾ ھڪ عام خيال گھر ڪري ويو آھي تھ تنقيد سنڌي ٻوليءَ ۾ آھي ئي ڪانھ، پر سندن اھو خيال صحيح نھ آھي. ڇاڪاڻ تھ سنڌي تنقيد جي مسلسل ۽ مستقل ارتقا برابر ملي ٿي ۽ گھڻو آڳاٽي بھ آھي، پر ان جي ابتدا ۾ اھا وسعت ۽ فڪر جي گھرائي نطر نٿي اچي، جيڪا مغرب جي موجوده تنقيد ۾ آھي، جنھن جو وڏو سبب ھي آھي تھ اھي بحث فيلسوفن جا ڇيڙيل نھ آھن، بلڪھ شاعرن ۽ اديبن جا ۽ عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳي جو سنڌي علم ادب موجود ئي نھ آھي. ٻيو وڏو سبب ھيءُ آھي تھ سنڌي آبوٽا تمام دير سان تيار ڪئي ويئي ھئي. ٽيون تھ سنڌي ڇاپخانھ بھ گھڻو دير سان شروع ڪيا ويا ھئا.

ھوش سنڀالي ادب جو جڏھن مطالعو شروع ڪيم تھ ان جي نظم ونثر تي جيترا تحقيقي ڪتاب ۽ مقالا ڏٺم، انھن مان ھن نتيجي تي پھتو آھيان تھ اسان جا محقق اڄ سوڌو سنڌي نظم ونثر بابت ڪو اھڙو بيان نھ ڏيئي سگھيا آھن، جنھن کي حرف آخر چئي سگھجي.

ڪنھن زنده ۽ ترقي پذير زبان جي لاءِ حرف آخر جي تلاش ڪرڻ يا حرف آخر تائين پھچڻ ممڪن نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ ٻوليءَ جي ارتقا ڪڏھن ختم نٿي ٿئي، بلڪھ جيئن جيئن زمانو گذرندو وڃي ٿو، ٻوليءَ جون ارتقائي منزلون بھ اڳتي وڌنديون وڃن ٿيون. تنھن ڪري حرف آخر جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

اھو سنڌي ادب تي نظم ۽ نثر بابت ھڪ خيال آھي. ھاڻي جيڪڏھن تنقيدي فن کي ورتو وڃي ۽ ان تي تحقيقات ڪئي وڃي تھ ان ۾ بھ مايوسي جو مقابلو ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ تھ ھيءَ حقيقت تسليم ڪئي ويئي آھي تھ سنڌي ٻولي قديم ٻولين مان ھڪ آھي، پر جنھن حالت ۾ ان جا قديم نمونا ڪنھن صورت ۾ بھ ھٿ نھ ٿا اچن، تنھن ڪري ھن جي قدامت جو فيصلو بھ اڃا ھڪ روايت کان اڳتي وڌي نھ سگھيو آھي. تنھن ڪري سنڌي تنقيد بابت ڪجھھ تحقيق ڪرڻ آسان ڳالھھ نھ آھي.

تنقيد: دنيا ۾ جيتريون زنده ۽ ادبي ٻوليون لڀن ٿيون، ماھرين انسانيات تن جي ابتدا ۽ عھد بھ عھد جي ارتقائي حالتن کي ڳولي ڪڍيو آھي. تنھن ڪري ٻولين جا خزانا ادب ۽ تنقيد سان مالا مال آھن. اسان جي بزرگن بھ پنھنجي ٻولي بابت پنھنجي پنھنجي مذاق ۽ پنھنجي پنھنجي زماني جي ضرورت جي لحاظ کان ڪجھھ نھ ڪجھھ لکيو آھي، پر جڏھن اسين فن تنقيد جو مختلف ٻولين ۾ مطالعو ڪريون ٿا تھ اسان کي معلوم ٿو ٿئي تھ اڃا اسان جي ٻوليءَ ۾ تنقيد جي بسم الله بھ شروع نھ ٿي آھي. ھن جو ھيءُ مطلب نھ آھي تھ سنڌي ٻوليءَ جي ناقدن کي تنقيد جو احساس ئي نھ ھو. نھ ائين نھ آھي! سنڌي ٻوليءَ ۾ تنقيد بابت ڪجھھ نھ ڪجھھ مواد ملي ٿو، مگر ان مواد کي فن تنقيد سان تعمير ڪري نٿو سگھجي. البتھ فن تنقيد جي ترتيب ۽ تاريخ ۾ ان ذخيري کان ڪم وٺي سگھجي ٿو.


[1]    نيومن ائيڊيا آف اي يونيورسٽي ص١

[2]   نيومن آئيڊيا آف اي يونيورسٽي ص١٠

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org